قسط 8
”ڪجهه به ته نه.“ لالي اداس لهجي ۾ چيو.
”ڪجهه ته آهي، جنهن کي ڏسين پيو؟“
“سوچي رهيو هان.“
جهگي لاليءَ کي ايترو اداس اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هو، هن سندس ڌيان ڦيرائڻ لاءِ چيو: ” چڱو مون کي ٻڌاءِ ته هن کي ڇا چوندين؟“
لالي چوڻ لڳو: ”مان چوندس،“ جهگي جي انداز جا چٻارا ڪڍندي چيو، ”ڀاءُ ٽائيم ته ٻڌائجانءِ … ۽ اگر هن مون کي ٽائيم ٻڌائي ڇڏيو ته پوءِ مون کي ڇا چوڻ گهرجي؟“
جهگي وڏي بي رحميءَ واري انداز سان کلندي چيو: ”تنهنجي پڇڻ کانپوءِ هو تو کي ڪو جواب نه ڏيندو!“ لاليءَ ڇرڪ ڀريندي جهگي ڏانهن نهاريو، پوءِ اکيون ڦيري ورتيون.
جهگي پڇيس: ”کڻي آئين؟“
”ها…“ لالي غير جذباتي نوع ۾ چيو، پر هن جو آواز ٿورو ڏڪڻ لڳو.
”ڪاٿي رکي ٿئي؟“
”جرسيءَ ۾، قميص ۽ گنجيءَ جي وچ ۾.“
جهگي هٿ وڌائي لاليءَ جي جرسيءَ کي ڦلهورڻ شروع ڪيو، هن جا هٿ سندس چيلهه کان سيني تائين هليا ويا: ”ڪافي وڏو ڦر اٿس!.“ پوءِ هن جرسيءَ جي اندر ڇريءَ کي محسوس ڪندي، ان جي ٽڪنڊي چهنب تي آڱر ڦيريندي چيو: ”هان ته هيءَ ان جي چهنب آ..“ ايتري ۾ شوڀا ٻاهر اچي وئي، هن جي پيرن جو دٻڪو ٻڌندي ئي جهگي پنهنجا هٿ لاليءَ جي سيني تان هٽائي ورتا ۽ ڳالهه لنوائي، مرڪي چوڻ لڳو: ”اون هون تو ٺيڪ نموني نه سکيو آ… اهو بند وري ڳاءِ…“
لاليءَ اک ٽيٽ سان شوڀا ڏانهن نهاريندي ان بيهودي گاني جو بند ڳائڻ شروع ڪيو، جنهن کي ٻڌندي ئي شوڀا منهن ٺاهي واپس رنڌڻي ۾ هلي وئي. هن جي وڃڻ کانپوءِ لالي جهگي کان پڇيو:
”راتين جو جيڪڏهن هن خزانچيءَ جي جن مون کي ستائڻ شروع ڪيو ته ڇا ٿيندو؟“
جهگي شفقت واري انداز سان سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيو: ”مان توکي جوڳي بابا کان منتر وٺي ڏيندس، جوڳي بابا جي منتر سان وڏا وڏا جن به نه ستائيندا آهن.“
”پر اڳتي هلي ڇا ٿيندو؟“ لاليءَ پاڻ کان پڇيو،
پر هن جو آواز ٻڌي جهگي کانئس پڇيو: ”اڳتي ڪاٿي؟“
لالي عجب وارين نظرن سان جهگي جي طرف ڏسندي چيو: ”اتي … مٿي، ڀڳوان جي سامهون ڇا جواب ڏيندس.“
جهگي جا ڪلها ٿورا لڏيا، هن آهستگيءَ سان چيو: ”اسان جهڙن ماڻهن کي ان جي سامهون پيش نه ڪيو ويندو!“
”ڇو نه؟“
جهگي هن کان پڇيو: ”ڇا توکي ڪڏهن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو آ؟“
”نه!“ لاليءَ سندس ڳالهه مڃيندي چيو، سدائين ٿاڻي ۾ …. ۽ ماجسٽريٽ ….“
جهگي چيو: ”بس ائين ئي سمجهه ته اتي به اسان جهڙن ماڻهن لاءِ اهڙو ئي ٿاڻو هوندو آهي، اهڙو ئي ماجسٽريٽ… جهڙو هتي هوندو آ.“
”بس؟“ لالي پڇيو، ”پوليس ۽ ماجسٽريٽ؟“
”ٻيو نه ته ڇا!“ جهگي ٿورو ڪرڙو ٿيندي چيو، ”وڏن وڏن ماڻهن لاءِ اتي عدالتون به وڏيون هونديون آهن، اسان غريبن لاءِ اتي به پوليس هوندي، ماجسٽريٽ هوندو، وڏن ماڻهن لاءِ فرشتا ايندا آهن ۽ اسان لاءِ…“
”اسان لاءِ ڪير؟“
”اسان جي لاءِ … منهنجا دوست …. صرف انصاف… ڏاڍو وڏو انصاف ڪيو ويندو اتي اسان سان به… ۽ جتي انصاف هوندو آهي، اتي پوليس هوندي آ… اتي ماجسٽريٽ هوندو آ… ۽ جتي ماجسٽريٽ هوندو آ، اتي اسان جهڙن ماڻهن لاءِ … صرف انصاف هوندو آ…“
لالي اهو ٻڌي نهايت مايوسيءَ واري انداز ۾ پنهنجا چپ چٻا ڪري، فيڪٽريءَ جي خزانچيءَ کي چوڻ واري جملي جي ادائگي ڪرڻ لڳو: ”رام رام ڪاڪا… ٿورو ٻڌائجانءِ ته ٽائيم ڇا ٿيو آ…؟“ پوءِ هن هڪدم پنهنجي سيني تي هٿ رکيو، جهگي پڇيس: ”اتي هٿ ڇو ٿو رکين؟“
لالي آهستي چيو: ”ڇري جي هيٺان، دل زور زور سان ٿي ڌڙڪي…“
جهگي چيو: ”ته ڇرو ٻئي پاسي ڪري ڇڏ.“ ائين چئي دريءَ کان ٻاهر ڏسندي چوڻ لڳو: ”هاڻي اسان کي هلڻ گهرجي.“
”ايترو جلدو؟“
”آهستي آهستي ڳالهيون ڪندا هلنداسي.“
لالي بت بڻيو بيٺو رهيو، هن جي دل ۾ آيو ته ’موٽي وڃي رنڌڻي ۾ شوڀا کي هڪ ڀيرو ڏسي اچي، پر وري هن سوچيو ته شوڀا سان نه ملجي….‘ هن مٿو لوڏي جهگي کي هلڻ جو اشارو ڏنو.
ٻئي ڄڻا جڏهن اسٽوڊيو کان ٻاهر آيا ته شوڀا ڊوڙي اچي سامهون سندن رستو روڪي، بيهي رهي، چوڻ لڳي: ”تون هن سان ڪاڏي ٿو وڃين؟“
جواب ۾ لاليءَ پڇيو: ”ڪاڏي ٿو وڃان؟“
شوڀا چيو: ”ڪاڏي به نه وڃ…. مون سان گڏ، گهر ۾ رهه.“
”نه“
”گهر ۾ رهه.“ شوڀا ڳالهه ٺاهيندي چيو، ”ڏس ڪڪر به ڀرجي آيا آهن، ٿوري دير ۾ برسات به ٿيڻ واري آ… ڀِڄي آلو ٿي ويندين…“
”برسات ڪانه ٿيندي.“ جهگي کيس اطمينان ڏياريندي چيو.
”توکي وري ڇا ڪو ڏيئو ٻريو آ.“ شوڀا هن جي پاسي منهن ڪري چيو،
”مون کي پتو پئجي ويندو آ… اڳ ۾ ئي پتو پئجي ويندو آ!“ جهگي پنهنجا پيلا ڏند ڪڍندي کيس جواب ڏنو.
لالي وک کڻي اڳتي وڌيو، شوڀا وري به سندس سامهون ٿي بيٺي، الائي ته ڇو هن جي نڙي به خشڪ ٿيڻ لڳي هئي، هن جلدي جلدي چوڻ شروع ڪيو: ”نه وڃ… گهر ۾ رهه… اڄ بسنتو ڪٻاڙيو پيو اچي، هن مون سان وعدو ڪيو آ ته هو توکي پنهنجي ورڪشاپ ۾ ڪم ڏيندو.“
مون کي هن جي ٻهارن ٺاهڻ واري ڪارخاني تي ڪم ناهي ڪرڻو.“
”ته گهر ۾ رهه.“ شوڀا نهايت ڳڻتيءَ جوڳي آواز ۾ چيو ۽ بار بار پنهنجي زبان کي پنهنجي سڪي ويل چپن کي آلي ڪرڻ لاءِ پئي ڦيرايو، ” اڄ ته رسنا به اچڻ واري آ… پنهنجي مڱيندي سان … هن جو مڱيندو به توسان ملڻ ٿو چاهي.“
”اهو ڪنهن ٻئي ڀيري ملي وٺندو.“
”رسنا مون لاءِ ڪجهه رپيا به آڻي پئي، اهي سڀ مان توکي ڏيندس، پر اڄ تون نه وڃ.“
”مان ٿورو گهمڻ ٿو وڃان، شوڀا مان ٿوري دير ۾ موٽي ايندس.“ لالي چوندي شوڀا کان اکيون ڦيرائي بيٺو هو. شوڀا جون نگاهون سندس مغرو چهري تي ڄميل هيون، هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، پر هن پنهنجي ڳوڙن کي ڳيت ڏيندي، مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي، چوڻ لڳي: ”جيڪڏهن تون ترسي پوندين ته مان تو لاءِ ٺري جي سڄي بوتل وٺي ايندس يا بيئر جي، جيڪا تو کي پسند هجي…“
جهگو ان وقت ڄاڻي واڻي ٻه ٽي وکون کڻي اڳتي هليو ويو ۽ اتان مڙي چوڻ لڳو: ”لالي تون اچين ٿو نه؟“
شوڀا لاليءَ جو هٿ پڪڙي چوڻ لڳي: ”تو مون کي ماريو هو نه، پر هاڻي مان توسان ناراض ناهيان، قسم سان.“
لاليءَ کيس دٻائڻ واري لهجي ۾ چيو: ”پري هٽي وڃ.“ هن جي آواز ۾ ڪاوڙ هئي، غم هو، مجبوري هئي، بيوسي، دک، احتجاج … سڀئي احساس موجود هئا، هن شوڀا کي ڊيڄارڻ لاءِ مُڪ به ڏيکاري، حالانڪ اندران هو صفا پگهرجي نرم ٿي ويو هو ۽ هن جو آواز ڏڪڻ لڳو هو، پر هو پنهنجي دل جي حالت کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندي ڌمڪيءَ واري انداز ۾ چوڻ لڳو: ”پري هٽي وڃ، منهنجو رستو ڇڏي ڏي، نه ته ماريندوسانءِ.“
شوڀا اوچتو کائنس پڇيو: ”هي جرسيءَ جي اندر ڇا لڪايو اٿئي؟“
لاليءَ جرسيءَ جي اندران تاش ڪڍي ڏيکاريس. شوڀا جو آواز ڏڪڻ لڳو، چوڻ لڳي: ”اتي نه هتي،“ هن لاليءَ جي کاٻي پاسي، سيني ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو، ”اتي ڇا لڪايو ٿي؟“
هاڻي لاليءَ کي ڪاوڙ اچڻ لڳي، زوردار آواز ۾ چوڻ لڳو: ”مون کي وڃڻ ڏي شوڀا…“
پر شوڀا سندس رستو روڪي بيٺي رهي، هو ٿورو اڳتي ٿي وڌيو ته هن پنهنجا ٻئي هٿ ڦهلائي کيس روڪيو ٿي ۽ جلدي جلدي آخري ڪوشش ڪندي ڳوڙهن سان ڀريل لهجي ۾ کي روڪيندي به رهي.
”شوڀا، اصل ۾ رسنا اسان ٻنهي لاءِ هڪڙي نوڪري ڳولهي آهي، پيڊرو روڊ تي هڪڙي وڏي فليٽ جا مالڪ ولايت پيا وڃن… ڏهن مهينن لاءِ ٿا وڃن، ڏهن مهينن لاءِ انهن کي فليٽ سنڀالڻ لاءِ هڪ جوڙي جي ضرورت آ… هڪ مرد هڪ عورت، جيڪا انهن جي پرپٺ سندن فليٽ جي سنڀال ڪري سگهي، ان کي صاف سٿرو رکي سگهي، ان لاءِ اهي هر مهيني هڪ سئو رپيا پگهار به توکي ڏيندا ۽ سئو رپيا مون به ڏيندا، اسان ٻنهي کي ٻه سئو پگهار ملندي، ڪم ڪجهه به نه…“ لاليءَ هڪ ساهيءَ ۾ چيو.
”لالي منهنجي ڳالهه ٻڌ…“
لاليءَ کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳو: ”منهنجي رستي تان هٽي وڃ، چوانءِ ٿو.“ زور سان ڌڪو ڏئي لاليءَ پنهنجو پلهءُ شوڀا کان ڇڏائي ورتو، ۽ وڃي جهگي سان مليو، ٻئي ڄڻا تڪڙيون تڪڙيون ٻرهانگون ڀريندا هن جي نظرن کان غائب ٿي ويا. شوڀا اتي ئي بيٺي هئي، پر جڏهن هو ٻئي هليا ويا ته ان وقت به هوءَ اتي ئي بيٺي هئي، ڄڻ هن جا قدم اتي ئي ڄمي ويا هجن، ايتري ۾ چاچي کلڻي رنڌڻي مان ٻاهر آئي ۽ شوڀا کي چوڻ لڳي:
”سبزي ڪاٽڻ واري ڇري نه ٿي ملي، تو ڪاٿي ڏٺي ڇا؟“
شوڀا اوچتو ڇرڪي وئي، هن جي دل جو دهڪو وڌي ويو، ڪنڌ ڌوڻي چوڻ لڳي: ”مان ته نه کنئي آ.“
چاچي حيرت مان ڳچيءَ کي هيڏي هوڏي ڦيرائيندي چيو: ”اجهو ٿوري جهٽ اڳ ۾ ته مان رنڌڻي ۾ ڏٺي هئي، الائي هڪ گهڙيءَ ۾ ڪاڏي وئي!“ وري شوڀا ڏانهن نهاري چوڻ لڳي، ”ٿوري دير اڳ مان لاليءَ کي رنڌڻي ۾ گهڙندي ڏٺو هو.“
”ان نه کنئي آ.“ شوڀا انڪار ڪندي چيو.
”ٻيو ته ڪو رنڌڻي ۾ ويو به ناهي،“ چاچي کلڻيءَ هن کي ياد ڏياريندي چيو.
”پر لالي ڇري کڻي ڇا ڪندو؟“ شوڀا پڇيو.
”مان ڇا ڄاڻان!“ چاچيءَ جي نراڙ تي گهنج پئجي ويا.
شوڀا کي الائي ته ڇو ڪوڙ ڳالهائڻو پيو، چوڻ لڳي: ”وڃڻ کا اڳ ۾ هن جي جرسي ڏٺي هيم، ان ۾ ته ڇري يا پيسا ڪونه هيا، بس تاش جا پتا پيل هيا.“
چاچي ڀڙڪو کائي چوڻ لڳي: ” تاش تاش… هر وقت تاش… اهو بدبخت جهگو، هن کي ڪاٿي جوئا کيڏائڻ وٺي ويو هوندو.“
چاچي اندر هلي وئي، شوڀا اتي ئي بيٺي رهي، ڇاڪاڻ ته سامهون کيس رسنا ۽ سندس مڱيندو ايندي نظر اچي رهيا هئا. ٻنهي کي نوان ڪپڙا پاتل هئا، ۽ ٻئي هٿ ۾ هٿ ڏيو، خوشيءَ ۾ مگن پئي نظر آيا ته اوچتو شوڀا کي دروازي وٽ بيٺل ڏسي آهستگيءَ سان پنهنجا هٿ هڪ ٻئي کان جدا ڪيا.
رسنا اڳتي وڌندي چيو: “اسان اچي وياسي شوڀا،“ پوءِ مڱيندي ڏانهن منهن ڪري، سندس هٿ پڪڙي ۽ اڳتي ڪندي چوڻ لڳي، ”هي آهي منهنجو مڱيندو.“ چوندي ڪجهه ڪجهه شرمائڻ به لڳي.
مڱيندي ٿورو اڳتي وڌي پنهنجو تعارف ڪرايو: ”مان وليم آهيان، وليم.“
”هيلو“ شوڀا ساڻس هٿ ملايو، پر ڄڻ پنهنجي خيالن ۾ گم هجي، هن کي ائين گم سم ڏسندي وليم ٻيهر چيو: ”منهنجو پورو نالو وليم ڪبرال آهي.“
هن شوڀا جو هٿ نه ڇڏيو، شوڀا بنا ڪنهن جذبي جي چوڻ لڳي: ”مان شوڀا آهيان.“ پر هن جي چهري تي ٿوري به مرڪ نه آئي. وليم سندس هٿ لوڏائيندي چوڻ لڳو: ”هيلو.“
”هيلو” شوڀا ٻڌل آواز ۾ چيو.
رسنا چوڻ لڳي: ”هي منهنجو مڱيندو آ…“
”اڇا…“ شوڀا جواب ڏنو ۽ رسنا جي طرف نهاري مٿي کي لوڏايو.
”جي ها مان هن جو مڱيندو آهيان.“ وليم ورجايو.
”اڇا…“ شوڀا وري به پنهنجي خيالن ۾ گم هئي.
ائين ٿي لڳو ڄڻ ٻنهي ڌرين وٽ ڳالهائڻ لاءِ ٻيو ڪجهه به نه هو.
پوءِ رسنا چوڻ لڳي: ”اچ ته اندر هلون.“
شوڀا خيالن مان موٽي آئي ۽ چوڻ لڳي: ”ها ها اچو اندر هلو.“
اسٽوڊيو ۾ داخل ٿيندي ئي وليم چئني پاسي جائزو وٺڻ لڳو ته رسنا به چئني پاسي نهارڻ لڳي، ائين هن جي نگاهه دريءَ جي پاسي رکيل خالي صوفي تي پئي ته هن شوڀا کان پڇيو: ”لالي ڪاٿي آ؟“
”گهمڻ ويو آ…“
”گهمڻ؟“ رسنا جي آواز ۾ مايوسيءَ جو عنصر هو، ڇاڪاڻ ته هن شوڀا کي اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو ته هوءَ وليم کي لاليءَ سان ملائڻ چاهي ٿي، پر هن جي ان مايوسيءَ جي احساس ڏانهن شوڀا جو ٿورو به ڌيان نه ويو.
رسنا وري چوڻ لڳي: ”گهمڻ ويو آ؟“
”ها…“ شوڀا چيو.
”اوه ..“ وليم به افسوس وچان چيو.
اوچتو رسنا کي ڪجهه ياد اچي ويو ته هن جو چهرو خوشيءَ کان ٻهڪڻ لڳو، تڏهن ٿورو فخر واري انداز ۾ شوڀا کي چوڻ لڳي: ”وليم کي نوڪري ملي وئي آ، پهرين تاريخ کان هي هاڻي هڪڙي ڪلب ۾ ڪم ڪندو… آفيسر جو جاب آهي.“
پر جڏهن وليم ڏٺو ته هن جي نوڪريءَ بابت خبر ٻڌندي به شوڀا تي ڪو اثر ڪونه ٿيو آهي ته هو ٿورو هيڻو ٿي چوڻ لڳو: ”ڳالهه دراصل هي آهي شوڀا ته رسنا کي سٺي نموني ٻڌائڻ نه ايندو آهي، مان اصل ۾ اتي هيڊ بيري جي طور تي ڪم ڪندس … مانٽيفورڊ ڪلب ۾… ڪم سٺو آهي ۽ رات جو ڏه پندرهن رپين جي ٽپ به ٿي ويندي آهي.“
”اڇا.“ شوڀا وري به بي ڌيانيءَ وچان چيو.
”پگهار به سٺي آهي.“ وليم وڌيڪ تشريح ڪرڻ لڳو، ”پر اصلي آمدني ٽپ ۾ آهي، اتي جا ماڻهو جڏهن تاش جي بازي کٽندا آهن ته ان رات ٽيهه چاليهه رپيا به ٽپ ٿي ويندي آهي.“
”اڇا…“ شوڀا ٿورو حيرت گاڏڙ لهجي ۾ چيو، پڇيو يا جواب ڏنو، ان جو خود هن کي به احساس ڪونه هو ته هوءَ ڇا پئي چوي، ڪنهن کي پئي چوي، ڇو پئي چوي، سندس ذهن آسمان، وقت، جاءِ، ماڻهو سڀ ڪنهن ٻوڏ ۾ لڙهندا پئي ويا، ڪابه شيءَ کيس يقيني ڪانه ٿي لڳي، هر طرف هڪ اڻ وڻندڙ خاموشي، جنهن ۾ هر شيءِ غائب ٿيندي پئي وئي… جنهن تي ڪنهن به ڪوبه احتجاج ڪونه ٿي ڪيو، ڪوئي به رنو ڪونه ٿي، ڪوبه رڙيو ڪونه ٿي، ائين لڙهندي، موت جي آخري دروازي تائين گدلي، ميٽوڙي ۽ خطرناڪ منزل تائين ڄڻ هرڪنهن جونصيب هجي، جنهن کي هر ڪنهن خوشيءَ سان قبول ڪري ورتو هجي. ان گهري ڀنور واري ماٺ ۾ ڪنهن به ڪونه ٿي ڳالهايو، هرڪو لهرن تي چپ چاپ لڙهندو ٿي ويو، اوچتو رسنا هيج مان چيو: ”منهنجو مڱيندو ڪيئن آ…؟
”سٺو…“ شوڀا جوآواز مشڪل سان نڪتو.
”اسان ٻن ڪمرن جو هڪڙو فليٽ… بوري والي ۾ ڪرائي تي ورتو آ… ٻڌءِ … ۽ ٻن ٽن سالن ۾ جڏهن اسان ٻه پيسا جمع ڪري وٺنداسي ته باهرگام ۾ زمين خريد ڪنداسي، اتي پنهنجو گهر ٺاهڻ جو خيال آ… بامبي وڏو شهر آ… پر جيسين اسان کي ٻار ٿئي، تيسين باهرگام ۾ رهڻ بهتر آ…“
”اڇا…“ شوڀا چيو، رسنا کيس گم سم ڏسندي چيو:
”تو مون کي مبارڪ ڪانه ڏني؟“
”اوه مون کان وسري ويو،“ شوڀا ٻه ٽي ڀيرا پنهنجون اکيون ڇنڀيون ۽ ڀرون مٿي ڪري اکين کولڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، پوءِ منهن تي مرڪ آڻيندي وليم سان هٿ ملائيندي چيو: ”گڊ لڪ،“ پوءِ خوشيءَ جي اظهار ڪرڻ لاءِ جيئن رسنا ڏانهن ڏٺائين ته الائي ته ڪيئن هن جي دل ڀرجي آئي ۽ اکين ۾ ڳوڙها تري آيس ته رسنا سان ڀاڪر پائي ”گڊ لڪ رسنا“ چوندي روئي پئي.
وليم حيران ٿيندي پڇيو: ”هيءَ روئي ڇو پئي؟“
”هي روئي ان ڪري ٿي جو هيءَ دل جي ڏاڍي سٺي آ…“
وليم جي دل به شوڀا کي رئندي ڏسي ڀرجي آئي: ”ٿئنڪ يو…“ ٿئنڪ يو چئي هن به پنهنجي کيسي مان رومال ڪڍيو ۽ پنهنجا ڳوڙا اگهڻ لڳو، ايتري ۾ چندن ۽ چاچي کلڻي به ڊارڪ روم مان ٻاهر آيا. شوڀا ساڻن وليم جو تعارف ڪرايو ۽ اهو به ٻڌايو ته هي ٻئي فوٽو ڇڪرائڻ چاهين ٿا.
چندن دريءَ جي پاسي نهاريندي چيو: ”اجهو هاڻي ٿا فوٽو ڇڪيون، ورنه اونداهي ٿي ويندي.“
چندن رسنا ۽ وليم جي فوٽو ڇڪڻ لاءِ پاڻ ڏانهن سڏيو، پوءِ هو ڪيميرا ٺيڪ ڪرڻ لڳو، شوڀا کي هن پوري منظر ۾ ڪابه دلچسپي ڪانه هئي، هوءَ دريءَ جي پاسي هلي وئي، ۽ آسمان ڏانهن نهارڻ لڳي، آسمان کيس ميرو لڳو، ڄڻ مٿس تازي آيل ٻوڏ جي گدلي گپ جو تهه ڄمي ويو هجي، جنهن تي پري پري کان کيس لالي ۽ جهگو ويندي نظر اچي رهيا هجن، ۽ دور افق تائين هوءَ انهن جي پيرن جا نشان ڏسي سگهندي هجي، پهرين هو پوري قد سان پئي نظر آيا، پوءِ ڊينڊا ٿيندا ويا، ۽ ائين آهستي آهستي نقطي ۾ تبديل ٿي ويا، ۽ آخر ۾ اهو نقطو به گم ٿي ويو، رڳو قدمن جا نشان رهجي ويا، پر ٻوڏ جي ريلي، انهن قدمن جي نشانن کي به مٽائي ڇڏيو. شوڀا دريءَ جي چوکاٽ تي پنهنجو مٿو ٽيڪيو ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيون، ڳوڙها ڪنهن ٻوڏ وانگر سندس ٻوٽيل اکين مان وهندي، سندس ڳلن تان ڳڙي هيٺ پئي ڪريا… هن جي من ۾ مري وڃڻ جا خيال ٿي آيا، ’جيڪر هوءَ مري وڃي…‘
(7)
شوڀا چندن کان پڇيو: ”ڀاءُ ٻڌائجانءِ ته ٽائيم ڇا ٿيو آ؟“
چندن چيو: ”پوڻا ڇهه ٿيا آهن.“
ساڳئي ئي وقت، پوڻا ڇهه ئي ٿيا هئا ته انڌيري اسٽيشن تان لهي، جهگي سڀ کان اڳ ۾ لوڪل ٽرين تي نظر وڌي: هاڻي تڪڙو هلي پوڻ گهرجي.“
هو ٻئي ڄڻا ريلوي واري پل ٽپي، وڏي دروازي کان ٻاهر نڪري، بهه جون ڳوڻيون ۽ انب وڪڻڻ وارن ۽ ريڊي ميڊ ڪپڙا وڪڻڻ وارن جي قطار وٽان گذرندي، اشوڪ سينيما واري سڻڪ ٽپي، انڊو برج جي اڳيان، ريلوي لائين جي پاسي کان هلڻ لڳا، ان جاءِ تي ريلوي پٽڙي دمدمي تي مٿانهين ٿيندي ٿي وئي، ۽ هيٺان هڪ چارو چمڙي جي فيڪٽريءَ جي پاسي پئي ويو، جنهن کي فيڪٽريءَ جا مزدور ويجهي مفاصلي جي ڪري استعمال ڪندا هئا.
هلندي هلندي هو ٻئي هڪ سنسان هنڌ تي پهتا، ان جاءِ تي اهو چارو به گهڻو هيٺ هو ۽ ريل جي پٽڙيءَ تائين رسڻ لاءِ هڪ ٻيو چارو هو جنهن تي ڪاٺيءَ جي ڏاڪڻ لڳل هئي، مٿي جتي ڏاڪڻ ختم پئي ٿي، اتي ريلوي سگنل جو ٿنڀو لڳل هو ۽ ان جي ساڄي کاٻي به ڪجهه ٿنڀا لڳل هئا، پڇاڙيءَ واري حصي کان ٿورو پري، ان چاري جي کان ڪجهه فاصلي تي هڪ ڊگهي لاهي هئي، جنهن ۾ پاڻي ڀريل هو ۽ ان جي پريان پٽڙين جي ڊگهي قطار … ۽ انهن ۾ لڪل گهرن جون ڇتيون، ڪٿان ڪٿان ڪي ڇتيون گهاٽن پنن ۽ ٽارين جي وچ مان نظر به آيون پئي.
جهگو ۽ لالي جڏهن ريل جي ٻاهرين سگنل واري ان ٿنڀي تائين اچي پهتا ته جهگي ڪاٺيءَ جي ان ڏاڪڻ کي ڏسي پنهنجي وک روڪي ورتي ۽ لاليءَ کي چيو:
”اچ ته هن ڏاڪڻ تان هيٺ رستي تي لهي هلون.“
پر لالي اڃان تائين ان گاڏيءَ ڏانهن نهاري رهيو هو، جيڪا هاڻي هاڻي اتان گذري رهي هئي، هن جي ڪنن ۾ اڃان تائين فرنٽيئر ميل جي جوشيلي ۽ ڌاڙ گهوڙا ڪندڙ انجڻ جو آواز هو، هن جهگي جي جملي کي اڻ ٻڌو ڪندي چيو: ”اگر تون هن وقت پنهنجو ڪن ريل جي پٽڙيءَ سان لڳائين ته تون هن گاڏيءَ جي ڌم ڌم ڌڙ ڌڙ کي گهڻي دير تائين ٻڌي سگهي ٿو.“
جهگي لاپرواهيءَ وچان لاليءَ کي چيو: ”هائو، مون کي معلوم آ…“
پر لاليءَ جي اکين ۾ اڃان تائين اها ئي، ڪٿي دور تائين نهاريندڙ نگاه هئي! هن نهايت حسرت وارين نظرن سان غائب ٿيندڙ ريل گاڏيءَ جي طرف ڏسندي چيو:
”توکي خبر آهي ته هيءَ گاڏي ، جا هاڻي هتان لنگهي آ… ڪيستائين ويندي آ؟“
”ڪيستائين…؟“ جهگو جيڪو اڃان تائين بمبئي کان ٻاهر ويو ئي ڪونه هو، هتي ئي ڄائو هو، هتي ئي پليو، وڏو ٿيو، هتي ئي ڪيترا ڀيرا سزا ڪاٽي هئائين، هتي مرڻو هوس، ۽ ڪڏهن بمبئي کان ٻاهر وڃڻ جي خواهش به ڪانه ڪئي هئائين، ان ڪري جهگو مسلسل ساڳي لاپرواهي ۽ ڦُر ڪرڻ واري دلچسپيءَ سان واڳيل هو، ۽ جواب به ان خيال ۾ محو هجڻ جي ڪري ڏنائين.
”ڪيستائين!” لاليءَ پڇيس.
”دلي تائين”“
”اڳتي نه؟“
جهگو ڏاڪڻ تان لهي هيٺ رستي تي وڃي رسيو، پر لالي اڃان تائين مٿي پٽڙيءَ جي مٿانهين تي، سگنل جي ٿنڀي جي ڀرسان بيٺو هو، جهگي هيٺ لهي، لاليءَ ڏانهن مٿي نهاريندي چيو:
”ڇهه وڄندا هوندا، هاڻي تون به هيٺ لهي آءُ…“
”گهٻراءِ نه،“ لاليءَ چيو، ”مان ڪاڏي ڀڄڻ جي تيار ڪونه پيو ڪيان.“
جهگي پنهنجي دلي بيچينيءَ واري ڪيفيت کي لڪائيندي چيو:
”پر ڀڄندين ته ڇا ملندءِ؟ ٿوري دير ۾ هري داس خزانچي ايندو هوندو، ٽيهه هزار کنيو…پوءِ تون هن سان صفا مٺي لهجي ۾ ڳالهائجانءِ،“
لالي نقل ڪندي چوڻ لڳو: ”ڪاڪا، ٿورو ٻڌائجانءِ ته تنهنجي گهڙيءَ ۾ ٽائيم ڇا ٿيو آ؟“
”۽ پوءِ هو توکي پنهنجي ڪرائيءَ ۾ ٻڌل گهڙيءَ ۾ نهاري، ٽائيم ڏسندو.“
”ٿي سگهي ٿو ته هو اڄ نه اچي،“ لالي چوڻ لڳو، ڄڻ اهو سندس دل جو آواز هجي، يا هن چاهيو پئي ته جيڪر هري داس اڄ نه اچي.
جهگي مٿو ڌوڻي وڏي پڪ واري انداز ۾ چيو: ”ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي، اڄ ڏهين تاريخ آ…اڄ هن کي ساڍي ڇهين وڳي کان اڳ ۾ پگهار ورهائڻي آ… لالي صاحب هاڻي هيٺ لهي اچ … اتي ڇا پيو ڏسين؟“
لالي وري به حسرت وچان چوڻ لڳو: ”ڏسان پيو ته ريل جي پٽڙي هلندي ٿي وڃي، هلندي ٿي وڃي، جيستائين نظر ڪم ٿي ڪري..!“
جهگي بيزاريءَ سان چيو: ”ان کي ڏسڻ مان ڪهڙو فائدو؟“ چئني پاسي نهاري وري چوڻ لڳو،
”ڪڏهن جڏهن ٿڌي ٿڌي گاڏي ان تان گذرندي آ…. ۽ نيرن نيرن شيشن جي اندران ويٺل ماڻهو… ڏاڍا عمدا ڪپڙا پاتل…“ جهگي ڳالهايو.
”اخبار پڙهندي…“
”سگار ڇڪيندي..“
”۽ سهڻيون عورتون…“ لاليءَ جي اکين تي پيار جو ڇَوَڙ چڙهڻ لڳو، ”ريشمي ساڙهيون پاتل، گلن سان سجايل چوٽين کي پنهنجي ڪومل آڱرين سان ٺيڪ ڪندي…“
جهگي پڇيس: ”هو اچي پيو ڇا؟“
لاليءَ پري پري تائين نظرون ڊوڙايون: ”اڃان تائين ته نظر ڪونه ٿو اچي…“ ائين چئي هو ڏاڪڻ تان هيٺ رستي ڏانهن لهي ويو، ۽ جهگي کان پڇڻ لڳو،”ڇا تو ڪڏهن تارن ۽ ٿنڀن جو آواز ٻڌو آ؟“
”هائو…“ جهگي چيو، ”جڏهن هوا گهلندي آ ته سون سون جو آواز ايندو آ.“
”اون هون…“ لاليءَ ڪنڌ سان انڪاري انداز ڪندي چيو، ”جڏهن هوا نه گهلندي آ… تڏهن به تون انهن تارن جو آواز ٻڌي سگهي ٿو، ماڻهو انهن تارن تي ڳالهائيندا آهن.“
”اهي وري ڪير ڳالهائيندا آهن.“ جهگي پڇيو.
”امير ماڻهو.“ لاليءَ چيو.
”ڪهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن؟“
”بس ڳالهيون ئي ڪندا آهن…“ لاليءَ هلڪي آواز ۾ چيو، ڇاڪاڻ ته هن کي به خبر ڪانه هئي، هن جي به ساري ڄمار انهن ماڻهن ۾ گذري هئي، جن ۾ ڪو به امير ڪونه هو، ”هِتان هو ڳالهائيندا آهن، هُتان ٻيا ماڻهو انهن کي جواب ڏيندا آهن، تارون گونجنديون آهن… دم دم دم دم.“
”اهي دم دم ڇو ڪنديون آهن؟“ جهگي پڇيس.
”اهي چوندا آهن، دام دام يعني پيسا پيسا، تون ڪن لڳائي ٻڌ…“
”ڇا جي لاءِ؟“
”انهن جي پوري ڳالهه ٻڌڻ لاءِ.“ لاليءَ چيس.
”تون ته صفا ڪو چريو آن.“
جهگو زور سان ٽهڪ ڏئي کليو، ”توکي هڪڙي ئي بيماري آ… پيسن واري… گهٻراءِ نه… جلد ئي اسان وٽ پيسا هوندا، ڍڳ پيسن جو.“
لالي به کلي چوڻ لڳو: ”مان چوندس، ڪاڪا! ٿورو ٻڌائجانءِ ته اوهان جي گهڙيءَ ۾ ڇا وقت ٿيو آ…؟
جهگو انتظار واري ڪيفيت ۾ ٽهلڻ لڳو: ”بدبخت اڃان تائين نه آيو آ…“ وري ٽهلندي ٽهلندي بيهي، لالي کان پڇڻ لڳو: ”تو وٽ تاش آهي؟“
لالي جرسيءَ مان تاش ڪڍي.
”پيسا به اٿي؟“ جهگي پڇيس.
”يارهن آنا آهن…“ لاليءَ ٻڌايس.
جهگو ڪاٺيءَ واري ڏاڪڻ جي هڪ ڏاڪي تي ئي ويهي رهيو، ته جيئن هري داس کي پري کان ئي ايندي ڏسي سگهن. لالي کاٻي ڪنڊ تي ٿي ويٺو، وچ واري ڏاڪي جي تختي کي انهن پتن اڇلڻ لاءِ صاف ڪيو، جهگي تاش ٺپيندي چيو: ”چڱو ته ڪڍ يارهن آنا، يارهن آنا ئي سهي، داءُ لڳائڻ کانسواءِ تاش جو ڪهڙو مزو!“
”ته شروع ڪر!“ لالي چوڻ لڳو.
جهگي وڏي مهارت سان پتا ٺپيا، پوءِ ٻئي فليش کيڏڻ لڳا. پهرين ئي بازيءَ ۾ جهگو کٽي ويو، يارهن آنا کڻي هن پنهنجي کيسي ۾ وڌا.
لاليءَ چيو: ”اڳتي هل!“
”اڳتي ڪاڏي هلان؟“ جهگي لاتعلقيءَ جو اظهار ڪندي چيو، ”ٻيا پيسا آهن ڇا تو وٽ؟“
”نه… ٻيا ته ڪونهن!“
”ته پوءِ سمجهه ته کيل ختم.“ جهگي تاش جا پتا گڏ ڪري سامهون رکي ڇڏيا، ”ها البت تون ڪنهن ٻئي طريقي سان کيڏڻ چاهين ته…“
”ڪهڙي طريقي سان؟“ لاليءَ پڇيس.
”قرض کڻي..“
”مون تي اعتبار ڪندين؟“
”نه…!“ جهگي چيو، ”پر بعد ۾ تنهنجي پيسن مان ڪاٽي وٺندس.“
”ڪهڙن پيسن مان؟“ لاليءَ کي سمجهه ۾ نه آيو.
”جيڪي سورهن هزار توکي ملندا، انهن مان…“ جهگي جواب ۾ چيو.
لالي ڇرڪي ويو، هڪدم هن جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو، هن سامهون واري رستي تي نظر ڊوڙائي، ’ڪٿي خزانچي ته نه پيو اچي،‘ پوءِ جڏهن ڏٺائين ته ڪوئي ڪونه ٿو اچي ته آهستگيءَ سان چوڻ لڳو: ”ها ٺيڪ آ، ته شروع ڪر.“
جهگي چيو: ”خزانچي ٽيهه هزار رپيا آڻيندو، ان ۾ منهنجو حصو سورهن هزار هوندو، تنهنجو به حصو اوترو ئي ٿيندو، ته هاڻي پنهنجي ان حصي منجهان مان اٺ هزار رپيا داءَ تي ٿو لڳايان، تون به اٺ هزار لڳاءِ…“
”ٺيڪ آ…“
”جنهن جي قسمت ۾ هوندو، ان کي زياده مال ملندو.“
”ته شروع ڪر…“
جهگو وري پتن کي اٽڪل سان ٺپي، ورهائڻ لڳو، ٻنهي پنهنجي پنهنجي پتن جي حساب سان داءُ لڳائڻ شروع ڪيو، پر راند جي دوران اها ڳالهه صاف ٿي وئي هئي ته لالي صفا اناڙي هو، ۽ جهگو وڏو چالاڪ ۽ بي ايمان هو، هو فليش جو وڏو ماهر رانديگر هو، جيڪو پتن کي وڏي صفائيءَ سان اڳيان پويان ڪري ٿي سگهيو ۽ لالي ان کي پڪڙي به ڪونه ٿي سگهيو. پر جيئن جيئن لالي هارائيندو ويو، هن جو شڪ به وڌندو پئي ويو ته ضرور جهگو پتن ۾ هيرا ڦيري ڪري رهيو آهي. ان پريشانيءَ، تيسي ۽ ڳڻتيءَ ۾ لالي، اناڙين وانگر بلائينڊ تي بلائينڊ پئي کيڏيو، ۽ بازي هارائيندو ٿي ويو. آخري داءُ به جهگي کٽي ورتو ۽ ٽئي پتا لاليءَکي ڏيکاري، هڪدم انهن کي تاش ۾ ملائڻ لڳو، جنهن تي لاليءَ کي غصو اچي ويو، هن سندس هٿ پڪڙي ورتو ۽ زوردار آواز ۾ چوڻ لڳو: ”تون پتا ٿو لڳائين، بي ايمان.“
جهگي چيو: ”ڪير مان؟“
اڃان هو ڪجهه چوڻ وارو ئي هو ته هن کي هري داس ايندي نظر اچي ويو، هن آهستگيءَ سان لالي کي چيو: شششش….“ ۽ هري داس جي طرف اشارو ڪيو.
لاليءَ جهگي جو هٿ ڇڏي ڏنو ۽ بيوقوفن وانگر اٿي بيٺو، جهگو هڪدم ڏاڪڻ تان اٿيو ۽ خزانچيءَ جو رستو مٽي، ان جي پويان ٿي ويو. لالي اڃان تائين ڪنهن احمق وانگر وات پٽيو بيٺو هو. خزانچيءَ جي پويان جڏهن جهگي کيس اشارو ڪيو ته هو هوش ۾ آيو ۽ هن ڏڪندڙ لهجي دوران پنهنجي چپن تي زبان ڦيرائيندي خزانچيءَ کي چيو:
”ڪاڪا صاحب ٽائيم ڇا ٿيو آ تنهنجي گهڙيءَ ۾؟“
لالي چوندي گهٻرائجي ويو، هن کي ٿوري به خبر ڪانه هئي ته هو ڇا ڪري رهيو هو، هن جي پڇندي ئي جهگي پنهنجو چاقو ڪڍيو ۽ مارڻ لاءِ هري داس تي الر ڪيائين، پر خزانچيءَ وڏي ڦڙتيءَ سان مڙي جهگي جو اهو هٿ جنهن ۾ چاقو جهليل هو، هڪدم پڪڙي ورتو ۽ اهڙي ته زور سان دٻايو جو جهگي جي رڙ نڪري وئي ۽ هيٺ ڪري پيو، پر هري داس هن جو هٿ نه ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هو ڪسرتي بدن وارو سگهارو شخص هو، هري داس هڪدم پنهنجي ٻئي هٿ سان پنهنجو پستول ڪڍيو ۽ ان جي نالي، لاليءَ جي سيني تي رکي ورتي… ۽ پوءِ گهڙي ڏسي طنز ڪندي چوڻ لڳو:
”تو ٽائيم پڇيو هو نه منهنجا ادا… سو ٽائيم ٿيو آهي ڇهه وڄي پنجويهه منٽ.“
ايترو چئي هن هڪ ڀيرو لاليءَ ڏانهن نهاريو، جنهن جو سينو هن جي روالور جي سامهون هو، هن جو ٻيو يار جهگو، هيٺ ڪريو پيو هو، جنهن جي ٻانهن ۾ هن جو هٿ وڏي مضبوطيءَ سان پيل هو، هري داس هوريان هوريان مرڪندي چوڻ لڳو:
”ڀڳوان اڄ ته ڪا وڏي ڪرپا ڪئي جو مون اهو ئي هٿ پڪڙي ورتو، جنهن ۾ چاقو جهليل هو… نه ته الائي…“ ٿورو ترسي وري چوڻ لڳو، ”هاڻي آرام سان اتي ئي بيٺا هجو، ورنه هي ريوالور ڏسو ٿا نه، هن ۾ ڇهه گوليون آهن… توهان ٻنهي لاءِ صرف ٻه ڪافي آهن.“
جهگو عاجزي ڪندي چوڻ لڳو: ”مون کي ڇڏي ڏي مهراج، مون ته ڪجهه به نه ڪيو آ…“
هري داس زور سان کلڻ لڳو: ”ها ها ها ۽ ها ٻيو ڇاهي توهان جي هٿن ۾؟“ هن جهگي جي هٿ کي مروڙي، سندس هٿ ۾ جهليل چاقوءَ ڏي اشارو ڪندي چيو،”ڇا توهان اهو ٿي سمجهيو ته منهنجي بيگ ۾ انب هوندا جيڪي توهان ڪاٽي کائي ڇڏيندا…. معاف ڪجو اوهان جي لاءِ مان پنهنجي بيگ ۾ ڪي ڦل فروٽ نه آندا آهن.“
هاڻي لاليءَ ڳالهايو: ”پر مان! مان ته ….“
”هائو ٻچا!” هري داس هن جو جملو پورو ٿيڻ کان اڳ ۾ زهر ۾ ٻڏل لهجي ۾ چيو، ”تو ته رڳو ٽائيم پڇيو هو، رڳو ٽائيم…. اهو ته مان توکي ٻڌايان ٿو، هاڻي ڇهه وڄي ستاويهه منٽ ٿيا آهن.“
جهگي زمين تي ليٿڙڻ واري انداز سان ڦٿڪندي چيو: ”اسان کي معاف ڪر، سرڪار… اسان ڪجهه به نه ڪيو آ…“
”مان سرڪار ناهيان ڀاءُ… مان ته هڪ غريب پگهاردار ۽ خزانچي آهيان، سرڪار جي اڳيان ته هاڻي توهان کي وڃڻو پوندو، جتي ايترو جلدي توهان جي جان آزاد نه ٿيندي، مان جيڪڏهن هوشياري نه وٺان ها ته تنهنجو چاقون هن مهل تائين منهنجي پاسراٽين ۾ کپيل هجي ها، دل جي ٻسٽ… نه؟“
لاليءَ سڪل چپن مان ڦڪو ڦڪو جملو ڪڍندي چيو: ”پر مان ته ڪجهه به نه ڪيو آ، مان ته بلڪل بي قصور آن…“
هري داس هڪ ٻيو ٽهڪ ڏنو، چوڻ لڳو: ”پويان مڙي ڏس… گهٻراءِ نه، ها ها! ٿورو پوئتي ته نهار ڪر نه… پر ڏس ڀڄڻ جي ڪوشش نه ڪجو، ورنه هي گولي توهان کي اتي ئي ليٽائي ڇڏيندي… نهار ته ڪير ٿو اچي… او هوڏانهن.“
لاليءَ منهن ڦيرائي ڏٺو ته هڪدم ڊپ ويڙهجي ويس ۽ اکيون ڦاڙي جهگي ڏانهن ڏسڻ لڳو: ”پوليس…“