چانهوءَ جو دڙو
نوابشاهه ضلعي جي سُکپور اسٽيشن کان اٽڪل ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي هڪ قديم شاهي کنڍر موجود آهي. جيڪو چانهو جو دڙو جي نالي سان مشهور آهي. هن قديم آثار جي 1936ع ۾ محڪمه آثار قديمه جي طرفان کوٽائي ڪئي ويئي. هن دڙي جي کوٽائي مان موهن جي دڙي جي دور جهڙي جهوني تهذيب جا نشان ڏسڻ ۾ آيا. ڪن جاين تي کوٽائي ڪندي اهڙيون به نشانيون ۽ ثابتيون مليون ته ڪنهن زماني ۾ هن جي ڀرسان ڪو درياهه وهندو هو. هن دڙي جي مڪمل کوٽائي نه ٿيڻ سبب اهو معلوم نه ٿي سگهيو، ته هي دڙو موهن جي دڙي کان آڳاٽو هو يا پاڇاٽو آهي. هن دڙي جي مڪمل کوٽائي ڪرڻ تمام گهڻي ضروري آهي . جنهن سان تمام وڏا تاريخ جا دفن ٿيل راز هٿ اچي سگهن ٿا . هن دڙي جي ڪيل مختصر کوٽائي مان ٺڪر جا ٿانو، پتل ۽ ٽامي جا ڪيترائي اوزار ڪهاڙين جا ڦر ، ڀالن ۽ رنبن جا منهن، ۽ گهڻن ئي قسمن جا ٿانو لڌا ويا آهن. جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي ڌاتو جي شين ٺاهڻ جو هڪ وڏو مرڪز هو. هتان جون لڌل شيون جهڪر ۽ موهن جي دڙي جي لڌل شين سان ملندڙ جلندڙ آهن. پروفيسر پٿاوالا جو چوڻ آهي، ته جيتريون ڌاتوءَ مان ٺهيل شيون چانهو جي دڙي مان هڪ دفعو کوٽائي ڪرڻ سان مليون آهن، اوتريون ڌاتوءَ جون شيون موهن جي دڙي مان چار دفعا کوٽائي ڪرڻ سان به نه ملي سگهنديون. ڊاڪٽر منڪي پوسٽر ميوزيم آف فاٽن آف بليٽن ۾ لکي ٿي ته چانهو جو دڙو هڙاپا جي تهذيب سان گهرو واسطو رکندڙ آهي. هو وڌيڪ لکي ٿي، ته لڳي ٿو پراڻي زماني جي سيلاب ۾ هن شهر جا ٻه حصا ٿي ويا. ۽ هن شهر جي برباد ٿيڻ جو سبب به درياهي ٻوڏون ٿيون ، هن وقت به درياهه هنن آثارن کان ٻارهن ميلن جي فاصلي تي وهندڙ آهي. پر آڳاٽي زماني ۾ اهو درياهه هن شهر کان کان وڌ ۾ وڌ ٽي ميل پري وهندو هو.
دڙي جي کوٽائي ۾ اها ڳالهه به سامهون آئي آهي، ته هي درياهه جي ڪنهن قديم شاخ جي ڪناري تي آباد هو. کوٽائي مان اهي به شاهديون مليون آهن، ته هي شهر به موهن جي دڙي وانگر درياهي سيلابن جي ضد ۾ رهيو. جن سبب ماڻهن کي ڪجهه ڀيرا هي شهر ڇڏڻو به پيو. انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته، هڙاپا ، جهڪر ، موهن جي دڙي ۽ چانهو جي دڙي جي رهاڪن کي دشمنن جي مقابلي بجاءِ دريائي ٻوڏن جو مقابلو ڪرڻو پيو.
هن دڙي جي آثارن مان ملندڙ ماڻهن جي بي ترتيب لاشن ۽ آسپاس پيل هٿيارن کي ڏسندي ڪي محقق اهو به چون ٿا، ته هي شهر ٻوڏن سبب نه پر ڪنهن حملي آور جي ڪاهه سبب ويران ٿيو. بحرحال انهن سمورن سوالن جا صحيح جواب ڏيڻ لاءِ گهربل سموريون شاهديون اڃان هن دڙي جي مٽي ۾ دفن ٿيل آهن. جن جا جواب مڪمل کوٽائي بعد ئي ملي سگهن ٿا . هن دڙي جي جغرافيائي بيهڪ مان اهو چئي سگهجي ٿو، ته هي قديم ماڳ به سنڌو تهذيب ۽ سرسوتي تهذيب جو سرحدي قديم شهر هو.