آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اسان هِتِ اڪيلا

هن ڪتاب ۾ ٻهراڙيءَ جي غريب شاگردن کي خيرپور ۾ رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جي سهولت ڏيڻ، خيرپور شهر مان گذرندڙ ميرواهه ڪينال جي ڪچي بند مٿان پڪو روڊ ٺهڻ، ڏهه مهينا ڏهه ڏينهنَ جي جيل ياترا، رئيس حاڪم علي زرداري، آصف علي زرداري ۽ شيخ اياز سان ملاقاتن ۽ مير رسول بخش ٽالپر جو ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ عام جلسو، پير سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جي ”نرس لينڊ“ وڃڻ، واپس اچڻ تي گهڻو ڪجهه بدلجي وڃڻ ۽ سنڌ سوڳوار ٿيڻ، 31 آڪٽوبر 2015ع تي مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي واري ڏينهن خيرپور جي ڳوٺ وريو واهڻ ۾ حُر جماعت جي يارهن ڄڻن جي مارجي وڃڻ، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي ٻن ڪتابن ”هڪ دؤر جو پورو سفر“ ۽ ”هڪ سج ٻه پاڇا“ جي مهورت، ٿر گهمڻ ۽ ٻيون ڪيتريون يادگار ڳالهيون ۽ تاريخي داستان شامل آهن.
Title Cover of book اسان هِتِ اڪيلا

داستان ٻيو

[b]ڏهه مهينا ڏهه ڏينهن جيل ياترا جو قصو
[/b]
1989ع ۾ محترما بي نظير ڀٽو پاڪستان جي وزير اعظم هئي ۽ سيد قائم علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير هو. سندس دؤر ۾ سائين جي ايم سيد، محمد بن قاسم پارڪ سکر ۾ جلسو ڪرڻ آيو هو. جي ايم سيد صاحب ڪراچي ايئرپورٽ تان هوائي جهاز ۾ چڙهي سکر ايئرپورٽ تي لٿو هو، پر هُو اڃان ڪراچيءَ ۾ هو ۽ جهاز ۾ سوار ئي نه ٿيو هو ته هڪ ننڍي عمر جي نابالغ ذهن ڇوڪري، سکر ايئرپورٽ جي عمارت تي چڙهي عمارت تان قومي جهنڊو لاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ايئرپورٽ جي سيڪورٽي عملي ۽ پوليس اهلڪارن ڀڄائي ڪڍيو. پوليس وارا ان کي پڪڙڻ لاءِ سندس پويان به پيا، پر هُو سيد جي استقبال لاءِ آيل ماڻهن جي هجوم ۾ داخل ٿي غائب ٿي ويو ۽ پڪڙجڻ کان بچي ويو.
ننڍيءَ عمر جي نابالغ ذهن واري اُنَ ڇوڪَـرَ پاران ايئرپورٽ جي عمارت تي چڙهي قومي جهنڊو لاهڻ واري وقت، آئون ايئرپورٽ تي موجود نه هوس، پر واقعي جي معلومات وٺڻ تي خبر پئي ته ننڍيءَ عمر واري ڇوڪري جي اُنَ ڇوڪراڻي حرڪت ڪرڻ کان اٽڪل ٽي ڪلاڪ پوءِ، محترم جي ايم سيد جو ڪراچيءَ کان اُڏاڻل جهاز سکر ايئرپورٽ تي لٿو، بعد ۾ سيد جا ڪارڪُن کيس وڏي جلوس ۾ محمد بن قاسم پارڪ وٺي آيا، جتي آئون به سيد صاحب جو جلسو ڏسڻ ۽ سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ ويو هوس. سياستدانن جا جلسا ڏسڻ، سندن تقريرون ٻڌڻ، مشاعرن، ادبي ۽ سماجي ميڙاڪن ۾ وڃڻ جو شوق مون کي جوانيءَ کان هو. مون محترم ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ پير سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جا گهڻي کان گهڻا جلسا ڏٺا. مون محترم ذوالفقار علي ڀُٽي جو مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي ميزبانيءَ ۾ ڪرايل، هالا وارو ڪنوينشن به ڏٺو. مون فيلڊ مارشل جنرل محمد ايوب خان جي دور ۾ ڀُٽي صاحب جو حيدرآباد ۾ مير رسول بخش ٽالپر جي ڦليلي باغ وارو تاريخي جلسو به ڏٺو. مون محترم ذوالفقار علي ڀُٽي جي وزير اعظم بڻجڻ کان پوءِ سندس سانگهڙ ۽ سکر اسٽيڊيم وارا جلسا به ڏٺا. سانگهڙ، پير صاحب پاڳاري جي حُر جماعت جو ضلعو سمجهيو ويندو آهي. شهيد پير صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه انگريزن خلاف گوريلا ويڙهه جو مرڪز به سانگهڙ کي بڻايو هو. حُرن، انگريزن خلاف اهڙي جوان مرديءَ سان ويڙهه وڙهي، جو انگريز ڀاڙي ۽ بزدل ٿي، هي خطو خالي ڪري ڀڄي هليا ويا. انگريز سامراج جي هتان ڀاڄ ڪرڻ سبب مسلمان قوم کي آزادي ملي ۽ پاڪستان وجود ۾ آيو. فيلڊ مارشل جنرل محمد ايوب خان جي دؤر ۾ پاڳارا خاندان جو ملڪ گير سطح تي وڏو سياسي اثر و رسوخ هو، جڏهن ته جنرل ضياءُ الحق ۽ جنرل پرويز مشرف جي حڪومتن ۾ به پاڳارا خاندانُ ملڪ جي سياست تي ڇانيل رهيو.
1970ع ۾ جنرل محمد يحيٰ خان عام چونڊون ڪرايون. سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اُميدوارن جا مقابلا پير صاحب پاڳاري (پير سيد شاهه مردان شاهه ثاني) جي اُميدوارن سان ٿيا. اليڪشن ۾ اُميدوارن جذباتي تقريرون ڪيون. ڪجهه هنڌن تي اليڪشن مهم دؤران پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن ۽ حُر جماعت جي ماڻهن جي وچ ۾ جهڙپون به ٿيون. جنهن سبب ڀُٽي صاحب ۽ پاڳارا خاندان ۾ سياسي وڇوٽيون پيدا ٿيون.
1970ع وارين عام چونڊن ۾ اولهه پاڪستان ۾ محترم ذوالفقار علي ڀُٽي جي پيپلز پارٽيءَ ۽ اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ اڪثريت سان سيٽون کٽيون. اوڀر پاڪستان جون سيٽون اولهه پاڪستان کان وڌيڪ هيون پر شيخ مجيب الرحمٰن کي حڪومت نه ڏني وئي. اقتدار جي ڪشمڪش دؤران محترم ڀُٽي صاحب ”اِدهر هم، اُدهر تم“ جي به ڳالهه ڪئي، جنهن تي سياست ۾ وڏي هلچل مَتِي ۽ گرم ماحول پيدا ٿيو ۽ صورتحال اُتي وڃي پهتي جو اوڀر پاڪستان اسان جي هٿن مان هليو ويو. اوڀر پاڪستان جي هٿن مان هليو وڃڻ کان پوءِ، جنرل يحيٰ باقي بچيل ملڪ جون واڳون محترم ذوالفقار علي ڀُٽي جي حوالي ڪيون. اوڀر پاڪستان جي جدا ٿيڻ جو سانحو وڏو سانحو هو، جنهن سبب قوم ۾ وڏي مايوسي پکڙي. ان مايوسيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڀُٽي صاحب ملڪ کي نئون آئين ڏيڻ ۽ عوام سان ملڻ لاءِ ملڪ گير سطح تي جلسا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان فيصلي تحت ڀُٽي صاحب سنڌ ۾ سانگهڙ، سکر ۽ ٻين هنڌن تي جلسا ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سانگهڙ ۾ جلسو ڪرڻ واري اعلان کان پوءِ حُر جماعت ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪُنن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي ۽ سانگهڙ ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ”ڀيڄ پاڳارا“ ۽ ”جيئي ڀُٽو“ جي نعري بازيءَ دؤران ٻنهي ڌُرين جي ڪارڪُنن ۾ جهيڙا ٿيا. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڪشيدگي ۽ ڇڪتاڻ جي باوجود ڀُٽو صاحب سانگهڙ ۾ جلسو ڪرڻ آيو. جلسي واري ڏينهن ڀُٽي صاحب جي سانگهڙ ۾ اچڻ ۽ جلسو ڪري واپس وڃڻ تائين، سانگهڙ شهر سميت ڪيترن ئي هنڌن تي پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن ۽ حُر جماعت جي ماڻهن جي وچ ۾ ڦَڏا ٿيا ۽ ڇڪتاڻ هلي.
ڀٽو صاحب سانگهڙ اچڻ لاءِ اڃان رستي ۾ هو ته سرڪاري خابرو ادارن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن سانگهڙ ۾ حُر جماعت ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪُنن ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال جي ڀُٽي صاحب کي آگاهي ڏني، جنهن جو ڀُٽي صاحب وڏو اثر ورتو، سانگهڙ واري جلسي جي سيڪيورٽي ۽ ڀُٽي صاحب جي حفاظت لاءِ سڄي سنڌ مان پوليس فورس کي سانگهڙ گهرايو ويو هو ۽ اُن فورس کي جلسي گاهه جي چوڌاري ۽ جلسي ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي مقرر ڪيو ويو. جلسو شروع ٿيو، ڪجهه پارٽي اڳواڻن سانگهڙ جي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي تقريرون ڪيون، آخر ۾ ڀُٽي صاحب جذباتي تقرير ڪئي ۽ پير صاحب پاڳاري ۽ حُر جماعت لاءِ وڏا جذباتي جملا چيا، جنهن تي جلسي ۾ موجود ماڻهن ۾ وڏو خوف پيدا ٿيو. جلسي ۾ شريڪ اڪثر ماڻهن ڀُٽي صاحب جي جذباتي تقرير تي سانگهڙ ۾ وڏي شورش جو خطرو ظاهر ڪيو. جڏهن ته جلسي جي ٻئي ڏينهن وارين اخبارن ۾ ڀُٽي صاحب جي جذباتي تقرير وارا جملا جيئن جو تيئن شايع ٿيا. جنهن تي حُر جماعت ۾ وڏو تاءُ پکڙيو، پر پير سيد شاهه مردان شاهه ثاني پير پاڳاري، حُر جماعت کي پُر امن رهڻ ۽ صبر ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون، جنهن سبب حُر جماعت ڪا به شورش نه ڪئي.
ڀُٽي صاحب جو سانگهڙ وارو جلسو ڏسڻ کان علاوه مون پير سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جا به ڪيترائي جلسا ڏٺا ۽ سندن تقريرون ٻڌيون. پير صاحب جون تقريرون ڏاهپ ۽ ٿڌي مزاج واريون هونديون هيون. هو معنيٰ خيز ۽ سمجهاڻيءَ واري انداز ۾ ڳالهائيندو هو. سندس تقريرن ۽ ڳالهائڻ مان اڪثر ماڻهو لطف اندوز ٿيندا هئا. مون سابق وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جو ممتاز گرائونڊ وارو جلسو سندس ويجهو ويهي ڏٺو ۽ سندس تقرير ٻڌي. جوڻيجي صاحب پنهنجي تقرير ۾ شاهه عبداللطيف ڪئمپس کي مڪمل يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو. مون ميان محمد نواز شريف، بيگم نسيم ولي خان، سردار شير باز مزاري، نوابزاده نصر الله خان، مير رسول بخش ٽالپر، مير علي احمد ٽالپر، مخدوم شاهه محمود قريشي، سيد غوث علي شاهه، منظور حسين وساڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي سياستدانن جا به جلسا ڏٺا. مون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، رئيس الاهي بخش ٻانڀڻ، رئيس حاجي عطا محمد لنڊ، عظيم شاعر شيخ اياز، رسول بخش پليجو، سيد امداد محمد شاهه، عطا محمد ڀنڀرو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، عبدالواحد آريسر، ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ نظير عباسي، ڪامريڊ غلام رسول سهتو، ڪامريڊ علي احمد ڏوگر، ڪامريڊ لالا شاهه محمد دراني، 4 مارچ جي هيرو يوسف لغاري، رسول بخش اُنڙ، بيگم گلزار اُنڙ، بشير خان قريشي ۽ گل محمد جکراڻيءَ جون به تقريرون ٻڌيون ۽ سندن جلسا ڏٺا.
جلسا ڏسڻ، قومي ۽ مقامي اڳواڻن جون تقريرون ٻڌڻ واري چاهت جي تسلسل کي برقرار رکندي، مان سائين جي ايم سيد جو سکر وارو جلسو ڏسڻ ۽ سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ محمد بن قاسم پارڪ سکر ويو هوس. جتي ماڻهن جو وڏو هجوم ۽ ميلو لڳل هو. سائين جي ايم سيد کي ويجهو کان ڏسڻ ۽ سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ جلسي جي اسٽيج ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪيم، پر جلسي ۾ ماڻهن جي وڏي پِيهَه ۽ رش سبب اسٽيج جي ويجهو وڃي نه سگهيس. بعد ۾ جلسي گاهه جي ڪُنڊَ تي لڳل هڪ لائوڊ اسپيڪر ڀرسان بيهي سيد صاحب جي تقرير ٻُڌم. اُها به هجوم جي گوڙَ، نعري بازي ۽ رش سبب صحيح ٻڌي نه سگهيو هوس. سائين جي ايم سيد جي تقرير جا جيڪي لفظ ٻڌڻ ۾ آيا، انهن ۾ هن سنڌي ماڻهن سان زيادتين ۽ کين برابر جا حق نه ملڻ جي شڪايت ڪئي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳ ٿيڻ جي اپيل ڪئي. سکر واري جلسي ۾ خان بهادر محمد ايوب کهڙي جي صاحبزادي ۽ ناليواري سنڌي دانشور ميڊم حميده کهڙو به شريڪ ٿي هئي، جيڪا سائين جي ايم سيد سان هوائي جهاز ۾ سکر آئي هئي. جلسي جي ايف آءِ آر ۾ ان جو نالو به ڏنو ويو هو. جلسو ختم ٿيڻ کان پوءِ سائين جي ايم سيد کي بلوچستان ويندي، سندس پنجاهه کان وڌيڪ ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو. گرفتاريءَ کان پوءِ سائين جي ايم سيد کي ڪراچيءَ نيو ويو، جتي کيس ”حيدر منزل“ ۾ نظر بند ڪيو ويو. جڏهن ته ساڻس گڏ گرفتار ڪيل سندس ساٿين کي سکر آڻي سينٽرل جيل سکر ۾ قيد ڪيو ويو. ميڊم حميده کهڙو، سائين جي ايم سيد جي بلوچستان وڃڻ واري قافلي ۾ شامل نه هئي ۽ جلسو ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪراچيءَ هلي وئي هئي، تنهن ڪري گرفتاريءَ کان بچي وئي.
بعد ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ڊهڻ کان پوءِ رئيس غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي نگران وزير اعظم ۽ ڄام صادق عليءَ کي سنڌ جو نگران وڏو وزير بڻايو ويو. ڄام صادق عليءَ جيڪا سنڌ جي نگران ڪابينا ٺاهِي، اُن ۾ ميڊم حميده کهڙو کي سنڌ جي تعليم واري کاتي جي وزارت جو قلمدان ڏنو. هتي ڳالهه پئي هلي سائين جي ايم سيد جي سکر واري جلسي جي، ته جلسو پورو ٿيڻ کان پوءِ آئون خيرپور هليو آيس، رات پنهنجي خيرپور واري گهر ۾ رهيس. صبح جو پوليس جو وڏو اٽالو منهنجي رهائش گاهه تي آيو. پوليس وارن ٻڌايو ته اسان سکر مان آيا آهيون، اوهان کي سکر وٺي هلنداسون. انهن سان خيرپور جا پوليس وارا به گڏ هئا. انهن ٻڌايو ته ڪالهه محترم جي ايم سيد سکر ۾ جلسو ڪيو هو. اُن جلسي جو جي ايم سيد مٿان ڪيس داخل ٿيو آهي. اُن ڪيس ۾ اوهان جو نالو به شامل آهي. تنهن ڪري اوهان سکر پوليس سان گڏجي سکر وڃو. مون کين چيو ته اوهان منهنجي جڳهه ۾ اندر اچو، ڇو ته لڳي ٿو ته هن ڪيس ۾ ڪافي ڊيگهه ٿيندي، تنهن ڪري ڪجهه ضروري سامان ۽ ڪپڙن جا ٻه چار جوڙا کڻان ته هلئون ٿا. اُن تي سکر جا پوليس وارا مون سان گڏ جڳهه ۾ اندر آيا. مون سامان جي سادي سودي بيگ تيار ڪئي. بعد ۾ پوليس وارا مون کي سکر وٺي آيا.
سيد صاحب جي جلسي وارو ڪيس سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ٿيو هو، پر سي سيڪشن ٿاڻي ۾ لاڪپ نه هجڻ سبب پوليس وارا مون کي اي سيڪشن ٿاڻي تي کڻي آيا ۽ اي سيڪشن ٿاڻي جي لاڪپ ۾ قيد ڪيائون، جتي سکر جو جاويد ميمڻ ۽ روهڙي، پنو عاقل جا ڏهاڪو کن نوجوان مون کان اڳ اُن لاڪپ ۾ واڙيل هئا. سائين جي ايم سيد جي سکر ۾ جلسو ڪرڻ دؤران علي گوهر مٺاڻي سکر جو ايس پي هو، جيڪو سکر ۾ مقرر ٿيڻ کان اڳ خيرپور جو ايس پي هو، خيرپور ۾ سندس مقرريءَ دؤران سڄي ضلعي ۾ بدامنيءَ جي باهه ٻريل هئي.
آئون انهن ڏينهن ۾ خيرپور ۾ اردو اخبار روزانه ”جنگ“ جو نمائندو هوس. صاف ۽ شفاف صحافتي فرض نڀائڻ ۽ بدامنيءَ جون خبرون ڇاپڻ تي علي گوهر مٺاڻي مون تي گهڻو ڏمريل هو. جنهن ڪيترائي دفعا منهنجي صحافي دوستن سان منهنجي خلاف ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو. اُها ڪاوڙ ڪڍڻ لاءِ هن محترم جي ايم سيد جي جلسي واري ڪيس ۾ منهنجو به نالو ڏئي ڇڏيو. محترم جي ايم سيد ۽ سندس ساٿين جي گرفتاريءَ تي سنڌ ۾ وڏا احتجاج ٿيا، جڏهن ته منهنجي گرفتاريءَ تي سکر ۽ خيرپور سميت سنڌ جي صحافين وڏو گُوڙ ڪيو، ڇو ته سائين جي ايم سيد جي سکر واري جلسي ۾ سکر سميت آس پاس جي شهرن ۽ ڳوٺن جا وڏي تعداد ۾ صحافي جلسي جي ڪوريج لاءِ آيا هئا. پوليس جلسي واري ايف آءِ آر ۾ لکيو هو ته جلسي کي غلام عباس ڀنڀري به خطاب ڪيو. صحافي، پوليس جي اُها ايف آءِ آر پڙهي حيران ٿي ويا، ڇو ته اُهي جلسي جي اسٽيج جي ويجهو ويٺل هئا، انهن جلسي ۾ تقريرون ڪندڙ سڀني اڳواڻن جون تقريرون نوٽ ڪيون هيون ۽ انهن جا فوٽو به ڪڍيا هئا. اُهي ايف آءِ آر ۾ منهنجو نالو ڏسي، ايس پي علي گوهر مٺاڻيءَ تي گهڻو ڪاوڙيا ۽ سندس خلاف وڏا مظاهرا ڪيا.
سکر ۽ خيرپور جي صحافين گڏجي سکر ۾ ڪيترائي ڏينهن بک هڙتالون به ڪيون، پر پوليس صحافين جي احتجاج جي ڪا به پرواهه نه ڪئي ۽ مون کي ان ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪري سينٽرل جيل سکر موڪلي ڇڏيو، جتي سائين جي ايم سيد سان گڏ گرفتار ٿيل سندس ساٿين گل محمد جکراڻي، مير حيدر ٽالپر، حفيظ قريشي وڪيل، ستار موريو، عبدالقيوم منگي، علي نواز ٻُٽُ، سورهيه سنڌي، باغي بجاراڻي، ۽ ٻين سان ملاقات ٿي، جيڪي جيل جي بي ڪلاس ۾ قيد هئا. جيل انتظاميا مون کي به انهن سان گڏ بي ڪلاس ۾ رکيو. محترم
جي ايم سيد ۽ سندس ساٿين خلاف سکر پوليس ٻه ڪيس داخل ڪيا هئا. انهن ۾ هڪ ڪيس محمد بن قاسم پارڪ واري جلسي جو ۽ ٻيو ڪيس سکر ايئرپورٽ تان قومي جهنڊو لاهڻ جو. ايئرپورٽ تان قومي جهنڊو لاهڻ وارو ڪيس آباد ٿاڻي تي داخل ٿيو هو، حالانڪه ايئرپورٽ جي عمارت تان قومي جهنڊو لٿو ئي ڪو نه هو!
آئون هن ئي مضمون جي شروعات ۾ لکي آيو آهيان ته هڪ ننڍي عمر جو نابالغ ڇوڪرو ايئرپورٽ جي عمارت تي چڙهي ويو هو، ان کي ايئرپورٽ جي سيڪورٽي عملي ۽ پوليس وارن جهنڊو لاهڻ کان اڳ ئي ڀڄائي ڇڏيو هو. اهو ننڍيءَ عمر وارو ڇوڪرو ڪير هو، ان کي ايئرپورٽ جي عمارت تي چڙهڻ لاءِ ڪنهن موڪليو، ان جي ڪا به انڪوائري نه ٿي، جنهن مان مون کي ائين لڳو ته ملڪ ۽ قوم کي بدنام ڪرڻ واري سازش تحت ايئرپورٽ تان قومي جهنڊولاهڻ جو اِشو پيدا ڪري ان کي ميڊيا ۾ آندو ويو ۽ ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو. جڏهن ته محمد بن قاسم پارڪ واري جلسي جو الڳ ڪيس داخل ڪيو ويو.
محترم جي ايم سيد ۽ سندس ساٿين خلاف ٻه ڪيس داخل ٿيڻ تي جيل ڀريو تحريڪ هلائي وئي. ٺٽو، حيدرآباد ۽ نوابشاهه سميت مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جي سوين نوجوانن گرفتاريون ڏنيون. اُن وقت سيد قائم علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير هو، جنهن ايڏي وڏي احتجاج ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو. قائم علي شاهه جيڪڏهن ٿورو به ڌيانُ ڏئي ها ۽ پوليس پاران داخل ڪيل ڪيسن جي عدالتي انڪوائري ڪرائي ها ته سچ ۽ ڪوڙ ظاهر ٿي پوي ها ۽ اهو به پڌرو ٿئي ها ته سکر ايئرپورٽ جي عمارت تي ننڍي عمر وارو ڇوڪرو ڪنهن چاڙهي موڪليو؟! پر قائم علي شاهه صاحب هنن حساس ڪيسن ڏانهن توجهه نه ڏنو ۽ سڄو معاملو پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ پوليس پنهنجي مرضي هلائي، ٻئي ڪيس حيدرآباد ۾ قائم ڪيل خاص عدالت ۾ چالان ڪري ڇڏيا، ڇو ته پيپلز پارٽيءَ جي صوبائي حڪومت اهڙا ڪيس هلائڻ لاءِ حيدرآباد ۾ خصوصي عدالت قائم ڪئي هئي.
حيدرآباد واري خصوصي عدالت ۾ ڇهن مهينن کان پوءِ اسان جي ڪيس جي حاضري نڪتي. ڪيس جي حاضريءَ کان هڪ ڏينهن اڳ ٻنهي ڪيسن ۾ گرفتار ٿيل سڀني ماڻهن کي سينٽرل جيل سکر مان ڪڍي سينٽرل جيل حيدرآباد نيو ويو. رات اسان کي حيدرآباد جيل ۾ پَئِي، جتي حيدرآباد جيل جا ڪيترائي قيدي اسان سان ملڻ آيا. ٻئي ڏينهن صبح جو اسان کي جيل مان ڪڍي حيدرآباد واري خصوصي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت اسان کي ڪافي ڏينهن جي ڊگهي حاضري ڏني. بعد ۾ اسان کي واپس سينٽرل جيل سکر آندو ويو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي صوبائي حڪومت خيرپور ۾ به خصوصي عدالت قائم ڪئي. جنهن تي حيدرآباد واري خصوصي عدالت سکر ايئرپورٽ ۽ محمد بن قاسم پارڪ وارا ٻئي ڪيس خيرپور جي خصوصي عدالت ڏانهن موڪلي ڇڏيا.
بعد ۾ اسان جيل ۾ ئي هئاسون ته قومي ۽ صوبائي اسيمبليون ٽوڙيون ويون ۽ محترما بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي وئي. رئيس غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي پاڪستان جو نگران وزير اعظم ۽ ڄام صادق عليءَ کي سنڌ جو نگران وڏو وزير بڻايو ويو. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ گرفتاريءَ کان پوءِ خيرپور جي ناليواري وڪيل محترم واليءَ ڏني ناريجي منهنجي ضمانت لاءِ عدالت کي درخواست ڏني هُئي پر ڏهه مهينا گذري وڃڻ جي باوجود اُن درخواست جي شنوائي نه ٿي. جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ عدالت منهنجي ضمانت جي درخواست منظور ڪري، مون کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت جو اهو حڪم منهنجو وڪيل محترم واليءَ ڏنو ناريجو سينٽرل جيل کڻي آيو ۽ اهو حڪم جيل سپريٽنڊنٽ کي پاڻ اچي ڏنائين. مون کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ وارو حڪم جيل سپريٽنڊنٽ کي ملڻ کان پوءِ جيل جو هڪ عملدار مون وٽ بي ڪلاس ۾ آيو ۽ ٻڌايائين ته اوهان جي آزاديءَ جو حڪم اچي ويو آهي، اوهان جيل مان نڪرڻ جي تياري ڪريو. جيل عملدار جي اهڙي نياپي کان پوءِ مون جيل جي ساٿين کان موڪلايو ۽ پنهنجو سامان تيار ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ اهو جيل عملدار ٻيهر مون وٽ آيو ۽ چيائين ته اوهان جو وڪيل ۽ ٻيا وڏي تعداد ۾ مِٽَ مائٽ ۽ دوست اوهان کي وٺڻ لاءِ جيل جي گيٽ تي آيا آهن، تنهن ڪري اوهان هلو ۽ انهن سان هلي ملو.
مان جيل عملدار سان گڏجي پهريان جيل سپريٽنڊنٽ جي آفيس آيس. ان کان ۽ جيل جي ٻئي عملي کان موڪلايو. جيل کان ٻاهر آيس ته منهنجا ڀائر عبدالعزيز، عبدالغفار، عبدالستار، عبدالمجيد، عبدالسميع، منهنجا سؤٽ ممتاز حسين، ارشاد احمد، حاجي عبداللطيف، الهورايو، ڀاڻيجا ظفر اياز، خالد ممتاز، فرخ امتياز، عبدالوحيد، مجيب الرحمان، منهنجو پٽ نثار احمد، محترم دوست مور سنڌي ۽ ٻيا چار بسون ڪاهي سکر آيا هئا، انهن بسن ۾ منهنجي ڳوٺ ۽ آس پاس جا ماڻهو سوار ٿي منهنجي استقبال لاءِ آيا هئا، جن مون کي ۽ منهنجي وڪيل محترم واليءَ ڏني ناريجي کي هار پارايا، بعد ۾ اسان ڳوٺ جي ماڻهن سان گڏجي پهريان خيرپور آياسون، ڇو ته منهنجي خيرپور واري جڳهه تي به وڏي تعداد ۾ ماڻهو منهنجي استقبال لاءِ گڏ ٿيل هئا، انهن سان ملي محترم واليءَ ڏني ناريجي وڪيل کان موڪلائي، پنهنجي ڳوٺ بچل ڀنڀرو آياسون، جتي منهنجو والد محترم حاجي غلام حسين، چاچو محمد بخش، ۽ ٻيا سوين ماڻهو منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا. انهن منهنجو گرم جوشيءَ سان استقبال ڪيو. هوڏانهن ڄام صادق عليءَ سنڌ جي نگران وڏ وزارت سنڀالڻ کان پوءِ سائين جي ايم سيد جي محمد بن قاسم پارڪ ۽ سکر ايئرپورٽ وارن ڪيسن جي انڪوائري ڪرائي تفصيلي رپورٽون گهرايون. ڪيسن سان لاڳاپيل سرڪاري ڪامورن کان معلومات ورتي ۽ ٻنهي ڪيسن جا سمورا رُخَ سامهون رکي پڇا ڳاڇا ڪئي ته ٻئي ڪيس هٿ جا ٺاهيل افسانا ۽ ڪوڙيون ڪهاڻيون ثابت ٿيا. جنهن تي ڄام صادق عليءَ ٻئي ڪيس واپس وٺڻ جا حڪم ڏنا. جنهن تي سنڌ جي گهرو کاتي عمل درآمد ڪري، ٻئي ڪيس فوري طور تي واپس وٺي، خارج ڪري ڇڏيا. جنهن کان پوءِ ٻنهي ڪيسن ۾ بيگناهه ڦاٿل سمورن ماڻهن جي جِندُ آجي ٿي. مون اُنَ ڪوڙي ڪيس ۾ ڏهه مهينا ڏهه ڏينهن جيل ۾ گذاريا، جيل کان ٻاهر اچڻ تي مون جيل اندر جيڪي سختيون ۽ صعوبتون ڀوڳيون، انهن تي مون کي پنهنجي هيءَ وائي زبان تي اچي وئي:

جهاڳيم جاڙَ اُجاڙ الا،
ڪيڏا ڪَشٽَ ڪَشالا ڀوڳيا.

اندر اندر آڳ اُلا آ،
کامي ويو آکاڙ الا.
ڪيڏا ڪَشٽَ ڪَشالا ڀوڳيا.

ايڏا ڏک اندر ۾ سانڍيا،
جيڏا پَٻَ پهاڙ الا.
ڪيڏا ڪَشٽَ ڪَشالا ڀوڳيا.

سُور اسان وٽ سَگهرا پهتا،
مُحبُ ڪندو ڪا ماڙ الا.
ڪيڏا ڪَشٽَ ڪَشالا ڀوڳيا.

مان هتي هيءَ ڳالهه به لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته جيل ۾ قيد هئڻ دؤران ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تي دوستن ۾ ناراضگيون پيدا ٿينديون هيون، پر قيدي هئڻ واري احساس تحت اُهي دوست بغير ڪنهن چَئُه چوا جي پنهنجون رنجشون ختم ڪري، پاڻ ۾ ٺهي ويندا هئا.