ڪتاب جو نالو: ٽهڪن ۽ فراموشين جو ڪتاب
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: ماهوار پرک ڪراچي
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 24 مارچ 2019 ع
پڙهيو ويو: 702 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 302 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
چيڪوسلواڪيا جي مشھور ليکڪ ميلان ڪنڊيرا جو تعارف، انٽرويو، ڪھاڻي ۽ ناول جو ترجمو آھي جنھن جو سنڌيڪار رسول ميمڻ آهي.
هو پنهنجن همعصر اديبن ۾ اهم جاءِ والاري ٿو، هو چيڪو سلواڪيه ۾ ويهين صديءَ جي وچن ڏهاڪن اندر پاڻ کي هڪ اهم اديب ۽ دانشور جي حيثيت ۾ مڃرائي چڪو هيو، هن جي هر لکڻيءَ ان وقت سياسي ۽ ادبي بحث ڇيڙي وڌو، شروعاتي ڏينهن ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن هيو، هن جون ڪهاڻيون ان وقت جي دانشورن جي ڪردارن تي مشتمل ڪهاڻيون آهن. هن پنهنجين لکڻين ۾ دانشورن جي منافقانا سوچ ۽ ڪردار جي نندا ڪئي آهي
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • تعارف
  • انٽرويو
  • ڪهاڻي : ماضيءَ جي خوشبوءِ
  • ناول: ٽهڪن ۽ فراموشين جو ڪتاب

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : ٽهڪن ۽ فراموشين جو ڪتاب
    موضوع : تعارف، انٽرويو، ڪهاڻي ۽ ناول
    ليکڪ : ميلان ڪنڊيرا
    سنڌيڪار : رسول ميمڻ
    ڇپيندڙ : ماهوار پرک ڪراچي
    سال : 2010ع
    ڪمپوزنگ : خادم حسين جروار


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    *


    Tahakan aen faramoshiyan jo kitab

    Writen by : Melan Kandera
    Translated by : Rasool Memon
    Year : 2010
    Composed by : Khadim Hussain jarwar
    Published by : Monthly Parkh karachi

    *


    ارپنا

    ”برلن جي ڀت“
    نالي
    جنهن کي
    مون ڊهندي ڏٺو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ٽھڪن ۽ فراموشين جو ڪتاب“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب چيڪوسلواڪيا جي مشھور ليکڪ ميلان ڪنڊيرا جو تعارف، انٽرويو، ڪھاڻي ۽ ناول جو ترجمو آھي جنھن جو سنڌيڪار رسول ميمڻ آهي.
    هو پنهنجن همعصر اديبن ۾ اهم جاءِ والاري ٿو، هو چيڪو سلواڪيه ۾ ويهين صديءَ جي وچن ڏهاڪن اندر پاڻ کي هڪ اهم اديب ۽ دانشور جي حيثيت ۾ مڃرائي چڪو هيو، هن جي هر لکڻيءَ ان وقت سياسي ۽ ادبي بحث ڇيڙي وڌو، شروعاتي ڏينهن ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن هيو، هن جون ڪهاڻيون ان وقت جي دانشورن جي ڪردارن تي مشتمل ڪهاڻيون آهن. هن پنهنجين لکڻين ۾ دانشورن جي منافقانا سوچ ۽ ڪردار جي نندا ڪئي آهي، اڳتي هلي ڪميونسٽ نظريي جي مخالف سوچ جو حامي ٿيو، هن ڪميونزم کي عقيدي سان ڀيٽ ڏني ۽ چيو ته ان نظريي انسان جي بنيادي حقن کي غصب ڪيو آهي، هن جون لکڻيون آزاد خياليءَ جي حمايت ڪن ٿيون، هن وچ يورپ ۾ ڪميونسٽ انقلاب ۽ روسي قبضي کان پوءِ ذاتي طرح تمام ڀوڳيو، جنهن جو اثر هن جي لکڻين ۾ ملي ٿو.
    ھي ترجمو ماھوار پرک پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون سائين رسول ميمڻ جا جنھن ھي ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گھر لاءِ موڪليو.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    وڏي بي دليءَ سان اوهان آڏو ميلان ڪنڊيرا جي لکڻين کي ترجمو ڪري پيش ڪري رهيو آهيان. ان جو سبب ڪنڊيرا جو سرد جنگ وارن ڏينهن ۾ ڪميونزم خلاف هڪ پگهاردار جو ڪردار ادا هيو.
    گرم ۽ سرد جنگ ۾ اهو فرق هوندو آهي ته گرم جنگ ۾ ماڻهو ۽ سرد جنگ ۾ نظريا، سازشون ۽ پروپيگنڊا وڙهندا آهن. ويهين عيسوي صديءَ ٻه عالمي گرم جنگيون ڏٺيون، باقي سرد جنگ جيڪا سوويت يونين، سندس زير اثر ڪميونسٽ بلاڪ ۽ آمريڪا سميت دنيا جي سرمائيداري نظام هيٺ هلندڙ ملڪن وچ ۾ هئي، اها ايڏي ته سرد هئي جو ان جي سردي ڏسي سائبيريا جي سخت برف به رجي پئي.
    ميلان ڪنڊيرا سرد جنگ وارن ڏينهن ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ رهندي ان جي مقصد خلاف ڪم ڪيو. هو سي آئي اي جو ايجنٽ هيو. اها تنظيم سندس مالي مدد ڪندي هئي. هو سرمائيدارن جو پگهاردار هيو. اهڙي رپورٽ سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ سي آئي اي پاڻ جاري ڪئي هئي.
    وڏي ڏک جي ڳالهه آهي ته هڪ وڏو اديبُ منافق هيو، جڏهن کيس ڪميونزم مان نيڪالي ڏني وئي ته هن کليل لفظن ۾ ان خلاف لکڻ شروع ڪيو، حيرت جي ڳالهه آهي ته اهڙي منافقيءَ جي سلي ۾ کيس اڄ ڏينهن تائين نوبل پرائيز نه ڏنو ويو آهي؟ سرد جنگ جي ڏينهن ۾ نوبل پرائيز کي ڪميونسٽ نظريي خلاف هٿيار طور استعمال ڪيو ويو.
    سارتر وجوديت جو رُخ موڙي انساني آزاديءَ جي فڪر ۾ ڪميونزم جي اجتماعي نظريي خلاف ڌر بڻيو، کيس نوبل انعام آڇيو ويو پر اهو چئي وٺڻ کان انڪار ڪيو ته سندس فڪر ڪنهن به انعام جو محتاج نه آهي. نوبل انعام کيس وجوديت جي فلسفي کان متاثر ٿي نه ٿو ڏنو وڃي پر انڪري ٿو ڏنو وڃي جو اهو اڻ سڌي طرح ڪميونزم خلاف آهي.
    ميلان ڪنڊيرا لاءِ سارتر هڪ مثال آهي.
    ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪميونسٽ نظام جي پاليسين خلاف اديبن جو وڏو ڪردار آهي. خاص ڪري وچ يورپ جا يهودي جن ٻئي جنگ عظيم ۾ جرمني ۽ روس جي انهن ملڪن تي قبضي کانپوءِ ڀوڳيو.
    ان وقت جو ادب سندن دل جو آواز آهي ۽ پڙهڻ سان دل تي اثر ڇڏي ٿو، انهن ڀوڳيو، حالتن سان ڪڏهن سمجهوتو نه ڪيو.
    انهن ڳالهين کي پاسي رکي جيڪڏهن اعتدال سان ميلان ڪنڊيرا جي لکڻين جو جائزو وٺبو ته هن وٽ فن آهي. لکڻ جو ڏانءُ ۽ ڏات آهي. هو سٺو لکي ٿو. سندس ڪردار جيئرا جاڳندا محسوس ٿين ٿا. هن وٽ لڪيل سياست جي پس منظر ۾ ڪردارن جي ڀوڳنا هڪ ڏکندڙ درد جيان محسوس ٿئي ٿي.
    مان ترجمو ڪندڙ نه آهيان، مون کان ميلان ڪنڊيرا ترجمو ٿي ويو ڇو جو ان جو سبب نثار منصور پاران ڏنل ڪتاب هيو، جنهن چيو ته ”پرک جي ميلان ڪنڊيرا نمبر لاءِ کيس ترجمو ڪري ڏيان.“
    دوستن سان ”ها“ ملائڻي پوي ٿي ۽ مون ميلان ڪنڊيرا کي ترجمو ڪيو.


    رسول ميمڻ
    ڪراچي


    تعارف

    ميلان ڪنڊيرا پهرين اپريل 1929ع ۾ چيڪو سلواڪيه جي شهر برنو ۾ جنم ورتو، هن جو واسطو وچين طبقي جي لکيل پڙهيل گهراڻي سان هيو، هن جي ڪٽنب جا ڪجهه ڀاتي موسيقار ليئوش ياناچيڪ جا شاگرد هيا. ليئوش ياناچيڪ جيڪو سلواڪيه جو مشهور پيانو نواز ۽ موسيقيءَ جو ماهر هيو، هو برنو ميوزيڪل اڪيڊميءَ جو 1948ع کان 1961ع تائين سربراهه رهيو، ننڍپڻ ۾ ميلان ڪنڊيرا پنهنجي پيءَ سان گڏ ان کان پيانو وڄائڻ سکيو، هن پوءِ موسيقيءَ جي باقاعدي تربيت حاصل ڪئي، اهو ئي سبب آهي جو هن جي لکڻين ۾ موسيقيت محسوس ٿئي ٿي ۽ موسيقيءَ جا حوالا ملن ٿا.
    هو پنهنجن همعصر اديبن ۾ اهم جاءِ والاري ٿو، هو چيڪو سلواڪيه ۾ ويهين صديءَ جي وچن ڏهاڪن اندر پاڻ کي هڪ اهم اديب ۽ دانشور جي حيثيت ۾ مڃرائي چڪو هيو، هن جي هر لکڻيءَ ان وقت سياسي ۽ ادبي بحث ڇيڙي وڌو، شروعاتي ڏينهن ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن هيو، هن جون ڪهاڻيون ان وقت جي دانشورن جي ڪردارن تي مشتمل ڪهاڻيون آهن. هن پنهنجين لکڻين ۾ دانشورن جي منافقانا سوچ ۽ ڪردار جي نندا ڪئي آهي، اڳتي هلي ڪميونسٽ نظريي جي مخالف سوچ جو حامي ٿيو، هن ڪميونزم کي عقيدي سان ڀيٽ ڏني ۽ چيو ته ان نظريي انسان جي بنيادي حقن کي غصب ڪيو آهي، هن جون لکڻيون آزاد خياليءَ جي حمايت ڪن ٿيون، هن وچ يورپ ۾ ڪميونسٽ انقلاب ۽ روسي قبضي کان پوءِ ذاتي طرح تمام ڀوڳيو، جنهن جو اثر هن جي لکڻين ۾ ملي ٿو.
    ڪنڊيرا سيڪنڊري اسڪول جي تعليم 1948ع ۾ برنو ۾ مڪمل ڪئي، پوءِ هن چارلس يونيورسٽيءَ ۾ ادب ۽ جماليات جي شعبي ۾ داخلا ورتي، تعليم وچ ۾ ڇڏي فلم اڪيڊمي ۾ شامل ٿيو، جتي هن پهريون فلم ڊائريڪشن جي سکيا حاصل ڪئي ۽ پوءِ اسڪرپٽ لائٽنگ ۾ مهارت حاصل ڪئي، هن 1952ع ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ اتي فلم اڪيڊميءَ ۾ عالمي ادب جو استاد مقرر ڪيو ويو، ٻئي عالمي جنگ کان پوءِ هن جو تعلق نوجوانن جي ان نسل سان هيو جن ناٽڪ ۾ آزادانا ماحول ٿوري وقت لاءِ ڏٺو. ٻئي عالمي جنگ ۽ ملڪ تي جرمنيءَ جي قبضي هن جي لکڻين کي متاثر ڪيو، ان وقت هن کي ملڪ جي نجات ڪميونسٽ نظريي ۾ نظر آئي، هو مارڪس جو مداح هيو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن رهيو، اڳتي هلي ڪنڊيرا ۽ هڪ ٻئي چيڪ اديب ٽريفلڪا کي پارٽيءَ خلاف ڪم ڪرڻ جي الزام هيٺ ميمبر شپ رد ڪري نيڪالي ڏني وئي. ٽريفلڪا ان جو ذڪر پنهنجي هڪ ناول “خوشيون مينهن ڪڻيون” ۾ ڪيو آهي، اهو ناول 1960ع ۾ شايع ٿيو، ڪنڊيرا پڻ ان واقعي کي بنياد بڻائي “مذاق” نالي پهريون ناول لکيو، جيڪو 1967ع ۾ شايع ٿيو.
    ڪنڊيرا 1956ع ۾ وري ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ پارٽي اصولن خلاف ڪم ڪرڻ جي ڏوهه ۾ وري هن کي 1970ع ۾ نيڪالي ڏني وئي، شخصي طور ميلان ڪنڊيرا اڪيلائي پسند آهي. پنهنجي ذاتي واسطن ۽ نجي معاملن ۾ ڪنهن جي به مداخلت پسند نه ٿو ڪري. هو زندگيءَ کي انسان جي شخصي ميراث ڪوٺي ٿو ۽ ان ۾ سوراخ ڪري ٻين جي ڏسڻ کي بدديانتي ڪوٺي ٿو، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو ان ڳالهه جو حامي نظر اچي ٿو ته لکڻين کي انهن جي معيار تي پرکيو وڃي. شخصيتن جي آڌار تي انهن جو ڪاٿو لڳائي نه ٿو سگهجي. هن کي پنهنجي سوانح عمريءَ بابت سخت شڪايتون آهن، هو نه ٿو چاهي ته سندس ذاتي زندگيءَ بابت معلومات عام ڪئي وڃي. تازو فرينچ ٻوليءَ ۾ ڪنڊيرا متعلق هڪ ڪتاب شايع ٿيو آهي جنهن ۾ سندس زندگيءَ جي باري ۾ ٻه سٽون شامل ڪيون ويون آهن. “ميلان ڪنڊيرا 1929ع ۾ چيڪو سلواڪيه ۾ ڄائو ۽ 1975ع تائين فرانس ۾ رهيل آهي.”
    ڪنڊيرا 1950ع ۽ 1960ع وارن ڏهاڪن دوران لکيل پنهنجين لکڻين جو منصق آهي هو چوي ٿو ته سندس ان دور وارين لکڻين کي هن جي ٻئي ادبي پورهئي کان الڳ ڪيو وڃي ڇو جو اهي نظرياتي پروپيگنڊا ۽ ڪچيون ناڪام لکڻيون آهن. هن جون تخليقي صلاحيتون ان وقت عروج تي نظر اچن ٿيون جڏهن هو پنهنجو ديس ڇڏي وچ يورپ ۾ اچي رهيو هو، ڪافڪا، ڊڊيرو، ميوسل، بروڪ ۽ هيگر جي فن کان متاثر ٿيو.
    ڪنڊيرا جو ادبي سفر ڊگهو ۽ وسيع آهي، هن لکڻ جي شروعات 1945ع ۾ ڪئي جڏهن شاعر ولاد مير مايا ڪوفسڪيءَ جا ڪجهه شعر ترجمو ڪري ڇپرايا، 1946ع ۾ هن پنهنجي سوٽ لڊوڪ ڪنڊيرا جي همت افزائي تي هڪ سريئلسٽڪ شعر لکيو، لودويڪ ڪنڊيرا هن کان عمر ۾ نوَ سال وڏو هيو ۽ چيڪو سلواڪيه جو مشهور شاعر آهي. ميلان ڪنڊيرا جو پهريون ڪتاب 1953ع ۾ ڇپيو، ان وقت چيڪو سلواڪيه ۾ ڪميونسٽ انقلاب کي پنج سال پورا ٿي چڪا هيا ۽ اهو اسٽالن جو دور هيو، ان ڪتاب جو نالو “ماڻهو هڪ ڪشادو باغ” هيو اهو هڪ شعري مجموعو هيو.
    فيبروري 1948ع ۾ جڏهن چيڪو سلواڪيه ۾ ڪميونسٽ انقلاب اچي چڪو هيو تڏهن اتي ادب ۾ سوشلسٽ حقيقت پسنديءَ جو رجحان هيو، ميلان ڪنڊيرا جو اهو ڪتاب ان روايتي ۽ مروج رجحان کان الڳ هڪ نئون آواز هيو، ڪنڊيرا توڙي جو ان وقت سوشلسٽ نظريي جو حامي هيو، پر هن جي لکڻين ۾ پوءِ به انفراديت هئي، هن وٽ نعري بازي نه آهي پر هو پنهنجيون تخليقي صلاحيتون استعمال ڪندي مختلف نوع ۾ سامهون اچي ٿو.
    1955ع ۾ ڪنڊيرا جو هڪ ڊگهو نظم شايع ٿيو، جيڪو ڪميونسٽ پرچار جو حصو چيو وڃي ٿو، ان وقت هڪ وڏي رقم ڏئي هن کان اهو نظم لکرايو ويو، اهو نظم “آخري مٽي” آهي، جنهن جو هيرو جيولس فيوچڪ هڪ اهڙو سوشلسٽ صحافي آهي، جيڪو ٻئي عالمي جنگ دوران جرمنيءَ جي چيڪو سلواڪيه تي قبضي خلاف مزاحمت ڪري ٿو.
    وارسا پيڪٽ تحت 1968ع ۾ جڏهن سويت فوجون چيڪو سلواڪيه ۾ داخل ٿيون ته ميلان ڪنڊيرا جي ڪتابن تي پابندي مڙهي انهن کي لئبريرين ۽ بڪ اسٽالن تان هٽايو ويو. هن جي فلم اڪيڊميءَ واري نوڪريءَ کي ختم ڪيو ويو، هن 1975ع ۾ فرانس جلاوطني اختيار ڪئي، ان وقت هن جو فن پنهنجي عروج تي نظر اچي ٿو، هن جو آخري ناول لافانيت Immortality 1990ع ۾ فرانسيسيءَ ۾ ڇپيو، جڏهن ته اصل چيڪ مسودو 1993ع ۾ شايع ٿيو.


    انٽرويو

    سوال: مان توهان کان ڪِن بنيادي ڳالهين جي وضاحت چاهيندس، توهان پنهنجي ڪتاب “ناول جو فن” ۾ انٽرويو وٺندڙن جي انداز کي ننديو آهي ۽ چيو آهي ته توهان ڪڏهن به ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندا ته توهان متعلق ڪا ڳالهه توهان جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ ڇاپي وڃي، ائين ڪرڻ سان توهان جا پڙهندڙ جيڪي توهان متعلق گهڻو ڪجهه ڄاڻڻ چاهين ٿا، اهي مايوس نه ٿيندا؟
    ميلان ڪنڊيرا: گهڻو ڪري منهنجا جيڪي انٽرويو شايع ٿين ٿا اهي اصلوڪا نه آهن، اهي نقل ڪري ڇاپيا وڃن ٿا. انهن ۾ منهنجا لفظ شامل نه آهن. اهي منهنجن خيالن جا بگڙيل نسخا آهن، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته مون کي انهن جي معرفت تنقيد جو نشانو بنايو وڃي ٿو.
    سوال: “آرٽ آف ناول” ۾ توهان وچ يورپ جي باري ۾ بحث ڪيو آهي، توهان جي لکڻين جو موضوع گهڻو ڪري چيڪو سلواڪيه آهي، وچ يورپ جي اهميت پنهنجي آهي ڇا توهان ان ڳالهه تي روشني وجهندءُ ته وچ يورپ جا اهي ڪهڙا اديب آهن جيڪي توهان جي فڪري پيماني تي پورا لهن ٿا؟
    ميلان ڪنڊيرا: مان ان وضاحت کي صرف ناول جي حد تائين محدود رکڻ جي ڪوشش ڪندس، وچ يورپ جا اهڙا چار ناول نگار آهن، جن کي مان وڏي اهميت وارو سمجهان ٿو، انهن ۾ ڪافڪا، بروڪ، ميوسل ۽ گومبرو وچ شامل آهن، انهن کي ڄاڻڻ کان سواءِ موجوده ناول کي سمجهڻ ڏکيو آهي، اهي اعتدال پسند آهن. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اهي لکڻين لاءِ نظرين جا غلام نه آهن، اهي انڌن انقلابن ۽ ترقيءَ جي ڪوڙن نعرن ۾ يقين نه ٿا رکن، انهن اڻويهين صديءَ جي شروعاتي دور ۾ جديد ناول جو بنياد رکيو، مان ان دور کي ناول جي “اڌ تاريخ” چوندس، خاص ڪري بروڪ ۽ ميوسل جا ناول شاعراڻي انداز جي اعليٰ ذوق جي حدن کي ڇُهندي پنهنجي ثقافتي ڍنگ ۾ رنڱيل آهن، آمريڪا جهڙي ادبي بدگماني چوندس، پر جڏهن آمريڪي ناول جي اوسر کي ڏسجي ٿو ته اها بدگماني زائل ٿي وڃي ٿي، ڇو جو پهرين ڳالهه اها آهي ته آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ انهن کي گهٽ سڃاتو وڃي ٿو، جنهن کي مان ادبي بدگماني چوندس.پر جڏهن آمريڪي ناول جي اوسر ڏسجي ٿي ته، اها بدگماني زائل ٿي وڃي ٿي. ڇو جو پهرين ڳالهه اها آهي ته آمريڪا جي پنهنجي ايڏي پراڻي تاريخ نه آهي، جڏهن ناول جو پهريون دور هيو ته آمريڪا اڃا وجود وٺي رهيو هيو، ٻئي ڳالهه اها ته ان وقت يورپ ايترو سجاڳ هيو جو اتي ناول جنم وٺي رهيا هيا، اڳتي هلي آمريڪا ناميارا ناول نگار پيدا ڪيا جن ۾ هيمنگوي، وليم فاڪنر ۽ ڊوس پيسوس شامل آهن.
    سوال: ڇا اهو چئي سگهجي ٿو ته اهي ناول نگار توهان جي فن تي اثر انداز ٿيا؟
    ميلان ڪنڊيرا: منهنجون لکڻيون انهن کان متاثر نه آهن، ائين چئي سگهجي ٿو مان به ان ساڳي جمالياتي ڇت هيٺان پناهه ورتي آهي جتي انهن ورتي هئي پر مون پروسٽ ۽ جيمس جوائس واري ڇت هيٺان ڪڏهن پناهه نه ورتي آهي ۽ نه ئي هيمنگوي واريءَ هيٺان، جڏهن ته مان ان کي پسند ڪيان ٿو، مان جن لکندڙن جو ذڪر ڪيان ٿو، انهن سڀني جا رستا الڳ آهن ۽ هڪ ٻئي تي اثرانداز به نه ٿا ٿين، ان حد تائين جو هڪ ٻئي کي پسند به نه ٿا ڪن، بروڪ هميشه ميوسل کي تنقيد جو نشانو بڻائيندو هيو ۽ ميوسل بروڪ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هيو، گروموچ ڪافڪا کي پسند نه ڪندو هيو، هو بروڪ ۽ ميوسل جي باري ۾ ڳالهائڻ پسند نه ڪندو هيو، ڄڻ انهن کي سڃاڻندو ئي نه هجي.
    سوال: وچ اولهه جو سلاوڪ ديس جي باري ۾ ڪهڙو رايو آهي؟
    ميلان ڪنڊيرا: سلاوڪ زبانن ۾ ڪجهه هڪجهڙائي ته آهي پر ثقافتي لحاظ کان اهي الڳ آهن. سلاوڪ ادب جو ڪو وجود نه آهي، جيڪڏهن مون کي سلواڪ اديب سمجهيو ٿو وڃي ته پوءِ منهنجي اها حيثيت نه ٿي رهي، منهنجين لکڻين ۾ وچ يورپ جي ثقافت آهي، جيڪا زبان جي لحاظ کان جرمنو سلاووهنگارينGermano Salavio Hangarin آهي. مان چوندس ته ناول جي تاريخ يورپ جي تاريخ آهي.
    سوال: توهان رڳو يورپي ناول جي ساراهه جا ڍڪ ٿا ڀريو، ڇا آمريڪي ناول جي ڪا حيثيت نه آهي؟
    ميلان ڪنڊيرا: توهان پنهنجي جاءِ تي صحيح آهيو، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ان کي ڪيئن بيان ڪيان، مان ائين چوندس ته جڏهن مان يورپي ناول چوان ٿو ته توهان ائين چئي سگهو ٿا ته روسي ناول جو ڪو ذڪر نه ٿو ڪريان، آمريڪا ۽ اسرائيل سان منهنجو روحاني ناتو آهي، اهو ائين آهي جيئن سيروينٽس کان وليم فاڪنر تائين ناول جو سفر.
    سوال: توهان عورت ناول نگارن جو لکيل مضمون ۾ ڪو ذڪر نه ڪيو آهي، ڇا اهي سٺيون ليکڪائون نه آهن؟
    ميلان ڪنڊيرا: ناول ۾ موجود ڪردارن جي جنس جي تذڪري کي اهميت آهي، ان جي لکندڙ جي جنس کي نه. دنيا جا وڏا ناول ٻنهي جنسن جي مسئلي جي اپٽار ڪن ٿا، اهي عورت ۽ مرد جو گڏيل موقف پيش ڪن ٿا، لکندڙ جي جنس کي ڪا اهميت نه آهي.
    سوال: توهان جا ناول چيڪ معاشري جي ترجماني ڪن ٿا، مون لاءِ اها حيرت جي ڳالهه آهي ته ملڪ کان ٻاهر فرانس جو سماجي ماحول انهن تي اثرانداز نه ٿئي ٿو، ڄڻ توهان اصلوڪي گهر ۾ لکندا هجو؟
    ميلان ڪنڊيرا: مان ڇڙو ائين چوندس ته چيڪوسلواڪيه ۾ پنجيتاليهه سالن تائين رهيس، لکڻ ان وقت شروع ڪيم جڏهن عمر ٽيهه سال هئي، پر منهنجو تخليقي سفر فرانس اچڻ کانپوءِ شروع ٿئي ٿو ۽ فرانس ۾ جاري رهندو. منهنجا فرانس سان لاڳاپا منهنجين سوچن کان به وڌ آهن.
    سوال: آخر ۾ هڪ سوال ته ڇا توهان پنهنجين سوچن ۾ ڪا ارتقائي تبديلي محسوس ڪريو ٿا؟ ادب جي حوالي سان... دنيا جي حوالي سان يا ثقافت ۽ پنهنجي حوالي سان ارتقائي طور توهان جون سوچون مٿاهينءَ طرف روان آهن يا انهن ۾ ڪا مايوسي آئي آهي؟
    ميلان ڪنڊيرا: جڏهن ٽيهن سالن جو هيس ته مون گهڻو ڪجهه لکيو، مون وٽ هر شيءِ کان وڌيڪ موسيقيءَ جي اهميت هئي، شاعري ڪئي ۽ ڪجهه ڊرامن ۾ ڪم ڪندو رهيس، پنهنجي آواز کي ٺاهيندو هئس، پنهنجي ڪردار کي، پنهنجو پاڻ کي. پنهنجي ڪتاب “ڀوڳ جهڙو پيار” جي پهرين ڪهاڻي جيڪا مون 1959ع ۾ لکي، ان ۾ مون پاڻ کي ڳولي لڌو، مان نثرنگار ٿي پيس ۽ ناول نگار جي حيثيت ۾ اڀري سامهون آيس، هاڻي مان ان کانسواءِ ڪجهه به نه آهيان.


    ڪهاڻي : ماضيءَ جي خوشبوءِ

    هو گهر وڃي رهيو هيو، ان ڳوٺ ۾ هو هڪجهڙي زندگي ۽ گلا خور پاڙيسرين کان بيزار ٿي چڪو هيو، ان رستي سان خيالن ۾ گم ائين وڃي رهيو هيو جو شايد هو ڀرسان لنگهندڙ عورت کي نه ڏسي سگهي ها، پر اها هن کي سڃاڻي چڪي هئي، جڏهن هن ويجهو پهتي ته اها ئي پراڻي مرڪ هن جي چپن تي وري آئي، جڏهن هن اها مرڪ ڏٺي هن کان ڇرڪ نڪري ويو، اها مرڪ هن کي چڱيءَ طرح ياد هئي.
    “معاف ڪجو مون توهان کي سڃاڻڻ ۾ دير ڪئي.”
    هن جي ان جملي ۾ عورت لاءِ ان ڳالهه جو احساس سمايل هيو ته هوءَ ڪيڏي نه پوڙهي ٿي چڪي آهي.
    “ڇا مان واقعي ئي ايڏي بدلجي وئي آهيان؟” هن پڇيو.
    هن ڪنڌ “نه” ۾ هلايو، اهو ايڏو وڏو ڪوڙ نه هيو، ڇو جو وقت سان هن جي چپن جي اها مرڪ اڃا به ساڳي هئي، پر اهو سچ به هيو ته وقت ان کي پوڙهو ڪري وڌو هيو، هن عورت کي ڏسي ماضيءَ جي مٽي هٽائي ان جو چهرو ياد ڪيو جيڪو انتهائي حسين هيو.
    عورت هن کي ٻڌايو ته هوءَ سانجهيءَ جو هڪ گاڏيءَ ۾ پراگ رواني ٿيڻ واري آهي. هن کي ڳوٺ ۾ ٻيو ڪو ڪم نه آهي، هن ان کي ڪافيءَ جي دعوت ڏني جيڪا عورت قبول ڪئي. ڳوٺ جا ٻئي ڪافي هائوس سدائين پرهجوم هوندا هيا، انهن اندر گندگي به گهڻي هوندي هئي، هن اهو مناسب سمجهيو ته اوڏانهن نه وٺي وڃي ان لاءِ هن کي گهر وٺي آيو.
    پنجويهه سال اڳ جڏهن ان عورت جي شادي ٿي هئي، ته ڪجهه وقت اتي ڳوٺ ۾ گذاريو، پر پوءِ مڙس سان پراگ لڏي وئي، هاڻي هن جي مڙس کي مئي ڏهه سال گذري چڪا هيا، سندس مڙس جي آخري خواهش مطابق هن کي ڳوٺ ۾ دفنايو ويو هيو، دفنائڻ وقت قبر جو پٽو (Lease) ڏهن سالن لاءِ ڏنو ويو هيو، ڪجهه ڏينهن اڳ عورت کي ياد آيو ته مڙس جي قبر جي پٽي ۾ واڌ ڪرائڻي آهي، جنهن لاءِ کيس ڳوٺ اچڻو پيو، گهڻن سالن کان پوءِ جڏهن ڳوٺ آئي ته هن محسوس ڪيو ڄڻ زندگيءَ ۾ اتي پهريون دفعو آئي هجي، هن کي مڙس جي قبر ڳولهيندي ڪا ڏکيائي ته نه ٿي پر جڏهن اتي پهتي ته ڏٺائين ان جاءِ تان سندس مڙس جو ڪتبو هٽايو ويو هيو، هوءَ پريشان ٿي وئي ۽ جڏهن قبرستان جي مجاور سان ملي ته ان کيس ٻڌايو “قبر جي پٽي جي ميعاد ۾ وقت اندر واڌ نه ڪرائڻ سبب اها جاءِ ٻي کي ڏني وئي آهي.”
    عورت جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
    “پر مون کي ٻڌائڻ توهان جو فرض هيو.” هن چيو.
    هن جي ڳالهه تي مجاور مرڪيو.
    “قبرستان ۾ جاءِ جي قلت آهي، پراڻن مڙدن کي نوَن لاءِ جاءِ خالي ڪرڻي پوي ٿي.” ان چيو.
    هوءَ ڀريل اکين سان جڏهن قبرستان مان موٽي رهي هئي ته هن کي اهو خيال تنگ ڪري رهيو هيو ته هوءَ پنهنجي نوجوان پٽ کي ڪهڙو جواب ڏيندي، هوءَ ان کي ڪيئن ٻڌائيندي ته “سندس پيءَ جي قبر ڪٿي به نه آهي، اها ڌرتيءَ تان ميسارجي چڪي آهي.”
    انهن ئي خيالن ۾ ڳوٺ اندر گهمي وقت گذاري رهي هئي، ڳوٺ جي هر شيءِ بدلجي چڪي هئي، هن کي سڃاڻڻ وارو ڪو به نه بچيو هيو، ريل اچڻ ۾ اڃا گهڻو وقت هيو، هوءَ ٿڪجي چڪي هئي، هن جي جڏهن ان پراڻي واقفڪار تي نظر پئي ته هن خوشي محسوس ڪئي.
    هو ڪمري جي بورچيخاني ۾ ڪافي ٽهڪائي رهيو هيو، ڪجهه مهينا اڳ جي عمر پنجٽيهه سال ٿي چڪي هئي ۽ مٿي جي کسندڙ وارن اهو احساس ڏيارڻ شروع ڪيو هيو ته هن هاڻ پوڙهائپ ڏانهن سفر شروع ڪيو آهي. هن وٽ محرومين جا پنهنجا احساس هيا، انهن محرومين ۾ سڀ کان وڌيڪ عورت جي محرومي هئي، هن ڦوهه جوانيءَ ۾ شادي ڪئي جيڪا طلاق تي ختم ٿي، هن کي ان ڳالهه جو احساس نه هيو ته عورت اندر به جنسي خواهشن جا انبار هوندا آهن، هوءَ انهن جو پورائو چاهيندي آهي، هو ناتجربيڪار هيو، عورت کي نه سمجهي سگهيو.
    ميز تي ڪافيءَ جا ڪوپ رکندي هن سوچيو، وڏي وقت کان پوءِ هن سامهون اها عورت ويٺي آهي جنهن سان ڪڏهن هن جو پيار هيو، جنهن کي هن پنهنجين حماقتن ڪري ضايع ڪيو.
    عورت کي به اها رات ياد هئي جيڪا هن ڪڏهن ان سان گذاري هئي. هن کي اهو ويهن سالن جو نوجوان ياد هيو جيڪو ڏاڍو شرميلو هيو. ان کي اگهاڙي جسم تي ڪپڙن پائڻ جو سليقو نه هيو، اهو هر ڳالهه تي شرمائي رهيو هيو ۽ ان جي اهڙي ادا هن کي وڻي رهي هئي، ان جو ٻاراڻو انداز هن جي دل کي ڇهي رهيو هيو، هن پوءِ پاڻ کي ياد ڪيو هوءَ ان وقت پنجٽيهه سالن جي هئي، حسن پرست هئي ۽ ان جذبي تحت مختلف مردن جي ٻانهن ۾ رهي چڪي هئي. هوءَ جنهن آسانيءَ سان پاڻ حوالي ڪندي هئي، ان آسانيءَ سان ٻانهن مان ٻاهر نڪري به ايندي هئي، هوءَ سونهن جي پارکو هئي، هن کي هاڻي اهو احساس ماري رهيو هيو ته سامهون ويٺل هن جو پراڻو عاشق هن کي بدصورت سمجهي متان نفرت نه ڪري، ان احساس مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ هن ان کي سوالن ۾ وچڙائي ڇڏيو، ان جي ڪمري جي تعريف ڪئي، دريءَ کان نظر ايندڙ منظر کي وڻندڙ ڪوٺيو، ڀتين تي لڳل تصويرن جي مصورن جي باري ۾ ڄاڻ ورتي، پوءِ پنهنجو حال ٻڌايو ته سندس پراگ ۾ زندگيءَ جا ڏينهن ڪئين گذريا ۽ اهو به ته هن جو پٽ هر سال پيءَ جي قبر تي گل چاڙهڻ ايندو رهيو آهي، هن پٽ جي باري ۾ کيس وڌيڪ ٻڌائيندي چيو.
    “اها ڪيڏي نه خوبصورت ڳالهه آهي ته ماءُ پٽ جي چهري ۾ پاڻ کي جوان رکندي آهي، هوءَ جواني ان مٿان قربان ڪري پوءِ پس منظر ۾ هلي ويندي آهي.”
    هوءَ جيترو وقت ڳالهائيندي رهي پٽ جو چهرو هن اڳيان ڦرندو رهيو، هر ڳالهه ۾ سندس ذهن تي پٽ حاوي هيو، ائين ڇو هيو، هن کي ڪا خبر نه هئي، قبر جي معاملي ۾ هوءَ پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪري رهي هئي. هن کي احساس ٿيو ته سندس پٽ هن جي چوڪيداري ڪندو هجي. جيئن هوءَ ان جي پيءَ جي عزت کي متان داغدار نه ڪري وجهي، هن کي لڳو سندس پٽ اهڙين نظرن سان ڏسندو آيو آهي، جيئن ان کي شڪ هجي ته اها ڪڏهن به ان جي عزت مٽيءَ ۾ ملائي سگهي ٿي.
    “معاف ڪجو.” هن عورت کي چيو “شايد منهنجين ڳالهين ڪري اوهان کي ڪو رنج پهتو آهي.”
    هن پنهنجو هٿ عورت جي هٿ تي رکيو، عورت ڍلي چمبڙيءَ وارو هٿ پري ڪيو، هن کي پوڙهائپ جو احساس ٿي رهيو هيو.
    هن سوچيو عورت سامهون اهڙيون ڳالهيون نه ڪري جيڪي ان کي رنج پهچائين. هن کي وقت وڃائڻ نه گهرجي. هن پاڻ کي ساڳيو بيوقوف احمق سمجهيو جيئن اڄ کان پندرنهن سال پهريون هيو، هو چاهي پيو ته عورت ان رات متعلق ڳالهائي جيڪا ڪڏهن ان سان گهاري هئي. هن کي اها رات چڱيءَ طرح ياد هئي، هن کي ان عورت سان ڪيل پهرين ملاقات به ياد هئي، هو ڪجهه دوستن سان گڏ ان سان مليو پر هن کي پراگ جو اهو ننڍو هوٽل ياد هيو جتي ان عورت سان ملاقات ڪئي هئي. هو ان سان سامهون هيٺ ڪنڌ ڪري ويٺو هيو ۽ پاڻ کي مرجهايل محسوس ڪري رهيو هيو، پر هن کي اهو احساس هيو ته هوءَ هن کي پسند ڪري ٿي، هيٺ ڪنڌ ڪري هن تصور ۾ ڏٺو هيو، جڏهن هو ان کي چُمي ڏيندو ته اها ڪيئن لڳندي، اها لباس کان سواءِ ڪيئن لڳندي؟ هن اهو به تصور ڪيو هيو ته همبستريءَ وقت اها هن جي ڀر ۾ اگهاڙي ڪيئن لڳندي، اها هن ڏانهن ڏسي مرڪي رهي هئي.
    ان کان پوءِ ڪيتريون ملاقاتون ٿيون پر هو ناتجربيڪاري ۽ اندر جي ڪنهن خوف کان ان کي حاصل نه ڪري سگهيو، عورت هڪ دفعي هن جي پيڙا کي سمجهي پاڻ ئي کيس راضي ڪيو ته هو جنهن ڪمري ۾ رهي ٿو اتي اچڻ لاءِ تيار آهي، هو جنهن ڪمري ۾ دوست سان رهندو هيو ان کيس خاطري ڪرائي ته هو اڌ رات تائين واپس نه ايندو، هن ڪمري کي سٺي نموني صاف ڪيو ۽ جڏهن شام جا ڇهه ٿيا ته عورت ڪمري جو دروازو کڙڪايو. اهو سيپٽمبر جو مهينو هيو ۽ ٻاهر اوندهه تيزيءَ سان ڦهلجي رهي هئي، هو ٻئي پلنگ جي ڪناري تي ويٺا چُميون ڏئي رهيا هيا. جڏهن هر طرف اوندهه ڇائنجي وئي ته هن اٿي ڪمري جو بلب روشن نه ڪيو. هو اوندهه جي پناهه ۾ پاڻ کي محفوظ سمجهي رهيو هيو، هو سوچي رهيو هيو ته اوندهه ڪري هوءَ هن جو منهن ڏسي نه سگهندي ۽ ڪپڙا لاهڻ وقت هن جي مونجهارن کي محسوس ڪري نه سگهندي. عورت انتطار ڪندي رهي ته هو هن جا بٽڻ کوليندو پر ان ۾ اها سگهه نه هئي، هوءَ بيزار ٿي بيهي رهي ۽ ٽهڪ ڏيندي چيائين:
    “هاڻي هٿيار ڦٽا ڪرڻ گهرجن.”
    هوءَ اوندهه ۾ ڪپڙا لاهي رهي هئي ۽ هو پاڇي جيان هر حرڪت جو جائزو وٺي رهيو هيو، همبستري وقت هن جو ڊگهو پاڇو ئي پسي پئي سگهيو، اها پنهنجي منهن ڀُڻڪي رهي هئي، هن کي اُن جا وچڙيل لفظ سمجهه ۾ نه پئي آيا، هوءَ هن سان ڳالهائي رهي هئي يا پاڻ سان. هن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي، هن پڇيو:
    “ڇا چئي رهي آهين؟”
    پر ڄڻ عورت ٻڌو ئي ڪين، هوءَ پنهنجي منهن ڀُڻڪندي رهي، عورت هن کي ٻانهن جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، هن جي ڪن وٽ هن جا چپ هجڻ باوجود کيس لفظ سمجهه ۾ نه اچي رهيا هئا.
    ڪافي پيئندي عورت کي ياد آيو انهن ڏينهن اڪثر هوءَ نيري رنگ جا ڪپڙا پائيندي هئي، ماڻهو هن کي سمنڊ سان تشبيهه ڏيندا هيا، هن کي ان رات اهو جوڙو پاتل هيو، هن وارن ۾ عاج جي ڦڻي اٽڪائي هئي، هوءَ تڏهن چانهه سان گڏ رم پيئندي هئي ۽ پاڻ کي خوش رکندي هئي.
    هوءَ گهڻو وقت قبرستان ۽ ڳوٺ جي گهٽين ۾ گهمي هئي، جنهن کان هن جي پيرن ۾ سور جون سٽون اُڀري رهيون هيون ۽ پٽ جون ڏوهي قرار ڏيندڙ اکيون هن پويان گهمي رهيون هيون، جن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ اهي گهڙيون غنيمت هيون، پوءِ ان احساس کان مسرت محسوس ڪيائين ته جيڪڏهن هن عمر ۾ به سامهون ويٺل شخص لاءِ ڪا ڪشش موجود آهي ته پوءِ جواني ضايع نه ٿي.
    هو هاڻي عورت جو هٿ هٿن ۾ وٺي دٻائڻ لڳو، ان ڪو اعتراض نه ڪيو، هن جو ائين ڪرڻ عورت کي وڻي رهيو هيو، هن جي اندر جي ڇڪتاڻ ختم پئي ٿيندي وئي، ان کي اهو پندرنهن سال پهريون واري نوجوان کان به خوبصورت نظر پئي آيو.
    هن عورت کي اها رات ياد ڪرائيندي پڇيو:
    “هوءَ اوندهه ۾ جڏهن هن جي ڪن وٽ سمجهه ۾ نه ايندڙ سرٻاٽيون ڪري رهي هئي ته ڇا چئي رهي هئي؟”
    “مون کي ڪا خبر نه آهي.” عورت چيو.
    ان رات اوندهه ڪري اها هن جي تصور ۾ هڪ ڌنڌلڪو عڪس ٺاهي سگهي هئي ۽ جڏهن هن بلب ٻاري روشني ڪئي هئي ته اها ڪپڙن ۾ ملبوس هن سامهون بيٺل هئي. هو سامهون ويٺل ان چهري ۽ اوندهه ۾ اڀرندڙ غروب ٿيندڙ چهري ۾ ڪو تعلق پيدا نه ڪري سگهيو.
    اها اڃا ڪمري ۾ ئي بيٺل هئي ڄڻ هن جي ماضيءَ جو حصو بڻجي چڪي هئي.
    ان وقت هن سوچيو هيو جڏهن ٻئي دفعي ملي ته هو ڪمري ۾ بلب جو بٽڻ بند نه ڪندو پر وري ڪڏهن اهڙو موقعو هن کي نه مليو، هو ان عورت کان ڪترائيندو به هيو، هن کي احساس هوندو هيو ته ڪم عمريءَ ڪري هو ناڪام ويو آهي.
    ڪافي پيئندي هن عورت جي چهري کي ڏٺو، هن کي اتي ماضيءَ جون لڪيرون هڪ ٻئي ۾ وچڙيل نظر آيون.
    “ڇا توکي اهي گهاريل گهڙيون ياد آهن.” هن پڇيو.
    “خبر نه آهي تنهنجي منهنجي باري ۾ ڪهڙي راءِ آهي؟”
    “گهڻو وقت گذري چڪو آهي.”
    عورت پڪائي ڪندي چيو:
    “ڪجهه ياد نه آهي.”
    جڏهن هن کي وڌيڪ کوٽڻ جي ڪئي ته عورت ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو.
    “تون ماضيءَ کي ايڏو ڇو ٿو ياد ڪرين، اسان کي پنهنجن ارادن جي برعڪس ماضيءَ کي گهڻو وقت ڏيڻو پوي ٿو.”
    عورت ڳالهائيندي جڏهن ٿڌو ساهه کنيو جيڪو هن قبرستان کي ياد ڪري کنيو هيو ته هن ان جو غلط مطلب ورتو، هن ڏٺو سندس سامهون ماضي ۽ حال جي روپ ۾ ٻه عورتون نه پر هڪ عورت ويٺل هئي، جنهن کي هن هٿ وڌائي حاصل ڪرڻ پئي چاهيو.
    “تون سچ چوين ٿي، حال کي وڏي اهميت حاصل آهي.” هن چيو.
    هو ٻئي ڪجهه گهڙيون چپ ڪري ويٺا رهيا.
    “ڇا تون واقعي ئي شراب پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي.” هن پڇيو.
    “ها... عرصو ٿيو مون شراب کي هٿ نه لاٿو آهي.” عورت چيو.
    هو اٿيو، هن بوتل ۽ ٻه گلاس آڻي رکيا.
    “هڪڙو جام منهنجي خاطر.” هن التجا ڪندي چيو.
    هن بوتل کولي جام ڀريا، عورت انڪار نه ڪري سگهي، هن جام کڻي ڄڻ چپ آلا ڪيا. هو اٿيو ۽ هن جي ڪرسيءَ جي ٻانهن تي ويهندي ان جي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ ورتو، عورت کي هن مان اها اميد نه هئي ته هو جلد ايڏو بي تڪلف ٿي ويندو، جڏهن کيس ڪرسيءَ تان اٿاري پلنگ تي وٺي ويو ته اها هن جي ٻانهن ۾ برف جيان ڳرڻ لڳي.
    هن کي پٽ جون اکيون ڀرسان ڏسندي محسوس ٿيون، هن جڏهن عورت کي سيني سان لڳايو ته هن کي لڳو ڪٿي وچ ۾ هن جو پٽ موجود آهي، پر پوءِ اهو احساس ختم ٿي ويو، اتي هوءَ هئي ۽ هو هيو.
    عورت کي اوچتو وري عمر جو احساس ٿيو ۽ اٿي بيٺي، هن کيس ٻڌايو ته هاڻي هن جي اها دلڪشي ۽ سونهن ختم ٿي چڪي آهي، پر هو هن کي ساڳيو خوبصورت ۽ جوان سمجهي رهيو هيو، پندرهن سال پهريون جنهن ناڪاميءَ جو منهن ڏٺو هيو، اها هن آڏو موجود هئي.
    “انڪار جو ڪهڙو فائدو.” هن چيو.
    عورت کي لڳو هوءَ ڪپڙن ۾ خوبصورت ۽ سونهن سان ڀريل نظر اچي رهي آهي، اهي لهڻ کان پوءِ سڀ ظاهر ٿي پوندو، هن جي ڳچيءَ جي چوڌاري گهنج، پيٽ تي آپريشن جو نشان ۽ اهي اڇا وار، هوءَ سوچي رهي هئي ته هن کي پٽ پريان پاڻ طرف ايندي نظر آيو. هن جي پٽ جي منهن تي ايڏي ته نفرت ۽ ڪاوڙ هئي جو پنهنجين ٻانهن ۾ ويڙهجي وئي، هوءَ هن جي ٻانهن ۾ هئي پر هن سامهون پٽ جو چهرو هيو جنهن ۾ هوءَ جوان هئي.
    هن جي ڪنن ۾ قبرستان جي مجاور جا لفظ گونجي رهيا هيا.
    “پراڻن مڙدن کي نوَن لاءِ قبرون خالي ڪرڻيون پون ٿيون.”
    هن جي مڙس جي قبر ميسارجي چڪي هئي، هاڻي اتي ڪو ٻيو دفن هيو، هن سامهون ويٺل مرد گذريل پندرهن سالن کان هن جي حسن جو مجاور هيو، هن پنهنجو لڪايل جسم ڏٺو ۽ محسوس ڪيو، ڪا به عمارت، ڪا به قبر پنهنجي اصلي حالت ۾ برقرار نه ٿي رهي، هو اهو سڀ ڄڻ سوچيندي نه پر ڳالهائيندي هجي ۽ هن جي پٽ جي چهري جا نقش بگڙجندا ويندا هجن، اهو رڙيون ڪري چوندو هجي.
    “امڙ تون هي ڇا چئي رهي آهين... هي ڇا ڪري رهي آهين؟”
    پر ان وقت روشنيءَ جي چمڪ هر شيءِ کي ڌنڌلڪو ڪري ڇڏيو هيو، هن وٽ جيئرو رهي مئلن يا مئلن جي مزارن کي ترجيح ڏيڻ جو ڪو به جواز نه هيو.
    هن کي لڳو، هوءَ اڃا جوان آهي، ان سامهون هڪ وڻندڙ مرد آهي، ٿي سگهي ٿو اهو آخري مرد هجي جيڪو هن کي متاثر ڪري سگهي، جيڪو پڻ هن ۾ ڪشش محسوس ڪري رهيو هيو، هو به هن کي حاصل ڪري پئي سگهي، جيڪڏهن اهو پنهنجي عمل سان هن جي ذهن ۾ ٺهيل يادگار برباد ڪري پئي سگهيو ته ڪهڙو فرق ٿي پيو، هن هڪ دفعو وري پٽ جو ڏک ۾ ڀريل آواز ٻڌو، پر هن کي هاڻي ڪا به پرواهه نه هئي، هوءَ مرڪي رهي هئي.
    “تو سچ پئي چيو... مان ڪير ٿيندي آهيان توکي روڪڻ واري.” هن چيو.
    هوءَ اٿي بيٺي ۽ بٽڻ کولڻ لڳي.
    شام پري هئي ۽ ڪمرو روشنيءَ سان ڀريل هيو.


    ناول: ٽهڪن ۽ فراموشين جو ڪتاب

    The book of laughter and forgetting (Novel)

    (ميلان ڪنڊيرا جو ناول “ٽهڪن ۽ فراموشين جو ڪتاب” سڀ کان پهريون 1978ع ۾ فرانسيسيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپيو، جڏهن ته اصل چيڪ مسودو 1981ع ۾ شايع ٿيو، اهو ناول ميلان ڪنڊيرا فرانس ۾ جلاوطنيءَ کان پوءِ ستت ئي لکيو هيو، ائين لڳي ٿو ناول جو موضوع هن جي ڀوڳنائن جو اظهار آهي، اهو ناول هن جي تخليقي عمل ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، هو ان ۾ ڪو به سچ مڙهڻ نه ٿو چاهي، پر وارتا جو تاثر قائم ڪري پڙهندڙن تي ڇڏي ٿو، ته اهي پاڻ فيصلو ڪن، ان ناول جو هيٺ ڏنل ترجمو نه پر خلاصو آهي، سواءِ آخري باب جي جيڪو جيئن جو تيئن پيش ڪيو ويو آهي.)



    بيبي تمينا کان ڏهه سال ننڍي هئي، هوءَ ان ڪيفي جي مالڪ جي گهرواري هئي، جنهن ڪيفي ۾ تمينا ڪم ڪندي هئي، تمينا کي ڪيفي ۾ ملازمت ڪندي اجرت ۾ ايترا ته گهٽ پئسا ملندا هيا جو هن جو گذر سفر ڏکيو ٿيندو هيو.
    چيڪو سلواڪيه ۾ ڪميونسٽ انقلاب کان پوءِ گهڻا ماڻهو ملڪ ڇڏي هليا ويا، انسانن کي انهن جي بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو، هر ان شيءِ تي ڪڙي نظر رکي وئي، جيڪا حڪومت جي مخالف هئي، تمينا کي اهڙي حالتن ۾ پراگ ڇڏڻو پيو.
    فرانس ۾ رهڻ دوران هن جو مڙس جلد لاڏاڻو ڪري ويو ۽ هوءَ دنيا ۾ اڪيلي رهجي وئي، چيڪو سلواڪيه ڇڏڻ وقت تڪڙ ۾ هن کان ڪجهه ضروري شيون ساهوري گهر رهجي ويون هيون، انهن ۾ هڪ پيڪيٽ به هيو، ان پيڪٽ اندر ڊائريون ۽ سندس مڙس جا خط شامل هيا، مڙس جي وفات کان پوءِ سندس خواهش هئي ته جيڪر اهو پيڪٽ واپس ملي پوي جيئن هوءَ انهن وڃايل يادن جي سلسلن کي جوڙي سگهي.
    جڏهن کيس خبر پئي ته بيبي مڙس سان گڏ چيڪو سلواڪيه وڃي رهي آهي ته هوءَ ڏاڍي خوش ٿي، هن محسوس ڪيو جيئن صدين جي ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳي هجي.
    “جيڪڏهن تون پراگ وڃي ته منهنجن ساهورن ڏي ضرور وڃجانءِ اتي مان هڪ پيڪٽ وساري آئي آهيان، اهو ڪو ايڏو وڏو نه آهي، پر تنهنجي سامان ۾ آسانيءَ سان اچي ويندو.”
    “ها.... ڇو نه؟” بيبي چيو. “مان ضرور آڻيندس.”
    “ان ڪم لاءِ مان تنهنجي شڪرگذار رهندس” تمينا چيو.
    “تون مون تي ڀروسو ڪر، اهو ڪم مان ضرور ڪنديس” بيبي چيو.
    پوءِ هو ڪيتري دير پراگ جي باري ۾ ڳالهائينديون رهيون، پراگ کي ياد ڪري تمينا محسوس ڪيو هن جا ڳٽا باهه جيان ٻرندا هجن.
    بيبيءَ موضوع بدلايو ۽ کيس ٻڌايو
    “مان هڪ ڪتاب لکڻ چاهيان ٿي.”
    تمينا هن جي ڳالهه تي ڪو ڌيان نه ڏنو، هن جي اکين اڳيان پراگ جا روڊ رستا ڦري رهيا هيا پر جيئن ته بيبيءَ ۾ هن جو ڪم ڦاٿو هيو، هن ان جي موضوع ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.
    “ڪنهن جي باري ۾ ڪتاب؟” هن پڇيو.
    بيبيءَ جي هڪ سال جي ڌيءَ ڪيفي ۾ پيل اسٽول وٽ کيڏي رڙيون ڪري رهي هئي.
    “شش” هن چپن تي آڱر رکي چيو ۽ پوءِ ٻڌايو.
    “دنيا جي باري ۾، جيئن اها مون کي نظر اچي ٿي.”
    ٻارڙي روئڻ ۾ مچي وئي.
    “تون واقعي ئي ڪتاب لکندينءَ... تو ۾ ايڏي همت آهي؟” تمينا پڇيو.
    “ڇو نه” بيبيءَ جواب ڏنو، هڪ دفعو وري اها خيالن ۾ گم ٿي وئي ۽ پوءِ چيو.
    “اهو ظاهر آهي ته ڪتاب لکڻ لاءِ مون کي ٻن چئن اديبن سان ملڻو پوندو، ڇا تون بناڪا کي سڃاڻي ٿي.” بيبيءَ پڇيو.
    “نه... اهو وري ڪير آهي؟” تمينا چيو.
    “هڪ اديب آهي” بيبيءَ ٻڌايو. “هتي ئي ڪٿي رهي ٿو، منهنجو ان سان ملڻ تمام ضروري آهي.”
    “ان ڪهڙا ڪتاب لکيا آهن؟”
    “اها ته مون کي خبر نه آهي” بيبيءَ چيو ۽ ڪجهه سوچڻ کان پوءِ چيو.” پر اهو ضروري آهي ته ملاقات کان اڳ مان گهٽ ۾ گهٽ ان جو هڪ ڪتاب ضرور پڙهان.”
    جڏهن تمينا پراگ سس کي فون ڪيو ته رسيور ۾ جيڪو آواز آيو اهو خوشيءَ کان خالي هيو.
    “تون... اڇا... ايڏن سالن کان پوءِ ياد ڪيو ٿي؟”
    “توکي خبر هوندي ته منهنجي مالي حالت سٺي نه آهي.” تمينا چيو. “فون ڪرڻ ۾ ڏاڍا پئسا خرچ ٿين ٿا.”
    “ته خط ئي لکين ها... پوسٽ جي ٽڪيٽ ته ايڏي مهانگي نه آهي.”
    تمينا چپ ٿي وئي، جڏهن ڏوراپا بند ٿيا ته تمينا کي پنهنجي مطلب جي ڳالهه ڪرڻ جو موقعو مليو.
    “توهان ۾ هڪ ڪم آهي، مان جڏهن اتان رواني ٿي هيس ته هڪ پيڪٽ رهجي ويو هيو، اهو ضرورت ۾ آهي.”
    “پيڪٽ؟”
    “مون ۽ ميرڪ (تمينا جو مڙس) گڏجي ان کي بابا جي ميز واري خاني ۾ وجهي تالو هڻي بند ڪيو هيو، شايد توکي ياد هوندو ته ميرڪ رواني ٿيڻ کان اڳ چاٻي تنهنجي حوالي ڪئي هئي.”
    “مون کي ڪا چاٻي ياد نه آهي.”
    “پر امان اها تو وٽ آهي، ياد ڪر ميوڪ توکي ڏني هئي.”
    “توهان ڪڏهن مون کي ڪجهه ڏنو آهي ڇا؟”
    “گهڻو وقت گذرڻ ڪري شايد توکي ياد نه آهي پر تون ڳولهيندينءَ ته اها ضروري ملندي.”
    “جيڪڏهن ملي ته پوءِ ڇا ڪريان؟”
    “ٽيبل جو خانو کولي ڏسجانءِ، ته اتي پيڪٽ موجود آهي.”
    “ته ڇا تنهنجي خيال ۾ پيڪٽ کي پر لڳل آهن جو اڏامي ويندو، جڏهن تو اتي رکيو آهي ته ضرور هوندو، ڇا توکي پڪ نه آهي؟”
    “ها امان مون کي پڪ آهي اهو اتي ئي هوندو پر پوءِ به ڏسجانءِ”
    “ته پوءِ ميز جو خانو کولڻ جو ڪهڙو ضرور آهي، تون سمجهندي هوندينءَ ته مان ضرور ان ۾ پيل تنهنجا نوٽ بڪ هيڏانهن هوڏانهن ڪري ڇڏيا هوندا.”
    تمينا صفا چپ ٿي وئي ۽ سوچڻ لڳي ته هن جي سس کي اها خبر ڪيئن پئي ته ان ۾ نوٽ بڪ پيل آهن، ملڪ ڇڏڻ وقت هن انهن کي ڪاغذن ۾ ويڙهي چڱيءَ طرح بند ڪيو هيو، هن سس تي حيرت ظاهر نه ڪئي.
    “نه...نه... منهنجو مطلب هرگز اهو نه هيو، ڇڙو ڏسجانءِ ته اتي موجود آهن، ٻئي دفعي فون ڪيم ته تو کي وڌيڪ حال احوال ڏيندس.”
    تمينا ۽ هن جو مڙس چيڪو سلواڪيه مان ڀڄي نڪتا هيا. انهن ڀڄڻ لاءِ اهو طريقو اختيار ڪيو جو پنهنجو نانءُ انهن سياحن جي لسٽ ۾ شامل ڪرايو هيو جيڪي يوگوسلاويا سير ۽ تفريح ڪرڻ پئي ويا، جڏهن اهي اتي پهتا ته آسٽريا مان ٿيندا فرانس اچي نڪتا.
    انهن سفر ۾ هڪ ننڍو سوٽ ڪيس ساڻ کنيو هيو جيئن ڳجهن ادارن جي نظرن کان بچي سگهن، هو ننڍو سامان نه کڻي سگهيا هيا جنهن ۾ هڪ پيڪٽ اندر نوٽ بڪس هيا، ان پيڪٽ ۾ اهي خط به هيا جيڪي تمينا ۽ ميرڪ شاديءَ کان اڳ هڪ ٻئي ڏي لکيا هيا، ڪسٽم وٽ چڪاس دوران جيڪڏهن انهن جي ملڪ جو ڪو آفيسر اهو پيڪٽ ڏسي وٺي ها ته ضرور شڪ ڪري ها ته آخر ٻن هفتن لاءِ سير تفريح خاطر ويندڙ جوڙي وٽ هڪ اهڙي پيڪٽ هجڻ جو ڪهڙو جواز آهي جنهن ۾ انهن جا خط آهن، ملڪ ڇڏڻ وقت اهي ان پيڪٽ کي پنهنجي فليٽ ۾ رکي اچڻ نه پيا چاهين ڇو جو انهن جي روانگيءَ کان پوءِ جڏهن حڪومت کي انهن جي خبر پوي ها ته فليٽ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي هر شيءِ جي جاچ ڪن ها. انڪري هوءَ پيڪٽ سس جي گهر ڇڏي آئي هئي جيڪو پراگ کان ٻاهر هڪ غير اهم جاءِ تي هيو.
    فرانس ۾ تمينا جو مڙس بيمار ٿي پيو، تمينا ان لاءِ بس پرديس ۾ ايترو ئي ڪري پئي سگهي ته موت هٿان ان کي هوريان هوريان مرندو ڏسي، جڏهن اهو مري ويو ته ماڻهن هن کان پڇيو.
    “لاش کي دفنايو وڃي يا ساڙيو وڃي؟”
    هن انهن کي ساڙڻ لاءِ چيو پوءِ جڏهن پڇيائون ته:
    “هوءَ ان جي رک کي خاڪدان ۾ محفوظ رکڻ چاهي ٿي يا ان کي ڪنهن خاص جاءِ تي هاريو وڃي؟”
    ان خيال کان ته هن جو ڪو ذاتي گهر نه هيو، هوءَ مڙس جي رک کي ڪٿي روليندي وتندي، هن ان ۾ بهتري سمجهي ته رک کي هاريو وڃي.
    ***

    هن بوهيميا ۾ پورا يارنهن سال مڙس سان گڏ گذاريا هيا ۽ يادن جا يارهن نوٽ بڪ هڪ پيڪٽ اندر هن جي سس جي قبضي ۾ هيا.
    مڙس جي وفات کان پوءِ هن جڏهن يادگيرين کي جمع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نه ڪري سگهي. هن هڪ نوٽ بڪ ورتو ۽ ان کي يارهن ننڍن حصن ۾ ورهايو، هن وسري ويل واقعا ياد ڪيا اهي سڀ هن جي ذهن ۾ ڪنهن اونداهي پردي تي موجود هيا، پر هوءَ انهن کي بي ترتيب محسوس ڪري رهي هئي، هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته انهن کي ڪيئن شمار ڪري.
    هن بوهيميا ۾ مڙس سان رهڻ دوران موڪل جي ڏينهن ۾ ڪافي سير ۽ تفريح ڪيا هيا، پر هوءَ ڪجهه واقعا وساري ويٺي هئي، هن انهن واقعن کي ڪجهه حوالن سان ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جهڙا نه هيا. جيئن 1964ع ۾ جڏهن هن جي ماءُ وفات ڪري وئي ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڏک وسارڻ لاءِ مڙس سان تترس Titras وئي هئي، هن کي اهو به ياد هيو ته ان واقعي کان ٻه سال اڳ هوءَ گرم پاڻيءَ جا ڪنارا ڏسڻ بلغاريا وئي هئي. هوءَ 1968ع ۽ 1969ع واريون موڪلون ڪيئن وساري سگهي پئي ڇو جو اهي چيڪو سلواڪيه ۾ انهن جون آخري موڪلون هيون.
    جيڪڏهن هوءَ واقعن کي ڪن حوالن سان ياد ڪري لکڻ ۾ ڪامياب به ٿي پئي وئي ته هن لاءِ اهو ممڪن نه هيو ته انهن ڏينهن گهاريل ڪرسمس ۽ نئين سال جي موقعن کي ڪهڙي ترتيب ڏئي لکڻين ۾ شمار ڪري. ڪرسمس جي يارهن موقعن مان هن کي صرف ٻه ۽ نئين سال جي ٻارهن مان صرف پنج واقعا ياد هيا.
    هن مڙس پاران انهن نالن کي ياد ڪرڻ شروع ڪيو، جن نالن سان ان مختلف وقتن تي هن کي سڏيو هيو، ان جي محبت اهڙي مشين جيان هئي جنهن مان پيار ڀريا مختلف نالا ڍلجي نڪرندا هيا، انهن شاديءَ جي ٻارهن سالن دوران هن گهٽ ۾ گهٽ هن کي پيار مان ٽيهن نالن سان ضرور سڏيو هيو.
    اهو ئي سبب هيو جو هن لاءِ اهو پيڪٽ ڇو ضروري هيو، ڇو جو انهن ۾ وسري ويل ڳالهين جا سڀ حوالا موجود هيا جيڪي هن جي زندگيءَ جو حصو هيا.
    هن کي اها به خبر هئي ته انهن نوٽ بڪن ۾ ڪافي دل ڏکوئيندڙ ڳالهيون پڻ موجود هيون، ناراضگيءَ جا ڏينهن، رسڻ پرچڻ جا ڏينهن. ان حد تائين جو هڪ ٻئي مان بيزارگيءَ جا ڏينهن، پر اهي سڀ حقيقت هيون هن ماضيءَ جي روح کي جسم پئي ڏيڻ چاهيو هن جي دل جي اها حسرت هئي، خواهش هئي، هوءَ بانس جي لڪڙن جي ٻيڙيءَ تي ويئي ڏسي رهي هئي، هن جي زندگيءَ جو حاصل اهو ئي هيو جيڪو هن جي نظرن جي حد تائين ڦهليل هيو.
    هوءَ انهن نوٽ بڪس لاءِ پريشان هئي، ان لاءِ ته انهن کي حاصل ڪري پنهنجي يادن جي سلسلي کي ترتيب ڏئي سگهي.
    ***

    چيڪو سلواڪيه کان ٻاهر ويندڙ ٽپال ڳجهن ادارن جي هٿن مان ٿي پوءِ ويندي هئي، هن جي مڙس جو نالو اڃا به بليڪ لسٽ ۾ هيو، انهن کي اها خبر نه هئي ته اهو شخص دنيا مان موڪلائي چڪو آهي، تنهن ڪري هوءَ نه پئي چاهي ته سندس مڙس جي نالي تي ڪا تهمت لڳي، هن کي بيبيءَ ۾ اميد هئي ته اها ئي سندس حسرت پوري ڪري سگهي ٿي، هن بيبيءَ کي خوش رکڻ لاءِ حيلا وسيلا شروع ڪيا، هن کي خبر هئي ته بيبي بناڪا سان ملڻ چاهي ٿي تنهن لاءِ ضروري هيو ته ملاقات کان اڳ ان کي گهٽ ۾ گهٽ بناڪا جي ڪنهن به هڪ ناول جي پلاٽ کان ته واقف هجڻ ضروري آهي، جيئن اها گفتگو دوران چئي سگهي ته:
    “بلڪل ان سان ملندڙ جلندڙ ڳالهه توهان فلاڻي ڪتاب ۾ ڪئي آهي.”
    هوءَ ڄاڻي پئي ته بيبيءَ ڪڏهن ڪتاب جو منهن نه ڏٺو آهي، تنهن لاءِ ضروري هيو ته هوءَ پاڻ ڪوشش ڪري بناڪا جو ڪو اهڙو ڪتاب هٿ ڪري پڙهي بيبيءَ کي گفتگوءَ لاءِ تيار ڪري.
    تمينا کي خبر هئي ته ڪيفي ۾ هيوگو نالي هڪ شخص ايندو آهي جنهن جو ڪتاب پڙهڻ سان واسطو آهي، هن جڏهن ڪافيءَ جي پيالي ان سامهون رکي ته سوال ڪيو.
    “ڇا تون بناڪا کي سڃاڻين؟”
    هيوگو هڪ گدلو شخص هيو جنهن جي وات مان بدبوءِ پئي ايندي هئي. اهو خاموش ۽ شرميلي طبيعت جو مالڪ هيو، عمر ۾ تمينا کان پنج سال ننڍو هيو، اهو جڏهن به ايندو هيو ته ٽيڏين نظرن سان تمينا ڏي پيو ڏسندو هيو، ان کي تمينا مان گهڻيون اميدون هيون.
    “ها... مان ان کي سڃاڻان” هن جواب ڏنو.
    “ان جي ڪنهن ڪتاب جو موضوع ٻڌائي سگهندين؟”
    “ڏس تمينا” هيوگو چيو “اڄ ڏينهن تائين مان يا ڪنهن ٻئي هن جي ڪا به لکڻي نه پڙهي آهي، اهو هڪ بيڪار ۽ هيٺين درجي جو اديب آهي.”
    تمينا ٻيو ڪو چارو نه ڏسي بناڪا جي ڪتابن حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڇڏي ڏني پر بيبيءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ هن ان کي بناڪا سان ملائڻ ضروري سمجهيو.
    هن جو يو يو Jou Jou نالي، فلسفي جي هڪ جاپاني پروفيسر واقفڪار هئي، جنهن کي ضرورت وقت هوءَ پنهنجي فليٽ جي چاٻي ڏيندي هئي، جتي يارن سان ملاقاتون ڪندي هئي، هن ان سان ڳالهه ڪئي. اها بناڪا کي سڃاڻيندي هئي، يويو هن سان واعدو ڪيو ته هوءَ ڪڏهن بناڪا کي وٺي هن وٽ ضرور ايندي، جڏهن تمينا بيبيءَ کي اها خوشخبري ٻڌائي ته بيبيءَ کيس مذاق ڪندي چيو.
    “ٿي سگهي ٿو اهو بناڪا ڪو سهڻو ماڻهو هجي ۽ تنهن جي سوڪهڙي جا ڏينهن پورا ٿين.”
    اهو سچ هيو ته مڙس جي وفات کان پوءِ تمينا ڪنهن غير مرد سان نه سمهي هئي، پر جنسي خواهشون وهندڙ پاڻيءَ جيان آهن، جنهن ۾ گناهه ۽ ثواب ڌوپجي صاف ٿي وڃن ٿا، هوءَ جڏهن به ڪنهن ٻئي مرد سامهون ڪپڙا لاهڻ جو تصور ڪندي هئي (اهڙو تصور هوءَ اڪثر ڪندي هئي) ته هن سامهون مڙس جو چهرو اچي ويندو هيو.
    هن جو ان ڳالهه ۾ عقيدو نه هيو ته مرڻ کان پوءِ سندس مڙس جو روح هن چوڌاري موجود آهي، پر پوءِ به هوءَ ڏاڍي محتاط هوندي هئي، سندس من چاهيندو هيو ته ڪنهن سان عشق جو اظهار ڪري. ڪجهه گهڙيون ڪنهن سان گهاري پر اندر جي ڪنهن خوف کان هوءَ ائين نه ڪري سگهندي هئي، ان حد تائين جو Masturbation ڪرڻ وقت به هن کي مڙس جو چهرو لڳاتار اکين سامهون ڦرندي نظر ايندو هيو، هن سوچيو جيڪڏهن هن مڙس جي زندگيءَ ۾ ڪنهن غير مرد سان همبستري ڪئي هجي ها ته اڄ اها هن لاءِآسان هجي ها، هن جو مڙس هڪ ڪامياب ۽ زندگيءَ مان مطمئن شخص هيو جنهن ڪارڻ تميناپاڻ کي هن کان سدائين گهٽ محسوس ڪيو. هن کي لڳو جيڪڏهن هن اهڙو ڪم ڪيو ته هوءَ اهڙي شخص کي ايذاءُ رسائيندي جيڪو موٽي هن کي روڪڻ کان معذور آهي. پوري ڪائنات ۾ صرف هوءَ هئي جيڪا مئل مڙس جي ميراث هئي. اها ئي ڳالهه هئي جو جڏهن هن جي من ۾ ٻئي مرد جو خيال ايندو هيو ته هن جي مڙس جون يادون سندس وجود کي ول جيان وڪوڙي پاڻ ڏي ڇڪي وٺندو هيون.
    ***

    هڪ ڏينهن بيبي ڪيفي جي بار واري حصي ۾ اچي ويٺي.
    “هيلو تمينا” هن چيو “هڪ وسڪيءَ جو گلاس ته ڏجانءِ”
    گهڻو ڪري بيبي ڪافيءَ جو آرڊر ڏيندي هئي يا ڪڏهن Port (تيز ڳاڙهي رنگ جو مٺو شراب) جو گلاس آڻڻ لاءِ چوندي هئي، هن جي انداز مان لڳي رهيو هيو ته اها سخت پريشان آهي.
    “تنهنجي لکڻ جو شوق ڪٿي پهتو؟” تمينا وسڪي گلاس ۾ وجهندي پڇيو.
    “جيڪڏهن منهنجو موڊ سٺو هجي ها ته هر شيءِ سٺي هجي ها.”
    بيبيءَ جواب ڏنو، هڪ ئي ساهيءَ ۾ وسڪيءَ جو گلاس خالي ڪري ٻئي جو آرڊر ڏنو، ڪجهه ٻيا گراهڪ ڪيفي ۾ داخل ٿيا، تمينا وئي ۽ انهن کان پڇيو.
    “اهي ڇا کائيندا پيئندا؟”
    پوءِ واپس وري بيبيءَ وٽ آئي ۽ وسڪيءَ جو ٻيو گلاس ڀريو.
    “مان پنهنجي مڙس مان تنگ اچي چڪي آهيان، هو گهر کان گهڻا ڏينهن پري رهي ٿو ۽ جڏهن اچي ٿو ته لڳاتار ٻه ڏينهن ننڊ ۾ گذاري ٿو، هن وٽ همبستريءَ کان سواءِ ٻيو ڪو مشغلو نه آهي، مون کي ان کان طلاق وٺڻي پوندي، ان کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نه آهي، پهريون هن چيو ته پراگ هلنداسين پوءِ هو ڳالهه تان ڦري ويو ۽ اڄڪلهه هن کي آئرلينڊ وڃڻ جو شوق جاڳيو آهي.”
    “ته پوءِ توهان موڪلون گذارڻ آئرلينڊ ويندا؟” تمينا پڇيو.
    هن پنهنجي نڙيءَ ۾ ڪا شيءِ ڦاٿل محسوس ڪئي.
    “مون کي خبر آهي هو ڪيڏانهن نه هلندو، بس هتي رهي وقت وڃائيندو، مون کي هن جي ڪا ضرورت نه آهي، مان ڪتاب لکندس ۽ وقت گذاريندس.”
    تمينا پڇڻ پئي چاهيو ته:
    “ڇا هاڻي هو پراگ نه ويندا؟” پر نڙيءَ ۾ ڦاٿل شيءِ جو احساس وڌي ويس ۽ ڪجهه چئي نه سگهي.
    ان وقت يويو ڪيفي ۾ داخل ٿي ۽ چيائين:
    “ڇا توهان سڀني جي سامهون Masturbation ڪري سگهو ٿيون.”
    “ڇا مطلب.” بيبيءَ پڇيو.
    “هن ڪيفي ۾... هيٺ فرش تي... سڀني جي سامهون يا ڪنهن سينيما هال ۾ فلم ڏسندي.”
    “چپ” بيبيءَ پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ کي چيو جيڪا بار جي اسٽول وٽ بيهي گوڙ ڪري رهي هئي ۽ پوءِ منهن مٿي ڪري چيو:
    “اها ڪا غير فطري ڳالهه ته نه آهي، جيڪا شيءِ فطري آهي ان کي ڪرڻ ۾ ڪهڙو شرم”
    تمينا اندر ۾ اڀرندڙ اڌمن ڪري بيبيءَ کان پراگ وڃڻ جي باري ۾ وڌيڪ نه پڇي سگهي، گفتگوءَ جو موضوع بدلجي چڪو هيو ۽ هن اهو سوال غير اهم پئي سمجهيو، هوءَ سمجهي چڪي هئي ته بيبيءَ جو هاڻي پراگ وڃڻ جو ڪو ارادو نه آهي.
    ايتري ۾ باورچيخاني مان هڪ پورهيت عورت نڪري بيبيءَ وٽ آئي ۽ هن سان هٿ ملايو، بيبي ان کي ڏسي مرڪي.
    “ڪهڙو حال آهي؟” ان بيبيءَ کان پڇيو.
    “اسان جي هڪ انقلاب ئي قسمت سنواري سگهي ٿو.”
    تمينا خاموش ويٺل هئي ۽ پيڪٽ جي باري ۾ سوچي رهي هئي جنهن کي حاصل ڪرڻ هن لاءِ ڏکيو ٿي چڪو هيو، پوءِ هن کي هيوگو جو خيال آيو ۽ سوچيائين اهو ئي سندس آخري اميد ٿي پئي سگهيو.
    هيوگو تمينا کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا وس ڪيا هيا پر هو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهيو هيو.
    ***

    “هڪ سٺي خبر ٻڌ.” هن جي پيءَ پراگ مان فون ڪري ٻڌايو، “مان تنهنجي ڀاءُ کي چيو آهي، اهو تنهنجي سس وٽان اهو پيڪٽ کڻي ايندو پوءِ پراگ ماڻهو موڪلي گهرائي وٺجانءِ”
    تمينا جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي.
    “سچ، تو ان کي ٻڌايو آهي، نه ته چاٻي نه ملڻ جي صورت ۾ اهو تالو ڀڃي پيڪٽ کڻي.”
    رسيور رکڻ کان پوءِ تمينا خوشيءَ ۾ مست ٿي وئي.
    “ڇا ڪا سٺي خبر هئي؟” هيوگو پڇيو.
    “ها” هن ڪنڌ لوڏيندي چيو.
    ”پراگ مان فون آيو آهي ته منهنجو ڀاءُ اهو پيڪٽ کڻي ايندو” تمينا چيو.
    ۽ پوءِ چپ ٿي وئي، هن وري ڳالهايو.
    “مسئلو اهو آهي ته پراگ مان اهو پيڪٽ ڪير آڻي ڏيندو.”
    هيوگو جي اکين مان همدردي ظاهر ٿي.
    “تون فڪر نه ڪر.” هن چيو “اهو پيڪٽ مان توکي آڻي ڏيندس.”
    تمينا جي چپن تي مرڪ اچي وئي.
    “سچ هيوگو” هن چيو “جيڪڏهن ائين ڪرين ته مان تنهنجو احسان زندگي ڀر نه وساريندس.”
    “منهنجو توسان واعدو آهي.” هيوگو چيو.
    هيوگو اٿيو، بار وٽ اچي ٻه گلاس کنيا ۽ انهن ۾ وسڪي وڌي.
    “تمينا... تون جڏهن چاهين منهنجي گهر اچي پراگ فون ڪري سگهين ٿي، مان وري ساڳي ڳالهه ڪندس جيڪا ڪندو آهيان ته مون کي توسان ملڻ سٺو لڳندو آهي پر مون کي خبر آهي ته تون منهنجي ڪڏهن نه ٿيندينءَ.”
    تمينا اٿي هيوگو جي ڀر ۾ آئي ۽ ان کان وسڪي جو گلاس ورتائين. هوءَ پنهنجي ڀاءُ جي باري ۾ سوچي رهي هئي، ان سان هوءَ ناراض هئي پر پوءِ به اهو هن جي مدد لاءِ تيار هيو.
    “شل سڀ ڪم خير سان ٿين.” هن چيو ۽ پوءِ جام هڪ ڳيت ۾ پي ويو، تمينا وسڪيءَ جو جام چاڙهي وئي ۽ خالي گلاس ميز تي رکيو، هوءَ واپس پنهنجي ڪرسيءَ ڏي وڃڻ ئي واري هئي ته هيوگو تيزيءَ سان پنهنجي ٻانهن ورائي هن جي چيلهه ۾ وڌي هن ڪو اعتراض نه ڪيو، صرف منهن پري ڪري ڇڏيو، هن جو منهن بگڙجي ويو هيو ۽ پشيمانيءَ ۾ گهنج پئجي ويا هيا.
    هن تمينا کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ورتو پر حيران هيو ته آخر اهو سڀ ڪيئن ٿيو، جيڪڏهن تمينا اعتراض ڪري هن کي ڌڪو ڏئي پري ڪري ها ته هو پوئتي هٽي هن کان معافي وٺي ها پر تمينا ڪو اعتراض نه ڪيو، هو چرين جيان هن کي جنبڙي پيو ۽ ڪپڙا لاهڻ لڳو، آخر جڏهن هن جو جسم ڪپڙن کان آجو ٿي ويو ته هيوگو هن کي جنسي طرح اڃايل سمجهي گهڻي شهوت محسوس ڪندي هٿن مان پئي نڪتو ويو پر ان وقت هڪو ٻڪو رهجي ويو جڏهن محسوس ڪيائين ته تمينا جا عورتاڻا ڪنهن پاڻياٺ کان عاري هيا.
    ***

    تمينا هڪ دفعو اهڙي آپريشن کي منهن ڏنو هيو جنهن ۾ سن ڪرڻ واري دوا استعمال نه ڪئي وئي هئي، هن سور ۽ وڍجڻ جي احساس کي گهٽائڻ لاءِ دل ۾ ابتا انگ پڙهڻ شروع ڪيا هيا جيئن هن جو ڌيان هٽي وڃي. هاڻي به هن سڄو ڌيان ان پيڪٽ اندر پيل نوٽ بڪس ڏانهن ڪري ڇڏيو هيو، جن جي باري ۾ کيس اميد هئي ته اهي پراگ ۾ سندس پيءَ وٽ پهچي ويندا ۽ هيوگو جڏهن اوڏانهن ويو ته پاڻ سان گڏ کڻي ايندو.
    هيوگو تيزي سان ديوانن وانگر پنهنجي ڪم ۾ لڳل هيو تمينا محسوس ڪيو ته هو ٺونٺين تي پاڻ کڻي پاڻيءَ بنا ڪنهن مڇيءَ جيان تڙپي پنهنجي ڍاڪن کي هيڏانهن هوڏانهن هڻي رهيو آهي، هن کي لڳو اهو هن جي جنسي عمل مان ڄڻ مطمئن نه هيو ۽ پنهنجي شهوت جو پورائو نه ٿيندو ڏسي ڪنهن انڌي جيان جاءِ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
    تمينا کي هن جي اهڙين حرڪتن لاءِ ڪا به خواهش نه هئي. هن وري هيوگو کان منهن پري ڪيو، پنهنجا خيال مٽائڻ لاءِ هن وري نوٽ بڪس جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو، پاڻ کي ان ڳالهه تي مجبور ڪيو ته مڙس سان گهاريل موڪلن جو هڪ دفعو وري جائزو وٺي، جيڪي هن جي حافظي ۾ توڙي جو مڪمل نه هيا، هن انهن کي نئين سر ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، موڪلن جا اهي ڏينهن جيڪي بوهيميا ۾ گذريا هيا. اهي جيڪي گرم ڪنارن وٽ ۽ پوءِ نديءَ تي پر انهن سڀني جي ترتيب اڃان به غير واضح هئي، 1964ع ۾ اهي ٻئي تترس ويا هيا ۽ ان کان هڪ سال اڳ بلغاريا پر ان کان پوءِ سڀ شيون پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويون، 1968ع ۾ انهن پنهنجون سڀ موڪلون پراگ ۾ ئي گذاريون هيون، ان کان هڪ سال پهريون هو گرم ڪنارن تي ويا هيا، پوءِ هجرت ڪر اتي پهتا هيا ۽ آخري موڪلون اٽليءَ ۾ گذاريون هيون.
    هيوگو پاڻ کي هن کان الڳ ڪيو ۽ هن جي جسم کي اونڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تمينا سمجهي وئي ته هو چاهي ٿو ته هوءَ جانورن جيان ٺونٺن ۽ گوڏن تي بيهي، اوچتو هن کي خيال آيو ته هيوگو هن کان عمر ۾ ننڍو آهي ۽ هن شرم محسوس ڪيو، ان باوجود هن پنهنجن جذبن کي قابو ۾ رکندي پاڻ کي مڪمل طرح هيوگو حوالي ڪري ڇڏيو، هن هيوگو جي ناهموار ڌڪن کي پنهنجي پٺ تي محسوس پئي ڪيو، هن کي لڳو جيئن اهو پنهنجي مردانگي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.
    ان وقت تمينا کي هيوگو جي ڪمري جي چوني واري ڀت تي مڙس جو وڏو منهن نظر آيو ۽ هن اکيون بند ڪري ڇڏيون، هڪ دفعو وري هوءَ تصور ۾ اهي موڪلن جا ڏينهن ورجائڻ لڳي، نديءَ ڪناري ملهايل پهريون موڪلون پوءِ يوگوسلاويا واريون، وري گرم ڪنارن واريون يا شايد انهن جي ترتيب ائين هئي ته پهريون گرم ڪنارن واريون... يوگوسلاويا... ۽ نديءَ... وري تترس واريون پوءِ بلغاريا واريون... ان کان پوءِ سڀ يادون پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويون، پراگ... گرم ڪنارا... آخر ۾ اٽلي... هيوگو جا ڊگها ساهه هن کي يادن مان واپس وٺي آيا. هن اکيون کولي ڇڏيون ۽ سامهون ڀت تي مڙس جو منهن ڏٺو.
    ***

    جڏهن تمينا جو ڀاءُ هن جي سَسُ سان ملڻ ويو ته ان کي تالي ٽوڙڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي، ٽيبل جو خانو پهريون ئي کليل هيو ۽ اتي يارهن جون يارهن ئي نوٽ بڪس موجود هيون، اهو سڀ ڄڻ ڪاغذن جي ڍير جيان هيون، جنهن کي تمينا جي ڀاءُ سوٽ ڪيس ۾ وڌو ۽ آڻي پيءَ حوالي ڪيو.
    تمينا فون ڪري پيءَ کي چيو:
    “سڀني شين کي ڪاغذ ۾ ويڙهي خيال سان چئني طرفن کان ٻڌي ڇڏجانءِ ۽ ان کان اهم اها ڳالهه ته نه هو ۽ نه هن جو ڀاءُ هڪ لفظ به پڙهن.”
    هن تمينا کي يقين ڏياريو پر ان ڳالهه کي دل ۾ ڪيو هن ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچيو هو ته تمينا جي سس جيان انهن کي پڙهندو، ڇو جو هن کي اهڙين شين پڙهڻ جو ڪو به شوق نه هيو.
    تمينا مطمئن ٿي وئي ته هاڻ اهي شيون محفوظ هٿن ۾ آهن ۽ اهي حاصل ڪرڻ لاءِ بي چين ٿي وئي، هن وٽ انهن شين جي اهميت ان لاءِ به وڌي چڪي هئي ڇو جو انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هوءَ جنسي طور استعمال ٿي هئي، هوءَ ۽ هن جون يادون جاڙين ڀينرين جيان هيون، اهو سوچي انهن خطن لاءِ هن جي من ۾ پيار اڃان به وڌي ويو. هن کي احساس هيو ته هن کي ذليل ۽ خوار ٿيڻو پيو آهي، اڳ جڏهن هوءَ ستن سالن جي هئي. هن جو چاچو ان وقت اندر آيو هيو جڏهن هوءَ اگهاڙي هئي، هن کي ڏاڍو شرم آيو هيو، پوءِ اهو احساس هن جي من ۾ بدلجي ويو، هن اتي بيٺي ٻارن جيان پڪو پهه ڪيو ته هوءَ زندگيءَ ۾ ڪڏهن چاچي ڏي نظرون کڻي نه ڏسندي، اهو جڏهن به ايندو هيو هوءَ ان کي ڏسڻ کان انڪار ڪندي هئي، ان لاءِ گهڻا وس ڪيا ويا هن کي ننديو ويو، دڙڪا دهمان ڏنا ويا.
    هاڻي ان سان ملندڙ جلندڙ صورتحال هئي، هوءَ هاڻي به پيءَ ۽ ڀاءُ جي شڪرگذار هئي پر هن وري ڪڏهن انهن جي شڪل نه پئي ڏسڻ چاهي.
    ***

    هيوگو جي ڪاميابي هن لاءِ شڪست جو پيغام کڻي آئي هئي، ان هوندي به ته جڏهن چاهيندو هيو ته هن سان همبستري ڪري سگهندو هيو، پر هن کي اهو احساس به هيو ته هن کي پنهنجو نه ڪري سگهيو هيو، هڪ اگهاڙو جسم هن جي جسم هيٺان ايڏو لاتعلق ايڏو بددل... ايڏو ڌاريو... ڪيئن ٿي سگهيو ٿي؟ اهو به ان وقت جڏهن هو هن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار هيو.
    “تمينا مان هڪ ڪتاب لکڻ چاهيان ٿو” ڪيفي ۾ هن سامهون ويهندي چيو “پيار جي باري ۾ ڪتاب... ها تنهنجي باري ۾... پنهنجي باري ۾... اسان ٻنهي جي جذبن جي باري ۾... ڊائريءَ جي صورت ۾... اسان جي ٻن جسمن جي باري ۾... ها... مان سڀني پابندين کي ٽوڙي وڏي وات سڀ چوڻ چاهيان ٿو مان ڇا آهيان؟... ڇا سوچيندو آهيان، اهو ڪتاب سياسي به هوندو، پيار جي باري ۾ به هڪ سياسي ڪهاڻي ۽ سياست جي باري ۾ پيار جي ڪهاڻي.”
    تمينا چپ ڪري هن کي نهاريندي رهي، اوچتو هيوگو جو آواز ڳورو ٿي ويو، هو ائين محسوس ڪرڻ لڳو ڄڻ اها هن مان ناجائز فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هوءَ هڪ بيواهه بنجي ماضيءَ جو غلط استعمال ڪرڻ چاهي ٿي، پنهنجي ڪوڙي انا جي بلند عمارت تان بيهي هيٺ هر ڪنهن کي نفرت مان نهاري رهي آهي.
    “تون پراگ ڪڏهن ويندين؟!!” تمينا پڇيو.
    هيوگو کي لڳو ته تمينا هن سان ڪڏهن به محبت نه ڪئي آهي، هوءَ هن سان صرف ان ڪري گڏ آهي جو هن کي هڪ اهڙي شخص جي ضرورت آهي جيڪو هن جي ڪم سان پراگ وڃي، هيوگو اندر ۾ بيزاري محسوس ڪئي.
    “ڇا تون منهنجو مضمون پڙهيو آهي... يا نه” هيوگو پڇيو.
    “ها پڙهيو آهي.” تمينا جواب ڏنو.
    هن کي تمينا تي بلڪل يقين نه آيو ۽ جيڪڏهن پڙهيو به آهي ته ان مان ٿورڙو به متاثر نه پئي لڳي.
    “جيڪڏهن تو پڙهيو آهي ته توکي ڄاڻ هوندي ته ان جو موضوع بغاوت آهي، اڄڪلهه جيڪي ڪجهه اسان جي ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي مان ان متعلق سڌو سنئون لکيو آهي.”
    “ته ڇا تون واقعي ئي اهو سمجهين ٿو ته پراگ وارن کي تنهنجي مضمون جي خبر هوندي؟”
    ان طنز ڀريل جملي جي ڪوڙاڻ کي هيوگو محسوس ڪيو.
    “تون ملڪ کان ٻاهر هڪ عرصي کان زندگي گذاري رهي آهين، مون کي خبر آهي ته اتان جي پوليس ان معاملي جي گهرائيءَ ۾ ڪيستائين وئي هوندي؟ اها ڇا ڪري سگهي ٿي؟ اتي منهنجي ان مضمون جي وڏي پذيرائي ٿي آهي. مون کي ان باري ۾ اتان خط به پهتا آهن، تنهنجي ملڪ جي پوليس منهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿي، مون کي ان جو پورو يقين آهي.”
    تمينا” هن اداس لهجي ۾ چيو. “مون کي خبر آهي تون منهنجي پراگ نه وڃڻ تي ضرور اداس ٿي هوندينءَ. پهريون منهنجو خيال هيو ته ان مضمون کي شايع نه ڪرايان پر پوءِ سوچيم ته اندر جي اڌمن کي پنهنجي ذات تائين محدود رکڻ جو مون کي ڪو حق نه ٿو پهچي، تون منهنجي ڳالهه سمجهين ٿي.”
    “نه” تمينا جواب ڏنو.
    “ته پوءِ مان توکي سمجهايا ٿو، جيڪڏهن اسان اندر جي احساس کي دٻائي رکيو ته هن ملڪ جو حال به اهڙو ئي ٿيندو جيڪو تنهنجي ملڪ جو ٿيو آهي، اسان به غلام بنجي وينداسين.”
    نفرت جي هڪ لهر تمينا جي جسم ۾ اڀري، هوءَ ان ۾ ٻڌي وئي، هوءَ ٽپو ڏئي ڪرسيءَ تان اٿي ۽ عورتن جي غسل خاني ڏانهن ڀڳي، هن جا آنڊا اڀري وات ۾ ٿي آيا، هوءَ ڪموڊ وٽ گوڏا کوڙي ويٺي ۽ الٽي ڪئي، هن جو جسم ڏڪي رهيو هيو، هوءَ روئي رهي هئي، هن جي اکين اڳيان هيوگو جا خصيا... لنگ ۽ دن هيٺان وارن جي تصوير اچي وئي هوءَ ان جي وات جي گندي ڌپ محسوس ڪري رهي هئي، پنهنجن ٻنڍڻن وٽ هن جي سٿرن جو دٻاءُ محسوس ڪري رهي هئي، هن اوچتو ياد ڪيو ته سندس مڙس جي لنگ جي شڪل ڪيئن هئي؟ هن کي اهو ياد نه هيو، ٻين لفظن ۾ ته نفرت جي ياد پيار جي ياد کان ڪئي درجا وڌيڪ طاقتور هوندي آهي، اهو وقت پري نه آهي، جڏهن هن جي حافظي ۾ صرف هيوگو ۽ ان جي وات جي ڌپ رهجي ويندي، هن وري الٽي ڪئي، هوءَ بيد جي شاخ جيان لرزي... تڙپي... ۽ وري ٻي الٽي ڪئي.
    جڏهن غسل خاني مان ٻاهر نڪتي ته هن جو وات جيڪو کٽيءَ بوءِ سان ڀريل هيو اهو سدائين لاءِ چپ ٿي ويو.
    هيوگو چاهي پيو ته هن کي گهر تائين ڇڏي اچي پر هوءَ ان سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هئي. هن جا چپ سبجي چڪا هيا. جڏهن هن ان سان ڳالهايو ته ردعمل ۾ هوءَ تيزيءَ سان هلڻ لڳي، هو هن سان گڏ ڪجهه قدمن تائين هلندو رهيو، آخر هڪ جاءِ تي بيهي رهيو هوءَ سڌي اڳتي هلندي رهي، بغير هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ جي.
    پوءِ هوءَ جيستائين جيئري رهي، گراهڪن کي ڪافي پيش ڪندي رهي ۽ ڪڏهن به چيڪو سلواڪيه فون نه ڪيو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 866
    ڪتابن جو مشاهدو: 2397019
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 613523
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ