اڇڙي ٿر جا عجائبات
اڇڙي ٿر ۾ ڪجهه اهڙا عجائبات آهن، جن کي ڏسي ماڻهو حيرت ۾ پئجو وڃن ٿا. اهي اهڙا عجائبات آهن. جن جي منظر عام تي اچڻ سان اڇڙو ٿر گهمڻ جي لاءِ پرڏيهي سياحن ۾ دلچسپي پيدا ٿي سگهي ٿي. جن جي اچڻ سان هي دنيا کان ڪٽيل علائقو پرڏيهي دولت سان مالامال ٿي سگهي ٿو. انهن عجائبات مان ڪجهه حيرت ۾ وجهندڙ عجائبات جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.
1، سومون جو تڙ : سال 2005ع ۾ سنڌ جي سماجي تنظيم ٿرديپ هتان جي هڪ مقامي تنظيم “ ٿر سڌار سنگت ” جي تعاون سان پاڻي جي ڳولا جي هڪ پراجيڪٽ جي سلسلي ۾ اڇڙي ٿر جي ويجهو عمرڪوٽ تعلقي جي هڪ ڳوٺ سومُون سمون ۾ پاڻي جي ڳولا لاءِ بورنگ ڪري رهي هئي ته ، 1160 فوٽن جي گهرائي تي بورنگ ڪرڻ سان زير زمين پاڻي اوچتو ٺڪاءَ سان وهي نڪتو. جنهن کي 1224 فوٽن جي گهرائي تائين پائپ لاهي بند ڪيو ويو. جيڪو 2005ع کان اڄ تائين مسلسل چويهه ئي ڪلاڪ ڇهن انچن جي پائپ مان پنهنجي ساڳئي پريشر سان وهندو رهي ٿو. جنهن جي پريشر ۾ هيترو وقت گذرڻ سان ڪا به گهٽتائي نه آئي آهي. هي پاڻي گرم آهي ، وهنجڻ ، مال جي پيئڻ ، ڪپڙا ڌوئڻ جي ڪتب اچي ٿو، ذائقي ۾ پيئڻ لائق به آهي، ڇو ته هن پاڻي ۾ سوڊيم ڪلورائيڊ جي گهٽ مقدار هئڻ سبب پاڻي کارو يا لوڻياسو ناهي ، پر هن ۾ ڪجهه زميني جزا شامل هئن سبب صحت لاءِ فائديمند ناهي. هي پاڻي استعمال بعد وهي ، ڀر ۾ ئي هڪ ننڍي ڍنڍ ٺاهيو بيٺو آهي ، پر پاڻي واري ۾ واپس جذب ٿيڻ سبب انهي ٺهيل ڍنڍ ۾ واڌاري جو سبب نه ٿو بڻجي، هن پاڻي تي فصل پوکي سگهجن ٿا، پر علائقي ۾ زرعي رواج نه هئڻ سبب اهو پاڻي ضايع ٿيو وڃي. هن پاڻمرادو وهندڙ پائپ کي ڏسڻ لاءِ روڊ جي سهوليت نه هئڻ جي باوجود به ڪيترائي ماڻهو ايندا آهن. حڪومت زرعي ماهرن جي مشوري سان هتي زراعت متعارف ڪرائي علائقي مان غربت کي تڙي سگهي ٿي. ٻئي طرف روڊ جي سهوليت ڏيئي، پرڏيهي سياحت ذريعي به ناڻو ڪمائي سگهي ٿي.
2 . ڊرينهون : هي کليل وهندڙ واري جو سمنڊ به عجيب غريب حيرتناڪ منظر ڏيکاري ٿو. هن ۾ واري جي لهرن ۽ گهيرن سان هوا جي ٽڪرائڻ سان عجيب غريب آواز نڪرن ٿا. جنهن ۾ افريڪا جي رڙيون ڪندڙ واري جيان سياحن جي دلچسپي موجود آهي. هتي هڪ ساهوارو سانپوٽيو به واري ۾ هلندو ۽ ٽٻيون هڻندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جنهن جي ننڍڙي جسامت ۽ هلڻ گهمڻ به حيرت ۾ وجهندڙ آهي. وڏي ڳالهه ته هتي هيٺائين وارين جاين تي هڪ يا ٻه فوٽ کوٽائي سان پاڻي نڪري ايندو آهي. جيڪو صحت لاءِ نهايت مفيد ۽ صاف پاڻي آهي. جنهن تي صاف پاڻي جا پلانٽ لڳائي، اڇڙي ٿر جي سموري پاڻي کوٽ پوري ڪري سگهجي ٿي. هن علائقي ۾ خوبصورت نخلستان به موجود آهن، جيڪي سياحن جي دلچسپي لاءِ وڏي ڪشش رکن ٿا.
3 . پور چنڊ ڍنڍ : هن ڍنڍ جي ڏکڻ طرف واري جي ڊرينهن ۾ ٻه ڊگهيون جاڙيون قبرون موجود آهن ، جيڪي اڏامندڙ واري مان ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ٿين ٿيون. مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب اهي قبرون چنڊ نالي مرد ۽ پُوري يا پُولي نالي عورت جون آهن. انهي ڪري انهن قبرن جي ڍنڍ جي ڪنڌي تي هئڻ سبب هن ڍنڍ تي نالو پورچنڊ پئجي ويو. مقامي ماڻهن جو اهو به چوڻ آهي، ته هتي اڳ ۾ هڪ ٻيڙي جو ڍانچو به موجود هوندو هو، جيڪو سندن چوڻ موجب واري جي ڊرينهن ۾ اچي ويو آهي هي ڍنڍ قدرت جو عجوبو آهي. ڊرينهن جي وچ ۾ ٻه ڪلوميٽرڊيگهه ۽ منو ڪلوميٽر ويڪر ايراضي ۾ پکڙيل هن ڍنڍ جي تري جي اڃان تائين ڪا خبر ناهي. هن ڍنڍ ۾ ڪا به آبي جيوت ڏسڻ ۾ نه آئي آهي. هن ڍنڍ جو پاڻي کارو آهي. جيڪو مختلف رنگ به بدلائيندورهي ٿو. هن ڍنڍ جي پاڻي ۾ وهنجڻ سان چمڙي جون موذي بيماريون به ختم ٿيو وڃن. هن ڍنڍ جي ڪنارن تي سامونڊي پاڻي جيان گجي يا شوري جو مقدار به گڏ نه ٿو ٿئي. پر هن ڍنڍ جي پاسي ۾ برساتي پاڻي سبب ٺهيل پاڻي جي ننڍين ڍنڍن ۾ سوڍا کار گهڻي مقدار ۾ ملي ٿي . حيرت جي ڳالهه اها آهي ، ته هن ڍنڍ جي ڪناري سان ٻه فوٽ کوٽڻ سان مٺو پاڻي ملي وڃي ٿو. جيڪو انساني ضرورتن جي پورائي لائق آهي. هن ڍنڍ جي ٽن طرفن کان واري جون ڊرينهون آهن. اهي ڊرينهون به هن ڍنڍ کي لٽي نه سگهيون آهن. هن ڍنڍ جي پاڻي ۾ به ڪا گهٽ وڌائي نه ٿي ٿئي. هي ڍنڍ واري جي ڊرينهن جي وچ ۾ هئڻ سبب ڪنارن کان اندر لهڻ ۾گهڻي مشڪل آهي. هن ڍنڍ جي اتر طرف صرف هڪ ڳوٺ ۾ راڄڙ ذات جا ماڻهو رهن ٿا ، سندن ڳوٺ جو نالو چنڙوئي آهي ، اتي جي مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب هن ڍنڍ ۾ اندر گهڙڻ جي ڪنهن به ماڻهو جرئت نه ڪئي آهي. صدين کان هن ڍنڍ جي حالت ۾ ڪا خاطر خواهه تبديلي نه آئي آهي. جيڪا ڳالهه وڌيڪ حيرت ۾ وجهندڙ آهي . هن عجيب وغريب ڍنڍ بابت ڪيترا ئي قصا ۽ ڪهاڻيون مشهور آهن . مقامي سگهڙ ماڻهو ايتري حد تائين به ٻڌائين ٿا، ته طوفان نوح وقت زمين مان ٽن جاين تان پاڻي ڦاٽي نڪتو هو ، جن مان هڪ جاءِ شام ، هڪ جاءِ ترڪي ۽ هڪ جاءِ هتي سنڌ ۾ هي ئي پورچنڊ واري ڍنڍ آهي. بحرحال هي ڍنڍ جتي هڪ طرف سياحن جي دلچسپي جو سامان رکي ٿي ، اتي هن ڍنڍ تي سائنسي انداز ۾ تحقيق ڪرڻ جي به ضرورت آهي. جنهن سان ڪافي لڪل راز۽ ڪارآمد شيون پڌريون ٿي سگهن ٿيون . هن ڍنڍ جي اتر طرف به ٻه قبرون ڊرينهن جي وچ ۾ آهن. جن کي ڇتو ۽ نوري جون قبرون سڏين ٿا . جيڪي قبرون به ڊرينهن جي ايراضي ۾ هئڻ سبب واري ۾ پوريل هونديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ٿين ٿيون. هن ڍنڍ جي ايراضي هوا جي لڳڻ سبب ڪجهه گهٽجي ويئي آهي. پر هڪ چورس ڪلو ميٽر ايراضي مڪمل رهي ٿي. جيڪا پاڻي جي اونهائي سبب ساڳي ئي رهندي آئي آهي .
4 . ڪهيوري يا ڪيهر گاهه : هي گاهه اڇڙي ٿر جي کارين ڍنڍن جي ڪنارن ۽ ڊرينهن جي نخلستانن يا هيٺاهين وارين پوسل وارين جاين تي موجود هوندو آهي. اڇڙي ٿر ۾ جيڪي به کاريون ڍنڍون آھن، انهن جي ڪنارن سان هي گاهه موجود هوندو آهي. هن گاه جي هيٺان تقريبن فٽ ڏيڍ جي مفاصلي تي کوٽائي ڪرڻ سان مٺو پاڻي نڪرندو آھي. جنهن کي مال ۽ ماڻھون پيئڻ طور استعمال ڪن ٿا. گرمين جي موسم ۾ هي پاڻي کوهن جي پاڻي کان وڌيڪ ٿڌو پڻ هوندو آهي. انهن کان سواء ھي گاه اڇڙي ٿر ۾ ڊرينهن جي ڪجھ حصن ۾ به ملي ٿو ۽ اڇڙي ٿر کان علاوه هي گاه ٽنڊي مٺاخان ويجهو ڏيجي ڍنڍ جيڪا سم ۽ ٻوڏ سان پيدا ٿيل آھي. انهي جي ڪنارن سان به ملي ٿو. ان کان سواء چوٽياريون ، سرنواري ، ٽنڊومٺاخان ۽ ان جي آس پاس ۾ به ڪٿي ڪٿي نظراچي ٿو. پر اتي ڍنڍون موجود ناهن . پراڻن سِمن ۽ پوٺن ۾ به ھوندو آھي. هن گاه کي اڇڙي ٿر جا مقامي ماڻھو ڪيهر جي نالي سان سڃاڻن ٿا. پر ڪٿي ڪٿي هن گاه کي ڪيهوري يا ڪيهور پڻ سڏيو وڃي ٿو. پر اڪثر ماڻهو هن گاهه کي ڪيهر جي نالي سان سڃاڻن ٿا. هي زمين تي ڇٻر جيان ڇٽ هڻي وڇايل هوندو آهي. هن گاهه جي آسپاس کارو پاڻي موجود هوندو آهي يا بنهه پاڻي نه هوندو آهي. پر ضرورت وقت اگر ڪو ماڻهو هن گاهه جي جاءِ تي وڌ ۾ وڌ ٻه فوٽ ننڍو کڏوهڻندو، ته تمام ٿڌو ۽ صاف مٺو پاڻي ملي ويندو. هن پاڻي جي ٽيسٽ ڪرڻ بعد خبر پئي ، ته هي پاڻي نيسلي جي منرل واٽر کان به ڪوالٽي ۾ بهتر آهي. ويران ٿر ۾ هن گاهه جي هيٺان ايترو ويجهائي تي پاڻي ملڻ هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي. عام ماڻهن جو خيال آهي ته هن گاهه جي پاڙن ۾ ڪو اهڙو تاثير آهي جو کاري پاڻي کي به مٺو ڪريو ڇڏي. اڇڙي ٿر جي اڃايل ماڻهن لاءِ هي گاهه زندگي جي علامت آهي. ان ڪري لڏپلاڻ دوران هو اهڙي جاءِ تي رهندا آهن، جتي هي گاهه موجود هوندو آهي.
5 . ڪتڻ گاهه : هي ديسي سبز چانهه جهڙو ٻوٽو هوندو آهي. هي ٿوري برسات تي به چهچ سائو ٿيو وڃي. مال هن گاهه کي شوق سان کائيندو آهي. هن گاهه جي پنن مان هڪ وڻندڙ ۽ روح کي تازگي بخشيندڙ خوشبوءَ ايندي آهي. هن گاهه کي کائيندڙ مال هڪدم ٿلهو متارو ٿيو وڃي . جيڪڏهن ڪا سوئا ڍڳي هن گاهه کي کائيندي ، ته انهي جي کير ۾ به وڻندڙ خوشبوءَ پيدا ٿي ويندي . هن کير مان نڪتل مکڻ ۾ به اها وڻندڙ خوشبوءَ موجود هوندي . اڪثر ماڻهو اهو کير ۽ مکڻ پنهنجي دوستن کي به تحفي ۾ ڏيندا آهن. جيڪو هڪ قيمتي سوکڙي طور قبول ڪيو ويندو آهي.
ڪتڻ گاھ ناري جي ٽاڪرو علائقي دينڻ بزرگ، سوراھ، باقر شاھ بزرگ ۽ ميرن جي ٺھرايل نمبري تلاء واري علائقي ۾ برساتي نين جي وارياسن وھڪرن ۾ گھڻو ٿيندو آھي. ڪتڻ گاه اڇڙي ٿر جي ٽاڪرو ٿر کانسواءِ برساتي پاڻي جي وهڪرن جي پاسي ۾ ۽ اڇڙي ٿر جي ڊرينهن جي آبي گذرگاهن تي به ٿيندو آهي. هي گاهه اڇڙي ٿر جي ڍنڍن ڏانهن ويندڙ وهڪرن جي ڪنارن تي به ٿوري تعداد ۾ موجود هوندو آهي. برسات جي دوران پوري اڇڙي ٿر ۾ آبي وهڪرن جي ڪنارن تي ڦٽندو آهي. پر جيئن ته اڇڙِي ٿر ۾ مال سوڪ ٿيڻ بعد انهي جا ٿٻ ۽ پاڙون به کايو ڇڏي. انهي ڪري هي گاهه ٿر ۾ عام حالتن ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. باقي ٽاڪرو ٿر جي جابلو پٽن ۾ هي گاهه مال جي گهٽ چرڻ سبب موجود هوندو آهي. هن جا گاهه جا ٿُٻ سوڪ جي حالت ۾ به موجود هوندا آهن . انهي ڪري عام سمجهيو ويندو آهي، ته هي گاهه صرف ٽاڪرو ٿر جو گاهه آهي . پر هي گاه پوري اڇڙي ٿر جو گاهه آهي.
ڪتڻ ڏاڍو خوشبوء دار گاھ آھي جيڪو چانھ ۾ به استعمال ڪري سگھجي ٿو، سياري جي موسم ۾ ڪتڻ گاھ جي سڪل ٻوڙي مان ڪک پٽي پاڻي ۾ ڪاڙهي پيئڻ سان زڪام ڇڏيو وڃي، ڇاتي به صاف ٿيو وڃي . کنگھ کڙڪي لاء بھترين دوا طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. انهي کان علاوه ڪتڻ گاھ سان اتي جون عورتون کير وارا ٿانوبه مانجھينديون آھن، ته جيئن کير خوشبودار رھي. انهي علائقي ۾هن گاهه سان گڏ ٻيا قيمتي گاھ به ڦٽندا آهن . جيئن گھوڙاول ٻوٽي جنهن جو ٻج ڪاڙھي انجو پاڻي پيارڻ سان گوڏن جو سور ڇڏيو وڃي. گائو زبان نالي ٻوٽي ڪاڙهي ڪنهن به شربت ۾ وجھبي ته اهو شربت وڌيڪ سوادي ۽ خوشبودار ٿي ويندو.
انهي کان علاوه ڪتڻ گاھ کي ٿر واسي اٺن جي پاکڙن جي ھيٺيان اٺ جي پٺي جي بچاءَ لاءِ ڏنل نرم ٿڙھن يا پيڙهن ۾ به ڀرتي طور استعمال ڪندا آھن. اٺ جو تڙھو ڪپڙي جو به ٺھندو آھي، وڏن ٽائرن جي ٽيوبن مان به ٺھندو آھي، جانورن جي کلن مان به ٺھندو آھي، ان ۾ ڪتڻ گاھ وجھي ڀري ۽ سبي ڇڏيندا آھن، ۽ اٺ جي پٺي تي تڙھا رکبا آھن . تڙھن جي مٿان وري پاکڙو رکبو آھي . ائين ڪرڻ سان اٺ جي پٺي ٿڙهن جي نرمي سبب سلامت رهندي آهي.