ٻيو ڀيرو قريش مڪي جو وفد ابوطالب جي خدمت ۾
ابو لهب: ڪا به نئين ڳالهه ڪانهي. البت اڄ اسان ان ڪري حاضر ٿيا آهيون جو توهان کي درخواست ڪريون ته توهان پنهنجي ڀائٽي محمد کي اسان سان مصالحت تي راضي ڪريو.
هيٺين ڳالهين تي اگر محمد راضي ٿئي ۽ صرف اسان جي بتن جي باري ۾ ڪجهه نه چئي ته اسان ان سان مصالحت لاءِ تيار آهيون.
1. جيڪڏهن ان محمد کي دولت جي ضرورت آهي ته اسان سڀ قبيلا ملي ڪري ايترو سون چاندي، هيرا جواهر گڏ ڪري ڏيون جو ايتري دولت محمد کانسواءِ ٻي ڪنهن وٽ شايد نه هجي.
2. يا ان کي سرداري منصب ۽ جاهه جي ضرورت آهي ته سارو قريش انکي پنهنجو سردار چونڊڻ لاءِ تيار آهي.
3. يا جيڪڏهن ڪنهن خوبصورت عورت سان شادي ڪرڻ گهري ته عرب جي چونڊ خوبصورت ڇوڪري سان گهڻي ساري ڏاج، مال متاع زر زمين سميت شادي ڪرائي ويندي.
4. يا تنهنجو ڀائيٽيو حڪومت جو طالبو آهي ته اسان ان کي ساري عرب جو بادشاهه بنائڻ لاءِ تيار آهيون. اهڙي ريت پوري عرب تي سندس حڪومت قائم ٿي ويندي.
5. يا ته محمد کي ڪا دماغي بيماري آهي ته اسان مشهور تجربيڪار حڪيمن کي گهرائي بهترين علاج ڪرائي سگهون ٿا.
6. يا ته ان کي ڪنهن جن ڀوت ديوَ جو اثر آهي ته بهتر ۽ ماهر نجومي، جادوگر ڪاهن کي گهرائي ان جو اثر ختم ڪرائي سگهون ٿا.
ابو لهب جو ايترين تجويزن ڏيڻ کان بعد ”انهي مفاهمت جو ذڪر پاره عَم سوره الڪافرون ۾ چٽي طرح ڄاڻايل آهي“ کيس جوش اچي ويو. ان جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو ۽ جسم سارو غصي ۾ ڏڪي رهيو هو. ان انتهائي ڪاوڙ ۽ جوش و جذبي سان ابوطالب کي مخاطب ٿيندي چيو.
ابولهب: ابو طالب ٻُڌ! ها جيڪڏهن اڃان به تنهنجو ڀائٽيو محمدﷺ ايترين سارين سهوليتن ۽ تجويزن جي باوجود پنهنجي باطل ۽ غلط نظريئي کان باز نٿو اچي. ته پوءِ تون يا ته محمد جي سرپرستي ڇڏ! يا ته مقابلي لاءِ تيار ٿي وڃ. هاڻ پاڻي نڪ کان مٿي چڙهي چڪو آهي. گهڻو ڪجهه ٿي گذريو آهي. هاڻ قرابت جو ڪو به خيال نه ڪيو ويندو. اسان جي صبر جو پيالو لبريز ٿي چڪو آهي اسان توکي ڪجهه وقت سوچڻ ۽ غور ويچار ڪرڻ لاءِ ڏيون ٿا. ۽ سوچي وٺ متان نه چئين ته مون کي سوچڻ جو ٽائم ڏيو ها.
اگر تون پنهنجي ڀائٽي جي رفاقت کان باز اچي وئين ته اسان توکي بدستور پنهنجو سردار مڃينداسون ۽ جيڪڏهن تون باز نه آئين ۽ چمٽيو رهين ته پوءِ تنهنجي لاءِ سُٺو نه ٿيندو ۽ توتي به سختيون ڪنداسون ۽ تو سان گهٽ نه ٿيندي. ابو طالب ٻُڌ! اگر تو سڀاڻي تائين هي جواب نه موڪليو ته ”آئون محمد کان هر طرح دست بردار آهيان“ ته پوءِ تنهنجي ۽ اسان جي درميان فيصلو تلوار ڪندي. ائين چئي ابو لهب اٿي کڙو ٿيو. گوياڪه ان اعلان جنگ ڪري ڇڏيو هو. ان سان گڏ ٻيا آيل سردار پڻ بگڙي اٿي روانا ٿيا. حضرت ابو طالب باوجود رئيس مڪه هجڻ جي باوجود انتهائي بردباري جو مظاهرو ڪندي، سڀني جي وڃڻ کان بعد پاڻ ڀلارن کي گهرائي هي گفتگو فرمايائين:
اي منهنجا ٻچا! منهنجن اکين جاتارا، منهنجي روح جي راحت، منهنجي پياري ڀاءُ جي جان و جگر ۽ نشاني، شل تون جيئن، تو ڏسي ورتو هوندو ته ساري قوم قريش ۽ سرداران عرب آيا هئا. انتهائي ڪاوڙيل آهن. آئون پيرسن ۽ ڪمزور آهيان. منهنجا هٿ، پير، ڪن، نظر ۽ قُويٰ جواب ڏيئي چڪا آهن. انهي ڪري آئون ساري قوم جو مقابلو ڪرڻ جي سگهه نٿو رکي سگهان. مون سان هُنن جي هي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هُنن، هِنن رعايتن جي آڇ پڻ ڪئي آهي. منهنجو مشورو آهي ته تون انهن جون ڳالهيون مڃي وٺ. آئون اڪيلو ضعيف العمر ڪنهن جو ڪنهن جو مقابلو ڪندس پوري قوم سڀاڻي مون کان جواب گهريو آهي. ٻڌاءِ ته آئون انهن کي ڪهڙو جواب ڏيان؟