ڪتاب جو نالو: اسان هِتِ اڪيلا
مصنف: غلام عباس ڀنڀرو
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ
ڪيٽيگري: آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 28 فيبروري 2019 ع
پڙهيو ويو: 525 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 177 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتاب ۾ ٻهراڙيءَ جي غريب شاگردن کي خيرپور ۾ رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جي سهولت ڏيڻ، خيرپور شهر مان گذرندڙ ميرواهه ڪينال جي ڪچي بند مٿان پڪو روڊ ٺهڻ، ڏهه مهينا ڏهه ڏينهنَ جي جيل ياترا، رئيس حاڪم علي زرداري، آصف علي زرداري ۽ شيخ اياز سان ملاقاتن ۽ مير رسول بخش ٽالپر جو ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ عام جلسو، پير سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جي ”نرس لينڊ“ وڃڻ، واپس اچڻ تي گهڻو ڪجهه بدلجي وڃڻ ۽ سنڌ سوڳوار ٿيڻ، 31 آڪٽوبر 2015ع تي مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي واري ڏينهن خيرپور جي ڳوٺ وريو واهڻ ۾ حُر جماعت جي يارهن ڄڻن جي مارجي وڃڻ، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي ٻن ڪتابن ”هڪ دؤر جو پورو سفر“ ۽ ”هڪ سج ٻه پاڇا“ جي مهورت، ٿر گهمڻ ۽ ٻيون ڪيتريون يادگار ڳالهيون ۽ تاريخي داستان شامل آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • پنهنجي پاران
  • داستان پهريون
  • داستان ٻيو
  • داستان ٽيون
  • داستان چوٿون
  • داستان پنجون
  • داستان ڇهون

  • ڪتاب بابت

    POPAT BOOK NO. 109


    اَسان هِتِ اَڪيلا
    (يادگيريون: حصو ٻيو)
    ليکڪ: غلام عباس ڀنڀرو
    ڇاپو پهريون: 2017ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: عرفان ڀٽو
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور ـــ سنڌُ.
    ملهه: 100/- روپيه


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر



    ASAA’N HIT AKELA
    (Memories: Part - 2)
    By: Ghulam Abbas Bhanbhro
    First Edition: 2017
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Lay’out: Asif Nizamani
    Composing: Irfan Bhutto
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 100/-


    ارپنا

    مون سان محبت ڪرڻ
    وارن جي نالي

    ـــ غلام عباس ڀنڀرو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اسان هت اڪيلا“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب محترم غلام عباس ڀنڀرو صاحب جي لکيل آتم ڪٿا/يادگيرين جو ٻيو حصو آهي.
    هن ڪتاب ۾ ٻهراڙيءَ جي غريب شاگردن کي خيرپور ۾ رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جي سهولت ڏيڻ، خيرپور شهر مان گذرندڙ ميرواهه ڪينال جي ڪچي بند مٿان پڪو روڊ ٺهڻ، ڏهه مهينا ڏهه ڏينهنَ جي جيل ياترا، رئيس حاڪم علي زرداري، آصف علي زرداري ۽ شيخ اياز سان ملاقاتن ۽ مير رسول بخش ٽالپر جو ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ عام جلسو، پير سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جي ”نرس لينڊ“ وڃڻ، واپس اچڻ تي گهڻو ڪجهه بدلجي وڃڻ ۽ سنڌ سوڳوار ٿيڻ، 31 آڪٽوبر 2015ع تي مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي واري ڏينهن خيرپور جي ڳوٺ وريو واهڻ ۾ حُر جماعت جي يارهن ڄڻن جي مارجي وڃڻ، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي ٻن ڪتابن ”هڪ دؤر جو پورو سفر“ ۽ ”هڪ سج ٻه پاڇا“ جي مهورت، ٿر گهمڻ ۽ ٻيون ڪيتريون يادگار ڳالهيون ۽ تاريخي داستان شامل آهن.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون فريد ڀٽو صاحب جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    محترم غلام عباس ڀنڀري جي يادگيرين تي مشتمل هي ٻيو ڪتابُ ”اَسان هِتِ اَڪيلا“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هِنَ کان اڳ سندس يادگيرين جو پهريون ڪتابُ ”هڪ سج ٻَه پاڇا“ ڇپجي، بي پناهه مقبوليت ماڻي چڪو آهي. مجموعي طور تي هي غلام عباس ڀنڀري جو ستون ڪتاب آهي، جيڪو پوپٽ پبلشنگ هائوس پاران شايع ٿي رهيو آهي. مثالي يادگيرين ۽ تاريخي حقيقتن سبب هي ڪتابُ به پَڪَ سان تمام گهڻي مقبوليت ۽ مانُ ماڻيندو. هي ڪتاب تحقيق ڪندڙ دوستن لاءِ ڪافي مددگار پڻ ٿيندو.
    پوپٽ پبلشنگ هائوس معياري ڪتابن جي اشاعت جي سفر تي روان دوان آهي. اوهان پڙهندڙن جي ساٿ ۽ رهنمائيءَ جي ضرورت اسان کي هرقدم تي پوندي رهندي.


    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    پنهنجي پاران

    ”اَسان هِتِ اَڪيلا“ منهنجو هي ستون ڪتاب آهي، جنهن ۾ نَيون ۽ پُراڻيون يادگيريون شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ٻهراڙيءَ جي غريب شاگردن کي خيرپور ۾ رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جي سهولت ڏيڻ، خيرپور شهر مان گذرندڙ ميرواهه ڪينال جي ڪچي بند مٿان پڪو روڊ ٺهڻ، ڏهه مهينا ڏهه ڏينهنَ جي جيل ياترا، رئيس حاڪم علي زرداري، آصف علي زرداري ۽ شيخ اياز سان ملاقاتن ۽ مير رسول بخش ٽالپر جو ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ عام جلسو، پير سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جي ”نرس لينڊ“ وڃڻ، واپس اچڻ تي گهڻو ڪجهه بدلجي وڃڻ ۽ سنڌ سوڳوار ٿيڻ، 31 آڪٽوبر 2015ع تي مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي واري ڏينهن خيرپور جي ڳوٺ وريو واهڻ ۾ حُر جماعت جي يارهن ڄڻن جي مارجي وڃڻ، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي ٻن ڪتابن ”هڪ دؤر جو پورو سفر“ ۽ ”هڪ سج ٻه پاڇا“ جي مهورت، ٿر گهمڻ ۽ ٻيون ڪيتريون يادگار ڳالهيون ۽ تاريخي داستان شامل آهن.
    مان ٿورائتو آهيان محترم قربان منگيءَ جو جنهن مون کي هي ستون ڪتاب تڪڙو ڇاپي ڏنو . مان ٺل جي صحافي محترم حفيظ ڀٽيءَ جو به ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتابَ جا هي مضمونَ سهڻن اکرن ۾ اُتاري ڏنا. مان علامه حزب الله سومرو، محترم علي جاگيراڻي وڪيل ۽ محترم امر اقبال جو به ٿورائتو آهيان، جن هن ڪتاب جي ڇپائيءَ واري ڪم ۾ هٿ ونڊايو ۽ بهتر صلاحون ڏنيون. مان محترم آصف نظاماڻي ۽ محترم عرفان ڀُٽي جو به شڪر گذار آهيان، جن ڪتاب جي بهتر ۽ خوبصورت ڪمپوزنگ ڪئي، جڏهن ته آئون وڌيڪَ ٿورائتو آهيان محترم سعيد منگيءَ جو جنهن هن کان اڳ وارن منهنجن، ڪتابن جا سهڻا ٽائيٽل ٺاهيا ۽ هن ڪتاب جو به خوبصورت ٽائيٽل ٺاهي ڏنو. پڙهندڙن جو ساٿُ جاري رهيو ته آئون پنهنجي شاعري، يادگار مضمونن ۽ ڪهاڻين جي ڪتابن جي ڇَپائڻ جو سلسلو جاري رکيون ايندس. هتي مان اردو ٻوليءَ جي ناليواري صحافي ۽ ليکڪ محترم الطاف محمد مُجاهد پاران ڪراچيءَ مان موڪليل سندس خَطَ جو ذڪر ڪرڻ به ضروري ٿو سمجهان. محترم الطاف محمد مُجاهد پنهنجي خَطَ ۾ لکيو آهي ته ”هِڪُ سِجُ ٻه پاڇا“ ڪِتابَ جي صفحي نمبر 113 تي حضرت قائد اعظم محمد علي جناح سان شهيد پير صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جي ملاقات جي حوالي سان جيڪا تصوير شايع ٿي آهي، اها پير آف مانڪي شريف پير محمد امين الحسنات جي آهي. الطاف محمد مجاهد پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته پاڪستان جي آزاديءَ واريءَ تحريڪ دوران قائد اعظم محمد علي جناح جڏهن پير آف مانڪي شريف جي دعوت تي صوبي سرحد جي دؤري تي آيا هُئا ته ان وقت فوٽوگرافرن جيڪي تصويرون ڪڍيون هيون، انهن ۾ اِها تصويرَ به شامل هُئي، جيڪا ”هِڪُ سِجُ ٻه پاڇا“ ۾ ڇپجي وئي آهي. اِها تصويرَ اسان انٽرنيٽ تان ورتي هُئي. اميد ته محترم الطاف محمد مُجاهد جي خَطَ جي جوابَ ۾ اسان جي هيءَ وضاحت ڪافي ٿيندي.

    غلام عباس ڀنڀرو
    ڪينال روڊ خيرپور
    0300-3116062


    داستان پهريون

    ٻهراڙيءَ جي غريب شاگردن کي شهر ۾ رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جي سهوليت ڏيڻ ۽ خيرپور شهر مان گذرندڙ ميرواهه ڪئنال جي ڪچي بند مٿان پڪو روڊ ٺهڻ وارو قصو

    8 جنوري 1975ع جو ڏينهن هو، آئون شام جو 3:00 وڳي ڌاري پريس ڪلب خيرپور ۾ ويٺو هوس ته پيپلز پارٽي ضلعي خيرپور جي صدر ۽ ناليواري وڪيل محترم غلام رسول صديقيءَ جو ماڻهو مون وٽ آيو، چيائين ته صديقي صاحب اوهان لاءِ نياپو ڏنو آهي ته اڄ شام جو 7:00 وڳي منهنجي مال روڊ جي وڪالت واري آفيس ۾ اچو، ميٽنگ ڪرڻي آهي. خيرپور وارو اِهو پريس ڪلب، سنڌ جي اُنَ وقت جي وڏي وزير محترم رئيس غلام مصطفيٰ جتوئيءَ ڏنو هو. جتوئي صاحب سنڌ جو وڏو وزير بڻجڻ کان پوءِ جڏهن پهريون ڀيرو خيرپور جي دؤري تي آيو ته مان ۽ منهنجو صحافي دوست محترم شاهنواز حيدري، سرڪٽ هائوس ۾ ساڻس ملڻ وياسون. جتوئي صاحب اسان کي فوري طور تي ملاقات لاءِ گهرايو. اُن ملاقات ۾ مون کيس چيو ته خيرپور ۾ پريس ڪلب نه آهي، پريس ڪلب لاءِ جڳهه ڏيو ته پريس ڪلب کوليون. جتوئي صاحب سان ملاقات دؤران خيرپور جو ڊپٽي ڪمشنر به موجود هو، جتوئي صاحب اُن ڏانهن ڏٺو ۽ کيس چيو ته صحافين کي پريس ڪلب لاءِ جڳهه ڏيو.اُن تي ڊي سي صاحب چيو ته ڪا جڳهه خالي هُجي ته صحافي ٻڌائن ته اُها کين ڏئي ڇڏينداسون. مون کيس ٻڌايو ته سرڪٽ هائوس ٻاهران انفارميشن آفيس جي ڀر ۾ هڪ جڳهه سالن کان بند پئي آهي. اُها جڳهه اسان جي حوالي ڪيو، جيڪا پريس ڪلب لاءِ موزون رهندي. جنهن تي محترم غلام مصطفيٰ جتوئيءَ ڊپٽي ڪمشنر کي حڪم ڏنو ته اوهان صحافين سان گڏجي وڃو ۽ اُها بند پيل جڳهه کولي، منهنجي هتي موجودگيءَ تائين صحافين جي حوالي ڪري اچو. ڊپٽي ڪمشنر وڏي وزير جي حڪم تي اسان سان گڏجي هليو ۽ اُن بند پيل جڳهه جا تالا ٽوڙائي اُها جڳهه اسان جي حوالي ڪئي. بعد ۾ اسان سرڪٽ هائوس ۾ وڃي جتوئي صاحب سان ٻيهر ملياسون ۽ پريس ڪلب لاءِ جڳهه ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃياسون.
    ٻئي ڏينهن ڊي سي صاحب پاران کولي ڏنل اُن جڳهه جي وڃي صفائي ڪرائي سون. جڳهه جي اندران سالن جو ڄارو چڙهيل هو ۽ سڄي جڳهه ڀوت بنگلو بڻيل هئي. اسان فوري طور تي جڳهه جو رنگ ڪرايو، انهن ڏينهن ۾ جڳهه جو رنگ ڪرائڻ تي اسان جا هڪ سؤ روپيه خرچ ٿيا. بعد ۾ آئون محترم شاهنواز حيدريءَ کي ساڻ ڪري سکر وٺي ويس، اُتان مون 9 سو روپين جو فرنيچر خريد ڪيو. 5 روپين ۾ ڪُرسي ۽ 10 روپين ۾ ٽيبل ملي. فرنيچر جي ٽرڪ ڀري خيرپور کڻي آياسون ته سڄو پريس ڪلب فرنيچر سان ڀرجي ويو.
    شروعات ۾ اُن پريس ڪلب ۾ شاهنواز حيدري ۽ آئون صرف ٻه ڄڻا ويهندا هئاسون. اُنهن ڏينهن ۾ اڪبر زيدي هنڱورجا وارو ۽ ابراهيم عباسي کهڙن وارو به خيرپور ۾ صحافت ڪندا هئا. ابراهيم عباسي صحافت ڪرڻ سان گڏ خيرپور ۾ دوڪان به هلائيندو هو ۽ پريس ڪلب ۾ گهٽ ايندو هو. جڏهن ته اڪبر زيدي پنج گولي واري چؤڪ تي هڪ ننڍي دوڪان ۾ ويهندو هو ۽ اُن دوڪان تي پريس ڪلب جو بورڊ هڻي ڇڏيو هُئائين. اُهو به پريس ڪلب ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو. شاهنواز حيدري دل جو سخي ماڻهو هو، چيائين ته وزير اعليٰ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کان پريس ڪلب اوهان ورتو آهي. پاڻ في الحال صرف ٻه ڄڻا آهيون ــ وڏي ڳالهه ته ٻئي ڄڻا روزانه ”عبرت“ جا نمائندا هئاسون. روزانه ”عبرت“ انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي وڏي اخبار هئي. شاهنواز حيدريءَ ”عبرت“ اخبار ۾ منهنجي پريس ڪلب خيرپور جو باني صدر چونڊجڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي لاءِ باني جنرل سيڪريٽري جي عهدي جو اعلان ڪيائين. بعد ۾ اسان اڪبر زيديءَ جو پنج گولي وارو دوڪان بند ڪرائي کيس پريس ڪلب وٺي آياسون. اُهو دؤر هڪٻئي سان نڀائڻ جو دؤر هو. ڪنهن به ڪنهن سان ليکو نه پئي ڪيو. اڪبر زيدي، اي پي پي جو نمائندو هو. اُن خيرپور ۾ صحافت دوران جيڪو وقت گذاريو اسان سان گڏ رهيو، ڪڏهن به ڪنهن عهدي جي لالچ نه ڪيائين. پريس ڪلب کي شاهنواز حيدري ۽ آئون ٻه ڄڻا هلائيندا هئاسون. شاهنواز حيدري سچو ۽ نيڪ نيت ماڻهو هو، اُن ڪڏهن به پريس ڪلب جي صدر ٿيڻ جي لالچ نه ڪئي. چوندو هو ته اسان فقير ماڻهو آهيون، اسان کي نڀائي هلڻو آهي. اُن هوندي به مون کيس 4 ڀيرا زوريءَ پريس ڪلب جو صدر بڻايو. انهن ڏينهن ۾ ڪنهن به سرڪاري اداري پاران پريس ڪلب کي امداد نه ملندي هئي. پريس ڪلب جو خرچ پنهنجي کيسي مان هلائيندا هئاسون. بعد ۾ شيخ علي محمد ”عبرت“ اخبار ڇڏي روزانه ”هلال پاڪستان“ ۾ هليو ويو ۽ ”هلال پاڪستان“ اخبار جو ايڊيٽر بڻيو ته اُهو مون کي به ”هلال پاڪستان“ ۾ وٺي ويو ۽ مون کي خيرپور ۾ نمائندو مقرر ڪيائين. اُن کان پوءِ شيخ علي محمد صاحب پنهنجي اخبار روزانه ”آفتاب“ حيدرآباد مان گول بلڊنگ وٽان جاري ڪئي ته مون کي خيرپور ۾ روزانه ”آفتاب“ جو نمائندو ڪري رکيائين. روزانه ”آفتاب“ جو نمائندو ۽ خابرُو هئڻ دؤران مان روزانه ”آفتاب“ ۾ ”ڳالهين تي ڳالهيون“ جي عنوان سان روزانو مزاحيه ڪالم به لکندو رهيس، بعد ۾ شيخ علي محمد جي وفات کان پوءِ آئون اردو صحافت ۾ هليو ويس ۽ روزانه ”نواءِ وقت“ جي نمائندگي ورتي. روزانه ”نواءِ واقت“ ۾ نمائندگي ڪرڻ دؤران اخبار کي خبرون موڪلڻ سان گڏ تحقيقي اسٽوريون به موڪليندو رهيس. منهنجون تحقيقي اسٽوريون اڪثر طور تي اخبار جي سُپر لِيڊِ بڻجنديون رهيون، جنهن سبب اردو صحافت ۾ منهنجي هاڪ هلي وئي. انهن ڏينهن ۾ ”نواءِ وقت“ ڪراچيءَ مان تازو جاري ٿي هئي. ”نواءِ وقت“ ڪراچي جي اُن وقت جي انتظاميا پاران اخبار مٿان ڀرپور توجهه ڏيڻ سبب ٿوري ئي عرصي ۾ ”نواءِ وقت“ جي سنڌ ۾ سرڪيوليشن ڪافي وڌي وئي ۽ سنڌ ۾ روزانه ”جنگ“ کان پوءِ ٻئي نمبر تي روزانه ”نواءِ وقت“ پڙهجڻ لڳي. جڏهن ته مون ”نواءِ وقت“ ۾ تحقيقي اسٽوريون لکڻ جو سلسلو جاري رکيو. انهن ڏينهن ۾ اردو صحافت ۾ روزانه ”نواءِ وقت“ جو مقابلو روزانه ”جنگ“ سان هو. روزانه ”جنگ“ جي اُن وقت جي ايڊيٽر اِنچيف محترم مير خليل الرحمان منهنجون ”نواءِ وقت“ ۾ تحقيقي اسٽوريون پڙهي روزانه ”جنگ“ جي حيدرآباد جي اُن وقت جي سول ايجنٽ (سليمان برادرس) جي معرفت مون ڏانهن ساڻس ملڻ جو نياپو موڪليو، نياپو ملڻ کان پوءِ آئون محترم مير خليل الرحمان سان ملڻ لاءِ روزانه ”جنگ“ ڪراچي جي دفتر ۾ ساڻس ملڻ ويس ته مير صاحب وڏي عزت ڏني ۽ روايتي خلوص سان آدر ڀاءُ ڪيو. ملاقات ۽ ڳالهين دؤران مير صاحب مون کي مخاطب ٿي چيو ته اوهان سٺو ٿا لکو اوهان جون لکڻيون ۽ تحقيقي اسٽوريون مون کي پسند آهن. منهنجي خواهش آهي ته اوهان روزانه ”جنگ“ جوائن ڪيو ۽ پنهنجون لکڻيون ”جنگ“ کي موڪليو. محترم مير خليل الرحمان صاحب جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ مون سندس خواهش مطابق روزانه ”جنگ“ جوائن ڪئي ۽ خيرپور ۾ ”جنگ“ جو نمائندو ٿي ويس. بعد ۾ جڏهن جنگ گروپ ”جيو نيوز“ جي نشريات شروع ڪئي ته جنگ گروپ جي پاليسيءَ تحت آئون خيرپور ۾ ”جيو نيوز“ جو به نمائندو ٿي ويس. جنگ گروپ ۾ ڪم ڪندي مون کي لڳ ڀڳ ٽيهه سال ٿي ويا آهن ۽ آئون اڃان تائين جنگ گروپ سان سلهاڙيل آهيان.... ته هاڻي اچئون ٿا محترم غلام رسول صديقيءَ جي نياپي واريءَ ڳالهه تي، ته شام جو 7:00 وڳي آئون محترم غلام رسول صديقيءَ جي وڪالت واري آفيس ۾ ويس ته سنڌ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار ۽ ڪچي جو بااثر زميندار محترم نسيم احمد کرل مون کان اڳ صديقي صاحب وٽ ويٺو هو. جنهن کي بعد ۾ 14 جولاءِ 1978ع تي سندس ڪچي واري ڳوٺَ ڀرسان ٻَنيءَ واري اوطاق تي سُتي پئي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. واقعي کانپوءِ وارثن سندس جسد خاڪي خيرپور کڻي اچي شهر ۾ دفنايو، ڇو ته نسيم احمد کرل پنهنجي حياتيءَ جو وڏو عرصو خاندانَ سميت خيرپور شهرَ ۾ گذاريو هو. سندس مزار درگاهه شهيد بادشاهه ڀرسان شهرَ جي جادو شاهه قبرستانَ ۾ آهي. صديقي صاحبَ وٽ هُو مون کان ٻه اڍائي منٽَ اڳ آيو هُيو. صديقي صاحب اُنَ سان خير عافيت ڪري چڪو هو. آئون صديقي صاحب ۽ نسيم احمد کرل سان ملي ڪُرسيءَ تي ويٺس ته صديقي صاحب پنهنجي مُلازمَ کي سڏيو ۽ کيس چانهه کڻي اچڻ لاءِ چيو. غلام رسول صديقي ٻهراڙيءَ جي ”گڏيجي“ ڳوٺ جو ويٺل هو. وڪالت واري ڊگري پاس ڪري 1945ع ۾ گڏيجيءَ مان خيرپور ۾ آيو ۽ وڪالت شروع ڪيائين. اُهو خيرپور رياست جو دؤر هيو. چون ٿا ته اُن دؤر ۾ صديقي صاحب سميت صرف 10 وڪيل رياست جي عدالتن ۾ وڪالت ڪندا هئا. صديقي صاحب خيرپور رياست جي آخري اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ بعد ۾ رياست جي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر ٿيو. جڏهن ته 1964ع ۾ فيلڊ مارشل جنرل محمد ايوب خان جڏهن بنيادي جمهوريت جي نظام جو بنياد وڌو، ته صديقي صاحب يونين ڪائونسل گڏيجيءَ جو چيئرمين چونڊيو. بعد ۾ محترم ذوالفقار علي ڀُٽي جڏهن پيپلز پارٽي ٺاهي ته اُن محترم صديقي صاحب کي پيپلز پارٽي ضلعي خيرپور جو صدر مقرر ڪيو، جيڪو 22 نومبر 1984ع جي وفات واري ڏينهن تائين پارٽيءَ جو ضلعي صدر رهيو. ڀُٽي صاحب 1970ع واري ڏهاڪي ۾ محترم غلام رسول صديقيءَ کي سينيٽر به چونڊرايو. صديقي صاحب هر دل عزيز ۽ وڏو اوطاقي مڙس هو. سندس اوطاق تي ماڻهن جا ميلا لڳل هوندا هئا. ٻهراڙيءَ جا اڪثر ماڻهو، جيڪي ڪورٽن ۾ ڪيسن جي شنواين يا ٻين ڪمن سانگي خيرپور ايندا هئا ۽ انهن کي رات خيرپور ۾ پئجي ويندي هئي، ته اُهي صديقي صاحب وٽ اچي رهندا هئا. جڏهن ته ڪيترا ماڻهو صبح جو ناشتو ۽ مانجهاندو به صديقي صاحب وٽ ڪندا هئا. صديقي صاحب ۽ محترم نسيم احمد کرل، مون سان خُوش خير عافيت ڪئي، ايستائين چانهه به اچي وئي.
    چانهه پيتي سون ته صديقي صاحبُ مون سان مخاطب ٿيو ۽ چيائين ته جنهن مقصد لاءِ اوهان کي آڻايو اٿم، اُن باري ۾ محترم نسيم احمد کرل ۽ آئون پاڻ ۾ ٻه ٽي دفعا گڏجاڻيون ڪري چڪا آهيون. اسان ٻنهي متفق ٿي اوهان سان هيءَ گڏجاڻي رکي آهي. اوهان ۽ اسان ٽئي ڄڻا ٻهراڙيءَ جا آهيون. هتي 1965ع ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج قائم ٿيو هو. هاڻي تازو سپريئر سائنس ڪاليج به قائم ٿيو آهي. جڏهن ته هِتي ممتاز ڪاليج به آهي پر ٻهراڙيءَ جا جيڪي غريب شاگرد خيرپور شهر جي تعليمي ادارن ۾ پڙهڻ اچن ٿا، انهن سان رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو مسئلو آهي. اسان ٻُڌو آهي ته اوهان ڪافي شاگردن کي پاڻ وٽ رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جي سهولت ڏني آهي. اسان وٽ ٻهراڙيءَ جا ڪافي غريب شاگرد اچن ٿا، اُهي رهائش لاءِ گهڻو پريشان هوندا آهن. اسان انهن غريب شاگردن کي اوهان ڏانهن موڪليون ته اوهان وٽ وڌيڪ ڪيترن شاگردن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ٿي سگهندو، جڏهن ته الله تعاليٰ اوهان کي ڪافي ٻَني ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. ثواب ۽ نيڪيءَ جو ڪم آهي. صديقي صاحب جي ڳالهه ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مون کيس چيو ته مون وٽ ٻهراڙيءَ جي مختلف ڳوٺن جا 11 غريب ٻار رهن ٿا. مون انهن کي مفت رهائش ۽ کاڌخوراڪ جي سهولت ڏني آهي. اوهان وٽ جيڪي غريب ٻار اچن ٿا، انهن کي ڀلي مون ڏانهن موڪليو. مون وٽ جيتري گنجائش هوندي انهن سڀني ٻارن کي مفت رهائش ۽ کاڌخوراڪ ملندي. محترم صديقي صاحب ۽ محترم نسيم احمد کرل منهنجي ڳالهه ٻڌي خوش ٿيا ۽ چيائون ته رَبُ سائين اوهان کي وڌيڪ جَجَهو ۽ گَنجُ ڏيندو. ٻئي ڏينهن محترم نسيم احمد کرل دادو ضلعي جي هڪ ٻارَ محمد صادق عباسيءَ کي مون ڏانهن موڪليو، جيڪو دادوءَ مان سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ پڙهڻ آيو هو. مون اُن کي پاڻ وٽ رهائش ڏني، بعد ۾ صديقي صاحب ۽ کرل صاحب مون وٽ رهائش لاءِ غريبن جا ٻار موڪليندا رهندا هئا. انهن ڏينهن ۾ منهنجي رهائش فيض آباد ڪالونيءَ جي هڪ سرڪاري بنگلي ۾ هئي. اُهو بنگلو منهنجي سؤٽ محترم ممتاز حسين ڀنڀري الاٽ ڪرايو هيو. محترم ممتاز حسين ڀنڀرو زراعت کاتي جو آفيسر هو، جنهن کي سرڪاري گاڏي مليل هئي ۽ هُو اُن گاڏيءَ ۾ خيرپور مان روز ڳوٺ موٽي ويندو هو. سندس جڳهه غريب ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ منهنجي حوالي هوندي هئي. ممتاز صاحب ڪڏهن ڪڏهن سندس نالي الاٽ ٿيل جڳهه ۾ايندو هو ته پنهنجي جڳهه ۾ غريب ٻارن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو ۽ کين خرچي به ڏيئي ويندو هو.فيض آباد ڪالونيءَ واري اُها جڳهه 1978ع تائين اسان وٽ رهي. بعد ۾ مون شهر جي ٻُٽڙو محلي ۾ مسواڙ تي اچي جڳهه ورتي، اُن جڳهه ۾ به غريب ٻارن کي رهائش ۽ کاڌخوراڪ جي سهولت ڏني.
    بعد ۾ 1984ع ۾ ميونسپل ڪميٽي خيرپور جي چيئرمين خليفي عبدالمجيد شيخ مون کي ميرواهه ڪئنال جي ڀر ۾ پلاٽ الاٽ ڪري ڏنو، جتي مون پنهنجي جڳهه ٺهرائي. اُتي به هاڻي تائين غريب ٻارن کي رهائش ۽ کاڌخوراڪ ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.
    ميرواهه ڪينال ڪِناري جڳهه ٺهرائڻ کان پوءِ، حضرت پير سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جن 1990ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ، جڏهن پهريون ڀيرو مون وٽ ميرواهه ڪينال واري رهائشگاهه تي دُعا جا پير گهمائڻ آيا، ته ميرواهه ڪينال جو بند ڪچو ڏسي تعجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون ته هي سهڻو واهُه وچ شهر مان گذري ٿو، اُن جو بند پڪو ڇو نه ٿيو آهي! جڏهن ته هن شهر جو قائم علي شاهه صاحب ڪافي وقت سنڌ جو وڏو وزير رهيو، اُن پنهنجي شهر جي هن خوبصورت واهه جي ڪچي بند مٿان پڪو روڊ ڇو ڪو نه ٺهرايو!!! هاڻي اِهو ڪچو بَندُ اسان پڪو ڪرائينداسون. پير صاحب پاران ميرواهه ڪينال جي ڪچي بند کي پڪو ڪرڻ واري ڳالهه ڪري وڃڻ جي چند ڏينهن کان پوءِ روڊس کاتي وارا آيا، روڊ جي سروي ڪري ويا، روڊ جي سروي ڪرڻ وارن روڊس کاتي جي ملازمن ٻڌايو ته پير صاحب پاڳاري جو زور آهي ته ميرواهه ڪينال جو ڪچو بند جلد کان جلد پڪو ٿئي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ ميرواهه ڪينال جي ڪچي بند مٿان پڪو روڊ ٺاهڻ جو ٽينڊر ۽ ٺيڪو ٿيو ۽ پير سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جي دُعائن سان ميرواهه ڪينال جي ڪچي بند مٿان پڪو روڊ ٺهي ويو. ميرواهه ڪينال جي ڪچي بند مٿان روڊ ٺهڻ کان پوءِ روڊ ڪناري ڪيتريون ئي خوبصورت عمارتون ۽ وڏا ڪاروباري مرڪز ٺهي ويا آهن....


    داستان ٻيو

    ڏهه مهينا ڏهه ڏينهن جيل ياترا جو قصو

    1989ع ۾ محترما بي نظير ڀٽو پاڪستان جي وزير اعظم هئي ۽ سيد قائم علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير هو. سندس دؤر ۾ سائين جي ايم سيد، محمد بن قاسم پارڪ سکر ۾ جلسو ڪرڻ آيو هو. جي ايم سيد صاحب ڪراچي ايئرپورٽ تان هوائي جهاز ۾ چڙهي سکر ايئرپورٽ تي لٿو هو، پر هُو اڃان ڪراچيءَ ۾ هو ۽ جهاز ۾ سوار ئي نه ٿيو هو ته هڪ ننڍي عمر جي نابالغ ذهن ڇوڪري، سکر ايئرپورٽ جي عمارت تي چڙهي عمارت تان قومي جهنڊو لاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ايئرپورٽ جي سيڪورٽي عملي ۽ پوليس اهلڪارن ڀڄائي ڪڍيو. پوليس وارا ان کي پڪڙڻ لاءِ سندس پويان به پيا، پر هُو سيد جي استقبال لاءِ آيل ماڻهن جي هجوم ۾ داخل ٿي غائب ٿي ويو ۽ پڪڙجڻ کان بچي ويو.
    ننڍيءَ عمر جي نابالغ ذهن واري اُنَ ڇوڪَـرَ پاران ايئرپورٽ جي عمارت تي چڙهي قومي جهنڊو لاهڻ واري وقت، آئون ايئرپورٽ تي موجود نه هوس، پر واقعي جي معلومات وٺڻ تي خبر پئي ته ننڍيءَ عمر واري ڇوڪري جي اُنَ ڇوڪراڻي حرڪت ڪرڻ کان اٽڪل ٽي ڪلاڪ پوءِ، محترم جي ايم سيد جو ڪراچيءَ کان اُڏاڻل جهاز سکر ايئرپورٽ تي لٿو، بعد ۾ سيد جا ڪارڪُن کيس وڏي جلوس ۾ محمد بن قاسم پارڪ وٺي آيا، جتي آئون به سيد صاحب جو جلسو ڏسڻ ۽ سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ ويو هوس. سياستدانن جا جلسا ڏسڻ، سندن تقريرون ٻڌڻ، مشاعرن، ادبي ۽ سماجي ميڙاڪن ۾ وڃڻ جو شوق مون کي جوانيءَ کان هو. مون محترم ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ پير سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جا گهڻي کان گهڻا جلسا ڏٺا. مون محترم ذوالفقار علي ڀُٽي جو مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي ميزبانيءَ ۾ ڪرايل، هالا وارو ڪنوينشن به ڏٺو. مون فيلڊ مارشل جنرل محمد ايوب خان جي دور ۾ ڀُٽي صاحب جو حيدرآباد ۾ مير رسول بخش ٽالپر جي ڦليلي باغ وارو تاريخي جلسو به ڏٺو. مون محترم ذوالفقار علي ڀُٽي جي وزير اعظم بڻجڻ کان پوءِ سندس سانگهڙ ۽ سکر اسٽيڊيم وارا جلسا به ڏٺا. سانگهڙ، پير صاحب پاڳاري جي حُر جماعت جو ضلعو سمجهيو ويندو آهي. شهيد پير صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه انگريزن خلاف گوريلا ويڙهه جو مرڪز به سانگهڙ کي بڻايو هو. حُرن، انگريزن خلاف اهڙي جوان مرديءَ سان ويڙهه وڙهي، جو انگريز ڀاڙي ۽ بزدل ٿي، هي خطو خالي ڪري ڀڄي هليا ويا. انگريز سامراج جي هتان ڀاڄ ڪرڻ سبب مسلمان قوم کي آزادي ملي ۽ پاڪستان وجود ۾ آيو. فيلڊ مارشل جنرل محمد ايوب خان جي دؤر ۾ پاڳارا خاندان جو ملڪ گير سطح تي وڏو سياسي اثر و رسوخ هو، جڏهن ته جنرل ضياءُ الحق ۽ جنرل پرويز مشرف جي حڪومتن ۾ به پاڳارا خاندانُ ملڪ جي سياست تي ڇانيل رهيو.
    1970ع ۾ جنرل محمد يحيٰ خان عام چونڊون ڪرايون. سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اُميدوارن جا مقابلا پير صاحب پاڳاري (پير سيد شاهه مردان شاهه ثاني) جي اُميدوارن سان ٿيا. اليڪشن ۾ اُميدوارن جذباتي تقريرون ڪيون. ڪجهه هنڌن تي اليڪشن مهم دؤران پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن ۽ حُر جماعت جي ماڻهن جي وچ ۾ جهڙپون به ٿيون. جنهن سبب ڀُٽي صاحب ۽ پاڳارا خاندان ۾ سياسي وڇوٽيون پيدا ٿيون.
    1970ع وارين عام چونڊن ۾ اولهه پاڪستان ۾ محترم ذوالفقار علي ڀُٽي جي پيپلز پارٽيءَ ۽ اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ اڪثريت سان سيٽون کٽيون. اوڀر پاڪستان جون سيٽون اولهه پاڪستان کان وڌيڪ هيون پر شيخ مجيب الرحمٰن کي حڪومت نه ڏني وئي. اقتدار جي ڪشمڪش دؤران محترم ڀُٽي صاحب ”اِدهر هم، اُدهر تم“ جي به ڳالهه ڪئي، جنهن تي سياست ۾ وڏي هلچل مَتِي ۽ گرم ماحول پيدا ٿيو ۽ صورتحال اُتي وڃي پهتي جو اوڀر پاڪستان اسان جي هٿن مان هليو ويو. اوڀر پاڪستان جي هٿن مان هليو وڃڻ کان پوءِ، جنرل يحيٰ باقي بچيل ملڪ جون واڳون محترم ذوالفقار علي ڀُٽي جي حوالي ڪيون. اوڀر پاڪستان جي جدا ٿيڻ جو سانحو وڏو سانحو هو، جنهن سبب قوم ۾ وڏي مايوسي پکڙي. ان مايوسيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڀُٽي صاحب ملڪ کي نئون آئين ڏيڻ ۽ عوام سان ملڻ لاءِ ملڪ گير سطح تي جلسا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان فيصلي تحت ڀُٽي صاحب سنڌ ۾ سانگهڙ، سکر ۽ ٻين هنڌن تي جلسا ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سانگهڙ ۾ جلسو ڪرڻ واري اعلان کان پوءِ حُر جماعت ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪُنن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي ۽ سانگهڙ ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ”ڀيڄ پاڳارا“ ۽ ”جيئي ڀُٽو“ جي نعري بازيءَ دؤران ٻنهي ڌُرين جي ڪارڪُنن ۾ جهيڙا ٿيا. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڪشيدگي ۽ ڇڪتاڻ جي باوجود ڀُٽو صاحب سانگهڙ ۾ جلسو ڪرڻ آيو. جلسي واري ڏينهن ڀُٽي صاحب جي سانگهڙ ۾ اچڻ ۽ جلسو ڪري واپس وڃڻ تائين، سانگهڙ شهر سميت ڪيترن ئي هنڌن تي پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن ۽ حُر جماعت جي ماڻهن جي وچ ۾ ڦَڏا ٿيا ۽ ڇڪتاڻ هلي.
    ڀٽو صاحب سانگهڙ اچڻ لاءِ اڃان رستي ۾ هو ته سرڪاري خابرو ادارن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن سانگهڙ ۾ حُر جماعت ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪُنن ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال جي ڀُٽي صاحب کي آگاهي ڏني، جنهن جو ڀُٽي صاحب وڏو اثر ورتو، سانگهڙ واري جلسي جي سيڪيورٽي ۽ ڀُٽي صاحب جي حفاظت لاءِ سڄي سنڌ مان پوليس فورس کي سانگهڙ گهرايو ويو هو ۽ اُن فورس کي جلسي گاهه جي چوڌاري ۽ جلسي ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي مقرر ڪيو ويو. جلسو شروع ٿيو، ڪجهه پارٽي اڳواڻن سانگهڙ جي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي تقريرون ڪيون، آخر ۾ ڀُٽي صاحب جذباتي تقرير ڪئي ۽ پير صاحب پاڳاري ۽ حُر جماعت لاءِ وڏا جذباتي جملا چيا، جنهن تي جلسي ۾ موجود ماڻهن ۾ وڏو خوف پيدا ٿيو. جلسي ۾ شريڪ اڪثر ماڻهن ڀُٽي صاحب جي جذباتي تقرير تي سانگهڙ ۾ وڏي شورش جو خطرو ظاهر ڪيو. جڏهن ته جلسي جي ٻئي ڏينهن وارين اخبارن ۾ ڀُٽي صاحب جي جذباتي تقرير وارا جملا جيئن جو تيئن شايع ٿيا. جنهن تي حُر جماعت ۾ وڏو تاءُ پکڙيو، پر پير سيد شاهه مردان شاهه ثاني پير پاڳاري، حُر جماعت کي پُر امن رهڻ ۽ صبر ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون، جنهن سبب حُر جماعت ڪا به شورش نه ڪئي.
    ڀُٽي صاحب جو سانگهڙ وارو جلسو ڏسڻ کان علاوه مون پير سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جا به ڪيترائي جلسا ڏٺا ۽ سندن تقريرون ٻڌيون. پير صاحب جون تقريرون ڏاهپ ۽ ٿڌي مزاج واريون هونديون هيون. هو معنيٰ خيز ۽ سمجهاڻيءَ واري انداز ۾ ڳالهائيندو هو. سندس تقريرن ۽ ڳالهائڻ مان اڪثر ماڻهو لطف اندوز ٿيندا هئا. مون سابق وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جو ممتاز گرائونڊ وارو جلسو سندس ويجهو ويهي ڏٺو ۽ سندس تقرير ٻڌي. جوڻيجي صاحب پنهنجي تقرير ۾ شاهه عبداللطيف ڪئمپس کي مڪمل يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو. مون ميان محمد نواز شريف، بيگم نسيم ولي خان، سردار شير باز مزاري، نوابزاده نصر الله خان، مير رسول بخش ٽالپر، مير علي احمد ٽالپر، مخدوم شاهه محمود قريشي، سيد غوث علي شاهه، منظور حسين وساڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي سياستدانن جا به جلسا ڏٺا. مون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، رئيس الاهي بخش ٻانڀڻ، رئيس حاجي عطا محمد لنڊ، عظيم شاعر شيخ اياز، رسول بخش پليجو، سيد امداد محمد شاهه، عطا محمد ڀنڀرو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، عبدالواحد آريسر، ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ نظير عباسي، ڪامريڊ غلام رسول سهتو، ڪامريڊ علي احمد ڏوگر، ڪامريڊ لالا شاهه محمد دراني، 4 مارچ جي هيرو يوسف لغاري، رسول بخش اُنڙ، بيگم گلزار اُنڙ، بشير خان قريشي ۽ گل محمد جکراڻيءَ جون به تقريرون ٻڌيون ۽ سندن جلسا ڏٺا.
    جلسا ڏسڻ، قومي ۽ مقامي اڳواڻن جون تقريرون ٻڌڻ واري چاهت جي تسلسل کي برقرار رکندي، مان سائين جي ايم سيد جو سکر وارو جلسو ڏسڻ ۽ سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ محمد بن قاسم پارڪ سکر ويو هوس. جتي ماڻهن جو وڏو هجوم ۽ ميلو لڳل هو. سائين جي ايم سيد کي ويجهو کان ڏسڻ ۽ سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ جلسي جي اسٽيج ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪيم، پر جلسي ۾ ماڻهن جي وڏي پِيهَه ۽ رش سبب اسٽيج جي ويجهو وڃي نه سگهيس. بعد ۾ جلسي گاهه جي ڪُنڊَ تي لڳل هڪ لائوڊ اسپيڪر ڀرسان بيهي سيد صاحب جي تقرير ٻُڌم. اُها به هجوم جي گوڙَ، نعري بازي ۽ رش سبب صحيح ٻڌي نه سگهيو هوس. سائين جي ايم سيد جي تقرير جا جيڪي لفظ ٻڌڻ ۾ آيا، انهن ۾ هن سنڌي ماڻهن سان زيادتين ۽ کين برابر جا حق نه ملڻ جي شڪايت ڪئي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳ ٿيڻ جي اپيل ڪئي. سکر واري جلسي ۾ خان بهادر محمد ايوب کهڙي جي صاحبزادي ۽ ناليواري سنڌي دانشور ميڊم حميده کهڙو به شريڪ ٿي هئي، جيڪا سائين جي ايم سيد سان هوائي جهاز ۾ سکر آئي هئي. جلسي جي ايف آءِ آر ۾ ان جو نالو به ڏنو ويو هو. جلسو ختم ٿيڻ کان پوءِ سائين جي ايم سيد کي بلوچستان ويندي، سندس پنجاهه کان وڌيڪ ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو. گرفتاريءَ کان پوءِ سائين جي ايم سيد کي ڪراچيءَ نيو ويو، جتي کيس ”حيدر منزل“ ۾ نظر بند ڪيو ويو. جڏهن ته ساڻس گڏ گرفتار ڪيل سندس ساٿين کي سکر آڻي سينٽرل جيل سکر ۾ قيد ڪيو ويو. ميڊم حميده کهڙو، سائين جي ايم سيد جي بلوچستان وڃڻ واري قافلي ۾ شامل نه هئي ۽ جلسو ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪراچيءَ هلي وئي هئي، تنهن ڪري گرفتاريءَ کان بچي وئي.
    بعد ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ڊهڻ کان پوءِ رئيس غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي نگران وزير اعظم ۽ ڄام صادق عليءَ کي سنڌ جو نگران وڏو وزير بڻايو ويو. ڄام صادق عليءَ جيڪا سنڌ جي نگران ڪابينا ٺاهِي، اُن ۾ ميڊم حميده کهڙو کي سنڌ جي تعليم واري کاتي جي وزارت جو قلمدان ڏنو. هتي ڳالهه پئي هلي سائين جي ايم سيد جي سکر واري جلسي جي، ته جلسو پورو ٿيڻ کان پوءِ آئون خيرپور هليو آيس، رات پنهنجي خيرپور واري گهر ۾ رهيس. صبح جو پوليس جو وڏو اٽالو منهنجي رهائش گاهه تي آيو. پوليس وارن ٻڌايو ته اسان سکر مان آيا آهيون، اوهان کي سکر وٺي هلنداسون. انهن سان خيرپور جا پوليس وارا به گڏ هئا. انهن ٻڌايو ته ڪالهه محترم جي ايم سيد سکر ۾ جلسو ڪيو هو. اُن جلسي جو جي ايم سيد مٿان ڪيس داخل ٿيو آهي. اُن ڪيس ۾ اوهان جو نالو به شامل آهي. تنهن ڪري اوهان سکر پوليس سان گڏجي سکر وڃو. مون کين چيو ته اوهان منهنجي جڳهه ۾ اندر اچو، ڇو ته لڳي ٿو ته هن ڪيس ۾ ڪافي ڊيگهه ٿيندي، تنهن ڪري ڪجهه ضروري سامان ۽ ڪپڙن جا ٻه چار جوڙا کڻان ته هلئون ٿا. اُن تي سکر جا پوليس وارا مون سان گڏ جڳهه ۾ اندر آيا. مون سامان جي سادي سودي بيگ تيار ڪئي. بعد ۾ پوليس وارا مون کي سکر وٺي آيا.
    سيد صاحب جي جلسي وارو ڪيس سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ٿيو هو، پر سي سيڪشن ٿاڻي ۾ لاڪپ نه هجڻ سبب پوليس وارا مون کي اي سيڪشن ٿاڻي تي کڻي آيا ۽ اي سيڪشن ٿاڻي جي لاڪپ ۾ قيد ڪيائون، جتي سکر جو جاويد ميمڻ ۽ روهڙي، پنو عاقل جا ڏهاڪو کن نوجوان مون کان اڳ اُن لاڪپ ۾ واڙيل هئا. سائين جي ايم سيد جي سکر ۾ جلسو ڪرڻ دؤران علي گوهر مٺاڻي سکر جو ايس پي هو، جيڪو سکر ۾ مقرر ٿيڻ کان اڳ خيرپور جو ايس پي هو، خيرپور ۾ سندس مقرريءَ دؤران سڄي ضلعي ۾ بدامنيءَ جي باهه ٻريل هئي.
    آئون انهن ڏينهن ۾ خيرپور ۾ اردو اخبار روزانه ”جنگ“ جو نمائندو هوس. صاف ۽ شفاف صحافتي فرض نڀائڻ ۽ بدامنيءَ جون خبرون ڇاپڻ تي علي گوهر مٺاڻي مون تي گهڻو ڏمريل هو. جنهن ڪيترائي دفعا منهنجي صحافي دوستن سان منهنجي خلاف ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو. اُها ڪاوڙ ڪڍڻ لاءِ هن محترم جي ايم سيد جي جلسي واري ڪيس ۾ منهنجو به نالو ڏئي ڇڏيو. محترم جي ايم سيد ۽ سندس ساٿين جي گرفتاريءَ تي سنڌ ۾ وڏا احتجاج ٿيا، جڏهن ته منهنجي گرفتاريءَ تي سکر ۽ خيرپور سميت سنڌ جي صحافين وڏو گُوڙ ڪيو، ڇو ته سائين جي ايم سيد جي سکر واري جلسي ۾ سکر سميت آس پاس جي شهرن ۽ ڳوٺن جا وڏي تعداد ۾ صحافي جلسي جي ڪوريج لاءِ آيا هئا. پوليس جلسي واري ايف آءِ آر ۾ لکيو هو ته جلسي کي غلام عباس ڀنڀري به خطاب ڪيو. صحافي، پوليس جي اُها ايف آءِ آر پڙهي حيران ٿي ويا، ڇو ته اُهي جلسي جي اسٽيج جي ويجهو ويٺل هئا، انهن جلسي ۾ تقريرون ڪندڙ سڀني اڳواڻن جون تقريرون نوٽ ڪيون هيون ۽ انهن جا فوٽو به ڪڍيا هئا. اُهي ايف آءِ آر ۾ منهنجو نالو ڏسي، ايس پي علي گوهر مٺاڻيءَ تي گهڻو ڪاوڙيا ۽ سندس خلاف وڏا مظاهرا ڪيا.
    سکر ۽ خيرپور جي صحافين گڏجي سکر ۾ ڪيترائي ڏينهن بک هڙتالون به ڪيون، پر پوليس صحافين جي احتجاج جي ڪا به پرواهه نه ڪئي ۽ مون کي ان ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪري سينٽرل جيل سکر موڪلي ڇڏيو، جتي سائين جي ايم سيد سان گڏ گرفتار ٿيل سندس ساٿين گل محمد جکراڻي، مير حيدر ٽالپر، حفيظ قريشي وڪيل، ستار موريو، عبدالقيوم منگي، علي نواز ٻُٽُ، سورهيه سنڌي، باغي بجاراڻي، ۽ ٻين سان ملاقات ٿي، جيڪي جيل جي بي ڪلاس ۾ قيد هئا. جيل انتظاميا مون کي به انهن سان گڏ بي ڪلاس ۾ رکيو. محترم
    جي ايم سيد ۽ سندس ساٿين خلاف سکر پوليس ٻه ڪيس داخل ڪيا هئا. انهن ۾ هڪ ڪيس محمد بن قاسم پارڪ واري جلسي جو ۽ ٻيو ڪيس سکر ايئرپورٽ تان قومي جهنڊو لاهڻ جو. ايئرپورٽ تان قومي جهنڊو لاهڻ وارو ڪيس آباد ٿاڻي تي داخل ٿيو هو، حالانڪه ايئرپورٽ جي عمارت تان قومي جهنڊو لٿو ئي ڪو نه هو!
    آئون هن ئي مضمون جي شروعات ۾ لکي آيو آهيان ته هڪ ننڍي عمر جو نابالغ ڇوڪرو ايئرپورٽ جي عمارت تي چڙهي ويو هو، ان کي ايئرپورٽ جي سيڪورٽي عملي ۽ پوليس وارن جهنڊو لاهڻ کان اڳ ئي ڀڄائي ڇڏيو هو. اهو ننڍيءَ عمر وارو ڇوڪرو ڪير هو، ان کي ايئرپورٽ جي عمارت تي چڙهڻ لاءِ ڪنهن موڪليو، ان جي ڪا به انڪوائري نه ٿي، جنهن مان مون کي ائين لڳو ته ملڪ ۽ قوم کي بدنام ڪرڻ واري سازش تحت ايئرپورٽ تان قومي جهنڊولاهڻ جو اِشو پيدا ڪري ان کي ميڊيا ۾ آندو ويو ۽ ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو. جڏهن ته محمد بن قاسم پارڪ واري جلسي جو الڳ ڪيس داخل ڪيو ويو.
    محترم جي ايم سيد ۽ سندس ساٿين خلاف ٻه ڪيس داخل ٿيڻ تي جيل ڀريو تحريڪ هلائي وئي. ٺٽو، حيدرآباد ۽ نوابشاهه سميت مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جي سوين نوجوانن گرفتاريون ڏنيون. اُن وقت سيد قائم علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير هو، جنهن ايڏي وڏي احتجاج ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو. قائم علي شاهه جيڪڏهن ٿورو به ڌيانُ ڏئي ها ۽ پوليس پاران داخل ڪيل ڪيسن جي عدالتي انڪوائري ڪرائي ها ته سچ ۽ ڪوڙ ظاهر ٿي پوي ها ۽ اهو به پڌرو ٿئي ها ته سکر ايئرپورٽ جي عمارت تي ننڍي عمر وارو ڇوڪرو ڪنهن چاڙهي موڪليو؟! پر قائم علي شاهه صاحب هنن حساس ڪيسن ڏانهن توجهه نه ڏنو ۽ سڄو معاملو پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ پوليس پنهنجي مرضي هلائي، ٻئي ڪيس حيدرآباد ۾ قائم ڪيل خاص عدالت ۾ چالان ڪري ڇڏيا، ڇو ته پيپلز پارٽيءَ جي صوبائي حڪومت اهڙا ڪيس هلائڻ لاءِ حيدرآباد ۾ خصوصي عدالت قائم ڪئي هئي.
    حيدرآباد واري خصوصي عدالت ۾ ڇهن مهينن کان پوءِ اسان جي ڪيس جي حاضري نڪتي. ڪيس جي حاضريءَ کان هڪ ڏينهن اڳ ٻنهي ڪيسن ۾ گرفتار ٿيل سڀني ماڻهن کي سينٽرل جيل سکر مان ڪڍي سينٽرل جيل حيدرآباد نيو ويو. رات اسان کي حيدرآباد جيل ۾ پَئِي، جتي حيدرآباد جيل جا ڪيترائي قيدي اسان سان ملڻ آيا. ٻئي ڏينهن صبح جو اسان کي جيل مان ڪڍي حيدرآباد واري خصوصي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت اسان کي ڪافي ڏينهن جي ڊگهي حاضري ڏني. بعد ۾ اسان کي واپس سينٽرل جيل سکر آندو ويو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي صوبائي حڪومت خيرپور ۾ به خصوصي عدالت قائم ڪئي. جنهن تي حيدرآباد واري خصوصي عدالت سکر ايئرپورٽ ۽ محمد بن قاسم پارڪ وارا ٻئي ڪيس خيرپور جي خصوصي عدالت ڏانهن موڪلي ڇڏيا.
    بعد ۾ اسان جيل ۾ ئي هئاسون ته قومي ۽ صوبائي اسيمبليون ٽوڙيون ويون ۽ محترما بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي وئي. رئيس غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي پاڪستان جو نگران وزير اعظم ۽ ڄام صادق عليءَ کي سنڌ جو نگران وڏو وزير بڻايو ويو. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ گرفتاريءَ کان پوءِ خيرپور جي ناليواري وڪيل محترم واليءَ ڏني ناريجي منهنجي ضمانت لاءِ عدالت کي درخواست ڏني هُئي پر ڏهه مهينا گذري وڃڻ جي باوجود اُن درخواست جي شنوائي نه ٿي. جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ عدالت منهنجي ضمانت جي درخواست منظور ڪري، مون کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت جو اهو حڪم منهنجو وڪيل محترم واليءَ ڏنو ناريجو سينٽرل جيل کڻي آيو ۽ اهو حڪم جيل سپريٽنڊنٽ کي پاڻ اچي ڏنائين. مون کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ وارو حڪم جيل سپريٽنڊنٽ کي ملڻ کان پوءِ جيل جو هڪ عملدار مون وٽ بي ڪلاس ۾ آيو ۽ ٻڌايائين ته اوهان جي آزاديءَ جو حڪم اچي ويو آهي، اوهان جيل مان نڪرڻ جي تياري ڪريو. جيل عملدار جي اهڙي نياپي کان پوءِ مون جيل جي ساٿين کان موڪلايو ۽ پنهنجو سامان تيار ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ اهو جيل عملدار ٻيهر مون وٽ آيو ۽ چيائين ته اوهان جو وڪيل ۽ ٻيا وڏي تعداد ۾ مِٽَ مائٽ ۽ دوست اوهان کي وٺڻ لاءِ جيل جي گيٽ تي آيا آهن، تنهن ڪري اوهان هلو ۽ انهن سان هلي ملو.
    مان جيل عملدار سان گڏجي پهريان جيل سپريٽنڊنٽ جي آفيس آيس. ان کان ۽ جيل جي ٻئي عملي کان موڪلايو. جيل کان ٻاهر آيس ته منهنجا ڀائر عبدالعزيز، عبدالغفار، عبدالستار، عبدالمجيد، عبدالسميع، منهنجا سؤٽ ممتاز حسين، ارشاد احمد، حاجي عبداللطيف، الهورايو، ڀاڻيجا ظفر اياز، خالد ممتاز، فرخ امتياز، عبدالوحيد، مجيب الرحمان، منهنجو پٽ نثار احمد، محترم دوست مور سنڌي ۽ ٻيا چار بسون ڪاهي سکر آيا هئا، انهن بسن ۾ منهنجي ڳوٺ ۽ آس پاس جا ماڻهو سوار ٿي منهنجي استقبال لاءِ آيا هئا، جن مون کي ۽ منهنجي وڪيل محترم واليءَ ڏني ناريجي کي هار پارايا، بعد ۾ اسان ڳوٺ جي ماڻهن سان گڏجي پهريان خيرپور آياسون، ڇو ته منهنجي خيرپور واري جڳهه تي به وڏي تعداد ۾ ماڻهو منهنجي استقبال لاءِ گڏ ٿيل هئا، انهن سان ملي محترم واليءَ ڏني ناريجي وڪيل کان موڪلائي، پنهنجي ڳوٺ بچل ڀنڀرو آياسون، جتي منهنجو والد محترم حاجي غلام حسين، چاچو محمد بخش، ۽ ٻيا سوين ماڻهو منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا. انهن منهنجو گرم جوشيءَ سان استقبال ڪيو. هوڏانهن ڄام صادق عليءَ سنڌ جي نگران وڏ وزارت سنڀالڻ کان پوءِ سائين جي ايم سيد جي محمد بن قاسم پارڪ ۽ سکر ايئرپورٽ وارن ڪيسن جي انڪوائري ڪرائي تفصيلي رپورٽون گهرايون. ڪيسن سان لاڳاپيل سرڪاري ڪامورن کان معلومات ورتي ۽ ٻنهي ڪيسن جا سمورا رُخَ سامهون رکي پڇا ڳاڇا ڪئي ته ٻئي ڪيس هٿ جا ٺاهيل افسانا ۽ ڪوڙيون ڪهاڻيون ثابت ٿيا. جنهن تي ڄام صادق عليءَ ٻئي ڪيس واپس وٺڻ جا حڪم ڏنا. جنهن تي سنڌ جي گهرو کاتي عمل درآمد ڪري، ٻئي ڪيس فوري طور تي واپس وٺي، خارج ڪري ڇڏيا. جنهن کان پوءِ ٻنهي ڪيسن ۾ بيگناهه ڦاٿل سمورن ماڻهن جي جِندُ آجي ٿي. مون اُنَ ڪوڙي ڪيس ۾ ڏهه مهينا ڏهه ڏينهن جيل ۾ گذاريا، جيل کان ٻاهر اچڻ تي مون جيل اندر جيڪي سختيون ۽ صعوبتون ڀوڳيون، انهن تي مون کي پنهنجي هيءَ وائي زبان تي اچي وئي:

    جهاڳيم جاڙَ اُجاڙ الا،
    ڪيڏا ڪَشٽَ ڪَشالا ڀوڳيا.

    اندر اندر آڳ اُلا آ،
    کامي ويو آکاڙ الا.
    ڪيڏا ڪَشٽَ ڪَشالا ڀوڳيا.

    ايڏا ڏک اندر ۾ سانڍيا،
    جيڏا پَٻَ پهاڙ الا.
    ڪيڏا ڪَشٽَ ڪَشالا ڀوڳيا.

    سُور اسان وٽ سَگهرا پهتا،
    مُحبُ ڪندو ڪا ماڙ الا.
    ڪيڏا ڪَشٽَ ڪَشالا ڀوڳيا.

    مان هتي هيءَ ڳالهه به لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته جيل ۾ قيد هئڻ دؤران ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تي دوستن ۾ ناراضگيون پيدا ٿينديون هيون، پر قيدي هئڻ واري احساس تحت اُهي دوست بغير ڪنهن چَئُه چوا جي پنهنجون رنجشون ختم ڪري، پاڻ ۾ ٺهي ويندا هئا.


    داستان ٽيون

    محترم رئيس حاڪم علي زرداري، محترم آصف علي زرداري ۽ محترم شيخ ايازَ سان ملاقات ۽ محترم مير رسول بخش ٽالپر جي ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ عام جلسي کي خطاب ڪرڻ وارو قصو

    ماڻهوءَ جي سڄي حياتي هلچل ۾ گذري ٿي. اُها هلچل پڙهائيءَ لاءِ هجي، ڪاروبار لاءِ هجي، بيورو ڪريٽ، ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان يا ملڪ جي حاڪم بڻجڻ لاءِ هجي، اُهو سڀ ڪجهه هلچل هلائڻ سان ملي ٿو. مون پنهنجي هلچل صحافي ۽ ليکڪ بڻجڻ لاءِ هلائي. اُن لاءِ مون ماضي ۽ حال جي وڏن شاعرن ۽ ليکڪن جي علمي ۽ ادبي خدمتن متعلق ڇپيل ڪتابن جو مطالعو ڪيو ته معلوم ٿيو ته علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏيڻ وارن ڪيترن ئي دانشورن وڏا سياسي، حڪومتي ۽ انتظامي عهدا ماڻيا ۽ معاشري ۾ وڏي عزت حاصل ڪئي. سائين جي ايم سيد وڏو ڏاهو ۽ وڏي هلچل هلائڻ وارو ماڻهو هو، اُهو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير بڻيو، جنهن سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جي آزاديءَ جي قرار داد منظور ڪرائي ۽ پاڪستان جي آزاديءَ واري هلچل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ محترم جي ايم سيد سنڌ جي روشن مستقبل ۽ دائمي خوشحاليءَ جي لاءِ ڊگهي هلچل هلائي. سائين جي ايم سيد قومي جاڳرتا ۽ روشن خيالي پکيڙڻ لاءِ ڪيترائي اهم ڪتاب لکيا. جڏهن تي سنڌ جي خاتون دانشور ميڊم حميده کهڙو سنڌ جي تعليم کاتي جي نگران وزارت ماڻي. ميڊم حميده کهڙو سنڌ جي روشن خيال خاتون هئي. اُها سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڪيترائي سڌارا آڻڻ جي خواهشمند هئي، پر اُن کي ايترو وقت نه مليو. شيخ اياز جي عظمت ۽ سندس ڏات کان سنڌ جو هر پڙهيو لکيو ماڻهو واقف آهي. شيخ اياز وڏو شاعر ۽ وڏو قانوندان هو، جنهن سبب سندس محترم ذوالفقار علي ڀُٽي سان ويجهڙائپ ٿي. ڀٽو صاحب ملڪ جو وزير اعظم بڻيو ته اُن شيخ اياز کي سنڌ جي مادر علمي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بڻايو. شيخ اياز سان منهنجي واقفيت 1967ع ۾ ٿي هئي، جڏهن مون
    عطا حسين شاهه موسوي ڪاليج روهڙيءَ ۾ يارهين جماعت ۾ داخلا ورتي هُئي. جوانيءَ واري عمر ۾ شاعري ڪرڻ ۽ مضمون لکڻ سبب آئون محترم شيخ اياز سان سندس ڪوئنس روڊ سکر جي وڪالت واري آفيس ۾ ملڻ ويندو هوس. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ننڍو ڀاءُ ارشاد پارس عباسي ۽ باشعور نوجوان نبي بخش کوسو به شيخ اياز سان سندس آفيس ۾ ملڻ ايندا هئا. انهن سان به شيخ اياز جي آفيس ۾ منهنجي واقفيت ٿي. شيخ اياز وٽ روزمره جي ملاقاتن جي ڪري ارشاد پارس عباسي ۽ نبي بخش کوسو منهنجا دوست بڻجي ويا. شيخ اياز سنڌ جو مقبول شاعر ۽ مصروف وڪيل هو. پڙهيا لکيا ماڻهو حيرت ۾ هوندا هئا ته شيخ اياز مصروف وڪيل آهي، اُهو شاعريءَ لاءِ ايترو وقت ڪيئن ٿو ڪڍي!!!
    1960ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ ون يونٽ ٽوڙ، سنڌي ٻولي قومي ٻولي ۽ ٻيون تحريڪون هليون. سنڌ جا اڪثر نوجوان انهن تحريڪن ۾ شيخ اياز جي انقلابي شاعري پڙهندا هئا ۽ جلسن ۾ ”سنڌ جو آواز شيخ اياز“ جا نعرا هڻندا هئا. سکر، شڪارپور ۽ خيرپور سميت سڄي سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي ڀتين تي به ”سنڌ جو آواز شيخ اياز“ جا نعرا لکيل هوندا هئا.
    شيخ اياز جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بڻيو ته خيرپور جي ڳوٺ ڦُنداڻيءَ جو هڪ نوجوان محمد رفيق ولد علي حسن سولنگي مون وٽ آيو. چيائين ته مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي جيالاجي شعبي ۾ داخلا وٺڻي آهي، خبر پئي آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر شيخ اياز اوهان جو واقف آهي. اُن ڏي هلو ۽ مون کي جيالاجيءَ ۾ داخلا وٺي ڏيو. آئون اُن نوجوان سان گڏجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ويس، وائيس چانسلر جي آفيس ڏانهن ويندي رستي ۾ نوجوانن جو جلوس شيخ اياز خلاف نعرا هڻندي گذريو. جڏهن ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي عمارتن جي ڀتين تي ”شيخ اياز نه کپي“ جا نعرا لکيل هئا. شيخ اياز خلاف نوجوانن جو جلوس ۽ يونيورسٽيءَ جي ڀتين تي سندس خلاف لکيل نعرا ڏسي وڏي تشويش ٿي. اسان وائيس چانسلر جي آفيس پهچي ملاقاتين واري ڪمري ۾ ويٺاسون، مون شيخ اياز ڏانهن ملاقات لاءِ چِٽِ موڪلي. چِٽِ ملڻ کان پوءِ شيخ اياز مون کي جلدي پاڻ وٽ سڏايو ۽ ملڻ سان چيائين ته ”سنڌ جو آواز شيخ اياز“ جا نعرا هڻندڙن کي ”شيخ اياز نه کپي“ جا نعرا هڻندي ڏٺئي؟ هائو! انهن جو جلوس ڏسندو ۽ نعرا ٻڌندو ٿو اچان. مون چيو. پرآئون ته ”سنڌ جو آواز شيخ اياز“ جا نعرا هڻندڙن کي سندن نعرن جو عيوضو ڏيڻ، سندن حوصلا مضبوط ڪرڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ آيو آهيان. شيخ اياز چيو. شيخ اياز اِهو به چيو ته ”شيخ اياز نه کپي“ جا نعرا هڻندڙن ڏانهن مون هي پيغام موڪلي کين واضح ڪيو آهي ته :

    توکي ڪهڙي ڪَلَ
    جيءَ اَچي نَه جَهلَ
    مون کان سنڌ نه وسري.

    الله کين ڪا ساڃاهه ۽ سمجهه ڏئي. اوهان ڪيئن آيا آهيو؟ حال احوال ڏيو.
    مون کيس چيو ته سج ٻه پاڇا هوندو آهي. اوهان يونيورسٽي هلايو. نوجوان سمجهن ٿا ته ڀُٽي صاحب اوهان کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڪري موڪليو آهي، اُن تي کين ناراضگي ٿي هوندي، اڳتي هلي پاڻهي ٿڌا ٿي ويندا. اِهي لفظ چئي مون کيس محمد رفيق سولنگيءَ جي جيالاجيءَ واري شعبي ۾ داخلا وٺڻ واري درخواست ڏني. درخواست وٺڻ کان پوءِ شيخ اياز جيالاجي شعبي جي چيئرمين کي گهرايو ۽ کيس محمد رفيق سولنگيءَ جي داخلا واري درخواست ڏني. چيئرمين صاحب مون ڏانهن ڏِٺو ۽ چيائين ته جيالاجي شعبي جون داخلائون پوريون ٿي ويون آهن. هاڻي وڌيڪ ڪنهن داخلا جي گنجائش نه آهي. اُن تي شيخ اياز چيئرمين کان درخواست وٺي، اُن تي محمد رفيق کي اسپيشل ڪيس ۾ داخلا ڏيڻ جو حڪم لکيو، جنهن کان پوءِ رفيق سولنگيءَ کي اسپيشل ڪيس تحت داخلا ملي وئي. شيخ اياز کان اڳ سنڌ جو مشهور ڏاهو ۽ ناليوارو ليکڪ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بڻيو. جڏهن ته محترم حميد سنڌي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر ٿيو. ناليوارو شاعر فتاح ملڪ سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل ٿيو. مشهور شاعر عبدالڪريم پَلِي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. روزانه ”آفتاب“ اخبار جو ايڊيٽر شيخ علي محمد سينيٽر ٿيو. روزانه ”عبرت“ جو چيف ايڊيٽر قاضي عبدالمجيد عابد قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ وفاقي وزير ٿيو. مشهور صحافي نجم سيٺي پنجاب جو نگران وڏو وزير بڻيو. جڏهن ته ادب ۽ صحافت ۾ پير حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، عطا محمد ڀنڀرو، نسيم احمد کرل، استاد بخاري، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، غلام اصغر ونڊير، پروفيسر عطا محمد حامي، ابراهيم منشي، نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، نور عباسي، پروانو ڀٽي، مولانا محمد صادق راڻيپوري ۽ ٻين ڪيترن ئي ليکڪن کي ادب ۽ صحافت جي هلچل ۾ وڏي شهرت ملي.
    آئون پنهنجي زندگيءَ جي هلچل جو هڪ يادگار قصو هِن طرح لکندس ته جنرل ضياءُ الحق ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي، ملڪ جو صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيڻ کان پوءِ جڏهن سکر آيو ته منهنجي ساڻس ملاقات ٿي. جنرل ضياءُ الحق سان منهنجي اُها ملاقات اردو زبان جي وڏي ليکڪ ۽ جنرل ضياءُ الحق جي اُن وقت جي اسپيچ رائيٽر ميجر صديق سالڪ ڪرائي هئي. ميجر صديق سالڪ سان منهنجي واقفيت سنڌ جي اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽر مسٽر اين. اي منگيءَ ڪرائي هُئي. ميجر صديق سالڪ، منگي صاحب جو پُراڻو دوست هو، جيڪو بعد ۾ منهنجو به دوست ٿي ويو. ميجر صديق سالڪ آرمي آفيسر هُئڻ سان گڏ وڏو ليکڪُ به هو جنهن ”میں نے ڈھاکا ڈوبتے دیکھا“ ۽ ٻيا ڪافي ڪِتابَ لکيا هُئا. جنرل ضياءَ الحق سان مُلاقات ۾ مون کيس پنهنجي ڳوٺ بچل ڀنڀرو جو روڊ ٺهرائي ڏيڻ لاءِ چيو. سنڌ جو اُن وقت جو گورنر ليفٽننٽ جنرل ايس ايم عباسي سندس ڀر ۾ ويٺو هو. جنرل ضياءُ الحق اُن ڏانهن ڏسي کيس روڊ ٺهرائڻ جو حڪم ڏنو. سنڌ جو چيف سيڪريٽري، روڊس کاتي جو سيڪريٽري ۽ سنڌ جا ٻيا وڏا آفيسر جنرل ضياءُ الحق جي دؤري دؤران سندس هدايتون ۽ فيصلا نوٽ ڪرڻ لاءِ سکر آيل هئا. آئون جنرل ضياءُ الحق سان ملاقات کان پوءِ جڏهن ٻاهر آيس ته گورنر جنرل ايس ايم عباسيءَ چيف سيڪريٽري ۽ روڊس کاتي جي سيڪريٽريءَ کي مون سان ملڻ لاءِ چيو ۽ کين روڊ ڪٿان کان ڪيستائين ٺهندو، اُن جا تفصيل لکڻ جو حڪم ڏنو. مون چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري روڊس کي هڱورجا کان ڏيپارجا وايا ڳوٺ بچل ڀنڀرو تائين 6 ڪلو ميٽر روڊ ٺاهي ڏيڻ جا تفصيل لکي ڏنا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ روڊس کاتي وارا منهنجي ڳوٺ بچل ڀنڀرو آيا ۽ روڊ جي سروي ڪري ويا. روڊ جي سروي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت روڊ جي منظوري ڏني ۽ روڊ جي تعمير جو ٽينڊر ۽ ٺيڪو ٿيو. پر علائقي جي وڏيرن کي روڊ جو اُهو رُوٽُ نه وڻيو ۽ اُهي منظور ٿيل روڊ جو رُوٽُ بدلائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا. روڊ جو رُوٽُ بدلائڻ واري ٽولي جي سرپرستي علائقي جي وڏيرن سان گڏ ڪجهه وڪيل ڪري رهيا هئا. انهن روڊ جي تعمير بند ڪرائڻ لاءِ ڪورٽ کان اسٽي آرڊر به ورتو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي روڊس کاتي جو وزير سيد نظر حسين شاهه (نواب شاهه وارو) هو، جنهن لاءِ خبر پئي ته اُهو سائين جي ايم سيد جو معتقد آهي. سائين جي ايم سيد انهن ڏينهن ۾ پنهنجي ڳوٺ سَنَ واري بنگلي ۾ نظر بند هو. منهنجو سؤٽ محترم عطا محمد ڀنڀرو سائين
    جي ايم سيد ڏانهن سَن ويو ۽ اُن کان روڊس واري وزير سيد نظر حسين شاهه لاءِ چِٺي وٺي آيو. سائين جي ايم سيد اُن چِٺيءَ ۾ سيد نظر شاهه کي لکيو ته حڪومت هي روڊ جيئن منظور ڪيو آهي، اِيئن ئي ٺهڻ گهرجي ۽ ڪورٽ جيڪو هن روڊ تي اسٽي آرڊر ڏنو آهي، اوهان سرڪاري اثر و رسوخ هلائي ۽ قانوني پُورائو ڪري، اُهو اسٽي آرڊر ختم ڪرايو. عطا محمد صاحب اُهو خط کڻي اچي سيد نظر شاهه صاحب کي ڏنو، جيڪو پنهنجي ڳوٺ نواب شاهه آيل هو. سيد نظر شاهه، سائين جي ايم سيد جو خط پڙهي، اُن کي اکين تي رکيو ۽ پنهنجي پرائيويٽ سيڪريٽريءَ کي گهرائي اُن کي چيائين ته هي خط منهنجي ذاتي فائيل ۾ رکو ۽ روڊس جي سيڪريٽريءَ جو فون ملائي ڏيو. سائين نظر شاهه جي پرائيويٽ سيڪريٽريءَ روڊس کاتي جي سيڪريٽريءَ کي فون ڪري کيس لائين تي آندو، جنهن کي سيد نظر شاهه حڪم ڏنو ته بچل ڀنڀرو روڊ منظور ٿيو آهي، اُن کي منظور ٿيل پِلان مطابق ٺاهيو وڃي ۽ ڪورٽ کي مطمئن ڪري اسٽي آرڊر ختم ڪرايو وڃي ۽ روڊ جي تعمير جو ڪم تڪڙو هلائي روڊ ٺاهيو وڃي. جنرل ضياءُ الحق جي دؤر ۾ مير رسول بخش ٽالپر سنڌ جو سينيئر وزير هو. اُن سان منهنجي ڪافي ويجهڙائپ هئي. روڊ جي تعمير جي ڦَڏي دؤران اُهو منهنجي دعوت تي ڳوٺ آيو. ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس پي سميت ضلعي جا سڀ آفيسر سندس پروٽوڪول ۾ ساڻس گڏ هئا. مير رسول بخش ٽالپر جي منهنجي ڳوٺ اچڻ تي وڏو جلسو ٿيو. جلسي ۾ علائقي جا هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا. مير صاحب جلسي ۾ ماڻهن جو وڏو هجوم ڏسي خوش ٿيو. جلسي ۾ پهريان مون تقرير ڪئي، بعد ۾ مون ئي مير صاحب کي خطاب لاءِ سڏيو. مير صاحب دل کولي تقرير ڪئي. تقرير دؤران هِن ڊپٽي ڪمشنر ۽ روڊس کاتي جي آفيسرن کي حڪم ڏنو ته لينڊ اڪيوزيشن کاتي سان تڪڙي لک پڙهه هلائي روڊ ۾ ڪم ايندڙ زمين جي مالڪن کي تڪڙو معاوضو ڏياريو ۽ ڪورٽ کي زمين اَڪوائِر ڪرڻ جا ڪاغذ ڏيئي اسٽي آرڊر ختم ڪرائي فوري طور تي روڊ ٺهرايو. بعد ۾ ڪورٽ جو اسٽي آرڊر ختم ٿيڻ کان پوءِ روڊ ٺهي ويو. روڊ ٺهڻ تي علائقي جا 99 سيڪڙو ماڻهو خوش ٿيا.
    اهڙي طرح زندگيءَ جي هلچل دؤران مون ڪيترائي يادگار قصا قلم بند ڪيا آهن. حياتيءَ جي هلچل جاري رهي ته انهن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي ڪيترا ئي لڪل ۽ حيرت انگيز داستان ظاهر ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيون ايندس. هِن مضمون ۾ آئون ٻن اهم شخصيتن محترم رئيس حاڪم علي زرداري ۽ سندس صاحبزادي محترم آصف علي زرداريءَ سان ملاقات جو ذڪر هن طرح ڪندس ته آئون ڪراچيءَ جي آواري ٽاوَر هوٽل ۾ روزانه ”جنگ“ اخبار جي نمائندن جي ڪانفرنس ۾ ويٺو هوس. ڪانفرنس جو ميزبان ڪراچيءَ جو سخي ۽ مشهور سماج سڌارڪ اڳواڻ محترم خليل احمد نيني تال والا هو. روزانه ”جنگ“ جو ان وقت جو ايڊيٽر محترم محمود شام ڪانفرنس جي صدارت ڪري رهيو هو. روزانه ”جنگ“ جا سڄيءَ سنڌ جا نمائندا ۽ اخبار جي ايڊيٽوريل اسٽاف جا ڪجهه صاحب به ڪانفرنس ۾ آيل هئا. ڪانفرنس ۾ مون سميت ڪافي دوست ڪانفرنس جي ايجنڊا تي ڳالهائي چڪا هئا. اسٽيج سيڪريٽري واري واري سان ڪانفرنس ۾ آيل دوستن کي تقرير لاءِ سڏي رهيو هو ۽ هڪ دوست اسٽيج تي ڳالهائي رهيو هو ته منهنجي موبائيل فون جي گهنٽي وڳي. مون موبائيل فون ڏانهن ڏٺو ته محترم غلام فاروق ڀنڀري جو فون هو. غلام فاروق ڀنڀرو پيپلز پارٽيءَ جو جيالو ۽ ڀنڀرا برادريءَ جو سرگرم اڳواڻ آهي. سندس والد محترم الهڏتو ڀنڀرو به برادريءَ ۾ گهڻو سرگرم هوندو هو. الهڏتو ڀنڀرو وڏو ماڻهپي وارو، انسان دوست ۽ دوستن کي وقت تي ڪم اچڻ وارو ماڻهو هو. غلام فاروق جو فون کنيم. ”السلام عليڪم“ جو آواز آيو. سندس سلام جو جواب ڏيڻ کان پوءِ فاروق پڇيو ته ڪٿي آيو؟ ٻڌو اٿم ته ڪراچيءَ آيل آهيو. هائو! آواري ٽاوَر هوٽل ۾ روزانه ”جنگ“ جي ڪانفرنس ۾ آيل آهيان. مون وراڻيو. ڪهڙي وقت فارغ ٿيندئو؟ فاروق پڇيو. مان ڪانفرنس ۾ ڳالهائي چڪو آهيان. اوهان لاءِ فارغ آهيان.مون کيس چيو. ته پوءِ ڪٿي ٿا ملو؟ فاروقَ پُڇيو. فاروق جي ڳالهه ٻڌي مون کيس چيو ته آئون ڪينٽ اسٽيشن تي ”موناليزا“ هوٽل ۾ رهيل آهيان. اڌ ڪلاڪ رکي اوهان ”موناليزا“ تي اچو. اِهو چئي مان محترم محمود شام کي تڪڙي ڪم لاءِ شهر وڃڻ جي ڳالهه ڪري، کانئس موڪل وٺي ڪانفرنس مان نڪري ”موناليزا“ تي آيس، ته فاروق صاحب به اُتي اچي پهتو. ٻڌايائين ته رئيس حاڪم علي زرداريءَ جي ڪورٽ جي حڪم تي نظربندي ختم ٿي آهي. حڪومت ڪافي عرصو اڳ رئيس حاڪم علي زرداري ۽ سندس پٽ محترم آصف علي زرداريءَ کي گرفتار ڪيو هو. ٻنهي پيءُ پٽن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ رئيس حاڪم علي زرداريءَ کي سندس گهر ۾ نظربند ڪيو ويو، جڏهن ته آصف علي زرداريءَ مٿان ڪيترائي ڪيس مڙهي، کيس جيل موڪليو ويو. رئيس حاڪم علي زرداريءَ پنهنجي نظربنديءَ واري آرڊر خلاف ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي، جنهن تي ڪورٽ رئيس حاڪم علي زرداريءَ جي نطربندي ختم ڪري، کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن تي رئيس حاڪم علي زرداريءَ جي نظربندي ختم ڪئي وئي. غلام فاروق ڀنڀرو مون وٽ آيو ۽ چيائين ته محترم حاڪم علي زرداريءَ جي ڪورٽ جي حڪم تي نظربندي ختم ٿي آهي، ان سان ملاقات ڪرڻ لاءِ نڪتو آهيان، اوهان به هلو ته ساڻس گڏجي ملاقات ڪريون ۽ ساڻس ڏک سُورَ اوريون. مون غلام فاروق کان پڇيو ته رئيس حاڪم علي زرداريءَ سان ملاقات ڪيئن ٿيندي؟ مون سان هڪ دوست علي جاگيراڻي وڪيل به گڏ آهي. اهو ڪٿي آهي؟ ڀلي اُن کي به وٺي هلو. غلام فاروق چيو. علي جاگيراڻي وڪيل، غلام فاروق ڀنڀري جي ”موناليزا“ هوٽل تي اچڻ کان ٿورو اڳ هوٽل تان هيٺ لهي ويو هو، اُن کي فون ڪري گهرايم ۽ فاروق ڀنڀري سان گڏجي هلي محترم حاڪم علي زرداريءَ جي ڪلفٽن واري رهائش گاهه تي پهتاسون. فاروق صاحب مون کي ۽ علي جاگيراڻيءَ کي محترم حاڪم علي زرداريءَ جي بنگلي ۾ اندر وٺي هليو. سياري جا ڏينهن هئا. محترم حاڪم علي زرداري پنهنجي بنگلي جي ورانڊي ۾ ڪجهه دوستن سان ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو. اسان کي ڏسي اُٿي بيٺو، عزت سان مليو ۽ خوش خير عافيت ڪيائين. منهنجي ۽ علي جاگيراڻيءَ جي محترم حاڪم علي زرداريءَ سان پهرين ملاقات هئي. فاروق صاحب منهنجو ۽ علي جاگيراڻيءَ جو ساڻس تعارف ڪرايو. تعارف پورو ٿيڻ کان پوءِ محترم حاڪم علي زرداريءَ مون ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين ته اوهان جو ڪافي نالو ٻڌو اٿم. فاروق جي مهرباني جو اوهان کي مون وٽ وٺي آيو آهي. اوهان سان ملي خوشي ٿي آهي. بعد ۾ فاروق ڀنڀري ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته آئون ڪافي وقت نظربند هوس. منهنجو پٽ آصف 11 سالن کان جيل ۾ آهي. آصف جڏهن جيل کان ٻاهر هو ته وٽس ماڻهن جو هجوم لڳل هوندو هو ۽ ڪيترائي سندس دوست پاڻُ وَڻائڻَ لاءِ سندس اڳيان بيٺا هوندا هئا، جيڪي ساڻس وفادار رهڻ جون وڏيون دعوائون ڪندا هئا پر اُهي هاڻي ساڻس جيل تي ملاقات ڪرڻ به نه ٿا وڃن. آئون به جيترو وقت نظربند هوس ته مون وارا يار به پاسيرا ٿي ويا! فاروق ڀنڀري کي شابس آهي، جيڪو نظربنديءَ دؤران مون وٽ ايندو هو ۽ آصف سان به جيل ۾ ملڻ وڃي ٿو. وڏو وفادار ۽ ڏکئي وقت ۾ نڀائڻ وارو ماڻهو آهي. محترم حاڪم علي زرداريءَ سان ٻه ڪلاڪ کن ڪچهري ٿي. ڪچهريءَ دؤران هُو بار بار چوندو رهيو ته الله تعاليٰ آصف کي اصلي، نقلي ۽ منافق ماڻهن جي سُڃاڻ جي ساڃاهه ڏيندو، ڇو ته آصف جڏهن جيل کان ٻاهر ايندو ۽ پارٽيءَ جي قيادت اچي سنڀاليندو ته ڏکئي وقت ۾ ڇڏي ويل سندس دوست وٽس اچي حاضر ٿيندا ۽ خوشامد ڪرڻ ۾ لڳي ويندا. الله اهڙن دوستن کان پناهه ۾ رکي. بعد ۾ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ محترم آصف علي زرداري 11 سال قيد ڪاٽي آزاد ٿيو ته ”بلاول هائوس“ ۾ وڏي رش ٿي وئي. اُنهن دوستن جون به ”بلاول هائوس“ ۾ قطارون لڳي ويون، جيڪي سندس 11 سالن جي قيد دؤران لڪي، ڀڄي ۽ پاسيرا ٿي ويا هئا.
    آصف علي زرادريءَ جي جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ محترم غلام فاروق ڀنڀري مون کي فون ڪيو ۽ ٻڌايو ته محترم آصف علي زرداري جيل کان ٻاهر اچي ويو آهي، آئون چاهيان ٿو ته اوهان جي محترم آصف علي زرداريءَ سان ملاقات ڪرايان. اوهان ڪٿي آهيو؟ آئون اتفاق سان ٻه ڏينهن اڳ ڪنهن ڪم سانگي ڪراچيءَ آيل هوس. مون فاروق کي چيو ته آئون ڪراچيءَ جي صدر واري ”جبيس“ هوٽل ۾ رهيل آهيان. فاروق چيو ته آئون ”جبيس“ هوٽل تي اچان ٿو. ڪلاڪ مُني ۾ فاروق آيو. اسان ٻارهين وڳي ڌاران ”بلاول هائوس“ آياسون. فاروق جو ”بلاول هائوس“ گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. سيڪورٽيءَ وارا ۽ هائوس جو ٻيو عملو کيس ويجهو کان سڃاڻندو هو. وڏي رش جي باوجود اسان سولائيءَ سان ”بلاول هائوس“ ۾ اندر داخل ٿي وياسون. آصف علي زرداري ملاقاتين سان ملڻ لاءِ اڃان ٻاهر نه آيو هو. سنڌ جا اڪثر وڏا وڏيرا ۽ سردار آصف علي زرداريءَ جي ملاقات جي انتظار ۾ ويٺا هئا. فاروق سياڻپ ڪئي. آصف علي زرداري جنهن دروازي کان ٻاهر اچڻو هو، مون کي اُتي وٺي هلي ويهاريائين ۽ پاڻ پنڊال ۾ گهمندو ۽ آصف علي زرداريءَ سان ملڻ لاءِ آيل ماڻهن سان ملندو رهيو. هڪ وڳي ڌاري آصف علي زرداري ٻاهر آيو ته پنڊال ۾ ويٺل سڀ ماڻهو اٿي بيٺا ۽ ساڻس ملڻ لاءِ ويجها ٿيندا ويا، ۽ کيس چوڌاري وڪوڙي ويا. فاروق مون کي آصف علي زرداريءَ سان جلدي ملائڻ لاءِ جنهن جڳهه تي ويهاريو هو، آصف علي زرداري اُتان گذرندي مون سان هٿ ملايو. فاروق ڀنڀري مون سان ملڻ دؤران منهنجو ساڻس تعارف ڪرايو. جنهن تي آصف زرداريءَ مون سان ٻيهر هٿ ملايو ۽ چيو ته 11 سال قيد ڪاٽي ٻاهر آيو آهيان، ثابت قدم رهڻ لاءِ اڳتي به دُعا ڪجو. ”بلاول هائوس“ ۾ سنڌ جي وڏيرن جو هجوم ڏسي، مون کي سندس والد محترم حاڪم علي زرداريءَ جا آصف علي زرداريءَ لاءِ دُعا وارا اُهي لفظ ياد اچي ويا ته الله تعاليٰ آصف کي اصلي، نقلي ۽ منافق ماڻهن جي سڃاڻ جي ساڃاهه ڏيندو ۽ ڏکئي وقت ۾ ساٿُ ڇڏي ويندڙن جي دوستيءَ کان پناهه ۾ رکندو.


    داستان چوٿون

    پير سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جي ”نرس لينڊ“ وڃڻ، واپس اچڻ تي گهڻو ڪجھه بدلجي وڃڻ ۽ سنڌ سوڳوار ٿيڻ جو قصو

    مان ”نرس لينڊ“ وڃي رهيو آهيان! ها! ان کي ”نرس لينڊ“ چوندا آهن!!! اوڏانهن وڃي رهيو آهيان. واپس ايندس ته گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو هوندو. اِهي لفظ حُرن جي روحاني پيشوا پير سيد شاهه مردان شاهه ثاني پير پاڳاري پنهنجي آخري پريس ڪانفرنس ۾ چيا، جيڪا هن ”ڪنگري هائوس“ ڪراچيءَ ۾ ڪئي. پريس ڪانفرنس جي ٻِن ڏينهن کان پوءِ پير سيد شاهه مردان شاهه ثاني ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ”نرس لينڊ“ هليا ويا. جتي هُو سوا مهيني تائين زير علاجَ رهيا. بعد ۾ 5 جنوري 2012ع تي کين لنڊن نيو ويو. جتي علاج دؤران 10 جنوريءَ تي کين دل جو دورو پيو، جنهن بعد هُو پاڻ پنڌُ ڪري اسپتال کان ٻاهر نه آيا، پر کين اسپتال مان کڻي واپس آندو ويو ته سنڌ سوڳوار بڻجي چڪي هئي. سنڌ جون سڙڪون سوڳوار هيون، رستن تي اُداسي ڇانيل هئي ۽ گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو هو. ماڻهن جا چهرا ۽ شڪليون بدلجي چڪيون هيون. حُر جماعت، عقيدتمند ۽ معتقد صدمي ۽ غم ۾ ورتل هئا، پير سيد شاهه مردان شاهه ثاني پريس ڪانفرنس ۾ ”نرس لينڊ“ وڃڻ کان پوءِ واپس موٽي اچڻ تي ”گهڻو ڪجهه“ بدلجي وڃڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن مان اڪثر ماڻهن ائين سمجهيو هوته سندس واپس اچڻ کان پوءِ سياسي ماحول بدلبو، حالتون بدلبيون، صورتحال بدلبي، خزائون بدلبيون، بدحالي بدلبي ۽ ڏڪار واريون حالتون خوشحاليءَ ۾ بدلبيون.... پر پير صاحب جي واپس اچڻ تي حُر جماعت ۽ سندس عقيدتمندن جا سمورا خواب ۽ جذبا مايوسيءَ ۾ بدلجي ويا. مون کي ائين پئي لڳو ته سانگهڙ، عمرڪوٽ، خيرپور ۽ پير جو ڳوٺ سميت سڄي سنڌ بدلجي چڪي آهي، ملڪ جي فضا بدلجي چڪي آهي، هوائون بدلجي چڪيون آهن، ماڻهن جون اُميدون بدلجي چڪيون آهن. مان پير ڳوٺ ۾ آهيان. درگاهه شريف جي مکيه دروازي جي سامهون بيٺو آهيان. سڏڪن ۽ صدمي سان ڀريل لفظ بارش بڻجي منهنجي مٿان وسي رهيا آهن. هزارين ماڻهو صدمي ۾ وڪوڙيل آهن، جيڪي اوڇنگارون ڏئي روئي رهيا آهن، سڀ ماڻهو چئي رهيا آهن ته پير پاڳارو اسان کي يتيم ڪري ويو. حُر جماعت جو چيف خليفو فقير قادر بخش مڱريو چئي رهيو هو، پير صاحب فيض جو درياهه هو، اُهو هليو ويو. هاڻي فيض ڪير ڏيندو؟ درگاهه تي گڏ ٿيل ماڻهن جي سمنڊ ۾ حُر جماعت سان گڏ هزارين غير جماعتي ماڻهو به شامل آهن، جيڪي دانهون ڪري چئي رهيا آهن ته پير صاحب حُر جماعت سان گڏ اسان کي به اڪيلو ڪري ويو. اسان اڪيلا ۽ يتيم ٿي ويا آهيون. ماڻهو چئي رهيا آهن، ته شرافت يتيم ٿي وئي، محبت يتيم ٿي وئي، سياست يتيم ٿي وئي. هاڻي سياستدان ڪنهن کان رهنمائي حاصل ڪندا، صحافين سان دل کولي ڪير ڳالهائيندو، مزاحيه ڳالهيون ڪير ڪندو ۽ سندن دل جون ڳالهيون ڪير ڪندو، سچ ڪير ڳالهائيندو ۽ پيشنگوئيون ڪير ڪندو؟ پير صاحب جو بزرگ خليفو پير بخش ڳاهو مون کي ڏسي منهنجي ويجهو آيو ۽ چيائين ته اسان کان سهارو کسجي ويو، اسان جي ڇَپَرَ ڇانوَ هلي وئي، اسان جو سڀ ڪجهه هليو ويو، اسان اڪيلا ۽ تنها ٿي ويا آهيون. فقير جان محمد مڱريو به پير صاحب جي وفات تي سخت پريشان ۽ مايوس هو. سندس حالت مان ائين پئي لڳو ته هُو صدمي ۾ ڪجهه ڪري نه ويهي. ساڻس گڏ پريشان حال فقير کيس تسلي ۽ آٿتُ ڏئي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته الله جي رضامنديءَ تي رضي رهڻو آهي. پر هُو چئي رهيو هو ته 83 سال وڏي عمر نه آهي. الله تعاليٰ پير صاحب اسان کان جلد کسي اسان کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. مان ڪافي دير کان پير صاحب جي وفات جي صدمي ۾ درگاهه جي مکيا (وڏي) گيٽ اڳيان بيٺو آهيان. منهنجي اڳيان گذرندڙ هر شخص پير سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جي فيض ۽ انسان دوستيءَ جون ڳالهيون ڪندي گذري رهيو آهي. هر ماڻهو اهو چوندو گذرندو وڃي ٿو ته پير صاحب صرف حُر جماعت لاءِ نه پر ملڪ جي روشن خيال ماڻهن جو محسن ۽ سندن پسند جو ماڻهو هو.
    ”نرس لينڊ“ وڃڻ کان اڳ 22 نومبر 2011ع تي صبح جو 10:00 وڳي ڌاري منهنجي پير صاحب سان ٽيلي فون تي آخري ڳالهه ٻولهه ٿي هُئي. اُهو ڏينهن سندس سالگرهه جو ڏينهن هو. مون سندن سالگرهه جي موقعي تي رنگين سووينئر شايع ڪيو هو ۽ سووينئر جون پنجاهه ڪاپيون کين ڪنگري هائوس ڪراچي موڪلي ڏنيون هيون. مون پير صاحب جو اُهو نمبر ڊائل ڪيو جيڪو هُو پاڻ کڻندا هئا. نمبر تي رِنگِ وڃڻ کان پوءِ پير صاحب فون کنيون. آواز آيو ”هلو“، مون کين ٻڌايو، قبلا! مان خيرپور مان غلام عباس ڀنڀرو ٿو ڳالهايان. اوهان کي سالگرهه مبارڪ ڏيڻ لاءِ فون ڪيو اٿم. ها! خير مبارڪ، تنهنجو سووينئر مون کي مليو آهي. سٺو ۽ يادگار سووينئر آهي. مون کي ڏاڍو وڻيو آهي. سٺو مواد ۽ يادگار تصويرون اٿس. سووينئر جون ڪاپيون ٿوريون موڪليون اٿئي، 50 ڪاپيون ٻيون به موڪلي ڏي. حاضر قبلا! پنجاهه ڪاپيون ٻيون به اچن ٿيون. اوهان سووينئر پسند ڪيو مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. مون ٽيليفون رکڻ کان پوءِ پير صاحب کي سالگرهه سووينئر جون وڌيڪ پنجاهه ڪاپيون ٽي سي ايس ذريعي ڪنگري هائوس ڪراچيءَ موڪلي ڏنيون. مون 22 نومبر تي سالگرهه واري ڏينهن پير صاحب سان ڳالهايو هو ته پير صاحب جن مون کي ڳالهائڻ ۾ هشاش بشاش ۽ ٺيڪ ٺاڪ لڳا هُئا، ڳالهائڻ جي لهجي مان مون کي ڪجهه به محسوس نه ٿيو ته ڪو پير صاحب جن طبيعت ۾ ٺيڪ نه آهن. ڇو ته مون سان معمول مطابق پنهنجائپ واري لهجي ۾ ڳالهايائون، بعد ۾ ٻن ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته پير صاحب جن پنهنجون ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ نرس لينڊ (آغا خان اسپتال) ۾ داخل ٿيا آهن. ٽيسٽون ڪرائڻ کان پوءِ جلد ڪنگري هائوس ايندا. پر نومبر مهيني جا آخري ڏينهن ۽ سڄو ڊسمبر مهينو جڏهن اسپتال ۾ داخل رهيا ته مون سميت سندن سمورن عقيدتمندن ۽ حُر جماعت جي ماڻهن ۾ تشويش پيدا ٿي. مان سندن عيادت لاءِ ڪراچيءَ ويس. اسپتال ۾ سندن وڏا صاحبزاده پير سيد صبغت الله شاهه (موجوده پير پاڳارا) ۽ ننڍا صاحبزاده پير صدر الدين شاهه موجود هئا. اُنهن سان ملاقات ٿي. سندن ڳالهين مان معلوم ٿيو ته ڊاڪٽرن پير صاحب کي علاج لاءِ لنڊن کڻي وڃڻ جي تجويز ڏني آهي. ڊاڪٽرن جي ان تجويز تحت پير صبغت الله شاهه (موجوده پير پاڳارا) ۽ سندن ننڍو ڀاءُ پير صدر الدين شاهه کين علاج لاءِ لنڊن کڻائي ويا. پير صاحب جن اسپتال ۾ هئا ته 10 جنوري 2012ع تي کين دل جو دؤرو پيو. جنهن سبب سندن روح پرواز ڪري ويو ۽ پير صاحب جن پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليا، بعد ۾ 12 جنوريءَ تي سندن جسد خاڪي لنڊن مان پير جو ڳوٺ آيو ۽ درگاهه شريف تي سندن تدفين ٿي. تدفين ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جا لکين مُريد ۽ عقيدتمند شريڪ ٿيا. درگاهه جي روايت مطابق تدفين کان ٿورو اڳ سندن وڏي صاحبزادي پير صبغت الله شاهه جي دستاربندي ٿي، دستاربنديءَ ۾ حُر جماعت جا خليفا، مختلف درگاهن جا گادي نشين، ملڪ جون بااثر شخصيتون، ڪيترين ئي برادرين جا سردار ۽ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ ٿيا.
    پير سيد شاهه مردان شاهه ثاني وڏي ماڻهپي وارا ماڻهو هئا. سندن وڇوڙي تي مون سميت سڄي ملڪ جي انسان دوست اڳواڻن ۽ روشن خيال ماڻهن کي وڏو صدمو پهتو. پير صاحب 1988ع ۽ 1990ع وارين عام چونڊن ۾ به حصو ورتو هو. پير صاحب جن خيرپور واري قومي اسيمبليءَ جي سيٽ جا اُميدوار هئا. 1988ع واري اليڪشن مهم شروع ڪرڻ کان اڳ مون کي درگاهه شريف تي گهرايائون ۽ چيائون ته آئون اليڪشن مهم خيرپور شهر ۾ تو وٽ جلسو ڪري شروع ڪرڻ چاهيان ٿو. دوستن ٻڌايو آهي. ته غلام عباس ڀنڀري جي گهر اڳيان وڏو پارڪ آهي، جيڪو جلسي لاءِ بهتر رهندو. تنهن ڪري تون وڃي پاڻ وٽ جلسي جو بندوبست ڪر. پير صاحب جلسي لاءِ مون کي ٻن ڏينهن جو وَقتُ ڏنو. مون جلسي جو بندوبست پنهنجي گهر اڳيان ميونسپل جي نرسريءَ واري پارڪ ۾ ڪيو. جلسي ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا. پير صاحب جن جلسي ۾ ماڻهن جو وڏو هجوم ڏسي خوش ٿيا ۽ جلسي جي ڪاميابيءَ تي مون کي مبارڪ ڏني. بعد ۾ آئون اليڪشن جي سڄي ڪئمپين ۾ ساڻن گڏ رهيس. اليڪشن مهم دوران پير صاحب جن روزانو صبح جو 8:00 وڳي پيرڳوٺ جي صحافي محمد حيات جلاليءَ کي پاڻ سان کڻي مون وٽ خيرپور ايندا هئا، جتان آئون پير صاحب سان گڏجي انتخابي جلسن ۾ ويندو هوس. پير صاحب جي مقابلي ۾ پيپلز پارٽيءَ جو سيد پرويز علي شاهه جيلاني اُميدوار هو. جيڪو پير صاحب کان اليڪشن کٽي ويو. پير صاحب جن 1990ع وارين عام چونڊن ۾ به اُميدوار ٿيا. پيپلز پارٽيءَ جي اُميدوار سيد پرويز علي شاهه جيلانيءَ سان سندن ٻيهر مقابلو ٿيو. اهو مقابلو به پرويز علي شاهه کٽي ويو. پير صاحب سان اليڪشن لڙڻ جي ڪري پرويز علي شاهه کي بين الاقوامي سطح تي شُهرت ملي، پر پيپلز پارٽيءَ وارن سندس قدرنه ڪيو ۽ کيس گهربل عزت نه ڏني. جنهن سبب کيس وڏي مايوسي ٿي ۽ هُو پيپلز پارٽي ڇڏي ويو ! پيپلز پارٽي ڇڏڻ کان پوءِ ٻي اليڪشن ۾ هُنَ ڪوٽڏيجي واري صوبائي سيٽ تي آزاد اُميدوار جي حيثيت ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اُميدوار منظور حسين وساڻ سان مقابلو ڪيو، جنهن ۾ هُو هارائي ويو.... ته ڳالهه پئي ڪئي سون پير سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جي سياسي بصيرت، ڏاهپ ۽ سندن قرب جي قصن جي، ته پير صاحب وڏو قربائتو ۽ مڻيادار ماڻهو هو. پير صاحب جو جنم 22 نومبر 1928ع تي سندن والد محترم شهيد پير صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جي گهر ۾ ٿيو. سندن والد محترم جن ان وقت انگريز سامراج خلاف جهاد ڪرڻ جي تيارين ۾ هئا. تياريون مڪمل ڪري سورهيه بادشاهه انگريزن خلاف تاريخي جهاد ڪيو. انگريزن خلاف جهاد لاءِ پير صاحب سانگهڙ ضلعي کي ويڙهه جو مرڪز بڻايو. حُرن پاران انگريز سامراج خلاف گوريلا ويڙهه وڙهڻ ۽ انگريزن لاءِ ڌرتي ٽامون ڪرڻ تي انگريزن سورهيه بادشاهه کي گرفتار ڪري 20 مارچ 1943ع تي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ڦاسي ڏني. جڏهن ته ڦاسيءَ تي چاڙهڻ کان پوءِ انگريزن پير صاحب جو جسد خاڪي سندن وارثن کي نه ڏنو.سورهيه بادشاهه کي ڦاسي ڏئي شهيد ڪرڻ کان پوءِ چالاڪ انگريزن سندن صاحبزادن پير سيد شاهه مردان شاهه ثاني ۽ پير سيد نادر علي شاهه کي جلاوطن ڪري لنڊن کڻي ويا. سورهيه بادشاهه کي ڦاسي ڏئي کين شهيد ڪرڻ ۽ سندن صاحبزادن پير سيد شاهه مردان شاهه ۽ پير سيد نادر علي شاهه کي جلاوطن ڪرڻ باوجود حُر مجاهد ثابت قدم رهيا ۽ گوريلا جنگ بند نه ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ انگريز سامراج جا هِن ڌرتيءَ تان پير پٽجي ويا. جنهن کان پوءِ 1951ع ۾ پير سيد شاهه مردان شاهه ۽ سندن ننڍي ڀاءُ سيد نادر علي شاهه جي جلاوطني ختم ڪري کين وطن اچڻ جي اجازت ڏني وئي. ٻنهي ڀائرن جي وطن اچڻ تي، وڏي ڀاءُ سيد شاهه مردان شاهه جي 14 سالن جي عمر ۾ درگاهه شريف جي ستين پير پاڳاري جي حيثيت ۾ دستاربندي ڪئي وئي. سيد شاهه مردان شاهه درگاهه شريف پير جو ڳوٺ جو سجاده نشين بڻجڻ کان پوءِ حُر جماعت کي منظم ۽ متحد ڪيو، جڏهن ته ملڪي حالتن ڏانهن به ڀرپور توجهه ڏنو. سندن حب الوطنيءَ واري جذبي جي ڪري کين سڄي ملڪ ۾ وڏي عزت، شهرت ۽ قومي اڳواڻ طور سڃاڻپ ملي. اڳتي هلي 1965ع ۽ 1971ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٻه جنگيون لڳيون. سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ اُنهن ٻنهي جنگين ۾ پنهنجا هزارين حُر مجاهد پاڪستان جي سرحدن تي موڪليا ۽ پاڻ به سرحدن تي وڃي حُر فورس جي اڳواڻي ۽ رهنمائي ڪئي. ٻنهي جنگين دوران حُر فورس پاڪ فوج سان گڏجي ڀارت جا ڪيترائي علائقا فتح ڪيا. شاهه ڳڙهه ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تي پاڪستان جو قومي جهنڊو چاڙهيو. جڏهن ته سيد شاهه مردان شاهه قومي سياست ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. 1977ع وارين عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف جيڪا تحريڪ هلي، اُن ۾ پير صاحب سرگرميءَ سان حصو ورتو ۽ تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي. جنهن تي کين گرفتار ڪري راولپنڊيءَ جي هڪ هوٽل ۾ نظربند ڪيو ويو. پير صاحب جي نظر بنديءَ تي سنڌ ۾ وڏي شورش ٿي. حُر جماعت احتجاج ڪيو. محترم ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو وزير اعظم هو. اُن حُر جماعت ۾ پکڙيل تاءَ ۽ ڪاوڙ کي محسوس ڪري پير صاحب جي نظر بندي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته ڊگهين هڙتالن ۽ لڳاتار احتجاجن سبب جنرل ضياءُ الحق ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي، محترم ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي. بعد ۾ 1985ع ۾ جنرل ضياءُ الحق غير جماعتي چونڊون ڪرايون. انهن چونڊن جو پيپلز پارٽيءَ بائيڪاٽ ڪيو ۽ چونڊن ۾ حصو نه ورتو، جنهن سبب سنڌ ۾ پير صاحب جا وڏي تعداد ۾ اُميدوار ڪامياب ٿيا. بعد ۾ سينيٽ جي چونڊن ۾ پير صاحب پاڻ به حصو ورتو ۽ سينيٽر چونڊيا. سياست ۾ سرگرم هئڻ سبب پير صاحب شاهه مردان شاهه پاڪستان مسلم ليگ جي نالي سان پنهنجي الڳ پارٽي ٺاهي. جنهن کي اليڪشن ڪميشن وٽ رجسٽرڊ ڪرايو ۽ پارٽيءَ کي فنڪشنل ڪيو، جنهن سبب سندن پارٽيءَ تي ”فنڪشنل مسلم ليگ“ جو نالو پئجي ويو.
    پير صاحب وڏا محب وطن، خدا ترس، انسان دوست، روشن خيال ۽ ماڻهپي وارا ماڻهو هئا. پير صاحب جن جڏهن به حُر جماعت کي روحاني خطاب ڪندا هُئا ته مريدن کي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۽ ٻارن جون ننڍيءَ عمر ۾ شاديون نه ڪرائڻ جون هدايتون ڏيندا هُئا. پير صاحب جو ديني تعليم ڏانهن به وڏو توجهه هو. پاڻ سنڌ ۾ هڪ سؤ کان وڌيڪ مدرسا قائم ڪيائون، جيڪي اڃان تائين درگاهه جي سرپرستيءَ ۾ هلن ٿا. پيرَڳوٺ واري ”جامعا راشديا لائيبرري“ جو بنياد به پاڻ رکيائون، جنهن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ديني سياسي ۽ معلوماتي ڪتاب موجود آهن. ملڪ جا سوين نوجوان جامعا راشديا لائيبرريءَ جي ڪتابن جي مدد سان سي ايس ايس جا امتحان پاس ڪري چُڪا آهن ۽ پي ايڇ ڊي ۽ ٻيون ڊگريون حاصل ڪري چڪا آهن. پير صاحب وڏا نبض شناس ۽ فلڪيات جا ماهر هئا. سندن پيشنگوئيون سڄي ملڪ ۾ مشهور آهن. پاڻ جيڪا پيشنگوئي ڪندا هئا، اُها اڪثر طور تي پوري ٿيندي هئي. پير صاحب جن چوندا هئا ته هُو حالتون ڏسي پيشنگوئيون ڪندا آهن. سچ ڳالهائڻ سندن خمير ۽ مزاج ۾ شامل هو. گهوڙا پالڻ، گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا ڪرائڻ ۽ لغڙ اُڏائڻ سندن ذاتي وندر ۽ تفريح هئي. گهوڙن جي ڊوڙ وارن مقابلن ۾ اڪثر طور تي سندن گهوڙا ڊوڙ کٽي ايندا هئا.
    سيد شاهه مردان شاهه عظيم انسان، عظيم اڳواڻ ۽ محبوب صفت روحاني پيشوا هئا. سندن خدمتون ۽ يادون تاريخ جو هڪ مڪمل بابُ بڻجي چڪيون آهن، جيڪي صدين تائين ياد رکيون وينديون. پير صاحب شاهه مردان شاهه جن مون کي گهڻو ڀائيندا ۽ وڏي عزت ڏيندا هئا، سندن وفات تي مون کي وڏي پريشاني ۽ طبيعت ۾ بيچيني پيدا ٿي. پير صاحب جن مون کي الهامي ۽ آفاقي ماڻهو لڳندا هئا. سندن هيءَ فاني دُنيا ڇڏڻ کانپوءِ، سندن محبتون ياد اچڻ تي آئون پنهنجي هيءَ وائي بار بار ورجائيندو رهندو آهيان:

    پرين ڪالهه وِيڙا،
    اسان هِتِ اَڪيلا.

    ويا ڏئي وِڇوڙو،
    چِڪي چاڪَ پيڙا.
    اسان هِتِ اَڪيلا.

    وِسامي ويا ڄَڻُ،
    ڏِياٽيون ۽ ڏيئڙا.
    اسان هِتِ اَڪيلا.

    عَباسڻَ پرين مُون،
    جڏهن ڏُور ٿيڙا.
    اسان هِتِ اَڪيلا.
    *


    داستان پنجون

    31 آڪٽوبر 2015ع تي مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرئين مرحلي واري ڏينهن خيرپور جي ڳوٺ وريو واهڻ ۾ 11 ڄڻن جي مارجي وڃڻ وارو قصو

    31 آڪٽوبر 2015ع جو مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرئين مرحلي وارو ڏينهن آهي. شام جا سوا چار وڄي رهيا آهن. آئون چونڊن جي ڪوريج لاءِ محترم ابوالحسن جي سربراهيءَ ۾ ڪراچيءَ کان آيل ”جيو نيوز“ جي ٽيم سان خيرپور، ڪوٽڏجي، مصري شاهه ۽ ڪُنبَ جون پولنگ اسٽيشنون گُهمندو، راڻيپور طرف وڃي رهيو آهيان ته منهنجي موبائل فون جي گهنٽي وڄي ٿي. فون کڻڻ تي فون ڪندڙ دوست چوي ٿو ته درازا شريف ڀرسان ڳوٺ ”وريو واهڻ“ جي جوڻيجا پرائمري اسڪول جي پولنگ اسٽيشن تي فائرنگ هلي رهي آهي، ڪافي ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. آئون پنهنجي ڪار ۾ سوار آهيان ڪراچيءَ کان مڪاني ادارن جي چونڊن جي ڪوريج لاءِ آيل ”جيو نيوز“ ٽيم جو سربراهه محترم ابوالحسن به مون سان ڪار ۾ گڏ آهي. جڏهن ته ابوالحسن جي ”جيو نيوز“ ٽيم جا ٻيا دوست لائيو ڪوريج واري گاڏي ڊي. ايس. اين. جي ۾ آهن. آئون ڊرائيور کي گاڏيءَ جي اسپيڊ وڌائڻ ۽ کيس درازا شريف ڏانهن هلڻ لاءِ چوان ٿو. اسان جنهن جڳهه تي آهيون، اُتان درزا شريف چئن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي آهي. اسان درزا شريف کان گُذري ڳوٺ وريو واهڻ جي جوڻيجا پرائمري اسڪول ۾ پهچون ٿا، ته اسڪول جي پولنگ اسٽيشن جي سامهون واري پڌر تي يارهن ڄڻن جا لاش رت ۾ ٻُڏل نظر اچن ٿا. جڏهن ته ڏهن کان وڌيڪ زخمي ماڻهو تڙپي رهيا آهن. اليڪشن جي ڪوريج ڪندڙ مختلف ادارن جي ٽيمن جا اسان پهريان ماڻهو آهيون، جيڪي وريو واهڻ پولنگ اسٽيشن تي پهتا آهيون. يارهن ماڻهن جا سِرَ ڪيرائڻ ۽ ڏهن ڄڻن کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ واري واقعي کان پوءِ پولنگ اسٽيشن تي راڪاسُ گهمي ويو آهي. پولنگ عملو خوف کان پولنگ ڇڏي ڀڄي ويو آهي. هڪ پوليس وارو لاشن جي ڀرسان بيٺو آهي، اُهو پوليس وارو ٻڌائي ٿو ته پولنگ اسٽيشن جي سامهون وارين عمارتن تان بَرسٽَ هليا، جنهن ۾ هي ڳڀرو جوان مارجي ويا ۽ هي سامهون تڙپندڙ نوجوان زخمي ٿيا. فائرنگ دوران وڏو خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. ووٽ ڏيڻ لاءِ قطار ۾ بيٺل ماڻهو ”ڀڄو ڙي ڀڄو قيامت اچي وئي“ جون دانهون ڪندا، ڀڄندا، پولنگ مان هليا ويا. پولنگ عملو ڀڄي ويو. مون سان گڏ ڊيوٽيءَ تي آيل پوليس وارا ڀڄي ويا. فائرنگ وقت آئون به پاڻ کي بچائڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن جي اندر وڃي لِڪي ويٺس. فائرنگ بند ٿيڻ کان پوءِ ٻاهر آيو آهيان.
    اسان جي لائيو ڪوريج واري ٽيم پولنگ اسٽيشن جي سامهون واري پڌر تي يارهن لاشن ۽ تڙپندڙ زخمين جا فوري طور تي وڊيو ٺاهي ورتا، اُهي ”جيو نيوز“ تي لائيو نشر ٿيڻ کان پوءِ اُن وقت جو خيرپور جو ايس پي سيد پير محمد شاهه پوليس جي وڏي اٽالي ۽ رينجرس فورس سان وريو واهڻ پهتو. جڏهن ته ڪيترن ئي ٽي وي چينلز جون ٽيمون به خوني واردات واري جڳهه تي آيون. فائرنگ ۾ مارجي ويل يارهن ڄڻن مان هڪ ڄڻي جو تعلق ڳوٺ وريو واهڻ سان هو، اُن جون وارث عورتون اُن جي لاش مٿان ماتم ۽ روڄ راڙو ڪري رهيون هيون. خوفناڪ دل ڏاريندڙ ۽ قيامت خيز منظر هو. پولنگ اسٽيشن تي خونريزيءَ واري واقعي کان پوءِ ڳوٺ جا اڪثر ماڻهو پوليس ۽ رينجرس فورس کي ڏسي پنهنجا گهر خالي ڪري ڀرواري ڪمند جي فصل ۾ وڃي لِڪا. پوليس ۽ رينجرس فورس ڪمند جي فصل کي ڪڙو چاڙهي ڪجهه ماڻهو گرفتار ڪيا.
    ڳوٺ مان لاش کڄڻ ۽ زخمين کي اسپتال نِيڻ َتائين اسان خوني واردات واري جڳهه تي آهيون. زمين تي ڪيرايل لاش ڏسڻ وارن ماڻهن جو چوڻ هو ته ڳوٺ جي مورچن ۾ اڳواٽ هٿياربند ويهاريا ويا هئا، جن گوليون هلايون ۽ انهن بي هٿيار ماڻهو بي گناهه ماريا. ايس ايس پي سيد پير محمد شاهه جي سربراهيءَ ۾ خوني واردات واري جڳهه تي پهتل پوليس فورس يارهن ڄڻن جي لاشن ۽ زخمين کي کڻي اسپتال پهچايو، لاشن جي سڃاڻپ بعد قانوني گهرجون پوريون ڪري لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.
    ”وريو واهڻَ“ ۾ ڪنهن جا لاش ڪيرايا ويا، اُهي ڪير هُئا ۽ ڪٿان جا هُئا، اهي وريو واهڻ پولنگ اسٽيشن تي ڪيئن آيا، ان جي ڪهاڻي هن طرح آهي ته پير سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري جو ڀائٽيو ۽ پير سيد صدر الدين شاهه جو صاحبزادو پير محمد اسماعيل شاهه راشدي 31 آڪٽوبر تي صبح جو پنهنجي حُر جماعت جي ساٿين سان ”هادل شاهه“ مان پولنگ اسٽيشنون گهمندو، مسلم ليگ فنڪشنل جي ڪارڪُنن سان ملندو، رِپڙي، کهڙا ۽ گمبٽ مان ٿيندو. درازا شريفَ جي گهٽين مان گذرندو ”وريو واهڻ“ پولنگ اسٽيشن تي پهچي ٿو ته سندس قافلي تي گوليون وسڻ شروع ٿي وڃن ٿيون. گولين جي وسندڙ مينهن ۾ پير محمد اسماعيل شاهه محفوظ رهي ٿو، پر سندس قافلي ۾ شامل فقير نور حسن ورياماڻي، علي مراد ڳاهو، غلام مرتضيٰ ماري، اڪبر خاصخيلي، منور علي خاصخيلي، محمد عثمان خاصخيلي، ارباب راڄڙ، جمشير مهر، وَرسارو درس، منظور احمد خاصخيلي ۽ نعيم اعظم جوڻيجو جا سِرَ ڪِرن ٿا ۽ اهي شهيدن جي تاريخَ جو بابُ بڻجي وڃن ٿا. جيڪي انگريز سامراج خلاف هلايل حُر هلچل جي شهيد حُر جرنيلن جو اولاد هُئا. مارجي ويل نوجوانن ۾ اڪثر نوجوانن جو تعلق ضلعي سانگهڙ سان هو. جڏهن ته هڪ شهيد نوجوان نور حسن خاصخيلي حُر جماعت جي خليفي وريام فقير خاصخيليءَ جو ڀائٽيو هو.
    خوني واقعي کانپوءِ پير محمد اسماعيل شاهه جن خيرپور اچن ٿا ۽ مسلم ليگ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪن ٿا. پريس ڪانفرنس ۾ پير محمد اسماعيل شاهه جن ٻُڌائين ٿا ته سندس قافلي تي حملو اڳواٽ رٿيلَ سازش تحت ڪيو ويو آهي. سندن چوڻ هو ته هٿياربندن کي وريو واهڻ ڳوٺَ جي مورچن ۾ ويهاري مٿن حملو ڪرايو ويو ۽ حُر جماعت جي يارهن بي هٿيار۽ امن پسند حُرن جا سِرَ ڪيرايا ويا.
    پير محمد اسماعيل شاهه سندس قافلي مٿان حملي جي ذميداري پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت مٿان عائد ڪن ٿا. سندن چوڻ هو ته پيپلز پارٽيءَ جي پهرئين دؤرَ ۾ به امين فقير مڱرئي سميت ڇهه حُرَ مارايا ويا هُئا. ان وقت پير سيد شاهه مردان ثانيءَ حُرن کي صبر ڪرڻ جي تلقين ڪئي هئي. جنهن تي حُر جماعت عمل درآمد ڪري ڪو به ردعمل ظاهر نه ڪيو. جڏهن ته 31 آڪٽوبر 2015ع تي درازا شريف ڀرسان ”وريو واهڻ“ ۾ ڪيرايل 11 لاشن جي رَدِ عمل ۾ موجوده پير پاڳاري پير سيد صبغت الله شاهه پنهنجي والد مرحوم پير سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جي روايت تي عمل ڪندي حُر جماعت کي صبرَ ۽ اَمنَ سان رهڻَ جي هدايت ڪئي. پير صاحب جي اُنَ هدايت تي حُر جماعت پُوريءَ طرح عمل ڪيو ۽ ڪا به جوابي ڪاروائي نه ڪئي.
    واقعي کان ڪُجهه ڏينهن پوءِ پير صاحب پاڳاري حُر جماعت جي خليفن ۽ شهيدن جي وارثن کي ڪراچيءَ گهرايو. شهيدن جي وارثن سان واقعي تي ڏک ونڊيو ۽ واقعي کي سوچيل سمجھيلَ سازش قرار ڏنو. پير صاحب شهيدن جي وارثن کي پنهنجي طرفان پنج پنج لک روپيا ۽ زخمين جي وارثن کي ٻه ٻه لک روپيا امداد ڏني. پير صاحب هن موقعي تي حُر جماعت جي خليفن ۽ شهيدن جي وارثن کي امن، سلامتي ۽ صبر سان واپس پنهنجي گهرن ڏانهن وڃڻ ۽ واقعي تي صبر ڪرڻ لاءِ چيو. جڏهن ته پير صاحب پاڳاري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي ۾ وڏا هٿ ملوث آهن، جيڪي حڪومت کي ظاهر ڪرڻ گهرجن. پير صاحب پاڳاري جو چوڻ هو ته اسان حُر جماعت کي صبر سان رهڻ جي تلقين ڪئي آهي پر اُنَ جو اِهو مقصد هرگز نه ورتو وڃي ته اسان جا خونَ کاڄي ويندا. ڇو ته اسلامَ ۾ خونَ جو بدلو خون، هٿ جو بدلو هٿ ۽ اک جو بدلو اک آهي. تنهنڪري اسان کي شهيدن جي خُون جو انصاف گهرجي. پير صاحب اِهو به چيو ته کين يقين آهي ته جيڪڏهن هِتي انصاف نه مليو ته خدا وٽ ضرور انصاف ملندو.


    داستان ڇهون

    سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”هڪ دؤر جو پورو سفر“ ۽ ”هڪ سج ٻه پاڇا“ ڪتابن جي مهورت ۽ ٿر گهمڻ جو قصو

    پروفيسر بدر سومرو، دوستيءَ جو پڪو پُختو ۽ وڏي ماڻهپي وارو ماڻهو آهي. هُو اصل ۾ خيرپور ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ ڳاڙهي موريءَ جو رهواسي آهي. ڳاڙهي موريءَ مان ميٽرڪ پاس ڪري جڏهن خيرپور آيو هو ته خيرپور ۾ کيس رهائش ۽ ٻيا مسئلا درپيش هئا. جنهن سبب هن مون کي پريس ڪلب ۾ اچي ڳولي لڌو. ان ملاقات ۾ هن پنهنجا مسئلا مون سان شيئر ڪيا ۽ صحافي ٿيڻ جي به خواهش ظاهر ڪيائين. بدر سومري جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ مون سندس رهنمائي ڪئي. بعد ۾ هن خيرپور مان انٽر ۽ گريجوئيشن ڪئي، جيڪو هينئر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ميڊيا اسٽيڊيز شعبي جو چيئرمين آهي. آءُ خيرپور ۾ سرگرم صحافي هجڻ سان گڏ شاعر به آهيان. منهنجا هن وقت تائين هن ڪتاب ”اَسان هِتِ اَڪيلا“ سميت 7 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. جن ۾ پنج شاعريءَ جا ۽ ٻه ڪتاب نثر جا شامل آهن. منهنجي شايع ٿيل ڪتابن مان شاعريءَ جي ٻن ڪتابن ”ٿر اڃارو سنڌ ساري“ ۽ ”ڪارونجهر تي مور نه آيا“ جي ڪجهه وقت اڳ پروفيسر بدر سومري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مهورت ڪرائي هئي. جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جا وڏي تعداد ۾استاد ۽ شاگرد شريڪ ٿيا هئا. پروفيسر بدر سومري کي جڏهن خبر پئي ته منهنجا ٻيا ٻه ڪتاب ”هڪ دور جو پورو سفر“ ۽ ”هڪ سج ٻه پاڇا“ به شايع ٿي چڪا آهن، ته هن مون سان رابطو ڪري چيو ته آئون پنهنجي پُٽ سرمد دارا شِڪُو جي شاديءَ جي وليمي جي سلسلي ۾ خيرپور ايندس ۽ اوهان جي ڪتابن جي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مهورت ڪرائڻ متعلق اوهان سان ڳالهائيندس.
    پروفيسر بدر سومري پنهنجي پٽ سرمد دارا شِڪُوءَ لاءِ ڪراچيءَ جي پروفيسر مير احسان احمد علويءَ کان سندس ڌيءَ محترما سانيا جو سڱ ورتو هو. اُن سان پٽ جو نڪاح ڪرائڻ لاءِ هُو 8 جولاءِ 2017ع تي حيدرآباد مان ڄڃ وٺي ڪراچيءَ ويو.
    جتي سندس پٽ سرمد دارا شِڪُو پنهنجي ڪنوار محترما سانيا سان لائون لڌيون. ڪنوار جي پيءُ پروفيسر مير احسان احمد علويءَ ڪراچيءَ جي ”آنچل“ ميريج لان ۾ ڌيءَ جي شاديءَ جي وليمي جي دعوت ڪئي. جنهن ۾ سندس دوست، مٽ مائٽ ۽ سرمد دارا شِڪُو جي ڄڃ شريڪ ٿي. بعد ۾ سرمد پنهنجي ڪنوار حيدرآباد پنهنجي گهر وٺي آيو. ٻئي ڏينهن 9 جولاءِ 2017ع تي پروفيسر بدر سومري پنهنجي پٽ سرمد دارا شِڪُو جي شاديءَ جو وليمو حيدرآباد جي ”مارئي“ لان ۾ ڪيو. جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جا پروفيسر، ٻين ادارن جا سندس دوست ۽ ساٿي شريڪ ٿيا. جڏهن ته 14 جولاءِ 2017ع تي محترم پروفيسر بدر سومري خيرپور جي ”رائل گارڊن“ ۾ پنهنجي مٽن مائٽن ۽ دوستن لاءِ سرمد دارا شِڪُو جي شاديءَ جي وليمي جي دعوت جو بندوبست ڪيو. سندس دعوت ۾ شاه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جا پروفيسر، خيرپور، سکر، شڪارپور ۽ نوابشاه جا مٽ مائٽ ۽ يار دوست شريڪ ٿيا. هن تقريب ۾ پروفيسر بدر سومري جي وڏي پٽ دانيال سومري سان به ملاقات ٿي ۽ ساڻس ڪجهه دير ڪچهري ٿي. پروفيسر بدر سومري سرمد درا شِڪُوءَ جي شاديءَ جي وليمي ۾ سخت مصروف هجڻ جي باوجود مون سان مختصر ڪچهري ڪئي ۽ ٻڌايو ته آئون ڄامشورو موٽي وڃڻ تي پنهنجي ميڊيا اسٽڊيز شعبي جي دوستن سان اوهان جي ڪتابن جي مهورت ڪرائڻ لاءِ صلاح مشورو ڪندس ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت کان ڪتابن جي مهورت جي منظوري وٺي، مهورت جي تاريخ مقرر ڪري اوهان کي سنڌ يونيورسٽي اچڻ لاءِ چوندس. بعد ۾ 18 سيپٽمبر 2017ع تي پروفيسر بدر سومري جو مون کي فون آيو. چيائين ته وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت اوهان جي ڪتابن جي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مهورت ڪرائڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. جڏهن ته پنهنجي شعبي جي پروفيسرن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪري اسان اوهان جي ڪتابن ”هڪ دور جو پورو سفر“ ۽ ”هڪ سج ٻه پاڇا“ جي مهورت جي تاريخ 20 سيپٽمبر 2017ع مقرر ڪئي آهي. ڪتابن جي مهورت سنڌ يونيورسٽيءَ جي ميڊيا اسٽڊيز شعبي جي سيمينار هال ۾ ٿيندي. اوهان لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فارين فڪلٽي هاسٽل (يونيورسٽي گيسٽ هائوس) ۾ ٻه ڪمرا بُڪ ڪرائي ڇڏيا اٿم. اوهان 19 سيپٽمبر 2017ع جي شام تائين اسان وٽ ڄامشورو پهچي وڃو. مهورت جو ٽائيم صبح 10:00 بجه مقرر ڪيو اٿئون.
    پروفيسر بدر سومري جي فون کانپوءِ مون قربان منگي، علامه حزب الله آءِ سومري ۽ امر اقبال سان رابطو ڪري کين 20 سيپٽمبر 2017ع تي حيدرآباد هلڻ لاءِ چيو. علامه حزب الله سومري چيو ته آئون ڏوڪري ڪاليج ۾ ليڪچرار آهيان، اتان موڪل نه ورتي اٿم، تنهنڪري هن ڀيري آئون ڪو نه ٿو هلان، مون کي ڪنهن ٻئي ڀيري واري تقريب۾ وٺي هلجو. اُن کانپوءِ مون محترم قربان منگي ۽ محترم امراقبال سان رابطو ڪيو. انهن سنڌ يونيورسٽيءَ هلڻ جي تياري ڪئي.
    19 سيپٽمبر 2017ع تي اسان خيرپور مان ڄامشورو لاءِ روانا ٿياسون. رستي ۾ حضرت سچل سرمست جي مزار تي حاضري ڏني سون. راڻيپور ۾ حليم الله ڀنڀرو وٽ چانهه پيتي سون ۽ آمريءَ لڳ ڳوٺ محمد بخش ڀنڀرو ۾ محمد موسيٰ ڀنڀرو جي آجياڻي ۾ شريڪ ٿياسون. ڄامشورو پهچڻ تي پروفيسر بدر سومرو اسان کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي گيسٽ هائوس ۾ وٺي هليو. شام ٿي چڪي هُئي، اسان پنهنجو سامان رکي سنڌ يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽ شعبي جي پروفيسر سعيد منگيءَ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٻن ادب دوست شاگردن فرقان احمد ڀنڀرو ۽ محمد سعدي ڀنڀرو کي پاڻ سان گڏ کڻي، سنڌي ادبي سنگت جي تازو چونڊيل مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگيءَ جي گهر وياسون، جتي سندس والده جي وفات تي ساڻس دُعا گهري سون. بعد ۾ رات جي ماني پروفيسر بدر سومري وٽ کاڌي سون. صبح جو ناشتو پروفيسر سعيد منگيءَ وٽ ڪيوسون. اُن کان پوءِ ميڊيا اسٽڊيز شعبي ڏانهن ويندي، رستي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي، ايلسا قاضي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مزارن تي حاضري ڏني سون. رستي ۾ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين ۾ ڪجهه دير لاءِ وياسون. انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر پروفيسر نعمت خلجيءَ آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ پروفيسر سعيد منگيءَ انسٽيٽيوٽ جو دؤرو ڪرايو. بعد ۾ وڃي ميڊيا اسٽڊيز شعبي ۾ پهتاسون.
    شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر بدر سومري جي آفيس ۾ اسان کان اڳ ريٽائرڊ پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو، سنڌ جو ڏاهو ليکڪ محترم سهيل سانگي، پروفيسر ڊاڪٽر بشير ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر ايوب لغاري، محترم مُبن مڱريو ۽ ٻيا ويٺا هئا. ٿوري دير انهن سان ڪچهري ٿي، بعد ۾ پروفيسر بدر سومرو اسان کي آيل مهمانن سان گڏ ميڊيا اسٽڊيز شعبي جي سيمينار هال ۾ وٺي هليو. جتي پروگرام شروع ٿيو.
    پروگرام جي شروعات ۾ ٻنهي ڪتابن ”هڪ دور جو پورو سفر“ ۽ ”هڪ سج ٻه پاڇا“ جي مهورت ٿي. پروگرام جي اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرائض ميڊيا اسٽڊيز شعبي جي شاگردياڻي محترما مهڪ انور سرانجام ڏنا. جنهن ڪتابن جي مهورت کانپوءِ پروفيسر ڊاڪٽر بدر سومري کي تقرير لاءِ سڏيو. هُنَ اسٽيج تي اچي ميڊيا اسٽڊيز شعبي ۾ ڪتابن جي مهورت ڪرائڻ جو مقصد بيان ڪندي چيو ته تقريب ۾ آيل شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسان هن تقريب جي رپورٽنگ ڪرڻ جو موقعو پڻ ڏنو آهي. سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هن تقريب جو اکين ڏٺو احوال لکڻو پوندو ۽ بعد ۾ هن تقريب جي نيوز (خبر) لکڻي پوندي. سندن لکيل ان خبر مان مقصد وارو نچوڙ ڪڍي، سندن اها خبر ميڊيا کي جاري ڪنداسون. هن چيو ته ميڊيا اسٽڊي شعبي ۾ اسان اهڙا ٻيا پروگرام به ڪرائينداسون، جنهن سان شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مشاهدو ۽ تجربو ٿيندو. پروفيسر بدر سومري چيو ته غلام عباس ڀنڀري جي شاعري، قومي عوامي ۽ تصوف جي فڪر واري شاعري آهي. نوجوانن کي اها شاعري پڙهڻ گهرجي. ڇو ته ڀنڀري صاحب جي شاعري بامقصد ۽ معنيٰ خيز آهي. جڏهن ته ”هڪ سج ٻه پاڇا“ ڪتاب تاريخي داستانن سان ڀريل آهي. مونکي پختو يقين آهي ته غلام عباس ڀنڀري جا لکيل هي داستان اڳتي هلي ملڪ جي تاريخ جو حصو بڻبا. مونکي اها به پڪ آهي ته اڳتي هلي هنن داستانن جو اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيندو.
    پروفيسر عبدالمجيد چانڊيي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ جي تاريخ اسان جي نصابي ڪتابن ۾ نٿي پڙهائي وڃي، ان لاءِ پرائمريءَ کان يونيورسٽي سطح تائين واري نصاب ۾ سنڌ جي تاريخ جا مضمون شامل ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته غلام عباس ڀنڀري جا ڪتاب آئون پڙهندو رهندو آهيان. مون کي پڪ آهي ته ڀنڀري صاحب جي ڪتابن سان سنڌي ادب ۾ واڌارو ايندو ۽ اِهي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ جو هڪ نئون باب بڻبا.
    تقريب کي پوپٽ پبلشنگ هائوس جي چيئرمين، قربان منگي، فائن آرٽ شعبي جي پروفيسر سعيد منگي، سنڌ جي مشهور ڏاهي سهيل سانگي، ناليواري شاعر امراقبال، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي پروفيسرڊاڪٽر مخمور بخاري، پروفيسر ڊاڪٽر بشير ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ٽيچرس ٽريننگ حيدرآباد غلام اصغر ميمڻ، فائن آرٽ شعبي جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر نعمت خلجي، پروفيسر ڊاڪٽر ايوب لغاري، پروفيسر غلام علي ٻرڙو، ڊاڪٽر شازيه شيخ، سراج احمد پنهور، لطيف گاد، مهراڻ يونيورسٽي جي انجنيئر منصور احمد ڀنڀرو، شاگردن وسيم ڀنڀرو، عباس ڀنڀرو، فرقان احمد ڀنڀرو ، مٽياريءَ جي ادب دوست نوجوان ممتاز علي عمراڻي ۽ يونيورسٽيءَ جي وڏي تعداد ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
    ڪتابن جي مهورت واري تقريب ختم ٿيڻ کانپوءِ پروفيسر بدر سومري تقريب ۾ آيل سمورن مهمان کي چانهه پياري. بعد ۾ آئون، قربان منگي ۽ امر اقبال ٿر جي دوري تي روانا ٿياسون. ٿر ڏانهن وڃڻ دؤران رستي ۾ ڄامشورو روڊ تي سوزڪي موٽرس جي شوروم ۾ محترم شمس الدين ڀنڀري وٽ چانهه پيتي سون. بعد ۾ ٿر جو سفر شروع ڪري، عمر ڪوٽ مان نوجوان انجنيئر علي حسن خاصخيلي کي پاڻ سان گڏ کنيوسون. سج اسان کي عمر ڪوٽ ۾ لهي ويو. رات جو نائين وڳي ڌاران مٺيءَ پهتاسون. جتي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (پرائمري) محترم نصير احمد جوڳيءَ جا اچي مهمان ٿياسون. محترم نصير احمد جوڳي خيرپور ضلعي جي تعلقي ٺري ميرواهه جو ويٺل آهي ۽ منهنجو پُراڻو واقفڪار آهي. پنهنجو سامان ان وٽ رکي گَڊي ڀِٽَ وياسون ۽ گَڊي ڀِٽَ تي بيهي مٺي شهر جو نظارو ڪيوسون. قربان منگي گڊي ڀِٽ جي دوري جا فوٽو فيس بوڪ تي رکيا. مِٺيءَ جي اديب محترم دولت رام کتريءَ ۽ سماج سڌارڪ اڳواڻ محترم ساجن چاري اُهي فوٽو ڏسي اسان سان رابطو ڪيو. اسان کين ٻڌايو ته اسان پنهنجي دوست محترم نصير جوڳيءَ وٽ رهيل آهيون. بعد ۾ اُهي محترم نصير جوڳيءَ جي جڳهه تي اچي اسان سان مليا. جڏهن ته مٺيءَ جا ادب دوست نوجوان انجنيئر وامن ڪمار ۽ آڪاش ميگهواڙ جيڪي ڪراچيءَ ويل هئا، انهن سوشل ميڊيا تي اسان جون تصويرون ڏسي فون تي ڳالهايو ۽ چيو ته اسان کي ٻڌائڻ کانسواءِ مٺيءَ آيا آهيو. اهو ڇا ڪيو اٿوَ؟ اسان مٺيءَ ۾ هجون ها ته اوهان جي خدمت ڪريون ها. مون کين اهو چئي ٿڌو ڪيو ته اسان جلد ٻيهر مٺيءَ اينداسون ۽ اوهان سان اچي ملنداسون. اُها رات اسان نصير جوڳيءَ وٽ رهي، صبح جو سوير اُٿي سماج سڌارڪ محترم ساجن چاري وٽ وياسون. جنهن اسان کي وڏي عزت ڏني. هن موقعي تي اسان سندس ناچاق ڀاءُ الهبچايو چارو جي عيادت پڻ ڪئي. اُتان اُٿي مشهور راڳي صادق فقير جي مزار تي آياسون ۽ سندس مغفرت لاءِ دُعا گهري سون. اُن کانپوءِ اسلام ڪوٽ جي صحافي عبدالغني بجير وٽ نيرن ڪئي سون، جتي اسلام ڪوٽ جي نوجوان سماج سڌارڪ شاهنواز خاصخيليءَ سان ملاقات ٿي. نيرن ڪرڻ کان پوءِ اسان ننگر پارڪر روانا ٿياسون. عبدالغني بجير ۽ شاهنواز خاصخيلي پنهنجي گاڏيءَ ۾ اسان سان گڏجي ٿر جي سفر جا ساٿي بڻيا.
    اسان ٿر ۾ داخل ٿيڻ سان سڀ کان پهريان گوڙي مندروياسون، جتي گوڙي مندر جي فقيرن ڀڳت هوٿيءَ ۽ ڀڳت منگل جي سُنگ کان ڀڳت ڪبير ۽ لطيف سائينءَ جا ڪلام ٻُڌاسون. گوڙي مندر پنج سؤ سال اڳ تعمير ٿيو هو. جيڪو جين ڌرم جو مندر آهي. هينئر اِهو مندر نهايت ڪمزور ۽ خراب حالت ۾ آهي. اُن جي اهڙي حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو. اُن کانپوءِ اسان ڀالوا وياسون ۽ اُتي مارئيءَ جو کوهه ڏٺوسون. مارئيءَ جي کوهه تي سڄي سنڌ جا ماڻهو اچن ٿا. کوهه جي آس پاس ڪافي ڳوٺ نظر آيا. ڳوٺاڻن کان پڇيوسون ته انهن ٻڌايو ته هتي ٻارن جي تعليم لاءِ ڪو به هاءِ اسڪول نه آهي ۽ وبائي بيمارين جي بچاءُ جو ڪو مؤثر بندوبست نه آهي. اُن کانپوءِ ننگر پارڪر وياسون، جتي محترم اشرف علي چاڪيءَ وٽ ماني کاڌي سون. محترم اشرف علي چاڪي، محترم نصير جوڳيءَ جو دوست آهي، جنهن کي نصير جوڳيءَ ننگر پارڪر پهچڻ تي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ ۽ ماني کارائڻ لاءِ چيو هو، جنهن اسان جو وڏو استقبال ڪيو ۽ مانجهاندي جا سهڻا انتظام ڪيا. اُتي اسان کي هڪ نوجوان اصغر ڪُنڀارُ مليو. اُن مون کي ڏسي چيو ته اوهان غلام عباس ڀنڀرا آهيو؟ اوهان جا ڪتاب آئون پڙهندو آهيان. ”ڪارونجهر تي مور نه آيا“ مون تفصيلي پڙهيو آهي. اسان جي هن علائقي جي حالتن جو تفصيلي ذڪر اٿس. اوهان ٿر اچو ٿا ۽ ٿر جي غريب ماڻهن جي مسئلن تي لکو ٿا، اسان جي لاءِ اها وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي.
    هتي هيءَ ڳالهه لکڻ آئون ضروري ٿو سمجهان ته ٻه سال اڳ به آئون محترم قربان منگي ۽ علامه حزب الله آءِ سومري کي وٺي ٿر آيو هوس. ٻن سالن دوران منهنجو ٿر جو هي ٻيو دورو هو. هي ٻيو دورو اُن لاءِ هو ته ڏسجي ته ٻن سالن دوران حڪومت ٿر جي ڏڪار سٽيل ماڻهن لاءِ ڪهڙيون نيون سهولتون مهيا ڪيون آهن. پر ٻن سالن کانپوءِ ٿر اچڻ تي ڏٺوسون ته ٿَــرُ اڃان وبائي بيمارين ۾ وڪوڙيل آهي. ڇاڇري، ڏاهلي، ننگرپارڪر ۽ ٿَرَ جي ٻين هنڌن تي اڻ ڳڻيا معصوم ٻارَ، عورتون ۽ سَوَن جي تعدادَ ۾ جانورَ ۽ پکي پکڻَ خطرناڪ وبائي بيمارين جو شڪار ٿي چڪا آهن. ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب ٻار ڪمزور ڄمن ٿا ۽ مري وڃن ٿا. حڪومت کي خاص طور تي ٿرپارڪر ضلعي جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ ماهر ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلڻ گهرجن. جيڪي سڀ کان پهريان اهو جائزو وٺن ته ڪهڙن علائقن ۾ ڪهڙيون وبائي بيماريون پکڙجن ٿيون، انهن بيمارين کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن. جنهن کانپوءِ حڪومت ماهر ڊاڪٽرن جي مشوري تحت قدم کڻي. جڏهن ته ٿر ۾ موت جي راڪاس کي انساني زندگين مٿان چنبا کوڙڻ کان اڳ ٿر ۾ بيمارين جي بچاءُ واري مهم هلائڻ گهرجي.... ته هتي ڳالهه پئي هلي اسان جي ٻيهر ٿر گهمڻ جي ته محترم اشرف علي چاڪيءَ وٽ مانجهاندو ڪرڻ کانپوءِ اسان ڪاسبو وياسون، جتي راما پير مندر ڏٺوسون. مندر جي آسپاس مسلمانن سان گڏ ميگهواڙ، ڪولهي ۽ هندو ڌرمَ جي ٻين ذاتين جا ماڻهو آباد آهن. راما پير مندر تي پيرو ميگهواڙ، ڀڳت اوپارام ۽ ڀڳت بالا رام سان ملاقات ٿي. انهن ٻڌايو ته غربت سبب هتان جا ٻار پڙهي نٿا سگهن. روزگار جا ذريعا گهٽ آهن. هتي جڏهن ٻاهريان ماڻهو تفريح ڪرڻ ايندا آهن ته اُهي غريب ماڻهن کي چند روپيا خرچيءَ طور ڏيئي ويندا آهن. پر اُن خرچيءَ مان غريبن جو گذر سفر ٿي نه سگهندو آهي. سڄو سال ڏاڍو ڏکيو ۽ بُکن ڪاٽڻ ۾ گذرندو آهي. هتي وڏا پهاڙ آهن، ڪارخانن ۾ ڪم ايندڙ مٽيريل جام آهي، حڪومت جيڪڏهن هن علائقي جي خوشحاليءَ جا منصوبا ٺاهي ته هن علائقي مان بُک ۽ بدحالي ختم ٿي سگهي ٿي.
    راما پير مندر کان واپسيءَ تي اسان گهٽياري ڊيم ڏٺوسون، جتي مِينهن جو پاڻي گڏ ٿيل هو، پر اُهو پاڻي خراب ٿي ويو هو ۽ بدبوءِ ڪري چڪو هو. جيڪو پيئڻ جي لائق نه هو. اُتي ڊيم جي آسپاس جي ماڻهن ٻڌايو ته ڊيم جو پاڻي خراب ٿي چڪو آهي. ڪافي جانور هن ڊيم جو پاڻي پيئڻ کانپوءِ مري ويا آهن. اُن کانپوءِ اسان ڪارونجهر جبل تي وڃي جبل جو نظارو ڪيوسون. ڏاڍو خوبصورت ۽ لطف اندوز نظارو هو، پر حڪومت ڪارونجهر جبل کي تفريحي ماڳ بنائڻ جا مناسب ۽ گهربل انتظام نه ڪيا آهن. حڪومت کي ڪارونجهر جبل کي تفريح جو مرڪز بنائڻ لاءِ مؤثر منصوبا ٺاهڻ گهرجن. ڪارونجهر جبل جيڪڏهن تفريحي مرڪز بڻجي ويو ته اهو جبل سنڌ جي جنت جو ڏيک ڏيندو. بعد ۾ اسان ڀوڏيسر مندر، ڀوڏيسر مسجد ۽ ڀوڏيسر ڊيم ڏسڻ وياسون. ڀوڏيسر مندر به گوڙي مندر وانگر جين ڌرم وارن جو مندر آهي پر هي مندر ڀڄي ڀُري ختم ٿي چڪو آهي ۽ نهايت ڪمزور ۽ خطري واري حالت ۾ آهي. اقليتي امور ۽ ثقافت واري کاتي کي تَحرُڪَ ۾ اچڻ گهرجي. جڏهن ته ڀوڏيسر مسجد به ڏاڍي ڪمزور حالت ۾ آهي. جنهن لاءِ اُتان جي ڪجهه ماڻهن ٻڌايو ته اسان پنهنجي وڏن کان ٻُڌو آهي ته اِها مسجد به اڄ کان پنج سؤ سال اڳ اسلامي جذبي سان سرشار محمود شاهه بيگڙي ٺهرائي هئي. ڀوڏيسر مسجد گهمڻ دوران اُتي مسجد تي سار سنڀال وارو ڪو به ماڻهو نظر نه آيو! جڏهن ته ڀوڏيسر مندر جي حالت خراب هجڻ سبب ماڻهو مندر ۾ عبادت ڪرڻ نه ٿا اچن. ڀوڏيسر مسجد ۽ ڀوڏيسر مندر ڀرسان ڀوڏيسر ڊيم به آهي. جنهن ۾ بارش جو پاڻي گڏ ٿيندو آهي. جيڪو چند ڏينهن نظر ايندو آهي. بعد ۾ بارشون ختم ٿيڻ کان پوءِ سڄو سال ڊيم ۾ پاڻي نه هوندو آهي. تنهنڪري حڪومت اهڙو بندوبست ڪري، جيئن ڀوڏيسر ڊيم سڄو سال پاڻيءَ سان ڀريل هجي. جنهن مان علائقي جي ماڻهن ۽ چوپائي مال جو سُک ٿئي.
    ڀوڏيسر مندر، ڀوڏيسر مسجد ۽ ڀوڏيسر ڊيم ڏسڻ کانپوءِ اسان محترم اشرف علي چاڪيءَ وٽ چانهه پي واپس ٿيا سون. اسلام ڪوٽ پهچي عبدالغني بجير ۽ شاهنواز خاصخيليءَ، محترم شهباز علي بجير جي ”ماشاءَ الله“ هوٽلَ تي چانهه پياري. بعد ۾ انهن کان موڪلايوسون. سج لهي چڪو هو. اسان اسلام ڪوٽ مان عمرڪوٽ روانا ٿياسون. انجنيئر علي حسن خاصخيليءَ کي عمرڪوٽ ۾ ڇڏيوسون. بعد ۾ اسان ڳوٺ صالح ڀنڀرو ۾ وڃي فقير مختيار ڀنڀرو وٽ رات رهياسون. اُتي اسان جي بزرگ شاعر محمد عباس ”ساٿي“ ڀنڀرو، انجنيئر غلام حيدر ڀنڀرو، عمران ڀنڀرو، عنايت ڀنڀرو، امام الدين ڀنڀرو، شهاب الدين ڀنڀرو، اظهر عباس ڀنڀرو ۽ ٻين سان ملاقات ٿي رات جي ماني فقير مختيار ڀنڀري کارائي ۽ صبح جو ناشتو به اُن ڪرايو.
    صبح جو ناشتو ڪرڻ کانپوءِ سامارو ڀرسان ڳوٺ بچل ڀنڀرو آياسون، جتي اسان جي علي نواز ڀنڀرو، محمد حيات ڀنڀرو، ثناءُالله خاصخيلي، امير بخش ڀنڀرو، الله بخش ڀنڀرو، محمد حسن ڀنڀرو، غلام رسول ڀنڀرو، غلام محمد ڀنڀرو، عبدالقادر ڀنڀرو، الهڏنو ڀنڀرو ۽ ٻين سان ملاقات ٿي. جتي چانهه پيئڻ دوران علائقي جي ماڻهن سان تعليم ۽ صحت متعلق ڳالهيون ٿيون. علائقي جي ماڻهن ٻڌايو ته هتي ويجهو ڪو به هاءِ اسڪول ۽ ڪا به اسپتال نه آهي. سامارو شهر ڪافي پري آهي. ٻار سامارو پڙهڻ ويندا آهن ۽ بيمار مريضن کي به سامارو کڻي ويندا آهيون. علائقي ۾ بنيادي سهولتون نه هجڻ سبب ڪافي تڪليفون ڏسڻيون پونديون آهن. بعد ۾ اسان ڳوٺ بچل ڀنڀرو جي دوستن کان موڪلائي ميرپور خاص آياسون. قربان منگيءَ کي ڪراچي وڃڻو هو. اُن کي ميرپور خاص جي بس ٽرمينل تان ڪوچ ۾ ويهاريوسون. جنهن کانپوءِ اسان ٽنڊو آدم آياسون. جتي حُر جماعت جي اڳواڻَ خميسي فقير جي وفات تي سندس پُٽ اعجاز ڀنڀرو سان تعزيت ڪئي سون. بعد ۾ اسان سانگهڙ مان ٿيندا، کينواريءَ آياسون. هي علائقو خيرپور ضلعي جو ريگستاني علائقو آهي. کينواريءَ ۾ محمد بچل ڀنڀري ۽ ٻين اسان جو استقبال ڪيو ۽ چانهه پياري. ان کانپوءِ اسان چونڊڪو ۾ اچي پيراڻو سائل ڀنڀرو جي چانهه پيتي سون. چونڊڪو ۾ اسان کي رات ٿي چڪي هئي. بعد ۾ اسان ناري ۽ ڪوٽڏجيءَ وارا ڪوههَ لتاڙيندا اچي خيرپور پهتاسون.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 831
    ڪتابن جو مشاهدو: 2076869
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 541619
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ