داستان چوٿون
[/b]
مان ”نرس لينڊ“ وڃي رهيو آهيان! ها! ان کي ”نرس لينڊ“ چوندا آهن!!! اوڏانهن وڃي رهيو آهيان. واپس ايندس ته گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو هوندو. اِهي لفظ حُرن جي روحاني پيشوا پير سيد شاهه مردان شاهه ثاني پير پاڳاري پنهنجي آخري پريس ڪانفرنس ۾ چيا، جيڪا هن ”ڪنگري هائوس“ ڪراچيءَ ۾ ڪئي. پريس ڪانفرنس جي ٻِن ڏينهن کان پوءِ پير سيد شاهه مردان شاهه ثاني ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ”نرس لينڊ“ هليا ويا. جتي هُو سوا مهيني تائين زير علاجَ رهيا. بعد ۾ 5 جنوري 2012ع تي کين لنڊن نيو ويو. جتي علاج دؤران 10 جنوريءَ تي کين دل جو دورو پيو، جنهن بعد هُو پاڻ پنڌُ ڪري اسپتال کان ٻاهر نه آيا، پر کين اسپتال مان کڻي واپس آندو ويو ته سنڌ سوڳوار بڻجي چڪي هئي. سنڌ جون سڙڪون سوڳوار هيون، رستن تي اُداسي ڇانيل هئي ۽ گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو هو. ماڻهن جا چهرا ۽ شڪليون بدلجي چڪيون هيون. حُر جماعت، عقيدتمند ۽ معتقد صدمي ۽ غم ۾ ورتل هئا، پير سيد شاهه مردان شاهه ثاني پريس ڪانفرنس ۾ ”نرس لينڊ“ وڃڻ کان پوءِ واپس موٽي اچڻ تي ”گهڻو ڪجهه“ بدلجي وڃڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن مان اڪثر ماڻهن ائين سمجهيو هوته سندس واپس اچڻ کان پوءِ سياسي ماحول بدلبو، حالتون بدلبيون، صورتحال بدلبي، خزائون بدلبيون، بدحالي بدلبي ۽ ڏڪار واريون حالتون خوشحاليءَ ۾ بدلبيون.... پر پير صاحب جي واپس اچڻ تي حُر جماعت ۽ سندس عقيدتمندن جا سمورا خواب ۽ جذبا مايوسيءَ ۾ بدلجي ويا. مون کي ائين پئي لڳو ته سانگهڙ، عمرڪوٽ، خيرپور ۽ پير جو ڳوٺ سميت سڄي سنڌ بدلجي چڪي آهي، ملڪ جي فضا بدلجي چڪي آهي، هوائون بدلجي چڪيون آهن، ماڻهن جون اُميدون بدلجي چڪيون آهن. مان پير ڳوٺ ۾ آهيان. درگاهه شريف جي مکيه دروازي جي سامهون بيٺو آهيان. سڏڪن ۽ صدمي سان ڀريل لفظ بارش بڻجي منهنجي مٿان وسي رهيا آهن. هزارين ماڻهو صدمي ۾ وڪوڙيل آهن، جيڪي اوڇنگارون ڏئي روئي رهيا آهن، سڀ ماڻهو چئي رهيا آهن ته پير پاڳارو اسان کي يتيم ڪري ويو. حُر جماعت جو چيف خليفو فقير قادر بخش مڱريو چئي رهيو هو، پير صاحب فيض جو درياهه هو، اُهو هليو ويو. هاڻي فيض ڪير ڏيندو؟ درگاهه تي گڏ ٿيل ماڻهن جي سمنڊ ۾ حُر جماعت سان گڏ هزارين غير جماعتي ماڻهو به شامل آهن، جيڪي دانهون ڪري چئي رهيا آهن ته پير صاحب حُر جماعت سان گڏ اسان کي به اڪيلو ڪري ويو. اسان اڪيلا ۽ يتيم ٿي ويا آهيون. ماڻهو چئي رهيا آهن، ته شرافت يتيم ٿي وئي، محبت يتيم ٿي وئي، سياست يتيم ٿي وئي. هاڻي سياستدان ڪنهن کان رهنمائي حاصل ڪندا، صحافين سان دل کولي ڪير ڳالهائيندو، مزاحيه ڳالهيون ڪير ڪندو ۽ سندن دل جون ڳالهيون ڪير ڪندو، سچ ڪير ڳالهائيندو ۽ پيشنگوئيون ڪير ڪندو؟ پير صاحب جو بزرگ خليفو پير بخش ڳاهو مون کي ڏسي منهنجي ويجهو آيو ۽ چيائين ته اسان کان سهارو کسجي ويو، اسان جي ڇَپَرَ ڇانوَ هلي وئي، اسان جو سڀ ڪجهه هليو ويو، اسان اڪيلا ۽ تنها ٿي ويا آهيون. فقير جان محمد مڱريو به پير صاحب جي وفات تي سخت پريشان ۽ مايوس هو. سندس حالت مان ائين پئي لڳو ته هُو صدمي ۾ ڪجهه ڪري نه ويهي. ساڻس گڏ پريشان حال فقير کيس تسلي ۽ آٿتُ ڏئي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته الله جي رضامنديءَ تي رضي رهڻو آهي. پر هُو چئي رهيو هو ته 83 سال وڏي عمر نه آهي. الله تعاليٰ پير صاحب اسان کان جلد کسي اسان کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. مان ڪافي دير کان پير صاحب جي وفات جي صدمي ۾ درگاهه جي مکيا (وڏي) گيٽ اڳيان بيٺو آهيان. منهنجي اڳيان گذرندڙ هر شخص پير سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جي فيض ۽ انسان دوستيءَ جون ڳالهيون ڪندي گذري رهيو آهي. هر ماڻهو اهو چوندو گذرندو وڃي ٿو ته پير صاحب صرف حُر جماعت لاءِ نه پر ملڪ جي روشن خيال ماڻهن جو محسن ۽ سندن پسند جو ماڻهو هو.
”نرس لينڊ“ وڃڻ کان اڳ 22 نومبر 2011ع تي صبح جو 10:00 وڳي ڌاري منهنجي پير صاحب سان ٽيلي فون تي آخري ڳالهه ٻولهه ٿي هُئي. اُهو ڏينهن سندس سالگرهه جو ڏينهن هو. مون سندن سالگرهه جي موقعي تي رنگين سووينئر شايع ڪيو هو ۽ سووينئر جون پنجاهه ڪاپيون کين ڪنگري هائوس ڪراچي موڪلي ڏنيون هيون. مون پير صاحب جو اُهو نمبر ڊائل ڪيو جيڪو هُو پاڻ کڻندا هئا. نمبر تي رِنگِ وڃڻ کان پوءِ پير صاحب فون کنيون. آواز آيو ”هلو“، مون کين ٻڌايو، قبلا! مان خيرپور مان غلام عباس ڀنڀرو ٿو ڳالهايان. اوهان کي سالگرهه مبارڪ ڏيڻ لاءِ فون ڪيو اٿم. ها! خير مبارڪ، تنهنجو سووينئر مون کي مليو آهي. سٺو ۽ يادگار سووينئر آهي. مون کي ڏاڍو وڻيو آهي. سٺو مواد ۽ يادگار تصويرون اٿس. سووينئر جون ڪاپيون ٿوريون موڪليون اٿئي، 50 ڪاپيون ٻيون به موڪلي ڏي. حاضر قبلا! پنجاهه ڪاپيون ٻيون به اچن ٿيون. اوهان سووينئر پسند ڪيو مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. مون ٽيليفون رکڻ کان پوءِ پير صاحب کي سالگرهه سووينئر جون وڌيڪ پنجاهه ڪاپيون ٽي سي ايس ذريعي ڪنگري هائوس ڪراچيءَ موڪلي ڏنيون. مون 22 نومبر تي سالگرهه واري ڏينهن پير صاحب سان ڳالهايو هو ته پير صاحب جن مون کي ڳالهائڻ ۾ هشاش بشاش ۽ ٺيڪ ٺاڪ لڳا هُئا، ڳالهائڻ جي لهجي مان مون کي ڪجهه به محسوس نه ٿيو ته ڪو پير صاحب جن طبيعت ۾ ٺيڪ نه آهن. ڇو ته مون سان معمول مطابق پنهنجائپ واري لهجي ۾ ڳالهايائون، بعد ۾ ٻن ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته پير صاحب جن پنهنجون ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ نرس لينڊ (آغا خان اسپتال) ۾ داخل ٿيا آهن. ٽيسٽون ڪرائڻ کان پوءِ جلد ڪنگري هائوس ايندا. پر نومبر مهيني جا آخري ڏينهن ۽ سڄو ڊسمبر مهينو جڏهن اسپتال ۾ داخل رهيا ته مون سميت سندن سمورن عقيدتمندن ۽ حُر جماعت جي ماڻهن ۾ تشويش پيدا ٿي. مان سندن عيادت لاءِ ڪراچيءَ ويس. اسپتال ۾ سندن وڏا صاحبزاده پير سيد صبغت الله شاهه (موجوده پير پاڳارا) ۽ ننڍا صاحبزاده پير صدر الدين شاهه موجود هئا. اُنهن سان ملاقات ٿي. سندن ڳالهين مان معلوم ٿيو ته ڊاڪٽرن پير صاحب کي علاج لاءِ لنڊن کڻي وڃڻ جي تجويز ڏني آهي. ڊاڪٽرن جي ان تجويز تحت پير صبغت الله شاهه (موجوده پير پاڳارا) ۽ سندن ننڍو ڀاءُ پير صدر الدين شاهه کين علاج لاءِ لنڊن کڻائي ويا. پير صاحب جن اسپتال ۾ هئا ته 10 جنوري 2012ع تي کين دل جو دؤرو پيو. جنهن سبب سندن روح پرواز ڪري ويو ۽ پير صاحب جن پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليا، بعد ۾ 12 جنوريءَ تي سندن جسد خاڪي لنڊن مان پير جو ڳوٺ آيو ۽ درگاهه شريف تي سندن تدفين ٿي. تدفين ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جا لکين مُريد ۽ عقيدتمند شريڪ ٿيا. درگاهه جي روايت مطابق تدفين کان ٿورو اڳ سندن وڏي صاحبزادي پير صبغت الله شاهه جي دستاربندي ٿي، دستاربنديءَ ۾ حُر جماعت جا خليفا، مختلف درگاهن جا گادي نشين، ملڪ جون بااثر شخصيتون، ڪيترين ئي برادرين جا سردار ۽ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ ٿيا.
پير سيد شاهه مردان شاهه ثاني وڏي ماڻهپي وارا ماڻهو هئا. سندن وڇوڙي تي مون سميت سڄي ملڪ جي انسان دوست اڳواڻن ۽ روشن خيال ماڻهن کي وڏو صدمو پهتو. پير صاحب 1988ع ۽ 1990ع وارين عام چونڊن ۾ به حصو ورتو هو. پير صاحب جن خيرپور واري قومي اسيمبليءَ جي سيٽ جا اُميدوار هئا. 1988ع واري اليڪشن مهم شروع ڪرڻ کان اڳ مون کي درگاهه شريف تي گهرايائون ۽ چيائون ته آئون اليڪشن مهم خيرپور شهر ۾ تو وٽ جلسو ڪري شروع ڪرڻ چاهيان ٿو. دوستن ٻڌايو آهي. ته غلام عباس ڀنڀري جي گهر اڳيان وڏو پارڪ آهي، جيڪو جلسي لاءِ بهتر رهندو. تنهن ڪري تون وڃي پاڻ وٽ جلسي جو بندوبست ڪر. پير صاحب جلسي لاءِ مون کي ٻن ڏينهن جو وَقتُ ڏنو. مون جلسي جو بندوبست پنهنجي گهر اڳيان ميونسپل جي نرسريءَ واري پارڪ ۾ ڪيو. جلسي ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا. پير صاحب جن جلسي ۾ ماڻهن جو وڏو هجوم ڏسي خوش ٿيا ۽ جلسي جي ڪاميابيءَ تي مون کي مبارڪ ڏني. بعد ۾ آئون اليڪشن جي سڄي ڪئمپين ۾ ساڻن گڏ رهيس. اليڪشن مهم دوران پير صاحب جن روزانو صبح جو 8:00 وڳي پيرڳوٺ جي صحافي محمد حيات جلاليءَ کي پاڻ سان کڻي مون وٽ خيرپور ايندا هئا، جتان آئون پير صاحب سان گڏجي انتخابي جلسن ۾ ويندو هوس. پير صاحب جي مقابلي ۾ پيپلز پارٽيءَ جو سيد پرويز علي شاهه جيلاني اُميدوار هو. جيڪو پير صاحب کان اليڪشن کٽي ويو. پير صاحب جن 1990ع وارين عام چونڊن ۾ به اُميدوار ٿيا. پيپلز پارٽيءَ جي اُميدوار سيد پرويز علي شاهه جيلانيءَ سان سندن ٻيهر مقابلو ٿيو. اهو مقابلو به پرويز علي شاهه کٽي ويو. پير صاحب سان اليڪشن لڙڻ جي ڪري پرويز علي شاهه کي بين الاقوامي سطح تي شُهرت ملي، پر پيپلز پارٽيءَ وارن سندس قدرنه ڪيو ۽ کيس گهربل عزت نه ڏني. جنهن سبب کيس وڏي مايوسي ٿي ۽ هُو پيپلز پارٽي ڇڏي ويو ! پيپلز پارٽي ڇڏڻ کان پوءِ ٻي اليڪشن ۾ هُنَ ڪوٽڏيجي واري صوبائي سيٽ تي آزاد اُميدوار جي حيثيت ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اُميدوار منظور حسين وساڻ سان مقابلو ڪيو، جنهن ۾ هُو هارائي ويو.... ته ڳالهه پئي ڪئي سون پير سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جي سياسي بصيرت، ڏاهپ ۽ سندن قرب جي قصن جي، ته پير صاحب وڏو قربائتو ۽ مڻيادار ماڻهو هو. پير صاحب جو جنم 22 نومبر 1928ع تي سندن والد محترم شهيد پير صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جي گهر ۾ ٿيو. سندن والد محترم جن ان وقت انگريز سامراج خلاف جهاد ڪرڻ جي تيارين ۾ هئا. تياريون مڪمل ڪري سورهيه بادشاهه انگريزن خلاف تاريخي جهاد ڪيو. انگريزن خلاف جهاد لاءِ پير صاحب سانگهڙ ضلعي کي ويڙهه جو مرڪز بڻايو. حُرن پاران انگريز سامراج خلاف گوريلا ويڙهه وڙهڻ ۽ انگريزن لاءِ ڌرتي ٽامون ڪرڻ تي انگريزن سورهيه بادشاهه کي گرفتار ڪري 20 مارچ 1943ع تي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ڦاسي ڏني. جڏهن ته ڦاسيءَ تي چاڙهڻ کان پوءِ انگريزن پير صاحب جو جسد خاڪي سندن وارثن کي نه ڏنو.سورهيه بادشاهه کي ڦاسي ڏئي شهيد ڪرڻ کان پوءِ چالاڪ انگريزن سندن صاحبزادن پير سيد شاهه مردان شاهه ثاني ۽ پير سيد نادر علي شاهه کي جلاوطن ڪري لنڊن کڻي ويا. سورهيه بادشاهه کي ڦاسي ڏئي کين شهيد ڪرڻ ۽ سندن صاحبزادن پير سيد شاهه مردان شاهه ۽ پير سيد نادر علي شاهه کي جلاوطن ڪرڻ باوجود حُر مجاهد ثابت قدم رهيا ۽ گوريلا جنگ بند نه ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ انگريز سامراج جا هِن ڌرتيءَ تان پير پٽجي ويا. جنهن کان پوءِ 1951ع ۾ پير سيد شاهه مردان شاهه ۽ سندن ننڍي ڀاءُ سيد نادر علي شاهه جي جلاوطني ختم ڪري کين وطن اچڻ جي اجازت ڏني وئي. ٻنهي ڀائرن جي وطن اچڻ تي، وڏي ڀاءُ سيد شاهه مردان شاهه جي 14 سالن جي عمر ۾ درگاهه شريف جي ستين پير پاڳاري جي حيثيت ۾ دستاربندي ڪئي وئي. سيد شاهه مردان شاهه درگاهه شريف پير جو ڳوٺ جو سجاده نشين بڻجڻ کان پوءِ حُر جماعت کي منظم ۽ متحد ڪيو، جڏهن ته ملڪي حالتن ڏانهن به ڀرپور توجهه ڏنو. سندن حب الوطنيءَ واري جذبي جي ڪري کين سڄي ملڪ ۾ وڏي عزت، شهرت ۽ قومي اڳواڻ طور سڃاڻپ ملي. اڳتي هلي 1965ع ۽ 1971ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٻه جنگيون لڳيون. سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ اُنهن ٻنهي جنگين ۾ پنهنجا هزارين حُر مجاهد پاڪستان جي سرحدن تي موڪليا ۽ پاڻ به سرحدن تي وڃي حُر فورس جي اڳواڻي ۽ رهنمائي ڪئي. ٻنهي جنگين دوران حُر فورس پاڪ فوج سان گڏجي ڀارت جا ڪيترائي علائقا فتح ڪيا. شاهه ڳڙهه ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تي پاڪستان جو قومي جهنڊو چاڙهيو. جڏهن ته سيد شاهه مردان شاهه قومي سياست ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. 1977ع وارين عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف جيڪا تحريڪ هلي، اُن ۾ پير صاحب سرگرميءَ سان حصو ورتو ۽ تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي. جنهن تي کين گرفتار ڪري راولپنڊيءَ جي هڪ هوٽل ۾ نظربند ڪيو ويو. پير صاحب جي نظر بنديءَ تي سنڌ ۾ وڏي شورش ٿي. حُر جماعت احتجاج ڪيو. محترم ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو وزير اعظم هو. اُن حُر جماعت ۾ پکڙيل تاءَ ۽ ڪاوڙ کي محسوس ڪري پير صاحب جي نظر بندي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته ڊگهين هڙتالن ۽ لڳاتار احتجاجن سبب جنرل ضياءُ الحق ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي، محترم ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي. بعد ۾ 1985ع ۾ جنرل ضياءُ الحق غير جماعتي چونڊون ڪرايون. انهن چونڊن جو پيپلز پارٽيءَ بائيڪاٽ ڪيو ۽ چونڊن ۾ حصو نه ورتو، جنهن سبب سنڌ ۾ پير صاحب جا وڏي تعداد ۾ اُميدوار ڪامياب ٿيا. بعد ۾ سينيٽ جي چونڊن ۾ پير صاحب پاڻ به حصو ورتو ۽ سينيٽر چونڊيا. سياست ۾ سرگرم هئڻ سبب پير صاحب شاهه مردان شاهه پاڪستان مسلم ليگ جي نالي سان پنهنجي الڳ پارٽي ٺاهي. جنهن کي اليڪشن ڪميشن وٽ رجسٽرڊ ڪرايو ۽ پارٽيءَ کي فنڪشنل ڪيو، جنهن سبب سندن پارٽيءَ تي ”فنڪشنل مسلم ليگ“ جو نالو پئجي ويو.
پير صاحب وڏا محب وطن، خدا ترس، انسان دوست، روشن خيال ۽ ماڻهپي وارا ماڻهو هئا. پير صاحب جن جڏهن به حُر جماعت کي روحاني خطاب ڪندا هُئا ته مريدن کي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۽ ٻارن جون ننڍيءَ عمر ۾ شاديون نه ڪرائڻ جون هدايتون ڏيندا هُئا. پير صاحب جو ديني تعليم ڏانهن به وڏو توجهه هو. پاڻ سنڌ ۾ هڪ سؤ کان وڌيڪ مدرسا قائم ڪيائون، جيڪي اڃان تائين درگاهه جي سرپرستيءَ ۾ هلن ٿا. پيرَڳوٺ واري ”جامعا راشديا لائيبرري“ جو بنياد به پاڻ رکيائون، جنهن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ديني سياسي ۽ معلوماتي ڪتاب موجود آهن. ملڪ جا سوين نوجوان جامعا راشديا لائيبرريءَ جي ڪتابن جي مدد سان سي ايس ايس جا امتحان پاس ڪري چُڪا آهن ۽ پي ايڇ ڊي ۽ ٻيون ڊگريون حاصل ڪري چڪا آهن. پير صاحب وڏا نبض شناس ۽ فلڪيات جا ماهر هئا. سندن پيشنگوئيون سڄي ملڪ ۾ مشهور آهن. پاڻ جيڪا پيشنگوئي ڪندا هئا، اُها اڪثر طور تي پوري ٿيندي هئي. پير صاحب جن چوندا هئا ته هُو حالتون ڏسي پيشنگوئيون ڪندا آهن. سچ ڳالهائڻ سندن خمير ۽ مزاج ۾ شامل هو. گهوڙا پالڻ، گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا ڪرائڻ ۽ لغڙ اُڏائڻ سندن ذاتي وندر ۽ تفريح هئي. گهوڙن جي ڊوڙ وارن مقابلن ۾ اڪثر طور تي سندن گهوڙا ڊوڙ کٽي ايندا هئا.
سيد شاهه مردان شاهه عظيم انسان، عظيم اڳواڻ ۽ محبوب صفت روحاني پيشوا هئا. سندن خدمتون ۽ يادون تاريخ جو هڪ مڪمل بابُ بڻجي چڪيون آهن، جيڪي صدين تائين ياد رکيون وينديون. پير صاحب شاهه مردان شاهه جن مون کي گهڻو ڀائيندا ۽ وڏي عزت ڏيندا هئا، سندن وفات تي مون کي وڏي پريشاني ۽ طبيعت ۾ بيچيني پيدا ٿي. پير صاحب جن مون کي الهامي ۽ آفاقي ماڻهو لڳندا هئا. سندن هيءَ فاني دُنيا ڇڏڻ کانپوءِ، سندن محبتون ياد اچڻ تي آئون پنهنجي هيءَ وائي بار بار ورجائيندو رهندو آهيان:
پرين ڪالهه وِيڙا،
اسان هِتِ اَڪيلا.
ويا ڏئي وِڇوڙو،
چِڪي چاڪَ پيڙا.
اسان هِتِ اَڪيلا.
وِسامي ويا ڄَڻُ،
ڏِياٽيون ۽ ڏيئڙا.
اسان هِتِ اَڪيلا.
عَباسڻَ پرين مُون،
جڏهن ڏُور ٿيڙا.
اسان هِتِ اَڪيلا.
*