ڪتاب جو نالو: سچل سرمست جي گهڙولي
مصنف: حزب الله آءِ سومرو
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: تصوف
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 23 مارچ 2020 ع
پڙهيو ويو: 687 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 136 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سچل سرمست جي مشھور گهڙولي بابت حزب اللہ آءِ سومرو لکي ٿو:
هتي سچل چيئر ۾ رکيل قلمي گهڙولي کي بنياد بڻائيندي ٻين نسخن کي نظر ۾ رکندي معياري گهڙولي ترتيب ڏني وئي آهي، ڇو ته ان جي سلسلي ۾ معنيٰ مطلب جي درست صورت ۽ وزن بحر جو خيال ذهن ۾ هو. الحمدلله 36 بند ئي نسخن مان کنيل آهن ڪوبه اهڙو بند نه آهي جيڪو ٻاهران هجي. پڙهڻيون به ان ۾ موجود آهن البته ڪن جاين تي واضح لکت جون غلطيون هيون سي درست ڪيون اٿم ته جملا درست ٿي پيا مثلاً: علمن (علم)، ڪمين (ڪمي)، فڪر (فقر)، گم (غم)، عرب يا عربو (اربع)، ڪول (قول)، علا (الا)، سر طريقت (سه طريقت)، هر بند پويان ان نسخي جو نشان ڏنو ويو آهي. اهي نسخا مون وٽ آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حضرت سچل سرمست فاروقي رحه
  • پيش پريان
  • گهڙولي ۽ ان جو تعارف
  • مئن يار دي گهڙولي ڀرندي هان
  • ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ مطلب
  • مطلب ۽ شرح
  • از قلم: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

  • حضرت سچل سرمست فاروقي رحه

    حضرت سچل سرمست فاروقي رحه

    تحقيق: حزب الله آءِ سومرو

    حافظ عبدالوهاب ولد ميان صلاح الدين ولد خواجه محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنو فاروقي، دارازا خيرپور ۾ 1170هه مطابق 1756ع ۾ ڄائو جڏهن ته 1152هه مطابق 1739ع وارو ٻڌايل سندس ولادت جو سنه صحيح نه آهي اهو فقط 1165هه ۾ وفات ڪندڙ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان ملاقات لاءِ ڪيو ويو جڏهن ته فاروقين جي خانداني شجري، جيڪو سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ محفوظ آهي ان ۾ سچل سرمست جي ولادت 1170هه لکيل آهي. سندن والد ميان صلاح الدين جي وفات 1158هه ۾ ٻڌائي ويندي آهي. جڏهن ته اهو سنه 1200هه آهي ڇو ته ڪجهه سال الڳ سندن قبر تي اهڙو ڪتبو لڳل هو. پر هن وقت ٽٽي چڪو آهي. حضرت عمر فاروق رضه جي اولاد مان هئا جنهن تي فخر سان چيائين ته ”شڪر اولاد عمر دي ها“، ميان عبدالوهاب جا استاد حافظ عبدالله قريشي ۽ ميان عبدالحق فاروقي هئا، ميان عبدالحق فاروقي سندن استاد چاچو، مرشد ۽ سهرو هو. ميان عبدالوهاب شاعريءَ ۾ سچل، سچو، سچي ڏنو، آشڪار ۽ خدائي تخلص ڪم آندا آهن ۽ سچل سرمست جي نالي سان مشهور آهي. کين ستن زبانن سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، اردو، هندي، عربي ۽ فارسيءَ ۾ مهارت رکڻ سبب ”شاعر هفت زبان“ چيو ويندو آهي. سندن فارسي نظم جي ڪتابن ۾ ديوان آشڪار، ديوان خدائي، ساقي نامه، مثنوي تارنامه، مثنوي رازنامه، مثنوي گداز نامه، مثنوي عشق نامه، مثنوي درد نامه، مثنوي رهبر نامه، مثنوي وصلت نامه، مسدس وحدت نامه، گهڙولي ۽ غزل بحر طويل آهن. سندن سنڌي ڪلام جو رسالو ۽ سرائيڪي ڪلام جو رسالو پڻ آهن جن ۾ آغا صوفي، عثمان علي انصاري، نماڻو فقير ۽ مولوي محمد صادق راڻيپوريءَ جا رسالا مشهور آهن. سچل سرمست بيت، ڪبت، وائي، ڪافي، سه حرفي، غزل، مستزاد فرد، قطعا، مثنوي، مرثيو، گهڙوليءَ ۽ جهولڻو جي صنفن ۾ شاعري ڪئي. سندن دور ۾ حاڪم مير سهراب خان ۽ مير رستم خان ٽالپر هئا. پاڻ مريد نه ڪندا هئا پر جن ماڻهن بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته کائن فيض ورتائون تن ۾ فقير نانڪ يوسف، فقير محمد صالح قادري، فقير محمد صلاح ڀيو، فقير گهرام جتوئي، فقير شير خان ڀنڀرو، جانو فقير شڪارپوري، سيد خير شاهه، سيد پير شاهه، سيد حسن شاهه، سيد حيدر شاهه، فقير محمد صديق، فقير عثمان چاڪي، فقير شير علي ۽ فقير محمد يعقوب شامل آهن. سندن حلئي ۽ لباس بابت معلوم ٿئي ٿو ته قد وچولو، رنگ صاف، پيشاني کليل، ڊگهي اوچي ڏاڙهي، وار ڊگها، مٿي تي سائي رنگ جو تاج پڳ پائيندا هئا ۽ بدن تي اڇو چولو پائيندا هئا. حضرت سچل سرمست جن قرآن پاڪ جا حافظ هئا ۽ چوندا هئا ته ”حڪم شريعت برسر ڪرڻا، ٻاهر قدم نه هڪو ڌرڻا، تابع تنين امردي هان“ ڌرتي تي هيٺ سمهندا هئا. سادو کائيندا هئا ۽ سادو پائيندا هئا ۽ نشي کان پري هئا. سندن شاعريءَ ۾ جوش ۽ ولولو آهي ڇو ته انگريز سامراج خلاف عوام کي اٿارڻو هو جن سندن وفات کان سورهن سال پوءِ سنڌ تي قبضو ڪيو. علماء ڪرام ۽ صحيح مرشدن جو وٽن احترام هو پر وجهي ملن ۽ پيرن خلاف تعليم ڏنائون. هندو مسلم جي سياسي اتحاد جا علمبردار ٿي اڀريا. جڏهن ته سندن وفات کان ايڪهٺ سال پوءِ 1888ع ۾ هندو مسلم جو سياسي اتحاد ڪانگريس جي پليٽ فارم تي ٺهيو. سچل گدائي ۽ غلاميءَ خلاف هو. پاڻ، پاڻ سڃاڻڻ ذريعي انسان کي شاهه، بادشاهه ۽ مالڪ ڏسڻ پئي چاهيائون، پاڻ اناالحق ۽ رب جبار چوڻ ذريعي ماڻهن ۾ خدائي صفتون پيدا ڪرڻ چاهيائون. سندن شاعريءَ ۾ الله، رسول، چئن يارن سڳورن، پنجتن تنن ۽ پيران پير جي مدح ٿيل آهي. قادري طريقي جا صوفي باصفا هئا. فرقي بازيءَ جي بلڪل خلاف هئا.
    سندن وفات 14 رمضان 1242هه آهي عيسوي سنه جي حساب سان 11 اپريل 1827ع هيو. ان طرح عمر 1170هه کان 1242هه تائين 72 سال هئي جنهن ڪري نوي سالن جي عمر واري روايت صحيح نه آهي. سندن مقبرو مير رستم خان ٽالپر جوڙايو هو.


    پيش پريان

    سچل سرمست جي گهڙولي ٻڌندو هوس ته اهي بند ڳوليندو هوس ته ان ۾ چئن يارن سڳورن جي ساراهه ۾ چيل بند ڪٿي آهن؟ جيڪي مختلف ڪتابن ۾ لکيل آهن. سچل جا رسالا ڳوليم پر معلوم ۽ محسوس ٿيو ته اها مصلحت ۽ تعصب خاطر شامل نه ڪئي وئي آهي. پوءِ جڳ مشهور عالم علامه علي شير حيدري رحه جي صلاح تي ان جي ترتيب ڏيڻ لاءِ جاکوڙ شروع ڪيم. آخر وڏي جدوجهد بعد سچل چيئر مان هڪ قلمي بياض مان ان جو هڪ نسخو هٿ ڪيم. جنهن جي ڄاڻ سچل ادبي ڪانفرنس ۾ اديبن کي علم دوست ادبي سنگت پاران ادبي اخبار ڪوڪ جاري ڪري ان جي شماري (1) ڊسمبر 2001ع ذريعي ڏنم. پوءِ ٻيا نسخا هٿ ڪري معياري گهڙولي مرتب ڪيم ۽ ماهوار السند اسلام آباد ۾ اپريل _ سيپٽمبر 2006ع ۾ ڇپايم. پوءِ گهڙولي بابت سچل ادبي ڪانفرنسين ۾ ٻه مقالا ”سچل سرمست جي گهڙولي ڪلام لاءِ اديبن جا تجزيا (سرمست 2015/36) ۽ ”سچل سائينءَ جي گهڙولي (سرمست 2016/37) پڙهي عوام آڏو سچل سرمست جي گهڙولي پيش ڪيم. هن وقت مختلف نسخن جي عڪسن سان وڏو ڪتاب ”سچل سرمست رحه فاروقي جي گهڙولي“ تيار آهي پر ان کان اڳ هي جامع نموني گهڙولي شرح سميت پيش خدمت آهي. اميد ته پڙهندڙ فائدو وٺندا. استاد صيف الله سومرو، خادم حسين بنگلاڻي ۽ سندن دوستن جي همت افزائي جي مهرباني_ پنهنجي تجويزن کان آگاهه ڪندا.

    حزب الله آءِ سومرو
    خيرپور
    0300-3290626


    گهڙولي ۽ ان جو تعارف

    گهڙولي ڇا آهي؟
    گهڙولي بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته ”هن ۾ عورت جي زباني محبوب جي خدمت جو جذبو ظاهر ڪيل هوندو آهي. آزي نيزاري ڏيکاريل هوندي آهي. هن صنف ۾ خدمت جي اظهار لاءِ وراڻي طور ”گهڙولي ڀرڻ“ ضروري ايندو آهي. (سرمست 1997 _ ص 48)
    ان جو مطلب ته گهڙوليءَ تي نالو ”گهڙا (دِلا) ڀرڻ“ واري اصطلاح تان پيو آهي جنهن جو مطلب آهي خدمت ڪرڻ.

    گهڙولي اول اول ڪنهن لکي؟
    ان بابت ناميارو ليکڪ مختيار ملڪ لکي ٿو ته ”گهڙولي سچل سائينءَ سڀ کان اڳ گهڙي ۽ ان کان پوءِ ڪيترن ئي شاعرن ان کي پنهنجي اظهار جو وسيلو بڻايو (سرمست 1985/5 ص 88)

    گهڙوليءَ ۾ ڪيترا بندا آهن؟
    مولوي عبداللطيف سڪندري لکيو آهي ته ”تازو منهنجي نظر مان ڪجهه قلمي مواد نڪتو آهي جنهن ۾ درگاهه درازا شريف بابت اهم مواد به هو جيڪو هيٺ ڏجي ٿو. محترم ممتاز احمد سومرو روهڙي واري معرفت هڪ ڪتاب نالي ”خدائي بندي عرف محبت نامه“ ڏٺم....... ان ڪتاب ۾ خاص ڳالهه هي هئي جو حضرت سچل سرمست جون 78 ڪافيون ۽ گهڙوليءَ جا 36 مصرعن سان ۽ حضرت سچل سرمست جا 83 ڏوهيڙا لکيل هئس. (سرمست 1997/7ع ص 129)

    گهڙوليءَ جو انداز ڇا آهي؟
    محمد پنهل ڏهر لکي ٿو ته: ”عورت پنهنجي محبوب کي عاجزي ۽ انڪساري سان چوي ٿي ته اي محبوب مان تنهنجي ٻانهي آهيان ۽ تنهنجي ئي در جو يعني تنهنجي گهر لاءِ پاڻي ڀريندي آهيان.
    (سرمست 2010/31ع ص 45)

    گهڙوليءَ جا موضوع ڇا آهن؟
    گهڙوليءَ جو مطالعو ڪبو ته ان ۾ سچل سرمست رحه پنهنجا مذهبي نظريات پيش ڪيا آهن. هن ۾ هو ٻڌائي ٿو ته هو سلسله قادريه سان تعلق رکي ٿو، جنهن جو اڳواڻ سيد عبدالقادر جيلاني رحه آهي. هو خلفاء راشدين کي ساراهي ٿو کين مسلمانن جا امام قرار ڏئي ٿو. هن ۾ هو بيبي امِ ڪلثوم بنت علي رضه جو حضرت عمر فاروق رضه سان شاديءَ جو ذڪر ڪري سندن قرب ٻڌائي ٿو ۽ چوي ٿو ته پنجن تنن وٽ ماڻهو قابل قبول تڏهن ٿيندو جڏهن چئن يارن کي مڃيندو ڇو ته پنج تن ميوو آهن ته چار يار انهن جو گل آهن. هو چئن يارن سان ساڙ رکندڙ رافضين ۽ خارجين کان بيزار آهي. چوي ٿو اهي بي ايمان آهن کين دائمي حفظ قرآن نصيب نه ٿيندو، نه ولي ٿي سگهندا. گلا ڪرڻ سبب نيڪين کان مفلس ۽ ڪردار جي حوالي کان بدڪردار هوندا. جيڪي صحابه ڪرام تي تبرو ڪن ٿا تن تي خدا جي لعنت آهي ۽ شريعت ۾ چار فقه مسلم آهن.

    معياري گهڙولي؟
    هتي سچل چيئر ۾ رکيل قلمي گهڙولي کي بنياد بڻائيندي ٻين نسخن کي نظر ۾ رکندي معياري گهڙولي ترتيب ڏني وئي آهي، ڇو ته ان جي سلسلي ۾ معنيٰ مطلب جي درست صورت ۽ وزن بحر جو خيال ذهن ۾ هو. الحمدلله 36 بند ئي نسخن مان کنيل آهن ڪوبه اهڙو بند نه آهي جيڪو ٻاهران هجي. پڙهڻيون به ان ۾ موجود آهن البته ڪن جاين تي واضح لکت جون غلطيون هيون سي درست ڪيون اٿم ته جملا درست ٿي پيا مثلاً: علمن (علم)، ڪمين (ڪمي)، فڪر (فقر)، گم (غم)، عرب يا عربو (اربع)، ڪول (قول)، علا (الا)، سر طريقت (سه طريقت)، هر بند پويان ان نسخي جو نشان ڏنو ويو آهي. اهي نسخا مون وٽ آهن.

    « = فقير عبدالغفور جي ڳايل گهڙولي
    « = سچل چيئر ۾ محفوظ بياض واري گهڙولي
    < = قاضي علي اڪبر درازيءَ جي حوالي کان حافظ نثار احمد ڪٻر جي ڳايل گهڙولي ڪيسٽ.
    «« = ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ڪتاب سچل جو پيغام 1998ع ص 101 تان کنيل گهڙولي.
    Ÿ = غلام حسين فقير پير جو ڳوٺ جي بياض تان ورتل گهڙولي.
    Ÿ =« مولوي عبداللطيف سڪندري وٽان گهڙولي مليل بحواله خدائي بندي.


    مئن يار دي گهڙولي ڀرندي هان

    مئن يار دي گهڙولي ڀرندي هان

    هڪ الله ڪنون مئن ڏرندي ها
    هڪ موليٰ ڪنون مين ڏرندي ها
    (1)
    پير پيران حضرت ميران،
    نانوَ ڳڌي جنهن، ٽُٽن زنجيران،
    مرشد ڪامل ڪرندي هان.
    (2)
    نوح نبي دي ٻيڙي آئي،
    جنهن وچ حضرت محب خدائي،
    صدق تنهين تي چڙهندي هان.
    (3)
    ابوبڪر، شاهه عمر، عثمان،
    علي پاڪ امام مسلمان،
    شاهه عرب دي بردي هان.
    (4)
    اِنَّ اللهَ يَنۡطِقُ عَليٰ لِسَانِ عُمَر،
    شب معراج دي، نال پيغمبر،
    شڪر اولاد عمر دي هان.
    (5)
    بعد نبي دي، نبي جي هوندا،
    قول نبي دي، عمر هوندا،
    فرق نه ڪوئي ڪرندي هان.

    (6)
    انا صديق، انا فاروق،
    قول علي دا جگرم فاروق،
    بات اها سچ ڪرندي هان.
    (7)
    هَي داماد علي دا عمر،
    ام ڪلثوم بيبي دا شوهر،
    اها ساک سچي مين ڀرندي ها.
    (8)
    پيش پنجان دي تڏهن پئي هان،
    چوان دا جڏهن امر مني هان،
    نال سفارش دَي چڙهندي هان.
    (9)
    پنج تن درخت ميوه حقيقي،
    اربع برگان ڦول رفيقي،
    شاخ تنهن شجر دي هان.
    (10)
    پهلي ڪم هٿئون ياران دي ٿيوي،
    پِڇي اسڪون حضرت منگيوي،
    وزيران ٻاجهه، نه وڙندي هان.
    (11)
    ياران ڪون جو نهين منيندا،
    مفلس تي مفعول رهيندا،
    ترڪ تنهان ڪون ڪرندي هان.

    (12)
    رافض حافظ ڪڏان نه ٿيوي،
    نا ولي الله مرتي جيوي،
    رکندي ذوق زهر دي هان.
    (13)
    رافض خارج هر دو حرامي،
    بي ايمان مردود ملامي،
    ڪرندي بات خبر دي هان.
    (14)
    لعنت تنهن، جو ڪردا تبرا،
    صحابان تئون هوندا مبرا،
    خاڪ چوان دي در دي هان.
    (15)
    حسن حسين علي دا ڄايا
    بار اُمت دا سر تي چايا
    ٻانهي شاهه حيدر دي هان.
    (16)
    نا مئن شيعه، نا مئن سني
    صوفي صاف برهه دي مني،
    باندي عشق افسر دي هان.
    (17)
    شاهه عبيدالله جيلاني
    بخش ڪيتا حق سلطاني
    ڄم دراز شهر دي هان.

    (18)
    شان اسان ڏا، وچ سلسلي دي،
    ابو سعيد فاروق اڪمل دي،
    قرة العين رهبر دي هان.
    (19)
    مرشد شاهه دراز دي گولي،
    حق الحق پڙهائي ٻولي،
    بحر برهه وچ ترندي هان.
    (20)
    حڪم شريعت برِ سِر ڪرڻا،
    ٻاهر قدم نه هڪو ڌرڻا،
    تابع تنهين امر دي هان.
    (21)
    چارئي مصلي وچ شمار هن،
    احسن ايمان خوش ڪردار هن،
    راهه شبير شبر دي هان.
    (22)
    جنت نال ربي دي توبه وچ درگاهه خدائي،
    دم نه هڪ ڪرڻ جدائي،
    هر دم رب ڪون ڏرندي هان.
    (23)
    جنت نال ربي دي رهڻا،
    دوزخ نال انهين دي ٻهڻا،
    سام سچي سرور دي هان.

    (24)
    ڪيتا نور، الله دي تجلا،
    تن من سارا عشق اجلا،
    همہ شمس قمر دي هان.
    (25)
    لوڪان ليکي غير خدائي،
    دم اسان ڏا ڪوئي نه جدائي،
    پاڪ پناهه پرور دي هان.
    (26)
    صورت الله دي، دل وچ ڄاڻي،
    و في انفسکم صحيح سڃاڻي
    محو ذاتي وچ مرندي هان.
    (27)
    علم ظاهر هستي هووڻ،
    لدني باب الف دل ڌووڻ،
    دم قدم غم گهرندي هان.
    (28)
    ڪل علم ليس يُنجي،
    الا المعرفة، باب حق شيخي،
    محو والي وچ دڙندي هان.
    (29)
    بازي عشق دي بازي سر دي،
    بت والي ڪل لهن نه سر دي،
    سر تلي تي ڌرندي ها.

    (30)
    بدعت عيب تي هِجو نه آڻي
    رب ستار دا صبر سڃاڻي،
    چيلي ڪل بشر دي هان.
    (31)
    هر سه طريقت صاحب صادر
    قادر پير هي هر تي قادر
    طالب فيض فقر دي هان.
    (32)
    نال الله دي هر دم هووڻ،
    حسن حسين دي غم وچ رووڻ،
    سوز تنهين وچ سڙندي هان.
    (33)
    اي جڳ، او جڳ ٻئي وسارا،
    علي ولي دا قرب قرارا،
    ڌيان الف دل ڌرندي هان.
    (34)
    ويل ديدار اڄوڪي هيئي،
    ويکيم يارُ، ڪمي ٻي ڪيهي،
    حمد دمادم پڙهندي هان.
    (35)
    سر تي سينهون، هٿ گهڙولي،
    محڪم خيال دي دم ڪڙولي،
    جام قدح ڪوثر دي هان.
    (36)
    سچل سارا نور الاهي،
    حضرت پير دي هي همراهي
    هر دم رب رب ڪرندي هان.


    ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ مطلب

    گهڙولي: گهڙي ڀرڻ وقت ڪلام چوڻ
    پير پيران: حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني
    تبرا: گهٽ وڌ ڳالهائڻ، لعنت ڪرڻ.
    مبرا: بيزار
    رافض: حضرات ابوبڪررضه، عمر رضه ۽ عثمان رضه سان ساڙ رکندڙ.
    خارچ: حضرت علي رضه ۽ حضرت امير معاويه رضه جي ٺاهه سبب ساڻن ساڙ رکندڙ.
    ملامي: ملامت جوڳا
    مدامي: هميشه
    برهه: عشق
    مُني: بنياد، اهم شئي.
    باندي: ٻانهي، قيدياڻي، تابع
    درخت: وڻ
    اربع: چار يار (ابوبڪر، عمر، عثمان، علي رضوان الله عنهم)
    ڦول رفيقي: ساٿي گل (صحابي)
    حق سلطاني: مريد ڪرڻ، فيض ڏيڻ.
    بحر: درياءُ
    تابع: حڪم مڃيندڙ
    امر: حڪم
    لدني باب: خدائي علم جو دروازو
    ڪل علم ليس ينجي الا المعرفة: ڪوبه علم ڇوٽڪارو نٿو ڏياري معرفت کان سواءِ
    شيخي: منهنجو مرشد
    محو: گم ، مشغول
    بدعت: دين ۾ نئين شيءِ داخل ڪرڻ.
    چيلي/ چيري: غلام، ٻانهي
    سه طريقت: ٽي تصوف جا طريقا سهروردي نقشبندي چشتي
    صاحب صادر: حڪم ڪندڙ
    فقر: فقيري
    فڪر: سوچ ويچار
    الف: الله
    وفي انفسڪم: اوهان جي وجود ۾ آهي (الله)
    ان الله ينطق عليٰ لسان عمر: بيشڪ عمر الله جي رضا مطابق ڳالهائي ٿو يا عمر جي زبان حق ٻولي ٿي.
    قول: ارشاد
    قرة العين/ قرة عيني: اکين جو ٺار
    همسر: هڪ جهڙي
    جامع قدح: وڏو پيالو
    ڪوثر: جنت جو خاص پاڻي
    مفعول: بد ڪردار
    مفلس: سڃو ( نيڪين کان)
    چار مصلا: حنفي، حنبلي، شافعي ۽ مالڪي
    شبر: حضرت حسن رضه
    شبير: حضرت حسين رضه
    احسن ايمان: سهڻا ايمان
    خوش ڪردار: سهڻو ڪردار
    هجو: ٽوڪ، نندا
    ساک: قسم
    اناصديق: مان ڄڻ ابوبڪر صديق رضه آهيان
    انا فاروق: مان ڄڻ عمر فاروق رضه آهيان
    جگرم: منهنجو جگر، پيارو
    ياران: صحابه ڪرام رضه
    مرشد ڪامل: شريعت لاءِ رهبري ڪندڙ
    شجر: وڻ، نسب
    صوفي: ڪردار جي حوالي کان پاڪ صاف رهندڙ
    زنجيران: زنجير (گناهن جا)
    حضرت پير: سيد عبدالقادر جيلاني
    قادر پير: سيد عبدالقادر جيلاني
    قادر: حڪم وارو، سڀن دلين کي سيد عبدالقادر جيلاني جو حڪم هلي ٿو يعني سڀ ولي ان جو حڪم مڃين ٿا.
    همراهي: ساڻ، حمايت
    گولي: ٻانهي
    ملاحي: ٻيڙي هلائيندڙ
    بنت: ڌيءَ
    نوش: پيئڻ
    شوهر: مڙس
    داماد : نياڻو


    مطلب ۽ شرح

    ٿلهه: سچل سرمست رحه فرمائي ٿو: مان پنهنجي محبوب جي گهڙولي ڀريان ٿو يعني ان جي تابعداري ڪريان ٿو. ۽ مان هڪڙي الله کان ئي ڊڄان ٿو. مون کي ڪنهن جي پرواهه نه آهي.

    1. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو: جڏهن مون تي شيطاني طاقتون حملا ڪن ٿيون ته مان پنهنجي مرشد ڪامل جي تعليمات تي هلندو آهيان ته سڀ شيطاني حربا ختم ٿي وڃن ٿا.

    2. سچل سرمست رحه شريعت کي نوح جي ٻيڙي قرار ڏئي چيو آهي ته شريعت کان سواءِ نجات نه آهي، ان ٻيڙيءَ ۾ محبوبِ خداصه آهي يعني ان جي سنت آهي ان ڪري مان شريعت تي عمل ڪريان ٿو.

    3. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو: حضرت ابوبڪر صديق رضه، حضرت عمر فاروق رضه، حضرت عثمان رضه، حضرت علي المرتضي مسلمانن جا امام آهن ۽ اسان اصل ۾ محمد عربي صه جا غلام آهيون.

    4. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو: حضرت عمر رضه جون ڪيتريون ڳالهيون اهڙيون هيون جن کي خدائي وحي جي تائيد ملي ۽ معراج جي سفر ۾ حضرت عمر رضه جا تذڪرا ٿيا. مثلاً جنت ۾ حضرت عمر رضه جي محلات ڏسڻ گويا هو شب معراج نبي پاڪ سان گڏ هو ۽ سچل سرمست رحه اهڙي شخصيت جي نسبي اولاد هجڻ تي فخر ۽ شڪر ڪري ٿو. هونءَ به اسان اهل اسلام حضرت عمر رضه جي روحاني اولاد آهيون ان تي اسان کي خدا جو شڪر ڪرڻ کپي.

    5. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته اگر نبوت ختم نه ٿي ها ته حضرت عمر رضه نبي ٿئي ها جو ان ۾ نبوت جون خوبيون موجود هيون، اها ڳالهه حديث ( لو کان نبيا لکان عمر) ۾ آيو آهي ان لاءِ حديث به قرآن وانگر آهي. اسان ٻنهي کي هڪ سمجهون ٿا ڇو ته ٻئي وحي آهن ۽ نبي پاڪ صه کان مليا آهن.

    6. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته حضرت علي رضه موجب ابوبڪر صديق رضه ۽ عمر فاروق رضه کي ائين سمجهو جيئن مون کي سمجهو ٿا ڇو ته عمر رضه منهنجو جگر آهي. سچل سرمست رحه چوي ٿو اهو سچ مان ٻڌائيندو رهندس.

    7. سچل سرمست رحه اصحابن سڳورن جي پاڻ ۾ پياري رشتيدارين جو ذڪر ڪندي ٻڌايو آهي ته حضرت علي رضه کي بيبي فاطمه رضه مان نياڻي بيبي اُمِ ڪلثوم رضه هئي، ان جي شادي حضرت عمر فاروق رضه سان ٿي، حضرت سچل سرمست رحه پنهنجي مطالعي جي بنياد تي چئي ٿو ته اها ڳالهه ايتري ته پڪي ۽ سچي آهي جو قسم کڻان ٿو.

    8. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته آءٌ پنجن تنن وٽ تڏهن مقبول ٿي سگهان ٿو جڏهن چئن يارن جو حڪم مڃيندس ۽ انهن جي سفارش سان ئي پنجن تنن ڏانهن وڌي سگهندس.

    9. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته پنج تن اسلام جي وڻ جا ميوا ۽ چار يار گل آهن. ظاهر آهي ته گل نه ٿيندا ته ميوا ڪٿان ٿيندا؟ يعني ڪو ماڻهو پنجن تنن کي نٿو مڃي سگهي جيستائين چئن يارن سڳورن کي نه مڃيندو. سچل سرمست رحه شڪر ڪري ٿو ته اسان ان اسلام سان تعلق رکون ٿا جنهن ۾ پنجن تنن کي به مڃيو ويندو آهي ته چئن يارن کي به مڃيو ويندو آهي.

    10. سچل سرمست رحه چوي ٿو ته دين جو ڪم جيئن ته نبي پاڪ صه کان نقل ڪري صحابه ڪرام امت تائين پهچايو آهي ان ڪري نبي پاڪ صه کي به اهو ڪم قبول آهي جيڪو صحابه جي ذريعي نبي پاڪ صه تائين پهتل آهي. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته آءٌ ته نبي پاڪ صه جي وزيرن جي پيار کان سواءِ اڳتي وڌندس ئي ڪونه.

    11. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته جيڪو نبي پاڪ جي سنگتين کي نه ٿو مڃي اهو تبرا ۽ گلا ڪرڻ سبب نيڪين کان مفلس يا سڃو ٿيندو، اهو مفعول يا بدڪردار رهندو. سچل سرمست چوي ٿو ته اهو ئي سبب آهي جو انهن بدڪارن جي سنگت کي مان ڇڏيان ٿو.

    12. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته صحابه سان بغض رکندڙ، مستقل طور ڪڏهن به حافظ رهي نٿو سگهي ڇو ته وٽن حفظ قرآن جو مستقل سبب (تراويح) نه آهي، نه وري اهو خدا جو ولي يا دوست ٿي سگهي ٿو ڀلي اهو جيئرو هجي يا مئل ڇو ته ان کي نبي پاڪ جي جماعت سان ساڙ آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو مون وٽ اهڙن لاءِ زهريلا يا موتمار خيال آهن.

    13. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو رافضي (حضرت ابوبڪر صديق رضه حضرت عمر فاروق رضه، حضرت عثمان غني رضه سان بغض رکندڙ) ۽ خارجي (حضرت علي رضه المرتضيٰ سان ساڙ رکندڙ) ٻئي حرامي يعني بدمعاش آهن. اهي ٻئي قسم ماڻهو بي ايمان آهن. انهن جا ڪيل نيڪ عمل رد ڪيا ويندا ۽ قيامت ۾ به انهن تي ملامت ٿيندي اهڙي خبر مان به ڏيان ٿو جيڪا مون تائين مطالعي يا مشاهدي جي آڌار تي پهتي آهي.

    14. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته جيڪي ماڻهو صحابه ڪرام تي تبرا يعني لعنتون ملامتون ڪن ٿا تن تي منهنجي لعنت آهي ڇو ته اهي صحابه ڪرام يعني نبي پاڪ جي ساٿين کان بيزار آهن، جڏهن ته مان چئن يارن سڳورن جي در جي خاڪ آهيان.

    15. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته حضرت امام حسن رضه ۽ حضرت امام حسين رضه، حضرت علي رضه جي اولاد آهن يعني ان شخصيت جي اولاد آهن جنهن حق تي جان ڏني، حضرت حسن رضه، امت مسلمه جو اتحاد ڪرايو ۽ حضرت حسين رضه ملوڪيت خلاف آواز بلند ڪيو ته نظام مصطفيٰ جي حقيقي تصوير خلفاء راشدين واري بحال ڪريو ان امت مسلمه جي حوالي کان ٻن اهم ڪمن جو بار کنيائين ۽ مان ته آهيان ئي حضرت علي رضه جو غلام ان جي نقشِ قدم تي هلڻ وارو.

    16. سچل سرمست رحه فرقي بازي کان انڪار ڪندي چوي ٿو ته مان نه شيعو آهيان نه سُني. مان ته رب جو عاشق آهيان مان ته صوفي آهيان. مان ان عشق جي راهه جو راهي آهيان جيڪو فرقي بازي کان پري هوندو آهي. ان جو مطلب اهو به ڪونهي ته سچل ڪو سنت نبوي يا شريعت کان باغي آهي ڇو ته ان جو اظهار ٻين شعرن مان ٿئي ٿو.

    17. سچل سرمست رحه پنهنجي قادري سلسلي ۾ ميان صاحبڏني جي مرشد شاهه عبيدالله جيلاني جي باري ۾ ٻڌايو آهي ته شاهه عبيدالله جيلانيءَ کان ئي اسان کي هي فيض مليو آهي، جڏهن ته مان دراز ونڊير جي شهر ۾ پيدا ٿيو آهيان يعني اتي سندن وڏي کي مرشد شاهه عبيدالله جيلاني اچي فيض رسايو هو.

    18. سچل سرمست رحه پنهنجي وڏي ڏاڏي ابو سعيد فاروقيءَ موسيجي واري جو ذڪر ڪيو آهي ته هو هڪ ڪامل مرشد هو اهو ئي اسان جي اکين جو ٺار هو يعني اسان جو وڏو ڏاڏو ڏاڍو نيڪ هو جو اسان جي خاندان تي ان جو اثر اڃا به نمايان آهي. اهو ئي اسان جي خاندان مان هو. جيڪو پهريون صاحبِ تصوف ٿيو.

    19. سچل سرمست رحه ان بعد پنهنجي چاچي، سهري ۽ مرشد عبدالحق جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته مون کي حق سچ جي ٻولي ان ئي سيکاري آهي ۽ مان جيڪو عشق الاهيءَ جي سمنڊ ۾ تران ٿو سو سندس تربيت ڪري ئي آهي.

    20. سچل سرمست رحه چوي ٿو ته هر حالت ۾ شريعت جي پابندي ڪرڻي آهي ۽ ڀلي سالڪ ڪهڙي مرتبي يا درجي ۾ هجي پر شريعت کان هڪ قدم ٻاهر نه رکڻو آهي، مان به خدا جي ان حڪم جو پابند آهيان ته شريعت جي تابعداري ڪرڻي آهي.

    21. سچل سرمست رحه فقه اسلاميءَ جي چئن ئي طريقن کي شريعت جو ترجمان سڏي ٿو ته انهن مان جيڪو اختيار ڪبو ته اهو اسلام تي عمل سمجهيو ويندو ۽ اها ئي راهه حضرت حسن رضه ۽ حضرت حسينرضه جي آهي. ياد رهي ته سعودي حڪومت کان اڳ ڪعبة الله جي چئني طرفن کان حنفي، حنبلي، شافعي ۽ مالڪي فقهن جا مصلا رکيا هوندا هئا. مختلف وقتن تي هر نماز چارئي امام پڙهائيندا هئا.

    22. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته خدا کان جدائي نه ڪرڻ گهرجي ۽ خدا جي حضور کان ڪڏهن جدائي ڪرڻ نه گهرجي يعني جو دم غافل سو دم ڪافر. اهو ئي سبب آهي جو مان هر وقت خدا کان ڊڄندڙ آهيان.

    23. سچل سرمست رحه چوي ٿو ته جنت جهڙي سکي زندگي ملي ته به رب کان غافل نه رهڻ گهرجي يا جهنم جهڙيون ڏکيون حالتون ملن تڏهن به پنهنجي رب جو در نه ڇڏڻ گهرجي ڇو ته اسان ته محمد مصطفيٰ صه جا غلام آهيون.

    24. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته خدا تعاليٰ جي نور (هدايت) منهنجي دل ۽ دماغ کي روشن ڪري ڇڏيو آهي ۽ مان سراج منيرا يعني سج چنڊ (محمد مصطفيٰ صه) جو ئي آهيان.

    25. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته ماڻهو ته ائين ٿا سمجهن ته اسان خدا کان جدا ڪو وجود رکون ٿا حالانڪه، اسان ته خدا ۾ گم آهيون ۽ اسان کي ڪنهن جي پرواهه ئي نه آهي ڇو ته اسان ان پرور جي پناهه ۾ آهيون.

    26. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته الله تعاليٰ جو تصور اسان جي دل ۾ ويٺل آهي اسان ته رب ۾ گم ٿي ختم ٿيل آهيون.

    27. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ظاهري علم ماڻهوءَ ۾ هستي ۽ وڏائي پيدا ڪري ٿو پر خدائي علم الف (خدا) جو عشق ماڻهوءَ جي دل کي ڪفر ۽ شرڪ کان ڌوئي ڇڏي ٿو ۽ هر وقت انهيءَ سوز جو سبق منهنجي وات آهي.

    28. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو: دنيا جو هر علم نجات جو سبب نه ٿو بڻجي جيستائين اهو خدائي معرفت سان نٿو جڙي، مرشد اها ئي ڳالهه سمجهائي آهي.

    29. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو عشق خدا سر جي بازي لڳرائي ٿو. جن کي جسم آهي عشق خدا ۾ انهن کي پنهنجي جسم جي ئي خبر نه پوندي آهي ته اهي ڪو آهن. ان ڪري اسان ته سر تري تي کڻي عشق خدا ۾ گهمي رهيا آهيون ته ڀلي ڪو وٺي ختم ڪري.

    30. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو اسان نه بدعت (شريعت جي برخلاف ڪو ڪم) ٿا ڪريون نه وري ڪنهن جي عيب جوئي ڪريون ٿا. ڇو ته جڏهن الله پردو ڪندڙ ٻانهن جي خامين، غلطين تي صبر ڪري ٿو ته اسان ڪير ٿيندا آهيون جو بي صبري ڪندي ماڻهن جي عيب جوئي ڪريون. خدا جي بندن سان ان تعلق کي ڏسي اسان هر ماڻهوءَ جا نوڪر خادم آهيون.

    31. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو طريقت جا ٽئي طريقا (سهروردي، نقشبندي ۽ چشتي) برحق آهن پر قادري طريقو انهن کان مٿي آهي ۽ حضرت عبدالقادر جيلانيءَ رحه جي فيض وارو پير ٻين مٿان آهي يعني سندس طريقو افضل طريقه طريقت آهي ۽ آءٌ ان طريقي جو هڪ فقير آهيان.

    32. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو دنيا ۽ آخرت کي عشق خدا ۾ وساري ويٺو آهيان يعني دنيا جي هوش کان پري آهيان پر خدا جي اطاعت به جنت جي لالچ سبب نه پيو ڪريان پر عشق خداونديءَ ۾ ڪريان پيو. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري آهي جو خدا جي دوست حضرت علي رضه سان طريقت ۾ قرب (تعلق) حاصل اٿم. ان سلسلي ۾ الف (الله) جي عشق ۾ گم آهيان.

    33. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو مون کي عشق ۾ پنهنجي محبوب (خدا) جو ديدار ٿيو آهي اهو ئي مون لاءِ ڪافي آهي ٻيو مون کي ڇا گهرجي؟ مان ته خدا جا حمد هر دم ڳايان پيو.

    34. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو منهنجي مٿي تي شريعت جو سينهو (پابندي) آهي ۽ هٿ ۾ گهڙولي (حڪم جي تابعداري) آهي ۽ مان حوض ڪوثر جي جام جو طلبگار آهيان.

    35. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو اي سچل هر پاسي خدائي قدرت جا نظارا لڳا پيا آهن مون کي خدا جي معرفت (سڃاڻ) ۾ پنهنجي پيرِ طريقت جي حمايت (فيض) حاصل آهي ان ڪري هر وقت منهنجي زبان تي رب رب جو ورد جاري آهي.


    از قلم: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

    از قلم: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

    هڪ ڪامياب ڪوشش

    سچل سائين جي ڪلام کي عوامي سطح تي گهڻو ڳايو ويو آهي، ۽ پڻ بگاڙيو ويو آهي، ڪي سندس ڪافيون جيڪي صحيح صورت ۾ ڇپيل آهن، سي به زباني روايتي رنگ ۾ لفظن جي اڳ پوءِ جي ڦير گهير سان ڳائجن ٿيون. ڪن موضوعن تي ڇپيل سندس ڪلام ۾ گهڻي گهٽ وڌائي ٿي آهي جنهن جو مثال مشهور نغمو گهڙولي آهي.
    سچل جون سرائيڪي ۾ چيل ڪي ڪافيون نهايت دلپذير آهن. انهن کان سواءِ سندس سجايل ٻن نغمن مون کي ڪافي متوجه ۽ متاثر ڪيو آهي، هڪ گهڙولي ۽ ٻيو عاشق کي قتل ۽ ڪالعدم ڪرڻ وارو معشوقن جو متفقه ٺهراءُ جنهن ۾ جدت سان گڏ مزاجي معنويت سمايل آهي. گهڙولي نغمي ۾ سڪ ۽ صداقت سان گڏ حقيقي معنويت وارو جلوه نمايان آهي.
    گذريل وڏي عرصي کان جڏهن به مون اهي نغما مختلف محفلين ۾ جدا جدا فقيرن کان گهٽ وڌ ڳائيندي ٻڌا آهن، ته ائين محسوس پئي ڪيو آهي ته جيڪر تحقيق ڪجي ته گهڙولي سچل سائين اصل ۾ ڪيئن چئي ۽ جيئن چيائين تيئن ڳائجي.
    سچل سائين جي ڪلام جي ڪن گوشن، صنفن تي وڌيڪ تحقيق ۽ ڪافي گنجائش موجود آهي، ان جي پورائي پڻ ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ جو سچل جي ڪلام جا ڪي آڳاٽا هٿ آيل نسخا ڪن شائقن وٽ موجود آهن، جن کي ڀيٽي صحيح متن قائم ڪري سگهجي ٿو.
    ان ڏس ۾ محترم حزب الله سومري وڏي خدمت ڪئي آهي؛ جو گهڙولي نغمي جون مختلف پڙهڻيون، جدا جدا ماخذن مان وڏي محنت سان ڳولي هٿ ڪيائين ۽ انهن کي توري تڪي ڀيٽي هن دلپذير نغمي جو وڌيڪ صحيح متن قائم ڪيو اٿائين، هي ڪوشش، سچل سائين جي ڪلام تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ راهه روشن ڪندي.

    خادم العلم
    نبي بخش
    (سڄڻ کي ساريوم _ مرتب محمد راشد بلوچ 2017ع ص 117,116 )


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 946
    ڪتابن جو مشاهدو: 3032315
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 790244
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ