ڪتاب جو نالو: اسلامي سجاڳي
مصنف: دادا سنڌي
ڇپائيندڙ: دعوہ اڪيڊمي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 1996
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 31 جنوري 2020 ع
پڙهيو ويو: 838 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 195 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب مولانا سيد ابوالحسن علي ندوي جو لکيل آھي جنھن جو سنڌيڪار دادا سنڌي آھي.
تاريخي شعور جي اها تقاضا آهي ته، اسان جتي ان بيداري تي اطيمنان ۽ خوشي جو اظهار ڪريون اتي، هر وقت ان جو تنقيدي جائزو به وٺندا رهون. هن موضوع تي، جديد دور جي هڪ نالي واري فڪر ۽ اسلامي بيداري جي هڪ محترم اڳواڻ مولانا سيد ابوالحسن علي ندوي جي هڪ لکڻي پيش ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ مولانا محترم، موجوده اسلامي بيداري تي هڪ طائرانه نظر وڌي آهي، ۽ بي ريا تبصرو ڪري، تنقيدي جائزو به پيش ڪيو آهي ۽ احياءَ اسلام جي ميدان ۾ ڪم ڪندڙن کي، ڪارائتيون صلاحون ڏنيون آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • اسلامي سجاڳي مولانا سيد ابوالحسن علي ندوي سنڌيڪار : دادا سنڌي سلسلو نمبر 41
  • سنڌ سلامت پاران
  • پيش لفظ
  • موجودہ اسلامي بيداري
  • جمود کي ٽوڙيندڙ تحريڪون پاڻ جمود جو شڪار
  • ظاهري ڏيک ويک کان پري رهڻ
  • همت، دليري ۽ قرباني جو جذبو ۽ شوق
  • اسلام جي مثالي سيرت ۽ ڪردار جي نمائندگي ؛
  • سماجي خرابي جو سڌارو ۽ اخلاقي قيادت
  • نئين نسل جي تعليم ۽ تربيت ۽ ان جي ايمان ۽ عقيدي جي حفاظت

  • اسلامي سجاڳي مولانا سيد ابوالحسن علي ندوي سنڌيڪار : دادا سنڌي سلسلو نمبر 41

    ڪتاب جو نالو : اسلامي سجاڳي
    مصنف جو نالو : مولانا سيد ابوالحسن ندوي
    متجرم جو نالو : داداسنڌي
    نظرثاني ڪندڙ : مولانا اميرالدين مهر
    ڇپيندڙ : ادارہ تحقيقات اسلامي پريس اسلام آباد
    ڇپائيندڙ : دعوہ اڪيڊمي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد
    ڇاپو : پهريون
    ڪمپوزنگ : اسلامڪ ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ سينٽر 1186 – پيپلز
    ڪالوني – لطيف آباد نمبر 4 حيدرآباد
    تاريخ اشاعت : جنوري 1996ع
    ڳاڻيٺو : 1000

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ” اسلامي سجاڳي“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب مولانا سيد ابوالحسن علي ندوي جو لکيل آھي جنھن جو سنڌيڪار دادا سنڌي آھي.
    تاريخي شعور جي اها تقاضا آهي ته، اسان جتي ان بيداري تي اطيمنان ۽ خوشي جو اظهار ڪريون اتي، هر وقت ان جو تنقيدي جائزو به وٺندا رهون. ڪنهن ٿوري ڪاميابي تي، ڇپ ڪري خوش ٿي ويهي رهڻ ۽ ايندڙ وقت لاءِ، ڪنهن مناسب ويچار، فڪر ۽ رٿابندي کان غافل ٿي ويهڻ، ڪنهن ڏاهي قوم جو ڪم نه آهي.
    اسان هن موضوع تي، جديد دور جي هڪ نالي واري فڪر ۽ اسلامي بيداري جي هڪ محترم اڳواڻ مولانا سيد ابوالحسن علي ندوي جي هڪ لکڻي پيش ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ مولانا محترم، موجوده اسلامي بيداري تي هڪ طائرانه نظر وڌي آهي، ۽ بي ريا تبصرو ڪري، تنقيدي جائزو به پيش ڪيو آهي ۽ احياءَ اسلام جي ميدان ۾ ڪم ڪندڙن کي، ڪارائتيون صلاحون ڏنيون آهن.
    هي ڪتاب دعوہ اڪيڊمي، بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد پاران 1996ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري قاسم سومري جا جنهن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پيش لفظ

    اسلامي دنيا، هاڻوڪي عيسوي صدي جي منڍ ۾، غفلت جي ڊگهي ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ شروع ڪيو، جنهن جو سلسلو ڪيتر ن ئي سالن کان جاري هو. هونئن ته تاتارين جي زماني ۾ ئي، مسلمان تخت ۽ ڪرسي کان محروم ٿي، پوئتي ڌڪجڻ لڳا، پر ان وقت مسلمان اخلاقي، معاشرتي ۽ ذهني لحاظ کان، ايترو ڪمزور ۽ پسته حوصله نه هئا، جو تاتارين جي هڪئي ڌڪ سان، مات کائي وڃن ها، ان ڪري انهن کان سخت هار کائڻ جي باوجود، مسلمان سندن اڳيان فڪري ۽ اخلاقي ميدان ۾ سامهون آيا. هن زماني هي حيرت انگيز ڏيک ڏٺو ته جنهن قوم مسلمانن کي هٿيارن جي ميدان ۾ هار ڏني تنهن ستت ئي، اسلامي ثقافت ۽ تهذيب آڏو سر جهڪايو.
    افسوس آهي ته تاريخ پنهنجو رخ وري بدلايو ۽ جڏهن 17، 18 صدي عيسوي ۾ مغرب جي ظالم قومن مسلمانن کي شڪست مٿان شڪست ڏيڻ شروع ڪئي ته جتي مسلمانن سياسي ۽ فوجي ميدانن ۾ هار جو منهن ڏٺو، اتي انهن اسلامي ثقافت تمدن، فڪر ۽ پيغام کي به وساري ڇڏيو. نتيجو اهو نڪتو جو هڪ پاسي، هر قسم جي زواليت ۽ ٻئي پاسي مسلمانن جي مڪمل تباهي، سندس مقدر بڻجي ويئي.
    پر هن رک ۾، ڪٿي ڪٿي ڪا چڻنگ دکندي رهي ۽ ٿورڙي ڪوشش سان، اها ڀنڀٽ ڪري، ٻري پيئي ۽ ويهين صدي ايندي ايندي، ائين سمجهڻ ۾ آيو ته، هاڻي اها بتي وري ٻرڻ واري آهي، جنهن چئني پاسي کي، پنهنجي شعاعن سان روشن ڇڏيو هو، ان رک مان چڻنگن جي ڳولا ۽ ان کي دکائڻ جي ڪوششن ۾، ڪيترن ئي عالمن حصو ورتو ۽ انهن جي گڏيل محنتن جو اهو نتيجو نڪتو، جو اڄ اسلامي دنيا ۾، عام سجاڳي جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.
    تاريخي شعور جي اها تقاضا آهي ته، اسان جتي ان بيداري تي اطيمنان ۽ خوشي جو اظهار ڪريون اتي، هر وقت ان جو تنقيدي جائزو به وٺندا رهون. ڪنهن ٿوري ڪاميابي تي، ڇپ ڪري خوش ٿي ويهي رهڻ ۽ ايندڙ وقت لاءِ، ڪنهن مناسب ويچار، فڪر ۽ رٿابندي کان غافل ٿي ويهڻ، ڪنهن ڏاهي قوم جو ڪم نه آهي، ان جو بي ريا، تنقيدي جائزو وٺي، هي طئي ڪيو وڃي ته، اڄ تائين ڪيل ڪم ۾ ڪٿي ڪٿي ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون ڪوتاهيون رهجي ويون آهن، ته جيئن اڳتي هلي، انهن کان پاڻ بچائي سگهجي.
    اسان کي خوشي آهي ته، اسان هن موضوع تي، جديد دور جي هڪ نالي واري فڪر ۽ اسلامي بيداري جي هڪ محترم اڳواڻ مولانا سيد ابوالحسن علي ندوي جي هڪ لکڻي پيش ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ مولانا محترم، موجوده اسلامي بيداري تي هڪ طائرانه نظر وڌي آهي، ۽ بي ريا تبصرو ڪري، تنقيدي جائزو به پيش ڪيو آهي ۽ احياءَ اسلام جي ميدان ۾ ڪم ڪندڙن کي، ڪارائتيون صلاحون ڏنيون آهن.
    اسان هن کان اڳ تبليغي دعوت ڏيندڙن لاءِ ٻه اهم ڪتاب ڇپرائي چڪا آهيون. ٽيون اهم ڪتاب، هاڻي خدمت ۾ پيش ڪريون ٿا. اسان کي اميد آهي ته، دعوت ۽ تبليغ جي ڪم سان وابسته افراد لاءِ، هي لکڻي ڀرپور فائدو ڏيندي ۽ ان جي روشني ۾، پنهنجين ڪوششن کي وڌيڪ بهتر ۽ نتيجه خيز بنائڻ ۾ ڪامياب ٿيندا.

    وما توفيقي الا بالله عليه توکلت واليه انيب

    ( ڊائريڪٽر جنرل دعوه اڪيڊمي )


    موجودہ اسلامي بيداري

    هڪ ڊگهي نظر – بي ريا جائزو – ڪارائتيون صلاحون
    منهنجي لاءِ، هي نهايت خوشي ۽ فخر جي ڳالهه آهي جو مون کي ” اسلامي بيداري “ جي موضوع تي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي. هي ٽاپڪ اهم آهي، ۽ اڄ ڪلهه، عالمن دانشورن، ڏاهن جي ڪچهرين ۾، اڪثر ڪري، بحث مباحثي جو ڪارڻ ۽ بزرگن جي، دلچسپي جو مرڪز رهيو آهي. هن وقت اسلامي دنيا جي ڪيترن مجلسن ۾ هن موضوع تي، ٿورو ڪي گهڻو بحث ٿيندو رهيو آهي. انسان، گڏ هي موضوع نازڪ ۽ حساس به آهي. ڪن ماڻهن وٽ اسلامي سجاڳي، جي تائيد ۽ حمايت، ايڏي اهميت رکي ٿي، جوجڏهن هي ماڻهو، اسلامي سجاڳي جي ڪنهن ملڪ ۾، اڀرندڙ لهر ي ڳالهه ٻڌن ٿا، ته ڪپڙن ۾ نه ٿا ماپن ۽ خوشي مان، سندن دل ٽپا کائڻ لڳي ٿي ۽ سندن اميدن جا ڏيئا روشن ٿي وڃن ٿا، ۽ ان سجاڳي سان، وڏيون وڏيون اميدون وابسته ڪن ٿا.
    پر مان، هت ڪجهه همت ۽ جرئت کان ڪم وٺي، سڌي سنئين ڳالهه ڪرڻ ۽ اسلامي سجاڳي جي لهر جو، اسلامي دنيا ۾، پئدا ٿيڻ جو، تعميري لحاظ کان جائزو وٺڻ ضروري سمجهان ٿو، ڇو ته ان جي هن وقت سخت ضرورت آهي.
    نازڪ امانت: اسلامي سجاڳي حقيقت ۾ وڏي ذميواري ۽ نازڪ امانت آهي. ان جو مثال، هڪ تير وانگر آهي جيڪو صحيح نشان تي نه، پر غلط جاءِ تي لڳي، ته پوءِ ان کي شڪ يا گمان نه چئبو ۽ نه وري اتفاق به سمجهيو، پر ان کي تير انداز جو قصور قرار ڏيئي، نشاني جي غلطي، هٿن، ٻانهن جي ڪمزوري ئي تير انداز جي ناڪامي آهي، اهو ئي حال، اسلامي سجاڳي جو آهي ۽ هن سجاڳي يا چر پر، جيڪڏهن برابر ۽ سڌي راهه نه ورتي ۽ ٿوري به غلطي ٿي ويئي ته اسلامي جي ابدي ۽ جاوداني قوت ۽ صلاحيت تي، يقين ۽ اعتماد کي ڇيهو رسندو ۽ هي پڪ نه ٿي سگهندي ته اسلام ئي صالح ۽ مضبوط بيداري جي صلاحيت رکي ٿو. اسلام ئي بگڙيل ماحول جو مقابلو ڪري سگهي ٿو. صالح ۽ مثالي معاشرو وجود ۾ آڻي سگهجي ٿو ۽ باخبر ۽ باشعور قيادت فراهم ڪري سگهي ٿو. پر ان کان به وڌيڪ خطرو هي آهي نه صحيح تنظيم ۽ تربيت ۽ سوچيل سمجهيل منصوبي جي اڻاٺ، جي شڪل ۾ هي بيداري اسلام ۽ مسلمانن تي، ابتو اثر به وجهي سگهي ٿي ۽ مستقبل ۾، اسلامي بيداري جي نئين ڪوشش ۽ ان جي ڪاميابي ۽ نتيجي جي باري ۾، شڪ شبها به ٿي سگهن ٿا.
    ڪي ماڻهو، هن بيداري جو هڪ خاص مفهوم ۽ ان جي هڪ خاص تعبير ۽ تشريح، پنهنجي ذهن ۾ رکن ٿا ۽ ان جي سڌي رستي کان هٽيل، خراب ماحول خلاف ردعمل ۽ غير اسلامي قيادت ۽ حڪومت جي خلاف ردعمل ۽ غير اسلامي قيادت ۽ ظالم طاقت خلاف ڪوشش ايتري تائين جو ان خلاف، صرف نعرن دعون، مظاهرن ۽ اعلانن جي نهايت خوشي سان آجيان ڪن ٿا، ۽ پوءِ وڌيڪ تحقيق ۽ تشريح ۽ ان جي عملي نتيجن جي جاچڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿا ڪن.

    بيداري اسلام جي فطرت آهي: حقيقت ۾، بيداري اسلامي فطرت آهي. ضروري آهي ته مسلمانن ۾، ان جو سلسلو قائم رهي ۽ ان جون ڪڙيون مضبوط ۽ ڳنڍيل هجن ۽ هي سلسلو نه ڪٿي ٽٽي ۽ نه وري رڪي. ڇو ته، هي اسلامي امت هڪ چونڊيل ۽ پسنديده امت آهي. هي انسانن جو ڪو ڌڻ يا عام جماعتن وانگر ڪن رليل ماڻهن جو ٽولو نه آهي، پر الله جي آخري نبي ﷺ جي پيروي ڪندڙ امت، ساري انسان ذات جي سڌاري لاءِ، مبعوث ڪيل آهي ۽ نبي ڪريم ﷺ به هن امت جي صفت به، اهائي ٻڌائي آهي. کانئن هڪ روايت نقل ڪيل آهي ته پاڻ هڪ دفعي وڏن اصحابه ڪرام رضه کي چيو ته
    انما بعثتم ميسرين ولم تبعثو ا معسرين ( ترمزي بروايت حضرت ابوهريره )
    يعني ” اوهان سهولت پئدا ڪرڻ وارا، ڪري موڪليا ويا آهيو، سختين پيدا ڪرڻ وارا ڪرڻ وارا ڪري نه موڪليا ويا آهيو.“
    هڪ اصحابي، حضرت ربعي بن عامر رضه کان ايراني فوج جي سپهه سالار رستم پڇيو ته ” اوهان کي هت ڪهڙي شيءِ وٺي آئي آهي. عرب جي رڻ مان نڪري، هت ايران جي ڌرتي تي، ڪهڙي خيال سان آيا آهيو ته ان جواب ڏنو ته :
    ” الله ابتعثا نخرج من شاءَ من عبادت الناس الي عبادت الله وحده، ومن ضيق الدنيا الى سعتها ومن جوراه ديان الى عدل السلام ( البدايه والنهايه ابن ڪثير)
    ” اسان کي الله تعالى، ان ڪم لاءِ موڪليو آهي ته الله جي مرضي مطابق انسانن کي، انسانن جي عبادت مان ڪڍي، هڪ الله جي عبادت تائين دنيا جي سوڙهه مان ڪڍي، ان جي ڪشادگيءَ تائين ۽ مختلف مذهبن ۽ دينن جي ظلم ۽ زبردستي کان نجات ڏياري، اسلام جي عدل ۽ انصاف تائين پهچائجي.“
    ۽ الله تعالى جي ڀلاري ڪلام کان، وڌيڪ واضح ۽ کليل ڳالهه ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي . الله تعالى فرمائي ٿو ته :
    کنتم خير امته اخرجت اللناس تامرون بالمعروف وتنهون عن المنکر وتومنون بالله ( سورته آل عمران 110)
    ” يعني اوهان اها بهترين جماعت آهيو، جيڪا ماڻهن لاءِ، جيڪا ماڻهن لاءِ، پيدا ڪئي ويئي آهي، اوهان ڀلائي جو حڪم ڏيو ٿا، برائي کان روڪيو ٿا ۽ الله تي ايمان رکو ٿا.“
    مطلب ته، آخري نبي ڪريم ﷺ جي تشريف آوري سان گڏ هڪ امت جي آمد ٿي ۽ انسانن جي هڪ اهڙي جماعت، وجود ۾ آئي جيڪا باخبر ۽ باشعور هجي ۽ سڌي واٽ ڏيکاريندي رهي. هر دور ۾ ۽ هر جڳهه تي، انسانن جي سارسنڀال، ان جي بلي هجي ۽ هونئن به هر زماني ۾، انساني نسل جي اخلاق ۽ عقيدن جي جاچ پڙتال، ان جو مذهبي فرض قرار ڏنو ويو آهي،

    هي حقيقت جس کي دين کي احتساب کائنات
    هي اسلامي سجاڳي، انسان ذات جي دائمي ۽ ابدي ضرورت آهي، انسان جي بنيادي ضرورتن کاڌ خوارڪ، پاڻي ۽ هوا کان به، هن بيداري جي ضرورت، معنوي خيال سان، ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه آهي. هي ساري انسانيت لاءِ گهربل ۽ ڪارآمد آهي ۽ ان جي اُڻاٺ، فقط اسلام ۽ مسلمان جي وجود لاءِ نه، پر انساني معاشري جي سلامتي ۽ ان جي بقا لاءِ به خطرو آهي. اسلامي دعوت ۽ سجاڳي کانسواءِ قوم ۽ ملت ان ڌڻ وانگر آهي، جنهن جو ڌنار نه هجي يا مسافرن سان ٽٻ، ان جهاز مثل آهي، جنهن جو ملاح ( ڪپتان ) گم هجي.
    اڄوڪن ڏينهن ۾، اسلامي دعوت ۽ بيداري جي ضرورت، ٻين زمانن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، ڇو ته اڄ جو دور نفساني شهوتن ۽ شڪ شبھن جو ذهني دور آهي، اسلام کان اڻ ڄاڻ ۽ بنهه ڪورن فلسفين جي انڪار ۽ نظرين جو دور آهي. انسان جي اڄ جي زماني ۾ بيداري جي ضرورت تمام وڌي ويئي آهي ان جي ذميوارين ۾ واڌارو ٿيو آهي. دنيا جي، ڪنهن به ملڪ ۾، هن سجاڳي جي لهر جي اٿي ته اسان کي همدردي هئڻ گهرجي . اسان ان جي کليل دل سان، آجيان ڪريون ۽ ان جي ڪاميابي لاءِ، دعا گهرون . پر هي همدردي اسان کي هن ڳالهه کان روڪي نه سگهي ته اسان تعميري لحاظ کان، ان جو تنقيدي جائزو وٺون، نيڪي ۽ ڀلائي جي معيار تي، ان کي پرکيون ۽ اسلامي عقائد جي ڪسوٽي تي، ان کي رکي، پوءِ ان جي باري ۾، صحيح راءِ قائم ڪريون ۽ ٺيڪ فيصلو ڪريو ن.
    ان بابت منهنجو ڀائرو ! منهنجا ڪي رايا ۽ نظريا آهن، جن کي مان، ان اميد سان پيش ڪريان ٿو ته جيئن اسلامي سجاڳي ۾، حصو وٺندڙ، ان ڏانهن دعوت ڏيندڙ ۽ ان سلسلي ۾ ڪوشش ڪندڙن کي، ڪو فائدو پهچي سگهي.

    اسلامي عقيدن سان مڪمل سچائي: اسلامي سجاڳي ۽ اسلامي دعوت جي صحت ۽ سلامتي لاءِ، ان کي اعتماد ۽ احترام جي لائق بنائڻ لاءِ ۽ ان جي حفاظت ۽ بچاءُ لاءِ، پهريون شرط هي آهي ته، هي دعوت ۽ سجاڳي، قرآن ۽ حديث جي عقيدن سان، پوري طرح هڪجهڙائي رکندڙ هجي، رسول ڪريم ﷺ جي پاڪ سنت ۽ کانئن پوءِ، چئني خليفن جي اسوه عمل، دين جي ماهرن ۽ شريعت جي ڄاڻ سڃاڻ ۽ جهمور امت جي عقيدن سان مڪمل طرح لاڳاپيل هجي، ائين نه ٿئي جو، سياسي لاڙن ۽ وقتي رجحانات جي وهڪري ۾ وهي وڃي يا محدود، مقامي حالتن جي رد عمل، سياسي غلبي ۽ اثر جي ور چڙهي اسلامي حڪومت جي قيام جي اجائي لٻاڙ ۽ خالي دعوى تائين، محدود رهجي وڃي. نوجوان اکيون ٻوٽي، ان جي پٺيان لڳي پون ۽ ان جي حمايت ۽ بچاءُ جي جوش ۾ اچي، هن دعوت ۽ اڳواڻن جي عقيدي جي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت به محسوس نه ڪن. مڃيل مڃايل اسلامي عقيدن کان، انڪار ڪري ڪڏهن ڪڏهن انهن چٽن عقيدن جي تضاد کي به وساري ٿا ڇڏين. ڇاڪاڻ ته عقيدو اهو ميو مهراڻ آهي، جيڪو سدائين پنهنجي مستي ۾ موجزن هوندو آهي، ان کي نه ڪڏهن روڪي سگهجي ٿو نه وري سندن موجن ۽ ڇولين کي موڙي سگهجي ٿو. پر اهي ڇوليون، جيڪي پنهنجي زور سان اٿن ٿيون، اهڙي ئي طاقت سان، ختم به ٿي وڃن ٿيون، اهي گهارا، جيڪي وهن هلن ٿا، اهي پوءِ سڪي وڃن ٿا اهڙي طرح انهن تي ڪوبه اعتبار نه آهي، اهي سوير جو آهن ته سانجهي جو ناهن.
    جن ماڻهن، اسلامي تاريخ جو گهرو ۽ بي ريا مطالعو ڪيو هوندو، تن کي ڀلي ڀت ڄاڻ هوندي ته، اسلامي تاريخ جي جدا جدا وقتن ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي تحريڪون اٿيون آهن ۽ اهڙا دور آيا آهن، جن ۾ وڏي ڪشش هئي. جادو هو هڪ زماني ۾، کين وڏو عروج حاصل هو. سندن سڪو ڄميل هو. اهي تحريڪون ۽ افڪار ۽ خيالات، روشن خيالي، عقليت ۽ راءِ جي آزادي جا خودمختيار هئا. پنهنجي دور جا جيئرا جاڳندا، فيشن هئا ۽ ان وقت جا نوجوان، ان کي اپنائڻ ۽ ان جي حمايت ۽ بچاءُ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. پر ڪجهه وقت کان پوءِ، اهي موجون پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويون. تاريخ جي صفحن ۾، فقط سندن ڳالهيون وڃي رهيون ۽ جن ماڻهن عقيدن، علم الڪلام ۽ فڪري تحريڪن جو مطالعو نه ڪيو آهي، تن انهن جو نالو به نه ٻڌو هوندو.

    دينيات جي وسيع مطالعي جي ضرورت: اسلامي بيداري جي ڪاميابي ۽ فائدي لاءِ، ٻيو شرط هي آهي ته هي سجاڳي ڪنهن حد تائين، قرآن ۽ حديث جي تعليم جي فهم ۽ ادارڪ کان بلڪل عاري ۽ ان جي ضرورت کان منڪر نه هجي، ديني مطالعي ۾، ڪنهن حد تائين وسعت به هجي ۽ گهرائي به، هي لازمي آهي ته پڙهيل ڳڙهيل نوجوان، جن جو ڳاڻيٺو سجاڳي جي، انهن تحريڪن ۾، ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿو رهي، تن جي ذهني ۽ فڪري تربيت تي، خاص ڌيان ڏنو وڃي، انهن لاءِ نيڪ ۽ سگهه واري خوراڪ موجود ڪئي وڃي، جيڪا سندن عقل ۽ فڪر جي وارنلين کي قوت بخشي ۽ ان ايمان ۽ يقين کي، ٻيهر مستحڪم ڪري ته، اسلام ئي اڳواڻي ۽ زندگي جي تڪليفن کي حل ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو. انهن پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن کي، هي ڳالهه ياد ڪرائڻي آهي ته، قرآن شريف سان پڪو ۽ پختو ايماني جذباتي ۽ علمي لاڳاپو رکڻو آهي ۽ سيرت نبوي، شروعاتي اسلامي تاريخ، اصلاح ۽ تجديد جي تحريڪن ۽ انهن بزرگن جي زندگي ۽ سوانح عمري جو مطالعو، انهن لاءِ ضروري آهي. اهو اڀياس سندن صلاحيتن کي، اڀاريندو ٻاٽ اونداهه ۾ لاٽ پيدا ڪندو جنهن سان، هو پنهجن صلاحيتن کي سٺي نموني ڪتب آڻي سگهندا. سندن محنت جي نتيجي ۾ ڪاميابي کي سولو بڻائيندو . پر شرط هي آهي ته، اها جدوجهد، خلوص ۽ الله تعالى جي راضپي جي حصول جي جذبي تي مبني هجي.
    اهڙي طرح، هن ڳالهه جي به ضرورت آهي ته، ان جي شخصي، اجتماعي ۽ خانداني زندگي ۽ ان جي انفرادي ۽ اجتماعي اخلاق ۽ عادتن جي اصلاح تي مڪمل ڌيان ڏنو وڃي ۽ سندن اهڙي نموني اصلاح ڪئي وڃي، جو ان ۾ ڪابه ڪمزوري ۽ ڍل نه هجي، پر اهو ٻين لاءِ به حسن اخلاق ڪردار جي پختگي ۽ استقامت لاءِ نمونو هجي. الله جي دين ڏانهن سڏيندڙن پنگتي ۽ اصلاحي تحريڪون هلائيندڙ جو هي سدائين دستور رهيو آهي. پر هن وقت، اسلامي معاشرو اخلاقي ڏيوالي، معنوي زوال، هڪ ٻئي کان نفرت، غير مسلم ماحول جي اثرن ۽ غير اسلامي رسم ۽ رواج، اجائي ڏيکاءُ ۽ٺٺ ٺانگر جو شڪار ٿيل آهي. ديني معاشري تي به، ان جا ابتا اثر پوڻ شروع ٿيا آهن ۽ ڪڏهن مخالف هن ڪمزوري مان فائدو وٺي، اسلام تي به تنقيد ۽ نڪته چيني ڪن ٿا. جن کان اسلامي ڪردار جي پختگي ۽ بلندي جي صورت ۾ سولائي سان بچي سگهي.
    زماني ۽ ان جي مسئلن ۽ تڪليفن جو فهم ۽ ادارڪ: ديني مطالعي سان گڏ، پنهنجي دور ۽ ان جي تڪليفن ۽ مسئلن کان، پوري ڄاڻ جي واقفيت رکڻ کي به وساري نه ٿو ڪهڙا ڪهڙا رجحان ملن ٿا. عام زندگي ۾، انهن جي ڇا حيثيت ۽ اهميت آهي ۽ اسلام بابت، انهن جو نقطه نظر ڪهڙو آهي ۽ اهي مذهب اسلام جي مستقبل ۽ ايندڙ اسلامي نسل لاءِ، ڪيتريقدر خطرناڪ ٿي سگهن ٿا ۽ ملڪ ۽ وطن جي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ، اڳواڻي ڪندڙ قوتون، ڪيتريقدر طاقتور ۽ ڪم واريون آهن، جيڪي قوم جي اقتدار جي واڳن کي، پنهنجن هٿن ۾ وٺڻ ۽ معاشري کي، پنهنجي مخصوص نظرين، عقيدن ۽ خيالن مطابق موڙي، زندگي کي هڪ نئين قالب ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. جيئن ته انهن طاقتن، تحريڪن ۽ قيادتن کان اکيون ٻوٽڻ، اسلامي جماعتن جو پنهنجن ئي مسئلن ۾ منجهڻ ۽ پنهنجن سڀني ڪمن کي، دين جي دعوت تي، پڪي طرح قائم رهڻ، فرضن ۽ واجب جي ادائگي ۽ ذاتي زندگي کي، پاڪائي ۽ پاڪدامني تائين محدود ڪرڻ، اهڙو ڪم ۽ اهڙي ڪم ۽ اهڙي سوچ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه وقت کان پوءِ شايد دين تي عمل ۽ شرعي حڪمن جي ادائگي جي آزادي به کسجي نه وڃي . دين تي عمل ڪرڻ وارن، دين جي دعوت ڏيندڙن جي زندگي ڪٺن نه بڻجي وڃي ۽ سندن اها حالت ٿي وڃي، جنهن جي تصوير، قرآن شريف هنن لفظن ۾ پيش ڪئي آهي.
    حتى اذا ضاقت عليهم الارض بما رحبت وضاقت عليهم انفسهم ( سورته التوبه 188)
    يعنى : ڌرتي پنهنجي ڪشادگي جي هوندي به انهن لاءِ سوڙهي ٿي ويئي ۽ سندن ساهه منجهڻ لڳو.
    مسلمان دين جي باغين ۽ دشمنن جي رحم ۽ ڪرم تي، غير اسلامي قانون سازي، اسلامي قانون ۾ دخل اندازي ۽ ان جي خاص عائلي قانون جي مخالف رخ ۾، ۽ ان مغربي مسيحي نظرئي هيٺ، زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي وڃن ته ” دين انسان جو ذاتي مسئلو آهي “ ان جو واسطو ٻانهي ۽ خدا سان آهي . زندگي، قانون سازي ۽ سياست ۽ حڪومت جي انتظام سان ان جو ڪوبه واسطو نه آهي.

    زندگي جي حقيقتن کان منهن موڙڻ جو نتيجو : هت مان، انهن دوستن کان معافي گهرندي، عرض ڪندس ته جن جي خيال ۾ وقت ۾ وقت جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن جي ڪا ضرورت به آهي. زندگي جي حقيقت، ان وقت جي ذهن ۽ فڪر کي متاثر ڪندڙ مسئلن، معاشري کي ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ واري تعليم ۽ تربيت جو نظام، فڪر ۽ خيال جي وهڪرن ۽ اسلامي دعوت ۽ تبليغ جي ڪوششن جي وچ ۾ تعلق ۽ هم آهنگي پئدا ڪرڻ لاءِ، ذهني ۽ علمي صلاحيتون صرف ڪيون وڃن ۽ وقت ڪڍيو وڃي. ڪن اسلامي ملڪن ۾ اهڙا پرجوش، اسلام جا داعي موجود آهن، جن هن پهلو کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. سندن چوڻ آهي ته سماج ۾ موجود ذهن ۽ فڪر تي ڇانيل مسئلن ۽ رجحانن ۾، نه منجهڻ جي ضرورت آهي، نه وري ان جي افاديت، ۽ نه وري، اسان اها تڪليف برداشت ڪري سگهوٿا. ڏسون ته معاشرو فساد، بدامني، آزادي ۽ بدعملي ڏانهن وڃي رهيو آهي يا ڀلائي ۽ چڱائي طرف، بس اسان لاءِ اهو ڪافي آهي ته، اسان نماز روزي جا پابند آهيون، الله تعالى جا لک ٿورا آهن جو ان اسان کي اسلام جي دولت سان نوازيو آهي، سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ جي توفيق بخشي آهي ۽ اسان لاءِ اهو ئي سڀ ڪجهه آهي.
    انهن بزرگن جي نيت ۾ ڪوبه شڪ نه آهي. سندن ڪوشش، مشقت ۽ قرباني قدر جي لائق آهي، پر مان ان هوندي به، هن چوڻ جي موڪل وٺندس ته، چئوگرد ٿيندڙ واقعن کان، منهن موڙڻ، زماني جي ضرورتن ۽ گهرجن کي پٺي ڏيئي، فقط پنهنجي ذات تائين محدود رهڻ به اسلام جي صحيح مفهوم کان پري آهي، پر اسلام جي دعوت ۽ تبليغ لاءِ شعور جي سجاڳي، ان جي تربيت، حقيقتن ۽ مسئلن جي سمجهاڻي، دوست دشمن جي سڃاڻ، سکڻن ۽ خالي نعرن جي فريب کان، پري رهڻ جي ضروري آهي، ته جيئن مسلمان قومپرستي نسلي، لساني يا علائقائي عصبيت ۽ چالاڪ سياستدان ۽غير ملڪي سازشي جي، گهڙي گهڙي شڪار ٿيڻ کان بچي وڃن ۽ ائين نه ٿئي جو سندن پنهنجي سادگي، صحيح ديني شعور جي ڪمزوري ۽ ايماني طاقت جي گهٽتائي، ديني ماحول بنائڻ جو ن، ساريون ڪوششون اسلامي شريعت جو نفاذ ۽ اسلامي نظام برپا ڪرڻ جي، سموري جدوجهد، مٽي ۾ ملي وڃي ۽ مسلمان معاشرو ۽ مسلمان ملڪ، لاديني نظام حڪومت آزاد خيالي ۽ مغربي ترقي پسندي جي خطرن سان منهن ڏيڻ ۾ پورو ٿي وڃي، جيڪو اڄ ڪلهه ڏاڍو مقبول آهي ۽ اهڙي عوام لاءِ گهربل آهي، جيڪا اسلامي تربيت کان محروم رهي آهي. جنهن جي پالنا مغربي تعليمي نظام ۽ تربيت ۽ اخلاقي نقصان پهچائيندڙ، نشر و اشاعت جي وسيلن سان ٿي آهي.

    اوائلي اسلامي معاشري جو درجو : صحابه اڪرام رضوان الله عليهم اجمعين، ايمان جي دولت سان مالامال هئا، اهي نه ڪنهن کان دوکو ڏيندا هئا ۽ نه ڪنهن کان دوکو کائيندا هئا. اهي ڪنهن سان ٺڳي نه ڪندا هئا، اها کليل حقيقت آهي ته اهي انهن سنهين ٿلهين ڳالهين کان تمام مٿي هئا، پر اسان مان گهڻا ماڻهو سندن انهيءَ خوبي ڏانهن ڌيان نه ٿا ڏين ته صحابه ڪرام ڪنهن جي ٺڳي ۽ فريب جو شڪار نه ٿيا، اهي زيرڪ، هوشيار ۽ هر وقت سجاڳ ذهن رکندڙ هئا. سندن عقل، سندن طبيعت، دين جي روح ۽ دين جي تعليم خلاف ڪنهن به شيءَ کي گوارا ڪرڻ پسند نه ڪندي هئي. اهي من موهيندڙ نعرن، مٺڙين مٺڙين ڳالهين ۽ اکين کي دوکو ڏيندڙ نظارن کان متاثر نه ٿيا، ان جو سڀ کان وڌيڪ چٽو ۽ صاف مثال هي آهي ته، اهي حضور اڪرم ﷺ تي ايمان رکندڙ هئا ۽ کين معصوم سمجهندا هئا، جيئن قرآن شريف ۾ الله تعالى فرمائي ٿو ته
    وما ينطق عن الهوى ان هو الا وحي يوحى ( سورت النجم 43)
    ” هو پنهنجي طرفان ڪابه ڳالهه نٿو ٻڌائي. ان جي سموري گفتگو وحي آهي، جيڪا ان تي موڪلي وڃي ٿي .“
    ۽ انهن اصحابن سڳورن جي نظر ۾، پاڻ سڳورن صه جي ذات گرامي، سندن اولاد، ابن ڏاڏن ۽ خود پنهنجي ساهه کان به وڌيڪ پياري هئي، تاريخ ۾ ڪنهن به انساني ٽولي، ڪنهن به نبي ۽دعوت ڏيندڙ کي انهي مقام ۽ درجي کان بچندي، جيڪو صرف الله لاءِ مخصوص آهي، ايڏو احترام نه ڪيو آهي، جيڏو حضور سائين جو، پر ان هوندي به، حضور اڪرم ﷺ هڪ دفعو فرمايو ته

    انصراخاک ظالما او مظلوما
    يعني: پنهنجي ڀاءُ جي مدد ڪريو کڻي ظالم هجي يا مظلوم
    تڏهن اصحابن سڳورن، ان فرمان رسول تي ماٺ نه ڪئي پر انهن ان جي تشريخ پڇڻ جي ضرورت محسوس ڪئي حديث جي شرح ڪندڙن، ٻڌايو آهي ته، جهالت جي زماني جو مثال به هو ۽ ان زماني جي عادت به اهائي هئي ان ڪري ئي ديوان حماسيه جي هڪ عرب شاعر هڪ قبيلي بني مازن جي ساراهه چوي ٿو ته :

    لايسالون اخاهم حين ينبهم
    في البئبات علي ما قال برهانا

    يعني جڏهن انهن جي ڀائرن تي ڪا مصيبت اچي ٿي ۽ اهي کين مدد لاءِ سڏن ٿا ته هي ماڻهو ان ڳالهه جي ڪا وضاحت نه ٿاپڇن پر مدد لاءِ ڀڄي اچن ٿا.
    ان هوندي به اصحابن سڳورن، رسول الله ﷺ جو اهو فرمان ٻڌو ته ماٺ ڪري نه ويٺا، هڪ اصحابي چئي ڏنو ته ” الله جا رسول ﷺ ! اسان مظلوم جي ته مدد ڪريون، پاڻ سڳورن ﷺ نه ناراض ٿيا نه وري سندن منهن مبارڪ تي، ڪاوڙ يا ناگواري جا ڪي آثار نظر آيا، پر نهايت سڪون سان جواب ڏنائون ته ظالم کي ظلم کان روڪيو، اهائي ان جي مدد آهي (بخاري مسلم ) رسول ﷺ مومن جي ( ۽ اسلامي معاشرو مومن ئي ٺاهيندا آهن) وصف بيان ڪئي آهي. جنهن مان، ان جي ذهانت ۽ عقل جي خبر پوي ٿي، پاڻ فرمايائون ته ” مومن هڪ ئي سوراخ مان ٻيهر نه ٿو ڏنگجي سگهي“ ( مسند احمد ) هر دور ۾ ۽ هر ملڪ ۾، اسلامي سماج اهڙو هجڻ کپي، جيڪو نه دوکو ڏي نه دوکي جو شڪار ٿئي ۽ نه وري هڪ ئي سوراخ مان وري وري ڏنگجي.

    الله جي راهه ۾ جهاد : اهڙي طرح، هن طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي ته، خالص قرآني ۽ اسلامي مفهوم ۾، الله جي راهه ۾ جهاد جي اهميت ۽ ان جو قدر ۽ درجو، دل ۽ دماغ ۾ موجود هجي، ان جي عظمت ۽ بلندي جو مفهوم ياد رهي جيڪي خوشنصيب انسان ” مجاهد في سبيل الله“ جي لقب سان، سرفراز ٿيا ۽ جن ان راهه ۾، سر ڏيئي نالو ڪڍيو، تن سان ريس ڪرڻ گهرجي ۽ سندن نقش قدم تي هلڻ لاءِ، هر وقت تيار رهڻ گهرجي ۽ شهادت جو شوق هر دم دل کي تڙپائيندو رهي. اهائي سڀ کان وڏي ايماني دولت آهي، اهو ئي جهاد جو جذبو، شهادت جو شوق، سڀني پراڻين ۽ نون قومن ۽ قبيلن جي ڀيٽ ۾، هن قوم جو امتياز ۽ سندس عظيم الشان ڪارنامن، بي مثالن قربانين ۽ جان جي نذرانن جو مقصد ۽ مطلب رهيو آهي، تاريخ جي مختلف دورن ۽ دنيا جي جدا جدا جڳهين تي، الله جي مدد ۽ ڪامراني، انهيءَ پاڪيزه جذبي ۽ شوق جي ڪري ئي ٿي آهي. مسلمان امت جي انهيءَ طاقت جو سرچشمو ۽ ان جي دولت جي خزاني کان محرومي، اهڙو نقصان آهي، جنهن کي مڪمل ڪري نه ٿو سگهجي ۽ اهڙو خال آهي، جنهن کي علم ۽ عقل جي بلندي، تهذيب ۽ تمدن جي ترقي به ڀري نه ٿي سگهي. هن شوق ۽ جذبي کي برقرار رکڻ لاءِ، اهڙن ڪتابن کان مدد وٺي سگهجي ٿي . جيڪي پڙهندڙ، ٻڌندڙ ۽ دين جي تبليغ ڪندڙن جي ديني غيرت ۽ جذبي کي سجاڳ ڪن. سندن سيني ۾، عزم ۽ عمل جي هڪ دنيا آباد ڪن ۽ الله جي ڪلمي جي عظمت ۽ بلندي جي واٽ ۾، زندگي جي عيش و آرام، اڊنبر ۽ وڏائي کي تڇ بڻائي ڇڏي. (مثال نبي اڪرم ﷺ جي جنگين جي تاريخ، حديث جي ڪتابن مان جهاد جا باب، سلطان صلاح الدين ايوبي جي حالات زندگي يا ماضي قريب ۾ جهاد جي تاريخ جهڙوڪ حضرت سيد احمد شهيد رح ۽ سندس ساٿين جي سرفروشي وارن ڪارنامن تي لکيل مصنف جو ڪتاب سيرت سيد احمد شهيد ( پهريون ۽ ٻيو ڀاڱو، يا مختصر ڪتاب ” جب ايمان کي بهار آئي.“ )


    جمود کي ٽوڙيندڙ تحريڪون پاڻ جمود جو شڪار

    تاريخ جو هڪڙو سبق جيڪو وري وري ورجايو وڃي ٿو، جنهن مان عبرت حاصل ڪرڻ ضروري آهي، هي آهي ته ڪيتريون ئي بنيادي اصلاحي تحريڪون جيڪي، اصل ۾ ان ڪري وجود ۾ آيون ته اهي عقل، فڪر ۽ زندگي تي آيل جمود کي ٽوڙين، اسلام جي وهندڙ درياءَ جي مٿاڇري تي، ڄميل دز کي هٽائي ۽ معاشري۾، مروج انهن ريتن رسمن ۽ رواجن جي زنجيرن کي ٽوڙين، جن جي نه ڪا ديني حقيقت آهي ۽ نه وري مقبوليت جيڪي ان لاءِ قائم ٿيون هيون ته اهي اسلامي معاشري جي ستل ذهنن کي سجاڳ ڪن، انهن لڪل صلاحيتن کي بيدار ڪن، ته جيئن نئون نسل، پنهنجي دور ۽ زماني جي اهنجن، ايذائن کي سمجهي سگهي. زماني جي صحيح ۽ معقول گهرجن جي پورائي ڪري سگهي. زماني جو ساٿ ڏيئي سگهي ۽ صرف ساٿ نه ڏي، پر پنهنجي زماني جي اڳواڻي ۽ رهبري به ڪري سگهي ۽ هن ڳالهه جو عملي ثبوت پيش ڪري سگهي ته، اسلام هر دور جي هر مسئلي ۽ هر سوال جو جواب، فراهم ڪري سگهي ٿو ۽ مشڪلات کي حل ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو. هر چئلينج جو مقابلو ڪرڻ ۽ هر دور جي قيادت جي صلاحيت رکي ٿو. هي تاريخ جو هڪ اهڙو عبرتناڪ سبق آهي ته اهڙيون اصلاحي تحريڪون جن کي جي انقلابي نه به چئجي زماني سان گڏ نه هلي سگهيون ۽ منڍ ۾ ئي جمود جو شڪار ٿي ويون، جنهن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ اهي وجود ۾ آيون هيون پر اهي شروعات ۾ ئي پنهنجي ڪم ڪرڻ جي طريقي ۽ طرز ادا جي زنجيرن
    ۾ جڪڙجي ويون. جيڪو طريقه ڪار، انهن تحريڪن جي منڍ ۾، ان وقت جي گهرجن کي سامهون رکي، ٺاهيو ويو هو، جيڪو هڪ محدود دائري ۾، اصلاحي تحريڪن جي گهرجن کي پورو ڪندو هو.انهن تحريڪن ۽ ان سان واسطو رکندڙ فردن انهن اصولن کي اپنايو، جيڪي اصول انهن تحريڪن جي اڳواڻن، ماضي ۾ نيڪ نيتي، فهم ۽ تدبر سان گڏ، وقت جي ضرورت کي سامهون رکي، حضرت محمد ﷺ جي حديث تي عمل ڪندي ٺاهيا هئا.
    ” يعلم هذا العلم من کل خلف عدوله ينفون عنه تحريف الغالين وانتحال المبللين وتاويل الجاهلين.“ ( مشڪوات- ڪتاب العلم فصل ثاني رقم الحديث نمبر 248)
    يعنى هن علم جي هر نسل مان اهڙا عادل ۽ متقي وارث پيدا ٿيندا، جيڪي، هن دين مان غلو پسند ماڻهن جي تحريف، اهل باطل جون غلط تاويلون ۽ دعوائون ۽ جاهلن جي من گهڙت ڳالهين کي دور ڪندا“ پر انهن جماعتن ۽ تحريڪن انهن اصولن کي، اهڙو ته مضبوط پڪڙي ورتو، جيئن ڪو، ڪنهن خاص حڪم ۽ پڪي ڳالهه تي، ڄميو رهي . جنهن ۾ ڪنهن ڦير ڦار جي ڪابه گنجائش نه هجي ۽ نه وري ڪنهن ۾ لچڪ يا توسيع جو امڪان هجي. جنهن ڪري، انهن دعوتن ۽ تحريڪن ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي دماغن تي جمود ڇائنجي ويو ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن ۾ انتها پسندي به اچي ويئي ۽ جيئن ته هو پنهنجي طريقه ڪار ۾ ڪابه لچڪ ٿيڻ نه ڏيندا آهن ۽ ان تي اهڙا پختا بيٺل نظر ايندا آهن، ڄڻ ته اها به شريعت جو ئي هڪ حڪم آهي يا الله جي طرفان قرآن جي آيت، ان جو ڪارڻ هن کان سواءِ، ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو ته هي تحريڪ پنهنجي قوت ختم ڪري چڪي آهي، ان ۾ ايتري طاقت ۽ صلاحيت نه آهي، اها ماحول جو نئين سر جائزو وٺي، موجوده وقت جي نبض کي سڃاڻي، نون گهرجن کي سمجهي، زماني جي رمز کي سامهون رکي، ان جي مرض جو علاج ڪري ۽ سڌاري ۽ دعوت جي طريقه ڪار ۽ زندگي جي حقيقتن ۽ گهرجن جي وچ ۾ هم آهنگي پئدا ڪري.
    پرهي حقيقت آهي ته اسلام زماني کان ڪڏهن به پوئتي نه رهيو آهي، ان سدائين انساني معاشري جي اڳواڻي ڪئي آهي ۽ پنهنجي تعليم ۽ زماني جي گهرجن جي وچ ۾ يڪسانيت پئدا ڪرڻ جو دليل پيش ڪيو آهي. اهڙا عالم ۽ اڳواڻ، هر دور ۾ حاضر رهياآهن. جن ۾ فڪري هڪجهڙائي هئي، بي مثال ذهانت هئي.اهي ديني اصولن ۽ شريعت جي بنيادي ۽ اولين حڪمن کي حاصل ڪرڻ ۽ انهن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جي طاقت ۽ صلاحيت رکندڙ هئا. انهن حيريت انگيز، صلاحيت ۽ بي مثال عبقريت جو مظاهرو ڪندي، هر دور ۽ هر جاءِ تي چئلنجن جو مقابلو ڪيو. زماني جي مطالبن ۽ مسلم امت جي ضرورتن جو پورائو ڪيو. انهن زندگي جي حقيقتن کان ڪڏهن به اکيون نه ٻوٽيون، وقت جي گهرج ۽ وقت جو سڏ ۾ سڏ ڏنو. اهوئي ڪارڻ آهي جو اهو ذهن سدائين، زندگي سان ڀريل، مقبول ۽ محبوب رهيو. انساني معاشري جي رهبري ڪندو رهيو ۽ اسلام جي دائري ۾ رهي، صحيح واٽ ڏانهن رهنمائي ڪندو رهيو.

    غيرضروري مسئلن ۽ تڪليفن کان پري رهڻ جي ضرورت : اسلامي دعوت جي افاديت ۽ نتيجه خيزي کي برپا رکڻ جو ٽيون شرط هي آهي ته دعوت ۽ تحريڪ فائديمند هجي. اها بيڪار ۽ بي فائدہ نه رهجي وڃي ۽ حڪومت، قوت ۽ وسيلن سنا مسلح افراد ۽ عناصر سان اڳ ۾ ئي پهرين ڏاڪي تي اٽڪي پوي ۽ اهڙي طرح پنهنجي لاءِ مسئلا ۽ تڪليفون پئدا ڪري وجهي ۽ پنهنجي ساري قوت ۽ صلاحيت، انهيءَ ويڙهه ۾ وڃائي ڇڏي ۽ پنهنجا ڪيترائي دشمن ۽ حريف پيدا ڪري وجهي، بي فائدہ ڪوششون ڪندي رهي ۽ سواءِ ڪنهن دشمن جي هر هڪ سان وڙهندي رهي.
    ان جي ڀيٽ ۾ اسان کي گهرجي ته بي فائدہ دعوت کان زيادہ مفيد ۽ ڪارآمد هجڻ کپي ۽ انهيءَ خيال سان ڪم ڪندي رهي ته، ايمان کي برسراقتدار ماڻهن تائين پهچائڻو آهي. سندن هٿن ۾ اسلام جو جهنڊو ڏيڻو آهي ۽ انهن کان ئي اسلام نظام نافذ ڪرائڻو آهي. هي صحيح نه آهي ته اهل ايمان يا ڪنهن خالص اسلامي اصلاحي تحريڪ کي اقتدار جي ڪرسي تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، يا نظام اسلام جي تنقيد ۽ معاشري ۾، انقلاب جو فن ڪنهن خاص جماعت جي فردن ۽ ڪن داعين لاءِ مخصوص ڪيو وڃي.
    نواڻ ۽ سڌاري جو بهترين مثال : مون کي اسلام ۾ سڌاري ۽ تجديد جي ڊگهي تاريخ ۾ ڪو به اهڙو مثال، ڪا تحريڪ، جنهن کي حيرت انگيز ڪاميابي حاصل ٿيل هجي، يا ڪو سڌارڪ، حالتن ۾ انقلاب آڻڻ، تاريخ جو رخ موڙڻ ۽ ان کي نئين راهه اختيار ڪرڻ تي، مجبور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو هجي. حضرت مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهندي رح 1034هه کان سواءِ ٻئي ۾ نه ٿي ملي.( تفصيل لاءِ ڏسو ” تاريخ دعوت ۽ عظميت “ جلد چوٿون ذڪر مجدد الف ثاني رح ) . حضرت مجدد الف ثاني رح جي ڪامياب جدوجهد جي تصوير پيش ڪرڻ لاءِ، ليکڪ جي ڪتاب ” ربانيته لا رهبانيته “ مان هڪ ٽڪرو پيش ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو.
    ” هندستان ۾، شهنشاهه جلال الدين اڪبر جي حڪومت، لادينيت ۾ کليل الحاد جو رستو اختيار ڪري چُڪي هئي. اڪبر جهڙي طاقتور ۽ وڏي شهنشاهه هي طئي ڪيو ته هو پنهنجا سڀ وسيلا ۽ ذريعا ۽ زور ۽ طاقت کان ڪم وٺي، ملڪ مان اسلام جي سڀني خاصيتن ۽ نشانين کي ختم ڪري، انهن جو نالو نشان به مٽائي ڇڏجي. وٽس غير معمولي صلاحيتن وارا، نهايت هوشيار ماڻهو هئا، جيڪي سندس غلط ارادن ۽ ڪرتوتن ۾ ان جا مددگار هئا. جتي ڪنهن ڪمزوري جو تر جيترو به شڪ نه هو. حڪومت پنهنجن زورن تي هئي. زوال يا ڪم طاقتي جو ڪٿي به نشان ڪونه هو. ڪنهن به جاءِ تي انقلاب، تبديلي يا بغاوت جو ڪو امڪان ڏسڻ ۾ نه ٿي آيو. علم منطق يا مظاهري ڏس ۾ هي مڃڻ ۾ نه پئي آيو ته ڪو حالتون رخ بدلائي سگهن ٿيون يا حڪومت ۽ قوم ۾ ڪا کليل تبديلي به اچي سگهي ٿي.
    اهڙين حالتن ۾، الله تعالى پنهنجي هڪ ٻانهي کي اصلاح ۽ تجديد لاءِ تيار ڪيو. هن الله جي ٻانهي، اڪيلي سر، انقلاب جو جهنڊو پنهنجي هٿن ۾ کنيو ۽ پنهنجي ايمان ۽ يقين، عزم ۽ توڪل، روحانيت ۽ اخلاص جي اندروني سگهه جي زور تي حالتن ۾ انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ۾ جنبي ويو. جنهن جو نتيجو هي نڪتو جو مغل سلطنت جو هر وارث اڳلي کان بهتر ثابت ٿيو. تان جو پڇاڙي ۾ شهنشاهه محي الدين اورنگزيب عالم جهڙو فاضل، صالح، فقيه، مجاهد ۽ غيرت مند مسلمان تخت تي ويٺو. اسلامي حڪومتن جي تاريخ ۾، اهڙا مثال گهٽ ملن ٿا. هن ڀلاري انقلاب جو اڳواڻ محمدي سلسلي جو امام شيخ احمد سرهندي مجدد الف ثاني رح هو. ( ربانيه لا رهبانيته ص 137 – 138 وڌيڪ ڏسو ليکڪ جو رسالو الدعوته الاسلاميه في الهند ونظوراتها) وقت ۽ ماحول جي هي سڌاري ۽ انقلاب ۾، حيرت انگيز ڪاميابي، ان ڪري ٿي، جو هن ڪار آمد کي بيڪار تي ترجيح ڏني حڪومت جون واڳون سنڀاليندڙ شهنشاهه ۽ ان جي وزيرن ۽ درٻارين جي اسلامي غيرت کي بيدار ڪيو ۽ ان جي دلين ۾ موجود ايمان کي لوڏيو. کين هي پڪ ڏياري ته هو اقتدار ۽ ڪرسي جو بکيو نه آهي ۽ نه وري سندس خواب ۽ خيال ۾ به، اها خواهش آهي ۽ نه وري، سندس شاگرد، مريد ۽ اولاد به ڪا اها تمنا رکن ٿا. پر هو صرف اهو چاهين ٿا ته، برهمڻ ازم، هندو فلسفو ۽ جاهلي تهذيب ۽ تمدن جي يلغار کان، هن ملڪ کي، جنهن کي سندن وڏن، ابن، ڏاڏن اسلام کي پکيڙڻ لاءِ فتح ڪيو هو ۽ پنهنجو رت وهايو هو، اسلام جي بچاءُ ۽ اسلامي قانون جي نفاذ جي سعادت، شهنشاهه، سندس وزيرن ۽ فوجي سردارن کي حاصل ٿئي اها ڳالهه انهن درٻار ۽ اميرن جي دلين ۾ گهر ڪري ويئي ۽ سندن نمونو بدلجي ويو. اهي اسلام جي خلاف، جنگ ۽ اسلام جا نشان ۽ آثار مٽائڻ بدران، اسلام جو بچاءُ ڪرڻ لڳا، برهڻميت ۽ وشنيت جي نشانن کي هڪ هڪ ڪري مٽائڻ شروع ڪيو، جيڪي اڪبر جي ڏينهن ۾ وڌيڪ پکڙيا. اڪبر ڳئون ڪھڻ تي بندش وڌي هئي، ڇو ته هندو انکي پاڪ سمجهندا هئا، ۽ ان جي پوڄا ڪندا هئا ان ڪري ساري ملڪ ۾ ڳئون ڪهڻ ڏوهه هو، ان کي ڏوهاري قرار ڏنو ويندو هو. ٻئي پاسي سوئر جي گوشت تي پابندي ڪانه هئي. اڪبر جي ڀيٽ ۾ شهنشاهه نورالدين جهانگير جيڪو حضرت مجدد الف ثاني رح جي پرهيزگاري ۽ خلوص کان متاثر هو، ۽ ٿورا ڏينهن گڏ رهي، فيض به حاصل ڪيو هئائين. هن جڏهن ڪانڳڙهه جو قلعو کٽيو هو. جنهن کي ٻيا مسلمان فاتح کٽي نه سگهيا هئا ۽ هي ڪاميابي به هڪ هندو فوجي سپهه سالار جي هٿان ٿي، جهانگير جڏهن قلعي ۾ داخل ٿيو، تڏهن پهريون حڪم هي ڪيائين ته اتي مسجد ٺهرائي وڃي ۽ ڳئون ذبح ڪئي وڃي. هن واقعي مان پيءُ ۽ پٽ جي طرز عمل، سياست ۽ نفسيات ۾ کليل فرق جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.


    ظاهري ڏيک ويک کان پري رهڻ

    اسلامي دعوت ۽ اسلامي بيداري لاءِ چوٿون شرط هي آهي ته ان جا اڳواڻ ظاهري ڏيک ويک ۽ عيش وعشرت جي زندگي ۽ اهڙن کي الله تعالى جيڪي به نعمتون ڏنيون آهن، تن جي ريس کان گهڻو پري رهن ۽ شريعت جي حدن ۾ رهندي، رهبانيت ۽ حد کان نه وڌڻ، پنهنجي حيثيت آهر، پرهيزگاري قناعت ۽ توڪل جا گڻ، پاڻ ۾ پئدا ڪن ۽ سلف صالحين ۽ عظيم اصحابن جي نقش قدم تي، زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪن هن سلسلي مان پنهنجي ڪتاب ” رجال الفڪر والدعوته“ جلد اول مان امام احمد بن حنبل رح جي سيرت جو هڪ حصو پيش ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو.
    ” اسلامي تاريخ ۾ اسان کي پرهيزگاري ۽ قناعت ۽ تجديد ۽ اصلاح جون ڪوششون هڪٻئي سان گڏ نظر اچن ٿيون. اسلام جي طويل تاريخ ۾ جن هستين زماني جي رفتار بدلائي ڇڏي. تاريخ جي رخ کي موڙي ڇڏيو. اسلامي معاشري ۾ نئون روح ڦوڪيو. اسلام جي تاريخ ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي. علم فڪر ۽ دين جي ميدان ۾ناقابل فراموش ورثو ڇڏيو. جيڪو صدين تائين ذهن ۾ فڪر کي متاثر ڪندو رهندو ۽ علم واداب جي دنيا ۾ جنهن جو نالو گونجندو رهيو، اهي اهڙيون هستيون نظر اچن ٿيون. جن ۾ پرهيزگاري هئي. دنيا کان ڪناره ڪشي هئي، قناعت هئي، جن نفساني خواهشن تي غلبو حاصل ڪيو هو مادي دولت، حڪمران طبقي اميرن ۽ دولتمندن کان مرعوبيت سندن نظر ۾ ختم ٿي چڪي هئي.
    ان جو راز هي آهي ته دنيا کان بي نيازي، قناعت ۽ پرهيزگاري انسان ۾ باطني قوت ۽عقيدي ۽ ڪردار جي اهميت پئدا ڪن ٿيون . مادي حالت ۾ گرفتار انسان، پيٽ جا پوڄاري ۽ شهوت جا پرستار، سندن نظرن ۾ ڪريل رهن ٿا، اهوئي ڪارڻ آهي جو اسان ڏسون ٿا ته وڏيون شخصيتون ۽ اوچي سوچ رکندڙ هستيون، کڻي ڪهڙي به قوم مان هجن قناعت ۽ سادي زندگي گذارينديون هيون. هنن لوڀ ۽ لالچ کي ختم ڪري ڇڏيو هو ۽ پنهنجي دور جي بادشاهن، اميرن ۽ سيٺين کان پري رهندا هئا، ڇو ته پرهيزگاري انسان جي لڪل طاقت کي اڀاري ٿي. صلاحيت کي قوت بخشي ٿي ۽ روح کي تڙپائي ٿي. ان جي ڀيٽ ۾ عيش ۽ آرام، احساس جي قوت ۽ نزاڪت کي مٺو ڪري ڇڏي ٿي. صلاحيت کي قوت بخشي ٿي ۽ روح کي لولي ڏيئي سمهاري ڇڏي ٿي ۽ دل کي ماري ڇڏي ٿي هت نفسيات ۽ علم الخلاق جي لحاظ کان، سبب ڳولهڻ به ضروري آهي، پر مان ڊيگهه جي ڪري ان جو ذڪر نه ٿو ڪريان ۽ صرف ان تاريخي حقيقت کي بيان ڪريان ٿو ۽ ان تي زور ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان. نئين حياتي ۽ تجديد جي اهميت ۽ درجو پرهيزگاري، معمولي خواهشن ۽ گهٽ ڳالهائڻ کان مٿاهين جڳهه ولارڻ جي گهر ڪري ٿو. هوائن جي رخ تي هلڻ پسند نه ٿو ڪري. عيش وعشرت جي زندگي ۽ دولت ۽ اقتدار سان نه ٿو کيڏي. هي رسول الله ﷺ جي خلافت جو منصب آهي ۽ پاڻ سڳورن کي چيو ويو ته :
    ولا تمدن عينيک الى ما متعنابه ازواجا منهم زهره الحليوته الدنيا لنفتنهم ورزق ربک خير وابقى ( طه 131)
    يعنى ” ۽ ڪڏهن به انهن شين ڏانهن اک کڻي نه نهار، جن سان اسان انهن جي گروهه کي آراسته ڪيو آهي، انهن جي آزمائش لاءِ ته اهو صرف دنوي زندگي لاءِ سونهن آهي ۽ تنهنجي رب جو انعام وڌيڪ، بهتر ۽ ديرپا آهي.“ ۽ حضور اڪرم ﷺ کي حڪم ڪيو ويو ته، پنهنجن گهر وارين کي چئي ڏين ته
    يا ايها انبي قل لازواجک ان کنتن تردن الحيوته الدنيا وزينتها فتعالين امتعکن واسرحکن سراحا جميلا ( الاحزاب 28)
    يعنى : اي نبي ﷺ پنهنجي گهر وارين کي چئو ته جي اوهان دنوي زندگي ۽ ان جي سونهن کي چاهيو ٿيون ته اچو مان اوهان کي ڪجهه دنوي مال ڏيئي، عزت سان موڪل ڏيان.“
    جن ماڻهن کي الله تعالى هن عظيم ڪم لاءِ چونڊيندو آهي يا جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي هن ڪم لاءِ پيش ڪندا آهن ۽ ايڏي عظيم عهدي جي اميد رکن ٿا تن جي لاءِ الله جو دستور اهو ئي آهي ۽ الله جو دستور ڪڏهن نٿو بدلجي سگهي. ( رجال الفکر والدعوته جلد اول ص 105)


    همت، دليري ۽ قرباني جو جذبو ۽ شوق

    اسلامي سجاڳي لاءِ پنجون ۽ ضروري عنصر هي آهي ته دعوت سان گڏ همت ۽ دليري جو روح ۽ صبر استقلال ۽ قرباني جو جذبو ۽ شوق به هجي جيڪڏهن حالتن جي گهرج هجي ته خطرن جي ڪن ۾ همت ۽ دليري سان ٽپي پئجي ڇو ته انسان جي فطرت آهي ته هو مضبوط ايمان، بي مثال جرئت ۽ بهادري ۽ خطرن ۾، بي خوف ٽپي پوڻ جي جذبي جو وڏو قدر ڪن ٿا. اهي اهڙين شين کي وڏي عزت ۽ عظمت جي نظر سان ڏسن ٿا، جيڪي خود انهن ۾ موجود نه هجن ۽ اسلام جي تاريخ حيرت انگيز شجاعت ۽ خطرن کي گلي لائڻ جي واقعن سان ڀري پيئي آهي.
    هن جذبي ۽ روح جي گهٽتائي ڪري، جيڪو خال پئدا ٿئي ٿو اهو صحيح دعوت ۽ اسلامي تحريڪن لاءِ هاڃيڪار ٿئي ٿو، ان ڪري ڪيتريون ئي غلط ۽ فاسد تحريڪون پئدا ٿين ٿيون ۽ زور وٺن ٿيون. جن جو عقيدو به غلط هوندو آهي ۽ ڪم جو طريقو به. اهي نقصان ڪار، تباهه ڪن ۽ فساد ڦهلائڻ واريون هونديون آهن. ان هوندي به دل ۽ دماغ تي، سندن ڌاڪو ڄمي وڃي ٿو. جنهن کي ڪنهن مقرر جي تقرير يا ڪنهن ليکڪ جي لکڻي متاثر ڪري نه ٿو سگهي. منطقي دليل ۽ علمي بحث، ان جو مقابلو ڪري نٿا سگهن. اسلامي دنيا ۾ رونما ٿيندڙ فوجي انقلابي تحريڪون ان جو کليل ثبوت آهن، جيڪي بگڙيل حالتن جي اصلاح يا اسلام جي نالي تي، سامهون آيون ۽ اسلام پسندن جي ڪمزورين مان فائدو ورتو.
    حقيقت هي آهي ته سيلاب سان سيلاب ئي منهن ڏيندو آهي. تيز وهڪري کي تيز وهڪرو روڪيندو آهي. ڏاڍي ڪوڙ جو مقابلو طاقتور سچ ڪندو آهي. صحيح عقيدي ۽ نيڪ مقصد لاءِ قرباني ۾ شوق ۽ فداڪاري جي جذبي جي ڪمي، غلط ۽ فاسد تحريڪن جي ڄار ۾ ڦاسائڻ لاءِ رستو هموار ڪن ٿيون. بگڙيل حالتون ۽ ظالم ۽ جابر انتظاميه کان بيزاري ۽ نفرت جنهن کي پهچي ويون آهن ۽ جنهن کي صاف ۽ شفاف پاڻي نٿو ملي اهو ڪني ۽ بدبودار پاڻي مان پنهنجي اڃ اجهائي ٿو ۽ الله تعالى سچ فرمايو آهي ته
    الا تفعلو تکن فتنه في الارض وفساد کبير ( الانفال 73)
    يعني: جيڪڏهن اوهان ائين ڪندو، ته ڌرتي تي وڏو گوڙ ۽ فساد ٿيندو.“

    غير مسلم گهڻائي وارن ملڪن ۾ اسلامي سجاڳي ۽ ان جو لائحه عمل : هتي انهن ملڪن ۾ اسلامي بيداري بابت ٻه ڳالهيون ڪرڻ چاهيان ٿو. جتي مسلمان ٿورائي ۾ آهن ۽ چوڌاري غلط فهمين، غلط بيانن ۽ بي بنياد وهمن جي وڪڙ ۾ ڦاٿل آهن، جتي قومي جهموري حڪومتون برسر اقتدار آهن. اتي به گهڻي عرصي کان اسلامي برادري جي لهر موجود آهي ۽ اسلامي ملڪن ۾ اٿل بيداري جي لهر موجود آهي ۽ اسلامي ملڪن ۾ اٿل بيداري جي لهرن کان ڪنهن به طرح طاقتور نه آهي.


    اسلام جي مثالي سيرت ۽ ڪردار جي نمائندگي ؛

    اسلام جي مثالي سيرت ۽ ڪردار جي نمائندگي ؛
    انهن غير اسلامي ملڪن ۾ سڀني مسلمانن لاءِ، عام طور تي ۽ اسلامي دعوت جو ڪم ڪندڙن لاءِ خاص ڪري هي ضروري آهي ته اسلام جي مثالي سيرت ۽ ڪردار جو ممڪن حد تائين واضح ۽ مڪمل نمونو پيش ڪن. اهو دين لاءِ احترام جو جذبو پيدا ڪرڻ جو سڀ کان مضبوط ۽ موثر ذريعو آهي. اهائي ڳالهه وطن جي ڀائرن کي اسلام جي بنيادي ارڪان ۽جي اسلامي تعليم جي مطالعي جي دعوت ڏيئي سگهي ٿي. جنهن تعليم مسلمانن کي بهترين سيرت ۽ اخلاق جو نئون رنگ بخشيو ۽ پرڪشش سانچي ۾ پيش ڪيو. اها ڳالهه کين قرآن مجيد، سيرت محمدي ۽ اسلامي شريعت سان روشناس ڪرڻ ۽ ان جي اڀياس ڪرڻ لاءِ آمادهه ڪري سگهي ٿي. ارمان جي ڳالهه آهي ته اهي گهڻي وقت کان اسلامي سيرت ۽ ڪردار کان پري ٿي
    ويا. اهي غير مسلمانن جي گهڻائي ڪري، سندن عادتن، ريتن ۽ رسمن، اٿڻي ويهڻي ۽ مقامي پرائي تهذيب ۽ تمدن کان متاثر ٿيا آهن يا جديد مادي تهذيب جي زير اثر اچي ويا وري هي ڳالهه به کليل آهي ته غير مسلمانن لاءِ هي ممڪن ۽ سولو نه آهي ته مسلمانن جي اٿڻي ويهڻي ۽ اخلاق جو اڀياس مسجدن ۽ مدرسن ۾ وڃي ڪن. اهي ته مسلمانن کي بازارن، آفيسن کاتن ۽ ٻين عام جلسن ۽ تقريبن ۾ ڏسندا آهن ۽ اتان ئي اهي سٺو يا خراب غلط يا برابر جو تاثر وٺندا آهن.

    پرامن ۽ بقائي مهم جي فضا بنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ : غير مسلم گهڻائِي وارن ملڪن ۾، مسلمانن لاءِ ڪرڻ واري ضروري ڪم هي آهي ته ممڪن حد تائين، پنهنجي وس آهر هر ڳالهه جي ڪوشش ڪن ته، ملڪ ۾ امن ۽ سڪون جي فضا قائم رهي ۽ پرامن بقائي باهم جو اصول قائم رهي ته جيئن، گڏيل احترام ۽ اعتماد جي فضا ۾ ڪارآمد ۽ تعميري ڪمن جو موقعو ملي سگهي. ڇو ته ان کان سواءِ ديني ادارا اسلامي سرگرمين جا مرڪز، ايتري تائين جو مسجدون ۽ مدرسا سڀ خطري جي منهن ۾ اچي، ڪنهن به مهل فرقه واريت جنون جي سيلاب ۾، اهي سڀئي ادارا جايون، تباهه ٿي سگهن ٿيون.
    اهڙي طرح، امن ۽ سڪون ۽ باهمي احترام جي فضا ۾، مسلمانن لاءِ، هي سولو ٿي سگهندو ته هو پنهنجي اسلامي سڃاڻ ۽ نشان کي بچائي سگهن. اسلامي شريعت ۽ احڪام مطابق، زندگي گذارين. پنهنجي عائلي قانون ۽ خانداني نظام کي، برقرار رکي، پنهنجي نسل کي، اسلامي عقيدن ۽ تعليم تي ثابت قدم رکي سگهن. پنهنجي اولاد کي اسلامي تعليم ڏيارين ۽ هن ڳالهه جي پڪ ڪن جهڙي پڪ حضرت يعقوب ع کي ٿي هئي، جڏهن هن پنهنجن پٽن، پوٽن ۽ ڏهٽن کان سوال ڪيو هو ته مون کان پوءِ اها ڪنهن جي عبادت ڪندا.
    وما تعبدون من بعدي نعبد الهک واله آبائک ابراهيم و اسماعيل و اسحق اللها واحد و نحن له مسلمون
    ”ته انهن ماڻهن هڪ آواز ٿي چيو ته اسان عبادت ڪنداسون اوهان ۽ اوهان جي پيءُ ابراهيم، اسماعيل ۽ اسحاق جي معبود جي. ان هڪ معبود جي ۽ اسان ته ان جي حڪم جا بندا آهيون.“


    سماجي خرابي جو سڌارو ۽ اخلاقي قيادت

    سماجي خرابي جو سڌارو ۽ اخلاقي قيادت
    اهڙي طرح مسلمانن لاءِ ضروري آهي ته ملڪ جي اخلاقي قيادت جي ذميواري قبول ڪن ۽ ملڪ ۾ ڦهليل بدنظمي کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌن. پاڪيزه، شريفانه زندگي ۽ انسانيت جي احترام جي دعوت ڏين. ملڪ جنهن اخلاقي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي ۽ معاشري خودڪشي جي واٽ تي، جنهن تيزي سان وڌي رهيو آهي. ان کي روڪڻ ۽ سماج کي مڪمل تباهي کان بچائڻ جي ڪوشش ڪن هي ڪنهن به حالت ۾ جائز نه آهي ته اهڙو جهاز غرق ٿئي، جنهن ۾ مسلمانن جو وڏو تعداد سوار هجي ۽ ان ڪري تباهه ٿي وڃي جو اتي دولت ۽ شهوت نفساني جو دور دوره هجي. هتي لوڀ، لالچ ۽ مفاد پرستي چوٽ چڙهيل آهي. هتي رشوت، خيانت ۽ ملڪ سان غداري عام آهي. مسلمانن جو وڏو انگ ان جا عالم، بزرگ ۽ انهن جي هيڏن سارن مدرسن جي هوندي به، ڪنهن ملڪ ۽ سماج ۾ بيماريون پکڙجي وڃن. سوچڻ جو مقام آهي. ڇو ته مسلمانن وٽ، دين جو علم رسول اڪرم ﷺ جي سنت ۽ صحابه ڪرام جي سيرت جي حيثيت ۾ اخلاق جو مڪمل سامان موجود آهي، جيڪو اخلاقي بي راهه روي ۽ ذهني چريائپ کان بچائي سگهي ٿو ۽ ملڪ ۾ سماج کي مڪمل تباهي کان محفوظ
    رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
    هن شڪل ۾ مسلمان پنهنجي صحيح مقام ۽ عهدي جي نمائندگي ڪري سگهندا ۽ ان صورت ۾، اهل وطن مسلمانن جي عزت ۽ احترام ڪندا، سندن خيال ڪندا ۽ ادب ڪندا. کين اکين ۾ جاءِ ڏيندا ۽ پنهنجين دلين ۾ ويهارڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا ۽ ٿي سگهي ٿو ته الله تعالى کين ان ملڪ جي قيادت جو هڪ ٻيو موقعو به عنايت ڪري. اخلاقي قيادت جو ميدان، اهو واحد ميدان آهي جيڪو اڃان تائين خالي پيو آهي ۽ ملسمانن لاءِ اهو موقعو آهي ته ميدان پنهنجي صلاحيت، اهليت ۽ اهميت کي مڃرائين ۽ ان راهه ۾ پنهنجي قيادت جو درجو حاصل ڪن.

    جمھوري حقن جو استعمال ۽ قانون سازي جي معاملي تي گهري نظر : جهموري ملڪن ۾ رهندڙ مسلمانن لاءِ هي به ضروري آهي ته پنهنجي شهري ۽ جهموري حقن کي همت، جرئت، اعتماد ۽ فخر سان ڪتب آڻين، ڇاڪاڻ ته اهي به ملڪ جا وفادار ۽ سچا فرزند آهن انهن کي به اهي حق حاصل آهن، جيڪي سڀني کي حاصل آهن. اهڙي طرح کين اهي موقعا به ملندا ته هو، پنهنجن حقن ۽ پنهنجي حيثيت ۽ عهدي جي حفاظت به ڪري سگهندا ۽ پنهجي دين ۽ مذهب مطابق به زندگي گذاري سگهندا. شريعت ۽ ديني تعليم کي، غيرن جي مداخلت کان به محفوظ رکي سگهندا. ان لاءِ هي به ضروري آهي ته قانون سازي جي مجلس ۾ ٺهندڙ قانون جو عقل، سمجهه ۽ بيدار مغزي سان لاڳيتو اڀياس ڪندا رهن ۽ ان مجلس جي نمائندن جي چونڊ ۾، پنهنجو اثر ورسوخ هلائين. ائين نه ٿئي جو سستي جي ڪري، ڪنهن تڪليف ۽ مصيبت ۾ ڦاسي نه پون ۽ پنهنجي مذهب ۽ عقيدي خلاف، قانون تي عمل ڪرڻ ۽ حالتن سان صلح ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن. کين مصر جي رهاڪن لاءِ، مصر جي فاتح، سيدنا عمرو رضه بن عاص جي وصيت سدائين ياد رکڻ کپي.
    اتم في رباط دائم، تشوف القلوب اليکم
    يعنى ” اوهان مستقل محاذ تي آهيو، ڇو ته مخالفن جو دليون اوهان ڏانهن متوجهه آهن.“


    نئين نسل جي تعليم ۽ تربيت ۽ ان جي ايمان ۽ عقيدي جي حفاظت

    نئين نسل جي تعليم ۽ تربيت ۽ ان جي ايمان ۽ عقيدي جي حفاظت
    مسلمانن کي گهرجي ته پڪي ۽ مضبوط اسلامي تعليم جو بندوبست ڪن ۽ توحيد جو عقيدو، جيڪو سندن سڃاڻ ۽ نشان آهي ۽ ان جي وچ ۾ سندن وطن واسين جي وچ ۾ حد آهي. ان عقيدي کي، نئين نسل جي دل ۽ دماغ ۾ ويهارڻ گهرجي ۽ وقت کي سامهون رکندي ۽ دنيي غيرت ۽ جذبي سان گڏ سرڪاري تعليمي نظام ۽ تربيت، مدرسن ۾ مقرر تعليمي نصاب، ثقافتي پروگرامن ۽ابلاغ جي وسيلن جو جائزو وٺندا رهن، ڇو ته اهي شيون ٻارن ۽ نوجوانن جي توحيد جي عقيدي تي خراب اثر وجهن ٿيون ۽ صرف ٻار نه، پر پڙهيل لکيل مردن ۽ عورتن جا عقيدا به ڪمزور ٿي وڃن ٿا. پر ڪڏهن ڪڏهن ته ان جي خلاف به ڀرڪائين ٿا. هي سارو ڪم وطني ۽ قومي ثقافت جي نالي ڪيو وڃي ٿو مسلمانن کي انهن وسيلن، ذريعن ۽ ادارن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي . کين آئين ۾ مليل حقن مان فائدو وٺڻ گهرجي، جيڪو فڪر ۽ خيال جي آزادي، دين ۽ عقيدي ۾ ڄنگهه نه اڙائڻ ۽ شهري حقن ۾ هڪجهڙائي جي ضمانت فراهم ڪري ٿو. ملڪ جي هر فرد کي هڪجهڙي عزت ۽ درجو ڏي ٿو ۽ هرهڪ کي پنهنجي عقيدي ۽ مرضي موجب نئين نسل جي تربيت جو حق ڏي ٿو. ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته هاڻوڪن ابلاغ جي وسيلن ۽ تعليم ۽ تربيت جي نظام سان جوانن، پوڙهن، مردن ۽ عورتن جي ذهنن تي پوندڙ اثرن جو مقابلو ڪيو وڃي. سندن ذهنن لاءِ، پوري پني کاڌ خوراڪ، مناسب دوا ۽ موثر اسلامي ادب پيش ڪيو وڃي ۽ دلين ۾ موجود ديني غيرت ۽ اسلامي جذبي کي سجاڳ ڪيو وڃي.
    رسول الله ﷺ جي وصيت ” الدين النصيحته“ ( دين نصيحت ۽ چڱ ڀلائي جو نالو آهي) تي عمل ڪندي مان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪجهه رايا ڏنا آهن الله تعالى اسان سڀني کي حالتن کي پرکڻ، خطرن جو برابر ڪاٿو لڳائڻ ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ جي سگهه بخشي.

    وما توفيقي الا باالله عليه توڪلت واليه انيب


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 946
    ڪتابن جو مشاهدو: 3032480
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 790272
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ