ناول

چيڪلو

ڪرشن چندر جي هن ناول ۾ آيل سڀئي ڪردار سٺ سال پراڻا هوندي به اڄ جي پڙهندڙن جا ڏٺل وائٺل لڳن ٿا، ۽ جيڪا اهم ڳالهه هن ناول ۾ آهي، اها هيءَ آهي ته هن ناول ۾ ڪو وڏو فلسفو بيان ڪيل نه آهي پر هڪ عام زندگيءَ کي بلڪل عام انداز سان پيش ڪيو ويو، آهي، ها البت هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ ڪرشن چندر ڪٿي ڪٿي پنهنجي فڪر ۽ فلسفي کي ظاهر ڪري پنهنجي اديب واري ذميداري به نڀائي آهي
  • 4.5/5.0
  • 1756
  • 1291
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڪرشن چندر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چيڪلو

قسط 10

هن جي وڃڻ کانپوءِ جهگو اندر آيو، خاموش ۽ پير پير ۾ پائي، کٽولي جي ٻانهينءَ وٽ اچي بيهي رهيو، ۽ لالي ڏانهن نهاريندي عجيب انداز سان مٿو ڌوڻڻ لڳو. هن جي ناسن مان عجيب سون سون جو آواز اچڻ لڳو، آوڀا منهن مٿي ڪري هن ڏانهن نهاريو، هن جي نگاه ايتري تکي هئي جو جهگو گهٻرائجي پوئتي هٽي ويو، پوئتي بيهي هو پنهنج آڱرين جا نهن چڪڻ لڳو، شوڀا پنهنجي جاءِ تان اٿي، ته هو ويتر گهٻرائجي ويو ۽ پوئتي هٽندي چوڻ لڳو:
”چانهن ٺهي وئي آهي، هو رنڌڻي ۾ تنهنجو انتظار پيا ڪن.“ ائين چئي هو تڪڙو تڪڙو نڪري ويو، شوڀا لاليءَ جي مٿان پيل ڪپڙو درست ڪيو، پوري بدن کي چادر ۾ ويڙهيو، پوءِ رنڌڻي جي پاسي هلي وئي.
هاڻي لالي جو لاش چادر ۾ ڍڪيل، اڪيلو رکيل هو. وڏي هال ۾ اونداهي ۽ خاموشي ڇانيل هئي، رڳو دريءَ مان ڪارنيوال جو شور ۽ ان جي موسيقي ٻڌڻ ۾ پئي آئي، لاليءَ جو صوفو دريءَ وٽ خالي پيو هو. اوچتو ڪارنيوال جو شور ۽ موسيقي وڌڻ لڳي، ۽ ان موسيقيءَ ۾ مسز هوشنگ ٻائيءَ جي نئين ساز تي وڄندڙ ڌن سڀ کان وڌيڪ نمايان ٿي وئي، ان ڌن ۾ بار بار لاليءَ ۽ جهگي واري پراڻي گيت جا اهي سر ٻڌڻ ۾ پئي آيا، جيڪي انهن واردات تي وڃڻ کان اڳ ۾ هن ئي ڪمري ۾ پئي ڳاتا. پوءِ هڪ عجيب طريقي سان انهيءَ ڌن ۾ هڪ نئين پروقار جنت ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ موسيقيءَ جا سر وڌڻ لڳا، اوچتو اسٽوڊيو جي دروازي مان ٻه پراسرار ماڻهو داخل ٿيا، انهن کي ڪارا چوغا پهريل هئا ۽ انهن جي مٿي تي ڪاريون پڳون ٻڌل هيون، ۽ اهي ٻئي وڏي ۽ ڳوري عصا جي سهاري، بي آواز قدمن سان داخل ٿيا، ۽ اڳتي وڌي اچي، کٽولي جي ساڄي کاٻي پاسي بيهي رهيا، پوءِ هڪ لاليءَ جي لاش کي مخاطب ڪندي چوڻ لڳو:
” اٿ اسان سان گڏجي هل.“
”ها…“ ٻيو چوڻ لڳو، ”اسان توکي گرفتار ڪرڻ آيا آهيون.“
پهريون: ”ٻڌين ٿو، اٿي پهءُ.“
ٻيو: ”اسان پوليس وارا آهيو.“
پهريون: ”اٿ اسان سان هل.“
لالي آواز ٻڌي کٽولي تي اٿي ويهي رهيو، هو بي نور اکين سان خلا ۾ نهاري رهيو هو.
ٻئي پراسرار شخص پنهنجي عصا سان کٽولي کي ڇهندي چيو: ”ها! هاڻي هل… پري.“
پهريون: ”هي ماڻهو سمجهن ٿا ته مرڻ سان ان جا مسئلا ۽ مشڪل حل ٿي ويندا آهن، رڳو سيني ۾ چاقو هڻڻ سان … دل جي حرڪت بند ڪرڻ سان … پنهنجي زال کي ڇڏي ڏيڻ سان ۽ ان جي پيٽ ۾ پيل ٻار کي لاوارث ڪرڻ سان… ايترو آسان نه آهي ڇڏي ڏيڻ…“
ٻيو: ”اتي تنهنجو حساب ٿيندو.“
ٻئي پنهنجي عصا جي آخري ڇيڙي سان لاليءَ جي اڪڙيل جسم کي ڇهيو، لاليءَ جي اکين جي پتلين ۾ روشني موٽي آئي، هن جي چهري تي هڪ عجيب روشن چمڪ اچي وئي، هو کٽولي تان لهي اٿي بيٺو.
پهرين پراسرار شخص چيو: ”هل…“
ٻئي چيو: ”توهان هن دنيا جا ماڻهو سمجهو ٿا ته مري، آسانيءَ سان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو!“
پهريون چوڻ لڳو: ”ڇوٽڪارو ملڻ ايترو آسان نه آهي، اڃان هتي جا ماڻهو تنهنجي نالي کان واقف آهن، تنهنجي صروت کي سڃاڻن ٿا، جيڪو تو اڄ تائين چيو، ڪيو، جيڪو تون نه ڪري سگهين، اهو سڀ ياد آهي انهن کي، تنهنجي هر نظر، آواز جو ڪڙڪو، هٿن جي گرمي، ڪارنيوال جون صدائون… ۽ جيستائين اهي ڪنهن کي ياد آهن، معاملو ختم نه ٿو ٿي سگهي، ختم ڪرڻ کان اڳ ۾ گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو آهي، منهنجا پٽ! جيستائين توکي صفا وساريو نه ويندو، تيستائين هن ڌرتيءَ سان تنهنجو ناتو ختم نه ٿيندو، مرڻ کانپوءِ به ختم نه ٿيندو.“
پوءِ ٻئي پراسرار شخص، کٽولي جي ڀرسان بيٺل لاليءَ کي اشارو ڪندي چيو: ”اچ…“
اڳيان اڳيان پهريون پراسرار شخص هلڻ لڳو، ان جي پويان پويان لالي ۽ ان جي پويان ٻيو پراسرار شخص، عصا جي سهاري… ٽئي هلندي هلندي اونداهيءَ ۾ غائب ٿي ويا.
انهن جي وڃڻ کانپوءِ به کٽولي تي، چادر ۾ ويڙهيل لاش، ساڳئي ئي نموني ڍڪيل رکيو هو، ائين ٿي لڳو ڄڻ هتان ڪوبه اٿي نه ويو آهي.
پوءِ شوڀا رنڌڻي مان روشني کڻي آئي، ۽ جڏهن هوءِ اندر آئي ته هن کي لڳو، ڄڻ هاڻي هاڻي ڪو ساه جيان دريءَ کان ٻاهر هليو ويو …
(9)
ان پار… ٻي دنيا ۾، جڏهن لاليءَ کي عدالت جي ڪمري ۾ آندو ويو، ته هو اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته هيءَ عدالت بلڪل ائين ئي هئي، داور يا انڌيريءَ واري عدالت ۾ کيس ٻه ڀيرا پيش ڪيو ويو هو، ۽ پنهنجي خلاف ڪنهن ثبوت نه ملڻ تي ڇٽي آيو هو.
جنهن جي ڊگهي جهنگلي جي پويان مئجسٽريٽ جي وڏي ڊگهي ڪرسي ۽ ان جي اڳيان مستطيل ۽ ويڪري ميز رکيل هئي، جنهن تي سائي رنگ جي فلالين جي چادر پئي هئي، جنهن تي مس جا ڪيترائي داغ لڳل هئا. مئجسٽريٽ جي ڪرسيءَ جي پويان ديوار تي ڪاٺيءَ جو وڏو چوڪنڊو تختو ٽنگيل هو، جنهن ۾ تصوير بجاءِ هڪڙو انگ لکيل هو، ۽ ان ديوار جي ساڄي کاٻي پاسي ٻه بيحد مضبوط لوهي دروازا نظر اچي رهيا هئا، جن تي لوهي ڪڙا لڳل هئا، جن کي کولڻ جو ڪنڍو به ٻاهران ئي ٺهيل هو، ساڄي کاٻي وارن انهن دروازن جي وچ ۾ … ديوار جي بلڪل وچ ۾ ڪرسيءَ جي صفا پويان هڪ ٻيو به دروازو هو، جنهن تي هڪڙي گهنٽي لڳل هئي.
ان بنگلي جي اندر عدالت جي ڪرسيءَ جي ڀر ۾ ساڄي پاسي، پيشڪار جي ويهڻ جي جاءِ هئي، ان جي بلڪل هيٺان ملزمن جو ڪٽهڙو هو، ان کان هيٺ ڪاٺيءَ جو بينچون قطارن ۾ رکيل هيون، جن جي ڪاٺي صفا ڳري پراڻي ٿي وئي هئي، ۽ ڪوڪن کي زنگ لڳي ويو هو. لاليءَ محسوس ڪيو ته انهن بينچن جي اڳيان، عدالت جي ڪٽهڙي جي سامهون، وڪيلن جي ميز هوندي هئي، ۽ انهن جون ڪرسيون به؟ پر اهي هتان غائب هيون.
جيئن ئي لالي انهن ٻن ڪارن ڪپڙن وارن ٻن سپاهين سميت داخل ٿيو، هن ڏٺو ته پيشڪار گنجو آهي، پر هن جي چهري تي ڏاڙهي صفا اڇي ڪپهه جهڙي آهي، جيڪا ڏاڍي سٺي پئي لڳس، پيشڪار اٿي گهنٽي لڳل پوئين دروازي تائين ويو، دروازو کولي هن اندر ليئو پاتو، پوءِ جهڪي سلام ڪيو، پوءِ دروازو بند ڪري واپس اچڻ لڳو ۽ لاليءَ کي گهوري نهاري رهيو هو، هو وري ڪاٺيءَ جي بينچن ڏانهن ڏسڻ لڳو، جتي سڀ کان اڳين بينچن تي هن جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي ويٺل هئا. انهن مان هڪ شخص جي ڏاڙهي هڪ ٻن ڏينهن واري حساب سان وڌيل هئي، ٻئي کي ڏاڙهي مڇون ڪو نه هيون، ڏاڙهي مڇن کانسواءِ شخص بدن ۾ ڀريل هو ۽ کيس عمدا ۽ صاف سٿرا ڪپڙا پاتل هئا، ٻانهن ۾ قيمتي گهڙي به پيل هيس، جنهن شخص جي ڏاڙهي وڌيل هئي، ان جا ڪپڙا به ميرا، ڦاٽل، گندا ۽ جاءِ جاءِ تان ڦاٽل هئا.
لاليءَ حيرانيءَ وچان ديوار ۾ لڳل لوهي دروازن ڏانهن ڏٺو، جيڪي ساڄي کاٻي پاسي ديوار جي پاسن تي، وڏي مضبوطيءَ سان بند ٿيل هئا. الائي ته انهن دروازن جي پويان ڇا هو؟ پوءِ هن ڪمري جي چئني پاسي نظر ڊوڙائي، بلڪل دادر واري عدالت جو نقشو هو، بس رڳو وڪيلن جي ميز ڪانه هئي. ايتري ۾ ڪارا ڪپڙا ۽ ڪاري پڳ واري پهرين سپاهيءَ، عدالت جي پيشڪار کي چيو: ”ٻڌائي ڇڏ ته اسان حاضر آهيون.“
عدالت جي پيشڪار هلڪي انداز ۾ ڪنڌ جهڪايو، ڄڻ هن سپاهيءَ جي ڳالهه کي ذهن نشين ڪري ورتو هجي. پوءِ هو ساڄي پاسي هليو ويو، هن جي وڃڻ کانپوءِ لاليءَ هلڪي آواز ۾ پڇيو:
”ڇا هيءَ اهو ئي هنڌ آهي؟“
”هائو ٻچا.“ ٻئي سپاهيءَ جواب ڏنس.
ماجسٽريٽ جي ڪچهري؟“ لاليءَ جي اکين ۾ گهري حيرت هئي.
”هائو ٻچا…“ پهريون سپاهي چوڻ لڳو، ”هتي خودڪشي ڪرڻ وارن کي پيش ڪيو ويندو آهي.“
ٻئي چيو: ”هتي تنهنجو انصاف ٿيندو،“ پوءِ اڳيان رکيل بينچ ڏانهن اشارو ڪندي چيو: .ويهه…“
لالي انهن ٻنهي ماڻهن جي وچ ۾ ويهي رهيو، جن کي هن پهريائين بينچ تي ويٺل ڏٺو هو، بينچ جي هڪ پاسي امير ماڻهو ويٺل هو … کاٻي پاسي ۽ ساڄي پاسي اهو ڦاٽل ڪپڙن وارو غريب شخص ويٺل هو.
امير شخص پنهنجي نڪ تي رکيل چشمو سڌو ڪيو ۽ غور سان لاليءَ کي تڪڻ لڳو، پوءِ هن کان پڇڻ لڳو:
”خودڪشي؟“
لاليءَ دل جهلي چيو: ”هائو…“
امير شخص غريب شخص جي طرف اشارو ڪندي چيو: ”هن به…“ ٿورو ترسي هن پنهنجو تعارف ڪرايو، چوڻ لڳو، ”مون کي ڀاگيرٿ چوندا آهن.“
غريب شخص چوڻ لڳو: ”منهنجو نالو بنارسي داس آهي.“ پنهنجو نالو ٻڌائي هن لاليءَ کان پڇيو، ”تنهنجو نالو؟“
لاليءَ چيو: ”توکي منهنجي نالي سان ڪهڙو واسطو؟“
اهو جواب ٻڌي اهو غريب ۽ امير شخص، جيڪي ان وقت لاليءَ جي بلڪل ويجها ويٺا هئا، سي ٿورو سرڪي پري ٿي ويٺا.
غريب شخص ته لاليءَ کي نظرانداز ڪندي، امير شخص کي ٻڌايو: ”مون ٽين منزل تان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي.“
امير شخص چوڻ لڳو: ”مون پستول سان،“ پوءِ هن لاليءَ ڏي منهن ڪري پڇيو،”۽ تو…؟“
لالي چيو: ”مون ڇريءَ سان…“
اهو ٻڌي اهي ٻئي ڄڻا هن کان ٿورو وڌيڪ پري سرڪي ويٺا، لاليءَ حقارت وارين نظرن سان امير شخص ڏانهن نهاري چيو: ”اگر مون وٽ پستول خريد ڪرڻ جي رقم هجي ها ته مان خودڪشي نه ڪيان ها!“
”خاموش…“ ٻئي سپاهيءَ کين دٻ ڪڍي.
اوچتو پويان وارو مرڪزي دروازو کليو ۽ ان مان مئجسٽريٽ عدالت ۾ داخل ٿيو، هن جي داخل ٿيندي ئي، سڀئي اٿي بيهي رهيا… پيشڪار، سپاهي، ٻئي خودڪشي ڪندڙ، پر لالي نه اٿيو، بي ادبيءَ سان ساڳي بينچ تي ويٺو رهيو، البت هن ايترو محسوس ضرور ڪيو ته مئجسٽريٽ جي شخصيت بيحد گنڀير ۽ پروقار آهي، مٿي تي وار گهٽ هيس ۽ جيڪي هيس اهي به اڇا ٿي ويا هيس.
جڏهن مئجسٽريٽ پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو ته سڀ ماڻهو قاعدي ۽ سليقي سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ويٺا، پيشڪار پنهنجي جاءِ تي مئجسٽريٽ جي ڀرسان پر ان کان ٿورو هيٺ ويٺو ۽ پيش ٿيندڙ ملزمن جا ڪاغذ ان طرح ئي ڏسڻ لڳو، جيئن هن دنيا جي عدالتن ۾ ٿيندو آهي.
پيشڪار رجسٽر کولي عدالت کي ڏيکاريندي چيو: ”ڪالهه جا ڪيس حضور والا، نمبر وار درج ڪيل آهن.“
مئجسٽريٽ اهو رجسٽر وٺي پنهنجي ميز تي رکيو ۽ ان کي پڙهندي، وڏي آواز ۾ چوڻ لڳو: ”سورهن هزار چار سئو پنجويهه نمبر…“
پهرين سپاهيءَ پنهنجي ڪاپي ڪڍي ڏسڻ لڳو، پوءِ امير شخص کي چوڻ لڳو: ”اٿو، ڪٽهڙي ۾ اچي بيهو، مهرباني ڪري…“
امير شخص بينچ تان اٿيو ۽ ملزمن جي ڪٽهڙي ۾ وڃي بيٺو. مجسٽريٽ پنهنجي اڇين ڀرون جي هيٺان تيز ۽ چمڪندڙ نگاهن سان هڪ ڀيرو هن کي مٿي کان پيرن تائين ڏٺو، پوءِ چيو: ”تنهنجو نالو؟“
”ڀاگيرٿ.“
”عمر؟“
”ٻائيتالهه سال.“
”شادي شده؟“
”جي ها.“
”پنهنجي جان ڇو ورتهءِ؟“
”قرض چڙهي ويو هو.“
”اتي ڇا ڪندو هئين؟“
”مان هڪ وڪيل هوس، يوئر آنر…“
”ٺيڪ آ ٺيڪ آ، ان کي پوءِ ٿا ڏسون.“ مئجسٽريٽ چوڻ لڳو، ”هن وقت مان توکان صرف هڪڙو سوال ٿو ڪريان ته ڇا تون زمين تي واپس وڃڻ چاهين ٿو؟، صرف هڪ ڀيرو صبح ٿيڻ کان اڳ ۾… جيڪڏهن تون وڃڻ چاهين ته مان ان جي اجازت ڏئي ڇڏيندس، اهو تنهنجو حق آهي، سمجهين ٿو؟“
”هائو حضور.“ ڀاگيرٿ حيران ٿي چيو، ڇاڪاڻ ته وڪيل هجڻ جي باوجود هن کي ان ڳالهه جي خبر ڪانه هئي.
مئجسٽريٽ هن کي سمجهائيندي چوڻ لڳو: ”جيڪو شخص پنهنجي جان وٺندو آهي، اهو شخص تڪڙ ۽ پريشانيءَ ۾ ڪجهه وساري به سگهندو آهي، ڪو به اهم ڪم… جيڪو تو ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ نه ڪري سگهين، يا جيڪي ڪجهه تو ڪيو هجي ان کي ميسارڻ لاءِ يا ڪوئي ضروري پيغام، جيڪو تون ڪنهن کي ڏيڻ چاهين پيو پر توکان ڏيڻ وسري ويو، سمجهين ٿو؟“
”هائو حضور.“ ڀاگيرٿ پراميد لهجي ۾ چيو، ”منهنجي قرضن جي سلسلي ۾ ڪافي ڪم رهيل …“
مئجسٽريٽ هن جي ڳالهه ڪاٽيندي چيو: ”تنهنجي قرضن جي هتي ڪابه اهميت نه آهي، اسان هتي رڳو انهن مسئلن سان واسطو رکندا آهيون جن جو تعلق روح سان آهي.“
ڀاگيرٿ کي ڪجهه ياد آيو ۽ هڪدم ادب سان چوڻ لڳو: ”ته حضور والا، جڏهن مان هليو هيم ته ان وقت منهنجو سڀ کان ننڍو ڇوڪرو اڃان اسڪول کان نه موٽيو هو، هن وقت هو ستل هوندو، صبح جو هن جي اٿڻ کان اڳ ۾ هميشه هن پيشانيءَ تي چمي ڏيندو هوس، ان ڪري اجازت ملي ته اڄ رات صبح ٿيڻ کان اڳ ۾ …. مان ڪنهن وقت…“ هو خاموش ٿي ويو.
مئجسٽريٽ هڪ فائيل تي ڪجهه لکندي حڪم ٻڌايو ۽ ٻئي سپاهيءَ کي چيو: ”تون مسٽر ڀاگيرٿ رام ايڊووڪيٽ کي واپس وٺي ويندين، ته جيئن هي پنهنجي ٻار جو نراڙ چمي سگهي.“
ٻئي سنتريءَ، امير شخص کي چيو: ”اچو مون سان گڏ …“
امير شخص ڪٽهڙي تان لهڻ کان اڳ ۾ عدالت کي جهڪي سلام ڪيو، پوءِ وڏي ادب سان هيٺ لٿو ۽ ٻئي سپاهيءَ سان گڏجي عدالت جي ڪمري مان ٻاهر هليو ويو.
هن جي وڃڻ کانپوءِ عدالت وري رجسٽر ۾ نهاريو، فائيل ڏٺو، هڪ فائيل تي ڪجهه لکيو، پوءِ وري رجسٽر ڏسندي چوڻ لڳو: ”نمبر سورهن هزار چار سئو ڇويهه.“
پهرين سپاهيءَ وري پنهنجي ڪاپيءَ ۾ نهاريو ۽ ڪنڌ کڻي لاليءَ کي اشارو ڪندي چيو: ”اٿي بيهه.“
لالي غصي وچان سپاهيءَ ڏانهن نهاريندي چيو: ”تو اڳ ۾ پهرين شخص کي چيو ته مهرباني ڪري اٿو، ڪٽهڙي ۾ اچي بيهو“ ايترو چئي هو سپاهيءَ جي جواب جي انتظار ڪرڻ کانسواءِ ئي پنهنجي جاءِ تي اٿي بيٺو ۽ پوءِ وک وڌائي ڪٽهڙي ۾ وڃي بيٺو، مئجسٽريٽ هن کي به تکين نگاهن سان پيرن کان مٿي تائين گهوري نهاريو ۽ لاليءَ کي ائين لڳو، ڄڻ ڪا کنوڻ کلي هجي، ٿورو گهٻريائين سهي، پر هو ڊنو نه.
مئجسٽريٽ کانئس نالو پڇيو: ”نالو..“
”لالي.“
”ڇا تنهنجو نالو اهو ئي آهي؟“
”ماڻهو مون کي ان ئي نالي سان سڃاڻيندا آهن.“ لاليءَ چيو.
مئجسٽريٽ ٿورو سختي سان چيس: ”پنهنجو پورو نالو ٻڌاءِ؟“
”موتي لال.“
”عمر؟“
”چوويهه وريهه…“
”تو دنيا ۾ ڪهڙو سٺو ڪم ڪيو؟“ اوچتو مئجسٽريٽ جو سوال ٻڌي لالي حيران ٿي ويو. مئجسٽريٽ کيس خاموش ڏسي وري پڇيو، ”تو پنهنجي جان ڇو ورتي؟“
لالي خاموش رهيو.
مئجسٽريٽ ڏٺو ته لاليءَ جي هٿ ۾ اها ساڳي ئي ڇري آهي، جيڪا هن پنهنجي سيني ۾ هنئي هئي، هن پهرين سنتريءَ کي چيو: ” هن کان اها ڇري وٺي وٺ.“
سپاهيءَ اڳتي وڌي لاليءَ هي هٿ مان ڇري وٺي ورتي، جنهن تي لاليءَ ڪابه مزاحمت ڪانه ڪئي. مئجسٽريٽ کيس نهايت نرميءَ سان پڇيو: ”تون واپس زمين تي وڃڻ چاهيندين ته هيءَ ڇري توکي واپس ڪئي ويندي.“
لاليءَ جي دل ۾ اميد جي لهر ڊوڙجي وئي: ”ڇا مان واپس وڃي سگهان ٿو؟“
”منهنجي سوال جو جواب ڏي؟“ مئجسٽريٽ چيو.
لاليءَ چيو: ”مان جواب نه پيو ڏيان، ڪجهه پڇان ٿو؟“
مئجسٽريٽ چوڻ لڳو: ”هن ڪٽهڙي ۾ بيهڻ وارا سوال نه پڇندا آهن، رڳو جواب ڏيندا آهن … موتي لال مون کي منهنجي سوال جو جواب ڏي، ڇا دنيا ۾ جتان تون آيو آهين، اتي ڪو ڪم اڌ ۾ ڇڏيو اٿئي، جيڪو تون پورو ڪرڻ چاهين ٿو ؟“
”ها…“
”اهو ڪهڙو ڪم آهي؟“
”مان هن بدبخت جهگي جي ڪيپراٽيءَ جا ٻه ٽڪر ڪرڻ ٿو چاهيان.“ لالي ڪاوڙ واري نوع ۾ چيو.
”سزا ڏيڻ اسان جو ڪم آهي، تنهنجو ڪم ناهي.“ مئجسٽريٽ کيس دڙڪو ڏنو، ”ياد ڪر… ڪجهه ٻيو… ڪو ٻيو ڪم، جيڪو تون ڪرڻ چاهين ٿو؟“
لالي ٿڪيل لهجي ۾ جواب ڏنو: ”مون کي ڪا خبر ڪانهي، مان ڪجهه چئي نه ٿو سگهان، سواءِ ان جي ته جيستائين مان هتي آهيان ته واپس وڃڻ نه ٿو چاهيان.“
مئجسٽريٽ پيشڪار کي مخاطب ڪندي چيو: ”نوٽ ڪريو، هن پنهنجو واپس وڃڻ وارو حق وڃائي ڇڏيو آهي.“
لالي ٻڌي حيران ٿي ويو، هو آهستگيءَ سان ڪنڌ لوڏي ڪٽهڙي مان نڪرڻ لڳو ته مئجسٽريٽ جو آواز ٻڌي بيهي رهيو: ”ترس….“ لالي اتي ئي بيهي رهيو، مئجسٽريٽ کيس چيو، ”ڇا توکي خبر آهي ته تون پنهنجي زال کي روٽي ۽ ڪپڙڻ کانسواءِ ڇڏي آيو آهين؟“
”جي ها خبر اٿم.“
“ڇا توکي ان ڳالهه جو افسوس نه آهي؟“
”نه…“
”توکي خبر آهي ته تنهنجي عورت حامله آهي؟ ۽ ڇهن مهينن کانپوءِ هڪ ٻار کي جنم ڏيندي؟“
“مون کي خبر آهي.“
”۽ اهو ته …. ته تنهنجي نه هجڻ جي صورت ۾ ٻار به روٽي ۽ ڪپڙي جو محتاج ٿي پوندو، ڇا توکي ان ڳالهه جو به افسو نه آهي؟“
لالي پنهنجا ڪلها لوڏي چوڻ لڳو: ”مان ته هتي آهيان ۽ هو رهيا هُتي، منهنجو هنن سان ڪهڙي واسطو.“
مئجسٽريٽ آڱر اڀي ڪري چوڻ لڳو: ”تون اسان کي ڌوڪو نه ٿو ڏئي سگهين موتي لال… اسان توکي شفاف شيشي جيان آرپار ڏسي سگهون ٿا.“
”جيڪڏهن اوهان ڏسي سگهو ٿا ته پوءِ مون کان پڇو ڇو ٿا؟“ لاليءَ چيو، ”مون کي ڇڏي ڏيو، جهڙو مان آهيان، بس آرام سان رهڻ ڏيو…“
مئجسٽريٽ چيو: ”آرام جو حق آسانيءَ سان نه ملندو آهي، اهو ڪنهن نيڪ ڪم جي ڪري ملندو آهي.“
”مون کي ننڊ ٿي اچي …“ لالي ٿڪل ٿڪل انداز ۾ چيو، مان سمهڻ ٿو چاهيان.“
مئجسٽريٽ چيو: تون ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين، تون هڪ ضدي انسان آهين ۽ مغرور به، پر اسان وٽ وقت جي ڪمي نه آهي، اسان انتظار ڪري سگهون ٿا.“
لاليءَ کي ڪجهه ياد آيو، ۽ ياد ايندي ئي هن جون اکيون چمڪڻ لڳيون، جنهن تي هن تمام مٺڙي انداز ۾ پڇيو: ”حضور! جيڪڏهن مان هڪ ڳالهه پڇان، سوال نه پر التجا ٿو ڪريان، بس ايترو ٻڌايو ته ڇوڪري ٿيندي يا ڇوڪرو؟“
”تون انهن کي خود پنهنجي اکين سان ڏسي سگهندين!“ مئجسٽريٽ مرڪندي چيو، لاليءَ جي چهري تي خوشي جي لهڙي ڊوڙي وئي، چوڻ لڳو: ”سچ؟ مان ان کي ڏسي سگهندس.“
مئجسٽريٽ چوڻ لڳو: ”جڏهن تون ان کي ڏسندين، ان وقت هن جي عمر ڪنهن ٻار جيتري نه هوندي، پر اسان اڃا ان منزل تائين نه پهتا آهيون.“
”مان هن کي ڏسي سگهندس!“ لاليءَ خوشيءَ کان وري ورجائي چيو، ڄڻ هن کي يقين نه ايندو هجي.
مئجسٽريٽ پنهنجي لهجي ۾ سختي پيدا ڪندي چيو: ”ٻڌ… موتي لال، توکان ٻيهر پڇيو ٿو وڃي…. ڇا توکي پنهنجي زال ۽ ٻار کي ائين بنا سهاري جي ڇڏي ڏيڻ تي افسوس ڪونه ٿو ٿئي؟ ڇا توکي ان ڳالهه جو ٿورو به احساس نه آهي ته تون هڪ برو مڙس ۽ برو پيءُ ثابت ٿيوآهيان؟“
”هڪ برو مڙس؟“ لاليءَ پڇيو.
”جي ها.“
”هڪ برو پيءُ؟“
”جي ها اهو به….“
لاليءَ هڪ ڊگهو ساه کڻي چيو: ”مان ڇا ڪريان ها، مون کي ڪٿي ڪم جو نه ٿي مليو… ۽ مان شوڀا کي هر وقت ائين…“ چوندي رڪجي ويو، ”ائين…“ هو وري چپ ٿي ويو، هن ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو، پر زبان هن جو ساٿ نه پئي ڏنو، ”هن کي ائين ڏسندي…“ هو وري چپ ٿي ويو ته مئجسٽريٽ سندس جملو پورو ڪيو:
”ائين روئيندي ڏسي نه پيو سگهين … تون اها ڳالهه چوندي هٻڪين ڇو ٿو؟“ مئجسٽريٽ جون تيز نگاهون هن جي چهري تي ڄميل هيون، ”تون هن کي رئندي ڏسي نه پيو سگهين، ان ڳالهه چوڻ ۾ ڪهڙو شرم … تون هن سان محبت ڪندو هئين؟“
لالي چوڻ لڳو: ”ان ۾ شرم جي ڳالهه اها آهي ته مان اهو ڏسي نه پئي سگهيس، ان ڪري، ان ڪري ڪڏهن هن سان خراب سلوڪ به ڪري ٿي ويٺس، مان واپس ڪارنيوال ۾ هن پوڙهيءَ وٽ وڃڻ نه ٿي چاهيو ۽ پوءِ جهگو اچي ويو، ۽ هو هڪ نئين زندگيءَ جي ڳالهه ٻڌائڻ لڳو، آسام وڃڻ ۽ الائي ته ڇا ڇا… ۽ الائي ته هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿي ويو، پوليس ۽ هو هري داس… ۽ هن جي هٿ ۾ پستول ۽ مان جوئا ۾ گهڻو ڪجهه هارائي ويٺو هوس، جهگو ڀڄي ويو ۽ مان جيل نه ٿي وڃڻ چاهيو….“ لاليءَ تي ٿورو غصو چڙهڻ لڳو ته مئجسٽريٽ جي طرف نهاري ڪاوڙ ۾ چوڻ لڳو، ”ته مان ڇا ڪيان ها… ڇا ڪيان ها مان؟ جڏهن گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هو، ته ڇا مان چوري ڪريان ها؟“
”ها…“ مئجسٽريٽ برجستو جواب ڏنس، ”تون چوري ڪري وٺين ها…“
لالي حيران ٿي ويو، ڪجهه پل ته هو ائين وائڙو ٿيو بيٺو مئجسٽريٽ کي تڪيندو رهيو ته ڪٿي مئجسٽريٽ ساڻس مذاق ته نه پيو ڪري، پر هن جي سنجيده صورت تي طنز يا مذاق جو ڪو اولڙو به ڪونه هو. پر لاليءَ جي حيرت دور نه ٿي، هن مٿي کي هلڪو لوڏائي چيو:
”ان ڳالهه جي ته مون کي به خبر ڪانه هئي ۽ هيٺ زمين تي پوليس به ته ڪڏهن ان جي اجازت ڪانه ڏني.“
”تو ان معصوم ۽ ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ کي مارو ڪٽيو، ڇاڪاڻ ته توسان محبت ڪندي هئي، ائين ڇو ڪيو تو؟“
”جهڙو ته اسان روز ڪندا هياسي، هوءَ هيئن چوندي هئي ته مان هونئن چوندو هوس، ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي هئي ۽ ائين وڌي ويندي هئي، ۽ جهيڙو شروع ٿي ويندو هو، ڇاڪاڻ ته هوءَ سچيون ڳالهيون ڪندي هئي ۽ … ۽ جڏهن ته مان هن جي سچين ڳالهين جو جواب ڏئي نه سگهندو هوس ته هن کي مارڻ لڳندو هوس.“
”توکي ان جو افسوس نه ٿو ٿئي؟“ مئجسٽريٽ پڇيس.
لاليءَ چپ چوريا، هن ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو، پر افسوس ۽ پشيماني، ڪڙو گولو بڻجي سندس نڙگهٽ ۾ ڦاسي پيس. هن ٿڪ ڳهڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس نڙيءَ مان هلڪو آواز نڪتو: ”جڏهن مان هن جي نرم بخمل جهڙي گردن تي هٿ رکندو هوس ته ان وقت تون چئي سگهين ٿو ته ان وقت…“چوندي اوچتو خاموش ٿي ويو، بيچين ۽ پشيمان نظر اچڻ لڳو، پر افسوس جو لفظ پوءِ به هن جي ڳلي ۾ اٽڪيل رهيو. مئجسٽريٽ زور ڪندي چيس:
”توکي افسوس آهي؟“
مئجسٽريٽ جي ان زور ڏئي پڇڻ تي هن جو چهرو بدلجي ويو، هو غصي ۾ چوڻ لڳو: ”نه… مون کي ڪوبه افسوس ناهي.“
مئجسٽريٽ مٿو لوڏيندي چيو: لالي لالي، تنهنجي مدد ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي.“
”مون کي ڪنهن جي مدد جي ضرورت ناهي!“
مئجسٽريٽ فائيل ۾ ڪجهه لکيو، پوءِ قلم روڪي ورتو، نظرون مٿي ڪري ڪجهه پل غور ڪندي وري لاليءَ ڏانهن نهاريندو رهيو، پوءِ چيائين: ”توکي پيڊرو روڊ تي چوڪيداريءَ جي ملازمت پئي ملي، “ وري ترسي پيشڪار کان پڇڻ لڳو، ”هن جي تفصيل ڪٿي درج آهي؟“
پيشڪار چوڻ لڳو: ”ننڍي رجسٽر ۾ درج آهي حضور، هن ۾ ڏسو،“ پيشڪار ننڍو رجسٽر کڻي مئجسٽريٽ جي هٿن ۾ ڏنو، مئجسٽريٽ، پنا اٿلائي ڏسڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ پوءِ وڏي آواز ۾ پڙهڻ لڳو. “خالي گهر، عمدو فرنيچر، ڊبل باٿ روم، هڪ سئو رپيا پگهار توکي، هڪ سئو رپيا پگهار شوڀا کي… تو اها نوڪري ڇو ڪانه ڪئي؟“
”ڇاڪاڻ ته مان چوڪيدار ناهيان.“ لالي چوڻ لڳو، ”مان ڪنهن گهر جي رکوالي نه ٿو ڪري سگهان، گهر جي سنڀالڻ لاءِ ماڻهوءَ کي رکوالو ٿيڻو پوندو آ… جيڪو مان ناهيان.“
”ڇو ناهين؟“ مئجسٽريٽ آهستگيءَ وچان پڇيس.
”ڇاڪاڻ ته … ڇاڪاڻ ته،“ لالي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، پر مجبوريءَ واري حالت ۾ مئجسٽريٽ جي طرف معصوم نظرن سان نهاري چوڻ لڳو، ”ان ڪري ته حضور مان مري ويو آهيان.“
”اهو غلط آهي!“ مئجسٽريٽ چيو، ”تو ان ڪري پنهنجي جان ورتي آهي ته تون شوڀا سان پيار ڪندو هئين ۽ ان ٻار سان جيڪو ان جي پيٽ ۾ آهي.“
”نه…“
”منهنجي اکين ۾ ڏسي ڳالهاءِ.“
لالي مئجسٽريٽ جي اکين ۾ اکيون وڌيون، ڄڻ کنوڻ جو ڪو چمڪاٽ ٿيو، هن جي سموري بدن ۾ چڻنگون چڀي ويو، پوءِ اوچتو هر ڪا شي روشن ٿي اڏامي وئي…. پوءِ ڪجهه به نه بچيو، چئني پاسي رڳو اونداهي ۽ خلا ….لاليءَ روئڻ ٿي چاهيو، هٿيار ڦٽا ڪرڻ ٿي چاهيا، پنهنجو پاڻ کي وڃائڻ ٿي چاهيو، مئجسٽريٽ جي اڇي ڏاڙهيءَ تي هٿ رکي، پيرين پئي…. هڪ ڊگهو ابدي ساه کڻي ابدي ننڊ ڪرڻ لاءِ… هڪ لمحي لاءِ اهي سمورا خيال هن جي دل ۾ آيا، هن جي نڙي خشڪ ٿي وئي، ان ۾ ڪنڊن چڀڻ جو احساس ٿيڻ لڳس، پر هن جو ڪنڌ تاڻجي ويو، هن جي شخصيت ۾ ڪو ردعمل پيدا ٿيو ۽ غرور جي هڪ ڪڙي خول ۾ پناه وٺي زور سان چوڻ لڳو: ”نه……“
۽ پهريون ڀيرو مئجسٽريٽ جي اکين ۾ غصي جي هڪ جهلڪ ڏٺائين، پر پوءِ مئجسٽريٽ پاڻ سنڀالي ورتو ۽ سنجيدگيءَ ۽ گنڀير آواز ۾ چيو: ”لالي…. لالي… اگر اسان کي صبر جي تلقين نه ڪيل هجي ها ته…“ هو چوندي ٿورو رڪيو ۽ لاليءَ ڏانهن نهاريندو رهيو، پوءِ هن فائيل بند ڪري ڇڏيو ۽ چوڻ لڳو، ”وڃ پنهنجي جاءِ تي وڃي ويهه.“ پوءِ رجسٽر ڏسي ٻئي ملزم کي سڏ ڪرايائين.