داستان ٽيون
[/b]
ماڻهوءَ جي سڄي حياتي هلچل ۾ گذري ٿي. اُها هلچل پڙهائيءَ لاءِ هجي، ڪاروبار لاءِ هجي، بيورو ڪريٽ، ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان يا ملڪ جي حاڪم بڻجڻ لاءِ هجي، اُهو سڀ ڪجهه هلچل هلائڻ سان ملي ٿو. مون پنهنجي هلچل صحافي ۽ ليکڪ بڻجڻ لاءِ هلائي. اُن لاءِ مون ماضي ۽ حال جي وڏن شاعرن ۽ ليکڪن جي علمي ۽ ادبي خدمتن متعلق ڇپيل ڪتابن جو مطالعو ڪيو ته معلوم ٿيو ته علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏيڻ وارن ڪيترن ئي دانشورن وڏا سياسي، حڪومتي ۽ انتظامي عهدا ماڻيا ۽ معاشري ۾ وڏي عزت حاصل ڪئي. سائين جي ايم سيد وڏو ڏاهو ۽ وڏي هلچل هلائڻ وارو ماڻهو هو، اُهو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير بڻيو، جنهن سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جي آزاديءَ جي قرار داد منظور ڪرائي ۽ پاڪستان جي آزاديءَ واري هلچل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ محترم جي ايم سيد سنڌ جي روشن مستقبل ۽ دائمي خوشحاليءَ جي لاءِ ڊگهي هلچل هلائي. سائين جي ايم سيد قومي جاڳرتا ۽ روشن خيالي پکيڙڻ لاءِ ڪيترائي اهم ڪتاب لکيا. جڏهن تي سنڌ جي خاتون دانشور ميڊم حميده کهڙو سنڌ جي تعليم کاتي جي نگران وزارت ماڻي. ميڊم حميده کهڙو سنڌ جي روشن خيال خاتون هئي. اُها سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڪيترائي سڌارا آڻڻ جي خواهشمند هئي، پر اُن کي ايترو وقت نه مليو. شيخ اياز جي عظمت ۽ سندس ڏات کان سنڌ جو هر پڙهيو لکيو ماڻهو واقف آهي. شيخ اياز وڏو شاعر ۽ وڏو قانوندان هو، جنهن سبب سندس محترم ذوالفقار علي ڀُٽي سان ويجهڙائپ ٿي. ڀٽو صاحب ملڪ جو وزير اعظم بڻيو ته اُن شيخ اياز کي سنڌ جي مادر علمي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بڻايو. شيخ اياز سان منهنجي واقفيت 1967ع ۾ ٿي هئي، جڏهن مون
عطا حسين شاهه موسوي ڪاليج روهڙيءَ ۾ يارهين جماعت ۾ داخلا ورتي هُئي. جوانيءَ واري عمر ۾ شاعري ڪرڻ ۽ مضمون لکڻ سبب آئون محترم شيخ اياز سان سندس ڪوئنس روڊ سکر جي وڪالت واري آفيس ۾ ملڻ ويندو هوس. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ننڍو ڀاءُ ارشاد پارس عباسي ۽ باشعور نوجوان نبي بخش کوسو به شيخ اياز سان سندس آفيس ۾ ملڻ ايندا هئا. انهن سان به شيخ اياز جي آفيس ۾ منهنجي واقفيت ٿي. شيخ اياز وٽ روزمره جي ملاقاتن جي ڪري ارشاد پارس عباسي ۽ نبي بخش کوسو منهنجا دوست بڻجي ويا. شيخ اياز سنڌ جو مقبول شاعر ۽ مصروف وڪيل هو. پڙهيا لکيا ماڻهو حيرت ۾ هوندا هئا ته شيخ اياز مصروف وڪيل آهي، اُهو شاعريءَ لاءِ ايترو وقت ڪيئن ٿو ڪڍي!!!
1960ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ ون يونٽ ٽوڙ، سنڌي ٻولي قومي ٻولي ۽ ٻيون تحريڪون هليون. سنڌ جا اڪثر نوجوان انهن تحريڪن ۾ شيخ اياز جي انقلابي شاعري پڙهندا هئا ۽ جلسن ۾ ”سنڌ جو آواز شيخ اياز“ جا نعرا هڻندا هئا. سکر، شڪارپور ۽ خيرپور سميت سڄي سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي ڀتين تي به ”سنڌ جو آواز شيخ اياز“ جا نعرا لکيل هوندا هئا.
شيخ اياز جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بڻيو ته خيرپور جي ڳوٺ ڦُنداڻيءَ جو هڪ نوجوان محمد رفيق ولد علي حسن سولنگي مون وٽ آيو. چيائين ته مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي جيالاجي شعبي ۾ داخلا وٺڻي آهي، خبر پئي آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر شيخ اياز اوهان جو واقف آهي. اُن ڏي هلو ۽ مون کي جيالاجيءَ ۾ داخلا وٺي ڏيو. آئون اُن نوجوان سان گڏجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ويس، وائيس چانسلر جي آفيس ڏانهن ويندي رستي ۾ نوجوانن جو جلوس شيخ اياز خلاف نعرا هڻندي گذريو. جڏهن ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي عمارتن جي ڀتين تي ”شيخ اياز نه کپي“ جا نعرا لکيل هئا. شيخ اياز خلاف نوجوانن جو جلوس ۽ يونيورسٽيءَ جي ڀتين تي سندس خلاف لکيل نعرا ڏسي وڏي تشويش ٿي. اسان وائيس چانسلر جي آفيس پهچي ملاقاتين واري ڪمري ۾ ويٺاسون، مون شيخ اياز ڏانهن ملاقات لاءِ چِٽِ موڪلي. چِٽِ ملڻ کان پوءِ شيخ اياز مون کي جلدي پاڻ وٽ سڏايو ۽ ملڻ سان چيائين ته ”سنڌ جو آواز شيخ اياز“ جا نعرا هڻندڙن کي ”شيخ اياز نه کپي“ جا نعرا هڻندي ڏٺئي؟ هائو! انهن جو جلوس ڏسندو ۽ نعرا ٻڌندو ٿو اچان. مون چيو. پرآئون ته ”سنڌ جو آواز شيخ اياز“ جا نعرا هڻندڙن کي سندن نعرن جو عيوضو ڏيڻ، سندن حوصلا مضبوط ڪرڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ آيو آهيان. شيخ اياز چيو. شيخ اياز اِهو به چيو ته ”شيخ اياز نه کپي“ جا نعرا هڻندڙن ڏانهن مون هي پيغام موڪلي کين واضح ڪيو آهي ته :
توکي ڪهڙي ڪَلَ
جيءَ اَچي نَه جَهلَ
مون کان سنڌ نه وسري.
الله کين ڪا ساڃاهه ۽ سمجهه ڏئي. اوهان ڪيئن آيا آهيو؟ حال احوال ڏيو.
مون کيس چيو ته سج ٻه پاڇا هوندو آهي. اوهان يونيورسٽي هلايو. نوجوان سمجهن ٿا ته ڀُٽي صاحب اوهان کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڪري موڪليو آهي، اُن تي کين ناراضگي ٿي هوندي، اڳتي هلي پاڻهي ٿڌا ٿي ويندا. اِهي لفظ چئي مون کيس محمد رفيق سولنگيءَ جي جيالاجيءَ واري شعبي ۾ داخلا وٺڻ واري درخواست ڏني. درخواست وٺڻ کان پوءِ شيخ اياز جيالاجي شعبي جي چيئرمين کي گهرايو ۽ کيس محمد رفيق سولنگيءَ جي داخلا واري درخواست ڏني. چيئرمين صاحب مون ڏانهن ڏِٺو ۽ چيائين ته جيالاجي شعبي جون داخلائون پوريون ٿي ويون آهن. هاڻي وڌيڪ ڪنهن داخلا جي گنجائش نه آهي. اُن تي شيخ اياز چيئرمين کان درخواست وٺي، اُن تي محمد رفيق کي اسپيشل ڪيس ۾ داخلا ڏيڻ جو حڪم لکيو، جنهن کان پوءِ رفيق سولنگيءَ کي اسپيشل ڪيس تحت داخلا ملي وئي. شيخ اياز کان اڳ سنڌ جو مشهور ڏاهو ۽ ناليوارو ليکڪ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بڻيو. جڏهن ته محترم حميد سنڌي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر ٿيو. ناليوارو شاعر فتاح ملڪ سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل ٿيو. مشهور شاعر عبدالڪريم پَلِي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. روزانه ”آفتاب“ اخبار جو ايڊيٽر شيخ علي محمد سينيٽر ٿيو. روزانه ”عبرت“ جو چيف ايڊيٽر قاضي عبدالمجيد عابد قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ وفاقي وزير ٿيو. مشهور صحافي نجم سيٺي پنجاب جو نگران وڏو وزير بڻيو. جڏهن ته ادب ۽ صحافت ۾ پير حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، عطا محمد ڀنڀرو، نسيم احمد کرل، استاد بخاري، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، غلام اصغر ونڊير، پروفيسر عطا محمد حامي، ابراهيم منشي، نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، نور عباسي، پروانو ڀٽي، مولانا محمد صادق راڻيپوري ۽ ٻين ڪيترن ئي ليکڪن کي ادب ۽ صحافت جي هلچل ۾ وڏي شهرت ملي.
آئون پنهنجي زندگيءَ جي هلچل جو هڪ يادگار قصو هِن طرح لکندس ته جنرل ضياءُ الحق ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي، ملڪ جو صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيڻ کان پوءِ جڏهن سکر آيو ته منهنجي ساڻس ملاقات ٿي. جنرل ضياءُ الحق سان منهنجي اُها ملاقات اردو زبان جي وڏي ليکڪ ۽ جنرل ضياءُ الحق جي اُن وقت جي اسپيچ رائيٽر ميجر صديق سالڪ ڪرائي هئي. ميجر صديق سالڪ سان منهنجي واقفيت سنڌ جي اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽر مسٽر اين. اي منگيءَ ڪرائي هُئي. ميجر صديق سالڪ، منگي صاحب جو پُراڻو دوست هو، جيڪو بعد ۾ منهنجو به دوست ٿي ويو. ميجر صديق سالڪ آرمي آفيسر هُئڻ سان گڏ وڏو ليکڪُ به هو جنهن ”میں نے ڈھاکا ڈوبتے دیکھا“ ۽ ٻيا ڪافي ڪِتابَ لکيا هُئا. جنرل ضياءَ الحق سان مُلاقات ۾ مون کيس پنهنجي ڳوٺ بچل ڀنڀرو جو روڊ ٺهرائي ڏيڻ لاءِ چيو. سنڌ جو اُن وقت جو گورنر ليفٽننٽ جنرل ايس ايم عباسي سندس ڀر ۾ ويٺو هو. جنرل ضياءُ الحق اُن ڏانهن ڏسي کيس روڊ ٺهرائڻ جو حڪم ڏنو. سنڌ جو چيف سيڪريٽري، روڊس کاتي جو سيڪريٽري ۽ سنڌ جا ٻيا وڏا آفيسر جنرل ضياءُ الحق جي دؤري دؤران سندس هدايتون ۽ فيصلا نوٽ ڪرڻ لاءِ سکر آيل هئا. آئون جنرل ضياءُ الحق سان ملاقات کان پوءِ جڏهن ٻاهر آيس ته گورنر جنرل ايس ايم عباسيءَ چيف سيڪريٽري ۽ روڊس کاتي جي سيڪريٽريءَ کي مون سان ملڻ لاءِ چيو ۽ کين روڊ ڪٿان کان ڪيستائين ٺهندو، اُن جا تفصيل لکڻ جو حڪم ڏنو. مون چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري روڊس کي هڱورجا کان ڏيپارجا وايا ڳوٺ بچل ڀنڀرو تائين 6 ڪلو ميٽر روڊ ٺاهي ڏيڻ جا تفصيل لکي ڏنا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ روڊس کاتي وارا منهنجي ڳوٺ بچل ڀنڀرو آيا ۽ روڊ جي سروي ڪري ويا. روڊ جي سروي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت روڊ جي منظوري ڏني ۽ روڊ جي تعمير جو ٽينڊر ۽ ٺيڪو ٿيو. پر علائقي جي وڏيرن کي روڊ جو اُهو رُوٽُ نه وڻيو ۽ اُهي منظور ٿيل روڊ جو رُوٽُ بدلائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا. روڊ جو رُوٽُ بدلائڻ واري ٽولي جي سرپرستي علائقي جي وڏيرن سان گڏ ڪجهه وڪيل ڪري رهيا هئا. انهن روڊ جي تعمير بند ڪرائڻ لاءِ ڪورٽ کان اسٽي آرڊر به ورتو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي روڊس کاتي جو وزير سيد نظر حسين شاهه (نواب شاهه وارو) هو، جنهن لاءِ خبر پئي ته اُهو سائين جي ايم سيد جو معتقد آهي. سائين جي ايم سيد انهن ڏينهن ۾ پنهنجي ڳوٺ سَنَ واري بنگلي ۾ نظر بند هو. منهنجو سؤٽ محترم عطا محمد ڀنڀرو سائين
جي ايم سيد ڏانهن سَن ويو ۽ اُن کان روڊس واري وزير سيد نظر حسين شاهه لاءِ چِٺي وٺي آيو. سائين جي ايم سيد اُن چِٺيءَ ۾ سيد نظر شاهه کي لکيو ته حڪومت هي روڊ جيئن منظور ڪيو آهي، اِيئن ئي ٺهڻ گهرجي ۽ ڪورٽ جيڪو هن روڊ تي اسٽي آرڊر ڏنو آهي، اوهان سرڪاري اثر و رسوخ هلائي ۽ قانوني پُورائو ڪري، اُهو اسٽي آرڊر ختم ڪرايو. عطا محمد صاحب اُهو خط کڻي اچي سيد نظر شاهه صاحب کي ڏنو، جيڪو پنهنجي ڳوٺ نواب شاهه آيل هو. سيد نظر شاهه، سائين جي ايم سيد جو خط پڙهي، اُن کي اکين تي رکيو ۽ پنهنجي پرائيويٽ سيڪريٽريءَ کي گهرائي اُن کي چيائين ته هي خط منهنجي ذاتي فائيل ۾ رکو ۽ روڊس جي سيڪريٽريءَ جو فون ملائي ڏيو. سائين نظر شاهه جي پرائيويٽ سيڪريٽريءَ روڊس کاتي جي سيڪريٽريءَ کي فون ڪري کيس لائين تي آندو، جنهن کي سيد نظر شاهه حڪم ڏنو ته بچل ڀنڀرو روڊ منظور ٿيو آهي، اُن کي منظور ٿيل پِلان مطابق ٺاهيو وڃي ۽ ڪورٽ کي مطمئن ڪري اسٽي آرڊر ختم ڪرايو وڃي ۽ روڊ جي تعمير جو ڪم تڪڙو هلائي روڊ ٺاهيو وڃي. جنرل ضياءُ الحق جي دؤر ۾ مير رسول بخش ٽالپر سنڌ جو سينيئر وزير هو. اُن سان منهنجي ڪافي ويجهڙائپ هئي. روڊ جي تعمير جي ڦَڏي دؤران اُهو منهنجي دعوت تي ڳوٺ آيو. ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس پي سميت ضلعي جا سڀ آفيسر سندس پروٽوڪول ۾ ساڻس گڏ هئا. مير رسول بخش ٽالپر جي منهنجي ڳوٺ اچڻ تي وڏو جلسو ٿيو. جلسي ۾ علائقي جا هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا. مير صاحب جلسي ۾ ماڻهن جو وڏو هجوم ڏسي خوش ٿيو. جلسي ۾ پهريان مون تقرير ڪئي، بعد ۾ مون ئي مير صاحب کي خطاب لاءِ سڏيو. مير صاحب دل کولي تقرير ڪئي. تقرير دؤران هِن ڊپٽي ڪمشنر ۽ روڊس کاتي جي آفيسرن کي حڪم ڏنو ته لينڊ اڪيوزيشن کاتي سان تڪڙي لک پڙهه هلائي روڊ ۾ ڪم ايندڙ زمين جي مالڪن کي تڪڙو معاوضو ڏياريو ۽ ڪورٽ کي زمين اَڪوائِر ڪرڻ جا ڪاغذ ڏيئي اسٽي آرڊر ختم ڪرائي فوري طور تي روڊ ٺهرايو. بعد ۾ ڪورٽ جو اسٽي آرڊر ختم ٿيڻ کان پوءِ روڊ ٺهي ويو. روڊ ٺهڻ تي علائقي جا 99 سيڪڙو ماڻهو خوش ٿيا.
اهڙي طرح زندگيءَ جي هلچل دؤران مون ڪيترائي يادگار قصا قلم بند ڪيا آهن. حياتيءَ جي هلچل جاري رهي ته انهن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي ڪيترا ئي لڪل ۽ حيرت انگيز داستان ظاهر ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيون ايندس. هِن مضمون ۾ آئون ٻن اهم شخصيتن محترم رئيس حاڪم علي زرداري ۽ سندس صاحبزادي محترم آصف علي زرداريءَ سان ملاقات جو ذڪر هن طرح ڪندس ته آئون ڪراچيءَ جي آواري ٽاوَر هوٽل ۾ روزانه ”جنگ“ اخبار جي نمائندن جي ڪانفرنس ۾ ويٺو هوس. ڪانفرنس جو ميزبان ڪراچيءَ جو سخي ۽ مشهور سماج سڌارڪ اڳواڻ محترم خليل احمد نيني تال والا هو. روزانه ”جنگ“ جو ان وقت جو ايڊيٽر محترم محمود شام ڪانفرنس جي صدارت ڪري رهيو هو. روزانه ”جنگ“ جا سڄيءَ سنڌ جا نمائندا ۽ اخبار جي ايڊيٽوريل اسٽاف جا ڪجهه صاحب به ڪانفرنس ۾ آيل هئا. ڪانفرنس ۾ مون سميت ڪافي دوست ڪانفرنس جي ايجنڊا تي ڳالهائي چڪا هئا. اسٽيج سيڪريٽري واري واري سان ڪانفرنس ۾ آيل دوستن کي تقرير لاءِ سڏي رهيو هو ۽ هڪ دوست اسٽيج تي ڳالهائي رهيو هو ته منهنجي موبائيل فون جي گهنٽي وڳي. مون موبائيل فون ڏانهن ڏٺو ته محترم غلام فاروق ڀنڀري جو فون هو. غلام فاروق ڀنڀرو پيپلز پارٽيءَ جو جيالو ۽ ڀنڀرا برادريءَ جو سرگرم اڳواڻ آهي. سندس والد محترم الهڏتو ڀنڀرو به برادريءَ ۾ گهڻو سرگرم هوندو هو. الهڏتو ڀنڀرو وڏو ماڻهپي وارو، انسان دوست ۽ دوستن کي وقت تي ڪم اچڻ وارو ماڻهو هو. غلام فاروق جو فون کنيم. ”السلام عليڪم“ جو آواز آيو. سندس سلام جو جواب ڏيڻ کان پوءِ فاروق پڇيو ته ڪٿي آيو؟ ٻڌو اٿم ته ڪراچيءَ آيل آهيو. هائو! آواري ٽاوَر هوٽل ۾ روزانه ”جنگ“ جي ڪانفرنس ۾ آيل آهيان. مون وراڻيو. ڪهڙي وقت فارغ ٿيندئو؟ فاروق پڇيو. مان ڪانفرنس ۾ ڳالهائي چڪو آهيان. اوهان لاءِ فارغ آهيان.مون کيس چيو. ته پوءِ ڪٿي ٿا ملو؟ فاروقَ پُڇيو. فاروق جي ڳالهه ٻڌي مون کيس چيو ته آئون ڪينٽ اسٽيشن تي ”موناليزا“ هوٽل ۾ رهيل آهيان. اڌ ڪلاڪ رکي اوهان ”موناليزا“ تي اچو. اِهو چئي مان محترم محمود شام کي تڪڙي ڪم لاءِ شهر وڃڻ جي ڳالهه ڪري، کانئس موڪل وٺي ڪانفرنس مان نڪري ”موناليزا“ تي آيس، ته فاروق صاحب به اُتي اچي پهتو. ٻڌايائين ته رئيس حاڪم علي زرداريءَ جي ڪورٽ جي حڪم تي نظربندي ختم ٿي آهي. حڪومت ڪافي عرصو اڳ رئيس حاڪم علي زرداري ۽ سندس پٽ محترم آصف علي زرداريءَ کي گرفتار ڪيو هو. ٻنهي پيءُ پٽن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ رئيس حاڪم علي زرداريءَ کي سندس گهر ۾ نظربند ڪيو ويو، جڏهن ته آصف علي زرداريءَ مٿان ڪيترائي ڪيس مڙهي، کيس جيل موڪليو ويو. رئيس حاڪم علي زرداريءَ پنهنجي نظربنديءَ واري آرڊر خلاف ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي، جنهن تي ڪورٽ رئيس حاڪم علي زرداريءَ جي نطربندي ختم ڪري، کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن تي رئيس حاڪم علي زرداريءَ جي نظربندي ختم ڪئي وئي. غلام فاروق ڀنڀرو مون وٽ آيو ۽ چيائين ته محترم حاڪم علي زرداريءَ جي ڪورٽ جي حڪم تي نظربندي ختم ٿي آهي، ان سان ملاقات ڪرڻ لاءِ نڪتو آهيان، اوهان به هلو ته ساڻس گڏجي ملاقات ڪريون ۽ ساڻس ڏک سُورَ اوريون. مون غلام فاروق کان پڇيو ته رئيس حاڪم علي زرداريءَ سان ملاقات ڪيئن ٿيندي؟ مون سان هڪ دوست علي جاگيراڻي وڪيل به گڏ آهي. اهو ڪٿي آهي؟ ڀلي اُن کي به وٺي هلو. غلام فاروق چيو. علي جاگيراڻي وڪيل، غلام فاروق ڀنڀري جي ”موناليزا“ هوٽل تي اچڻ کان ٿورو اڳ هوٽل تان هيٺ لهي ويو هو، اُن کي فون ڪري گهرايم ۽ فاروق ڀنڀري سان گڏجي هلي محترم حاڪم علي زرداريءَ جي ڪلفٽن واري رهائش گاهه تي پهتاسون. فاروق صاحب مون کي ۽ علي جاگيراڻيءَ کي محترم حاڪم علي زرداريءَ جي بنگلي ۾ اندر وٺي هليو. سياري جا ڏينهن هئا. محترم حاڪم علي زرداري پنهنجي بنگلي جي ورانڊي ۾ ڪجهه دوستن سان ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو. اسان کي ڏسي اُٿي بيٺو، عزت سان مليو ۽ خوش خير عافيت ڪيائين. منهنجي ۽ علي جاگيراڻيءَ جي محترم حاڪم علي زرداريءَ سان پهرين ملاقات هئي. فاروق صاحب منهنجو ۽ علي جاگيراڻيءَ جو ساڻس تعارف ڪرايو. تعارف پورو ٿيڻ کان پوءِ محترم حاڪم علي زرداريءَ مون ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين ته اوهان جو ڪافي نالو ٻڌو اٿم. فاروق جي مهرباني جو اوهان کي مون وٽ وٺي آيو آهي. اوهان سان ملي خوشي ٿي آهي. بعد ۾ فاروق ڀنڀري ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته آئون ڪافي وقت نظربند هوس. منهنجو پٽ آصف 11 سالن کان جيل ۾ آهي. آصف جڏهن جيل کان ٻاهر هو ته وٽس ماڻهن جو هجوم لڳل هوندو هو ۽ ڪيترائي سندس دوست پاڻُ وَڻائڻَ لاءِ سندس اڳيان بيٺا هوندا هئا، جيڪي ساڻس وفادار رهڻ جون وڏيون دعوائون ڪندا هئا پر اُهي هاڻي ساڻس جيل تي ملاقات ڪرڻ به نه ٿا وڃن. آئون به جيترو وقت نظربند هوس ته مون وارا يار به پاسيرا ٿي ويا! فاروق ڀنڀري کي شابس آهي، جيڪو نظربنديءَ دؤران مون وٽ ايندو هو ۽ آصف سان به جيل ۾ ملڻ وڃي ٿو. وڏو وفادار ۽ ڏکئي وقت ۾ نڀائڻ وارو ماڻهو آهي. محترم حاڪم علي زرداريءَ سان ٻه ڪلاڪ کن ڪچهري ٿي. ڪچهريءَ دؤران هُو بار بار چوندو رهيو ته الله تعاليٰ آصف کي اصلي، نقلي ۽ منافق ماڻهن جي سُڃاڻ جي ساڃاهه ڏيندو، ڇو ته آصف جڏهن جيل کان ٻاهر ايندو ۽ پارٽيءَ جي قيادت اچي سنڀاليندو ته ڏکئي وقت ۾ ڇڏي ويل سندس دوست وٽس اچي حاضر ٿيندا ۽ خوشامد ڪرڻ ۾ لڳي ويندا. الله اهڙن دوستن کان پناهه ۾ رکي. بعد ۾ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ محترم آصف علي زرداري 11 سال قيد ڪاٽي آزاد ٿيو ته ”بلاول هائوس“ ۾ وڏي رش ٿي وئي. اُنهن دوستن جون به ”بلاول هائوس“ ۾ قطارون لڳي ويون، جيڪي سندس 11 سالن جي قيد دؤران لڪي، ڀڄي ۽ پاسيرا ٿي ويا هئا.
آصف علي زرادريءَ جي جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ محترم غلام فاروق ڀنڀري مون کي فون ڪيو ۽ ٻڌايو ته محترم آصف علي زرداري جيل کان ٻاهر اچي ويو آهي، آئون چاهيان ٿو ته اوهان جي محترم آصف علي زرداريءَ سان ملاقات ڪرايان. اوهان ڪٿي آهيو؟ آئون اتفاق سان ٻه ڏينهن اڳ ڪنهن ڪم سانگي ڪراچيءَ آيل هوس. مون فاروق کي چيو ته آئون ڪراچيءَ جي صدر واري ”جبيس“ هوٽل ۾ رهيل آهيان. فاروق چيو ته آئون ”جبيس“ هوٽل تي اچان ٿو. ڪلاڪ مُني ۾ فاروق آيو. اسان ٻارهين وڳي ڌاران ”بلاول هائوس“ آياسون. فاروق جو ”بلاول هائوس“ گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. سيڪورٽيءَ وارا ۽ هائوس جو ٻيو عملو کيس ويجهو کان سڃاڻندو هو. وڏي رش جي باوجود اسان سولائيءَ سان ”بلاول هائوس“ ۾ اندر داخل ٿي وياسون. آصف علي زرداري ملاقاتين سان ملڻ لاءِ اڃان ٻاهر نه آيو هو. سنڌ جا اڪثر وڏا وڏيرا ۽ سردار آصف علي زرداريءَ جي ملاقات جي انتظار ۾ ويٺا هئا. فاروق سياڻپ ڪئي. آصف علي زرداري جنهن دروازي کان ٻاهر اچڻو هو، مون کي اُتي وٺي هلي ويهاريائين ۽ پاڻ پنڊال ۾ گهمندو ۽ آصف علي زرداريءَ سان ملڻ لاءِ آيل ماڻهن سان ملندو رهيو. هڪ وڳي ڌاري آصف علي زرداري ٻاهر آيو ته پنڊال ۾ ويٺل سڀ ماڻهو اٿي بيٺا ۽ ساڻس ملڻ لاءِ ويجها ٿيندا ويا، ۽ کيس چوڌاري وڪوڙي ويا. فاروق مون کي آصف علي زرداريءَ سان جلدي ملائڻ لاءِ جنهن جڳهه تي ويهاريو هو، آصف علي زرداري اُتان گذرندي مون سان هٿ ملايو. فاروق ڀنڀري مون سان ملڻ دؤران منهنجو ساڻس تعارف ڪرايو. جنهن تي آصف زرداريءَ مون سان ٻيهر هٿ ملايو ۽ چيو ته 11 سال قيد ڪاٽي ٻاهر آيو آهيان، ثابت قدم رهڻ لاءِ اڳتي به دُعا ڪجو. ”بلاول هائوس“ ۾ سنڌ جي وڏيرن جو هجوم ڏسي، مون کي سندس والد محترم حاڪم علي زرداريءَ جا آصف علي زرداريءَ لاءِ دُعا وارا اُهي لفظ ياد اچي ويا ته الله تعاليٰ آصف کي اصلي، نقلي ۽ منافق ماڻهن جي سڃاڻ جي ساڃاهه ڏيندو ۽ ڏکئي وقت ۾ ساٿُ ڇڏي ويندڙن جي دوستيءَ کان پناهه ۾ رکندو.