آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اسان هِتِ اڪيلا

هن ڪتاب ۾ ٻهراڙيءَ جي غريب شاگردن کي خيرپور ۾ رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جي سهولت ڏيڻ، خيرپور شهر مان گذرندڙ ميرواهه ڪينال جي ڪچي بند مٿان پڪو روڊ ٺهڻ، ڏهه مهينا ڏهه ڏينهنَ جي جيل ياترا، رئيس حاڪم علي زرداري، آصف علي زرداري ۽ شيخ اياز سان ملاقاتن ۽ مير رسول بخش ٽالپر جو ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ عام جلسو، پير سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جي ”نرس لينڊ“ وڃڻ، واپس اچڻ تي گهڻو ڪجهه بدلجي وڃڻ ۽ سنڌ سوڳوار ٿيڻ، 31 آڪٽوبر 2015ع تي مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي واري ڏينهن خيرپور جي ڳوٺ وريو واهڻ ۾ حُر جماعت جي يارهن ڄڻن جي مارجي وڃڻ، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي ٻن ڪتابن ”هڪ دؤر جو پورو سفر“ ۽ ”هڪ سج ٻه پاڇا“ جي مهورت، ٿر گهمڻ ۽ ٻيون ڪيتريون يادگار ڳالهيون ۽ تاريخي داستان شامل آهن.
Title Cover of book اسان هِتِ اڪيلا

داستان ڇهون

[b]سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”هڪ دؤر جو پورو سفر“ ۽ ”هڪ سج ٻه پاڇا“ ڪتابن جي مهورت ۽ ٿر گهمڻ جو قصو
[/b]
پروفيسر بدر سومرو، دوستيءَ جو پڪو پُختو ۽ وڏي ماڻهپي وارو ماڻهو آهي. هُو اصل ۾ خيرپور ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ ڳاڙهي موريءَ جو رهواسي آهي. ڳاڙهي موريءَ مان ميٽرڪ پاس ڪري جڏهن خيرپور آيو هو ته خيرپور ۾ کيس رهائش ۽ ٻيا مسئلا درپيش هئا. جنهن سبب هن مون کي پريس ڪلب ۾ اچي ڳولي لڌو. ان ملاقات ۾ هن پنهنجا مسئلا مون سان شيئر ڪيا ۽ صحافي ٿيڻ جي به خواهش ظاهر ڪيائين. بدر سومري جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ مون سندس رهنمائي ڪئي. بعد ۾ هن خيرپور مان انٽر ۽ گريجوئيشن ڪئي، جيڪو هينئر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ميڊيا اسٽيڊيز شعبي جو چيئرمين آهي. آءُ خيرپور ۾ سرگرم صحافي هجڻ سان گڏ شاعر به آهيان. منهنجا هن وقت تائين هن ڪتاب ”اَسان هِتِ اَڪيلا“ سميت 7 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. جن ۾ پنج شاعريءَ جا ۽ ٻه ڪتاب نثر جا شامل آهن. منهنجي شايع ٿيل ڪتابن مان شاعريءَ جي ٻن ڪتابن ”ٿر اڃارو سنڌ ساري“ ۽ ”ڪارونجهر تي مور نه آيا“ جي ڪجهه وقت اڳ پروفيسر بدر سومري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مهورت ڪرائي هئي. جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جا وڏي تعداد ۾استاد ۽ شاگرد شريڪ ٿيا هئا. پروفيسر بدر سومري کي جڏهن خبر پئي ته منهنجا ٻيا ٻه ڪتاب ”هڪ دور جو پورو سفر“ ۽ ”هڪ سج ٻه پاڇا“ به شايع ٿي چڪا آهن، ته هن مون سان رابطو ڪري چيو ته آئون پنهنجي پُٽ سرمد دارا شِڪُو جي شاديءَ جي وليمي جي سلسلي ۾ خيرپور ايندس ۽ اوهان جي ڪتابن جي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مهورت ڪرائڻ متعلق اوهان سان ڳالهائيندس.
پروفيسر بدر سومري پنهنجي پٽ سرمد دارا شِڪُوءَ لاءِ ڪراچيءَ جي پروفيسر مير احسان احمد علويءَ کان سندس ڌيءَ محترما سانيا جو سڱ ورتو هو. اُن سان پٽ جو نڪاح ڪرائڻ لاءِ هُو 8 جولاءِ 2017ع تي حيدرآباد مان ڄڃ وٺي ڪراچيءَ ويو.
جتي سندس پٽ سرمد دارا شِڪُو پنهنجي ڪنوار محترما سانيا سان لائون لڌيون. ڪنوار جي پيءُ پروفيسر مير احسان احمد علويءَ ڪراچيءَ جي ”آنچل“ ميريج لان ۾ ڌيءَ جي شاديءَ جي وليمي جي دعوت ڪئي. جنهن ۾ سندس دوست، مٽ مائٽ ۽ سرمد دارا شِڪُو جي ڄڃ شريڪ ٿي. بعد ۾ سرمد پنهنجي ڪنوار حيدرآباد پنهنجي گهر وٺي آيو. ٻئي ڏينهن 9 جولاءِ 2017ع تي پروفيسر بدر سومري پنهنجي پٽ سرمد دارا شِڪُو جي شاديءَ جو وليمو حيدرآباد جي ”مارئي“ لان ۾ ڪيو. جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جا پروفيسر، ٻين ادارن جا سندس دوست ۽ ساٿي شريڪ ٿيا. جڏهن ته 14 جولاءِ 2017ع تي محترم پروفيسر بدر سومري خيرپور جي ”رائل گارڊن“ ۾ پنهنجي مٽن مائٽن ۽ دوستن لاءِ سرمد دارا شِڪُو جي شاديءَ جي وليمي جي دعوت جو بندوبست ڪيو. سندس دعوت ۾ شاه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جا پروفيسر، خيرپور، سکر، شڪارپور ۽ نوابشاه جا مٽ مائٽ ۽ يار دوست شريڪ ٿيا. هن تقريب ۾ پروفيسر بدر سومري جي وڏي پٽ دانيال سومري سان به ملاقات ٿي ۽ ساڻس ڪجهه دير ڪچهري ٿي. پروفيسر بدر سومري سرمد درا شِڪُوءَ جي شاديءَ جي وليمي ۾ سخت مصروف هجڻ جي باوجود مون سان مختصر ڪچهري ڪئي ۽ ٻڌايو ته آئون ڄامشورو موٽي وڃڻ تي پنهنجي ميڊيا اسٽڊيز شعبي جي دوستن سان اوهان جي ڪتابن جي مهورت ڪرائڻ لاءِ صلاح مشورو ڪندس ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت کان ڪتابن جي مهورت جي منظوري وٺي، مهورت جي تاريخ مقرر ڪري اوهان کي سنڌ يونيورسٽي اچڻ لاءِ چوندس. بعد ۾ 18 سيپٽمبر 2017ع تي پروفيسر بدر سومري جو مون کي فون آيو. چيائين ته وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت اوهان جي ڪتابن جي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مهورت ڪرائڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. جڏهن ته پنهنجي شعبي جي پروفيسرن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪري اسان اوهان جي ڪتابن ”هڪ دور جو پورو سفر“ ۽ ”هڪ سج ٻه پاڇا“ جي مهورت جي تاريخ 20 سيپٽمبر 2017ع مقرر ڪئي آهي. ڪتابن جي مهورت سنڌ يونيورسٽيءَ جي ميڊيا اسٽڊيز شعبي جي سيمينار هال ۾ ٿيندي. اوهان لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فارين فڪلٽي هاسٽل (يونيورسٽي گيسٽ هائوس) ۾ ٻه ڪمرا بُڪ ڪرائي ڇڏيا اٿم. اوهان 19 سيپٽمبر 2017ع جي شام تائين اسان وٽ ڄامشورو پهچي وڃو. مهورت جو ٽائيم صبح 10:00 بجه مقرر ڪيو اٿئون.
پروفيسر بدر سومري جي فون کانپوءِ مون قربان منگي، علامه حزب الله آءِ سومري ۽ امر اقبال سان رابطو ڪري کين 20 سيپٽمبر 2017ع تي حيدرآباد هلڻ لاءِ چيو. علامه حزب الله سومري چيو ته آئون ڏوڪري ڪاليج ۾ ليڪچرار آهيان، اتان موڪل نه ورتي اٿم، تنهنڪري هن ڀيري آئون ڪو نه ٿو هلان، مون کي ڪنهن ٻئي ڀيري واري تقريب۾ وٺي هلجو. اُن کانپوءِ مون محترم قربان منگي ۽ محترم امراقبال سان رابطو ڪيو. انهن سنڌ يونيورسٽيءَ هلڻ جي تياري ڪئي.
19 سيپٽمبر 2017ع تي اسان خيرپور مان ڄامشورو لاءِ روانا ٿياسون. رستي ۾ حضرت سچل سرمست جي مزار تي حاضري ڏني سون. راڻيپور ۾ حليم الله ڀنڀرو وٽ چانهه پيتي سون ۽ آمريءَ لڳ ڳوٺ محمد بخش ڀنڀرو ۾ محمد موسيٰ ڀنڀرو جي آجياڻي ۾ شريڪ ٿياسون. ڄامشورو پهچڻ تي پروفيسر بدر سومرو اسان کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي گيسٽ هائوس ۾ وٺي هليو. شام ٿي چڪي هُئي، اسان پنهنجو سامان رکي سنڌ يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽ شعبي جي پروفيسر سعيد منگيءَ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٻن ادب دوست شاگردن فرقان احمد ڀنڀرو ۽ محمد سعدي ڀنڀرو کي پاڻ سان گڏ کڻي، سنڌي ادبي سنگت جي تازو چونڊيل مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگيءَ جي گهر وياسون، جتي سندس والده جي وفات تي ساڻس دُعا گهري سون. بعد ۾ رات جي ماني پروفيسر بدر سومري وٽ کاڌي سون. صبح جو ناشتو پروفيسر سعيد منگيءَ وٽ ڪيوسون. اُن کان پوءِ ميڊيا اسٽڊيز شعبي ڏانهن ويندي، رستي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي، ايلسا قاضي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مزارن تي حاضري ڏني سون. رستي ۾ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين ۾ ڪجهه دير لاءِ وياسون. انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر پروفيسر نعمت خلجيءَ آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ پروفيسر سعيد منگيءَ انسٽيٽيوٽ جو دؤرو ڪرايو. بعد ۾ وڃي ميڊيا اسٽڊيز شعبي ۾ پهتاسون.
شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر بدر سومري جي آفيس ۾ اسان کان اڳ ريٽائرڊ پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو، سنڌ جو ڏاهو ليکڪ محترم سهيل سانگي، پروفيسر ڊاڪٽر بشير ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر ايوب لغاري، محترم مُبن مڱريو ۽ ٻيا ويٺا هئا. ٿوري دير انهن سان ڪچهري ٿي، بعد ۾ پروفيسر بدر سومرو اسان کي آيل مهمانن سان گڏ ميڊيا اسٽڊيز شعبي جي سيمينار هال ۾ وٺي هليو. جتي پروگرام شروع ٿيو.
پروگرام جي شروعات ۾ ٻنهي ڪتابن ”هڪ دور جو پورو سفر“ ۽ ”هڪ سج ٻه پاڇا“ جي مهورت ٿي. پروگرام جي اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرائض ميڊيا اسٽڊيز شعبي جي شاگردياڻي محترما مهڪ انور سرانجام ڏنا. جنهن ڪتابن جي مهورت کانپوءِ پروفيسر ڊاڪٽر بدر سومري کي تقرير لاءِ سڏيو. هُنَ اسٽيج تي اچي ميڊيا اسٽڊيز شعبي ۾ ڪتابن جي مهورت ڪرائڻ جو مقصد بيان ڪندي چيو ته تقريب ۾ آيل شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسان هن تقريب جي رپورٽنگ ڪرڻ جو موقعو پڻ ڏنو آهي. سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هن تقريب جو اکين ڏٺو احوال لکڻو پوندو ۽ بعد ۾ هن تقريب جي نيوز (خبر) لکڻي پوندي. سندن لکيل ان خبر مان مقصد وارو نچوڙ ڪڍي، سندن اها خبر ميڊيا کي جاري ڪنداسون. هن چيو ته ميڊيا اسٽڊي شعبي ۾ اسان اهڙا ٻيا پروگرام به ڪرائينداسون، جنهن سان شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مشاهدو ۽ تجربو ٿيندو. پروفيسر بدر سومري چيو ته غلام عباس ڀنڀري جي شاعري، قومي عوامي ۽ تصوف جي فڪر واري شاعري آهي. نوجوانن کي اها شاعري پڙهڻ گهرجي. ڇو ته ڀنڀري صاحب جي شاعري بامقصد ۽ معنيٰ خيز آهي. جڏهن ته ”هڪ سج ٻه پاڇا“ ڪتاب تاريخي داستانن سان ڀريل آهي. مونکي پختو يقين آهي ته غلام عباس ڀنڀري جا لکيل هي داستان اڳتي هلي ملڪ جي تاريخ جو حصو بڻبا. مونکي اها به پڪ آهي ته اڳتي هلي هنن داستانن جو اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيندو.
پروفيسر عبدالمجيد چانڊيي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ جي تاريخ اسان جي نصابي ڪتابن ۾ نٿي پڙهائي وڃي، ان لاءِ پرائمريءَ کان يونيورسٽي سطح تائين واري نصاب ۾ سنڌ جي تاريخ جا مضمون شامل ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته غلام عباس ڀنڀري جا ڪتاب آئون پڙهندو رهندو آهيان. مون کي پڪ آهي ته ڀنڀري صاحب جي ڪتابن سان سنڌي ادب ۾ واڌارو ايندو ۽ اِهي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ جو هڪ نئون باب بڻبا.
تقريب کي پوپٽ پبلشنگ هائوس جي چيئرمين، قربان منگي، فائن آرٽ شعبي جي پروفيسر سعيد منگي، سنڌ جي مشهور ڏاهي سهيل سانگي، ناليواري شاعر امراقبال، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي پروفيسرڊاڪٽر مخمور بخاري، پروفيسر ڊاڪٽر بشير ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ٽيچرس ٽريننگ حيدرآباد غلام اصغر ميمڻ، فائن آرٽ شعبي جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر نعمت خلجي، پروفيسر ڊاڪٽر ايوب لغاري، پروفيسر غلام علي ٻرڙو، ڊاڪٽر شازيه شيخ، سراج احمد پنهور، لطيف گاد، مهراڻ يونيورسٽي جي انجنيئر منصور احمد ڀنڀرو، شاگردن وسيم ڀنڀرو، عباس ڀنڀرو، فرقان احمد ڀنڀرو ، مٽياريءَ جي ادب دوست نوجوان ممتاز علي عمراڻي ۽ يونيورسٽيءَ جي وڏي تعداد ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
ڪتابن جي مهورت واري تقريب ختم ٿيڻ کانپوءِ پروفيسر بدر سومري تقريب ۾ آيل سمورن مهمان کي چانهه پياري. بعد ۾ آئون، قربان منگي ۽ امر اقبال ٿر جي دوري تي روانا ٿياسون. ٿر ڏانهن وڃڻ دؤران رستي ۾ ڄامشورو روڊ تي سوزڪي موٽرس جي شوروم ۾ محترم شمس الدين ڀنڀري وٽ چانهه پيتي سون. بعد ۾ ٿر جو سفر شروع ڪري، عمر ڪوٽ مان نوجوان انجنيئر علي حسن خاصخيلي کي پاڻ سان گڏ کنيوسون. سج اسان کي عمر ڪوٽ ۾ لهي ويو. رات جو نائين وڳي ڌاران مٺيءَ پهتاسون. جتي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (پرائمري) محترم نصير احمد جوڳيءَ جا اچي مهمان ٿياسون. محترم نصير احمد جوڳي خيرپور ضلعي جي تعلقي ٺري ميرواهه جو ويٺل آهي ۽ منهنجو پُراڻو واقفڪار آهي. پنهنجو سامان ان وٽ رکي گَڊي ڀِٽَ وياسون ۽ گَڊي ڀِٽَ تي بيهي مٺي شهر جو نظارو ڪيوسون. قربان منگي گڊي ڀِٽ جي دوري جا فوٽو فيس بوڪ تي رکيا. مِٺيءَ جي اديب محترم دولت رام کتريءَ ۽ سماج سڌارڪ اڳواڻ محترم ساجن چاري اُهي فوٽو ڏسي اسان سان رابطو ڪيو. اسان کين ٻڌايو ته اسان پنهنجي دوست محترم نصير جوڳيءَ وٽ رهيل آهيون. بعد ۾ اُهي محترم نصير جوڳيءَ جي جڳهه تي اچي اسان سان مليا. جڏهن ته مٺيءَ جا ادب دوست نوجوان انجنيئر وامن ڪمار ۽ آڪاش ميگهواڙ جيڪي ڪراچيءَ ويل هئا، انهن سوشل ميڊيا تي اسان جون تصويرون ڏسي فون تي ڳالهايو ۽ چيو ته اسان کي ٻڌائڻ کانسواءِ مٺيءَ آيا آهيو. اهو ڇا ڪيو اٿوَ؟ اسان مٺيءَ ۾ هجون ها ته اوهان جي خدمت ڪريون ها. مون کين اهو چئي ٿڌو ڪيو ته اسان جلد ٻيهر مٺيءَ اينداسون ۽ اوهان سان اچي ملنداسون. اُها رات اسان نصير جوڳيءَ وٽ رهي، صبح جو سوير اُٿي سماج سڌارڪ محترم ساجن چاري وٽ وياسون. جنهن اسان کي وڏي عزت ڏني. هن موقعي تي اسان سندس ناچاق ڀاءُ الهبچايو چارو جي عيادت پڻ ڪئي. اُتان اُٿي مشهور راڳي صادق فقير جي مزار تي آياسون ۽ سندس مغفرت لاءِ دُعا گهري سون. اُن کانپوءِ اسلام ڪوٽ جي صحافي عبدالغني بجير وٽ نيرن ڪئي سون، جتي اسلام ڪوٽ جي نوجوان سماج سڌارڪ شاهنواز خاصخيليءَ سان ملاقات ٿي. نيرن ڪرڻ کان پوءِ اسان ننگر پارڪر روانا ٿياسون. عبدالغني بجير ۽ شاهنواز خاصخيلي پنهنجي گاڏيءَ ۾ اسان سان گڏجي ٿر جي سفر جا ساٿي بڻيا.
اسان ٿر ۾ داخل ٿيڻ سان سڀ کان پهريان گوڙي مندروياسون، جتي گوڙي مندر جي فقيرن ڀڳت هوٿيءَ ۽ ڀڳت منگل جي سُنگ کان ڀڳت ڪبير ۽ لطيف سائينءَ جا ڪلام ٻُڌاسون. گوڙي مندر پنج سؤ سال اڳ تعمير ٿيو هو. جيڪو جين ڌرم جو مندر آهي. هينئر اِهو مندر نهايت ڪمزور ۽ خراب حالت ۾ آهي. اُن جي اهڙي حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو. اُن کانپوءِ اسان ڀالوا وياسون ۽ اُتي مارئيءَ جو کوهه ڏٺوسون. مارئيءَ جي کوهه تي سڄي سنڌ جا ماڻهو اچن ٿا. کوهه جي آس پاس ڪافي ڳوٺ نظر آيا. ڳوٺاڻن کان پڇيوسون ته انهن ٻڌايو ته هتي ٻارن جي تعليم لاءِ ڪو به هاءِ اسڪول نه آهي ۽ وبائي بيمارين جي بچاءُ جو ڪو مؤثر بندوبست نه آهي. اُن کانپوءِ ننگر پارڪر وياسون، جتي محترم اشرف علي چاڪيءَ وٽ ماني کاڌي سون. محترم اشرف علي چاڪي، محترم نصير جوڳيءَ جو دوست آهي، جنهن کي نصير جوڳيءَ ننگر پارڪر پهچڻ تي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ ۽ ماني کارائڻ لاءِ چيو هو، جنهن اسان جو وڏو استقبال ڪيو ۽ مانجهاندي جا سهڻا انتظام ڪيا. اُتي اسان کي هڪ نوجوان اصغر ڪُنڀارُ مليو. اُن مون کي ڏسي چيو ته اوهان غلام عباس ڀنڀرا آهيو؟ اوهان جا ڪتاب آئون پڙهندو آهيان. ”ڪارونجهر تي مور نه آيا“ مون تفصيلي پڙهيو آهي. اسان جي هن علائقي جي حالتن جو تفصيلي ذڪر اٿس. اوهان ٿر اچو ٿا ۽ ٿر جي غريب ماڻهن جي مسئلن تي لکو ٿا، اسان جي لاءِ اها وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي.
هتي هيءَ ڳالهه لکڻ آئون ضروري ٿو سمجهان ته ٻه سال اڳ به آئون محترم قربان منگي ۽ علامه حزب الله آءِ سومري کي وٺي ٿر آيو هوس. ٻن سالن دوران منهنجو ٿر جو هي ٻيو دورو هو. هي ٻيو دورو اُن لاءِ هو ته ڏسجي ته ٻن سالن دوران حڪومت ٿر جي ڏڪار سٽيل ماڻهن لاءِ ڪهڙيون نيون سهولتون مهيا ڪيون آهن. پر ٻن سالن کانپوءِ ٿر اچڻ تي ڏٺوسون ته ٿَــرُ اڃان وبائي بيمارين ۾ وڪوڙيل آهي. ڇاڇري، ڏاهلي، ننگرپارڪر ۽ ٿَرَ جي ٻين هنڌن تي اڻ ڳڻيا معصوم ٻارَ، عورتون ۽ سَوَن جي تعدادَ ۾ جانورَ ۽ پکي پکڻَ خطرناڪ وبائي بيمارين جو شڪار ٿي چڪا آهن. ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب ٻار ڪمزور ڄمن ٿا ۽ مري وڃن ٿا. حڪومت کي خاص طور تي ٿرپارڪر ضلعي جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ ماهر ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلڻ گهرجن. جيڪي سڀ کان پهريان اهو جائزو وٺن ته ڪهڙن علائقن ۾ ڪهڙيون وبائي بيماريون پکڙجن ٿيون، انهن بيمارين کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن. جنهن کانپوءِ حڪومت ماهر ڊاڪٽرن جي مشوري تحت قدم کڻي. جڏهن ته ٿر ۾ موت جي راڪاس کي انساني زندگين مٿان چنبا کوڙڻ کان اڳ ٿر ۾ بيمارين جي بچاءُ واري مهم هلائڻ گهرجي.... ته هتي ڳالهه پئي هلي اسان جي ٻيهر ٿر گهمڻ جي ته محترم اشرف علي چاڪيءَ وٽ مانجهاندو ڪرڻ کانپوءِ اسان ڪاسبو وياسون، جتي راما پير مندر ڏٺوسون. مندر جي آسپاس مسلمانن سان گڏ ميگهواڙ، ڪولهي ۽ هندو ڌرمَ جي ٻين ذاتين جا ماڻهو آباد آهن. راما پير مندر تي پيرو ميگهواڙ، ڀڳت اوپارام ۽ ڀڳت بالا رام سان ملاقات ٿي. انهن ٻڌايو ته غربت سبب هتان جا ٻار پڙهي نٿا سگهن. روزگار جا ذريعا گهٽ آهن. هتي جڏهن ٻاهريان ماڻهو تفريح ڪرڻ ايندا آهن ته اُهي غريب ماڻهن کي چند روپيا خرچيءَ طور ڏيئي ويندا آهن. پر اُن خرچيءَ مان غريبن جو گذر سفر ٿي نه سگهندو آهي. سڄو سال ڏاڍو ڏکيو ۽ بُکن ڪاٽڻ ۾ گذرندو آهي. هتي وڏا پهاڙ آهن، ڪارخانن ۾ ڪم ايندڙ مٽيريل جام آهي، حڪومت جيڪڏهن هن علائقي جي خوشحاليءَ جا منصوبا ٺاهي ته هن علائقي مان بُک ۽ بدحالي ختم ٿي سگهي ٿي.
راما پير مندر کان واپسيءَ تي اسان گهٽياري ڊيم ڏٺوسون، جتي مِينهن جو پاڻي گڏ ٿيل هو، پر اُهو پاڻي خراب ٿي ويو هو ۽ بدبوءِ ڪري چڪو هو. جيڪو پيئڻ جي لائق نه هو. اُتي ڊيم جي آسپاس جي ماڻهن ٻڌايو ته ڊيم جو پاڻي خراب ٿي چڪو آهي. ڪافي جانور هن ڊيم جو پاڻي پيئڻ کانپوءِ مري ويا آهن. اُن کانپوءِ اسان ڪارونجهر جبل تي وڃي جبل جو نظارو ڪيوسون. ڏاڍو خوبصورت ۽ لطف اندوز نظارو هو، پر حڪومت ڪارونجهر جبل کي تفريحي ماڳ بنائڻ جا مناسب ۽ گهربل انتظام نه ڪيا آهن. حڪومت کي ڪارونجهر جبل کي تفريح جو مرڪز بنائڻ لاءِ مؤثر منصوبا ٺاهڻ گهرجن. ڪارونجهر جبل جيڪڏهن تفريحي مرڪز بڻجي ويو ته اهو جبل سنڌ جي جنت جو ڏيک ڏيندو. بعد ۾ اسان ڀوڏيسر مندر، ڀوڏيسر مسجد ۽ ڀوڏيسر ڊيم ڏسڻ وياسون. ڀوڏيسر مندر به گوڙي مندر وانگر جين ڌرم وارن جو مندر آهي پر هي مندر ڀڄي ڀُري ختم ٿي چڪو آهي ۽ نهايت ڪمزور ۽ خطري واري حالت ۾ آهي. اقليتي امور ۽ ثقافت واري کاتي کي تَحرُڪَ ۾ اچڻ گهرجي. جڏهن ته ڀوڏيسر مسجد به ڏاڍي ڪمزور حالت ۾ آهي. جنهن لاءِ اُتان جي ڪجهه ماڻهن ٻڌايو ته اسان پنهنجي وڏن کان ٻُڌو آهي ته اِها مسجد به اڄ کان پنج سؤ سال اڳ اسلامي جذبي سان سرشار محمود شاهه بيگڙي ٺهرائي هئي. ڀوڏيسر مسجد گهمڻ دوران اُتي مسجد تي سار سنڀال وارو ڪو به ماڻهو نظر نه آيو! جڏهن ته ڀوڏيسر مندر جي حالت خراب هجڻ سبب ماڻهو مندر ۾ عبادت ڪرڻ نه ٿا اچن. ڀوڏيسر مسجد ۽ ڀوڏيسر مندر ڀرسان ڀوڏيسر ڊيم به آهي. جنهن ۾ بارش جو پاڻي گڏ ٿيندو آهي. جيڪو چند ڏينهن نظر ايندو آهي. بعد ۾ بارشون ختم ٿيڻ کان پوءِ سڄو سال ڊيم ۾ پاڻي نه هوندو آهي. تنهنڪري حڪومت اهڙو بندوبست ڪري، جيئن ڀوڏيسر ڊيم سڄو سال پاڻيءَ سان ڀريل هجي. جنهن مان علائقي جي ماڻهن ۽ چوپائي مال جو سُک ٿئي.
ڀوڏيسر مندر، ڀوڏيسر مسجد ۽ ڀوڏيسر ڊيم ڏسڻ کانپوءِ اسان محترم اشرف علي چاڪيءَ وٽ چانهه پي واپس ٿيا سون. اسلام ڪوٽ پهچي عبدالغني بجير ۽ شاهنواز خاصخيليءَ، محترم شهباز علي بجير جي ”ماشاءَ الله“ هوٽلَ تي چانهه پياري. بعد ۾ انهن کان موڪلايوسون. سج لهي چڪو هو. اسان اسلام ڪوٽ مان عمرڪوٽ روانا ٿياسون. انجنيئر علي حسن خاصخيليءَ کي عمرڪوٽ ۾ ڇڏيوسون. بعد ۾ اسان ڳوٺ صالح ڀنڀرو ۾ وڃي فقير مختيار ڀنڀرو وٽ رات رهياسون. اُتي اسان جي بزرگ شاعر محمد عباس ”ساٿي“ ڀنڀرو، انجنيئر غلام حيدر ڀنڀرو، عمران ڀنڀرو، عنايت ڀنڀرو، امام الدين ڀنڀرو، شهاب الدين ڀنڀرو، اظهر عباس ڀنڀرو ۽ ٻين سان ملاقات ٿي رات جي ماني فقير مختيار ڀنڀري کارائي ۽ صبح جو ناشتو به اُن ڪرايو.
صبح جو ناشتو ڪرڻ کانپوءِ سامارو ڀرسان ڳوٺ بچل ڀنڀرو آياسون، جتي اسان جي علي نواز ڀنڀرو، محمد حيات ڀنڀرو، ثناءُالله خاصخيلي، امير بخش ڀنڀرو، الله بخش ڀنڀرو، محمد حسن ڀنڀرو، غلام رسول ڀنڀرو، غلام محمد ڀنڀرو، عبدالقادر ڀنڀرو، الهڏنو ڀنڀرو ۽ ٻين سان ملاقات ٿي. جتي چانهه پيئڻ دوران علائقي جي ماڻهن سان تعليم ۽ صحت متعلق ڳالهيون ٿيون. علائقي جي ماڻهن ٻڌايو ته هتي ويجهو ڪو به هاءِ اسڪول ۽ ڪا به اسپتال نه آهي. سامارو شهر ڪافي پري آهي. ٻار سامارو پڙهڻ ويندا آهن ۽ بيمار مريضن کي به سامارو کڻي ويندا آهيون. علائقي ۾ بنيادي سهولتون نه هجڻ سبب ڪافي تڪليفون ڏسڻيون پونديون آهن. بعد ۾ اسان ڳوٺ بچل ڀنڀرو جي دوستن کان موڪلائي ميرپور خاص آياسون. قربان منگيءَ کي ڪراچي وڃڻو هو. اُن کي ميرپور خاص جي بس ٽرمينل تان ڪوچ ۾ ويهاريوسون. جنهن کانپوءِ اسان ٽنڊو آدم آياسون. جتي حُر جماعت جي اڳواڻَ خميسي فقير جي وفات تي سندس پُٽ اعجاز ڀنڀرو سان تعزيت ڪئي سون. بعد ۾ اسان سانگهڙ مان ٿيندا، کينواريءَ آياسون. هي علائقو خيرپور ضلعي جو ريگستاني علائقو آهي. کينواريءَ ۾ محمد بچل ڀنڀري ۽ ٻين اسان جو استقبال ڪيو ۽ چانهه پياري. ان کانپوءِ اسان چونڊڪو ۾ اچي پيراڻو سائل ڀنڀرو جي چانهه پيتي سون. چونڊڪو ۾ اسان کي رات ٿي چڪي هئي. بعد ۾ اسان ناري ۽ ڪوٽڏجيءَ وارا ڪوههَ لتاڙيندا اچي خيرپور پهتاسون.