قسط 7
”هن جي قسمت به سڌري پوندي.“ مسز هوشنگ چوڻ لڳي، ”پوءِ هوءَ به ڪنهن بنگلي ۾ بورچياڻي ٿي ويندي، پنهنجي چاچيءَ وٽ نه پئي هوندي… هل لالي، اتي توکي سڀڪجهه ملي ويندو… مهانگا سگريٽ، بيئر، روزاني چار رپيا ڏينديسانءِ، سنڊي جو ڇهه رپيا ڏينديسانءِ، ۽ ڪارنيوال جو هنگامو، گانا، ناچ، ڇوڪرين. مايون، نت نوان ڪپڙا… مان توکي هميشه سٺو رکيو آ.“ چوندي پنهنجو هٿ لاليءَ جي ٻانهن ۾ پيل گهڙيءَ تي رکيائين، ”هيءَ گهڙي به ته مون ئي توکي وٺي ڏني هئي.“
لاليءَ جون اکين چنجهيون ٿي ويون، چپ ڀيڪوڙجي ويس، نراڙ ۾ به گهنج پئجي ويس، سوچيندي چوڻ لڳو: ”پر هوءَ شريف ڇوڪري آ، ٻيهر نوڪري نه ڪندي.“
مسز هوشنگ هلڪو مرڪي چوڻ لڳي: ”تون سمجهي ٿو ته تون هن کي ڇڏي ڏيندين ته هوءَ مري ويندي؟ اڙي لالي، اگر ائين ڇوڪريون مرڻ لڳن ته جيڪر بمبئيءَ ۾ هڪ ڇوڪري به باقي نه بچي.“
لالي قائل ٿيڻ واري انداز سان هوشنگ جي اکين ۾ نهارڻ لڳو، مسز هوشنگ به مسڪرائيندي سندس اکين ۾ نهاريو. لاليءَ جي چهري تي مرڪ اچي وئي، چوڻ لڳو: ”ته ڇا گرڌر کي ڪوئي پسند نه ٿو ڪري؟“
”هن ۾ اها ڳالهه ڪاٿي آ، جا تو ۾ آ.“
”ته… پوءِ؟“
”بس وڌيڪ ڊيگهه نه ڪر،“ مسز هوشنگ لاليءَ کي پنهنجي پاسي جهڪندي محسوس ڪيو ته هن جي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ وٺي چيو: ”هاڻي موٽي هل … تون ڪارنيوال جي خوبصورت زندگيءَ لاءِ بڻيو آهين، هتي هن کوکي ۾ سڙڻ لاءِ نه! هوءَ زندگي آهي تنهنجي لاءِ … آرام واري زندگي، صاف سٿرا ڪپڙا، کل ڀوڳ، موسيقي، مان توکي اها منڊي به ڏئي ڇڏينديس… جيڪا منهنجي مڙس، مون کي ڏني هئي.“
لالي سوچيندي چوڻ لڳو: ”پر شوڀا تنهنجي ان حرڪت کي پسند ڪندي؟ ۽ جيڪڏهن مان موٽي به هلڻ جو فيصلو به ڪريان ته هن منڊيءَ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي، هلان ته هوءَ منهنجي زال ته رهندي نه؟“
اوچتو مسز هوشنگ ڄڻ ڇرڪ ڀريو، لالي حيران ٿي هن جي طرف ڏٺو:
”ڇا ٿيو؟“
”ٻڌ! مسز هوشنگ هن کي سمجهائيندي چوڻ لڳي: ”جڏهن منهنجي بوٿ تي تنهنجي ڪري ٽڪيٽ خريد ڪرڻ وارين ڇوڪرين کي خبر پوندي ته تون شادي شده آهين، ۽ روزاني شام جو هن وٽ گهر ويندو آهين ته تنهنجي هٿان ٽڪيٽ ڪير خريدڻ ايندو! تنهنجي سموري ڪشش ۽ دل کسڻ واري ڳالهه ئي ان ۾ آهي ته تون ڪنوارو آهين… ڪنوارو رهندين ته هن ڇوڪريءَ کي ڇڏڻو پوندءِ!“
”مان سمجهي ويس ته تون ڇا ٿي چاهين.“ لالي چوڻ لڳو.
پر مسز هوشنگ هن کي سندس جملي جو جواب نه ڏنو، جڏهن لاليءَ هن ڏانهن نهاريو ته هن پنهنجون پلڪون جهڪائي ورتيون، لاليءَ پڇيس:
”ته اها سَهري واري منڊي مون کي ڏيندينءَ؟“
”ها ڏئي ڇڏينديس.“
لالي خوشيءَ وچان ڪنڌ ڌوڻيو، ته وارن جي اها ڇڙواڳ چڳ سندس نراڙ تي لڙي آئي ته مسز هوشنگ وڏي پاٻوه مان سندس نراڙ تان اها چڳ هٽائي، چوڻ لڳي: ”جيڪي چاهين وٺي سگهين ٿو.“ هن جون آڱريون آهستي آهستي لاليءَ جي نراڙ تي سرڪڻ لڳيون.
لالي وري اداس ٿي ويو: ”مان هن گهر ۾ خوش ناهيان.“
”هتي تنهنجي سار سنڀال ڪرڻ وارو ڪوئي ناهي،“ هن سندس وارن ۾ آڱريون ڦيرڻ شروع ڪيون ته ايتري ۾ شوڀا به رنڌڻي مان چانهن جا ڪوپ کڻي آئي، هن کي ڏسي مسز هوشنگ هڪدم پنهنجو هٿ هٽائي ورتو ۽ پاڻ سنڀالي ويهڻ لڳي، پر شوڀا ڏسي چڪي هئي، ۽ لاليءَ کي به معلوم هو ته شوڀا ڏسي ورتو آهي، ان ڪري شوڀا جي هٿن مان چانهن وٺي دهمان ٻڌي کيس چوڻ لڳو: ”ڪجهه گهرجئي؟“
”نه ته….!“ شوڀا گهٻرائجي، واپس رنڌڻي ڏانهن هلي وئي.
هن جي وڃڻ کانپوءِ مسز هوشنگ ڳالهه کي ٻيو رخ ڏيندي چيو: ”هوءَ پوڙهي چاچي کلڻي چوي ٿي ته … هڪ هٽ واڻيو آهي، بسنتو… رنڙ آهي، پر هن سان…“
”معلوم آهي مون کي، معلوم آهي.“لالي ٿورو سخت لهجي ۾ چيو، ائين لڳو ڄڻ هن کي اهو ذڪر سٺو نه لڳو هو، مسز هوشنگ خاموش ٿي وئي. ايتري ۾ شوڀا رنڌڻي مان وري موٽي آئي، جنهن تي لاليءَ وري به ڪرڙين نظرن سان ڏسندي پڇيوس: ”وري ڇاهي؟“
”لالي مون کان وري به وسري ويندو، مون کي ڪجهه ڳالهائڻو آ، توسان.“
”چَوڻو اٿي ته چهءُ.“
“هو مان….“ شوڀا رڪجي وئي، ”مان ڪلهه به توسان ڳالهائڻ ٿي چاهيو… پر.“ وري رڪجي وئي.
”ها ها ٻڌاءِ.“
”اڪيلي ۾ ٻڌائينديسانءِ… اندر ڪچن ۾ اچ…“ هن رنڌڻي جي پاسي اشارو ڪندي چيو، ”هڪ منٽ ۾ ٻڌائي وٺندس.“
لالي خفي ٿيندي چيو: ”ڄاڻين ٿي ته مسز هوشنگ سان هن جي ڪم بابت پيو ڳالهايان، وچ ۾ اچي ٿي وڃي پنهنجي فضول ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ…“
شوڀا ٿورو هٻڪندي چيو: ”بس هڪ منٽ لڳندو.“
”گيٽ آئوٽ…“ لالي غصي وچان چيو.
”مان ته رڳو ايترو ٿي چوان ته هڪ منٽ منهنجي ڳالهه ٻڌي وٺ … ۽ اها ڪا فضول ڳالهه ناهي…“
”وڃين ٿي يا ڏيانءِ.“ لاليءَ پنهنجي هٿ الاريندي چيس.
شوڀا اتي ئي، سندس سامهون ڄمي بيهي رهي :”نه ويندس.“
لالي هن کي مارڻ لاءِ صوفي تان اٿي بيٺو ته مسز هوشنگ ٻائيءَ هڪدم ڳالهايو: ”هون هون، مارجانس نه… تون هن جي ڳالهه ٻڌي وٺ، ٻڌڻ ۾ ڇاهي! هڪ منٽ جي ئي ته ڳالهه آهي، ان هڪ منٽ ۾ ڇا ٿي ويندو، هن جي ڳالهه ٻڌي وٺ، جيستائين مان هن پاسي اسٽوڊيو جي ٻاهران ديوار تي لڳل تصويرون ڏسي ٿي وٺان…“
مسز هوشنگ ٻائي ٻنهي کي اڪيلو ڇڏي ڪمري کان نڪري وئي، لالي سخت ڪاوڙ وچان گهوريندڙ نگاهن سان ڏانهنس ڏٺو، شوڀا چوڻ لڳي: ”ائين گهوري مون ڏي نه ڏس، مارڻ ٿو چاهين ته ٻه ٽي ڌڪ هڻي وٺ، مون کي ڪنهن جو ڀهءُ ناهي، ڇاڪاڻ ته مون کي جيڪي ڪجهه چَوڻو آهي، توکي ئي چَوڻو آ…“
لاليءَ ڏند ڪرٽيندي چيو: ”ته جلدي ٻڌاءِ نه.“
”ايترو جلدي نه چئي سگهندس،“ شوڀا آهستگيءَ سان چيو، ۽ ڪوپ کڻي، لاليءَ کي ڏيندي چيو: ”تون چانهن ڇو نه ٿو پيئين؟“
”مان چوانءِ ٿو ته …“
””نه…“ شوڀا چوڻ لڳي، ”جيستائين چانهن پوري ڪندي منهنجي ڳالهه به پوري ٿي ويندي.“
لاليءَ هن جي هٿن مان چانهن جو ڪوپ وٺي پيئڻ لڳو، ڍڪ ڀري چوڻ لڳو: ”بس…“
هوءَ چوڻ لڳي: ”ڪلهه جڏهن ماکي چڪر پيا اچن نه، ۽ تون مون کان پڇين به پيو…“
”ها ته پوءِ؟“
”ها ته بس، اها ئي ڳالهه آ…“ شوڀا گهرو ساه کنيو.
”ته ڇا تون بيمار آن؟“
”نه… پر تو پڇيو هو نه ته منهنجو مٿو ڇو ٿو ڦري، مون کي چڪر ڇو پيا اچن… مان بدليل بدليل ڇو ٿي نظر اچان!“
”ها …. بدليل بدليل پئي نظر اچين ان ڪري پڇيو هو! شايد بسنتي جي ڪري … مون ان ڪري پڇيو هو.“
”ڇا؟؟“ شوڀا حيرت وچان چيو، پر جلدئي هن جي ڳالهه سمجهي، کلي چوڻ لڳي: ”اون هون! منهنجو بدلجڻ ان جي ڪري نه هو، مورک، اها هيءَ ڳالهه آ.“ ائين چوندي شرمائجي وئي، ”مون کي شرم ٿو اچي.“
”اهڙي بري ڳالهه آ ڇا؟“ لالي سنجيده ٿي ويو.
”بري ڳالهه ته ناهي.“ شوڀا چوڻ لڳي: ”بلڪل به نه ، پر…“
لالي وڏي آواز ۾ چيو: ”سالي بڪواس ڪندي پئي وڃين، ٻڌائين ڇو نه ٿي ته ڇا ڳالهه آهي؟“
شوڀا سڏڪڻ لڳي: ”مان امان ٿيڻ واري هان.“ ائين چئي شوڀا پنهنجي منهن تي هٿ رکي روئندي رنڌڻي ڏانهن هلي وئي، ايتري ۾ جهگو ٻاهران آيو ۽ لاليءَ کي اڪيلو ڏسي، سندس ويجهو اچڻ لڳو. لالي پنهنجي خيالن ۾ گم هو ان ڪري هن جهگي کي ايندي نه ڏٺو. چانهن جو ڪوپ هن جي هٿ ۾ هو… هن جي نظر جهگي تي پئي ته هن انهيءَ حيرت واري حال ۾ جهگي کي چيو:
”جهگا… شوڀا کي ٻار ٿيڻ وارو آهي!“
جهگو پنهنجا ننهن ڏندن سان ڪاٽيندي چوڻ لڳو: ”هان اڙي! ٻار؟ … ها ته ڇا ٿيو، ٻار ته ٿيندا ئي رهندا آهن، روز روز پيا ڄمندا آهن، ساري دنيا ۾ پيا ڄمندا آهن….“
”گيٽ آئوٽ…“ لاليءَ کي هڪدم ڪاوڙ اچي وئي، جهگو بنا ڪنهن ردعمل ڏيڻ جي، ڪنڌ جهڪائي اسٽوڊيو مان ٻاهر هليو ويو. هن جي ويندي ئي مسز هوشنگ اندر آئي، ايندي ئي شوڀا جي باري ۾ پڇڻ لڳي: ”هلي وئي هوءَ؟“
”ها…“
مسز هوشنگ اطمينان جو ساه کنيو ۽ پوءِ پنهنجو ٻٽون کوليو: ”ته مان توکي ويهه رپيا پيشگي ڏيان ٿي!“
ائين چوندي هن ٻٽونءَ مان ڏهن ڏهن رپين جا ٻه نوٽ ڪڍيا ۽ لاليءَ جي طرف وڌايا: ”اچي…“
پر لاليءَ پنهنجي هٿن ۾ چانهن جو ڪوپ جهليو هو ۽ ان مان چانهن کي وڏي اطمينان سان پيئڻ لڳو.
”هان هي وٺ ايڊوانس…“
مسز هوشنگ ٻائيءَ ٿوري ڌَنَڪ ۽ حڪم واري انداز سان چيس، پر لالي وڏي اطمينان سان چانهن پيئندو رهيو، ان دوران هن نرميءَ سان کيس چيو:
”مسز هوشنگ ٻائي هاڻي تون پنهنجي گهر وڃ.“
مسز هوشنگ ٻائي سڪتي ۾ اچي وئي، چوڻ لڳي: ”ڇا ٿيو آ توکي؟“
لاليءَ وري به نرميءَ ۽ هيج وچان چيو: ”گهر وڃ هوشنگ ٻائي، ڏسين نه ٿي ته مان پنهنجي گهر ۾ چانهن پي رهيو آهيان.“
”ضرور … تون پاڳل ٿي ويو آن…“ هن حيران ٿيندي چيو.
لاليءَ ٿورو ڪڙڪي سان چيو: ”وڃين ٿي يا ڏيانءِ هڪڙو هٿ…“
مسز هوشنگ، رقم پنهنجي ٻٽونءَ ۾ رکندي چيو: ”ٺيڪ آ… هاڻي زندگي ڀر توسان نه ڳالهائينديس…“ ائين چوندي هن پنهنجا چپ ڀيڪوڙي ورتا.
لالي زور سان کلڻ لڳو: ”اڙي! نه ڳالهائيندينءَ؟ ته پوءِ ته مان مري ويندس…ان غم ۾.“
”گڊ باءِ…“ مسز هوشنگ ٻائي پنهنجي ڪاوڙ کي مشڪل سان روڪيندي، نهايت ٿڌي دل سان چيو، ۽ پوءِ جلدي ڪمري مان نڪري وئي، لاليءَ ٻئي هٿ جوڙي هن جي پويان ئي نمستي ڪري ورتس ۽ پوءِ جهگي کي چوڻ لڳو: ”جهگا او اڙي جهگا..!“
جهگو جيڪو اسٽوڊيو جي ڀت سان ٽيڪ ڏيو بيٺو هو، هڪدم ڀڄندو آيو ۽ هن جي سامهون اچي بيهي رهيو، لاليءَ کانئس پڇيو: ”تو چيو هو ته تون تمام گهڻا رپيا حاصل ڪرڻ جي ترڪيب ڄاڻي ٿو.“
”ها ڄاڻان ته ٿو…“
”ڪيترا رپيا…؟
لاليءَ پڇيس.
”جيترا تو زندگيءَ ۾ به نه ڪمايا هوندا.“
”پر ڪيئن؟“
”اهو مان…“ هو چپ ٿي ويو، پر وري پنهنجي خاص انداز سان نظرون لاليءَ تي ڄمائي چوڻ لڳو، ”اهو مان تو کي بعد ۾ ٻڌائيندس…“ ائين هن ان ڪري چيو جو هن ڊارڪ روم مان چاچي کلڻيءَ کي چانهن جي ڪيتلي کڻي ايندي ڏسي ورتو هو، هوءَ بڙ بڙ ڪندي پئي آئي، لاليءَ کي جهگي سان گفتگو ڪندي ڏسي هن جي شڪل جا ڀاوَ بدلجي ويا:
”ايندي ئي چانهن گهرجي… مٿان ناشتو به…. ٻن پهرن جو کاڌو به… پوءِ صاحب بهادر صوفي تي ليٽي ڪندو آرام…“ هن ايترو چئي هڪدم لاليءَ جي هٿ مان چانهن جو ڪوپ کسي ورتو، ”ڏي هيڏي ڪر..“
کليل دريءَ مان اوچتو ڪارنيوال جا آواز اچڻ شروع ٿي ويا، موسيقيءَ جي شور ۾ مسز هوشنگ ٻائيءَ جي نئين باجي جي ڌن سڀني کان نمايان هئي، لاليءَ کي ائين لڳو ڄڻ اهو باجو هن جو مذاق اڏائي رهيو هجي، ان جي ڌن هن کي چڙ ڏياري رهي هئي، لالي بيچين ٿيڻ لڳو، هن اوچتو چاچي کلڻيءَ کي مخاطب ڪيو: ”ٻڌ چاچي…“
پر چاچي ان وقت جهگي سان همڪلام هئي: ”۽ ها تون … ٻڌي وٺ چور ڌاڙيل، بدمعاش… اجهو هاڻي جو هاڻي منهنجي گهر مان نڪري وڃ، نه ته مان پنهنجي پٽ چندن کي ٿي سڏيانءِ.“
جهگي پنهنجا ڀروَن چاڙهي، طنز واري انداز ۾ پنهنجا چپ ٽيڏا ڪيا ۽ بلغم واري آواز سان چوڻ لڳو: ”مان پاڻ اهڙن سڃن سکڻن جي گهر وڃڻ پسند نه ڪندو آهيان.“ ائين چئي هو اسٽوڊيو کان ٻاهر هليو ويو، پر وري به هو دريءَ وٽ لڪي ويهي رهيو.
”لاليءَ حيرت وچان ماسيءَ کان پڇيو: ”چاچي کلڻي….“
”ها توکي وري ڇاهي؟“ هوءِ به ڄڻ جواب ٺاهي ويٺي هئي.
”جڏهن چندن پيدا ٿيو هو… منهنجو مطلب آهي ته جڏهن تو چندن کي ڄڻيو هو…“ ائين چئي هو وري رڪجي ويو.
”ها ته پوءِ ڇا ٿيو؟“
”ڪجه نه !“
لاليءَ وڌيڪ ڳالهائڻ جو ارادو بدلائي ڇڏيو.
چاچي مرڪڻ لڳي: ”عجيب پاڳل ڇوڪرو آن…“ هن جي مٿي تي هٿ رکي چوڻ لڳي،”وڃ وڃي سمهي پهءُ نڪما ڪنهن جاءِ جا… تنهنجي دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، وڃ وڃي سمهي پهءُ، شراب پيءُ يا جوئا کيڏ ۽ ٻين جي ڪمائيءَ تي زنده ره … پر ان وچ ۾ وقت ملئي ته پنهنجي زال کي مار ڪٽائي ڪر… تون ته لائق پٽ آهين…“ ائين چئي چاچي کلڻي هلي وئي، ۽ جڏهن هوءَ رنڌڻي ۾ غائب ٿي وئي ته لاليءَ آواز ڏئي جهگي کي سڏيو: ”جهگا…“
دريءَ جي ٻاهران لڪي ويٺل جهگو ٽپ ڏئي پنهنجي جاءِ تان اٿيو ۽ دريءَ جي تاڪ وٽ منهن ڪڍي بيٺو ۽ پنهنجي پيلا ميرا ڏند ڏيکاريندي چوڻ لڳو: ”ها مون کي خبر آهي ته شوڀا کي ٻار ٿيڻ وارو آهي، مان ٻڌي چڪو آن…“
لاليءَ ٻئي ٺونٺيون دريءَ تي رکي، جهگي جي ويجهو ٿيندي پڇيو: ”اها اسڪيم…. چمڙي جي فيڪٽريءَ جي خزانچيءَ واري؟ ان ۾ ڪو دم آهي يا گشا ٿو هڻين؟ مون کي تمام گهڻي رقم گهرجي.“
جهگو چوڻ لڳو: ”اها اسڪيم سڀ کان سٺي آهي، پر ان لاءِ ٻن ماڻهن جي ضرورت پوندي، مان اڪيلو ڪافي ناهيان.“
لاليءَ سوچيندي چيو: ”ٺيڪ آ… تون هاڻي وڃ… هن وقت هليو وڃ، پوءِ اچجانءِ.“
(6)
ٽن پهرن جو جڏهن شوڀا بازار مان ڀاڄي ڀُتي وٺي موٽي، رات جو کاڌو تيار ڪرڻ لاءِ رنڌڻي جي پاسي وڃڻ لڳي ته هن جهگي کي لاليءَ جي بلڪل ويجهو ويهي سسپس ڪندي ڏٺو، هوءَ ان عادي مجرم جي دوستي لاليءَ لاءِ، پاڻ لاءِ توڙي گهر وارن لاءِ سخت ناپسند ڪندي هئي، پر لاليءَ جي ڪري هن کي ڪجهه نه چئي سگهندي هئي. هن شڪي نظرن سان انهن ٻنهي کي هڪ ٻئي سان ڪا ڳجهي صلاح ڪندي ڏٺو. جهگو ته جلدي سڌو ٿي ويٺو ۽ ٿورو وڏي آواز ۾ چوڻ لڳو:
”ٻڌ! ٿورو ڌيان ڏئي ٻڌ لالي، اهو گيت هيئن هلندو آ…“ ائين چئي جهگو پنهنجي بلغمي آواز ۾ ڪنهن فحش گيت جو بند ڳائڻ لڳو، پر جڏهن ٻيهر گانو ٻڌائڻ لڳو ته لالي به ان سان شامل ٿي ويو.
ٻنهي هڪ ٻئي کي اک ڀڳي ۽ ٿورو لڏي لڏي اهو گانو ڳائڻ شروع ڪيو، پر پوءِ به شوڀا جو شڪ دور نه ٿيو. هوءَ رنڌڻي جي در وٽ بيهي هڪ ٿالهيءَ ۾ چانور کڻي، انهن کي صاف ڪرڻ سان گڏوگڏ اک ٽيٽ سان انهن ڏانهن به پئي نهاريائين ته رنڌڻي ۾ ڪنهن ٻئي ڪم سان به پئي وئي، پر وري انهن جي ٿوري آواز تي هڪدم ٿوري ٻاهر نڪري ٿي آئي. جهگي جي اکين جي تيزي ۽ غيرمعمولي چمڪ مان شوڀا جي دل ۾ ڪي وسوسا ۽ شڪ پيدا ٿي رهيا هئا، ان ڪري هوءَ ڪنهن نه ڪنهن بهاني بار بار اسٽوڊيو جي وڏي ڪمري ۾ اچي پئي وئي، پر کاڌو تيار ڪرڻ لاءِ هن کي اندر چلهه جي پاسي به وڃڻو پئي پيو، انهن چند منٽن جي وقفي ۾ ئي جهگي کيس چيو:
”انڌيريءَ جي ريلوي ڪراسنگ پار ڪري اشوڪ سينيما جي ڳليءَ مان هلي، ريل جي پٽڙيءَ تي ايندي ته اها زمين کان ٿوري مٿي آهي، ان سان لڳو لڳ هڪڙو چارو آهي، جيڪو چمڙي جي فيڪٽريءَ ڏانهن ٿو وڃي، ٻن فرلانگن تائين ڪو ئي گهر ناهي، ڪا جهوپڙي به ناهي، رستو بلڪل سنسان آ…“
لاليءَ آهستي چيو: ”ته ڇا تون روزانو ان رستي سان ويندو آن؟“
”ها، پر پٽڙيءَ جي ڪناري ڪناري نه… هيٺان چاري تان، ان کان اڳ ۾ مون سان ڪو ماڻهو هوندو هو، پر هاڻي سال کن ٿيو آ ته مان اڪيلو ويندو هان.“
”هر مهيني جي ڏهين تاريخ؟“ لاليءَ پڇيس.
هائو هر مهيني جي ڏهين تاريخ، جهگي ڀت تي ٽنگيل ڪئلينڊر کي غور سان ڏسندي چيو،”اڙي ڏهين تاريخ ته اڄ… آ!“
”۽ رپيا؟“ لالي پڇيس، ”اهي رپيا ڪٿي رکندو آ؟“
”هٿ ۾“ جهگي چيو“ هڪ چمڙي جي ٿيلهيءَ ۾، جنهن ۾ فيڪٽريءَ جي هزارين رپيا پگهار پيل هوندي آهي.“
”ڪيتري؟“
”ٽيهه هزار.“
”ٽيهه هزار … رقم ته تمام وڏي آ!“
”چوکي به…“
”نالو ڇاهي هن جو؟“
”هري داس.“
”خزانچي آ؟“
”ها..“ جهگي جي چپن تي ڪنهن مڪار واري مرڪ اچي وئي، چوڻ لڳو، ”پوءِ جڏهن پوئتان مٿي تي ڏنڊو لڳندس ۽ ڌو اچي پٽ تي ڪندو ته پوءِ هو خزانچي نه رهندو.“
جهگي جي ڳالهه ٻڌي لاليءَ کي ڪراهت سبب اوڪارو اچڻ لڳو، چند گهڙيون ته هو ان احساس کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، آخر وڏو ساه کڻي سنجيدگيءَ وچان چوڻ لڳو:
”هن جي جان وٺڻ ڇا ضروري آ؟“
”ضروري ته ناهي، جهگي هڪ قدم پوئتي رکڻ وارو انداز اختيار ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن کي لاليءَ جي لهجي مان اندازو ٿي ويو هو ته هن ساڻس ڪا غلط ڳالهه ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي پردو وجهڻ لاءِ هن ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: ”بلڪل به ضرور ناهي! هن جي جان وٺڻ کانسواءِ به هن کان ٿيلهو کسي سگهجي ٿو، پر هي خزانچي ماڻهو…“ هو چوندي هلڪو مرڪيو، ”ٿورا عجيب قسم جا ماڻهو هوندا آهن، اهڙن ماڻهن کي مري وڃڻ گهرجي.“
”لالي ڪجهه چوڻ وارو هو ته شوڀا رنڌڻي مان ٻاهر آئي ۽ جهگي کيس ڏسي پنهنجو لهجو تبديل ڪري ورتو: ”۽ ان گيت جو ٻيو مصرعو هيئن آ…“
ائين چئي هو هوريان هوريان ڳائڻ لڳو، تنهن سان لالي به شريڪ ٿي ويو ۽ جيئن شوڀا اندر رنڌڻي ۾ هلي وئي ته وري سسپس شروع ڪري ڇڏيائون، پر هن ڀيري شوڀا بس بيٺي پير واپس آئي، هٿ ۾ هڪ ننڍو ٻهارو کڻي اسٽوڊيو جي اوسي پاسي ٻهاري ڏيڻ لڳي. هوءَ ڪوشش ۾ هئي ته ڪنهن بهاني اها خبر لهي ته اهي ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ گفتگو ڪهڙي پيا ڪن! پر هوءَ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي، هتان هتان ڪو جملو يا لفظ ئي ڪنن تي پئي پيس، جنهن سان هن جي پريشاني اڃان به وڌڻ لڳي هئي، انهن اڻپورن جملن مان هن الائي ته ڪهڙا ڪهڙا مطلب پئي ڪڍيا ۽ ائين هن جي پريشاني به وئي ٿي وڌندي، هن کي محسوس ٿي رهيو هو ته اهي ٻئي ڄڻا ڪنهن چالبازيءَ ۾ مصروف هئا. هوءَ صوفي جي ويجهو آئي ته لاليءَ کيس جهڻڪيو: ”ٻهاري ڪرڻ لاءِ ڇا توکي اهو ئي وقت مليو هو، ڏسين نه ٿي ته مان مصروف آهيان.“
ايترو چئي شوڀا جي هٿن مان ٻهارو کسي، پري اڇلايائين. شوڀا جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا، ۽ هوءِ سڏڪندي رنڌڻي ۾ هلي وئي. تڏهن لاليءَ هن کان پڇيو: ”۽ پوءِ …. ان کانپوءِ اسان آسام هليا هلنداسي.“
”اون هون!“ جهگي انڪار ۾ مٿو لوڏايو.
لالي حيرت مان ڏانهنس نهاريو: ”پر تون ته چوين پيو ته…“
جهگي سندس ڳالهه پوري ٿيڻ کان اڳي چيو: ”پئسن کي ڇهن مهينن لاءِ ڪٿي لڪائي ڇڏينداسي، انهن کي پوءِ ڪڍنداسي.“
”پو؟“
”پوءِ وري ٻيا ڇهه مهينا به غريبن وانگر گذارينداسي، ان رقم مان ٽڪو به خرچ نه ڪنداسي.“
لالي گهٻرائجي چوڻ لڳو: ”اڙي جهگا! ڇهن مهينن ۾ ته منهنجو ٻار ٿيڻ وارو آهي، ان کانپوءِ مان، ٻار ۽ شوڀا ٻنهي کي وٺي ويندس!“
”ڇهن مهينن تائين تون ڪو ڪم ڪري وٺجانءِ نه، ته جيئن ماڻهن کي شڪ به نه پوي ته تو ايتري رقم ڪٿان آندي آهي!“
”۽ گوهاٽيءَ ۾ اسان کان ڪو پڇا ڳاڇا نه ڪندو.“
”آسام بمبئي کان گهڻو پري آهي، اتي ڪير پڇندو! ڪنهن کي خبر پوندي ته…“ لاليءَ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ وري هن ڳالهايو، ”گهڻا ئي ماڻهو اوڏانهن وڃي رهندا آهن.“
”هون…“ لالي سوچيندي چيو: ”اسان ٻنهي مان ڪير هن سان اڳتي وڌي ڳالهائيندو؟“
”اسان ٻئي ڪا پنهنجي هٿراڌو زبان ڳالهائينداسي، ٻيو اسان پنهنجي چاقوءَ سان…“جهگي جون اکيون بند ٿيڻ لڳيون، پر اوچتو هن جون اکيون کلي ويون، ۽ نهايت معصوم بڻجي چوڻ لڳو: ”تون ڇا پسند ڪندين؟“
لاليءَ خاموش ڏسي، هن چيو: ”هونئن منهنجي مڃ ته هن سان تون ڳالهائجانءِ … باقي ڪم منهنجو آ…“
اوچتو لاليءَ گهٻرائجي چيو: ”هيءَ ڇا جي رڙ هئي؟“
”ڪٿي؟“ جهگي پڇيس.
لاليءَ جو منهن صفا لهي ويو ۽ ٻاهر دريءَ جي پاسي اشارو ڪندي چوڻ لڳو: ”ٻاهر دريءَ وٽ ڪو سُسپس پيو ڪري…“
ٻئي غور سان ٻڌڻ لڳا…. پر اهو لاليءَ جي دل جو دهڪو هو، ٻاهر ته ڪوبه ڪونه هو.
پوءِ به جهگو پير پير ۾ پائي دريءَ تائين ويو، ٻاهر ليئو پاتائين، پوءِ جڏهن ڪنهن کي به نه ڏٺائين ته اطمينان ڪري موٽي اچي، لاليءَ کي چوڻ لڳو: ”ڪوئي به ته نه هو.“
لاليءَ ڊگهو ساه کنيو: ”ها شايد پارڪ جي وڻن سان گڏ گهلندڙ هوا هئي.“ هو صوفي تان اٿي هال ۾ چهل قدمي ڪرڻ لڳو.
جهگو به اٿي سندس ويجهو ويو ۽ کيس چيو: ”بس توکي رڳو ايترو چوڻو آهي، ادا ٽائيم ڇا ٿيو آ؟ باقي مان سنڀالي وٺندس.“
”ادا ٽائيم ڇا ٿيو آ؟“ لالي ورجائڻ لڳو، وچ ۾ بيهي جهگي کان پڇڻ لڳو، ”ان کانپوءِ ڇا ٿيندو؟“
جهگي چيو: ”ان کانپوءِ هو جهڪي گهڙيءَ ۾ وقت ڏسندو، مان پويان مٿس وار ڪندس.. سڌو هن جي مٿي تي… ۽ سامهون تون پنهنجو چاقو ڪڍي …“ جهگو لاليءَ کي خنجر هڻڻ جي ترڪيب ٻڌائڻ لڳو، ٻڌائيندي ٻڌائيندي هو پوئتي به هٽندو ٿي ويو ته پويان ايندڙ ڪنهن ماڻهوءَ سان ٽڪرائجي ويو، مڙيو ته سامهون هڪ پوليس وارو بيٺل ڏٺائين، چند لمحن لاءِ ته هن جي نڙي خشڪ ٿي وئي.
”هون…“ سنتري ڪجهه ڪاوڙيل انداز ۾ چيو، لالي ۽ جهگو ٻئي هن ڏانهن نهارڻ لڳا، پر سنتري پنهنجا ڪپڙا ڇنڊيندي وڏي اخلاق سان چوڻ لڳو: ”تهان ٻنهي مان فوٽوگرافر ڪير آ؟“
جهگي جو رڪيل ساه کڄڻ لڳو، ته هڪدم انداز بدلائي، زور سان سڏ ڪيائين: ”او چاچي کلڻي، چاچي چندن لاءِ ڪو گراهڪ آيو آ،“ وري لاليءَ ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو: ”۽ ان گيت جو ٽيون بند هن ريت شروع ٿو ٿئي.“ ائين چئي هن اهو پهريون ئي مصرع ورجائڻ شروع ڪئي، جنهن سان گڏ لالي به ڳائڻ لڳو.
ايتري ۾ چاچي کلڻيءَ جو پٽ چندن، ڊارڪ روم مان ٻاهر اسٽوڊيو جي هال ۾ آيو، ۽ سنتريءَ کي ڏسي ادب سان سلام ڪرڻ لڳو. سنتريءَ سندس سلام جو جواب ڏيندي چيو:
”ڪيبينيٽ سائيز جو فوٽو ٺاهيندو آن؟“
”جي جي ها،“ وکريل وارن ۽ پيلي منهن واري بندري چندن پنهنجي کاڏيءَ کي کنهندي چيو، ”هيڏي هي ڏسو آبشار سان يا چيتي سان يا ڪو ٻيو پوز، هيءَ ڀت تي لڳل تصويرن مان ڪا چونڊي وٺو…“
سنتريءَ مڙي ديوار تي لڳل تصويرن ڏانهن غور سان ڏسڻ لڳو،آخرڪار هن هڪڙي پوز تي آڱر رکي چيو: ”مون کي هيءَ گهرجي.“
”ٺيڪ آ…“ چندن چيو ۽ هڪ اسٽول اڳيان سيريندي سنتريءَ کي چيائين، ”هن تي ويهو.“
سپاهي ان اسٽول تي ويهي رهيو، چندن ٽراليءَ تي رکيل رنگين پردي کي اڳتي پوئتي ڪرڻ لڳو، ڪم ۾ ڦڙتي ڏيکاري پنهنجي گراهڪ کي خوش ڪرڻ لاءِ هن سندس چهري کي هيٺ مٿي ۽ ساڄي کاٻي ڦيرائي، ڪيميرا لاءِ پوز ٺاهڻ لڳو، ايتري ۾ ڊارڪ روم مان چاچي کلڻي فوٽو واري پليٽ کڻي ٻاهر آئي، جڏهن چندن کي پنهنجي ڪم مصروف ڏٺائين ته لاليءَ ۽ جهگي جي پاسي نهاريائين، جيڪي پاڻ ۾ هوريان هوريان ڳالهائڻ مصروف هئا.
لالي آهستگيءَ سان پڇيو: ”انهيءَ علائقي جو آ؟“ هن جو خيال خزانچيءَ واري علاقي ڏانهن هو.
”نه.“ جهگي چپن کي ڍلو ڪندي چيو.
”کار جو آ؟“
”اون هون.“
”شانتاڪروز جو؟“
اوچتو جهگي کي ياد اچي ويو ته چوڻ لڳو: ”دي پاري جو ٿو لڳي…“
لاليءَ هڪدم ڪاوڙ مان منهن موڙي ڇڏيو ۽ ڀڻ ڀڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳو: ”اها به ڪا زندگي آ….اها ته ڪا زندگي ناهي، ان کان ته مرڻ بهتر آ…“
“جهگي سسپس واري انداز ۾ چيو: ”ڪوهاٽيءَ ۾ آرام سان رهندين…“
لاليءَ کيس ڪو جواب نه ڏنو، هو دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هو.
چندن سنتريءَ کي چئي رهيو هو: ”ها جناب هاڻي هن پاسي ڏسو، ڪيميرا جي لينس ۾… لُڏو نه مهربان…سرڪار.“
پوليس وارو هڪدم سڌو ٿي ويٺو، هڪ لمحي لاءِ چندن ڪيميرا جو ڍڪڻ لاٿو، ۽ وري ان جي مٿان رکي ڇڏيو، ۽ هڪ وڻندڙ مرڪ سان پوليس واري ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو: ”ٿئنڪ يو.“
ٿينڪ يو ٻڌندي ئي پوليس وارو پنهنجي فطري انداز ۾ ٿي ويو، پڇڻ لڳو: ”فوٽو ڪڏهن ملندو؟“
”بس پنجن ڇهن منٽن ۾…“ چاچي کلڻيءَ وچ ۾ جواب ڏنو.
”ته مان هڪڙو رائونڊ لڳائي اچان ٿو،“ سنتريءَ چوندي کيسي مان ٻٽونءَ ڪڍندي چيو. ”ڪجهه ايڊوانس ڏيانءِ؟“
چندن خوشامد واري نوع ۾ مرڪي، ٿورو اڳي وڌي کيس چيو: ”نه انسپيڪٽر صاحب، اوهان کان ڪهڙو ايڊوانس وٺڻو… تصوير وٺڻ اچو ته اڳو پوءِ ڏئي ڇڏجو.“
معمولي سنتريءَ کي جو انسپيڪٽر سڏيائين ته سنتري ڏاڍو خوش ٿيو، ٻٽيون واپس کيسي ۾ وڌائين ۽ خوش خوش ٻاهر هليو ويو.
چندن ڪيميرا وري پنهنجي جاءِ تي رکي، ته چاچي کلڻيءَ ٽرالي ڇڪي رنگين پردي کي ان جي جاءِ تي لڙڪائي ڇڏيو، پوءِ جهگي ڏانهن منهن ڪري غصي وچان چوڻ لڳي:
”سارو ڏينهن هتي هتي پيو رلندو آن، منهنجا گراهڪ ٿا اچن ته انهن کي ويٺو ٿو گهورين، ٻاهر جي هوا ڇو نه جهٽين، ڪٿان ايترا پئسا ملي ويا ٿي جو خوشي جا گيت پيو ڳائين؟“
پوءِ بلڪل هن جي سامهون اچي چوڻ لڳي، ”مان پڇان ٿي ته پوليس کي ڏسي تنهنجو ساه نه پيو نڪري؟“
جهگو حقارت مان چوڻ لڳو: ”هل هل وڃي فوٽو تيار ڪر… تنهنجي گراهڪ اچڻ وارو هوندو.“
چاچي کلڻي جيئن ئي ڊارڪ روم ۾ اندر وئي، جهگي ٽپ ڏئي اچي لاليءَ کي چيو:
”هاڻي ڊوڙي رنڌڻي ۾ وڃ.“
”ڇو؟“
”ڇري کڻي آ ڀاڄي ڪاٽڻ واري.“
”اڙي ڇري ڇا جي لاءِ؟“
”منهنجو چاقون ڏاڍو ننڍو آ… اگر هو سچ پچ وڙهڻ لڳو ته گهٽ ۾ گهٽ ڇري ته هن جي پاسراٽين ۾ گهيڙي ڇڏيندس.“
لالي چوڻ لڳو: ”ان جي ضرورت نه پوندي، منهنجو هڪ ٺونشو ئي هن کي بيهوش ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.“
”اون هون،“ جهگو کيس سمجهائڻ لڳو، ”تو وٽ ڪو هٿيار هجڻ ضروري آ، مٿي تي ڏنڊي هڻڻ سان هن جي گردن الڳ نه ٿيندي.“
”پر هن جي گردن ڪاٽڻ سان اسان کي ڇا ملندو.“ لالي احتجاج طور چيو.
”ملندو ڪجهه به نه، پر جي هن گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو ته پوءِ… لالي! هو ڪافي جانٺو شخص آ… مون وانگر ڏيڍ پاسراٽيءَ وارو ناهي.“
پوءِ لاليءَ جي چهري تي انڪاري رنگ ڏسندي هن وري کيس سمجهايو، ”انهن سورهن هزار رپين سان تون گوهاٽيءَ ۾ پنهنجي زال ٻار سان ڪا شاندار زندگي شروع ڪري سگهين ٿو، پر بزدلي ڏيکارڻ سان ڪجهه نه ملندءِ!“
لاليءَ ڇري کڻي اچڻ لاءِ بهانو گهڙيو: ”جيڪڏهن مان رنڌڻي مان ڇري کڻندس ته شوڀا ڏسي وٺندي.“
”اڙي يار! هن کان لڪائي کڻي اچ نه ته جيئن هوءَ ڏسي نه سگهي.“ جهگي لاليءَ کي رنڌڻي جي پاسي ڌڪيندي چيو. پر لاليءَ اڃان رنڌڻي جي پاسي وک وڌائي ئي ڪانه هئي ته ساڳيو پوليس وارو وري اندر آيو ته لالي ترسي پيو ۽ مڙي ڊڄندي، ڊارڪ روم جي در وٽ پهچي آواز ڏنائين: ”چندن، سنتري آيو آ“
چاچي کلڻي دروازي تي اچي چيو: ”بس هڪڙو منٽ سنتري جي، بس هڪ منٽ.“
چاچي کلڻي چوندي اندر ڊارڪ روم ۾ واپس هلي وئي، لالي ڪجهه پل ته دهليل دل سان اتي ئي بيٺو رهيو، جهگي جي پاسي به ڪونه ٿي ڏٺائين، ڇاڪاڻ ته هن کي سڌ هئي ته جهگو هن کي ڪهڙين تکين نظرن سان نهاري رهيو هو، لالي ان جو تاءُ سهي ڪونه پئي سگهيو، ان ڪري هو رنڌڻي ۾ هليو ويو.
پوليس وارو اسٽول تي ويهي فوٽوءَ جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو ۽ جهگي کي گهورڻ لڳو، جهگي به پوليس واري کي گهوري نهاريو ۽ سوال ڪيو:
”ناناوتي هسپتال وارو ناڪو؟“
سنتري ڄڻ ڇرڪ ڀريو، پوءِ ڪنڌ ڌوڻي چوڻ لڳو: ”ها… پر توکي ڪيئن خبر پئي ته مان اتي ڊيوٽي ڪندو آهيان؟“
”مان به ان پاسي پنهنجو ڌنڌو ڪندو آن.“ جهگي نهايت پنهنجائپ واري انداز ۾ چيو.
”ڪهڙو ڌنڌو ڪندو آن؟“ سنتريءَ پڇيس.
”پراڻا هڏا گڏ ڪندو آن.“ جهگي منهن بڇڙو ڪندي چيو ۽ پوءِ ٿورو کلڻ لڳو.
جواب ٻڌي سنتريءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، هو پنهنجي مڇن کي مروڙيندي ڪجهه چوڻ وارو ئي هو ته ايتري ۾ چندن ڊارڪ روم مان نڪري آيو، فوٽو هن جي هٿ ۾ هو، سنتريءَ هن کان فوٽو ورتو ۽ ان ۾ پنهنجي صورت ڏسڻ لڳو، هن کي پنهنجي شڪل ڏاڍي وڻي، تڏهن ڪنڌ لوڏائي چوڻ لڳو:
”سٺو آ… ڏاڍو سٺو آ…” پوءِ هن پنهنجي ٻٽونءَ مان پيسا ڪڍي چندن کي ڏنا ۽ فوٽوءَ وارو لفافو کيسي ۾ رکي، جهگي کي شڪي نظرن سان گهوريندو ٻاهر هليو ويو. ان دوران جهگي ائين ظاهر ڪيو ڄڻ هو هن کي ڏسي ئي ڪونه پيو، پر پوليس واري جي وڃڻ کان هڪدم پوءِ هو اسٽوڊيو مان ٻاهر نڪري، پوليس واري کي ويندي ڏسڻ لڳو، جڏهن پوليس وارو ماهم ناڪي وٽان مڙي ويو ته هو اسٽوڊيو ڏانهن موٽي آيو.
جڏهن اندر آيو ته ان وقت لالي رنڌڻي مان ٻاهر نڪتو، هن جو هڪ هٿ پتلون جي کيسي ۾ پيل هو، ٻئي هٿ سان هو قميص جو ڪالر ٺيڪ ڪندي اچي صوفي جي پويان دريءَ وٽ بيهي رهيو، دير تائين دريءَ مان ٻاهر خلا ۾ گهوريندو رهيو.