ناول

چيڪلو

ڪرشن چندر جي هن ناول ۾ آيل سڀئي ڪردار سٺ سال پراڻا هوندي به اڄ جي پڙهندڙن جا ڏٺل وائٺل لڳن ٿا، ۽ جيڪا اهم ڳالهه هن ناول ۾ آهي، اها هيءَ آهي ته هن ناول ۾ ڪو وڏو فلسفو بيان ڪيل نه آهي پر هڪ عام زندگيءَ کي بلڪل عام انداز سان پيش ڪيو ويو، آهي، ها البت هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ ڪرشن چندر ڪٿي ڪٿي پنهنجي فڪر ۽ فلسفي کي ظاهر ڪري پنهنجي اديب واري ذميداري به نڀائي آهي
  • 4.5/5.0
  • 1756
  • 1291
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڪرشن چندر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چيڪلو

قسط 3

’انب جي ڪچڙن ڪونئرن پنن مان ڪهڙي نه کٽڙي کٽڙي خوشبو پئي اچي، ۽ اشوڪ جي وڻن جي قطار جي پويان لڳل ڪارنيوال جي رنگين روشنين سان ڄڻ ڪو رنگ منچ سجيل ٿو لڳي، ماهم ڪريڪ وٽان گذرڻ واري ريل جي ڪوڪ ٻڌڻ ۾ ٿي اچي، هڪ پل ۾ بوگن ويلا جي شاخ پنهنجي ئي گلن ۾ رلمل ٿيل، جهڪيل، ڄڻ سمنڊ جي لهرين سان محبت جو ڪو مبهم راز سليندي هجي، لهرين جي منهن تي گج تي ڪجهه اهڙي کِل آهي.‘
هڪ سنتري هن کي گهوري نهاريندي گذري ويو آهي. شام جا پاڇا پکڙجندا ٿا وڃن. ڪارنيول جي پارڪ جي پويان، مهاڻن جي جهوپڙين مان مڇيءَ جي ترڻ جي تيز پر وات پاڻي پاڻي ڪندڙ بوءِ ڄڻ رسنا جي نڙگهٽ ۾ چڀي رهي هجي. ڪارنيوال مان ايندڙ آواز هلڪا ٿيندا پيا وڃن، پر اڃان تائين شوڀا ڪانه موٽي آهي؛
’وڃي ڏسانس …؟‘
رسنا واپس وڃڻ جو فيصلو ڪري رهي هئي ته ايتري ۾ هن ڏٺو ته شوڀا پريشانيءَ وچان، هر هر پويان مڙي مڙي ڏسندي ڏانهنس ڊوڙندي اچي رهي آهي. رسنا ٿوري سخت لهجي ۾ کانئس پڇيو:
”ڪاٿي رهجي وئي هئينءَ تون؟“
شوڀا غصي وچان پوئتي مڙي ڏسندي چيو: ”توکي خبر ناهي … چوٿين چڪر ۾ لاليءَ جڏهن پنهنجي کيسي مان ٽڪيٽ خريد ڪري ڏني ته ڇا ته ڌماچوڪڙي مچائي هن عورت.“
”مسز هوشنگ ٻائيءَ؟“
”ها! ٻي ڪير … چهبڪ کڻي مارڻ واري هئي… مان ته ڀڄي هيڏي پئي اچان، ته منهنجي پٺيان هيڏي ئي پئي اچي … مان چيو ڇاٿيمانس جو سالي بڪ بڪ ڪرڻ لڳي آهي.“
”وڏي تريناڪ آهي، آءُ ته پاڻ به ڀڄون..“ رسنا شوڀا جو پلهءُ ڇڪيندي چيو، ”Come on.“
رسنا شوڀا جو پلهءُ ڇڪڻ لڳي پر شوڀا اوچتو غصي وچان پنهنجو پلهءُ ڇڏايو ۽ جوش ۾ ڀرجي چوڻ لڳي:
”واهه رسنا… مون ڪيو ڇاهي جو ڀڄون.. هيئن ڊڄي.“
”ٺهيو هاڻي، اجايو ڪوئي لفڙو نه ٿي پوي.“
”ٿيڻ ڏي،“ شوڀا ضد ڪري بيهي رهي، ”مان ته هتي ئي بيٺي آهيان.“
ايتري ۾ هوشنگ ٻائي به سهڪندي اچي پهتي، ڳلن تي ڳاڙها ڳاڙها داغ، ڪاوڙ سبب ٻريس پئي. شوڀا کي ڏسندي هن پير مان سينڊل لاٿو ئي پئي ته، رسنا کي شوڀا جي ڀرسان بيٺل ڏسي رڪجي وئي، سوچيو هوندائين ته ٻن ڄڻين سان مقابلو ڪرڻ مشڪل آهي، ان ڪري هٿ جهلي چوڻ لڳي:
”ڀڃين ڇو پئي؟ مان توکي کائي ڪونه وڃان ها، پر ايترو ضرور چوانءِ ٿي ته وري ڪڏهن منهنجي چيڪلي تي نه اچجانءِ… نه ته سٺو نه ٿيندءِ ، هر ذات جي ڇوڪري منهنجي شو ۾ اچي ٿي، پر گڙٻڙ ڪرڻ واري ڇوڪري وري ٻيهر نه ٿي اچي سگهي، آئوٽ!“
مسز هوشنگ ٻائيءَ هڪ هٿ چيلهه تي رکي، ٻئي هٿ سان ڪارنيوال جي پارڪ کان ٻاهر نڪري وڃڻ جو اشارو ڪندي شوڀا کي چيو: ”گيٽ آئوٽ.“
شوڀا چوڻ لڳي: ”تون! ڇا مون سان ٿي ڳالهائين؟“
”ها توسان .. تو جهڙي معمولي نوڪرياڻيءَ سان، تون! … جا اچي منهنجي ڌنڌي کي خراب ٿي ڪرين“
”مون ڇا ڪيو؟“ شوڀا ٿوري همٿ ڪندي چي. ”ٽڪيٽ وٺي مان ٽائيگر جي پٺيءَ تي ويٺي هئس، منهنجي پويان ڪا ٻي ڇوڪري ويٺي هئي، لاليءَ پهرين ان سان پئي ڳالهايو، پوءِ مون ڏي آيو، مان ته ان کي سڏڻ نه وئي هئس!“
”تون وئي هئينءَ يا هو آيو هو! هڪ ئي ڳالهه آهي.“ مسز هوشنگ ٻائي کيس ڌمڪي واري لهجي ۾ تنبيهه ڪندي، شوڀا جي منهن جي ويجهو پنهنجي هٿ جي آڱر کي لوڏائيندي چيو.
”مون کي پوليس ۾ وڃڻ جو ناهي، لائسنس وڃائڻ جو ناهي، ڏس! مان تو صاف ٻڌائي ٿي ڇڏيانءِ سالي ٻهارو پوچو ڪرڻ واري…“
”سالي تون آن…“
”تون منهنجي شو ۾ نه اچجان … منهنجي بارڪر کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ٿي ڪرين! شرم نه ٿو اچئي.“
”ڇا! ڇا چيهءِ؟؟“ شوڀا ڪاوڙ وچان ڳاڙهي ٿي وئي.
هوشنگ ٻائيءَ پنهنجو هٿ نراڙ تي هنيو: ”ڇا ٿي سمجهين ته منهنجي مستڪ ۾ اکيون ناهن، چيڪلو هلندو رهندو آهي، پر مون کي سڀ نظر ايندو آهي، ٻڌاءِ! لالي توسان ڪهڙو مذاق پئي ڪيو، ٻڌاءِ سالي چُوپڙي..“
شوڀا جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا، هوءَ ڪمزور لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”هن مون سان ڪو به مذاق نه ڪيو هو، مان ڪنهن مرد جو مذاق پسند ئي نه ڪندي آهيان، شوڀا سان اڄ تائين ڪنهن اهڙو مذاق ناهي ڪيو.“
”چپ ڪوڙي! مان پاڻ پئي ڏٺو، هو هر چڪر ۾ توسان لڳو پيو هو.“
”هو ڪاٺيءَ جي ٽائيگر سان لڳو پيو هو، جنهن تي مان ويٺي هئس، اها هن جي پراڻي عادت آهي، اهو تون به ڄاڻين ٿي، “ شوڀا چوڻ لڳي، ”مان ڇا پئي ڪري سگهان، جڏهن تنهنجو بارڪر ٽائيگر سان لڳي لڳي هلي رهيو هو ته مان ڇا ڪريان ها!، هن مون کي ته هٿ به نه لڳايو هو.“
”نه لڳايو هو؟“ مسز هوشنگ ٻائي رڙ ڪندي چيو، ”سڀاڻي ته اهو به چوندينءَ ته هن تنهنجي چيلهه ۾ به هٿ نه وڌو هو؟“
هاڻي ته رسنا کي به ڪاوڙ اچي وئي، جنهن شوڀا جي جواب ڏيڻ کان اڳ ۾ ئي، اڳتي وڌي چيو: ”چڱو وڌو هو! پوءِ تو کي ڇاهي؟“
مسز هوشنگ ٻائي چوڻ لڳي: ”تون ماٺ ڪر، مان توسان نه ٿي ڳالهايان، تون وچ ۾ نه ڳالهاءِ“
”ڇو نه ڳالهايان … هيءَ منهنجي ساهيڙي آهي،“ رسنا سخت لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”اڪيلي ڏسي تون هن تي آڪڙبي ٿي اچين، اچ هاڻ مان ٿي توسان ڳالهايان … لاليءَ هن جي چيلهه ۾ هٿ وڌو هو! هو چڪر گهمائيندي هر ڇوڪريءَ جي چيلهه ۾ هٿ وجهندو آهي، ۽ ڪيتريون ئي ڇوڪرين هن تي مرنديون آهن، پر… توکي خبر ناهي ته هو ڇوڪرين ۾ ڪيترو پاپولر آهي.“
مسز هوشنگ ٻائي ڏند ڪرٽيندي چوڻ لڳي: ”اڄ کان پوءِ هو ڪنهن به ڇوڪريءَ جي چيلهه ۾ هٿ نه وجهندو، اهو ته مان هن کي اڄ ئي ٻڌائي ڇڏينديس .. اهڙو ڌنڌو منهنجي شو ۾ نه هلندو… نه هلندو، توکي اهڙو نخرو ڪرڻو آهي ته بابوءَ جي سرڪس ۾ وڃ، اتي توکي باندري جا ڪيترائي بيرا ملي ويندا.“
”تون پنهنجي بيري کي پاڻ وٽ رک.“ شوڀا چوڻ لڳي.
”ها! اسان اهڙيون تهڙيون ڇوڪريون ناهيون.“ رسنا به ڪاوڙجندي چيو.
ٻنهي کي وڙهڻ لاءِ تيار ڏسي مسز هوشنگ ٻائيءَ پنهنجو لهجو ٿورو بدلايو، پر آواز اوترو ئي رکيو، ڇاڪاڻ ته هوءَ به هار کائڻ لاءِ تيار نه هئي، پر ٿورو لهجو بدلائي، طنز واري انداز ۾ چوڻ لڳي: ”مطلب اهو آهي مس صاحبه! ته اڄ کان پوءِ منهنجي شو ۾ ناهي گهڙڻو، تو جهڙين ڇوڪرين جي ڪري منهنجو لائسنس ضبط ٿي ويندو ته خرچو تون ڀريندينءَ؟ ان ڪري تو کي سڌو سڀاءُ ٻڌايو اٿم ..آئوٽ.“
شوڀا به هاڻي ٻئي هٿ ڍاڪ تي رکيا، چوڻ لڳي: ”تنهنجي آئوٽ چوڻ سان ڪجهه نه ٿو ٿئي ميم سڳوري، جڏهن اسان جي مرضي ٿيندي، اسان پيسا خرچ ڪنداسي، ٻن روپين جي ٽڪيٽ وٺنداسي ۽ چيڪلي تي چڪر ڏينداسي، ڪنهن جي مجال آهي ته اسان کي ڪو روڪي ڏيکاري.“
”ته پوءِ اچي ڏسجانءِ ماءِ ڊيئر! بس ٿورو اچي ڏسجانءِ!“ مسز هوشنگ ٻائيءَ چوندي، هڪ قدم شوڀا ڏانهن وڌايو.
” ها! ها اسان به اچي ڏيکارينداسي، ڇا ٿيندو؟“ رسنا پڇڻ واري نوع ۾ چيو.
”پوءِ اهو ٿيندو، جيڪو هن ڪارنيوال ۾ اڄ تائين نه ٿيو آهي.“
شوڀا چوڻ لڳي: ”ته ڇا تون مون کي شو مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندينءَ؟“
”ضرور ..! ظاهر آ.“
”پر ميم صاحب!“ رسنا چوڻ لڳي: اسان ٻئي ڄڻيون توکان جوان آهيون، تڪڙيون آهيون.“
مسز هوشنگ ٻائي ٽوڪ واري انداز ۾ کلي چوڻ لڳي: ”مان توکي هٿ لڳائي پنهنجي هٿ کي گندو ڪنديس… ڇي ڇي، مان ته لاليءَ کي چئي شو مان ڌڪا ڏيارائي ڪڍرائي ڇڏنديسانءِ.“
”۽ لالي تنهنجي چوڻ تي مون کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو؟“ شوڀا پڇيو.
”ايترو جلدي جو تون اکيون مهٽيندي رهجي ويندينءَ.“
شوڀا چوڻ لڳي: ”هو ماکي ڪڍندو…؟؟“ اوچتو ڪنهن کي ايندي ڏسي هوءَ چپ ٿي وئي.
هن کي اوچتو چپ ٿيندي ڏسي رسنا ۽ هوشنگ ٻائيءَ جو نگاهون ان پاسي مڙي ويون، جنهن پاسي شوڀا پئي ڏٺو.
اهو لالي هو… جيڪو ٽن چئن ڇوڪرين سان کل ڀوڳ ڪندي پارڪ ۾ اچي رهيو هو … ۽ اهي ڇوڪريون به هن سان کيچل ڪنديون کلنديون، هن سان گڏ گڏ پئي آيون … ننڍيون ننڍيون ڊوڙون ڀريندي، هن جي چوگرد ڦيريون پائيندي…
اوچيو لالي هيج ۾ ڀرجندي چيو: ”بس گهڻو ٿيو! هاڻي ڀڄو نه ته هڪڙو هٿ ڏيندوسانوَ.“
هڪ ڇوڪري چوڻ لڳي: ”ڀلا منهنجو ريشمي رومال ته موٽائي ڏي.“
”نه ڏيندس، بس ڀڄ هتان.“
ايتري ۾ ٻي ڇوڪري رڙ ڪري چوڻ لڳي: ”چڱو هن جو رومال نه ٿو ڏئين، پر منهنجو اسڪارف ته واپس ڪر.“
”اسڪارف واپس ڪريان … ڇو ڪريان … واه واه!“
”اسڪارف ڏي منهنجا مٺا لالي.“ ان ڇوڪريءَ منٿ ڪندي کيس چيو، ايتري ۾ ان ڇوڪريءَ مسز هوشنگ ٻائيءَ کي ڏسي ورتو، ته مڙي کيس چوڻ لڳي: ”مسز هوشنگ ٻائي! پنهنجي بارڪر کي چهءُ نه ته منهنجو اسڪارف …“
”۽ منهنجو رومال…به“ ٻي ڇوڪريءَ به ان ئي وقت چيو.
ايتري ۾ لالي خطرناڪ انداز ۾ هٿ اڀا ڪري ڇوڪرين کي ڌمڪي ڏيڻ واري انداز سان ڏسندي چيو: ”وڃو ٿيون يا ڏيانوَ هٿ …“ لاليءَ جي هٿ کڻڻ جي دير هئي، ڇوڪريون رڙيون ڪنديون ڀڄنديون هليون ويون، ڇاڪاڻ ته سڀني کي خبر هئي ته موقعي ملڻ تي لالي هڪ اڌ هٿ لڳائي ڇڏيندو هو.
پر ان وقت ڊوڙندڙ ڇوڪرين جي دل ۾ اها ئي حسرت رهجي وئي ته جيڪر لالي هڪڙو هڪڙو هٿڙو هنن کي ضرور هڻي ها.
مسز هوشنگ ٻائيءَ جي شڪل تي ور وڪڙ پيدا ٿيڻ لڳا، هن ڪجهه پيار ته ڪجهه ڪاوڙ منجهان لاليءَ ڏانهن نهاري چيو: ”اها وري ڪهڙي ڌمال آ.“
پر لاليءَ هن جو جملو پورو ٿيڻ نه ڏنو ۽ آڪڙ ڪري چوڻ لڳو: ”توکي ڇاهي! پنهنجي ڪم سان ڪم رک.“ ائين چئي هن شوڀا ڏانهن نهاري چيو: تو هتي به اهو ئي جهڳڙو شروع ڪري ڏنو؟“
شوڀا وڏي آواز سان چوڻ لڳي: ”پر لالي جيڪڏهن مون ڪجهه ڪيو هجي ها!“
لالي هڪدم کيس دڙڪو ڏيندي چيو: ”رڙيون ڇو ٿي ڪرين؟”
شوڀا جو آواز دٻجي ويو، ڊپ کان هن جون ٽنگون ڏڪڻ لڳيون، اکين ۾ ڳوڙها تري آيس، هلڪي آواز ۾ چوڻ لڳي:”پر مان ته ڪجهه به نه ٿي چوان.“
لاليءَ کي هن جو آواز ريشم جهڙو نرم لڳو ته هن به پنهنجو لهجو هلڪو ڪري ڇڏيو، ” خير آ… تون ڪجهه به نه چهءُ.“ لاليءَ کي ان پوري معاملي تي خفو ٿيڻ لڳو، جنهن ڪري هن مسز هوشنگ ٻائيءَ ڏانهن منهن ڪري چيو: ”وري ڪهڙو لفڙو آ؟“
مسز هوشنگ، لاليءَ جي هٿ تي پنهنجو هٿ رکي، ڄڻ پنهنجي ملڪيت جتائيندي، وڏي فخر سان چيو:
”لالي! ڳالهه رڳو ايتري آهي ته هيءَ ڇوڪري جڏهن ايندي آهي ته منهنجي انسلٽ ڪندي آهي، ٻڌءِ! مون هن کي چئي ڇڏيو آهي، ۽ ها! تون به چڱيءَ نموني سڃاڻي ڇڏيس، هن کي منهنجي شو ۾ اندر اچڻ نه ڏجانءِ.“
لاليءَ پنهنجي هٿ سان مسز هوشنگ جي گوري چٽي ۽ ڀريل هٿ تي ٿپڪي ڏني ۽ شوڀا جي پاسي ڏسي چوڻ لڳو: ”ٻڌي ورتهءِ نه؟ هاڻي هلي ڏيکار“ وري چپٽي وڄائي چوڻ لڳو: ”اصل ڀڄ هتان..“
رسنا شوڀا کي چوڻ لڳي: ”هاڻي ٻڌي ورتهءِ نه! ڪم آن، Let us not waste our time“
مسز هوشنگ فاتحاڻي انداز سان مرڪڻ لڳي.
رسنا شوڀا کي گهلي پري وٺي وڃڻ لڳي، پر شوڀا لت کوڙي بيهي رهي، رسنا کي چوڻ لڳي: ”اون هون! مان نه هلنديس.“
هن اڃان رسنا کي پوري ڳالهه چئي ئي ڪانه ته هوشنگ، شوڀا کي ساڙ ڏيارڻ لاءِ لاليءَ کي ٻيهر چيو: ”هان لالي ٺيڪ آ ني! جيڪڏهن ٻيهر اچي ته اندر اچڻ نه ڏجانس، پر جي ڪنهن به ريت ٽڪيٽ وٺي اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪري به ته ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪري ڇڏجانس، سمجهيهءِ؟“
”هائو!“
لاليءَ اوچتو شوڀا جي وڏين وڏين ڦهليل اکين ۾ ڳوڙها ترندي ڏسي پڇيو: ”پر هن ڪيو ڇاهي؟“
اصولي طور شوڀا جهڙي لڄاري ڇوڪريءَ کي ان وقت اتان هليو وڃڻ کپندو هو، پر الائي ته سندس دل ۾ ڪهڙي ڳالهه اچي ويٺي هئي جو هوءَ ان وقت بيش ڪري بيهي رهي. هن لاليءَ جي منهن ۾ گهوريندي چيو:
”لالي صاحب مون کي ٺيڪ ٺيڪ ٻڌائي ڇڏ… جيڪڏهن مان تنهنجي شو ۾ اچان ته ڇا تون مون کي ڪڍي ڇڏيندين؟“
مسز هوشنگ چوڻ لڳي: ”هڪ دم ڪڍي ڇڏيندو!“
رسنا منهن ڦيرائي هوشنگ کي چيو: ”هن توکان ڪونه پڇيو آ ميم صاحب!“
لاليءَ کي خاموش ڏسي، شوڀا وري ساڻس مخاطب ٿي: ”منهنجي منهن تي چئه! ڇا تون مون کي ڪڍي ڇڏيندين؟“ ائين چوندي هوءِ لاليءَ جي بلڪل ويجهو هلي وئي.
لالي ان وقت آمهون سامهون ٿيڻ واري معاملي کان گهٻرائجي ويو، هو هڪ پير سان ٻئي پير کي کنهڻ لڳو، هو ڪيڏو نه خوش مزاج هو، خوش دل هو، ۽ مٿين سطح تي مذاق ڪرڻ وارو ماڻهو هو، پر اڄ تائين اهڙي اونهي پاڻيءَ ۾ نه لٿو هو، هن سوچيو؛ ’هن سانوريءَ جي ڳالهين ۾ ڪيتري نه گهرائي هئي،‘ شوڀا جو اهو معمولي سوال هن جي دل کي ڇهي سندس جذبن ۾ ڪنهن لهر جيان گهڙي ويو … پر هن مٿو لوڏايو … ۽ شوڀا جي جذباتي لهر کي پري ڌڪي ڇڏيو ۽ نرم آواز ۾ چيو: ”ها! بلڪل، اگر تو ڪا بيقائدگي واري ڳالهه ڪئي ته ضرور ڪڍي ڇڏيندس … نه ته ڇو ڪڍندس!“
”ان تي رسنا کي به موقعو ملي ويو، ڇاڪاڻ ته لاليءَ جي جملي ۾ شوڀا لاءِ ٿورو آسرو موجود هو، هن هڪدم مسز هوشنگ ٻائيءَ کي چيو: ”ٻڌي ورتهءِ…!“
شوڀا ته لاليءَ جو جواب ٻڌي کلي ويٺي هئي، پر هاڻي هن به پنهنجيون اکيون جهڪائي، هن کان منهن ڦيري ورتو هو. مسز هوشنگ ٻائيءَ کي ان ڳالهه تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ ڪتي وانگر غر غر ڪندي چوڻ لڳي:
”۽ مان چوان ٿي ته جي هيءَ رنڊي ٻيهر منهنجي شو ۾ گهڙي ته توکي، هن کي ٻاهر ڪڍڻو پوندو، هن جو لڦڙو منهنجي شو ۾ نه هلندو.“
لالي ٿورو حيرانيءَ واري انداز ۾ چوڻ لڳو: “لفڙي مان ڇا مطلب آ تنهنجو؟“
”مون سڀ ڏسي ورتو آ“ مسز هوشنگ جو آواز ڏڪڻ لڳو، ”مون پنهنجي اکين سان سڀ ڏٺو آ.“
شوڀا چوڻ لڳي: ”هيءَ چوي ٿي ته مون توسان مذاق ڪيو ۽ تو منهنجي چيلهه ۾ هٿ وڌو.“
”مون!“
”ها! ها! تو!“
مسز هوشنگ گرجندي چيو، ايترو ٻالو ڀولو نه ٿيءُ، مون پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي.“
لاليءَ پنهنجو هٿ مسز هوشنگ جي هٿ مان ڪڍي ورتو ۽ آڪڙجي چوڻ لڳو: ”واهه! اها وري نئين ڳالهه ٻڌائي تو! يعني تنهنجو حڪم آهي ته آئيندي مان ڇوڪرين سان مذاق نه ڪريان، هان! جيڪڏهن ڪندس ته اڳ ۾ توکان اجازت وٺڻي پوندي، هون؟“
معاملو بگڙجندي ڏسي مسز هوشنگ لهجو بدلائيندي چيو: ”مون ائين ڪڏهن چيو آ، تون ڇوڪرين سان مذاق ڀلي ڪر، ڀلي ڏهن ڄڻين سان مذاق ڪر ۽ ويهن کي ڇيڙيندو رهه، پنجاه سان مشڪري ڪر، پر هن سان نه!“ هن شوڀا جي طرف اشارو ڪندي وري چيو،”هن ڇنال سان ڪڏهن نه، ٻين سڀني سان بيشڪ پر هن سان نه! ڪڏهن به نه.“
مسز هوشنگ ٻائيءَ آخري فيصلي جيان حڪم جاري ڪندي چيو ته لاليءَ کي به تاءُ اچي ويو.
حالانڪ هو مسز هوشنگ جو ملازم هو، پر هن اهڙي ته سختيءَ سان کيس حڪم ڏنو هو جو لاليءَ کي غصو اچي ويو، پر هن وري به پنهنجي غصي کي دٻائيندي چيو:
”هاڻي توهان به چپ ٿي وڃو ميم صاحب.“
لهجو نرم هوس پر ان نرميءَ ۾ جا تلخي لڪل هئي، ان کي مسز هوشنگ محسوس ڪري ورتو، تنهن تي هوءَ ڪڙڪي سان چوڻ لڳي: ”ڇا؟؟“
”شٽ اپ …“ لاليءَ چيو، واپس وڃ پنهنجي بوٿ تي.“
مسز هوشنگ کي پنهنجي ڪنن تي اعتبار ڪونه آيو، هوءَ حيرانيءَ وچان ڏانهنس ڏسندي چوڻ لڳي:
”ڇا چيهءِ؟!“
”آخر هن ويچاريءَ تنهنجو ڇا بگاڙيو آهي.“ شوڀا ڏانهن رحم وارين نظرن سان ڏسندي چوڻ لڳو: ”ڏسين نه ٿي ته ڪيئن ننڍڙي ڪبوتريءَ وانگر ڊنل، تنهنجي سامهون بيٺي آ…“ لالي اڳتي وڌي شوڀا جي ڪلهي کي ٿپڪي ڏيندي چيو: ”اچجو جي! جڏهن تنهنجي دل ٿئي! اچجو اسان جي شو ۾ … ٽائيگر تي ويهجو، زراف تي ويهجو، هرڻ تي، مڇيءَ تي، چيڪلي جي جنهن به جانور تي تنهنجي دل ڪري ويهجو، ٽڪيٽ جا ڏوڪڙ نه هجن ته به پراهه ناهي، تنهنجي ٽڪيٽ جا پئسا لالي ڀريندو، پنهنجي کيسي مان … ۽ اگر ڪنهن توڏي اکيون کڻي ڏٺو …. ته“
شوڀا جو چهرو گل وانگر ٽڙڻ لڳو، مسز هوشنگ ٻائيءَ جو چهرو خزان جي پن وانگر ڪومائجي ويو، آخرڪار هوءَ چپ رهي نه سگهي ۽ رڙ ڪري لاليءَ کي گاريون ڏيڻ لڳي: ”سالا بدمعاش“
”سالي ٻڍي..“
”ٿئنڪ يو لالي صاحب“ رسنا ان ئي وقت لقمو ڏنس.
مسز هوشنگ اهو جملو ٻڌي صفا سڙي وئي ۽ وڏي ڪاوڙ مان چوڻ لڳي: ”ڇا ٿو سمجهين… ڇا؟“ هن کي لفظ نه ٿي سجهيا، ”تون سمجهين ٿو ته توکان سٺو بارڪر، توکان سٺو مجمع باز ڪوئي ناهي، هوڏي هوڏي، ڪارنيوال کان ٻاهر.“ هوءَ پنهنجا ٻئي هٿ پنهنجي ٿلهي ۽ ويڪري چيلهه تي رکي چوڻ لڳي، ”ٻاهر هڪ کان هڪ فرسٽ ڪلاس بارڪر پيو آ… مان ڪنهن کي به وٺي سگهان ٿي، جڏهن چاهيان توکي ڪڍي ٻاهر ڪري سگهان ٿي، بس سمجهه ته اڄ کان تنهنجي نوڪري خلاص.“
جذبات جي وهڪري ۾ وهندي مسز هوشنگ ٻائي چئي ويٺي، ڇاڪاڻ ته شوڀا کي لاليءَ جي ويجهو ڏسي، هن جي تن بدن ۾ باهه لڳي وئي هئي. هوءَ ايتري قدر چئي وئي، جو هن لاليءَ کي نوڪريءَ مان به ڪڍي ڇڏيو هو، پر وري سوچڻ لڳي ته خيالن جو وهڪرو کيس ٻئي پاسي لوڙهي ويو…..
’لاليءَ جي دم سان هن جو شو هلندو آ … لاليءَ کان وڌيڪ سٺو بارڪر هن کي ڪٿي نه ملندو، ٺيڪ آ، هو ڇوڪرين سان مذاق ڪندو آ … پر ڇوڪريون ٽڪيٽ به ته خريد ڪنديون آهن، ٽٽنديون ڪرنديون آهن، هن جي بوٿ تي، اهي ڪنهن ٻئي بوٿ تي به وڃي سگهن ٿيون، پر لاليءَ جي ڪري بار بار هن جي ئي بوٿ تي اينديون آهن، هن سڄي ڪارنيوال ۾ هن جو ئي ته بوٿ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندو آ‘
مسز هوشنگ جو جملو ٻڌي لاليءَ گهٻرائڻ بجاءِ الائي ته ڇو نهايت سنجيده ۽ ٿڌي لهجي ۾ کيس مخاطب ڪيو: ”ٺيڪ آ، اسان جي نوڪري ٿي وئي ختم! بس نه؟“
مسز هوشنگ ٻائيءَ وري نرمائي ڏيکاريندي کيس چيو: ”ڇا ٿو سمجهين پاڻ کي، مان جڏهن به چاهيان تو کي جواب ڏئي ٿي سگهان.“ سندس لهجي ۾ اها گرمي ڪانه هئي.
لالي چوڻ لڳو: ”هاڻي ٺهيو! مون کي جواب ملي ويو، هاڻي بس ختم ڪر.“ چوندي هن شوڀا جي چيلهه کي پنهنجي هٿ سان ڇهي ورتو. تنهن تي هوشنگ ٻائي وري چڙي پئي:
”سالا ڏاڍو خراب پيو ٿئي تنهنجو دماغ اڄڪلهه ڪمينا، آواره.“
لالي کلندي چوڻ لڳو: ”جڏهن جواب ڏئي ڇڏيهءِ ته گاريون ڇو ٿي ڏئين!“
مسز هوشنگ ٻائيءَ لاءِ ٿُڪي، هاڻي وري چٽڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو، پوءِ به ڪوشش ڪندي چوڻ لڳي: ”اها به ڪا ڳالهه آ ڀلا، اها به ڪا ڳالهه آ! جو منهنجي منهن مان جيڪا ڳالهه نڪري ان کي تون جهلي وٺين، اهو ڪاٿئون جو انصاف آ.“
مسز هوشنگ ٻائيءَ کي هيڻو ٿيندي ڏسي، لالي ٿورو مٿي اڏامڻ لڳو ۽ اعتماد سان چوڻ لڳو: ”بس بس ٺيڪ آ، مان ڪمينو هان، آواره هان، منهنجي نوڪري خلاص ٿي وئي، مون کي جواب ملي ويو، بس ختم…“
مسز هوشنگ ٻائي رئڻهارڪي ٿي وئي: ”تون منهنجو ڌنڌو برباد ڪرڻ جي پويان پيو آن ڇا؟ بي شرم.“
”بي شرم هان، ڪمينو هان، آواره هان … بس، ٻيو ڪجهه؟“
مسز هوشنگ ٻائيءَ جا ڳوڙها، هن جي ٿلهن ڳٽن تي لڙي آيا ۽ هن جي ميڪ اپ کي خراب ڪندي هيٺ ڳڙڻ لڳا، هوءَ روئندي چوڻ لڳي: ”هو آسمان وارو توسان پڄندو…“ هن مٿي آسمان ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”بس اهو مٿي وارو ئي توسان پڄندو…“ پوءِ شوڀا جي پاسي نهاري، ڏند ڪرٽيندي چوڻ لڳي ۽ چوندي هن جو چهرو بدلجي ويو: ”توسان … ۽ هن ڪميني ڪتيءَ سان به…“
لاليءَ دڙڪو ڏيندي هڪدم کيس چيو: ”هن جي ڳالهه نه ڪر، مون کي جيڪو دل ۾ اچئي چهءُ، پر هن جي ڳالهه نه ڪر…“ لالي پنهنجا ويڪرا ڪلها وڌيڪ ڦهلايا، شوڀا ڪنهن گڏيءَ وانگر هن جي ڪلهي جي هيٺ ٿي وئي.
مسز هوشنگ ٻائي پنهنجي آپي کان ٻاهر نڪري وئي، تيز ۽ تکي لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”سمجهين ڇا ٿو، ڪارنيوال ۾ توکان وڌيڪ ڪو ٻيو بارڪر ناهي؟ مان تنهنجي جاءِ تي رحمان کي رکنديس.“
”رحمان کي رکين يان وڪٽر کي، يان ڪنهن ٻئي کي، پنهنجي ته ٿي وئي ڇٽي..“ لالي چپٽي وڄائي چوڻ لڳو: ”هاڻ تون به ڪر ڇٽي، ۽ هتان هلي پهءُ … ڀڄ هتئون.“
لاليءَ کي ڪاوڙ پئي آئي، ۽ معاملي کي ان حد تائين خراب ٿيندي ڏسي هاڻي شوڀا به ڊڄي وئي، چند لمحا ته هوءَ لاليءَ جي ڪلهي سان مٿو لڳائي، بيٺي بيٺي مدهوش ئي ٿي وئي هئي، ته اوچتو کيس دنيا جهان جو خيال آيو… خاص ڪري لاليءَ جي نوڪريءَ جو، هوءَ ٿورو الڳ ٿي نرميءَ واري انداز ۾ چوڻ لڳي:
”پر لالي صاحب! جيڪڏهن هيءَ… هيءَ توکي واپس وٺڻ لاءِ تيار آهي ته تون … تون.“
”تون ماٺ ڪر صاحبه!“ لاليءَ هن کي به دڙڪو ڏئي ڪڍيو، پر شوڀا وري به چوڻ لڳي:
”پر مان نه ٿي چاهيان ته منهنجي ڪري جهڳڙو ٿئي.“
لالي، شوڀا ڏانهن نهاري ٿورو هوشنگ ٻائيءَ جي ويجهو ويندي چيو: ”مسز هوشنگ… هن ڇوڪريءَ کان معافي وٺ.“
”ڪير؟ مان! معافي! هن ، ڇوڪريءَ کان؟“ مسز هوشنگ تيز تيز لهجي ۾ چيو.
”جي ها هن ننڍڙي ڪبوتريءَکان…“ لاليءَ لفظن تي زور ڏيندي چيو، ”ٻڌاءِ؟ معافي وٺين ٿي ته مان واپس اچان ٿو.“
مسز هوشنگ جو جسم ڏڪڻ لڳو، لاليءَ جي ڳالهه ٻڌي، هوءَ ڪجهه گهڙيون چپ ٿي وئي، هن وڏي ڪوشش ڪئي، تمام وڏي ڪوشش ڪئي ته پنهنجي ڪاوڙ کي دٻائي وٺي، ۽ ڪاروباري طريقي سان ڳالهائي، پر هوءَ پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي، پوءِ اوچتو چوڻ لڳي:
”ڪير مان؟ … لالي جيڪڏهن تون هي سارو پارڪ، هي سمورو ڪارنيوال، مون کي چانديءَ جي ٿالهيءَ ۾ سجائي ڏئين… اگر تون پوري هندستان جو سون گڏ ڪري منهنجي جهوليءَ ۾ آڻين وجهين ته به مان هن ڇوڪريءَ کان معافي نه وٺنديس… مان ته وري به توکي آخري موقعو ڏيان ٿي… Last warning، ٻڌي وٺ ڇوڪري! جيڪڏهن تون سڀاڻ کان منهنجي شو ۾ آئينءَ ته هي ڏس، هن سينڊل سان تنهنجي اهڙي مرمت ڪنديس جو ڏينهن جا تارا نظر اچي ويندءِ.“ مسز هوشنگ ڳالهائيندي پنهنجو سينڊل پير مان ڪڍي پنهنجي هٿ ۾ جهليو هو، جملو پورو ڪرڻ کان پوءِ هن سينڊل هيٺ اڇلايو ۽ ان ۾ پير وجهڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته هاڻي اهو کيل پورو ٿي چڪو هو. لاليءَ جو منهن ڳاڙهو ٿيندو ٿي ويو. هن پنهنجي سونهري پٽيءَ واري، ڇڄ جهڙي بارڪر واري ٽوپي مٿي تان لاٿي، پنهنجي پراڻي مالڪياڻيءَ جي طرف سلام واري انداز سان جهڪندي چيو:
”ته سلام ميم صاحب، رام رام ميم صاحب، گڊ نائيٽ … اوهان جو رستو اهو ، منهنجو هي… اوهان پنهنجي رستي تي هلي پئو، پر ذرا جلدي ڪريو… منهنجو مطلب آهي ته ٿورو وک تڪڙي کڻجو… جيڪڏهن اڄ توهان دير ڪئي ته … حالانڪ، مون کي عورتن تي هٿ کڻڻ جي عادت ناهي …بس هڪ ڀيري بيکا ٻائيءَ اڙي ڪئي هئي ته ان کي اهڙي ڦينٽي ڏني هيم جو ٻاويهه ڏينهن اسپتال ۾ پئي هئي، سو جيڪڏهن تون چاهين ٿي ته تنهنجو حال اهڙو نه ٿئي ته ٿورو جلدي… ٿورو تڪڙو ..“