ڪتاب جو نالو: اداس اکڙيون
مصنف: يوسف جميل لغاري
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 25 جنوري 2019 ع
پڙهيو ويو: 548 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 254 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
نثري ٽڪرن جي هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار يوسف جميل لغاري آهي.
يوسف جميل لغاري جي هن نثري ٽڪرن جي مجموعي ۾ اهي تحريرون شامل ٿيل آهن جيڪي هن مختلف ڪيفيتن جي حاوي ٿيڻ مهل لکيون آهن، سندس هر هڪ تحرير جو عنوان سندس محبت، محبوب ۽ سندس محبوب جو حسن اهي
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • جَل ماڻهو هجڻ
  • لفظ لفظ تصور جوڙين ٿا
  • تون اونداهي واٽ ۾ لاٽ آهين
  • وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نہ ٿي
  • ماڻهو مڻيادار
  • ليکڪ پاران
  • نثري ٽڪرا

  • هان مان اَڻپُورو آهيان
  • تون ڇا ڄاڻي
  • اداس اکڙيون
  • ڪَـــويتا
  • هڪڙي چٺي تنهنجي نالي
  • ها پرين تون مرڪندي ڪر
  • منجهِــي پيــو آهــيان
  • هي بي رحم زمانو
  • دلــــبــريـــون
  • پرين جي پيار جي پرچي
  • راز نِياز جون ڳالهيون
  • عشق جي افسردگي
  • لِکِئي جُون لامُون
  • منهنجي اندر منجھ تنهنجو اولڙو پرين
  •   اکڙين کان اکين تائين جو سفر
  •   ڪاغذ جو گهر
  •   اکيون به باندي رڳون به باندي
  • تنهنجون يادون ۽ اڪيلائي
  •   شرميــــليون نگاهـــون
  • ناســي نيــــڻن واري محبــوبا
  • ڪولڊ ڊرنڪ واري محبوبا
  •   اڄ تنهنجي هڪ چِٺِي هٿ لڳي
  •   عڪس يار
  •   ڪڏهن ڀلا ائين بہ سوچيو اٿئي
  • اوه منهنجي دل جي نگر جي چري ڇوڪري
  •   ڪانگل سائين، ڪٿي گم آهي
  •   خاموش سڏڪا
  • هٽلر صفت محبوبا
  •   دل جــو نگـــر
  • اداس اکڙيون
  • سُنسان راهون
  •   جديد محبت
  •   پيار پائينده باد رهي
  • ڪلھ رات ستارا مُرڪن پيا
  • چري چاهت

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئو ڪتاب ” اداس اکڙيون“ اوهان اڳيان پيش آهي، نثري ٽڪرن جي هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار يوسف جميل لغاري آهي.
    يوسف جميل لغاري جي هن نثري ٽڪرن جي مجموعي ۾ اهي تحريرون شامل ٿيل آهن جيڪي هن مختلف ڪيفيتن جي حاوي ٿيڻ مهل لکيون آهن، سندس هر هڪ تحرير جو عنوان سندس محبت، محبوب ۽ سندس محبوب جو حسن اهي.
    يوسف جميل لغاريَء جو ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري ناھي ڇاپيو، تنھنڪري ھن پيار، پاٻوھ، سڪ ۽ اڪير مان سنڌ سلامت ڏانھن موڪليو آھي تہ جيئن آن لائين اپلوڊ ڪري سڀني سنڌين تائين پھچايون. ان کان اڳ سندس ڪهاڻين، ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو پڻ سنڌ سلامت تي شيئر ڪري چڪا آهيون.
    پيارا يوسف جميل لغاري سنڌ سلامت سٿ ۽ فورم اوھان سان گڏ ھنن لکڻين کي بہ دلي موٽ ڏيندو. اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    Sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    عشق ۾
    گرفتار ٿيندڙ سڀني
    الهڙ نارين جي نانءِ


    جَل ماڻهو هجڻ

    يوسف جميل لغاري نالي سان ته سڃاڻ تڏهن ٿي هئي جڏهن اڃان سوشل ميڊيا عروج تي ڪونه پهتي هئي نه ئي انڊرائيڊ موبائيل فون هٿ هٿ ۾ جاءِ ولاري هئي تڏهن عوام الناس جو رجھان هيو ته صرف ئي صرف پرنٽ ميڊيا ڏانهن هو. انهي دور ۾ جڏهن مامي جي دوڪان تي روزانه ڪاوش اخبار جيڪا سنڌ ماءُ جيجل جي سورن، پاڻي جي احتجاجن ۽ بيروزگاري مان تنگ ٿي خدڪشي جهڙي هانوءِ ڏاريندڙ ڪيسن سان ڀري پئي هوندي هئي( اڃان به آهي) ته منهنجون پتڪڙيون اکيون ساوڻ جيان وسي بعد ۾ لغڙ بڻجي پنهنجي تعلقي جو نالو ڳولڻ ۾ مصروف هونديون هيون.
    تڏهن اخبار جي پويان هائيڊ پارڪ واري جاءِ تي ٺري ميرواه جي اڳيان يوسف جميل لغاري جو خوبصورت نالو نظر ايندو هيو. تڏهن يوسف شايد اختصاري ڪهاڻيون، شاعري يا ڪالم نه لکندو هو پر پنهنجي پار جا، پنهنجي وستي جا سور، درد ۽ پيڙاھ محسوس ڪري اخبار جي هائيڊ پارڪ تي انهن کي ڇپرائيندو هو يوسف جون اِهي دانهون ڪڏهن ٽٽل روڊ جي مرمت لاءِ هونديون هيون تہ ڪڏهن وري سڙيل ٽرانسفارمر يا بجلي جي لوڊشيڊنگ تي هونديون هيون اسان جو هي دوست ذهن ۾ پيدا ٿيل تڙپ کي پنن تي قيد ڪري اخبار ڏانهن پيو اماڻيندو هو.
    انهي سان گڏوگڏ يوسف جون دانهون تعلقي جي لائيبريري جي قيام لاءِ پڻ هونديون هيون( جيڪي هاڻي به ڪري رهيو آهي) يوسف جي دانهن مان مون کي اهو محسوس ٿيو آهي ته جيڪڏهن لغاري صاحب لکڻ جي شروعات ڪئي ته پنهنجي ڀومي جي ڏکن کي محسوس ڪري تلوار کي قلم جو روپ ڏئي لکڻ شروع ڪيو.
    اهڙي ريت هن وقت اسان جي يارويس محبوب يوسف جميل لغاري سميت سنڌ ۾ رهندڙ ٻيا لغاري قبيلي جا ماڻهو به پاڻ کي ڌرتي جو حلالي پٽ سمجهي ڪري سنڌ وطن کي پنهنجو وطن سمجھي پاڻ کي سنڌي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. اچون ٿا واپس يوسف جميل لغاري طرف اها ته صرف منهنجي يوسف جميل لغاري نالي سان سڃاڻ هئي جيڪا اخبار ذريعي صرف سندس من مهيندڙ نالي سان ٿي هئي پر منهنجي حقيقي ملاقات انگريزي ۾ جنهن کي چوندا آهيون ( فيس ٽو فيس) اها تڏهن ٿي جڏهن آئون پنهنجو تعليمي سفر جاري رکڻ لاءِ خيرپور ميرس شهر ڏانهن منتقل ٿيو هيس خوش قسمتي سان منهنجي رهائش جو بندوبست به ڪنهن دوست جي مهربانين سان لغاري ذات جي بيچلرس ڇوڪرن سان ٿيو جيڪي مسٽر يوسف جا سهڻي سنڌي ۾ ڳوٺائي يا پاڙيسري هئا ۽ اسين شاگرد لڏو هڪ ئي روم (ڪمرو) ۾ رهندا هئاسين.
    شاگرد لڏي وارا روم اسان جھڙن روحاني خانه بدوش ناول نگارن شاعرن ڪالم نگارن جا مرڪز هوندا آهن جتي ڪيئي رولاڪ ماڻهو ايندا ۽ ويندا آهن ائين ئي اتي سهڻو شارٽ اسٽوريز رائيٽر، ڪالم نگار ۽ ڪجھ ڪجھ شاعري جو آرٽ رکندڙ يوسف جميل لغاري اچي ظاهر ٿيو جڏهن تعارف ٿيو ته هي اهو يوسف نڪتو جيڪو ڪاوش اخبار ۾ پنهنجي ڳوٺ جا درد ۽ پيڙاءُ لکندو هو لغاري صاحب سان ڪيئي ڪلاڪ ڪچهريون ڪرڻ کان بعد ۾ سندس شخصيت مان آءُ متاثر ٿيس ته جيترو هي سهڻو آرٽيسٽ آهي ۽ ننڍي قد جو مالڪ آهي اوترو ئي هماليه جيتري سوچ رکندڙ فرد آهي ملاقاتون وڌڻ کان بعد جيڪو مون ڄاتو ته يوسف ڪنهن سان جلدي ۾ سنگت رکي ڪونه ٿو پر جيڪڏهن رکي ٿو ته زندگي جي آخري هڏڪي تائين نبهائڻ جي سگھ بہ رکي ٿو.
    هزارين خوبين مان اها به خوبي اٿس ته ڳالهائي گھٽ ٿو جيڪڏهن ڳالهائڻ شروع ڪندو آهي ته رومانس، تاريخ، ادب تي ڳالهائيندي باک ڦٽي سگهي ٿي يار ٽهڪ گھٽ مُک تي مرڪ گھڻي سجائي ٿو پر ٽهڪن ڏيڻ ۾ شروع ٿئي ٿو ٽهڪن جي ٽمٽار لڳي وڃن ٿا.
    جيڪڏهن يوسف جي ادبي پورهيي تي ڳالهائجي ته اهو ائين آهي جئين دري مان آسمان کي ماپڻ ڇو جو دلبر هر فن جو مالڪ آهي جنهن جو شاهد هر ميگزين، اخبار سان گڏوگڏ سندس لکيل چار ڪتاب آهن انهن ڪتابن ۾ هي جيڪو پنهنجي وطن جي ڏکن ڏوجهرن کي سمجهي ڪالم ۽ مضمون لکي انهن کي (سانجھي ويل سڏڪندڙ خواب ۽ واڄٽ ڪن وڻجار) ڪتاب جي صورت ڏي ٿو اهي ٻئي ڪتاب به پڙهڻ جي لاءِ بهترين مواد آهن. ڇو جو هر دور ۾ وقت جا ڪالم نگار ۽ مضمونگار پنهنجي مهاڳ ۽ وطن لاءِ تاريخ ۾ شاهد بڻجي ويندا آهن ائين يوسف جميل لغاري به سنڌي قوم جو سفير بڻجي سنڌ جي مسئلن کي دماغ سان سوچي سمجھي انهن جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪري ٿو.
    يوسف سنڌ جي سورن، تڪليفن ۽ پيڙاھن تي لکڻ سان گڏوگڏ رومانس تي به شارٽ اسٽوريز لکڻ جو فن قبضي ۾ ڪري وٺي ٿو جنهن ۾ هو پنهنجي مقدس درس گاه شاه عبدالطيف ڀٽائي رح ۾ واري جيان کسڪي ويل وقت کي به ڪئين نہ سهڻي نموني سان ڪتاب( خوابن جا پاڇا) ۾ سهيڙي ٿو جتي هو ڪنٽينن تي محبوب سان گذاريل پلن کي پنهنجي زندگي جا بهترين پل سمجھي ٿو جڏهن محبوب کان باءِ آٽوگرافي مليس ٿي ۽ يونيورسٽي جو سفر پنهنجي منزل تي پهچي ٿو ته يوسف جميل لغاري مايوس ٿي وڃي ٿو دڙن جي ديس ۾ ويهي چانڊوڪين ۾ هو پنهنجي محبوب ۽ هن جي چٺين کي مقدس ڪتاب جي پني جيان چمي پنهنجي اکين تي سجائي پنهنجي اندر ۾ پيدا ٿيل هر احساسن کي پني جو روپ ڏيئي ڪئين نه ڪوري ڪاغذ تي ڪتاب اداس اکڙيون لکي پنهنجي اندر جا احساس ونڊي ٿو.
    جڏهن اسان پارا اداس اکڙيون پڙهن ٿا ته هڪ نئين دنيا ۾ پنهنجي الڳ دنيا سجائي ويهن ٿا اها دنيا جيڪا نوري ۽ ڄام تماچي جي هيئي سسئي ۽ پنهون جي هيئي ليلا ۽ مجنون جي هيئي سهڻي ۽ ميهار جي هيئي.
    سنڌي ادب کي ڏنل يوسف جا چاريئي ڪتاب (يوسف بهترين ليکڪ آ) جي چٽي تصديق وارا سرٽيفيڪٽ آهن. سمورن ڪتابن جي سافٽ ڪاپي پڙهي جئين ڏٺو آ مون ته ۾ ڪا به جھول نظر نٿي اچي باقي ڪجُھ ننڊيون شيون هر شاعر، ناول نگار، تاريخدان ۽ ڪالم نويس کان رهجي وينديون آهن تنهنڪري انهي حالت ۾ مطلب لغاري صاحب اڃان مون جيان سکندڙ مرحلي ۾ آهي تنهن هوندي به هر طرف کان پاڻ کي غلطين کان بچائڻ جي ڪوشش ضرور ڪري ٿو.

    ڪوي آصف جسڪاڻي
    ٺري ميرواھ


    لفظ لفظ تصور جوڙين ٿا

    اداس اکڙيون يوسف جميل لغاري جو لکيل ڪتاب جيڪونثري ٽڪرن تي مشتمل آھي ڇا ته بهترين ۽ دلڪش موضوع رکيا اٿس ڪتاب جي فھرست ۾ جھڙوڪ تو ڇا ڄاڻين, ڪويتا، خاموش سڏڪا, سنسان راهون وغيره
    هن ڪتاب منجھ ڪٿي يوسف جميل لغاري پنهنجي محبوب ڏانهن چٺيون ٿئي لکيون ته ڪٿي وري مُنجهي پيو ۽ ڪٿي ڪاغذ جا گهر ٿئي ٺاھيائين ته ڪٿي وري اکين جو اکين تائين سفر ٿئي ڪيائين پر تمام بهترين موضوع رکيا اٿائين.
    جهڙوڪ پرڪشش ھجن جئين انهن جو نالو ٿو کڄي ته اندر منجھ انهن جا تصوير اُڀري ٿا اچن جھڙوڪ هڪ نثري ٽڪڙي کي نالو ڏنو اٿائين ڪويتا جڏھن منهجي نظر ڪويتا تي پئي ته منهجي ذھن منجھ ھڪ حسين خوبصورت ناري جي تصوير اُڀري ٿئي آئي.
    اھڙي طرح سان جيڪي به موضوعن جا نالا رکيل آھن تنين جي چند شبدن ۾ ئي ڄڻڪ وڏو مطلب رکيل آھي ۽ تمام بهترين موضوع رکيل آھن.
    مان يوسف جي لکڻين مان چڱي طرح سان واقف آھيان سائين جن تمام سٺي نسبت سان لکڻين کي لکندا آھن ۽ سائين جن جي لفظن جي بيهڪ ڪمال آھي مان سائين جن جا پهريان آيل ٽي ڪتاب پڙھي چڪو آھيا انهن منجھ به تمام بهترين لکيل آھي پر هن ڪتاب ۾ ان جي فهرست ڄڻڪ سڄو ڪجھ ٻڌائي ڇڏيو آھي ۽ ڪتاب جي مقبوليت جو سنڪيت ڏئي ڇڏيو آھي.
    مان ڪتاب جي فهرست مان تمام گھڻو مائل آھيان ۽ يوسف جميل لغاري سائين لاء دعاڳو آھيان ته سائين جن جو هي ڪتاب سائين جن ۽ سندن پرستارن لاء سٺو ثابت ٿئي.


    ثاقب بلوچ


    تون اونداهي واٽ ۾ لاٽ آهين

    گذريل ٽن چئن سالن ۾ مون گهڻن اديبن کي پڙهيو آهي پر جنهن ليکڪ جي لکڻين مان مون گهڻو ڪجھ سکيو ۽ پرايو ۽ جنهن جي لکڻين کي پڙهي ڪري مون کي بہ شوق جاڳيو تہ ٻيلي ڇو نه مان به ڪجھ لکان ۽ ڪجھ ڪيان پر پهريان گهٻراٽ محسوس پئي ڪيم تہ لکڻ جي شروعات ڪيان پر جڏهن پنهنجي پياري دلعزيز محنت ڪش دوست يوسف جميل جي لکڻين کي پڙهيم ۽ پڙهندي پڙهندي سندس لکڻين ۾ ائين گم ٿي ويم جئين ڪير ڪنهن جي حقيقي عشق ۾ گم ٿي ويندو آهي.

    مان به يوسف جي لکڻين ۾ ائين گم ٿي ويم ۽ ائين محسوس ڪيم مونکي بي يوسف جي لکڻين سان حقيقي عشق ٿي ويو آهي يوسف جميل منهنجو پيارو دوست آهي پر ان سان گڏو گڏ ادب جي دنيا ۾ منهنجو استاد به پڻ آهي مان سرخ سلام پيش ڪندم
    پنهنجي پياري دوست يوسف جميل کي جنهن جي لکڻين مان مون گهڻو ڪجھ سکيو ۽ جنهن جي لکڻين کي پڙهي ڪري مون ۾ لکڻ جو شعور بيدار ٿيو.

    يوسف هڪ محنت ڪش پنهنجي ڪم سان سچو ۽ سنجيده انسان پڻ آهي مان جئيڻ جو طريقو يوسف کان سکيو آهي ڇو جو هو ڪيڏو به کڻي پريشان هجي يا وري ڪهڙي بہ ڪيفيت ۾ ڇو نه هجي پر هن جي چهري تي مان هميشه هڪ محبت ڀري مُرڪ ڏٺي آهي هن جي اها مُرڪ ڏسي ڪري مون کي هميشه حوصلو ملندو رهيو آهي ڀائو يوسف چيو پريشانين کي منهن ڏئي ڪري اسان کي اڳتي وڌڻو آهي وقت سان گڏ هلڻو آهي ۽ وقت جو قدر پڻ ڪرڻو آهي جي اسان وقت جو قدر نه ڪنداسين تہ وقت بہ اسان قدر ڪونه ڪندو.


    فهد عزيز لغاري


    وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نہ ٿي

    ڳالھ ڪندا آهن تہ وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نہ ٿي يعني ڪو بہ قول ڪو بہ شعر ڪو بہ فن ڪا بہ عمارت جوڙيندڙ تي منحصر هوندي آهي. مشهور قول آهي تہ شخصيت ان کان بہ اُتم آهي هڪ ٻيو مشهور شعر آهي تہ شاعر اڃان بہ اُتاهون آهي، جيڪڏهن ڪوئي مشهور فن آهي تہ فنڪار اڃان بہ اهم آهي، ڪا مشهور عمارت آهي تہ مُعَمَرُ جي ياد دهاني ضرور ڏياريندي ۽ ڪاريگر جو فن مڃرائيندي، ان طرح هن وسيع دنيا ۾ هيڪاندا دماغ آهن. ڪي فلسفي، ڪي منطقي، ڪي مصور، ڪي مقرر، ڪي محرر ۽ هر هڪ جي سمجھ پنهنجي پنهنجي آهي. هن سموري جهان ۾ ٻولين، تهذيبن، ثقافتن، سماجي طور طريقن کي بيان ڪرڻ لاءِ بهترين اسلوب ادب آهي.
    زندگي ڪيئن گذري، جواني، ٻالڪپڻ ۽ اُن سان سلهاڙيل انفراديت ۽ دوستن سان وابستگي ڪس ڪسر، جذبات تي ضبط، ڏکيا مرحلا شڪوه، تعريف يا فقط عاشقي جو دور ڪيئن اک کڄي وئي، خاموش نگاهن ڇا چيو ۽ اڳلي ۾ ايتري سمجھ هئي جو اکين جي اٽڪڻ ۾ محسوس ڪري ويو تہ اهي اکيون نفرت ڪن ٿيون، هي اکيون لالچي آهن، هي اکيون خوش آمدي آهن، هي اکيون محبتي آهن تن سڀ ڳالهين کي سُٺي نموني سرجڻ منهنجي راءِ مطابق ادب آهي.
    سڄي جهان ۾ ادب ۽ اديب آهن، جهان ۾ مُلڪ آهن اُتي بہ ڪيترائي اديب آهن، ملڪن ۾ صوبا آهن اُتي بہ ڏاڍا اديب آهن، صوبن ۾ ڊويزنون اُتي بہ جام اديب آهن، ڊويزنن ۾ ضلعا آهن اُتي بہ جام اديب آهن، ضلعن ۾ تعلقا اُتي بہ جام اديب آهن، تعلقن ۾ ڳوٺ، ڳوٺن ۾ بہ جام اديب آهن ان طرح ٺري ميرواھ جي هڪ ڳوٺ ۾ ٻهراڙي جي سماج سان واسطو رکندڙ ” يوسف جميل لغاري“ اسان جو هڪ بهترين اديب آهي دوست سان منهنجو واسطو سنڌي ادبي انجمن جي پليٽ فارم تان پيو، ماٺ ميٺ جي ملاقاتن ۾ اُن کي درويش صفت انسان محسوس ٿيو.
    سياسي حساب ڪتاب سان بہ ان جو هڪ الڳ جهان ڏٺم ۽ کيس سوشل ورڪر ۾ بہ سڃاتم، گذريل اليڪشن ۾ هُو تبديلي پسند هيو، اِها فطري سوچ آهي تہ ڪو ڪهڙو پاسو قبول ڪري، دوست هڪ نهايت بي باڪ جفا ڪش انسان آهي ۽ ادبي لحاظ سان ڪهاڻيڪار آهي، مختلف ڪهاڻين جا ننڍڙا ڪتاب لکيا آهن جيڪي ڪهاڻيون سماج، رواج، اجتماعي، انفرادي ڪردارن جي واضع ترجماني ڪن ٿيون. ظالم جي نندا، مظلوم جي داد رسي جو ثبوت ملي ٿو. وڏا ماڻهو ڪيئن هوندا آهن ۽ نوڪر جي زندگي ڪيئن هوندي آهي واضع ٿيل آهي ان جي ڪهاڻين ۾. نوجوان نسل کي ان جي ڪهاڻين مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ سوچڻ ۾ تبديلي جو گس سوچڻ گهرجي.
    آئون سندس نثري ٽڪرن تي مشتمل هن ڪتاب ” اداس اکڙيون“ لاءِ هي تاثرات لکي خوشي محسوس پيو ڪيان تہ ٺري ميرواھ مان اسان سنڌ کي ادب ۾ ڪو نئون جدارو تبديلي پسند ادبي لڏو بہ ڏيڻ گهرون ٿا آخر ۾ گذراش ڪندس تہ يوسف جميل لغاري صاحب پنهنجي ڪوشش قلم جي حوالي سان نج مخلصانہ رکي، حقيقت نگاري جي منظر کي خوب سامهون آڻي ۽ فقرا اهڙا ڪم آڻي جن جو قدر ايندڙ صدين تائين رهي. فقط تعريف تي خوش نہ ٿئي ۽ خود بہ تنقيدي لاڙن ڏي اچي ۽ تنقيد جي علم کي سکي ۽ کيس فقط ڪهاڻي ۾ ئي زندگي کپائڻ نہ گهرجي کيس تاريخ تي بہ ڌيان ڏيڻ گهرجي.


    عاجز عزيز شر


    ماڻهو مڻيادار

    سونهاري سنڌ علم ادب جو اهڙو خطو آهي جتي هيرا موتي مڻيادار انسانن جنم ورتو آهي. انهن منجھ ولي، عالم، بزرگ، اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ سگهڙ اچي وڃن ٿا جن وقت بوقت پنهنجو نالو نروار ڪيو آهي. جڏهن ڪهاڻيڪارن جي صف ۽ موتي مالها کي ڏسبو تہ ڪيترائي ماڻڪ ان مالها جي زينت بڻيل نظر ايندا.
    اهڙن ڪهاڻيڪارن ۾ هڪ بهترين نئين ٽهي جي نماڻي شخصيت بهترين ڪردار جو مالڪ سٺي سوچ رکندڙ انسان جنهن جو نالو اسين هر ڪچهري هر محفل ۾ کڻندي فخر محسوس ڪندا آهيون. اُهو آهي اسان جو بهترين دوست ڀائرن جهڙو ڀاءُ يوسف جميل لغاري. جنهن سان ٻاروتڻ جي زندگي کان وٺي جواني تائين رسڻ پرچڻ روز مرھ جو وهنوار رهيو آهي حقيقت جيڪي آهي اها اڄ مان پنهنجي هن تاثرات ۾ پيش ڪيان ٿو تہ يوسف جميل لغاري جي شخصيت يا هُن جي ڪهاڻين تي يا مضمونن تي لکڻ مون وس نہ آهي اِهو اِن ڪري تہ هو منهنجي تحرير کان بہ مٿاهون آهي مون ڪوشش ڪئي آهي تہ يوسف جميل لغاري جي شخصيت تي لکڻ بدران ان جي خيالن تي لکان.
    يوسف جميل لغاري جو جيڪو بہ نثر آهي ان نثر ۾ حقيقت نگاري نظر ايندي آهي جيئن پهرين ڪتاب ۾ يوسف جي جڳ مشهور ڪهاڻي جيڪي تمام بهترين لکيل هئي جنهن جو عنوان هو ”ڦڪي چانھ “ جنهن مان ايترو متاثر ٿيس جو مون ڀانيو تہ هي ڄڻ منهنجي آتم ڪٿا آهي جيڪا يوسف جميل لغاري پنهنجي ڪهاڻي طور ڄڻ مون تي لکي آهي يقين ڪيو اها ڪهاڻي مون کي ايترو پسند آهي جو هر پروگرام ۾ مان يوسف جميل لغاري کي ان ڪهاڻي جي فرمائش ڪندو آهيان.
    يوسف جميل لغاري نہ صرف پنهنجي دردن جي ترجماني ڪندڙ نوجوان آهي پر يوسف ٻين جي دردن کي بہ محسوس ڪندڙ هڪ ڪهاڻيڪار هڪ مضمون نگار بہ آهي جيڪو سماجي براين تي بہ ڪهاڻيون لکندو رهي ٿو ڪهاڻين سان گڏ يوسف جميل لغاري جا مضمون بہ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکن ٿا جن ۾ هميشہ مون کي سنڌ جي سورن جون دانهون ملنديون رهيون آهن انهن مضمونن مان ڪجھ مضمونن جا نالا ڏجن ٿا جيئن مثال طور يوسف جميل لغاري لکيو هو ” تبديل ٿيندڙ سنڌ جي سياسي صورتحال“، يا وري ٻيو هڪ مضمون جيڪو صرف وطن جي بقا لاءَ آهي، ” اچو تہ ڌرتي جو قرض لاهيون“ برحال اهڙيون کوڙ لکڻيون يوسف جميل لغاري جي ڊائري مان ملنديون جن ۾ سماج جي براين کان وٺي پنهنجي مارن جو درد تي ڪي ئي اڻ کٽ تحريرون درج ٿيل آهن.
    آءُ جيترو بہ يوسف جميل لغاري جي لکيڻن تي لکڻ چاهيان ايترو گهٽ آهي اهو ان ڪري تہ هن جون لکڻيون هڪ پنهنجي قول فعل سان ڀريل هونديون آهن يوسف جميل لغاري مستقبل جو هڪ بهترين ليکڪ نظر اچي ٿو جنهن لکڻين مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، اسان جو يوسف جميل لغاري کي دعا آهي تہ يوسف جميل لغاري هميشہ پنهنجي قلم ذريعي پنهنجي ڌرتي جي دردن کي عوام الناس تائين ائين پهچائيندو رهي ٿو.


    آڪاش ميرواهي


    ليکڪ پاران

    ادب سان سلهاڙيل اسين سڀ، عجيب سماج جا انتهائي غريب ماڻهو آهيون، ڇو تہ عمومن اسين ايترا تہ مفلس هوندا آهيون جو اسان وٽ ڪتاب خريد ڪرڻ جي سگھ بہ ڪو نہ هوندي آهي، جن ۾ وري ٿوري گهڻي ڪتاب خريد ڪرڻ جي سگھ هوندي آهي تہ وري انهن ماڻهن کي ڪتابن سان دلي لڳاءُ ڪونہ هوندو آهي، ڪي تمام ٿُورا بلڪ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪي مغز ڦريا هوندا آهن جن جو عشق ڪتابن سان، مطالعي سان، مشاهدي سان ۽ فڪر جي ڦرهي تي ويچارڻ سان هوندو آهي.
    آءُ بہ پنهنجي ڳوٺ جي مڙني ماڻهن کان هڪ جدا گانہ طبعيت رکندڙ فرد آهيان، منهنجو چاھ نہ چانڊوڪين سان رهيو آهي ۽ نہ ئي مون کي ڪنهن اُماس راتين سان ڪا شڪوه يا شڪايت آهي، آءُ هميشه پنهنجي هڪ الڳ دلڳ دنيا جو مستقل رهاڪو رهيو آهيان، جهڙي ريت حضرت آدم کي تنهائي ۽ اڪيلائي اچي سوگهو ڪيو هو ۽ سندس اِن ڪيفت کي سمجهندي رب ڪائنات سندس مشغلي لاءِ مائي حوا کي پيدا ڪيو هو تهڙي ريت جڏهن آءُ تنهائي کي پاڻ کان ڌُڪارڻ لڳس تہ تخليق مون تي مهربان ٿي پئي ۽ مون لکڻ شروع ڪيو.
    عشق جي نہ ابتدا هوندي آهي ۽ نہ ئي ڪا انتها، ابتدائي ۽ انتهائي سڏجندڙ مرحلا صرف جو صرف ٻين کي دولاب ڏيڻ لاءِ قطب آندا ويندا آهن، منهنجي لکڻ سان بہ آءُ پنهنجي ڪنهن ابتدائي مرحلي کي ڳنڍڻ نہ ٿو چاهيان، آءُ ادب ۾ ننڍ وڏائي، ٿورائي گهڻائي، ۽ ڪجھ ٻين معروج ڪيل اصولن تي يقين نہ رکندو آهيان، مون کي جيڪا ڳالھ هن مهل تائين لکڻ واري ڪرت سان وابسطہ رکيو پئي اچي سان آهي اُن محبوب جي محبت، جنهن جي محبت جو ڏيو اڃا دل ۾ ٻري ٿو پيو، هي رسمي گرم هوائون اُنهي ڪنول جي گل کي پاتار کان پري ڪري نہ ٿيون سگهن.
    آءُ انهن سڀني دوستن خاص طور تي ڪوي آصف جسڪاڻي، فهد عزيز لغاري، عاجز عزيز شر، صوفي آڪاش ميرواهي ۽ پنهنجي پياري ڀاءُ آزاد شر مطلب تہ سڀني دوستن جو جامع طور تي تھ دل سان مشڪور آهيان جن مون ادنيٰ ماڻهو کي عزت بخشيندي منهنجي نثري ٽڪرن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ منهنجي عشق کي امرتا بخشڻ لاءِ منهنجو ساٿ ڏنو.


    يوسف جميل لغاري / ٺري ميرواھ


    نثري ٽڪرا

    هان مان اَڻپُورو آهيان

    تُو بِن هِي ڪَائِنَاتِ جُونِ سَڀَئِي حُسنَاڪِيون، رنگِينَ مَحفِلون ۽ ماڻهن جا ميڙاڪا مُون کي تُنهِنجي تِشنَگي کان دُور ڪَرَڻُ جِي سَگھَ نٿيون رکن، آءُ هر پَلَ، هَر گهڙِي اُداسِي جِي گِهرِي پَاڇنَ ۾ رهندي تو کي سارِيندو رِهَندو آهيان، تُنهِنجي اُڪِيرَ مُنهِنجي مَنَ ۾ گهَٽِجڻ بجاءِ هَر ڏينهن وڌنڌي رهي ٿي.
    آءُ پنهنجي اِن اڻپورائي جي اِحسَاسَ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مختلف جَتَنُ ڪندو رهندو آهيان، پاڻ تي مختلف هِيلا هلائيندو رهندو آهيان، مُنهِنجون سَڀئي تَرڪِيبُون اُن مهل ناڪامُ ٿي وينديون آهن جڏهن تُنهِنجي ياد هِڪَ پَلَ لاءِ بہ مُنهِنجي دل تي دَستَڪَ ڏئي وٺندي آهي ۽ مُون کي اُداسَ ڪري وجهندي آهي.

    مُنهِنجي اُداسَي مُون تي ئي گَهِرو اثر ڇڏيندي آهي، آءُ دنيا جي مڙني ڪم ڪارن کان بي نياز ٿي ڪري صرف جو صرف تو کي سُوچڻ شروع ڪندو آهيان، مُنهِنجي سُوچ جي اِنهي طرز عمل تي مُون کي پاڻ ڪڏهن ڪڏهن ڪَهَلَ ايندو آهي ليڪن ڇا ڪريان مٺي اِها ڪَهَلَ ڪنهن مهل جو مُحتاجُ ناهي هوندي.

    آءُ نہ ٿو ڄاڻان تہ تُون هِن مهل ڪهڙي حال ۾ آهين تُنهِنجي حال کان جيتوڻيڪ آءُ مُڪمَل طرح سان بي خبر آهيان لِيڪن مُنهِنجو حال تُنهِنجي بنا بي حال لڳو پيو آهي، آءُ تو بن سَڄو سَارو سُور آهيان، اڻپورائي جو اَحسَاسَ مُون کي اُڏاهي وانگُرُ اندران ئي اندران کوکَلو بڻائي پيو. دُنِيَا جي نَظَرُ ۾ ڀَلِي آءُ سُکيو سَتابو ۽ سُک و آرائش سان ٽمٽار ماڻهو هُجان لِيڪَن تون بنا آءُ مُڪمل طَرِح سَان اڻپورو آهيان، مُنهِنجي ڪِيفيتَ جو اندازو تو مُنهِنجي هِن ٻن سَٽُنَ جي جُملن مان لڳائي سَگهِي ٿِي.

    تُو بِن هِي سَانوڻ ۽ سَيارا
    ڏاڍا ڏکِيا ٿا گُذرن او پِيارا


    تون ڇا ڄاڻي

    تون ڇا ڄاڻي انهن اوجاڳن ڀريل نيڻن جي ڪٿا جن نيڻن هر گهڙي هر پل تنهنجي رستن تي انتظار جا گل نڇاور ڪري تنهنجون راهون تڪيون هجن، تون ڇا ڄاڻي انهي قلم جي ٿڪاوٽ کي جنهن قلم تنهنجي هر هڪ ادا، وفا توڙي جفا تي ڪي ئي تحريرون درج ڪيون آهن. ها تون ڇا ڄاڻي انهن رستن جي ڊيگھ ۽ اڙانگي پن کي جن رستن تي پيرين پنڌ هلي هي دلڙي تنهنجي هڪ ديدار لاءِ ڪي ئي ميل سفر ڪري تو وٽ حاضر ٿيندي هئي، تون ڇا ڄاڻي انهن خوابن جي پختگي کي جيڪي خواب کليل اکين سان هن اک تنهنجي گڏجڻ لاءِ ڏٺا هئا.

    ها تون ڪڏهن بہ ڪونہ ٿي ڄاڻي سگهي

    ڇو تہ تو ڪڏهن ڪنهن جي لفظن منجھ پلجندڙ درد کي محسوس ناهي ڪيو، تو ڪڏهن ڪنهن ڪتاب جي اندر ڪنهن شاعر يا ليکڪ جي احساسن جو جائزو ناهي ورتو، تو ڪڏهن ڪنهن چمن جي برباد ٿيڻ کانپوءِ سندس آباد هجڻ واري دور جو تحقيقي مشاهدو ناهي ڪيو، تو ڪڏهن ڪنهن جهرندڙ چهري جي جهرندڙ پن جو احوال ڪونہ ڄاتو، تو ڪڏهن اهو ڪونہ ڄاتو تہ جڏهن دل ٽٽي پوندي آهي تہ پوءِ وري اهو ساڳيو دل صدين تائين ڪنهن سان جڙي ڪونہ سگهندي آهي.
    ها تون ڪڏهن بہ ڪونہ ٿي ڄاڻي سگهي تہ اصل عشق آهي ڇا، محبت ڪهڙي بلا جو نالو آهي ڇو تہ تنهنجون سڀ محبتون وقتي ۽ مفادن جي سانچي سان ڀريل ثابت ٿيون، تو ڪڏهن بہ ڪنهن جي انتظار ۾ ڪي پل ڪونہ گذاريا آهن، تو ڪڏهن ڪنهن جي بي رخي تي ٻہ چار لڙڪ ڪونہ هاريا آهن، تو ڪڏهن ڪنهن کي دل سان ساريو ڪونہ آهي تہ پوءِ ڀلا اهو ڪئين ممڪن آهي.


    اداس اکڙيون

    ڪائنات جون سڀئي حُسناڪيون رنگ ڇڏي مون کي بي رنگ محسوس ٿينديون آهن تڏهن جڏهن تنهنجيون اکيون مون کي اداس ٿيل محسوس ٿينديون آهن.

    تنهنجيون اکيون جيڪي مون لاءَ ڪنهن مقدس مقام جيتريون مقدس ۽ احترام جي لائق آهن، تنهنجيون اکيون جيڪي يقينن مون لاءَ ڪي پل سهانا خواب ڏسنديون هونديون، مون کي انهن خوابن سان بہ ڏاڍي عقيدت آهي، آءُ تنهنجي اکڙين ۾ پاڻ کي تہ ڇا پر پوري ڪائنات کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.

    ليڪن ان جي باوجود مون کان هڪ شئي برداشت نہ ٿيندي آهي جيڪا آهي تنهنجي اکين جي اداسي، ڇو تہ اداسي وڇوڙن جو ڏس ڏيندڙ ثابت ٿيندي آهي، اداسيون پنهنجي آڙ ۾ جدائي جو سنهيو کڻي اينديون آهن، آءُ انهن اداسين جو ازل کان مخالف آهيان مون کي اداسيون بنھ پسند ڪونہ آهن پوءَ کڻي اُهي اُداسيون ڀلي ڇو نہ کڻي منهنجي ڪنهن مخالف فرد جي چهري يا اکين ۾ هجن.

    ان لاءَ آءُ فڪر مند ٿي پوندو آهيان جڏهن تنهنجي چانڊوڪي مثل چهري تي ڪي پل اداسين جا ڪارا ڪڪر محسوس ڪندو آهيان، ان لاءَ پرين تون اداس نہ ٿيندي ڪر ڇو تہ تنهنجي اکڙين جي اِها اداسي منهنجي ساري وجود کي وڪوڙي ڇڏيندي آهي ۽ آءُ پريشان ٿي پوندو آهيان.


    ڪَـــويتا

    هُو جيڪا مون کي سڀني رومانوي شعرن ۽ بيتن جهڙي لڳندي آهي، جنهن جي ڳلڙن کي ڏسندي مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻڪ شيخ اياز پنهنجي سموري رومانوي شاعري سندس ڳلڙن تي لکي هجي.

    هُن جي زلفن کي ڏسندي ائين محسوس ڪندو آهيان ڄڻڪ حسن درس جا سڀ نظم هن جي زلفن تي لکيل آهن، هُو جنهن کي ڏسڻ سان مون کي سنڌ جا سڀ شاعر، اديب، مفڪر ۽ ڏاها ياد اچي ويندا آهن، اِن لاءَ مون کيس امرتا بخشندي سندس نالو ڪويتا رکيو آهي.

    ڪويتا جيڪا هِن مھل علم ۽ ادب جي سڀني پهلوئن کان اڻ واقف آهي ۽ کيس ادب جي الف جي بہ ڄاڻ ناهي پر ان جي باوجود بہ اِها اميد اٿم تہ اِها ڪويتا ڪنهن ڏينهن ڪَويتائُون لکندي ۽ ادب ۾ پاڻ مڃائيندي، ڇو تہ سندس نگاهن مان نہ ڄاڻ الاءَ تہ ڪيترا عنوان ڇلڪندا رهندا آهن.


    هڪڙي چٺي تنهنجي نالي

    محبت جو اُهو رنگ انتهائي نرالي قسم جو آهي جيڪو رنگ قلم کي لکڻ وقت تنهنجي حسن اڳيان قرضدار بڻائي ڇڏي، ڀلا هڪڙو قلم ۽ هڪڙو مان تنهنجي حسن جو قرض ڪيئن ٿا لاهي سگهون، هت تہ ڀلي هزارين قلم هجن ۽ پوري ڌرتي توڙي آڪاش کي سميٽي ڪري ڪاغذ بڻائجي تب تنهنجي حسن جي هڪ جلوي جي تعريف کي مڪمل نہ ٿا ڪري سگهون، تنهنجو حسن جيڪو منهنجي لاءَ لامڪان مثل آهي.

    تنهنجو حسن جنهن جي اڳيان منهنجو وجود ڪنهن واچوئڙي جي جهوڪي جيان اڏامي گم ٿي وڃي ٿو، تنهنجي حسن اڳيان منهنجا سڀ خيالي خدا خاڪ ٿيو وڃن ٿا، من اندر جوڙيل سڀئي مقدس گاهون پٽ تي ڪري ڊهي پون ٿيون، اندر ۾ هڪڙو زلزلو برپا ٿي ٿو جنهن جي برپا ٿيڻ کان پوءَ هڪ نئي ڪائنات تخليق ٿئي ٿي، هڪ اهڙي ڪائنات جنهن جو محور ۽ مرڪز صرف جو صرف تون هجي ٿي.

    آءُ پنهنجي من اندر تخليق ٿيل اُن ڪائنات جو جڏهن جائزو وٺڻ شروع ڪيان ٿو تہ مون کي اول کان آخر تائين صرف جو صرف تنهنجو اولڙو ڏسڻ وٽان ملي ٿو، مون کي منهنجي من اندر تخليق ٿيل اُن ڪائنات جي هر هڪ منڍ توڙي هر هڪ پُڇُڙُ ۾ صرف جو صرف تون نظر اچي ٿي، اِهو ڪمال منهنجي ديوانگي جو آهي يا وري تنهنجي حسن جو آهي ان بابت آءُ اڃا تائين ڪو حتمي راءَ جوڙي ناهيان سگهيو.


    ها پرين تون مرڪندي ڪر

    تنهنجي مرڪ منهنجي لاءَ اُتساھ جو سبب بڻجندي آهي پرين

    تون مرڪندي ڪر تہ جئين منهنجا هي نماڻا نيڻ تنهنجي مرڪندڙ چهري کي ڏسي ڪري تسڪين حاصل ڪندا رهن.

    زماني جون سختيون ڪڏهن ڪڏهن دل کي مايوس ڪري وجهنديون آهن پر وري بہ جڏهن تنهنجي مرڪ ياد ايندي آهي تہ من اندر موجود سڀ مونجهارا پاڻهي ڄاڻ ختم ٿي ويندا آهن.

    آءُ حالانڪ هن دنيا جي جوڙيل دستورن کان ڪنهن قدر مطمئن ناهيان ۽ انهن جي خلاف اِن جي ڪري پڻ آهيان جو اِهي هٿ ٺوڪيا سڀ دستور پاڻ ٻنهي کي هڪ ٿيڻ کان روڪيون ويٺا آهن پر اِن جي باوجود بہ تنهنجي مرڪ منهنجي مُرجهايل من کي نئي زندگي بخشي ٿي.

    ان لاءَ تون مرڪندي ڪر

    ها اهو ڏينهن بہ نيٺ اچڻو آهي جڏهن پاڻ ٻئي گڏ ويهي ڪري هڪ ٻي جي نيڻن ۾ نهاري ڪري مرڪنداسين.


    منجهِــي پيــو آهــيان

    اهو سوچيندي ڪافي ڏينهن کان منجهي پيو آهيان تہ توکي خط لکان يا نہ لکان، توکي پنهنجي حال کان واقف ڪريان يا خاموش ٿي ڪري توکي اهو محسوس ڪرايان تہ آءُ سکيو ستابو آهيان، توسان قرب جا ڪجھ مٺڙا ٻول ٻولڻ لاءَ انگل ڪريان يا وري خاموشي جا تاڪ پنهنجي مٿان نافذ ڪري صبر جو دامن پڪڙي ويهي رهان، سچ پڇي تہ ڏاڍو منجهي پيو آهيان.

    ڏاڍو منجهي پيو آهيان اهو سوچيندي تہ تنهنجي راهن تي بيهي هر روز تنهنجو ديدار ڪريان يا نہ ڪريان، ها ڏاڍو منجهي پيو آهيان اهو سوچيندي تہ تنهنجا مليل سڀ تحفا توکي واپس ڪريان يا انهن کي پاڻ وٽ ناياب سمجهي ڪري سنڀالي رکان، ها ڏاڍو منجهي پيو آهيان اهو سوچيندي تہ توکي هر روز ڪال ڪري تونسان ڳالهايان يا وري توکي بس هڪ عدد مسڊ ڪال ڏئي مڙئي پنهنجي يادگيري ڏياريان.

    ها پرين آءُ ايتري تہ قدر منجهي پيو آهيان جو هاڻ خود بہ سڄو سارو مونجهارو بڻجي چڪو آهيان، حالانڪ ان مونجهاري منهنجي اندر جي سڀني مونجهارن کي جيتوڻيڪ ختم ڪري ڇڏيو آهي پر ان جي باوجود توکي ياد ڪرڻ ۽ نہ ڪرڻ وارو مونجهارو مونکي پاڻ کي هڪ وڏي مونجهاري ۾ مبتلا ڪيو ويٺو آهي.


    هي بي رحم زمانو

    هي بي رحم زمانو جنهن جا اتفاق سان تون ۽ مان بہ حصا آهيون، پاڻ کي هڪ پل لاءَ بہ خوش ڏسڻ نٿا چاهن، هڪ طرف کان رسمن جي ديوار بڻائي ڪري پاڻ کي باندي ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن تہ ٻي پاسي پاڻ ٻنهي کي هڪ گهڙي لاءَ بہ خوش ٿيڻ نہ ٿا ڏين آءُ شڪايت ڪرڻ جو هزارين دفعا سوچيندو آهيان پر هر دفعي اهو سوچي ڪري مايوس ٿي ويندو آهيان تہ شڪايت ڪيان بہ تہ ڪنهن سان ڪيان، منهنجي سڏ کي ڪير ورنائيندو، منهنجي درد کي ڪير سمجهي سگهندو، منهنجي ڪيفيتن جو اندازو ڪير لڳائي سگهندو، پوري سنسار ۾ اهڙي ڪو هڪڙو بہ اهڙو وجود مون کي نظر نہ ٿو اچي جنهن کي پنهنجو سمجهي پنهنجي اندر جو احوال ڏئي سگهان.
    تون سوچيندي هوندين تہ آءُ هن بي رحم زماني جي شڪايت خدا کي ڇو نہ ٿو ڪريان، اگر جي تون وٽ مون بابت اهو گمان ذهن ۾ پلجي ٿو تہ پوءَ ٻڌ پرين، خدا کي آءُ ڪنهن جي شڪايت ڪريان، انهن جي، جيڪي هر روز اُن جي اڳيان پنهنجو سر جهڪائي ڪري پاڻ کي پرهيزگار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهن يا وري انهن جي جن جي ۽ خدا جي وچم ايتري ئي دوري آهي جيتري هن مھل تنهنجي ۽ منهنجي وچم آهي خدا انهن کوٽن سڪن ۽ پڻ مون جهڙي کوٽي سڪي جو فيصلو ڪئين ڪندو، اسين ۽ اُهي جيڪي تنهنجا مائٽ آهن جيڪي خدا جي نظر ۾ شايد کوٽا سڪا هجن انهن جي وچم ڪئين صلح ڪندو، ٻہ چور هڪڙي عادل کان انصاف جي گهرج ڪهڙي تقاضائن مطابق ڪري سگهن ٿا.
    منهنجي نظر ۾ اهو فيصلو خدائي ڪورٽ ۾ کڻي وڃڻ جهڙو هر گز ناهي ها باقي قسمت تي ملامت ڪري سگهجي ٿي، ڇو تہ تنهنجي ۽ منهنجي معاملي ۾ گهڻو عمل دخل قسمت جو آهي، پنهنجو اصل ڏوهي قسمت آهي يا وري ٿي سگهي ٿو پنهنجي هٿن ۾ موجود قسمت واريون لڪريون ڏوهي هجن، پر هڪڙي ڳالھ اها بہ ياد رکجان تہ تنهنجي ۽ منهنجي وچم ويڇا وڌائيندڙ جيڪي بہ عنصر هوندا آءُ انهن کي ڪنهن بہ قيمت تي معاف ڪونہ ڪندس، ڇو تہ جوانن جا پلاند پراڻا ناهن ٿيندا.


    دلــــبــريـــون

    چون ٿا جڏهن ڪنهن الهڙ کي عشق لڳندو آهي تہ پوءَ اُهو ماڻهو يا تہ چريو ٿي ويندو آهي يا وري سڀني کان وڌيڪ سياڻو ۽ چالاڪ، ورهين اڳ ائين ئي هڪڙو عدد عشق اسان کي بہ لڳو هو، هاڻ تہ وقت جي تقاضا ۽ زماني جي گهرج مطابق پنج پنج عشق گڏ لڳيو وڃن، برحال جڏهن هڪڙو عشق لڳو هو تڏهن هيڪڙائي جي وصف ۽ سندس انفرادي قوت توڙي اهميت جي چڱي پروڙ پئي هئي، پوري جهان کان بي خبر ٿيندي سموريون سوچون هڪ ئي شخص ڏانهن مرڪوز ٿي وينديون هيون، پنهنجي پاڻ کان هر دم بي خالي هوندي هئي، صحرائن ۾ سبز باغ نظر اچڻ لڳندا هئا، پوري ڪائنات مرڪندي ۽ جهرڪندي نظر ايندي هئي.

    پرين جي ياد ۾ دل جو اهو حال هوندو هو جو دل هي لفظ هميشه پڪاريندي رهندي هئي” جنهن دم غافل ، سو دم ڪافر“، ڇا ٿا سمجهو سائين، پرين جي خيال کان هڪ دم غافل ٿيڻ تي پاڻ کي ڪافر هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏبو هو، پوري ڪائنات پرين جو اولڙو محسوس ٿيندي هئي، ڪائنات جي هر هڪ شئي ۾ پنهنجي پرين کي پسڻ لاءَ نگاهون تلاش ڪنديون هيون، پرين بنا هي سڄو سنسار افغانستان لڳڻ لڳندو هو ۽ وري جڏهن پرين جو درشن ٿي پوندو هو تہ پوءَ ائين محسوس ڪبو هو ڄڻڪ بنا ويزا ۽ ٽڪيٽ جي پئرس ۾ پهچي ويا آهيون، انهن بنا ڪرائي وارن سفرن ڏاڏو تسڪين عطا ڪيو.

    وري جڏهن محبوب ڳچ عرصي تائين نظر نہ ايندو هو تہ پوءَ وري روحاني طرح سعودي عرب پهچي ڪري خدا جي محبوب جي گهر آڏو ڌرڻو هڻي ڌڻي کي پنهنجي محبوب جو واسطو ڏئي ڪري پنهنجي محبوب جو ديدار گهري وٺبو هو.


    پرين جي پيار جي پرچي

    برھ جي باھ ۾ پڃرندي ڪافي عرصو گذري چڪو هو، تہ وري اچانڪ پرين جي پيار جي پرچي موصول ٿي، پڙهي ڪري من جو سارو ماحول مھڪڻ بدران مايوس ٿيڻ لڳو سندس لکيل هڪ هڪ لفظ مون کي نراسائي ڏانهن ڌڪڻ لڳي آءُ سندس طرفان موصول ٿيل خط کي مڪمل پڙهي نہ سگهيس.

    ھُو لکي ٿي تہ:

    تہ آءُ حالاتن آڏو ايڏو مجبور ٿي وئي آهيان جو مون کي توڏانهن هي خط لکڻو پيو، هڪ ڳالھ جي پڪ رک تہ هاڻ حالتون ساڳيون ناهن رهيون، هاڻ رات جي پهر ۾ ستارن جي سجاوٽ ڪاوڙ توڙي چِڙ ڏياري ٿي، هاڻ الاءَ ڇو اکين مان پاڻي نڪرڻ بند ٿي ويو آهي، هاڻ تہ گلابن جي خوشبو بہ من کي نٿي مهڪائي، سڄو سارو ماحول اڻ وڻندڙ توڙي پنهنجي خلاف محسوس ٿيڻ لڳي ٿو.

    نيڻن منجھ سمايل سڀ خواب ساڀيان ماڻڻ کان اڳ ئي چڪنا چور ٿي ڪري ڀسم ٿي ويا آهن، آءُ حالتن جي اڳيان ايڏو تہ ڪمزور ٿي وئي آهيان جو هاڻ پنهنجي پاڻ کي سنڀالي بہ نہ ٿي سگهان، سو سگهارو ئي ڪوئي ڪلياڻ ڪري پنهنجي پريت جي ريت کي برقرار رک نہ تہ پيار ڪرڻ وارن جي نظر ۾ پاڻ قيامت تائين گهنگار لکيا وينداسين اڃا وڌيڪ پڙهڻ جي همٿ پاڻ ۾ سمجهي نہ سگهيس ۽ خط کي بند ڪري اکين منجھ جاري ٿيندڙ لڙڪن ساڻ پرين کي سارڻ لڳس.


    راز نِياز جون ڳالهيون

    اي جان بهاران

    گهڻي عرصي کان سوچيم پي تہ توسان ڪجھ راز نياز جون ڳالهيون اُوريان، سوچيندو تہ گهڻي وقت کان ئي رهيم پر وري ڪڏهن حالاتن اجازت نہ پي ڏني تہ وري ڪڏهن وقت ساٿ نہ پي ڏنو، هن مھل وقت توڙي حالاتن کي پنهنجي گرفت ۾ ڪري توکي پنهنجي دل جو احوال لکي رهيو آهيان.
    تون کي ياد هوندو تہ جنهن ڏينهن پاڻ پهريون دفعو هڪ ٻي سان ڊپارٽمنٽ جي ڪينٽين ۾ عليڪ سليڪ ڪيو هو تنهن ڏينهن منهنجي بار بار موبائل طرف نهارڻ واري عمل مون کي ڪيترو نہ شرمندو ڪرايو هو، تون اِهو سمجهي رهي هئي تہ ڪو آءُ تو کان بي زار ٿيندي بار بار موبائل طرف نهاري رهيو آهيان حالانڪ ائين نہ هو، تنهن مھل منهنجي دل جي دڙڪن ايتري تہ تيز ٿي چڪي هئي جو منهنجا هٿ بنا ڪنهن جواز جي ڏڪڻ لڳا هئا ۽ منهنجون نظرون توکي ڏسڻ کان پوءَ سنئو سڌو موبائل ۾ کپي پئي ويون ان کان علاوه تو هڪ دفعي مون کان پڇيو هو تہ مون کي فلسفي جي عنوان تي ڳالهائڻ وڌيڪ پسند ڇو آهي، اهو ان ڪري تہ آءُ فلسفي کي ٻين علمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وسيع ۽ ڳجهو علم سمجهندو آهيان، ٻيا علم جيتوڻيڪ ڪنهن مهدود مدار ۾ ماپي ڪري اُتي بس ڪندا آهن يا وري وڌيڪ وضاحت ڏيڻ کان قاصر هوندا آهن ان جي ڀيٽ ۾ فلسفي جي علم ۾ انيڪ رمز ۽ راز سمايل هوندا آهن جيڪي فڪر ڪرڻ سان نروار ٿي ڪري سامهون ايندا آهن ان لاءَ مون کي فلسفي جو علم ٻين علمن کان وڌيڪ عزيز آهي.
    پيار جي فلسفي کي ئي ڏس کڻي ان ۾ ڪيتري قدر ڪشش سمايل آهي جو مون جهڙي ڇڙواڳ مزاج رکندڙ فرد کي بہ ان فلسفي وقت سان گڏ هلڻ جو عادي بڻائي ڇڏيو آهي.


    عشق جي افسردگي

    منهنجا دلنواز دلبر

    جڏهن کان هن دل جي ڳلي مان تنهنجو گذرڻ ٿيو آهي تڏهن کان هنن نيڻن مان ننڊ توڙي خمار ڪنهن اڻ ڏٺي پار ڏي پرواز ڪري ويا آهن، آءُ ڪائنات جي هر هڪ جُز توڙي ڪُل ۾ توکي تلاش ڪندي پنهنجي اڌوري پن کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهيان، منهنجي هر هڪ ساھ سان تنهنجي سار منهنجي دل ۽ دماغ ۾ گردش ڪرڻ لڳي ٿي، تنهنجون سوچون بارش بڻجي ڪري منهنجي من جي وارياسي سرزمين کي شاد ڪن ٿيون، آءُ ماڪ ڦڙو بڻجي وقت جي وهڪري ۾ وهڻ لڳا ٿو.

    سوچن جو سمنڊ جڏهن پنهنجي سرمستي ۾ مون کي لوڙهي وجهندي آهي تہ تڏهن آءُ ان وقت پاڻ تي ضابطو آڻيندي ڪنهن مھا ليکڪ جي تحريرن کي پڙهندي ان جي لکيل لفظن ۾ پناھ وٺڻ لڳندو آهيان، ڪڏهن ڪنهن شاعر جي شاعري ۾ گم ٿي ڪري پاڻ کي محفوظ ڪرڻ جو سوچيندو آهيان تہ وري ڪڏهن پوري هن ڪائنات کي پنهنجو گهر سمجهندي اُن ۾ تحليل ٿي وڃڻ چاهيندو آهيان.

    آءُ تنهنجي چاهت ۾ هر روز نہ ڄاڻ الاءَ تہ ڪيترا روپ ڌاريندو رهندو آهيان، منهنجا سڀ روپ، منهنجا سڀ رنگ تنهنجي وجود کي تلاش ڪندي ڀٽڪيل روح وانگر ڪڏهن ڪٿي تہ وري ڪڏهن ڪٿي ڀٽڪندا رهن ٿا، تنهنجو عڪس منهنجي اڌوري پن کي مڪمل ڪري منهنجي وجود جي ان تلاش کي ماٺار عطا ڪندي.


    لِکِئي جُون لامُون

    جڏھن انسان منجهان ڪوشش ڪرڻ واري قوت ڪمزور ٿيڻ لڳندي آهي تہ تڏهن وري قسمت تي اعتبار ڪرڻ وارو عقيدو سگهارو ٿيڻ لڳندو آهي حالانڪ اڄ تائين دنيا جي ڪامياب ترين انسانن قسمت جي آسري تي پنهنجي مستقبل کي ڪڏهن بہ ڪين ڇڏيو آهي پر ڇا ڪجي اسان جي معاشري جي اڪثريت عقيدن جي اوٽ ۾ محنت ڪرڻ کان قاسر آهن قوت، وسيلا توڙي موقعا ميسر هجڻ جي باوجود قسمت تي ڀاڙي ڪري پنهنجي آئيندي جو اختيار ڪنهن اهڙي قوت حوالي ڪري ڇڏيندا آهن جنهن قوت جي وجود بابت بہ وٽن ڪو خاص خاڪو يا ظاھري شڪل موجود ڪين هوندو آهي.

    انسان هن ڪائنات جو محور ۽ مرڪز هجڻ جي باوجود بہ جيڪڏهن پاڻ کان ڪمزور قوتن جي حوالي ڪري ۽ پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ جو ٺيڪو کين ڏئي ڪري پاڻ سڪون واري حالت ۾ گوشا نشين ٿي تہ پوءَ شايد قدرت وارو بہ سندس مدد ڪرڻ لاءَ تيار ڪونہ ٿيندو، ٿيندو ائين آهي تہ جڏهن اسين ڪنهن ڪم يا ارادي ۾ ناڪام ٿيندا آهيون تہ تڏهن يڪدم اسان جي ذهن تي اِهو خيال تري ايندو آهي تہ شايد اِها شئي اسان جي قسمت ۾ نہ هئي.

    هاڻ جڏهن قسمت پاڻ ايڏي ڪمزور ۽ بي وس هوندي آهي جو کيس ٺاهڻ توڙي سنوارڻ ۾ اهم ڪردار حضرت انسان جو پنهنجو ئي هوندو آهي پر ان جي باوجود بہ جڏهن حضرت انسان نراسائي توڙي ناڪامي واري حالت ۾ کيس قصور وار ٺهرائي ڪري پاڻ کي آجو رکڻ چاهي تہ شايد اِها سندس علم توڙي پنهنجي ضمير سان ڌوڪو، ٺڳي ۽ دولاب تصور ڪيو ويندو ان کان وڌيڪ حضرت انسان جي چالاڪي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.

    حضرت انسان ازل کان ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ بنيادي طور پنهنجي محنت جا گُڻ ڳائڻ لڳندو آهي ۽ پاڻ کي فاتح ثابت ڪندو آهي پر وري ان جي برعڪس ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ سڄو ٺيڪو قسمت جي پاند ۾ هڻي پنهنجو پاند آجو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندو آهي، پاڻ کي بي قصور ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جيڪو عمل بہ يقينن هڪ وڏي خيانت ڪرڻ جيترو غير مهذب عمل آهي.

    انسان جو ڪنهن بہ ڪم توڙي عمل ۾ ڪامياب ٿيڻ ۽ ناڪام ٿيڻ جو اصل ڪارڻ سندس سوچ، سندس ڪوششون، سندس صلاحيتن جو استعمال ۽ سندس حڪمت عملي جو هجڻ آهي، جڏهن حڪمت عملي ئي مناسب نموني سان جڙيل نہ هوندي تہ پوءَ يقينن ان عمل جو نتيجو بہ ايترو ئي ڀيانڪ ثابت ٿيندو، ان لاءَ سڀ کان پهريان سوچ جي رخ کي تبديل ڪري نئي سري نئي سوچ جي اڏاوت ڪري ناڪام ٿيڻ جا مکيہ سبب ڳولجهن پوءَ وري انهن کي تبديل ڪري انهن جي جڳھ تي ڪار آمد توڙي لائڀائتا لاڙا نافذ ڪجن پوءَ ڏسو تہ نتيجا ڪيترا نہ حيران ڪن اچن ٿا.

    تڏهن ئي تہ ڪنهن ڏاهي چيو آهي”جهڙي سوچ تهڙي زندگي“، انساني زندگي کي پر سڪون توڙي بي سڪون بنائيدڙ دراصل سوچ ئي آهي، مثبت سوچ مثبت حڪمت کي جنم ڏيندي آهي ۽ منفي سوچ منفي عملن جي پرورش ڪندي آهي ان لاءَ پاڻ کي وقت ۽ حالاتن سان گڏ کڻي هلڻ لاءَ انهن جي رخ سان هلڻو پوندو ۽ پنهنجي وسيع سوچ وسيلي سندن هر هڪ پهلو تي فڪر ڪري پاڻ کي انهن جهڙو بڻائي ڪري انهن کان فائدو حاصل ڪرڻو پوندو.

    باقي قسمت تي ڀاڙيندي الاءَ تہ ڪيترن ئي فردن جا لاھ نڪري ويا ۽ الاءَ تہ ڪيتريون حسرتون دل ۾ دفن ٿي ڪري موئن جو دڙو بڻجي چڪيون آهن.


    منهنجي اندر منجھ تنهنجو اولڙو پرين

    رسمي لحاظ کان اگر جي آءُ ڳڻپ ڪندس تہ پوءَ منهنجي توسان محبت پھرين محبت ڪونہ چورائيندي پر پاڻ وٽ تہ محبت کي ماپڻ جا ماپا ئي الڳ آهن، آءُ جڏهن ڪنهن پل خاموش هوندو آهيان تہ انهي مھل عين اُن گهڙي تنهنجو عڪس منهنجي ذهن تي نمايا ٿي ايندو آهي، منهنجو ذهن توکي سوچڻ کان علاوه ٻين مڙني ڪمن کان جواب ڏئي ويندو آهي، آءُ تنهنجي يادن ۾ گم ٿي ويندو آهيان ۽ پنهنجو پاڻ کي تلاش ڪندو رهندو آهيان.

    تلاش ڪرڻ جي باوجود بہ آءُ پنهنجي پاڻ کي ڪٿي بہ ڳولي ناهيان سگهندو، اُهو ڪمال تنهنجي محبت جو پھريون ڪمال آهي جيڪو مون کي تنهنجي وجود ۾ فنا ڪري منهنجي ھستي کي ئي گم ڪري ٿي ڇڏي، آءُ پنهنجو پاڻ کي گهڻو ئي پنهنجي هجڻ جو احساس ڏياريندو رهندو آهيان پر ان جي باوجود بہ مون کي ڪو هڪ بہ اهڙو جواز ملي ناهي سگهندو جنهن جي بنياد تي آءُ پنهنجي پاڻ کي انفرادي طور تي الڳ وجود ثابت ڪري سگهان.

    عشق ۾ حساب ۽ ڪتاب ڪا بہ معني ناهن رکندا، جنهن تي دل اچي ويندي آهي تہ ان سان لاڳاپيل هر هڪ شئي سان عقيدت پاڻهي ڄاڻ پيدا ٿي ويندي آهي، محبت دراصل آهي ئي عقيدت جو معراج، هڪ اهڙو معراج جنهن ۾ سڀ ڪجھ هوندي بہ ڄڻڪ ڪجھ ناهي هوندو، ظاهري طور دنيا جي ريتمن رسمن سان مھاڏو اٽڪائي ڪري دل جتان کان پاڻ پلڻ چاهيندي آهي اُتان پاڻ کي هرگز بہ پلي ناهي سگهندي، پاڻ پلڻ وسارڻ جو هڪ نادر نمونو آهي.

    ان لاءَ منهنجي دل جا ڪنول تون اهو ياد رکجاءُ تہ آءُ هر گهڙي، هر پل، هر سيڪنڊ، هر منٽ توکي پنهنجو مرڪز سمجهندي تنهنجي مدار جي ارد گرد ڦرندو رهندو آهيان ڇو تہ تون منهنجي عشق جو محور ۽ مرڪز آهين، پنهنجي مرڪز کان هٽڻ منهنجي بقا جي لاءَ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو، تنهنجي مدار ۾ مون کي گهمائڻ شايد فطرت جو ڪو تجربو يا راضپو آهي ان لاءَ پاڻ فطرت جي قانونن تي عمل پيرا ٿيندي هڪ ٻي جا پياڪ ٿي سگهون ٿا.

    اچ تہ زماني سان بغاوت ڪري هڪ ٻئي جي نيڻن جا اسير ٿي پئون.


      اکڙين کان اکين تائين جو سفر

    رات جو چڱو پھر گذري چڪو آهي، اجهو ڀر واري مسجد مان ”اٿو مسلمانو روزا رکو“ واري صدا بلند ٿيڻ تي آهي، ان مسجد مان بلند ٿيندڙ ان صدا کي ٻڌندي اڄ تقريبن مون کي پندرھون ڏينهن گذري چڪو آهي پر ان جي باوجود آءُ سندس ان گذارش تي ڪڏهن اٿيو ناهيان، مون ڪڏهن سندس ان صدا جي موٽ ۾ کيس لبيڪ ناهي چيو، ڇو تہ ان آواز جي بلند ٿيڻ تائين آءُ توکي ئي سوچيندو رهندو آهيان پر جڏهن اهو آواز بلند ٿيڻ لڳندو آهي تہ تڏهن منهنجي سوچڻ واري تسلسل کي اهو آواز ٽوڙي وجهندو آهي آءُ ڪنهن بہ قيمت تي توکي پنهنجي سوچن کان پري رکڻ نٿو چاهيان.

    منهنجا نيڻ پوري رات ستارن جي سجاوٽ ۾ توکي تلاش ڪندا رهندا آهن، ڪنهن مھل چنڊ جي چانڊوڪي ۾ تنهنجي هڪ جهلڪ ڏسڻ خاطر ڪي ئي ساعتون سُن ٿي وينديون آهن تہ وري ڪنهن مھل ڪائنات جي ارد گرد نظرن کي ڦهلائي ڪري تنهنجي جانچ پڙتال ۾ لڳي وينديون آهن، منهنجون اکڙيون خواب ڏسڻ کان عاري ٿي ويون آهن کين اِها پڪ ڪي ڏينهن پهريان کان ئي ٿي چڪي هئي تہ بند اکين جا خواب اڪثر ساڀيان کان خالي ثابت ٿيندا آهن ۽ وري کليل اکين سان خواب ڏسڻ جي اجازت کين ڪين آهي، ڇو تہ هي زمانو ازل کان مصنوعيت ڏي مائل آهي ۽ کين حقيقي فراق، وصال توڙي حاصل جي خبر ئي ڪانہ آهي.

    تنهن جي باوجود بہ اکين کي تلاش آهي انهن اکين جي، جن اکين هنن اکين جي سڪون کي پاڻ سان گڏ ڪنهن اڻ ڏٺي پار ڏي موڪلي ڇڏيو هو، شايد ڪنهن اهڙي پار ڏي جتي نيڻن جا سوداگر گهڻا هئا، جتي دل لڳي توڙي اندر جي احساسن جو ڪو مناسب مُلھ نہ هو، تنهن هوندي بہ ڇا ڪجي، اکڙين اچي من اندر مانڌاڻ مچائي جو مون کي هڪ صوفي جي ڪلام جا ڪجھ بند ياد اچڻ لڳا، جنهن جا ٻول هيا تہ” اکڙين کي ڪيان مان ڇا، جو ڪَلوُر ڪري آيون، محبوب ڏسي من کي مجبور ڪري آيون“، منهنجو من بہ واقعي ئي مجبور ٿي ڪري تنهنجي اکڙين کي تلاشي رهيون هيون.

    آءُ رات جي پھر کان بي نياز ٿي ڪري تون کي پنهنجي سوچن ۾ ڳولي رهيو هيس، سوچيندي سوچيندي آخر منهنجي سوچڻ واري سگھ بہ جواب ڏئي وئي، مٿان آسمان جا ستارا مون تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، منهنجي کٽ جي سيراندي جي پاسي کان هڪ اُلُو اچي ڪري ويٺو، سندس موجودگي مون کي پنهنجي پاڻ کان نادان ثابت ڪرڻ ۾ مصروف عمل هئي، آءُ سندس موجودگي کي غير موجودگي ڀائيندي وري بہ تو کي سوچڻ لڳس، آسمان طرف نهارڻ لڳس، ڪائنات جي وجود بابت پنهنجي پاڻ کان سوال جواب ڪرڻ لڳس.

    مون کي ڪائنات جو هر هڪ رخ، هر هڪ جوهر، هر هڪ منظر خوبصورت کان خوبصورت محسوس ٿيڻ لڳو، پر کن پل ۾ وري سڄي حُسناڪي مون کان موڪلائي توڏي پيرين پنڌ ڪرڻ لڳي، آءُ جسماني طور پنهنجي بستري تي سُن ٿي ڪري پيو هيس پر ان جي باوجود منهنجون سوچون ڊورن ڪئميرا بڻجي ڪري تو کي تلاشي رهيون هيون، منهنجي نيڻن جي بيقراري جو اصل سبب تنهنجا ترشيلا ڀورا نيڻ آهن جن ۾ کٽ جبل جيترا وڏا خواب پروان چڙهي رهيا آهن.


      ڪاغذ جو گهر

    ڪالھ رات جڏهن مون رستي ويندي تنهنجي هڪ جهلڪ پسي تہ سچ ٻڌايائين منهنجا هوش خطا ٿي ويا، ذهن ۾ ڄڻ طوفان برپا ٿي ويو، گهر پهچندي پهچندي منهنجي سوچن تي تنهنجي حسن جي جهلڪ هاوي ٿي وئي، آءُ صفا نڍهال ٿي پيس، هڪ طرف وقت جي ستم ظرفي پي دل جلايو تہ ٻي طرف هن زماني جي فرسوده ريتن ۽ رسمن تي سوچيندي منهنجو اندر پي جليو، مون پاڻ کي ڪنهن هارايل سپاه سالار وانگر پي محسوس ڪيو جنهن جي وس سڀ ڪجھ هوندي بہ ڪجھ باقي ناهي هوندو.

    مون محبت ڪرڻ وارن جي ڪيفتن کي هڪ ڀيرو وري محسوس ڪيو، مون محسوس ڪيو تہ جڏهن نيڻ ڪنهن نيڻن جا اسير ٿي پون تہ تڏهن هنن نيڻن مان ننڍ رُسي ويندي آهي هنن نيڻن منجھ پلجندڙ خواب طوفان جي ڪنهن لڏندڙ ٻيڙي ۾ سوار ٿي ڪري ڪڏهن ساڀيان جا سُڌ ڏيندا آهن تہ وري ڪڏهن ٻڏڻ جا چٽا امڪان ظاهر ڪندا آهن.

    آءُ بہ ڪالھ رات اِن ٻيڙي جيان پنهنجي خيالن ۾ ڪڏهن ٻُڏا پيو تہ وري ڪڏهن ترا پيو، ڪنهن پل پنهنجي پاڻ تي ڪاوڙ پي آئي تہ وري ڪنهن پل هن سماج جي طرفان نافذ ٿيل ريتن ۽ رسمن تي ڪاوڙ پي آئي منهنجو قصور صرف ايترو هو جو مون تنهنجي نيڻن ۾ سمايل سنهي کي سمجهي نہ سگهيو هيس ۽ سماج تي ان ڪري ڪاوڙ پي آهي جو انهن پنهنجي ڪم عقلي عيوض تنهنجي قسمت جو فيصلو جلد ۾ صادر ڪري ڇڏيو هو، آءُ ٻنهي صورتن ۾ تو کان ڪوه ڏور ڌڪاريل هيس، ان لاءَ جيترو آءُ قصور وار آهيان اُترو ئي تنهنجا پنهنجا بہ قصور وار آهن.


      اکيون به باندي رڳون به باندي

    پوري ڪائنات جا جاندار جڏهن ننڊ جي آغوش ۾ هوندا آهن تہ تنهن مهل منهنجا هي نماڻا نيڻ بيدار ٿي پوندا آهن، بيدار ٿيل نيڻن ۾ تنهنجي يادن جا قيد ٿيل لمحا نظر اچڻ لڳندا آهن، هڪ تہ ڌرتي تي رات جي سانت ڀريو ماحول ٻيو آڪاش تي ستارن جي حسين سجاوٽ، ٽيون منهنجو اڪيلو وجود جيڪو تنهنجي متلاشي هجي، ڇا ٿو سمجهي، ڪيڏي نہ ڪهر ڀري رات هوندي سا جيڪا مون تي گذري هوندي
    ڪنهن مهل رات جي وقت هلندڙ ٿڌڙي هير کي پنهنجو آئيني گواھ بڻائي پنهنجي بي وسي جو حال ڏيندو رهندو آهيان تہ وري ڪڏهن پنهنجي آس پاس موجود هر هڪ وجود سان مخاطب ٿي ڪري تنهنجي لاءَ کين سلام دعا بطور امانت ڏيندو رهندو آهيان، ڪائنات منجھ موجود هر هڪ وجود پيار واري ٻولي سمجهي ٿو ۽ پيار ڪرڻ وارن جا ساٿاري پڻ بڻجن ٿا، ان لاءَ ڪڏهن ڪڏهن کين پنهنجو همراز بڻايندي پنهنجا سمورا راز ٻڌائي ڇڏيندو آهيان.

    جڏهن سڪ صرف نيڻن کي هجي تہ ان کي ڍڪي سگهجي ٿو، جڏهن سڪ صرف دل کي هجي تب ان کي ڍڪي سگهجي ٿو پر ان جي برعڪس جڏهن محبوب جي سڪ پوري وجود کي هجي تہ ان مهل انهي سڪ کي نہ ئي ڍڪي سگهجي ٿو ۽ نہ ئي کيس دٻائي سگهجي ٿو، تڏهن اُها سڪ پوري وجود کي باندي بڻائي ڪري انسان جا سڀ هوش ۽ حواس اڏاريو ٿي ڇڏي.

    تڏهن ئي تہ محترم حليم باغي لکيو هو تہ ”اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ


    تنهنجون يادون ۽ اڪيلائي

    عاشق نظاماڻي صاحب جي مٺڙي آواز ۾ جڏهن هي گانو ٻڌندو آهيان تہ سڄو سارو ڌيان، سڄي سمجھ، سڄو عقل، سڄو فهم توڙي دانش هڪ پاسي ٿي ڪري الائي ڪٿي گم ٿي ويندو آهي، ذهن منجھ اُڪريل تنهنجي يادن جا سهڻا توڙي خوبصورت عڪس چٽا ٿي ڪري منهنجي سڄي ڏاهپ کي يرغمال بڻائي مون کي اداسين جي پاڇن اڳيان اچي ڪري ويهاري ٿا ڇڏين.

    آءُ دنيا سان گڏ هلڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، پنهنجي پاڻ کي مختلف اٽڪلن سان مصروف رکي رهيو آهيان، اجائي توڙي ننڍڙي نوعيت جي ڪمن ڪارن ۾ بہ پاڻ اڙايا پيو، ان سڀ ڪجھ ڪرڻ جي باوجود بہ هن گاني جي هلڻ شرط، آءُ سڄو سارو پنڊ پهڻ ٿي وڃان ٿو، تنهنجي يادن جي گهڙين کي مون تي هاوي ٿيڻ جو ٺاهوڪو موقعو ملي وڃي ٿو، تنهن ٽائيم آءُ صفا زيرو بڻجي ويندو آهيان، منهنجي ڪائي اوقات باقي نٿي رهي، آءُ پنهنجي پاڻ کي تنهن ٽائيم کوکلو محسوس ڪرڻ لڳندو آهيان.

    دنيا جي مرضي آهي، اُهي ڀلي منهنجي ڪيفيتن توڙي جذباتن جو مذاق اڏائن، کين ڀلي منهنجيون ڳالهيون ڪنهن ديواني جي خواب جهڙيون لڳنديون هجن، پر حقيقت اِها ئي آهي، جيڪا مون تون سان بيان ڪئي آهي، آءُ ڪنهن بہ قيمت تي تو کي پاڻ کان بي خبر رهڻ نہ ڏيندس، منهنجو هر پل، هر گهڙي، هر سيڪنڊ تنهنجي ئي سوچن ۾ گذري ٿو، آءُ سڄو سارو پاڻ کان بي نياز ۽ بي خبر ٿي ويو آهيان.

    ڪمال تہ اِهو آهي جو هن گاني جا ٻول منهنجي جسم جي هر هڪ انگ انگ مان سُرندي وانگر واڄٽ ڪري وڄڻ لڳندا آهن، منهنجو سڄو وجود بانسري بڻجي ڪري پنهنجي اندران مختلف سُرن کي جنم ڏيندي رهندي آهي، منهنجو من ڪوئل جي ڪنهن لات وانگر تنهنجي تات ۾ آهي - اي ڪاش جي تون اِهو سڄو ڪجھ سمجهي سگهي ها تہ ائين ڇو آهي


      شرميــــليون نگاهـــون

    سندس هر هڪ ادا لاجواب ۽ ڪمال جي هوندي هئي، سندس نهارڻ، نيڻن جو هيڏي هوڏي ڦيرائي ڪري چور اکين سان ڏسڻ، بي سبب تمام کان تمام تر ننڍي ڳالھ تي ٽهڪ ڏئي کلڻ، مور وانگر ٽلي ڪري هلڻ، بار بار چيچ کي چپن جي وچم مهٽو ڏئي ڪري نهارڻ، ڇا ڳالھ ڪجي سندس حسن جي، سندس هر هڪ گفتار جي، سندس مهڪ توڙي ٻهڪ جي، اُن مهڪ جي جنهن مهڪ منهنجي من کي موهي وڌو هو.

    سندس نيڻن ۾ شرم انتهائي درجي جي حد تائين سمايل هئي، فون تي سامهون اچڻ جون فرمائشون ڪندي هئي وري جڏهن سامهون ايندي هئي تہ شرم وچان اکين کي هيٺ ڪري ڇڏيندي هئي، ڏسڻ کان اصلي قطع نبيري وٺندي هئي، سندس ان رويي تي مون کي ڪنهن حد تائين ڪاوڙ بہ ايندي هئي مگر ڇا ڪجي، چوندي هئي تہ ” عورت جو سينگار ئي شرم آهي، جنهن عورت منجھان شرم جو عنصر نڪري وڃي ٿو تہ پوءَ سمجھ ان کان هڙ نڪري وئي.

    سندس ڳالهيون، ڪنهن مهان گرو جي گيان جهڙيون هونديون هيون، سندن لبڙن کان جاري ٿيل هر هڪ لفظ کي آءُ پنهنجي ذهن منجھ سمائي ڇڏيندو هيس، ڪنهن ڪنهن وقت تہ مون چڱي ڀلو ليڪچر ڏئي وٺندي هئي، شال نہ مون کان ڪا اربع خطا ٿِي، سندس گفتار جو هڪ پهلو مونکي تمام تر محبوب هوندو هو، ڳالهائيندي ڳالهائيندي مون کي چوندي هئي ”يار ناراض تہ نٿو ٿي نہ“، آءُ ڀلي پيو ان مهل اندر ۾ پچرا تب ان وقت ڪنڌ کي نهڪر ۾ لوڏي ڪري کيس اهو اطمنان ڏياريندو هيس تہ سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي.


    ناســي نيــــڻن واري محبــوبا

    هُو، جيڪا پوري پيار جو قطب مينار هئي، سندس ڳل، گلاب کان وڌيڪ ڳاڙها ۽ ريشم کان وڌ ملائم هئا، سندس لب مبارڪ جي لالاڻ من کي مطهر ڪري ڇڏيندي هئي، سندس مرڪ، صدين جي ٿڪاوٽ کي دور ڪري ڇڏيندي هئي، سندس زلفن جو ڇانورو، ڪڪرن جي ڇانوري کان وڌيڪ دلڪش ۽ دلفريب هو.
    هُو، جيڪا حسن جي ديوي هئي، جنهن اڳيان چنڊ جو نور بي نور ٿي ويندو هو، سندس آواز ڪوئل جي لات کان وڌيڪ مٺي ۽ وڻندڙ هو، سندس نيڻن جو ناسي پڻ، اسان جي نيڻن جو سڪون پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي هئي، سندس نڪ جي ڦُلي منهنجي دل جي ڳلي کي بند ڪري ڇڏيندي هئي پوءَ منهنجا سڀ خيال ۽ خواب صرف جو صرف سندس ڏانهن مرڪوز ٿي ويندا هئا.
    هڪ ڏينهن آءُ کيس سوچي ڪري روح کي راضي ڪري رهيو هيس تہ موبائل جي گهنٽي وڳي.
    مون کان پڇيائين ڇا پيو ڪرين ؟
    مون کيس وراڻيو سرڪار اوهان جي ئي سوچن ۾ گم آهيون
    وڏو ٽهڪ ڏئي ڪري ڪي ئي ساعتون کلندي رهي، کلي کلي ڪري چيائين ڪنهن جي يادن ۾ ايترو بہ گم نہ ٿيجي جو ماڻهو کان پنهنجو پاڻ ئي وسري وڃي.

    مون بہ مرڪندي کيس جواب ۾ اهو ئي چيو تہ ” بلڪل سائين، اوهان درست پيا فرمايو تہ ڪنهن جي يادن ۾ ايترو گم نہ ٿيجي پر ڇا ڪجي، ماڻهو پنهنجي وس هجي تہ پاڻ کي ظابطي ۾ رکي نہ، هت تہ ڳالھ وس کان ئي چڙهيل آهي اهڙي ريت اسان جي وچم دلفريب ۽ دلڪش انداز ۾ ڳالھ ٻولھ ٿيندي هئي، هڪ ٻي سان ڳالهائڻ کان پوءَ ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻڪ جنت جي هٻڪ محسوس ڪئي هجي، من تازو تازو ٿي ويندو هو، سڄو سنسار مهڪڻ لڳندو هو، دل جهومڻ لڳندي هئي ۽ اکين ۾ وري نوا خواب جنم وٺڻ لڳندا هئا، انهن خوابن جي ساڀيان لاءَ آءُ فڪر مند رهندو هيس.

    انسان جڏهن فطرت طرفان آڇيل بهارن کي ڀليڪار چوڻ بدران رد ڪندو آهي تہ تڏهن وري کيس موٽ ۾ خزا جي اڻ کٽ موسم نصيب ٿي ملندو آهي، محبت پنهنجي اندر ايتري فطري صلاحيت رکي ٿي جو اُهو دنيا جي ڪنهن بہ طاقتور عنصر سان مقابلو ڪري کيس هارائي سگهي ٿو، جذبا جڏهن جوان ٿيندا آهن تہ پوءَ انهن کي صحيح ۽ غلط جي پرک ڪرڻ جو فن وسري ويندو آهي، انسان جي فطرت اِها بہ رهي آهي تہ جيڪا شئي سندس حاصلات کان ڪوه ڏور هلي ويندي آهي تہ پوءَ پيو انهن کي حاصل ڪرڻ لاءَ جتن ڪندو آهي ۽ ان جي ياد ۾ پنهنجو آئيندو وساري ڪري پنهنجي هلندڙ وقت کي پيو نقصان پهچائيندو آهي.

    لاحاصل محبت لاءَ سنڌ جي ڀلوڙ شاعر حسن درس فرمايو هو تہ
    اڌڙوٽ عمر جي عورت کي،
    مون خط لکيا مون پيار ڪيو
    هوءَ هر ڀيري مرڪي پئي،
    هن هر ڀيري انڪار ڪيو
    ڪئين ڀيرا هن کي گهوريندي،
    هيءَ منهنجي اک ڏڪي هوندي
    هوءَ سمجهي ويندي هئي پل ۾،
    هن مرڪي ڍاڪ ڍڪي هوندي
    هوءَ جنهن جا هٿ گلاب هيا،
    ۽ منهن ۾ اجرو جهرڻو هئي
    هوءَ جيڪا ساري اس جيان،
    ۽ پاڻي ۾ ڪو ڪرڻو هئي
    اڄ سيارو آهي رئاري ٿي،
    هوءَ ڪنهن جي چادر ٿي هوندي
    هوءَ جيڪا منهنجي ٿي نہ سگهي،
    ٻئي ڪنهن جي آخر ٿي هوندي.


    ڪولڊ ڊرنڪ واري محبوبا

    محبوب پاڪن جون صفتون بہ عجيب و غريب هونديون آهن، هڪڙن محبوب پاڪن کي سندن چاهيندڙن جي رنگ ۽ ڊنگ تي اعتراض هوندو آهي، هڪڙن کي وري سندن چاهيندڙن جي افعالن تي اعتراض هوندو آهي، مطلب تہ هر هڪ محبوب پاڪ کي سندس عاشق جي ڪنهن نہ ڪنهن نقطي نظر تي اختلاف ضرور هوندو آهي.

    اختلاف بہ وري اهڙو، جو اصلي جان ئي آجي نہ ڪرائي سگهي ماڻهو، منهنجي هڪ دفعي هڪڙي سونهن جي ديوي سان اکيون اڙيون، ڪجھ عرصو دل لڳي جي موسم، موسم بهار وانگي رهي، وري مٿان خزان جي موسم هڻي هنڌ ڪري ڇڏيو، صفا ميدان پٽ پڌر ڪري ڏنائين، هاڻ اسان جي وچم ” ڪاڏي منهن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊو الهيار “ واري ڪار لڳي پئي آهي.

    سندس سڀئي صفتون اعلي پائي جون هيون، پر جڏهن چوندي هئي
    ٻڌ
    مون کي ڪولڊ ڊرنڪ کپي، سا بہ ٿڌي،
    تڏهن منهنجو من ٻہ اڌ ٿي پوندو هو
    خبر اٿئو ڇو ؟؟؟

    ان لاءَ تہ هُو اسٽنگ بوتل کان سواءِ ٻي ڪا ڪولڊ ڊرنگ پئيندي ئي ڪونہ هئي سا بہ صفا يخ ٿڌي، ڪچهري ڪندي ڪندي هر اڌ ڪلاڪ کان پوءَ هڪ ڪولڊ ڊرنڪ بوتل ڳڙڪائي ويندي هئي، هڪ تہ سندس بوتل پئيڻ واري صلاحيت ڪجھ اضافي هئي وري مٿان پئيندي بہ مهانگي بوتل هئي، مون لاءَ اذيت ڏيندڙ ڳالھ اِها هئي جو مون کي وري اسٽنگ بوتل صفا وڻندي ئي نہ آهي.

    اصلي منهنجي پتي تي ئي ڪونہ پوندوي هئي، پر آخر ڇا ڪجي، محبوب تہ ماڻا - نہ تہ پوءَ بنا ماڻن واري محبوب کان ماڻهو ائين ئي چڱو آهي، سندس دلي لڳي جي رشتي ۾ منهنجي کيسي جو ذيان تہ ڪجھ جهجو ئي ٿيندو هو پر ان سان گڏوگڏ ذهني اذيت بہ سهڻي پوندي هئي.

    مون سندس سڀني يادن کي حساب ڪتاب سميت سميٽي ڪري هڪ ڊائري ۾ قلم بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ڊائري جي مٿان لکي ڇڏيو آهي، ڪولڊ ڊرنڪ واري محبوبا....!


      اڄ تنهنجي هڪ چِٺِي هٿ لڳي

    وقت جي بي رحماڻي سلوڪ تي سوچيندي ذهن جا سڀ در بند ٿيو وڃن، دل جي نگري خالي خالي محسوس ٿيڻ لِڳي ٿي، پنهنجي پاڻ کي مصروف عمل رکڻ ۽ ذهن کي ٻي هنڌ منتشر ڪرڻ لاءَ مون شيلف جي اندري خاني کي کولي ڪري انهي منجھ پنهنجي پيار جون رکيل سڀئي ثابتيون ڏسڻ پي چاهيون.

    هُون تہ شيلف ۾ انهي پيار مان مليل سڀئي سوکڙين ساڻ منهنجي من جون ڪيتريون ئي آسون ۽ اميدون بہ گڏوگڏ قيد ٿيل آهن، پر پوءَ دل فرمائش ڪئي تہ کين هڪ دفعو وري پسجي.

    دل پي چاهيو تہ ڇو نہ دل لڳي جي زماني جي يادن کي تازگي بخشجي، وري انهن پلن کي ياد ڪجي، جيڪي پنهنجي زندگي جا انمول پل ڪوٺيا وڃن ٿا.

    ان مقصد سان شيلف منجھ رکيل گلاب جي مرجهايل گُل کي ڏسڻ لڳس، تنهنجي هٿن جي ٺهيل امهل رومال کي ڏسڻ لڳس، تنهنجي هٿان گفٽ ٿيل سنهري رنگ جي واچ ۽ هڪ عدد چاندي منجھ مڙهيل منڊي کي ڪي ئي ساعتون پڻ ڏسندو رهيس.

    پنهنجي پيار جون اِهي سڀئي علامتون، منهنجي اڪيلائي جي اڳيان خاموش بڻيون ويٺيون هيون، سڀ جا سڀ مون اڳيان جوابده هئا، ۽ منهنجيون آليون اکيون اُن پراسرار خط کي ڳولي رهيون هيون، جنهن ۾ پنهنجي پيار جا سڀ واعده توڙي وچن، قول توڙي اقرار قلم بند ٿيل هيا.

    خط کي تہ ڪاڏي وڃڻو ئي ڪونہ هُو، منهنجي دردن ۾ کيس اڃا وڌيڪ اضافو ڪرڻو هو، ماضي جي يادن کي تازو ڪرڻو هيس، شايد خدا کي بہ اهو ئي منظور هو تہ هڪ فرد پنهنجي سُهانن سپنن جي برباد ٿيڻ جي ڪٿا کي وري ٻيهر هڪ دفعو ورائي ڪري پڙهي، خط شيلف جي ساڄي پاسي کان ڪنڊ ۾ هڪ خاڪي لفافي ۾ ملبوس حالت ۾ مليو.

    خط کي ڏسندي ئي منهنجا لنڱ ڪانڊاري ويا، دل ۾ خيال آيو تہ اي ڪاش ! ، جيڪر خط ۾ لکيل هر هڪ لفظ، هر هڪ قول قرار، هر هڪ واعدو وچن، هر هڪ جذبو، هر هڪ اظهار، هر هڪ اميد، هر هڪ آسرو، هر هڪ خواب، جيڪر مشق عنبر سان لکيل هجن ها تہ پوءَ شايد اُهي تڪميل تائين پهچي وڃن ها.

    انهن جذبن کي تباه ٿيڻ کان پهريان ئي امرتا ملي وڃي ها، اُهي خواب بہ ساڀيان حاصل ڪري وڃن ها جيڪي تو پنهنجي هٿ اکر لکي مون ڏي موڪليا هئا، تنهنجي انهن کليل اکين سان ڏٺل خوابن منهنجي هنن نيڻن مان رات واروي ننڊ هاڻ کسي ڇڏي آهي، منهنجي ذهن کي خواب ڏسڻ جي قابل ئي ناهي ڇڏيو، منهنجو من موئن جو دڙو لڳو پيو آهي.


      عڪس يار

    زماني جون گردشون، حالات جون سختيون، وقت کان اڳي آيل زميواريون ڪنهن حد تائين ٿڪائي ٿيون وجهن، من اندر اُڀرندڙ نفيس احساس ڪنهن ڪٺورتا ۾ ڪنورٽ ٿي ڪري دل جي دڙڪن کي تيز هلڻ کان روڪي ٿيون ڇڏين، اکيون لڙڪن کي جاري ڪرڻ کان عاري ٿيون پون، نيڻ خواب ڏسڻ کان پرهيز ڪرڻ لڳن ٿيون، لب مسڪرائڻ کان ڪوھ ڏور پري ڀڄڻ لڳن ٿيون، اهڙي سُنسان حالات ۾ وري جڏهن محبت جا ڪڪر ٺهڻ شروع ٿين ٿا تہ ان موسم جو مزو ئي ڪجھ الڳ هجي ٿو.

    وري جڏهن اهڙي سڪار واري موسم ۾ محبت جي بهار واري جهڙ جڙڻ لڳي ٿي تہ ڄڻ بي جان جسمن ۾ ساه پوڻ شروع ٿئي ٿو، ذهن ۾ سبز خيال پرواز ڪرڻ لڳن ٿا، راتين جون رولاڪيون پسند اچڻ لڳن ٿيون، ستارن جي سجاوٽ سهڻي لڳڻ شروع ٿئي ٿي، گل ٻوٽا اڳ کان وڌيڪ حسين محسوس ٿيڻ لڳن ٿا، سڄو سنسار پرين جي عڪس ۾ سمايل نظر اچي ٿو.

    عجيب رنگ آه ان دل لڳي ۾، جتي اڙجي وڃي اصلي اتان محبوب پاڪ سان منسوب هر هڪ عنصر سان حد درجي جي عقيدت دل ۾ پاڻ هي پيدا ٿي پوي ٿي، محبوب پاڪ جو گهر پٽ، مٽ مائٽ، اوڙو پاڙو توڙي اُهي روڊ رستا جتان محبوب پاڪ جو گذر ٿئي ٿو انهن سان بہ عقيدت پاڻهي ڄاڻ پيدا ٿي وڃي ٿي.


      ڪڏهن ڀلا ائين بہ سوچيو اٿئي

    ڪڏهن ڀلا ائين بہ سوچيو اٿئي تہ تو بن منهنجون راتيون ۽ ڏينهن ڪئين گذرنديون هونديون، تو بن منهنجا خيال ۽ خواهشون ڪئين تڪميل تائين پهچنديون هونديون
    تو بن منهجيون ڪيفيتون ڪهڙيون هونديون ؟؟؟
    تو بن منهنجي حالت ڪهڙي هوندي ؟؟؟
    تو تہ ڪڏهن بہ ائين سوچي بہ نہ ٿي سگهي، ڇو تہ تنهنجي شهر جا عظيم ديوار منهنجي خيالن کي تو کان ڪوھ ڏور رکنديون اينديون آهن، جنهن سبب منهنجي اندر جون سڀئي ڪيفيتون وقت کان اڳ ئي مري کپي وينديون آهن.
    منهنجي من جون سڀ آسون توڙي اميدون آپگهات ڪري مون کي هيڪل هن جهان ۾ ويتر اڪيلو ڪري وينديون آهن، آءُ من ئي من ۾ تڙپندو رهندو آهيان، هت ڪو بہ منهنجي اڪيلائين جو اندازو نہ ٿو لڳائي سگهي.
    تو کي ڪهڙي نموني پنهنجي اندر جي احوال کان واقف ڪريان، رابطي ڪرڻ جا سڀ رسمي رستا تو کان ڪٽيل آهن، سڀ واٽون، سڀ رستا، مون کي تون تائين پهچائڻ کان سنئو سڌو انڪاري آهن.
    منهنجا سڀ خواب وقت کان اڳ چڪنا چور ٿي ڪري ڪنهن ردي جي ٽوڪري ۾ هليا وڃن ٿا، منهنجي اکڙين منجھ سُلجندڙ سڀ سپنا دفن ٿي ڪري ابدي خاموشي اختيار ڪري وڃن ٿا.
    اي ڪاش
    جي تون منهنجي حالتن کان واقف هجي ها
    اي ڪاش
    جي تون کي منهنجي هاڻوڪي حالت جي خبر هجي ها.


    اوه منهنجي دل جي نگر جي چري ڇوڪري

    تون هميشه اهي ميارون ڏيندي آهين تہ آءُ لاغرض ٿي ويو آهيان، تو کي ياد نٿو ڪريان، تنهنجي سار نٿو لهان، پر تون نہ ٿي ڄاڻي تہ آءُ وقت جي هٿن ۾ ڪئين سوگهو بڻيل آهيان، مون کي تنهنجي قرب جا آڇيل پيمانا اڃا بہ ياد هن، مون کان تنهنجي محبت جا سي پل وسريان ناهن، آءُ تنهنجي محبت ۽ سڪ جو قدر دان آهيان پر ڇا ڪريان هن معاشري جو فرد آهيان.

    وقت جون ويراڳيون آهن جيڪي توکان هر دفعي پري ڪري ٿيون ڇڏين، تون تہ اهو گمان پاليندي ٿي رهي تہ شايد آءُ مغرور ٿي ويو آهيان، هيٺلو ٿي ويو آهيان پر تون نہ ٿي ڄاڻي تہ آءُ ڪيترو مجبور ۽ بيوس بڻيو ويٺو آهيان هن دنيا جي ڪوڙن ريتن، رسمن ۽ ڪلورن آڏو جيڪي مون کي هر دفعي تو کان پري ڪري ٿيون ڇڏين.

    اها ڳالھ ڪڏهن بہ نہ وسارجا تہ منهنجي سيني ۾ بہ هڪ عدد دل آهي جيڪا صرف تنهنجي لاءِ ڌڙڪندي رهندي آهي، ڀلا ڪير ٿو ان رشتي کي ٽوڙي سگهي جيڪو رشتو دنيا جي رسمي مخالفتن ۽ سختين جي باوجود بہ پاڻ ۾ جڙيل رهي، محبتن کي ڪير بہ مات نہ ٿو ڏئي سگهي، پوءِ ڀلي کڻي زماني جي ڪيتري بہ سخت هوا ئي ڇو نہ کڻي گهلي.

    بس تو کي اهو يقين رکڻو آهي تہ منهنجي لاءِ تنهنجي دل ۾ جيڪا دوهي دکي پئي سا ساڳي دوهي منهنجي دل ۾ بہ تنهنجي لاءِ دکي ٿي، محبتن جي رشتن تي اعتبار ڪرڻ سک ۽ انهن جي تقدس جو بہ خيال ڪندي ڪر باقي پاڻ ڪڏهن بہ جدا ناهيون ٿيڻا، قدرت واري جڏهن پاڻ ٻنهي جي دل ۾ هڪٻي لاءِ محبت پيدا ڪئي هئي تڏهن شايد ان اسان جي وچم انهن فاصلن کي بہ مقرر ڪيو هو.

    اهي رسمي ۽ جلد ختم ٿيندڙ فاصلا تمام گهٽ عمر جا هوندا آهن، انهن فاصلن کي تويل زندگي نصيب ڪونہ ٿيندي آهي محبتن جي هوندي اهي وقتي ويڇا ۽ جدايون پنهنجي اهميت جلد وڃائي ڪري ختم ٿي ويندا آهن ان لاءِ انهن وقتي جداين تي غم ذده ٿيڻ تو جهڙي ڏاهي ڇوڪري کي سونهي نہ ٿي، يقين رک ۽ پنهنجي هڪ ٿيڻ جو فيصلو وقت تي ڇڏي ڏي، اميد آهي تہ ڀلائي ٿيندي.

    مون کي تون سان کوڙ ساريون ڳالهيون ڪرڻيون آهن، ڪي ئي ساعتون تنهنجي نيڻن ۾ نهاري ڪري سرور وٺڻو اٿم، تنهنجي لال لبڙن تي مرڪون وکيرڻيون اٿم، تنهنجي هٿ سان هٿ ڏئي ڪري ڪي ئي قدم هلڻو اٿم، تنهنجي ريشمي وارن جي ڇانورن جو اسير ٿيڻو اٿم، تو سان ڪي پل ٽهڪ ڏئي کلڻو اٿم تہ جئين هن ڪائنات جي وشال ۾ پنهنجا ٽهڪ هميشه لاءِ امر ٿي وڃن.

    اوه منهنجي دل جي نگر جي چري ڇوڪري، مان انهن نصابن، اصولون توڙي ظابطن کي ئي مروڙي ڪري پري فٽو ڪري ڇڏيا جيڪي پاڻ ٻنهي جي وچم ويڇا پيدا ڪن يا وري مون کي توڙي توکي هڪ ٻي کان جدا سمجهن.


      ڪانگل سائين، ڪٿي گم آهي

    سانوڻ ۾ جڏهن صبح صادق جو، سج اڀرڻ تائين اک سڳوري ڪونہ کلي سگهندي هئي ۽ دل اڃا ڪي گهڙيون ننڊ ڪرڻ چاهيندي هئي تہ تنهن مهل، عين ان وقت منهنجي گهر جي سامهون بجلي واري ٿنبي تي ويٺل ڪانگل جي ريگهٽ مون کي بيدار ڪري وجهندي هئي، بيدار ڇا، اصلي روھ ڪري ڇڏيندي هئي، پهريان ائين محسوس ٿيندو هيم تہ شايد ڪانگل خان کي خواب ۾ پيو ڏسان، پر کن پل ۾ ئي اک کلڻ شرط، ڪانگل خان کي ٿنبي جي چوٽ تي ويٺي ڏسي ڪري وري ڪي ساعتون خاموش ٿي ويندو هيس ۽ اندر تپڻ لڳندو هو، اِها ڪار، اِها ويڌن مون سان مڪمل هڪ هفتو رهي، آءُ پورو هفتو خاموش ڇو رهيس، ان جو بہ هڪ مکيہ سبب آهي، اُهو آهي اسان جون سنڌي لوڪ چوڻيون.

    مکيہ سبب لوڪ چوڻي ڪئين، اِهو ائين تہ ياد ناهي ڪنهن جي مبارڪ منهن پاڪ سان ٻڌو هيم تہ” اگر جي توهان جي گهر جي اڱڻ تي ڪانگل خان اچي ڪري پنهنجو بي سرو ريگهٽ شروع ڪري تہ پڪ سمجهو اوهان وٽ ڪو پرين پيارو يا ويجهو عزيز قريب مهمان ٿي ڪري اچڻ وارو آهي“، هن لوڪ چوڻي هڻي هنڌ ڪري ڇڏيو، ٺپ ٺاري ڇڏيائين، اصلي لاڪ هڻي ڇڏيائين، خيالن جي اڏام تي قلم هڪ سئو چوئتاليھ نافذ ڪري ڇڏيائين.

    مسلسل پورو هڪ هفتو مسٽر ڪانگل خان جي بي وقتي ريگهٽ ٻڌي ڪري ڪن جا پردا ذري گهٽ ڪمزور ٿي چڪا هئا، آءُ وري ان آسري تي تہ متان ڪو مهمان يا عزيز قريب اچي پوي، سو سڄو هفتو سندس ست سرن کي برداشت ڪندو رهيس، آخر ڪيستائين چپ رهان، هڪ تہ آدم ذات آهيان.

    پاڻ کان ڪمزور مخلوق تي جلدي ۾ ڪاوڙ ڪرڻ فطري طور وراثت ۾ مليل آهي، ٻيو وري پاڻ وٽ جڏهن انسان، انسان تي رحم نہ ٿو ڪري تہ پوءِ ٻي مخلوق تي رحم ڪرڻ جو جواز ڪٿان ٿو پيدا ڪري سگهي، کيس ٺڪاڻي تي لائڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ شروع ڪيم.
    پڪو پھ ڪيم تہ اگر جي هن هفتي ڪانگل خان ساڳي طرح منهنجي ننڊ ۾ خلل وجهڻ بند نہ ڪئي تہ پوءِ شڪار بہ هڪ ئي گولي جو ٿيندو، گولي بہ اهڙي جيڪا هڪ سيڪنڊ لاءِ بہ ساه کڻڻ نہ ڏيس، اصلي صفا اوفٽ ماري ڇڏيس، اهڙو ماريس جو وري ڪڏهن قيامت تائين جئيڻ جو ڪو جهان ئي نہ جوڙي سگهي، اصلي سوچي ئي نہ، اسڪرين تان ائين گم ٿي وڃي جئين بجلي وڃڻ شرط ٽي وي تان نچندڙ ڪڏندڙ ماڻهو گم ٿي ويندا آهن.
    مون کيس مارڻ جو سڄو سامان گڏ ڪري رکيو هو، ان وچم ٻہ هفتا گذري چڪا هئا، ڪانگل خان واپس ورڻ جي ڪا واهڻ نہ ڪئي، شايد کيس معلوم ٿي چڪو هو تہ اڄ واري انسان مان انسانيت ختم ٿي چڪي آهي، هُو درندو، وهشي ۽ بگهڙ صفت بڻجي چڪو آهي، سندس نيت ٻلي جي نيت جهڙي ٿي چڪي آهي جنهن ۾ هميشه ٻين جي حق ڦٻائڻ جي سوچ پرورش وٺندي آهي، شايد هُو ڄاڻي چڪو هو تہ هاڻ انساني گهڻ آبادي وارا شهر گڏهن، ڪتن ۽ ٻلين جي گوشت کائڻ کان بہ ڪونہ ٿا مڻن تہ متان ڪٿي مون کي شڪار نہ ڪري وجهن، شايد هُو هن فزا جي ان گونج کي سمجهي چڪو هو جنهن گونج ۾ گولين جي ٺڪاه جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.

    هُو گم ٿي ويو ۽ هُن کي هاڻ هِن سانوڻ ۾ پورو سال مڪمل ٿيڻ تي آهي پر سندس ڪو ڏس پتو ڪونہ آه، خبر ناهي ڪهڙي ديس جو متوالو ٿي ڪري اُتي ويهي رهيو آه، کيس هڪ پل ڏسڻ لاءِ هي نيڻ آتا ٿا رهن.


      خاموش سڏڪا

    جڏهن لڙڪ اکڙين مان بي ساختہ ٿي ڪري وهي پون، جڏهن لب ڪجھ بہ ڪڇڻ کان عاري ٿي پون، جڏهن چهري مان مسڪراهٽ کسجي وڃي تہ پڪ سمجهو اوهان پيڙاھ جي مرحلي مان گذري رهيا آهيو، انسان جتي پٿر کان وڌيڪ سخت مزاج طبعيت رکندڙ فرد هجي ٿو اُتي وري ڪڏهن ڪڏهن ڪپھ کان بہ نرم ٿيڻ لڳندو آهي ۽ لوڻ بڻجي ڪري وقت جي وهڪري جي ڪنهن ڪن ۾ وهڻ شروع ڪندو آهي.
    جوڀن جا ڏينهڙا تمام حساس ۽ قابل غور فڪر توڙي ڌيان ڌرڻ جا ڏينهن هوندا آهن، انهن جوڀن وارن ڏينهڙن ۾ اڪثر جوڌا جوان ۽ ارڏا ڇوڪرا، الڙ ۽ جوان ڇوڪرين جي زلفن جو اسير بڻجي، سندن نيڻن ساڻ نيڻ ملائي ڪري پنهنجي سنهري مستقبل جا خواب ڏسڻ لڳندا آهن، پنهنجي قد بت کان وڌيڪ سگهارا خواب کين زندگي جي اڙانگهي سفر ۾ ٿڪائي وجهندا آهن.
    ڪائنات جا الاهي سارا معاملا اڃا تائين ڳجھ ڳوه بڻيل آهن جن جو حقيقتون تقريب تمام جلد ظهور پزير ٿيڻ واريون آهن، اسان وٽ اولاد ۽ والدين جي وچم هڪ تمام باريڪ ڪنٽرول لائين لڳل آهي جنهن جي حساب سان اولاد کي پنهنجي والدين سان پنهنجي دل جي ڳالھ کولي ڪري بيان ڪرڻ جو اجازت ڪنهن بہ قيمت تي دستياب ناهي، اُتي وري والدين کي سندس ذاتي زندگي جي باري ۾ ڪنهن بہ فيصلي ڪرڻ وقت سندن ڪنهن بہ راء جي ڪنهن بہ قيمت تي ضرورت ناهي.

    والدين جي انهي رويي جي سبب نہ ڄاڻ ڪيترا گل ٽڙڻ کان پهريان مرجهائي ويندا آهن نہ ڄاڻ ڪيترا گلستان اجڙي ڪري قبرستان مثل بڻجي پوندا آهن، نہ ڄاڻ ڪيتريون زندگيون موت جي منھ ۾ هليون وينديون آهن پر افسوس تہ اڄ جو والدين پاڻ کي عقل ڪل جو مالڪ سمجهندي پنهنجي ايندڙ نسل کي ڪم عقل سمجهي سندس تقدير جو فيصلو پاڻ ڪرڻ شروع ڪري ٿي جنهن جي ڪري اڳتي هلي ڪري کين هيبتناڪ نتيجا ڀوڳڻ لاءِ ملن ٿا.


    هٽلر صفت محبوبا

    تاريخ جا ڪارندا هٽلر کي انتهائي ڌڪارت واري نظر سان ڏسن ٿا ڇو تہ هٽلر انساني ناروا سلوڪ ۽ سوز اختيار ڪري الاءِ تہ ڪيترا بي گناه فرد ماريا هيا، جنهن سبب تاريخ کيس اڄ بہ گنگهار تصور ڪري ٿي ۽ سندس شخصيت کي منفي طور ٻين آڏو پيش ڪري ٿي، پر اگر جي ٿڌي دماغ سان غور ڪجي تہ هٽلر جي مچايل تباهي کان پو۽ هلٽر واري ان ساڳي مچيل مانڌاڻ کي تسلسل يا رواني جنهن عنصر بخشي آهي سي آهن هٽلر جهڙيون اسان توهان جون محبوبائون.

    ڪڏهن سندس بي رخين توڙي تلخ بازين تي غور ڪيو اٿئو ؟
    يقينن جواب هوندو نہ ..
    آخر غور بہ توهان ڇو ڪندا، عاشق جو سڏايو ٿا..
    عاشق تہ اکيون ٻوٽي ڇڏيندا آهن، اچو تہ اڄ انهن ٻوٽل اکين سان سندن اڀياس ڪريون.

    اسان توهان جون محبوبائون جن کي ڪنهن بہ قدر توڙي قيمت تي اسان جون مجبوريون توڙي آزيون نيازيون قبول ناهن، جن جي ازلي انا برف وانگر ڪنهن هڪ خواهش تي ڄمي بيهي رهڻ واري ضد اسان جهڙن مسڪينن ۽ ڪمزور دل عاشقن کي لوڙهي ٿيون وجهن، جن جي خواهشن جي ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندڙ فهرست اسان جي خواهشن جو ٻيڙو ٻوڙي ٿيون ڇڏين، جن جي بي رخي اسان نفيس طبعيت عاشق مزاج رکندڙ فردن کي خزان جي موسم ۾ اڻ مڌائتو پهچائي ٿيون ڇڏين، ڀلا اهڙن کي اڃا بہ هلٽر سان نہ ڀيٽيون.
    پنهنجي من اندر جهاتي پائي ڏسجي ٿو هر هنڌان سندن ڪلورن جا ڪريل ڪوٽ نظر اچن ٿا، اسان طرفان کين آڇيل گلاب جا گل ڪاري ڪوئلي وانگر سڙيل ڪنهن ڪنڊ ۾ لڀن ٿا، سندن روايتون ۽ ريتون بي بها ۽ مهانگا محسوس ٿين ٿا انهن جي برعڪس اسان جون وفائون سندس ڪتابن ۾ جفاعن جي عنوانن سان تحرير ٿيندي پڙهڻ لاءِ ملن ٿا، ڪنهن در وڃجي ؟ ڪنهن در دانهن ڏجي؟

    اسان ڪي ئي ساعتون سندن رستن تي نماڻا نيڻ کڻي کين هڪ پل لاءِ پسڻ لاءِ اُس جهٽيو ٿا ۽ وري محبوب ايڏا مغرور جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ هار سينگار ۾ لاهيو ڇڏين، هيڏان اُس ۽ تتل زمين جي واري اسان جا ترا ڪڍيو ڇڏي، وري مٿان ستم ظرفي اِها ” پنهنجي شڪل ڏٺي اٿئي“ جهڙا ٺٺول ڪري اسان جي ششي جي ٺهيل دل جا پرزا پرزا ڪريو ڇڏين، اڃا ڏوھ اسان عاشقن ڏي.

    اسين عاشق زهر پياڪ مڙئي پيا سندس ڌڪن ۽ ٿاٻن ۾ دل خوش ڪريون ۽ وري مٿان هٽلر صفت محبوبائون بہ پنهنجي وسان ڪين ٿيون گهٽائين هر روز نئو غم توڙي ستم پارسل ڪري موڪلين پيون.


      دل جــو نگـــر

    من اندر مانڌاڻ متل آهي ٿورو ليئو پائي ڏسجي ٿو تہ هزارين حسرتون دفن ٿيل نظر اچن ٿيون وري ان سان گڏوگڏ من جي نگري ۾ سوين نوان خواهش ڪَر کڻي اُسرڻ جا جتن ڪن ٿيون، اکيون بند ڪرڻ سان خوابن جا پڙاڏا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، نگاه کي ٿورو مٿي کڻجي ٿو تہ منزل نہ ڄاڻ الاءِ ڪيترو ڏوراهو محسوس ٿئي ٿو ۽ نيڻ ٿڪجي ٿا پون.

    زندگي عجيب ڪشمڪش واري ڪيفيت ۾ مبتلا آهي، سوچون پوري جسم کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي کيس ڪمزور کان ڪمزور تر ۽ هيڻو بنائڻ جو ريس ۾ لڳل آهن، ڪٿان بہ ڪا سرهاڻ يا سڳنڌ محسوس نہ ٿيٿئي، هر هڪ فرد ٻي فرد کان اڳتي نڪرڻ جي چڪر ۾ پاڻ کان پنهنجي اصليت وڃائي چڪو آهي.

    سوچن جو ساگر جڏهن پنهنجي آپي کان نڪري ڪري سفر ڪرڻ لڳندو آهي تہ تڏهن انهن سوچن جي پاڻ ۾ هڪ سرد جنگ لڳڻ شروع ٿيندي آهي انهن سوچن ۾ جيڪا سوچ سڀ کان وڌيڪ سگهاري، ڌوڪيباز، مڪار ۽ چالاڪ هجي ٿي تہ اُها سڀني تي سوڀ حاصل ڪري وجهي ٿي.

    ڪنهن کي بہ ننڍي هوندي کان اهو ناهي سيکاريو ويو تہ ڪاميابي کان وڌيڪ اهميت انسان جو ڪردار رکي ٿي، ان لاءِ انسان پنهنجو ڪردار ٺاهڻ ۾ پنهنجو گهڻو وقت خرچ ڪري، هن ڌرتي جي گولي تي اڄ تائين انيڪ فرد ڪامياب ٿي ڪري آيا ۽ فنا ٿي ويا، اهڙي ساڳي طرح وري ڪجھ فرد آيا ۽ انهن پنهنجو پاڻ کي پنهنجي اعلي ڪردار جي وسيلي امرتا بخشي، جنهن جي ڪري دنيا جهان کين اڄ بہ سٺن ۽ عمدن خيالن ۾ ياد ڪري ٿي.
    ورهيه گذري وڃن ٿا پر من اندر ڪڏهن ڪڏهن اهڙي مانڌاڻ مچي پوي ٿي جو دل جو نگر پوري جو پورو ناگاساڪي جهڙو بڻجي ٿو پوي.


    اداس اکڙيون

    وڇوڙي جا وهشتناڪ حملا ۽ من اندر لڳل برھ جي باھ هڪ پل بہ سانت سان ويهڻ نٿي ڏي، پر ان جي باوجود بہ آءُ هماليا جيڏا هونسلا رکي تون سان پنهنجي نينھ کي نڀائيندي پئي اچان، تون سمجهي سگهي ٿو تہ هي پورو سماج مرداڻو سماج آهي جنهن ۾ ڪنهن بہ عورت ذات کي ڪڇڻ ۽ لڇڻ جي ايتري آزادي هر گز ناهي جو اُها عورت پنهنجي پيار جي تڪميل يا حاصلات لاءَ پاڻ پتوڙي سگهي.

    هي سارو سماج عورت دشمني جي روايت کي بخوبي وڏي ايمانداري سان نڀائيندو ٿو اچي، ڪجھ ڏينهن ٿيا آهن جو مون ادب پڙهڻ شروع ڪيو آهي، تون مون کي عالمي ادب جا جيڪي ڪجھ ڪتاب ڏئي ويو آهي آءُ انهن منجهان ڪجھ ڪتاب پڙهي چڪي آهيان ۽ ڪجھ ڪتابن جو مطالعو اڃا جاري آهي، آءُ جڏهن ڪتابن کي هٿن ۾ کڻندي آهيان تہ ائين محسوس ڪندي آهيان ڄڻڪ سڀ ڪتاب عورت جي بي وسي ۽ لاچاري جي داستانن سان ڀريل هجن.

    ڪي پل تہ ائين ڀائيندي آهيان ڄڻڪ سڀئي ڪتاب منهنجا سور بيان ڪندڙ آهن، سڀني ڪهاڻين جا ڪردار منهنجي دردن جا حوالا هجن، الاءَ ڇو ڪجھ ئي ڏينهن ۾ اهو يقين ٿي ويو اٿم تہ ڪائنات جي ڪمزور کان ڪمزور تر وجود عورت ذات ئي آهي، حالانڪ عورت جي مطعلق تنهنجو نقطہ نظر ٻيو آهي ۽ تون هميشه اهو ئي چوندو رهندو آهين تہ ” هن ڪائنات ۾ قدرت واري جي خوبصورت کان خوبصورت تخليق عورت ذات ئي آهي“، اگر ائين آهي تہ پوءَ تنهنجي ۽ منهنجي نقطہ نظر ۾ ايڏو فرق ڇو آهي.


    سُنسان راهون

    پيار جا پيچرا ڏسڻ ۾ تہ وسيع نظر ايندا آهن ليڪن اِنهن پيچرن جي پنڌن کي اهو ئي سيلاني سمجهي سگهي ٿو جيڪو اِنهن پيچرن تي هليو هجي، جنهن پنهنجيون جُتيون پيار ۾ پنڌ ڪري گَسايون هجن.

    ٻالڪپڻ ۾ جڏهن نئون نئون عشق لڳو هو تڏهن پرين جي هر هڪ مرڪ، نهار ۽ نظر من کي موهي ڇڏيندي هئي، دل جو گلشن باغ و بهار ٿي ويندو هو، پوري ڪائنات کان بي خبر ٿي ڪري سموريون سوچون بس هڪ ئي ماڻهو ڏانهن مرڪوز ٿي وينديون هيون.

    وقت سان گڏوگڏ پيار کي ماپڻ جا پئيمانا بہ تبديل ٿي ويا، جن محبوبن جي تانگ هڪ پل بہ ويهڻ نہ ڏيندي هئي هاڻ انهن محبوبن کي ورهين تائين بہ نہ ڏسڻ جو اُلڪو نٿو ٿي، چاهتون جَهڪِيون ٿيڻ لڳيون آهن.

    ڳوٺ جي رستن تي هلندي هاڻ جڏهن انهن تي نظر پوي ٿي تہ الاءَ ڇو نيڻ پاڻهي ڄاڻ شرم وچان جُهڪي ٿا پون ۽ اندر مان اِهو آواز اچڻ شروع ٿي ٿو تہ” بس هاڻ فاصلن ۾ ئي محبت جي بقا رکيل آهي اڪثر ويجهڙايون محبتن جون قاتل ثابت ٿيون آهن.


      جديد محبت

    هُن کي جڏهن مون سان پهريون دفعو پيار ٿيو هو تنهن وقت دنيا اڃا ايتري گهڻي ترقي ڪونہ ڪئي هئي جيتري هاڻ ترقي ڪري چڪي آهي.

    اسين هر روز منجهند جو هڪ ٻي سان ڳوٺ جي گهٽين ۾ ملاقاتون ڪري هڪ ٻي سان دل جون ڳالهيون اوريندا هئاسين.

    دنيا ترقي ڪئي

    پوءَ آهستي آهستي وقت جي رفتار سان گڏ اسان جي محبت بہ جديد ٿيندي وئي، پهريان خط، وري موبائلن منجھ سڪ ڀريا سنهيا ۽ لمبي بات آفر تي ڊگهيون ڪچهريون، هلندي هلندي فيس بڪ ۽ واٽس اپ تي فوٽو ۽ وائيس پيغامن سان قرب ڀريون ڪچهريون

    ۽ ائين دنيا سان گڏ اسان بہ جديد ٿيندا وياسينڱ
    ۽ هاڻ هُو مون سان اي ميل تي ڪچهريون ڪندي آهي.

    سڀ ڳالهيون، ڏوراپا ۽ خط اي ميل وسيلي لکندي آهي، آءُ ان ڳالھ کي بخوبي سمجهي سگهان ٿو تہ واقعي اڄڪلھ جي محبت، جديد محبت آهي.


      پيار پائينده باد رهي

    پيار جا پيچرا ايترا آسان ناهن هوندا جيترا سمجهيا ويندا آهن، سرد راتين ۾ انتظاري جو عالم انتهائي ازيتناڪ هوندو آهي، هر هڪ گهڙي ۽ هر هڪ ساعت جي گذرڻ جو احساس شدت سان ٿيندو آهي، هنن راتين ۾ محبتون اهل دل ماڻهن کي ڏاڍو ستائينديون آهن.
    توهان سان هم ڪلام ٿيڻ جو جذبو ۽ پيار جا ٻہ ٻول ڳالهائڻ لاءَ ڏاڍو آتو ٿيو ويٺو هيس، توهان چيو تہ رات جي اڌ پهر کان پوءَ توسان ڳالهائينديس، مون کي اِهو اڌ پهر وارو انتظار ڄڻڪ اڌ صدي جو انتظار محسوس ٿيڻ لڳو.

    منهنجي اندر جي بي قراري معمول کان وڌڻ لڳي

    آءُ بار بار گهڙي کي ڏسندو رهيس ۽ ان اطمنان کي ورجائيندو رهيس تہ ڄاڻ رات جو اڌ پهر ٿيو ۽ اوهان سان ڳالهائڻ جي منهنجي حسرت پوري ٿيندي. آءُ محبت جي معاملي ۾ انتهائي سنجيده ۽ بي صبرو ماڻهو آهيان ڇو تہ زندگي ۾ خوشين جو تعلق آهي ئي ميٺ ۽ محبت سان، محبتن کان علاوه زندگي ائين آهي جئين تصوير بنا رنگن جي، بي رنگ زندگي انسان کي بار محسوس ٿيڻ لڳندو آهي.
    محبت انسان جي زندگي ۾ اهڙا تہ اُجرا ۽ نرالا رنگ ڀري ڇڏيندي آهي جو انساني زندگي انتهائي درجي جي خوبصورت ۽ نمايا ٿي پوندي آهي، اِهڙي ئي ريت توهان جي محبت منهنجي زندگي کي حُسناڪي بخشي آهي ۽ منهنجو من توهان جي ديدار ۽ گفتار سان ٻهڪي پوندو آهي.
    ان لاءَ آءُ چاهيان ٿو تہ اوهان جي محبت سان اِها مهڪ ۽ ٻهڪ هميشه ائين ئي پائينده باد رهي ۽ اسان ٻنهي جون دليون هڪ ٻي جي لاءَ پيار جا آبشار جاري ڪندا رهن ۽ اسان جو عشق چاهتن سان سيراب ٿيندو رهي.


    ڪلھ رات ستارا مُرڪن پيا

    آءُ ڪيڏو نہ اڀاڳو آهيان جو تنهنجي قرب ۾ قيد هوندي بہ تنهنجي قربت کان ڪوھ ڏور آهيان، تو سان رشتو ائين جڙيل آهي جئين دريا جي ڪنارن جو هڪ ٻي سان ناتو جڙيل هوندو آهي، هڪ ٻي کان جدا هوندي بہ هڪ ٻي سان سلهاڙيل هوندا آهن ۽ هڪ ٻي سان گڏ هوندي بہ هڪ ٻي کان حقيقتن جدا هوندا آهن.
    آءُ بہ ائين ئي تنهنجي عشق ۾ گم سم هوندي ڪنهن پل مٿي اُڀ ڏي نظر ڪري خيالن ۾ گم ٿي ويندو آهيان، منهنجي انهي ظاهري حال کي ڏسندي مون تي آسمان جا ستارا کلڻ لکندا آهن، اُنهن جي مُک تي مرڪ تري ايندي آهي، ھُو مون تي ٽوڪڻ لڳندا آهن، تنهن مهل آءُ ڏاڍو لڄي ٿيندو آهيان ۽ اُتان پنهنجون نظرون هٽائي ڪري پنهنجي پاڻ تي مرڪوز ڪري ڇڏيندو آهيان.
    منهنجي اِنهي نظرن چورائڻ واري حرڪت کي هُو هڪ پل بہ نظر انداز ناهن ڪندا، پوءَ ستارا اُڀ کان لهي ڪري ڌرتي تي منهنجي نظرن جي سامهون اچي ڪري نچڻ، ڪُڏڻ لڳندا آهن، تنهن پل ائين لڳندو آهي ڄڻڪ آءُ ڪنهن گهٽي ۾ گهمندڙ ڪو درويش صفت ماڻهو آهيان ۽ مون کي ڳوٺ جا ٻار چيڙائيندا هجن، مون تي چٿڙون ڪندا هجن، منهنجو مذاق اُڏائيندا هجن.
    آءُ ستارن جي انهي حرڪت سبب سندن هٿي پئجي ويندو آهيان، اسان جو هڪ ٻي سان جهيڙو ٿي پوندو آهي، اسان جي اِنهي جهيڙي کي ماٺار ڪرڻ لاءَ وري چنڊ کي اسان جي وچم اچڻو پئجي ويندو آهي، آءُ چنڊ جي اَن ٽيڪاڙي کي مان بخشيدي انهي سڄي ڪار گذاري کان دست بردار ٿي ويندو آهيان، ڇو تہ مون کي وري بہ چنڊ ۾ تنهنجو عڪس نظر ايندو آهي، جنهن سبب منهنجي سڄي ڪاوڙ ڪچي لوھ وانگر پگهرجي ڪري ختم ٿي ويندي آهي ۽ آءُ ميڻ وانگر نرم ٿي پوندو آهيان.

    ستارا وري هڪ دفعو ٻيهر منهنجي انهي حالت کي ڏسي ڪري مُرڪي پوندا آهن ۽ مون کي بہ آخرڪار مرڪڻ تي مجبور ڪندا آهن.


    چري چاهت

    هُو جيڪا چري آهي، ها ها چري، صفا اِهڙي چري جو مون کي ڏسي ڪري مسڪرائيندي آهي، حالانڪ آءُ پنهنجي پاڻ کي ڏسي ڪري ڪونہ مسڪرائيندو آهيان، آءُ تہ پنهنجي پاڻ کي ڏسي ڪري اِن فڪر ۾ مبتلا ٿيندو آهيان تہ آخر هُو مون کي ڏسي ڪري مسڪرائيندي ڇو آهي.

    سندس مسڪراهٽ مان اِهو صاف، چٽو ۽ واضع بلڪل نمايا طور تصور اُڀرندو آهي تہ هُو واقعي ئي مون تي چري آهي، ڇو تہ هُو ٻين کي ڏسي ڪونہ مسڪرائيندي آهي، هُو تہ ٻين کي ڏسڻ کان پوءَ انهن منجھ مون کي يا وري منهنجي اولڙي کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.

    سندس نگاهون هر پل مون کي ڏسڻ لاءَ پريشان هونديون آهن، سندس اکيون مون منجهان پنهنجو عڪس ڏسنديون آهن، سندس نگاهن جي اِها بي چيني ۽ بي قراري ئي اصل ۾ کيس چريو ڪيو آهي جنهن جي ئي ڪري آءُ سوچيندو آهيان تہ هُو چري آهي.

    ٿي سگهي ٿو سندس چاهت چري چاهت هجي، ٿي سگهي ٿو سندس لڳاءُ چري هجي، ٿي سگهي ٿو سندس ڪيفيتون چريون هجن، ٿي سگهي ٿو سندس چاهتن متان کيس چريو بڻايو هجي، ٿي سگهي ٿو سندس سوچون، اميدون ۽ آسون چريون هجن، ٿي سگهي ٿو تہ هُو واقعي ئي چري هجي.

    بر حال سندس اِن چري هجڻ واري حالت ڪجھ ڏينهن کان وٺي ڪري مون کي چريو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ جڏهن هُو چري مون ڏانهن ڏسي ڪري مسڪرائيندي آهي تہ تڏهن مان چريو بہ هُن کي ڏسي ڪري مسڪرائيندو آهيان، تڏهن کيس اِهو احساس ٿيندو آهي تہ هُو اڪيلي سِر چري ناهي آءُ بہ سندس لاءَ چريو آهيان.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 823
    ڪتابن جو مشاهدو: 1888449
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 511156
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ