ناول

چيڪلو

ڪرشن چندر جي هن ناول ۾ آيل سڀئي ڪردار سٺ سال پراڻا هوندي به اڄ جي پڙهندڙن جا ڏٺل وائٺل لڳن ٿا، ۽ جيڪا اهم ڳالهه هن ناول ۾ آهي، اها هيءَ آهي ته هن ناول ۾ ڪو وڏو فلسفو بيان ڪيل نه آهي پر هڪ عام زندگيءَ کي بلڪل عام انداز سان پيش ڪيو ويو، آهي، ها البت هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ ڪرشن چندر ڪٿي ڪٿي پنهنجي فڪر ۽ فلسفي کي ظاهر ڪري پنهنجي اديب واري ذميداري به نڀائي آهي
  • 4.5/5.0
  • 1756
  • 1291
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڪرشن چندر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چيڪلو

قسط 4

مسز هوشنگ ٻائيءَ سينڊل پائي ورتو، ويندي ويندي چوڻ لڳي: ”Very well، اڄ کان تنهنجو باب خلاص، اڄ کان پوءِ نوڪريءَ لاءِ مون وٽ ڪڏهن نه اچجانءِ… Finish.“
ائين چئي مسز هوشنگ ٻائي غصي ۾ اتان هلي وئي. هن جي وڃڻ کانپوءِ ڪيتري دير تائين بلڪل خاموشي ڇانيل هئي. اوچتو شوڀا کي لڳو، ڄڻ چئني پاسي رات جو انڌيرو وڌڻ لڳو آهي ته هوءَ گهٻرائجي چوڻ لڳي:
”لالي صاحب “
”لالي صاحب “ رسنا به تپرس وچان چوڻ لڳي: ”هي تو ڇا ڪيو؟“
غصي وچان لاليءَ کيس دڙڪو ڏنو: ”مون تي ترس کائڻ جي ضرورت ناهي، ورنه هڪڙي ڏيندوسانءِ.“ لاليءَ ٿپ هڻڻ لاءِ هٿ کنيو ته رسنا گهٻرائجي وئي، لاليءَ وري شوڀا ڏانهن ڪاوڙ مان نهاري چيو: ”ڇا تو کي به مون تي ديا پئي اچي.“
”نه نه لالي صاحب.“
”ڪوڙ ٿي ڳالهائين، تنهنجي چهري تي ديا لکيل آ! تون سوچين ٿي ته اڄ لاليءَ کي مسز هوشنگ نوڪريءَ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، ته هي ويچارو ڪاڏي ويندو! ڇا ڪندو! پنندو؟ هان؟“ لالي چوندي کلڻ لڳو. پر وري هڪدم خاموش ٿي ويو، ٿوري دير بعد چوڻ لڳو: ”لالي ايترو ڪمزور ناهي.“
پوءِ شوڀا جي کاڏي پنهنجي پاسي گهمائيندي چوڻ لڳو: ”مون ڏي ڏس! ڇا مان مسز هوشنگ کانسواءِ زنده نه ٿو رهي سگهان؟ اها اهڙي ڪهڙي نوڪري آهي! مان هن کان به وڏين وڏين نوڪرين مان نڪتو آهيان منڙي.“
”پر هاڻ تون ڇا ڪندين؟“ شوڀا ڊڄندي ڊڄندي پڇيس.
”ها… هاڻ… هاڻ… اڳ ۾ ته مان ڪٿي وڃي ٺرو پيئندس.“
”ان جو مطلب آهي ته…“ شوڀا چوڻ لڳي، ”تون سچ پچ پريشان آن؟“
”پريشان ان لاءِ ناهيان ته نوڪريءَ مان نڪتو آهيان، پر پريشان ان لاءِ آهيان ته اهو دارون ملندو ڪٿي؟“
رسنا کي ياد آيو: ”اهو ته…“ وري سوچي خاموش ٿي وئي.
”اهو ته ڇا؟“ لاليءَ پڇيس.
رسنا ٿورو اک ٽيٽ سان لاليءَ ڏانهن نهاريندي چيو: ”لالي صاحب! اسان سان هلندين؟“
”اسان جي… جي جڳهه … منهنجي..“ چوڻ چاهي پئي پر شوڀا جي منهن ۾ نهاري چپ ٿي وئي.
لاليءَ کانئس پڇيو: ”ته ڇا ٺري جي بوتل جا پئسا تون ڀريندينءَ؟“
هن جو جملو ٻڌي رسنا جو منهن لهي ويو. لالي منهن ڦيرائي شوڀا ڏانهن نهاريو، هن به اکيون جهڪائي ڇڏيون. آخر لاليءَ شوڀا کان پڇيو:
”تون ڇا ڏيندينءَ؟“
شوڀا خاموش ئي هئي ته لاليءَ وري کانئس پڇيو: ”تنهنجي پرس ۾ ڪيترا پئسا آهن؟“
شوڀا هڏڪي ڏيندي چيو: ”اٺ آنا..“
لاليءَ رسنا ڏانهن نهاري پڇيو: ”تو وٽ ڇاهي؟“
رسنا اکيون جهڪائي ڇڏيون، وات سان ڪجهه نه ڪڇيائين.
تنهن تي لاليءَ دڙڪو ڏيندي پڇيس: ”مان پڇان ٿو ته تو وٽ ڪيترا پئسا آهن؟“
رسنا سڏڪڻ لڳي، لالي سمجهي ويو، هڪدم هن جي ڪاوڙ ڍري ٿي وئي ۽ نرميءَ وچان چوڻ لڳو: ”روئڻ جي ضرورت ناهي، توهان ٻئي هتي ترسو، مان ڪارنيوال مان پنهنجا ڪپڙا ۽ ٻيون شيون کڻي اچان ٿو، واپس ايندس ته ڪجهه ڏوڪڙ به آڻيندس، مون کي توهان جي پئسن جي ضرورت ناهي.“
ائين چئي هو هليو ويو.
هن جي وڃڻ کانپوءِ ٻئي ساهيڙيون خاموش هيون، رسنا سوچيو؛ ’لاليءَ هنن ٻنهي کي اتي ترسڻ لاءِ چيو آهي، اڪيلو شوڀا کي نه چيو آ…. ٻنهي کي ترسڻ لاءِ چيو آهي… ڪاش! اڄ جيڪڏهن هن سمورا پئسا خرچ نه ڪيا هجن ها …. شوڀا کي نه ڏنا هجن ها …. ته هن وقت لاليءَ کي پاڻ سان وٺي وڃڻ جهڙي هجي ها، ڪهڙو نه سهڻو موقعو هٿان نڪري ويو.‘ وري شوڀا جو اداس ۽ ملول چهرو ڏسي هن جي دل ۾ جهٻو پوڻ لڳو، ’مان پنهنجي ساهيڙيءَ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪيئن ٿي سوچيان.‘ هن همدرديءَ وچان شوڀا جي طرف نهاري پڇيو:
”توکي هن جي نوڪري وڃڻ جو ڏک آهي نه!“
”ٿورو ٿورو ..“ رسنا ٿورو سندس ويجهو ايندي چيو: ”پر تون هن جي پاسي ائين ڇو پئي نهارين؟“
” ڪجهه ناهي.“ شوڀا هڪ ٿڌو ساه کنيو ۽ چپ ٿي وئي، پوءِ هلڪي آواز ۾ چوڻ لڳي: ”اسان جي ڪري هن نوڪري ڇڏي ڏني….“
”اسان جي ڪري نه پر تنهنجي ڪري“ رسنا بيحد صاف گوئيءَ کان ڪم وٺندي چيو، چوندي هن کي پنهنجي ئي چيل جملي تي حيرت ٿيڻ لڳي. شوڀا هن جو جملو ٻڌي ڇرڪي وئي.
”منهنجي ڪري…؟ منهنجي ڪري ڇو رسنا؟“
”شايد هو توسان Love ٿو ڪري…“
”مون سان…! بلڪل به نه!“ شوڀا ڊگهو ساهه کڻندي چيو، ”هو ڪنهن سان به لَـو نه ڪندو آهي ۽ مون سان ته بلڪل به نه.“
”بلڪل ڪندو آهي ۽ صاف چٽو پٽو ڪندو آهي.“ رسنا بنا هٻڪ جي چيو.
’۽ اڄ جڏهن هن جي ذهن ۾ ڳالهه چٽي ٿي وئي هئي ته پوءِ ٻڌائڻ ۾ ڪهڙو حرج.‘ رسنا سوچيو ۽ پوءِ شوڀا جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو: ”ڪو مون سان به ته ڪندو آهي.“ رسنا چيو، ”۽ اڄ کان پهرين مون توکي نه ٻڌايو هو، ڇاڪاڻ ته تنهنجو ڪو بواءِ فرينڊ ڪونه هو… هاڻ آهي ته ٻڌائي سگهان ٿي ته منهنجو به ڪو آهي.“ پوءِ نهايت ڊرامائي انداز سان چوڻ لڳي: ”ماءِ سويٽ هارٽ.“
”ڪير آ اهو؟“ شوڀا کي ان سان ڪا به دلچسپي ڪانه هئي، پوءِ به پنهنجي ساهيڙيءَ جي دل رکڻ لاءِ پڇيو: ”ڪير آ اهو؟“
”هڪ فوجي جوان آ.“
”فوجي! ڪهڙي قسم جو فوجي؟“
”هاڻ اهو مان ڪٿي ٿي ڄاڻان ته ڪهڙي قسم جو آهي.“ رسنا چوندي گڙ ٻڙ ڪري ويٺي، ڇاڪاڻ ته هن کي بمبئيءَ آئي چند مهينا مس ٿيا هئا، ”بس هڪ فوجي آهي، پر فوجي گهڻن قسمن جا هوندا آهن ڇا؟“
”ها تڏهن!“ شوڀا چيو، ”سپاهي هوندا آهن، صوبيدار هوندا آهن، ليفٽن ٿيندا آهن، ڪپتان ٿيندا آهن، طرح طرح جا فوجي هوندا آهن.“
رسنا چوڻ لڳي: ”ته اها ڪيئن خبر پوندي ته ڪير ڪهڙو فوجي آهي.“
”انهن جي وردي مان خبر پوندي.“ شوڀا چيو.
”ورديءَ مان ڪيئن؟“ رسنا حيرانيءَ وچان پڇيس، ۽ سوچڻ لڳي، سوچيندي هن جو ڪنڌ جهڪي ويو، ٿوري دير سوچڻ کانپوءِ وري پڇڻ لڳي: ”ته ڇا ٽرام هلائڻ وارا جيڪا وردي پائيندا آهن، اهي به فوجي هوندا آهن؟“
”اون هون!“ شوڀا ڳالهايو، ”اهي ته ٽرام وارا هوندا آهن.“
”ته بس ۾ ٽڪيٽ ڏيڻ وارا وردي پوش ڪير هوندا آهن؟ ڇا اهي به فوجي هوندا آهن؟“
”نه! چري!“ شوڀا کلي ويٺي، ”اهي ته بس جا ڪنڊيڪٽر هوندا آهن.“
”پوءِ انهن کي به ته وردي پاتل هوندي آ!“
”ها، وردي ته پيل هوندي اٿن پر بندوق ته ڪانه هوندي اٿن، ڪو پستول به نه هوندو اٿن.“
”ته ڇا پستول رکڻ وارا، پوليس جا سنتري فوجي هوندا آهن.“
”نه اهي ته پوليس وارا هوندا آهن.“
”پر وردي ته اهي به پائيندا آهن،“ رسنا، پوليس وارن جو تصور ڪندي چيو.
جنهن تي شوڀا چيو: ”تون اصل ۾ نئين نئين بمبئيءَ آئي آن، بنگلور جي هڪ ڳوٺ مان … تو وانگر خالي اسڪرٽ پائڻ سان ماڻهو عقلمند ٿورو ئي ٿي ويندو آ.“
”پر تو ته هاڻي چيو ته وردي…“
شوڀا ٽوڪ واري نوع ۾ چيس: ”وردي ته ٽپالي به پائيندا آهن، ورديءَ سان ڇا ٿو ٿئي؟“
رسنا بحث جاري رکندي چيو: ”پوءِ جيڪڏهن ڪو ٽپالي، وردي پائي، هٿ ۾ پستول کڻي هلي ته ڇا اهو فوجي ٿي ويندو؟“
”اهو هٿ ۾ ڇا به کڻي هلي پر هوندو اهو ٽپالي ئي!“ شوڀا وڏي اعتماد سان چيو.
”رسنا چوڻ لڳي: ”ته فوجي اگر ورديءَ مان نه ٿو سڃاتو وڃي ۽ نه ئي پستول مان ٿو سڃاتو وڃي ته آخر ڪهڙي ڳالهه جي ڪري ٿو سڃاپجي؟“
”ان کي سڃاڻي سگهجي ٿو،“ چوندي ٿورو چپ ٿي وئي، ۽ سوچڻ لڳي ته واقعي فوجيءَ کي ڪهڙي نموني سڃاڻجي!
هن کي، پاڻ کي به ته خبر ڪانه هئي، هوءَ پاڻ به ته فوجيءَ جو صحيح تعارف ڪرائي ڪانه پئي سگهي، سوچيندي هوءِ وائڙي ٿي وئي، پر پنهنجي وائڙپ رسنا جي اڳيان ظاهر ڪرڻ نه پئي چاهيائين، ان ڪري ڳالهه بدلائي، ٿورو لنوائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳي: ”او هو! ڇڏ کڻي ان ڳالهه کي، جڏهن تون هن شهر ۾ ڪجهه ڏينهن گذاريندينءَ ته پاڻ ئي ڄاڻي وٺندينءَ، جهڙيءَ ريت هن شهر ۾ رهندي رهندي ڪجهه نه ڪجهه ڄاڻي ورتو اٿئي.“
پر رسنا کي به هو ڪو ضد چڙهيل، ان ڪري اها به برابريءَ جي سطح تي بيهڻ ۽ شوڀاکي سندس گهٽتائي محسوس ڪرائڻ لاءِ چوڻ لڳي: ”پوءِ ڪيئن خبر پوندي فوجي ڪير آهي.“
”هڪڙي نموني.“ شوڀا چيو.
ڪهڙي نموني؟“ رسنا پڇيو.
شوڀا وري ساڳئي نخري سان چيو: ”ڪنهن به هڪڙي نموني سان.“
ڄڻ هوءَ ڪا اهم معلومات لڪائيندي هجي، ڄڻ اهو ڪو راز هو جيڪو رسنا کي به معلوم نه هو، رسنا کي پنهنجي بيعزتي محسوس ٿيڻ لڳي؛ ’هوءَ اهو راز ڄاڻي ٿي، پر مون کي ٻڌائڻ پسند نه ٿي ڪري، شايد ان ڪري جو هوءَ پاڻ کي برتر ٿي سمجهي، جيتري پگهار هن کي ملندي آهي، اوتري مون کي به ملندي آهي، هوءَ اگر مون کان ڪجهه سال اڳ ۾ بمبئي آئي آهي ته ڇا ٿيو، منهنجو رنگ روپ ته هن کان به سٺو آ، عمر ۾ به بيشڪ مون کان وڏي آهي، پر منهنجي جواني… ‘
سوچيندي، رسنا روئڻهارڪي ٿي وئي: ”ٺيڪ آ، ڪري وٺ مذاق، مون کي ٻاهرين ۽ ڳوٺاڻي ڇوڪري سمجهي… پوءِ آخر مان ڇا ڪريان؟ مون کي ڪئين خبر پوي ته هو فوجي آهي، يا ته تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين، مون کي منگلوري عيسائڻ سمجهي، منهنجو مذاق پئي اڏائين، ٺيڪ آ، نه ٻڌاءِ…“
شوڀا کي مٿس رحم اچي ويو، هن روئڻهارڪي رسنا کي ڀاڪر پاتو ۽ سندس اکين ۾ ترندڙ ڳوڙها اگهندي چيو: ”اڙي چري… بس هڪڙي ڳالهه جي ڪري فوجيءَ کي سڃاڻبو آ… سليوٽ سان… هو سليوٽ هڻندو آ.. اجهو هيئن!“
شوڀا کيس فوجين وارو سلام ڪري ڏيکاريو. ان تي رسنا هڪدم خوش ٿي وئي ۽ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي، چوڻ لڳي: ”پوءِ ته منهنجو سويٽ هارٽ سچ پچ فوجي آ، هو بلڪل ائين سليوٽ هڻندو آ.“
” نالو ڇا ٿس؟“
”هن جو … نالو …“ رسنا نالو کڻڻ کان اڳ ۾ رڪجي وئي، پوءِ ٿورو سوچي چوڻ لڳي:
”نالو ڪونه ٻڌائينديسانءِ“ هن جي چنچل لهجي ۾ شرارت ڀريل هئي، شوڀا به اهڙي شرير لهجي ۾ چوڻ لڳي:
”فوجي نه هوندو نه، انڪري نه ٿي ٻڌائين!“
رسنا پير کي زمين تي هڻندي چيو: ”چڱو ٻڌايانءِ ٿي.“
”ته ٻڌاءِ به کڻي.“
”نه ٻڌائينديس.“ رسنا جي من ۾ شڪ پيدا ٿيڻ لڳو ته شوڀا هن جو نالو ڇو ٿي پڇي! رسنا جي دل ٻڏڻ لڳي؛ ’ڪٿي هي منهنجي سويٽ هارٽ کي مون کان ڇني ته نه وٺندي… ان ڪري ئي ته نه ٿي ٻڌايانس، ٻڌائڻ سٺو به نه آهي.‘
شوڀا جون اکيون شرارت وچان ستارن جيان ٽمڪڻ لڳيون، چوڻ لڳي: ”هون… ٿي سگهي ٿو… ٽپالي هجي، ويچارو.“
بس ان تي رسنا کي ڪاوڙ چڙهي وئي، اصل سڀ ڪجهه وساري صفا ڀڙڪو کائي چوڻ لڳي: ”جي نه هو ٽپالي ناهي، هرگز نه!“
”ته پوءِ ڪير آ؟“ شوڀا کيس وڌيڪ چڙ ڏياريندي چيو: ”بس ڪنڊيڪٽر؟“
”جي نه!“ رسنا لفظن تي زور ڏيندي چيو، ”پر ٿورو ترس، هن جو نالو به ٻڌايانءِ ٿي.“ ائين چوندي هن شوڀا جي منهن ۾ نهاريو ته شرمائجي وئي، چوڻ لڳي: ”مون کي شرم ٿو اچي، تون ٻئي پاسي ڏس ته ٻڌايانءِ ٿي.“ رسنا شوڀا کي ٻئي پاسي منهن ڪرڻ جو اشارو ڪيو، شوڀا ٿورو منهن پاسيرو ڪري کيس پٺي ڏني ته رسنا سندس ڪن وٽ اچي چيو: ”وليم.“
شوڀا مڙي کيس چيو: ”وليم نالو اٿس.“
رسنا هلڪي انداز سان ڪنڌ کي هاڪار ۾ ڌوڻيو.
”ڪهڙي وردي پائيندو آ؟“
”ڳاڙهي ڪوٽ واري.“
”ڳاڙهي!!“
”ها، ۽ ڪاري پتلون، جنهن جي وچ ۾ هڪ ڊگهي سونهري پٽي لڳل هوندي اٿس.“
شوڀا سوچيندي سندس جملو ورجايو: ”ڳاڙهو ڪوٽ!“
”۽ ها ڳاڙهي ڪوٽ تي به سونهري بٽڻ لڳل اٿس ۽ ڪاري ڇڄ جهڙي ٽوپي ۽ ان تي به سونهري ڳوٽو ڪناري لڳل…“
”اڙي هان، هاڻ سمجهيم! هان ته اهو ته سينيما جي ٻاهران بيٺل ڪمشنر هوندو آهي، يعني هڪ قسم جو چوڪيدار، ڳاڙهي ڪوٽ ۽ سونهري بٽڻن سان ۽ ڇڄ جهڙي ٽوپي… اهو ئي ته آهي، جڏهن ڪا وڏي گاڏي سينيما جي سامهون اچي بيهندي آهي ته هو موٽر جو در کولي، اندر ويٺل امير شخص کي سليوٽ هڻندو آهي، معنا تنهنجو سويٽ هارٽ ته رڳو چوڪيدار آ، ڇا سمجهيهءِ چوڪيدار.“ شوڀا کيس وليم جي معمولي سپاهي هجڻ جو احساس ڏياريندي چيو.
ان تي رسنا به سڙي وئي: ”ته تنهنجو لالي ڇاهي؟“
”لالي!“ شوڀا حيران ٿي پڇيس، لالي ان وچ ۾ ڪٿان اچي ويو، لاليءَ جو ان سان ڪهڙو واسطو!“
”ڇو نه؟“ کڙي تڙي جواب ڏيندي چوڻ لڳي: ”اگر تون منهنجي سويٽ هارٽ متعلق اهڙيون ڳالهيون ڪري سگهي ٿي ته مان تنهنجي لاليءَ لاءِ ڇو نه ٿي ڳالهائي سگهان.“
شوڀا غصي وچان چوڻ لڳي: ”لالي منهنجو ڇا لڳندو آ؟ واه وهيل مڇيءَ جي سواري ڪندي، جيڪڏهن هن ٿوري دير لاءِ منهنجي چيلهه کي ڇهيو ته مان ان کي منع ڪيئن ٿي ڪري سگهيس!“
”ته ڇا هن جو ڇهڻ توکي سٺو نه لڳو هو؟“
”نه ته!“ شوڀا ڪوڙ ڳالهايو.
”ته پوءِ تون ان جو انتظار ڇو پئي ڪرين؟“ رسنا چوڻ لڳي“ ”گهر ڇو ڪونه ٿي وڃين؟“
”تون به ته ان جو انتظار ڪري رهي آهين؟“ شوڀا جواب ۾ چيو.
”مان… ته …“ رسنا ٿورو ترسي وري چوڻ لڳي، ”مان ته ان لاءِ بيٺي آهيان جو هن چيو آهي ته، تهان ٻئي اتي ترسو، اڪيلو توکي نه پر مون کي به ترسڻ لاءِ چئي ويو آهي ۽ …“
رسنا ڪجهه ٻيو چوڻ واري هئي ته سامهون لالي به واپس ايندي نظر آيو. هو سيٽيون وڄائيندي، وڏي لاپرواهيءَ سان، ڪوٽ ڪلهي تي رکي، ٽوپيءَ کي وڏي ادا سان نراڙ جي پاسي تي لڙڪائي، ڊگهيون ڊگهيون ٻرانگهون ڀريندو اچي رهيو هو، هن کي ڏسي ٻئي ساهيڙيون پاڻ ۾ تون تون مان مان ڪرڻ ڇڏي، چپ ٿي ويون. ايندي ئي هن حيرت وچان ڀرون چاڙهي ڇڏيون ۽ ڳچيءَ کي ٿورو ٽيڏو ڪري چوڻ لڳو:
”اڙي، توهان ٻئي اڃان اتي ئي بيٺيون آهيو؟ هتي ڇا پيون ڪريو؟“
رسنا ٿورو ان جي ويجهو وڃي چيو: ”تون ئي ته چيو هو هتي ترسڻ لاءِ!“ رسنا ٿورو رازداريءَ واري انداز سان کيس تون چئي مخاطب ڪيو. انهيءَ تون چوڻ جو مطلب، شوڀا کان علاوه، لاليءِ سان الڳ ۽ خاص رشتو پيدا ڪرڻ هو، پر لاليءَ رسنا کي دڙڪو ڏئي ڪڍيو.
”تون سدائين وچ ۾ ڳالهائيندي آن، تو سان ڪير ٿو ڳالهائي.“
رسنا کي جواب ملي ويو، پر هوءَ به ڍيٺ ٿي بيٺي: ”تو اسان کان پڇيو ان ڪري مون ڳالهايو.“
”شٽ اپ…“ لاليءَ سخت لهجي ۾ کيس جهڻڪيو، ”منهنجو توهان ٻنهي سان ڪهڙو واسطو، ڀائي.“
اهو ٻڌي، شوڀا جي منهن جو رنگ اڏامي ويو.
لاليءَ به هڪدم چئي ڏنو: ”منهنجو مطلب آهي ته توهان مان هڪڙي ڄڻي ترسي، ٻي هلي وڃي.“
ڄڻ هن کي ان ڳالهه جي پرواهه ئي ڪانه هئي ته ڪير ترسي ۽ ڪير هلي وڃي. هو پنهنجي آڱرين جي ننهن کي ڏندن ۾ وجهي ڪاٽڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، ۽ اک ٽيٽ سان ٻنهي ڏانهن ڏسڻ لڳو ته سندس جملي جو ٻنهي تي ڪهڙو اثر ٿيو آهي.
رسنا ۽ شوڀا هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳيون، پوءِ ٻنهي لاليءَ جي طرف نهاريو، جيڪو پنهنجي منهن ننهن چٻاڙڻ ۾ مشغول هو.
رسنا چيو: ”ته ٺيڪ آ…“
شوڀا به ائين ئي چيو: ”ته ٺيڪ آ…“
پر ٻنهي مان ڪير به پنهنجي جاءِ تان ڪانه چُري. ٻئي ان انتظار ۾ هيون ته هوءَ وڃي، مان ترسي پوان، پر انهن ٻنهي مان ڪا به نه وئي، لاليءَ انهن ڏانهن رخ ڪندي چيو:
”توهان ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي وڃڻو پوندو.“
وري رسنا جي پاسي نهاري چوڻ لڳو: ”تون ڪاٿي نوڪري ڪندي آن؟“
رسنا چوڻ لڳي: ”مان کاڌ ۾، پندرهين سڙڪ تي.“
”۽ تون؟“ هن شوڀا تي ڪجهه اڇاتري نظر وڌي.
”مان به اتي ئي رهندي آن.“ شوڀا چيو.
لاليءَ پنهنجي پتلون تا مک هٽائڻ وارو انداز ڪندي چيو: ”توهان ٻنهي مان هڪ کي گهر وڃڻو پوندو، ۽ هڪ come on، توهان ٻنهي مان هڪ هتي بيهي سگهي ٿي، جلدي ٻڌايو، ڪير ٿي بيهي، جلدي جلدي ٻڌايو، مون وٽ وقت ڪونهي“
رسنا، لاليءَ جو مغرور چهرو، مضبوط گردن، نراڙ تي لڙڪيل وارن جي چڳ ڏسي سڀ ڪجهه وساري ويٺي، شوڀا جي طرف اشارو ڪري چوڻ لڳي: ”هيءَ هتي بيهندي ته هن جي نوڪري هلي ويندي.“
”ڪنهن جي نوڪري؟“ لاليءَ پڇيو.
”شوڀا جي!“
”هن کي ستين وڳي تائين واپس پهچڻ گهرجي، نه ته گهر جي مالڪياڻي هن کي نوڪريءَ کان جواب ڏئي ڇڏيندي، اهو ئي چئي آئي هئي.“
لاليءَ شوڀا ڏانهن نهاري پڇيو: ”ڇا اهو سچ آهي؟“
”ها…“
”ته ڇا ٿيو، منهنجي نوڪري به ته هلي وئي آ.“
هائو، تنهنجي نوڪري به ختم ٿي وئي آ.“ شوڀا هٻڪندي چيو.
الائي ته ڪهڙي ڳالهه هئي، جو شوڀا جي دل خوشيءَ ۽ اميد سبب ڏڪڻ لڳي هئي، هن کي نه پنهنجي نوڪريءَ جي وڃڻ جو خيال پئي ٿيو، نه لاليءَ جي نوڪري ختم ٿيڻ جو ڪو غم. دل ۾ بس ڪنهن گل جي ڪونپل ڦٽڻ لڳي، ڪي دف وڄڻ لڳا، ۽ ڄڻ مچ تي جسم جي سيڪڻ جو احساس، روح ۾ ڪا مهڪ اچي واسو ڪيو هوس، اکيون لاليءَ جي پياري مکڙي تي ڄمي ويس، لڳس پئي ته هاڻ هيڏي هوڏي ڪڏهن به نه ڀٽڪنديون، شوڀا، لڄ کان وياڪل ٿيندي، انهن نظرن کي لاليءَ جي چهري تان هٽائڻ چاهيو، پر ڪي نگاهون ڏاڍيون بي شرم ٿينديون آهن، ڄمي وڄن ته هٽنديون ئي ناهن…. ’هاءِ هاڻ ڇا ٿيندو…؟ ڪيئن پنهنجو نگاهون جهڪائي،‘ لاليءَ کي محسوس ٿي ويو ته هو ڇا ڪرڻ وارو هو، ايتري ۾ هن جي ڪنن تي رسنا جو حسرت ڀريو آواز آيو:
”ته مان وڃان شوڀا؟ هلي وڃان؟“ آواز ۾ بيحد مايوسي هئس.
شوڀا جي واتان رڳو ايترو نڪتو: ”مان ڪيئن ٿي چئي سگهان.“
رسنا لاليءَ جي پاسي ڏٺو، پر لالي شوڀا جي طرف نهاري رهيو هو، ڪجهه چوڻ کانسواءِ شوڀا ۽ لاليءَ پنهنجي رستي تا رسنا کي هٽائي ورتو هو، ڄڻ ته هوءَ اتي موجود ئي ڪانه هئي، موجود هوندي به شايد هلي وئي هئي.
ڀلا ترسي به ڇا ڪري، رسنا افسوس وچان ڊگهو ساهه کڻي چيو: ”چڱو شوڀا، ٺيڪ آ…. تون ترس.“
لالي اوچتو ڇرڪي ويو: ”ڇا سچ پچ تنهنجي نوڪري هلي ويندي؟“
”گهڙي گهڙي پڇندين ڇا؟“
لالي خاموش ٿي ويو، دوڏا ڦاڙي شوڀا ڏانهن ڏسڻ لڳو، رسنا هلڪي آواز ۾ چيو: ”ته مان وڃان شوڀا؟“ هن اهڙي ته ڌيرج ۽ هلڪي آواز ۾ چيو جيئن ڪو آهستگيءَ سان ڪنهن جو پلهءُ پڪڙي ۽ ڇڏڻ لاءِ تيار نه جي.
هي سوال نه هو، التجا هئي، ته مان وڃان شوڀا، يعني مون کي واپس وڃڻ لاءِ ڇو ٿي چوين! شوڀا مون کي روڪي وٺ نه، لاليءَکي سمجهاءِ نه.
شوڀا وڏي بيدرديءَ واري انداز ۾ چوڻ لڳي: ”چڱو رسنا تون واپس هلي وڃ.“
شوڀا کيس اهو ئي چيو، جنهن جي هن کي اميد هئي، پر هوءَ اهو ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئي. هن جو من ساڻو ساڻو ٿيڻ لڳو، هوءَ آهستي آهستي واپس وڃڻ لڳي، پر ڪجهه وکون کڻي وري هنن ڏانهن واپس موٽي آئي ۽ ٻنهي ڏانهن نهاري چوڻ لڳي: ”گڊ نائيٽ“
(4)
مگر هو ٻئي هڪ ٻئي ۾ ايترو کوئجي ويا هئا جو ٻنهي مان ڪنهن به هن جي گڊ نائيٽ جو جواب نه ڏنو، رسنا ٿوري دير اتي بيٺي رهي ته ’متان انهن ٻنهي مان ڪو کيس گڊ نائيٽ جو جواب ڏئي وجهي، شايد هن جي پاسي نهاري، سندس اکين ۾ منتظر حسرت پڙهي کيس روڪي وٺن، شايد شوڀا جو ارادو بدلجي وڃي ۽ هوءَ پنهنجي ساهيڙيءَ جي خاطر رسنا سان واپس گهر موٽي هلي،‘ پر لڳو ٿي ته شوڀا جو اهڙو ڪوبه ارادو ڪونه هو، هن ته ڏانهس نهاريو ئي ڪونه پئي.
سوچڻ ڇڏي! رسنا مڙي ٻوٽن واري پاسي هلي وئي، پر شوڀا ۽ لاليءَ کي خبر ئي ڪانه پئي ته ڪير وٽن آيو هو، ڪير وٽائن هليو ويو، هو ٻئي هڪ ٻئي قريب ٿيندا ويا…. لالي ۽ شوڀا….
ٻئي دنيا جهان کان بي خبر پارڪ جي هڪ هلڪي اونداهين ڪنڊ جي پاسي وڃڻ لڳا. جتي ٻوٽن ۽ وڻن جي وچ ۾ لڪل، ڪاٺ جي هڪ بينچ پئي هئي ۽ جنهن جي سامهون بجليءَ جو ٿنڀو لڳل هو، بلب جي روشني پنن مان ڇڻي، ڪاٺ جي رنگين بينچ جي هڪ ٻن جاين تي پئجي رهي هئي. ٻئي ڄڻا خاموش، بينچ جي طرف وڌندا پئي ويا، ۽ ڪارنيوال مان موسيقيءَ جا آواز پئي آيا.
ماڻهن جي ڳالهائڻ جا نه سمجهه ۾ ايندڙ آواز، هڪ لمحي جي خاموشي، وري ماٺ جي ٿان کي چيريندي ڪنهن ٻار جي روئڻ ۽ جهنجهڻ جي آواز جون لهرون … وري ماٺ، ان سناٽي ۾ ڪنهن ڪار جي هارن جو آواز به ٻڌڻ ۾ ٿي آيو، ڪار پري ٿيندي وئي، هو بينچ جي ويجهو پئي آيا، گڏ گڏ هلندي هڪ ٻئي جي بلڪل ويجهو… ڪنهن مقناطيسي ڏور سان ٻڌل… ٻن ٻيڙين جيان، هڪ لهري تي لڏندي …
’اهڙو پل ته ڪڏهن نه آيو هو هن جي جيون ۾، هي ڇا پئي ٿيو! هن قدم ڇو پيا ٿڙن… هوءَ بينچ ڇو نه ٿي ويجهو اچي، شايد هوءَ بيهوش ٿي ڪري پوندي، شايد لالي کيس کڻي بينچ تائين رسائيندو…‘
نه معلوم ڪڏهن اها بينچ آئي، ڪڏهن سهارو ڏئي هن کي لاليءَ بينچ تي ويهارو، هوءَ واقعي ڪنهن معصوم ڪبوتريءَ وانگر لاليءَ جي ڀر ۾ ويٺي هئي، ڳالهائي…
ها… ڪا ڳالهه ته هن کي، ساڻس ڪرڻ گهرجي… ٻئي ڪجهه نه ٿا ڳالهائن، ٻئي چپ آهن، ڪيترو نه ڳورو لمحو هو، ڪنهن ٽائيم بم جيان خطرناڪ ۽ وري ڌڪ ڌڪ ڪندڙ هيانءُ، جيڪڏهن هن جلدي نه ڳالهايو ته شايد هي لمحو بم وانگر ڦاٽي پوندو، شايد هن جي سموري زندگي … هوءَ ۽ لالي ٻئي…. هوا ۾ ذرو ذرو ٿي وکري ويندا… هن کي ڳالهائڻ گهرجي… پر هزار ڪوششن جي باوجود هوءَ ڪجهه چئي نه سگهي، هن کي لڳو ٿي ته ڪنهن سندس نڙيءَ کان جهلي گهٽو ڏئي ورتو آهي، هن جو سمورو وجود ڏڪي رهيو آهي. اوچتو لاليءَ وڏي اطمينان سان ۽ غير جذباتي نوع ۾ هن کان پڇيو:
”تون ڇا ڪندي آن؟“
لاليءَ جي ان غير جذباتي لهجي، ان جي پيار جي تصور ۾ وڪوڙجي ويل ڌنڌ کي هڪدم هٽائي ڇڏيو، شوڀا کي پنهنجي خشڪ ٿيل نڙي آلي ٿيندي محسوس ٿي، هن آهستگيءَ وچان چيو:
”مان ڪُڪ آهيان، رڌو پڪو ڪندي آهيان.“
”۽ رسنا؟“
”هوءَ ته رڳو ٻهارو ڪندي آهي، شوڀا ٿورو حقارت واري انداز سان چيو.
لاليءَ پنهنجي نراڙ تان وارن جي چڳ کي هٽايو. شوڀا جي دل چاهيو ته جيڪر سندس اها چڳ هوءَ پاڻ هٽائي، ۽ کيس چوي ته ’اهو ته منهنجو ڪم آهي،‘ پر شرم کان ڪجهه نه چيائين. البت اهو سوچيندي ئي شرم کان هن جو چهرو سرخ ٿي ويو، سموري جسم ۾ ڄڻ ڪيوليون هلڻ لڳيون .
لاليءَ پڇيس: ”ڪارنيول جي پارڪ ۾ ڪجهه کاڌو پيتو به هيهءِ؟“
”نه !“
”ڪجهه کائيندينءَ، اُتي هلي.“
”نه“
”ڪنهن ٻئي هنڌ هلي کائيندينءَ؟“
لالي سيٽي وڄائڻ لڳو، شوڀا ساڙهيءَ جي پلوَ کي مروڙڻ لڳي، لاليءَ سيٽي وڄائڻ بند ڪئي، شوڀا پلوَ کي مروڙڻ بند ڪيو، لاليءَ هن ڏانهن نهاري چيو:
”تون ڪارنيوال ۾ گهٽ ايندي آن… مون توکي رڳو ڇهه ڀيرا ڏٺو آهي.“
”ها اٽڪل ست اٺ ڀيرا ئي آئي آهيان.“
”تو مون کي ڏٺو هو؟“
”هان… ها.“
”۽ توکي خبر هئي ته مان لالي آهيان.“
”معلوم ڪري ورتو هيم.“ شوڀا ڏانهنس نهاري وري پنهنجون نظرون هٽائي ڇڏيون. لالي مرڪڻ لڳو، ڪجه لمحن کانپوءِ چوڻ لڳو:
”تنهنجو ڪو بواءِ فرينڊ آهي.“
”نه …“
”ڪوڙ نه ڳالهاءِ.“
”توسان ڪوڙ نه ڳالهائيندم.“
”ڪيترا سال ٿيا آهن توکي بمبئيءَ ۾ ڪم ڪندي؟“
”ست سال“
”۽ انهن ستن سالن ۾ تنهنجو ڪو بواءِ فرينڊ نه ٿيو آهي، تون چاهين ٿي ته مان تنهنجي ان ڪوڙ تي يقين ڪري وٺان.“
”سچ ته چوان ٿي، هڪڙو به بواءِ فرينڊ ناهي.“
”اهو لڪ لڪاءُ ڪنهن ٻئي سان ڪجانءِ.“
”تون ضد ڇو ٿو ڪرين ته ڪو آهي.. ۽ تنهنجو زور ان تي آهي ته ڪو ضرور آهي!“
”ڇاڪاڻ ته تون هن وقت هن بينچ تي مون سان گڏ ويٺي آهيان، جيڪڏهن تنهنجو ڪڏهن ڪو بواءِ فرينڊ نه رهيو آهي ته تون رات جي هن وڳڙي ۾ مون سان هن بينچ تي هن ريت نه ويٺي هجين ها، ڀوَ کان ڀڃي وڃين ها…“
”پر مون کي توکان ڀئُه نه ٿيندو آ.“
لالي زور سان کلڻ لڳو، ”ڪيتري نه احمق آن، لاليءَ کي نه ٿي سڃاڻين، ٻاهر جي ڪنهن بوٿ تان خبر وٺي وٺين هان! ڪيتريون ئي ڇوڪريون مون تي مرنديون آهن.“ هن جي لهجي ۾ غرور ۽ وڏائي وڌڻ لڳي: ”هر ڪا ڇوڪري مون کي بواءِ فرينڊ بنائڻ لاءِ تيار آهي، تو جهڙي بورچياڻيون نه بلڪ اهڙيون اهڙيون ڇوڪريون، جيڪي نرسون آهن، ۽ ٽائيپسٽ، جيڪي وڏن وڏن دفترن ۾ ڪم ڪنديون آهن، مان انهن مان ڪنهن کي به پسند ڪري سگهان ٿو.“ لالي پاڻ پڏائڻ واري انداز ۾ چيو.