داستان پهريون
[/b]
8 جنوري 1975ع جو ڏينهن هو، آئون شام جو 3:00 وڳي ڌاري پريس ڪلب خيرپور ۾ ويٺو هوس ته پيپلز پارٽي ضلعي خيرپور جي صدر ۽ ناليواري وڪيل محترم غلام رسول صديقيءَ جو ماڻهو مون وٽ آيو، چيائين ته صديقي صاحب اوهان لاءِ نياپو ڏنو آهي ته اڄ شام جو 7:00 وڳي منهنجي مال روڊ جي وڪالت واري آفيس ۾ اچو، ميٽنگ ڪرڻي آهي. خيرپور وارو اِهو پريس ڪلب، سنڌ جي اُنَ وقت جي وڏي وزير محترم رئيس غلام مصطفيٰ جتوئيءَ ڏنو هو. جتوئي صاحب سنڌ جو وڏو وزير بڻجڻ کان پوءِ جڏهن پهريون ڀيرو خيرپور جي دؤري تي آيو ته مان ۽ منهنجو صحافي دوست محترم شاهنواز حيدري، سرڪٽ هائوس ۾ ساڻس ملڻ وياسون. جتوئي صاحب اسان کي فوري طور تي ملاقات لاءِ گهرايو. اُن ملاقات ۾ مون کيس چيو ته خيرپور ۾ پريس ڪلب نه آهي، پريس ڪلب لاءِ جڳهه ڏيو ته پريس ڪلب کوليون. جتوئي صاحب سان ملاقات دؤران خيرپور جو ڊپٽي ڪمشنر به موجود هو، جتوئي صاحب اُن ڏانهن ڏٺو ۽ کيس چيو ته صحافين کي پريس ڪلب لاءِ جڳهه ڏيو.اُن تي ڊي سي صاحب چيو ته ڪا جڳهه خالي هُجي ته صحافي ٻڌائن ته اُها کين ڏئي ڇڏينداسون. مون کيس ٻڌايو ته سرڪٽ هائوس ٻاهران انفارميشن آفيس جي ڀر ۾ هڪ جڳهه سالن کان بند پئي آهي. اُها جڳهه اسان جي حوالي ڪيو، جيڪا پريس ڪلب لاءِ موزون رهندي. جنهن تي محترم غلام مصطفيٰ جتوئيءَ ڊپٽي ڪمشنر کي حڪم ڏنو ته اوهان صحافين سان گڏجي وڃو ۽ اُها بند پيل جڳهه کولي، منهنجي هتي موجودگيءَ تائين صحافين جي حوالي ڪري اچو. ڊپٽي ڪمشنر وڏي وزير جي حڪم تي اسان سان گڏجي هليو ۽ اُن بند پيل جڳهه جا تالا ٽوڙائي اُها جڳهه اسان جي حوالي ڪئي. بعد ۾ اسان سرڪٽ هائوس ۾ وڃي جتوئي صاحب سان ٻيهر ملياسون ۽ پريس ڪلب لاءِ جڳهه ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃياسون.
ٻئي ڏينهن ڊي سي صاحب پاران کولي ڏنل اُن جڳهه جي وڃي صفائي ڪرائي سون. جڳهه جي اندران سالن جو ڄارو چڙهيل هو ۽ سڄي جڳهه ڀوت بنگلو بڻيل هئي. اسان فوري طور تي جڳهه جو رنگ ڪرايو، انهن ڏينهن ۾ جڳهه جو رنگ ڪرائڻ تي اسان جا هڪ سؤ روپيه خرچ ٿيا. بعد ۾ آئون محترم شاهنواز حيدريءَ کي ساڻ ڪري سکر وٺي ويس، اُتان مون 9 سو روپين جو فرنيچر خريد ڪيو. 5 روپين ۾ ڪُرسي ۽ 10 روپين ۾ ٽيبل ملي. فرنيچر جي ٽرڪ ڀري خيرپور کڻي آياسون ته سڄو پريس ڪلب فرنيچر سان ڀرجي ويو.
شروعات ۾ اُن پريس ڪلب ۾ شاهنواز حيدري ۽ آئون صرف ٻه ڄڻا ويهندا هئاسون. اُنهن ڏينهن ۾ اڪبر زيدي هنڱورجا وارو ۽ ابراهيم عباسي کهڙن وارو به خيرپور ۾ صحافت ڪندا هئا. ابراهيم عباسي صحافت ڪرڻ سان گڏ خيرپور ۾ دوڪان به هلائيندو هو ۽ پريس ڪلب ۾ گهٽ ايندو هو. جڏهن ته اڪبر زيدي پنج گولي واري چؤڪ تي هڪ ننڍي دوڪان ۾ ويهندو هو ۽ اُن دوڪان تي پريس ڪلب جو بورڊ هڻي ڇڏيو هُئائين. اُهو به پريس ڪلب ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو. شاهنواز حيدري دل جو سخي ماڻهو هو، چيائين ته وزير اعليٰ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کان پريس ڪلب اوهان ورتو آهي. پاڻ في الحال صرف ٻه ڄڻا آهيون ــ وڏي ڳالهه ته ٻئي ڄڻا روزانه ”عبرت“ جا نمائندا هئاسون. روزانه ”عبرت“ انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي وڏي اخبار هئي. شاهنواز حيدريءَ ”عبرت“ اخبار ۾ منهنجي پريس ڪلب خيرپور جو باني صدر چونڊجڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي لاءِ باني جنرل سيڪريٽري جي عهدي جو اعلان ڪيائين. بعد ۾ اسان اڪبر زيديءَ جو پنج گولي وارو دوڪان بند ڪرائي کيس پريس ڪلب وٺي آياسون. اُهو دؤر هڪٻئي سان نڀائڻ جو دؤر هو. ڪنهن به ڪنهن سان ليکو نه پئي ڪيو. اڪبر زيدي، اي پي پي جو نمائندو هو. اُن خيرپور ۾ صحافت دوران جيڪو وقت گذاريو اسان سان گڏ رهيو، ڪڏهن به ڪنهن عهدي جي لالچ نه ڪيائين. پريس ڪلب کي شاهنواز حيدري ۽ آئون ٻه ڄڻا هلائيندا هئاسون. شاهنواز حيدري سچو ۽ نيڪ نيت ماڻهو هو، اُن ڪڏهن به پريس ڪلب جي صدر ٿيڻ جي لالچ نه ڪئي. چوندو هو ته اسان فقير ماڻهو آهيون، اسان کي نڀائي هلڻو آهي. اُن هوندي به مون کيس 4 ڀيرا زوريءَ پريس ڪلب جو صدر بڻايو. انهن ڏينهن ۾ ڪنهن به سرڪاري اداري پاران پريس ڪلب کي امداد نه ملندي هئي. پريس ڪلب جو خرچ پنهنجي کيسي مان هلائيندا هئاسون. بعد ۾ شيخ علي محمد ”عبرت“ اخبار ڇڏي روزانه ”هلال پاڪستان“ ۾ هليو ويو ۽ ”هلال پاڪستان“ اخبار جو ايڊيٽر بڻيو ته اُهو مون کي به ”هلال پاڪستان“ ۾ وٺي ويو ۽ مون کي خيرپور ۾ نمائندو مقرر ڪيائين. اُن کان پوءِ شيخ علي محمد صاحب پنهنجي اخبار روزانه ”آفتاب“ حيدرآباد مان گول بلڊنگ وٽان جاري ڪئي ته مون کي خيرپور ۾ روزانه ”آفتاب“ جو نمائندو ڪري رکيائين. روزانه ”آفتاب“ جو نمائندو ۽ خابرُو هئڻ دؤران مان روزانه ”آفتاب“ ۾ ”ڳالهين تي ڳالهيون“ جي عنوان سان روزانو مزاحيه ڪالم به لکندو رهيس، بعد ۾ شيخ علي محمد جي وفات کان پوءِ آئون اردو صحافت ۾ هليو ويس ۽ روزانه ”نواءِ وقت“ جي نمائندگي ورتي. روزانه ”نواءِ واقت“ ۾ نمائندگي ڪرڻ دؤران اخبار کي خبرون موڪلڻ سان گڏ تحقيقي اسٽوريون به موڪليندو رهيس. منهنجون تحقيقي اسٽوريون اڪثر طور تي اخبار جي سُپر لِيڊِ بڻجنديون رهيون، جنهن سبب اردو صحافت ۾ منهنجي هاڪ هلي وئي. انهن ڏينهن ۾ ”نواءِ وقت“ ڪراچيءَ مان تازو جاري ٿي هئي. ”نواءِ وقت“ ڪراچي جي اُن وقت جي انتظاميا پاران اخبار مٿان ڀرپور توجهه ڏيڻ سبب ٿوري ئي عرصي ۾ ”نواءِ وقت“ جي سنڌ ۾ سرڪيوليشن ڪافي وڌي وئي ۽ سنڌ ۾ روزانه ”جنگ“ کان پوءِ ٻئي نمبر تي روزانه ”نواءِ وقت“ پڙهجڻ لڳي. جڏهن ته مون ”نواءِ وقت“ ۾ تحقيقي اسٽوريون لکڻ جو سلسلو جاري رکيو. انهن ڏينهن ۾ اردو صحافت ۾ روزانه ”نواءِ وقت“ جو مقابلو روزانه ”جنگ“ سان هو. روزانه ”جنگ“ جي اُن وقت جي ايڊيٽر اِنچيف محترم مير خليل الرحمان منهنجون ”نواءِ وقت“ ۾ تحقيقي اسٽوريون پڙهي روزانه ”جنگ“ جي حيدرآباد جي اُن وقت جي سول ايجنٽ (سليمان برادرس) جي معرفت مون ڏانهن ساڻس ملڻ جو نياپو موڪليو، نياپو ملڻ کان پوءِ آئون محترم مير خليل الرحمان سان ملڻ لاءِ روزانه ”جنگ“ ڪراچي جي دفتر ۾ ساڻس ملڻ ويس ته مير صاحب وڏي عزت ڏني ۽ روايتي خلوص سان آدر ڀاءُ ڪيو. ملاقات ۽ ڳالهين دؤران مير صاحب مون کي مخاطب ٿي چيو ته اوهان سٺو ٿا لکو اوهان جون لکڻيون ۽ تحقيقي اسٽوريون مون کي پسند آهن. منهنجي خواهش آهي ته اوهان روزانه ”جنگ“ جوائن ڪيو ۽ پنهنجون لکڻيون ”جنگ“ کي موڪليو. محترم مير خليل الرحمان صاحب جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ مون سندس خواهش مطابق روزانه ”جنگ“ جوائن ڪئي ۽ خيرپور ۾ ”جنگ“ جو نمائندو ٿي ويس. بعد ۾ جڏهن جنگ گروپ ”جيو نيوز“ جي نشريات شروع ڪئي ته جنگ گروپ جي پاليسيءَ تحت آئون خيرپور ۾ ”جيو نيوز“ جو به نمائندو ٿي ويس. جنگ گروپ ۾ ڪم ڪندي مون کي لڳ ڀڳ ٽيهه سال ٿي ويا آهن ۽ آئون اڃان تائين جنگ گروپ سان سلهاڙيل آهيان.... ته هاڻي اچئون ٿا محترم غلام رسول صديقيءَ جي نياپي واريءَ ڳالهه تي، ته شام جو 7:00 وڳي آئون محترم غلام رسول صديقيءَ جي وڪالت واري آفيس ۾ ويس ته سنڌ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار ۽ ڪچي جو بااثر زميندار محترم نسيم احمد کرل مون کان اڳ صديقي صاحب وٽ ويٺو هو. جنهن کي بعد ۾ 14 جولاءِ 1978ع تي سندس ڪچي واري ڳوٺَ ڀرسان ٻَنيءَ واري اوطاق تي سُتي پئي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. واقعي کانپوءِ وارثن سندس جسد خاڪي خيرپور کڻي اچي شهر ۾ دفنايو، ڇو ته نسيم احمد کرل پنهنجي حياتيءَ جو وڏو عرصو خاندانَ سميت خيرپور شهرَ ۾ گذاريو هو. سندس مزار درگاهه شهيد بادشاهه ڀرسان شهرَ جي جادو شاهه قبرستانَ ۾ آهي. صديقي صاحبَ وٽ هُو مون کان ٻه اڍائي منٽَ اڳ آيو هُيو. صديقي صاحب اُنَ سان خير عافيت ڪري چڪو هو. آئون صديقي صاحب ۽ نسيم احمد کرل سان ملي ڪُرسيءَ تي ويٺس ته صديقي صاحب پنهنجي مُلازمَ کي سڏيو ۽ کيس چانهه کڻي اچڻ لاءِ چيو. غلام رسول صديقي ٻهراڙيءَ جي ”گڏيجي“ ڳوٺ جو ويٺل هو. وڪالت واري ڊگري پاس ڪري 1945ع ۾ گڏيجيءَ مان خيرپور ۾ آيو ۽ وڪالت شروع ڪيائين. اُهو خيرپور رياست جو دؤر هيو. چون ٿا ته اُن دؤر ۾ صديقي صاحب سميت صرف 10 وڪيل رياست جي عدالتن ۾ وڪالت ڪندا هئا. صديقي صاحب خيرپور رياست جي آخري اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ بعد ۾ رياست جي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر ٿيو. جڏهن ته 1964ع ۾ فيلڊ مارشل جنرل محمد ايوب خان جڏهن بنيادي جمهوريت جي نظام جو بنياد وڌو، ته صديقي صاحب يونين ڪائونسل گڏيجيءَ جو چيئرمين چونڊيو. بعد ۾ محترم ذوالفقار علي ڀُٽي جڏهن پيپلز پارٽي ٺاهي ته اُن محترم صديقي صاحب کي پيپلز پارٽي ضلعي خيرپور جو صدر مقرر ڪيو، جيڪو 22 نومبر 1984ع جي وفات واري ڏينهن تائين پارٽيءَ جو ضلعي صدر رهيو. ڀُٽي صاحب 1970ع واري ڏهاڪي ۾ محترم غلام رسول صديقيءَ کي سينيٽر به چونڊرايو. صديقي صاحب هر دل عزيز ۽ وڏو اوطاقي مڙس هو. سندس اوطاق تي ماڻهن جا ميلا لڳل هوندا هئا. ٻهراڙيءَ جا اڪثر ماڻهو، جيڪي ڪورٽن ۾ ڪيسن جي شنواين يا ٻين ڪمن سانگي خيرپور ايندا هئا ۽ انهن کي رات خيرپور ۾ پئجي ويندي هئي، ته اُهي صديقي صاحب وٽ اچي رهندا هئا. جڏهن ته ڪيترا ماڻهو صبح جو ناشتو ۽ مانجهاندو به صديقي صاحب وٽ ڪندا هئا. صديقي صاحب ۽ محترم نسيم احمد کرل، مون سان خُوش خير عافيت ڪئي، ايستائين چانهه به اچي وئي.
چانهه پيتي سون ته صديقي صاحبُ مون سان مخاطب ٿيو ۽ چيائين ته جنهن مقصد لاءِ اوهان کي آڻايو اٿم، اُن باري ۾ محترم نسيم احمد کرل ۽ آئون پاڻ ۾ ٻه ٽي دفعا گڏجاڻيون ڪري چڪا آهيون. اسان ٻنهي متفق ٿي اوهان سان هيءَ گڏجاڻي رکي آهي. اوهان ۽ اسان ٽئي ڄڻا ٻهراڙيءَ جا آهيون. هتي 1965ع ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج قائم ٿيو هو. هاڻي تازو سپريئر سائنس ڪاليج به قائم ٿيو آهي. جڏهن ته هِتي ممتاز ڪاليج به آهي پر ٻهراڙيءَ جا جيڪي غريب شاگرد خيرپور شهر جي تعليمي ادارن ۾ پڙهڻ اچن ٿا، انهن سان رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو مسئلو آهي. اسان ٻُڌو آهي ته اوهان ڪافي شاگردن کي پاڻ وٽ رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جي سهولت ڏني آهي. اسان وٽ ٻهراڙيءَ جا ڪافي غريب شاگرد اچن ٿا، اُهي رهائش لاءِ گهڻو پريشان هوندا آهن. اسان انهن غريب شاگردن کي اوهان ڏانهن موڪليون ته اوهان وٽ وڌيڪ ڪيترن شاگردن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ٿي سگهندو، جڏهن ته الله تعاليٰ اوهان کي ڪافي ٻَني ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. ثواب ۽ نيڪيءَ جو ڪم آهي. صديقي صاحب جي ڳالهه ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مون کيس چيو ته مون وٽ ٻهراڙيءَ جي مختلف ڳوٺن جا 11 غريب ٻار رهن ٿا. مون انهن کي مفت رهائش ۽ کاڌخوراڪ جي سهولت ڏني آهي. اوهان وٽ جيڪي غريب ٻار اچن ٿا، انهن کي ڀلي مون ڏانهن موڪليو. مون وٽ جيتري گنجائش هوندي انهن سڀني ٻارن کي مفت رهائش ۽ کاڌخوراڪ ملندي. محترم صديقي صاحب ۽ محترم نسيم احمد کرل منهنجي ڳالهه ٻڌي خوش ٿيا ۽ چيائون ته رَبُ سائين اوهان کي وڌيڪ جَجَهو ۽ گَنجُ ڏيندو. ٻئي ڏينهن محترم نسيم احمد کرل دادو ضلعي جي هڪ ٻارَ محمد صادق عباسيءَ کي مون ڏانهن موڪليو، جيڪو دادوءَ مان سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ پڙهڻ آيو هو. مون اُن کي پاڻ وٽ رهائش ڏني، بعد ۾ صديقي صاحب ۽ کرل صاحب مون وٽ رهائش لاءِ غريبن جا ٻار موڪليندا رهندا هئا. انهن ڏينهن ۾ منهنجي رهائش فيض آباد ڪالونيءَ جي هڪ سرڪاري بنگلي ۾ هئي. اُهو بنگلو منهنجي سؤٽ محترم ممتاز حسين ڀنڀري الاٽ ڪرايو هيو. محترم ممتاز حسين ڀنڀرو زراعت کاتي جو آفيسر هو، جنهن کي سرڪاري گاڏي مليل هئي ۽ هُو اُن گاڏيءَ ۾ خيرپور مان روز ڳوٺ موٽي ويندو هو. سندس جڳهه غريب ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ منهنجي حوالي هوندي هئي. ممتاز صاحب ڪڏهن ڪڏهن سندس نالي الاٽ ٿيل جڳهه ۾ايندو هو ته پنهنجي جڳهه ۾ غريب ٻارن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو ۽ کين خرچي به ڏيئي ويندو هو.فيض آباد ڪالونيءَ واري اُها جڳهه 1978ع تائين اسان وٽ رهي. بعد ۾ مون شهر جي ٻُٽڙو محلي ۾ مسواڙ تي اچي جڳهه ورتي، اُن جڳهه ۾ به غريب ٻارن کي رهائش ۽ کاڌخوراڪ جي سهولت ڏني.
بعد ۾ 1984ع ۾ ميونسپل ڪميٽي خيرپور جي چيئرمين خليفي عبدالمجيد شيخ مون کي ميرواهه ڪئنال جي ڀر ۾ پلاٽ الاٽ ڪري ڏنو، جتي مون پنهنجي جڳهه ٺهرائي. اُتي به هاڻي تائين غريب ٻارن کي رهائش ۽ کاڌخوراڪ ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.
ميرواهه ڪينال ڪِناري جڳهه ٺهرائڻ کان پوءِ، حضرت پير سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جن 1990ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ، جڏهن پهريون ڀيرو مون وٽ ميرواهه ڪينال واري رهائشگاهه تي دُعا جا پير گهمائڻ آيا، ته ميرواهه ڪينال جو بند ڪچو ڏسي تعجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون ته هي سهڻو واهُه وچ شهر مان گذري ٿو، اُن جو بند پڪو ڇو نه ٿيو آهي! جڏهن ته هن شهر جو قائم علي شاهه صاحب ڪافي وقت سنڌ جو وڏو وزير رهيو، اُن پنهنجي شهر جي هن خوبصورت واهه جي ڪچي بند مٿان پڪو روڊ ڇو ڪو نه ٺهرايو!!! هاڻي اِهو ڪچو بَندُ اسان پڪو ڪرائينداسون. پير صاحب پاران ميرواهه ڪينال جي ڪچي بند کي پڪو ڪرڻ واري ڳالهه ڪري وڃڻ جي چند ڏينهن کان پوءِ روڊس کاتي وارا آيا، روڊ جي سروي ڪري ويا، روڊ جي سروي ڪرڻ وارن روڊس کاتي جي ملازمن ٻڌايو ته پير صاحب پاڳاري جو زور آهي ته ميرواهه ڪينال جو ڪچو بند جلد کان جلد پڪو ٿئي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ ميرواهه ڪينال جي ڪچي بند مٿان پڪو روڊ ٺاهڻ جو ٽينڊر ۽ ٺيڪو ٿيو ۽ پير سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جي دُعائن سان ميرواهه ڪينال جي ڪچي بند مٿان پڪو روڊ ٺهي ويو. ميرواهه ڪينال جي ڪچي بند مٿان روڊ ٺهڻ کان پوءِ روڊ ڪناري ڪيتريون ئي خوبصورت عمارتون ۽ وڏا ڪاروباري مرڪز ٺهي ويا آهن....