ڪتاب جو نالو: عالمي ادب جا اولڙا
مصنف: حبيب سنائي
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2020
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 18 اپريل 2020 ع
پڙهيو ويو: 502 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 134 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھيءُ ڪتاب عالمي ادب سان لاڳاپيل لکڻين جو مجموعو آھي. انھن مان ڪافي قدر ترجمو ڪيل آھن، ۽ ڪجه حبيب سنائيءَ جا ليک آھن، جيڪي مختلف رسالن ۽ اخباري مئگزين ۾ شايع ٿيا آھن. پھرئين حصي ۾ عالمي اديبن جا انٽرويو ۽ پروفائيل شامل ڪيل آھن، ٻي حصي ۾ چند نوبل پرائيز حاصل ڪندڙ اديبن جو تقريرون يا ليڪچر آھن. ٽئين ۽ آخري حصي ۾ متفرق مضمون آھن، جن مان اڪثريت جو موضوع عالمي ادبي اوارڊ آھن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ليکڪ پاران
  • انٽرويو ۽ پروفائيل

  • بورس پاسٽرنڪ Boris Pasternak جو انٽرويو
  • الائيس منرو جو نوبيل انٽرويو
  • رسڪن بانڊ کان ڏھہ سوال
  • مارگريٽ ائٽ ووڊ
  • وي ايس نائيپال
  • هندستان جو چمڪندڙ ادبي ستارو ارون ڌتي راءِ Arundhati Roy
  • آسڪر وائيلڊ
  • اليا اھرنبرگ جنهن گھڻو ڪجھ اڳواٽ ڀانپيو
  • ناول نگار، شاعر ۽ ڊرامانويس ڪازواو اشيگورو Kazuo Ishiguro
  • فيوچر لائبرري جو ٽيون ليکڪ شون
  • جارج سانڊرز George Saunders
  • ٻار شاعرن جو بيچمن انعام کٽندڙ شامي پناهگير ڇوڪري آمنہ ابو ڪريچ
  • جارج آرويل (1903-1950)
  • نوبيل ليڪچر ۽ تقريرون

  • سال 2014 جو نوبل لاريٽ پئٽرڪ موڊيانو جو نوبل ليڪچر
  • هارايل جنگ تي سويتلانا اليڪسي وچ جو نوبيل ليڪچر
  • ماريو وارگس يوسا جي تقرير ۽ خاڪو 
  • متفرق مضمون

  • منهنجي زندگي جو سبق
  • لکڻ جا سونهري اصول
  • سال 2016 لاءِ ادب جي نوبيل انعام وارو انوکو فيصلو
  • ادبي انعامن جون ڳالهيون
  • خوشونت سنگهہ جون خوشگوار زندگي گهارڻ لاءِ صلاحون
  • ڊسٽوپيائي ادب جي هاڪ
  • ڪتاب دوستن لاءِ گهمڻ جهڙا علمي ادبي شهر
  • فڪشن واسطي مئن بڪر پرائيز 2018 جي ننڍي فهرست
  • سال 2016 وارو مئن بڪر انٽرنيشنل انعام
  • 30 سيپٽمبر، ترجمن جو عالمي ڏينهن
  • ڪامن ويلٿ رائيٽرس تنظيم پاران ٿيندڙ مختصر ڪهاڻين جو عالمي مقابلو
  • ڳالهيون ڪجهہ عالمي ادبي انعامن جون
  • سال 2018ع ۽ سال 2019ع جا نوبيل ادبي انعام

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : عالمي ادب جا اولڙا
    موضوع : عالمي اديبن جا انٽرويو، پروفائيل، تقريرون، ۽ ادبي ايوارڊن جا احوال
    سھيڙ، سنوار ۽ ترجمو: محمد حبيب سنائي
    ڇاپو پهريون: 2020ع

    ڊجيٽل ايڊيشن : 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com



    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”عالمي ادب جا اولڙا“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھن ڪتاب ۾ عالمي اديبن جا انٽرويو، پروفائيل، تقريرون، ۽ ادبي ايوارڊن جا أحوال موجود آھن جنھن جي سھيڙ، سنوار ۽ ترجمو محمد حبيب سنائيءَ ڪيو آھي.
    ھيءُ ڪتاب عالمي ادب سان لاڳاپيل لکڻين جو مجموعو آھي. انھن مان ڪافي قدر ترجمو ڪيل آھن، ۽ ڪجه حبيب سنائيءَ ليک آھن، جيڪي مختلف رسالن ۽ اخباري مئگزين ۾ شايع ٿيا آھن. پھرئين حصي ۾ عالمي اديبن جا انٽرويو ۽ پروفائيل شامل ڪيل آھن، ٻي حصي ۾ چند نوبل پرائيز حاصل ڪندڙ اديبن جو تقريرون يا ليڪچر آھن. ٽئين ۽ آخري حصي ۾ متفرق مضمون آھن، جن مان اڪثريت جو موضوع عالمي ادبي اوارڊ آھن.
    ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران ڪتابي شڪل ۾ ڇپيل ناھي پر حبيب سنائي صاحب قرب ڪري ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي، جنھن لاءِ سندس ٿورائتا آھيون. سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي اسان ڪوشش ڪئي آھي تہ سنڌي ادب ۽ سنڌي لکڻين يا عالمي ادب جي ترجمو ٿيل لکڻين کي انٽرنيٽ ذريعي سڄي دنيا جي سنڌين تائين پھچايون. ان سلسلي ۾ ڪيتري ڪاميابي ملي آھي ۽ اڳتي ڇا ۽ ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟ ان لاءِ اوھان سڄڻن جي رھنمائي ۽ مدد جي ضرورت آھي.

    ساٿ سدائين قائم ..... سنڌ سلامت ساٿ سلامت


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ليکڪ پاران

    ھيءُ ڪتاب عالمي ادب سان لاڳاپيل لکڻين جو مجموعو آھي. انھن مان ڪافي قدر ترجمو ڪيل آھن، ۽ باقي رھيل منھنجا ليک آھن، جيڪي مختلف رسالن ۽ اخباري مئگزين ۾ شايع ٿيا آھن.
    پھرئين حصي ۾ عالمي اديبن جا انٽرويو ۽ پروفائيل شامل ڪيا آھن، ٻي حصي ۾ چند نوبل پرائيز حاصل ڪندڙ اديبن جو تقريرون يا ليڪچر آھن. ٽئين ۽ آخري حصي ۾ متفرق مضمون آھن، جن مان اڪثريت جو موضوع عالمي ادبي اوارڊ آھن.
    اميد تہ عالمي ادب جي حوالي سان لکڻين جو مجموعو اوھان جي علمي وسعت ۾ واڌاري جو سبب بنبو.
    آئون پياري محمد سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت جي پوري ٽيم جو ٿورائتو آھيان، جن ھن ڪتاب اي بوڪ جي صورت ۾ شايع ڪيو آھي.

    محمد حبيب سنائي
    ھالاپراڻا
    31 مارچ، 2020
    6 شعبان، 1441


    انٽرويو ۽ پروفائيل

    بورس پاسٽرنڪ Boris Pasternak جو انٽرويو

    نوبيل لاريٽ روسي شاعر ۽ ناول نگار بورس پاسٽرنڪ Boris Pasternak جو انٽرويو

    انٽرويو وٺندڙ اولگا ڪارلسلي Olga Carlisle

    هڪڙي جنوري ۾ جڏهن آئون ماسڪو آيل هئس، تڏهن ڏهن ڏينهن کان پوءِ مون بورس پاسٽرنڪ سان ملڻ جو فيصلو ڪيو. هڪ پاسي هن متعلق مون پنهنجي والدين کان ڪافي ڪجھ سُئو هو، جيڪي ڪجھ سال سندس واقفڪار ٿي رهيا هئا، ۽ ٻئي پاسي ننڍپڻ کان نہ صرف مون هن جا نظم ٻڌا هئا، پر انهن کي پسند پئي ڪيو هو.
    مون وٽ والدين توڙي ٻين مداحن جا ننڍڙا تحفا هئا، جيڪي هن کي پهچائڻا هئا. پر ماسڪو ۾ مون کي معلوم ٿيو تہ پاسٽرنڪ وٽ فون ئي ڪانہ هئي. خط لکڻ کي غير شخصي عمل سمجهي مون ان تان هٿ کنيو. مون کي ڊپ هو تہ هن وٽ خطن جا انبار هوندا، تنهنڪري هن وٽ ملاقات کي رد ڪرڻ وارو جواب بہ اڳواٽ ئي ٺهيل ۽ ڇپيل هوندو. وري اهڙي نامور شخص وٽ اڻ اعلانيو وڃي ٺڪاءُ ڪرڻ لاءِ دل گردو ٿي کتو. مون کي اهو بہ انديشو هو تہ مون جيڪو تصور سندس متعلق سندس نظمن - ردمي، پرجوش ۽ جواني وارن – مان اڻيو هو، تنهن سان شايد هو هاڻي ڀرميچجي نہ سگهي.
    والدين ٻڌايو هئم تہ جڏهن اهي 1957ع ڌاري، نوبل پرائيز ملڻ کان ڪجھ عرصو اڳ ساڻس مليا هئا، تہ هو هر آچر تي اوپن هائوس ڪندو هو - روسي ليکڪن جي اها روايت ٻين ملڪن ۾ رهندڙ روسي بہ نڀائيندا آهن. بالغ پڻي واري عرصي ۾ پئرس ۾ رهندي مون کي ياد آهي تہ آئون آچر جي شام جو ليکڪ ريميزوف Remizov ۽ مشهور فلاسافر بردئيف Berdyayevسان ملندي هئس.
    ماسڪو ۾ رهندي مون اوچتو ٻي آچر تي پيريڊيلڪنو Peredelkino وڃڻ جو فيصلو ڪيو. اهو روشن ڏينهن هو، ۽ شهر جي مرڪز ۾ جتي آئون رهيل هئس، اتان نظر ٿي آيو تہ ڪريملن جي گبنذن تي چنڀريل برف چمڪي رهي هئي. گھٽين ۾ ٻين شهرن کان آيل مسافر خاندانن جي رش هئي، جيڪي ڪريملن ۽ ماسڪو جا ٻيا نظارا پسڻ آيا هئا. گھڻن وٽ تازي پيلن گلن واري ٻوٽي Mimosa جا ڇڳا هئا تہ ڪن وٽ ٽاريون هيون. سياري ۾ آچر وارن ڏينهن تي مموسا جا ڀريل جهاز ايندا آهن. روسي ان کي خريدي هڪ ٻئي کي ڏيئي ان ڏينهن جو تقدس ملهائيندا آهن.
    مون ٽيڪسي ذريعي پيريڊيلڪنو وڃڻ جو فيصلو ڪيو، جيتوڻيڪ مون کي خبر هئي تہ ماسڪو جي ٻاهران ڪيف ريلروڊ اسٽيشن تان اليڪٽرڪ ٽرين اوڏانهن ويندي آهي. اوچتو ئي آئون اتي پهچڻ لاءِ اتاولي ٿي ويس، جيتوڻيڪ ماسڪو وارن مون کي چتايو هو تہ پاسٽرنڪ غيرملڪي مهمانن سان ملڻ کان لهرائيندو آهي. آئون کيس رڳو هٿ ڏيئي، پيغام پهچائي واپس ورڻ لاءِ ذهني طور تيار هئس.
    ڪئب ڊرائيور ٻي جهان جي ٽيڪسي ڊرائيورن وارو ڍنگ رکندڙ نوجوان هو، تنهن مونکي پڪ ڏني تہ هو پيريڊيلڪنو – جيڪو ڪيف هاءِ وي تي 30 ڪلوميٽر ٻاهر هو - کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. ڪرايو 30 روبل يعني 3 ڊالر طيءِ ٿيو. هن کي منهنجي سج واري ڏينهن تي ٻاهر نڪرڻ سڀاويڪ لڳو.
    پر ڊرائيور پاران روڊ متعلق ڄاڻڻ واري دعويٰ کوکلي ثابت ٿي. ڇو تہ جلدي ۾ اسان رستو ڀلجي وياسون. اسان چئن لائينن واري هاءِ وي تي، جيڪو برف، گئس اسٽيشن توڙي بلبورڊن کان خالي هو، چڱي رفتار سان هلندا رهياسون. روڊ تي ڪجھ نشان هئا، پر انهن مان پيريڊيلڪنو ڏانهن پهچڻ جي ڪا رهنمائي نٿي ملي، تنهنڪري جڏهن ڪو ماڻهو سامهون ٿي آيو تہ اسان رڪجي ان کان ڏس ٿي ورتو، پر ڪنهن کي بہ ان وستيءَ جو پتو نہ هو. اسان برف سان ڍڪيل ۽ ناهموار رستي تي اکٽ ٻنين مان ڪافي وقت تائين هلندا رهياسين. نيٺ اسان هڪ ڳوٺ ۾ پهتاسون، جيڪو جديد ماسڪو جي عمارتن کان بدليل هڪ ٻئي دور جو ٿي لڳو، جنهن جون ڪاٺ واريون هيٺيائتون جهوپڙيون مکيه گھٽي جي پاسن تي ٺهيل هيون. برف کي پاسي ڪندڙ گاڏي کي گهوڙا گهلي رهيا هئا، رومال ويڙهيل عورتون ڪاٺ واري چرچ وٽ ميڙ ڪري بيٺيون هيون. اسان کي لڳو تہ اسان پيريڊيلڪنو جي ڀرسان ڪنهن پاڙي ۾ پهتا آهيون. سدا بهار وڻن ۾ گھيريل ور وڪڙن واري ننڍڙي روڊ تي ڏهه منٽن جو سفر طيءِ ڪندي، بي خبري ۾ آئون پاسٽرنڪ جي گهر جي سامهون پڄي ويس. ان گهر جا فوٽا مون رسالن ۾ ڏٺا هئا، ۽ اوچتو اهو گهر منهنجي ساڄي پاسي تي هو: ڀت کان ٻاهر ٿيل ناسي دريون، صنوبر وڻن جي سايي ۾ لاهي تي بيٺل، ۽ ان رستي تي ڄڻ چوڪسي ڪندڙ، جنهن وسيلي حادثاتي طور اسان شهر ۾ داخل ٿيا هئاسون.
    پيريڊيلڪنو هڪ ننڍڙو شهر هو، جيڪو نڪتل سج واري ٻپهري تي خوش باش ۽ مهمان نوازپئي لڳو. ڪافي ليکڪ ۽ فنڪار سرڪاري طور مهيا ڪيل گهرن ۾ رهيل هئا. هتي هڪ ليکڪن توڙي صحافين لاءِ ريسٽ هائوس بہ آهي، جنهنجو انتظام سويٽ رائيٽرس يونين سنڀالي ٿي. پر شهر جو هڪ حصو ننڍن آرٽسٽن ۽ هارين جو آهي، تنهنڪري ماحول ۾ نام نهاد آرٽيپڻو نہ آهي.
    ٻارن جي ڪتابن جو مشهور ليکڪ ۽ نقاد چڪووسڪي Chukovsky بہ هتي ڪنهن آرامده گهر ۾ رهي ٿو، جنهن ۾ ڪتابن جو قطارون آهن. هو هتي جي ٻارن لاءِ لائبرري هلائي ٿو. روس جو مشهور ناول نگار ڪانسٽنٽن فيدن Constantin Fedin پاسٽرنڪ جي ڀر ۾ رهي ٿو. هي اڄ ڪلهه رائيٽرس يونين جو سيڪريٽري جنرل آهي، جيڪا پوسٽ مرڻ گهڙي تائين ڪافي عرصو اليگزينڊر فاديف Alexender Fadeev وٽ هئي، جيڪو 1956 ۾ گذاري ويو. بعد ۾ پاسٽرنڪ مون کي آئزڪ بابيل Isaac Babel جو گهر ڏيکاريو، جتي هو 1930 واري ڏهاڪي جي آخر ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ وري واپس نہ وريو.
    پاسٽرنڪ جو گهر ان رستي تي هو، جيڪو ٽڪري ڏانهن ٿي ويو. ان سج واري ٽپهري تي ٽڪري برف تي هلندڙ گاڏن ۽ ٻارن سان سٿيل هئي. گهر جي سامهون رستي جي ٻي پاسي تي واڙي ڏنل ٻني هئي، جيڪا گڏيل طور تي آباد ڪئي ويندي هئي. هاڻي اها سفيد ميدان بنيل هئي، جنهن تي ٽڪري وارو قبرستان حاوي ٿيل هو ۽ اهو منظر چگال Chagall پينٽنگ مان کنيل ٿي لڳو. مقبرن جي چوڌاري واڙا روشن آسماني رنگ سان رنڱيل هئا، ۽ صليب کي عجيب ڪنڊ تي هنيو ويو هو. اتي برف اندر تکا گلابي ۽ ڳاڙها ڪاغذي گل اڌ پوريل هئا. اهو وڻندڙ قبرستان هو.
    گهر جو ورانڊو ائين هو، ڄڻ اهو چاليهه سال اڳ وارن آمريڪي گهرن جهڙو هو، پر ان جي پويان وارن صنوبر جي وڻن جي ڪري اهو روسي بنجي ٿي ويو. اهي وڻ هڪ ٻئي جو ويجھو نسريا ٿي ۽ اهو تاثر ٿي ڏنائون ڄڻ ڪو اهو جهنگل هو، پر اتي شهر جو چوڌاري وڻن جا ننڍا جهڳٽا هئا.
    مون ڊرائيور کي پئسا ادا ڪيا ۽ وڏي هراس مان باغ جي دروازي کي کولي گهر ڏي وڌي ويس. ننڍي ورانڊي جي هڪ پاسي ۾ هڪ دروازو هو، جنهن تي اڌ ڦاٽل ۽ پراڻو نوٽ لڳل هو:”آئون ڪم ۾ مصروف آهيان، ڪنهن سان نٿو ملي سگهان، مهرباني ڪري هليا وڃو.“ ڪجھ گهڙين جي هٻڪ کانپوءِ مون ان کي نہ ليکڻ جو فيصلو ڪيو، ڇو تہ اهو صفا پراڻو ٿي لڳو ۽ ٻيو تہ منهنجي هٿ ۾ تحفا بہ هئا. مون ٺڪ ٺڪ ڪئي. ويرم نہ گذري تہ پاسٽرنڪ پاڻ اچي دروازو کوليو.
    هن کي استراخاني ٽوپي پاتل هئي. هو تمام خوبصورت لڳي رهيو هو، پنهنجي اڀريل ڳلن ۽ ڪارين اکين ۽ اوني ٽوپي سان ائين ٿي لڳو، ڄڻ هو ڪنهن روسي لوڪ قصي جو ڪو ڪردار هجي. سفر واري ڳڻتي مون کان وسري ويئي ۽ آئون پرسڪون ٿي پيس – ائين لڳو ڄڻ مون پاسٽرنڪ سان ملڻ تي ڪو شڪ ئي نہ ڪيو هو.
    مون پنهنجي تعارف طور کيس پنهنجو نالو اولگا اندريف Olga Andreev ٻڌايو. کيس وڌيڪ ٻڌايم تہ آئون وادم ليونيڊووچ Vadim Leonidovitch جي ڌيءَ آهيان، جيڪو اڌوگابرو غير رسمي نالو هو. اهو نالو سندس پهرئين نالي ۽ سندس والد جي نالي تي مشتمل هو، جيڪو ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار هو. اندريف عام روسي نالو هو.
    پاسٽرنڪ کي منٽ کن اهو ڄاڻڻ ۾ لڳو تہ آئون ڏيساور مان ساڻس ملڻ آئي آهيان. هن گرمجوشيءَ سان منهنجي خوش مرحبا ڪئي. هن منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿن ۾ وٺي، مون کان منهنجي ماءُ جي صحت ۽ والد جي لکڻين ۽ ڪڏهن آخري ڀيرو آئون پيرس ۾ هئس، متعلق پڇيو، ۽ چهري کي غور سان جانچي ڄڻ خانداني مشابهت معلوم ڪرڻ ٿي گهري. هو ٻاهر ڪن ڪمن لاءِ وڃي رهيو هو. جيڪر آئون ٿورڙي بہ دير ڪريان ها تہ هن سان ملي نہ سگهان ها. هن مون کي پاڻ سان ڪجھ پنڌ تائين يعني سندس پهرئين اسٽاپ ”رائيٽرس ڪلب“ تائين هلڻ جو چيو.
    جيسين هو ٻاهر نڪرڻ جي تياري ڪري، تيسين آئون سادي فرنيچر رکيل کاڌ پيت واري ڪمري Dining Room کي ڏسڻ لڳس، جتي مون کي آندو ويو هو. جنهن گهڙي آئون اندر آيس، ان وقت کان مون کي هن گهر ۽ ٽالسٽاءِ جي ماسڪو واري گهر ۾ هڪجهڙائي محسوس ٿي، جنهن کي هڪ ڏينهن اڳ ئي ڏٺو هئم. ٻنهي جي ماحول ۾ جنهن نموني جي سادگي ۽ مهماننوازي جي ملاوت هئي، سا منهنجي خيال ۾ 19 صدي جي روسي دانشورن جي گهرن جي خصوصيت هئي. فرنيچر جيتوڻيڪ آرادمده هو، پر سادو ۽ پراڻو هو. ڪمرا غير رسمي خاطرداري، ٻارن جي گڏجاڻين توڙي اڀياسي زندگي لاءِ موزن ٿي لڳا. جيتوڻيڪ اهو پنهنجي وقت جي حساب سان تمام سادو هو، پر ٽالسٽاءِ جو گهر پاسٽرنڪ جي گهر کان وڌيڪ محنت سان ٺهيل هو. پر ٻنهي ۾ ڏيکاءَ، نفاست ۽ نزاڪت کان لاپراهي ساڳي هئي.
    گھڻو ڪري پاسٽرنڪ جي گهر ۾ بورچيخاني وٽان ئي داخل ٿبو آهي، جتي ننڍڙو مرڪندڙ اڌروٽ بورچي اوهان جي ڪوٽ ۽ ڪپڙن تان برف کي برش سان صاف ڪندو آهي. ان کانپوءِ ڊائيننگ روم ايندو آهي، جنهن جي دريون ٻاهر نڪتل آهن، جتي Geranium ٻوٽا نسري رهيا هئا. اتي ڀتين تي پاسٽرنڪ جي والد جون پينٽنگون ٽنگيل آهن. اهي پورٽريٽ ۽ Life-Studies هيون. جن مان ٽالسٽاءِ، گورڪي، اسڪريبن Scriabin، راچمنينوف Rachmaninoff سڃاڻپجي پئي سگهيا. اتي بورس پاسٽرنڪ ۽ ان جي ڀائرن ۽ ڀينرن توڙي پردي ۾ ۽ وڏيون ٽوپيون پهريل زائفائن جا اسڪيچ بہ ٽنگيل هئا ..... اها دنيا پاسٽرنڪ جي شروعاتي ساروڻين، ۽ هن جواني واري پيار وارن نظمن واري دنيا جهڙي ٿي لڳي .
    پاسٽرنڪ هلڻ لاءِ تيار هو. اسان ٻاهر نڪتاسين تہ زبردست سج روشني اسانجي آجيان ڪئي ۽ اسان گهر جي پويان واري سدا بهار وڻن واري باغ منجھان لنگهياسين، جتي برف منهنجي بوٽن ۾ ڀرجي ٿي ويئي.
    جلدي ۾ اسان ڀريل روڊ تي پهتاسين، جتي هلڻ وڌيڪ آسان هو، البت اتي بہ برف وارا خطرناڪ ٽڪرا هئا. پاسٽرنڪ ڊگهيون ٻرانگهون ڀري رهيو هو. خطرناڪ هنڌن تي هن منهنجي ٻانهن ٿي پڪڙي، نہ تہ هن جو ڌيان ڳالهه ٻولهه تي هو. چانهيون پيئڻ ۽ وڏا فلسفياڻه بحث ڪرڻ سان گڏ پنڌ ڪرڻ بہ روسي زندگي جو هڪ حصو هو، جيڪو هن کي پسند هو. اسان رائيٽرس ڪلب وڃڻ لاءِ چوڦير ڦري وڃڻ وارو رستو ورتو هو ۽ اسان کي اتي پهچڻ ۾ چاليهه منٽ لڳا. هن پهريائين ترجمي جي فن تي مفصل بحث ۾ حصو ورتو. هن وچان وچان فرانس ۽ آمريڪا جي ادبي ۽ سياسي صورتحال متعلق پئي پڇا ڪئي. هن ٻڌايو تہ هو اخبارون بعضي ئي پڙهندو آهي، جڏهن هو پينسل کي گهڙيندو آهي، تڏهن هو ان اخبار تي نظر وجهندو آهي، جنهن تي پينسل جو ڪچرو رکندو آهي. ”ائين ئي گذريل سرءَ ۾ مون کي پتو پيو تہ ڊيگال خلاف الجيريا ۾ انقلاب اچي رهيو هو ۽ سوسٽيل Soustelle کي اقتدار کان محروم ڪيو ويو هو.“ هن آخري جملي کي وري ورجايو. اها هن جي جملن جي رف ترجماني آهي، جنهن ۾ هن پاران ڊيگال جي فيصلي جي پٺڀرائي ۽ لفظن جي ساڳيائپ تي زور آهي. پر هو ڏيساور ۾ ادبي حالتن کان چڱو باخبر هو، جنهن ۾ هن کي دلچسپي بہ هئي.
    پهرئين گھڙي کان ئي آئون سندس گفتگو ۽ تجنيس خطي ۽ غير معمولي تصورات سان ڀريل شاعري جي ساڳيائپ کان متاثر ٿيس. هن لفظن کي موسيقي وانگي پاڻ ۾ ڳنڍيو ٿي، پر ان لاءِ هن معنائن کي قربان نہ ٿي ڪيو يا اهو هٿرادو لهجو نہ ٿي لڳو. جيڪو هن جي روسي شاعري سان مانوس هوندو، تنهن لاءِ هن جي گفتگو يادگار تجربو رهندي. هن جي لفظ سمجھ ايترو تہ ذاتي هئي جو لڳو ٿي تہ هن جي گفتگو سندس ڪنهن نظم جو تسلسل هجي، لهجو تڪڙو ۽ لفظ توڙي تصور هڪ ٻئي پويان ڄڻ آلاپجي رهيا هئا.
    بعد ۾ مون سندس گفتگو جي موسيقيت جو ذڪر ڪيو. ”لکت توڙي ڳالهائڻ ۾، لفظ جي موسيقي رڳو آواز جو مامرو ڪونهي. اهو حرف صحيح Consonants ۽ حرف علت Vowels جي آهنگ مان بہ نٿي اڀري. اها ڳالهائڻ ۽ معنيٰ جي تعلق مان اڀري ٿي. معنيٰ يا مواد کي هميشه اڳ هجڻ گهرجي.“ هن چيو.
    مون کي ويساه نہ ٿي آيو تہ آئون ڪو سترسالن جي شخص سان ڳالهائي رهي هيس. پاسٽرنڪ ڪافي جوان ۽ سٺي صحت وارو لڳي رهيو هو. هن جي جوان پڻي ۾ ڪا ڳالهه انوکي هئي: ڄڻ ڪا شيءِ – آرٽ؟ - هن جي ذات سان ملي ڪري، ان کي محفوظ ڪيو هجي. هن جي هٿن جي چر پر، ڪنڌ کي پوئٽي جهٽڪڻ ۽ ٻي هلچل جواني واري ٿي لڳي. هن جي شاعره دوست مارينہ تسويٽئوا Marina Tsvetaeva هڪ ڀيري لکيو هو:”پاسٽرنڪ هڪ ئي وقت عرب ۽ سندس گھوڙو لڳندو آهي.“ لاشڪ سندس اونداهي رنگت ۽ پراڻن نمونن مان هو عرب منهن وارو لڳندو آهي. ڪجهه گهڙين دوران کيس پنهنجي غير معمولي چهري توڙي پوري شخصيت جو احساس ٿيندو آهي. هو ڪجھ کن پاڻ کي پاسيرو ڪرڻ لاءِ لڙيل ناسي اکيون پوريندو آهي ۽ پنهنجي مٿي کي ائين ڦيريندو آهي، ڄڻ گهوڙو هڻڪاريندو هجي.
    ماسڪو جي ڪجھ ليکڪن – جن مان اڪثريت هن کي ذاتي طور نہ سڃاڻندي هئي – مون کي ٻڌايو هو تہ پاسٽرنڪ پنهنجي ذات سان بيحد پيار ڪري ٿو. ماسڪو ۾ چند ڏينهن رهڻ دوران مون کي هن جي حوالي سان ڪافي متضاد ڳالهيون ٻڌايون ويون. پاسٽرنڪ جيئري ئي ڏند ڪٿائي شخص Legend بنيل هو، ڪن لاءِ هو هڪ هيرو هو، تہ ڪن لاءِ روس جي دشمن وٽ وڪاڻل هڪ ليکڪ هو. ليکڪن ۽ آرٽسٽن وٽ سندس شاعري لاءِ ساراهه عام هئي. پر هن جي ناول ”ڊاڪٽر زواگو“ Doctor Zhivago وارو ٽائيٽل ڪردار تڪراري بنيل هو. هڪ ڄاتل سڃاتل شاعر، جيڪو هونئن تہ لبرل خيال رکندڙ هو ۽ پاسٽرنڪ جي شاعريءَ جو وڏو ساراهيندڙ هو، تنهن چيو ته”هو (پاسٽرنڪ) محض هڪ خلاص ٿيل دانشور هو، جنهن ۾ ڪنهن جي بہ دلچسپي نہ هئي.“
    مون کي بهرحال ان الزام ۾ تہ ”هو پنهنجي ذات ۾ ئي محو رهي ٿو“ ۾ ڪا سچائي نظر نہ آئي. ان جي ابتڙ مون کي لڳو تہ هو پنهنجي آس پاس جي دنيا کان ڀلي ڀت واقف هو ۽ هن پنهنجي قريبن جي موڊ ۾ ايندڙ تبديلي سارو پنهنجو ردعمل ظاهر ٿي ڪيو. هن کان وڌيڪ سمجھدار ڳالهير مون کي نٿو سُجھي. هن ڳوڙهن ويچارن کي بنا دير جي سمجهي ٿي ورتو. گفتگو ۾ ڳرائپ جلدي ختم ٿي ويئي. پاسٽرنڪ منهنجي والدين متعلق سوال ڪيا. جيتوڻيڪ هو ساڻن رڳو ٻه ٽي ڀيرا مليو هو، پر هن کي هنن جي هر ڳالهه ۽ پسند جي چٽي يادگيري هئي. هن منهنجي والد جا نظم تز نموني دهرايا، جيڪي کيس پسند هئا. هو انهن ليکڪن متعلق ڄاڻڻ جو متقاضي هو، جيڪي منهنجا واقف هئا – پئرس ۾ رهندڙ روسي، فرينچ ۽ آمريڪي. آمريڪي ادب سان هنکي گھڻي دلچسپي هئي، پر هن کي رڳو مکيه نالن جو پتو هو. مون کي جلدي اهو احساس ٿيو تہ کيس پاڻ متعلق ڳالهائڻ لاءِ آماده ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو، جيئن مون اميد رکي هئي.
    سج روشني ۾ پنڌ ڪندي مون کيس ٻڌايو هو تہ باوجود ڊاڪٽر زواگو جي نامناسب انگريزي ترجمي جي، هيءُ ناول مغرب ۽ خاص ڪري آمريڪا ۾ زبردست دلچسپي ۽ ساراهه جو سبب بنيو آهي.
    ”هائو.“ هن چيو، ”آئون انهيءَ دلچسپي کان واقف آهيان ۽ مون کي ان لاءِ خوشي ۽ فخر آهي. مون وٽ ٻاهران الاهي سارا خط اچن ٿا. حقيقت ڪري ڪڏهن ڪڏهن تہ حد کان وڌيڪ پڇا وارا خط پهتل هوندا آهن، جن جو جواب ڏيڻ ۾ تڪليف پئي ٿيندي آهي، پر جيئن تہ ٻاهرين دنيا سان تعلقات رکڻ بيحد ضروري هوندا آهن، سو انهن جا جواب ڏيندو آهيان. جيتري قدر ترجمي جو سوال آهي، تہ آئون ڊاڪٽر زواگو جي مترجمن کي گھڻو ڏوهي نٿو سمجهان. اهو هنن جو قصور ڪونهي. ٻي دنيا جي مترجمن جيان اهي بہ ڳالهه جو رڳو ادبي فهم اڳيان آڻيندا آهن، پر جيڪي چيو وڃي ٿو، ان جو لهجو يا سُر (Tone) – جيڪو ئي اصل اهميت وارو هوندو آهي – پيش نہ ڪندا آهن. حقيقت ۾ ڪلاسڪس جو ترجمو ئي دلچسپي وارو هوندو آهي. اهو للڪاريندڙ ڪم هوندو آهي. جيتري قدر جديد لکيتن جو سوال آهي، تن کي ترجمو ڪرڻ کڻي آسان هجي، پر بعضي ئي اهو لاڀائتو هوندو آهي. تو ٻڌايو تہ تون پينٽر آهين. ترجمو بہ پينٽنگ کي ڪاپي ڪرڻ جيان آهي. تصور ڪر تون مالوچ Malevich کي ڪاپي پئي ڪرين، ڪيئن اهو عمل بور ڪندڙ نٿو لڳي؟ اها حالت مون سان چيڪ سريئلسٽ surrealist نيزول Nezval جي حوالي سان ٿي رهي آهي. هو خراب ليکڪ نہ آهي، پر ويهين صدي جون لکيتون عمر چڙهي چڪيون آهن. هي ترجمو جنهنجو مون واعدو ڪيو آهي، ۽ ٻي پاسي خط و ڪتابت منهنجو ڪافي وقت وٺن ٿا.“

    - اولگا ڪارلسلي، 1960

    سوال: اوهان کي پنهنجا خط موصول ڪندي ڪا تڪليف حاصل ٿئي ٿي؟
    پاسٽرنڪ: هن وقت جيڪا شيءِ مون کي موڪلي وڃي ٿي، سا مون کي موصول ٿئي ٿي. گهڻا خط مون کي ملن ٿا ۽ انهن سان مون کي خوشي حاصل ٿئي ٿي، پر ڏکي ڳالهه اها آهي تہ مون کي ڪافي خطن جا جواب ڏيڻا پون ٿا.
    ڊاڪٽر زواگو جي حوالي سان ڪي خط تہ ڪافي توائي ڪندڙ هوندا آهن. تازو فرانس مان خط لکي ناول جي پلان جي پڇا ڪئي ويئي. لڳي ٿو تہ منهنجي ترتيب فرينچن کي منجهائي وڌو آهي. پر اهو عجيب ڪونهي تہ ناول ۾ ڏنل نظمون پلان جي ترتيب جو ڏس ڏين ٿيون. انهن کي ناول کي شامل ڪرڻ جو هڪ سبب اهو بہ هو. ان کان علاوه انهن جي شموليت جو مقصد ناول کي گهرائي ڏيڻ بہ هو. ساڳي طرح مون مذهبي اهڃاڻڻ کي انهيءَ سبب ڪري ئي استعمال ڪيو آهي. هاڻي ڪي نقاد انهن علامتن - جيڪي گهرن کي گرم رکندڙ اسٽوون جيان آهن - ۾ ائين ويڙهجي ويا آهن، جو اهي چاهين ٿا تہ آئون بہ ڪنهن اسٽوو تي چڙهي وڃان.
    سوال: ڇا اوهان ان ناول تي ايڊمنڊ ولسن Edmund Wilson جو تنقيدي مضمون پڙهيو آهي؟
    پاسٽرنڪ: ها، مون اهو پڙهيو آهي، مون انهن جي ذهانت ۽ ادراڪ کي ساراهيو آهي، پر ان ناول کي رڳو مذهبي نقطي نطر کان پرکڻ مناسب ڪونهي. منهنجي دنيا جي سمجھ کان بالاتر ڪا شي ڪانهي. زندگي پاران آڇجندڙ نون وسيلن جي مدد سان ماڻهو بي چين ٿي رهي ۽ لکي. هر حال ۾ ڪنهن هڪ نقطي نظر سان چنبڙي رهڻ وارو نڪتو مون کي بيزار ٿو ڪري. اسان جي چوڌاري زندگي هر لمحي تبديل ٿي رهي آهي. منهنجي خيال ۾، لاهيءَ سارو ماڻهو کي پاڻ بدلائڻ گهرجي، گهٽ ۾ گھٽ ڏهن سالن جي عرصي کان پوءِ. هڪ نقطي نظر سان سلهاڙجي رهڻ وارو عمل مون کي بي جا ٿو لڳي – اهو نوڙت جي کوٽ جو اظهار آهي. ماياڪووسڪي Mayakovsky پاڻ کي ان ڪري ماري وڌو، جو پنهنجي پاڻ ‏توڙي ٻاهرين دنيا ۾ ايندڙ تبديلن سان پاڻ کي ٺهڪائڻ سان جيڪا انا جي مجروعيت ٿي ٿي، تنهنکي برداشت نٿي ڪري سگهيو.
    اسان ڊگهي پر هيٺائين ڪاٺين واري واڙ سان ڳنڍيل در تائين اچي پڳاسين. پاسٽرنڪ بيهي رهيو. هن کي هتي ڪجھ وقت اڳ پهچڻو هو، پر اسان جي ڳالهه ٻولهه هن کي دير ڪرائي وڌي هئي. مون ڀريل دل سان کيس الوداع ڪيو. ڪافي ساريون ڳالهيون هيون، جيڪي مون هن کان پڇڻ ٿي گهريون. هن مون کي ريل وارو رستو ڏيکاريو، جيڪو ويجھو ئي قبرستان جي پٺيان هيٺ لاهي تي هئو. ڪلاڪ اندر هڪ اليڪٽرڪ ٽرين مون کي ماسڪو کڻي ويئي. پاسٽرنڪ پنهنجي نظم On Early Trains ۾اهڙي منظر ڪشي هئي:
    ماسڪو جي پوڙهي مائي کي،
    سادن فنڪارن ۽ پورهيتن کي،
    نوجوان شاگردن ۽ نيم شهرين کي
    آئون عاجزي ۽ عبادتي نوع ۾ جانچيان ٿو.

    مون کي انهن ۾ محڪومي،
    اڻ خوشي، اداسي
    يا گهرج مان پيدا ٿيل
    ڪي آثار نظر نٿا اچن.
    هو روزانو آزمائشون برداشت ڪن ٿا
    ۽ مالڪن جيئن رهڻ آيا آهن.

    ننڍڙين ٽولين ۾
    خاموش گوشائتي جڳهين تي
    هر ڍنگ ۾ ويٺل،
    ٻار توڙي نوجوان هڪ منا ٿيو
    ماهرن جيان ڪتابن پڙهڻ ۾ محو آهن.

    اونداهيءَ جي هلڪي لبادي ۾
    جيڪو چاندي ۾ بدلجي رهيو آهي،
    ماسڪواسان کي خوش مرحبا ڪري ٿو ....

    ان کان پوءِ پاسٽرنڪ سان ٿيل ٻن ملاقاتن جون يادون هڪ ڊگهي ادبي ڳالهه ٻولهه طور ذهن ۾ اڪريل آهن. هن مون کي باظابطه انٽرويو ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ”ان لاءِ توکي ٻيهر تڏهن اچڻو پوندو، جڏهن آئون گهٽ مصروف هجان، شايد ايندڙ سرءَ ۾“) پر هن منهنجي سوالن ۾ دلچسپي ٿي ڏيکاري، جيڪي مون پڇي ورتا ٿي. ماني کائڻ واري وقت کان علاوه اسان اڪيلا ٻه هوندا هئاسين، ٻي ڪا مداخلت نہ هوندي هئي. ٻئي ڀيرا جڏهن کائنس موڪلايم ٿي تہ هن روسي نموني منهنجي هٿ تي چمي ڏيئي مون کي ايندڙ آچر تي اچڻ جي نينڍ ٿي ڏني.
    مون کي ياد اچي ٿو تہ هڪ ڀيرو آئون سنجها ٽاڻي ريل اسٽيشن تان پاسٽرنڪ وٽ اچي رهي هئس. مون قبرستان وچان ننڍو رستو ڳولي لڌو هو. اوچتو هوا تيز ٿيڻ لڳي، برف بازي شروع ٿي ويئي. مون ڏٺو تہ اسٽيشن جي روشنين ۾ برف وڏن گول دائرن ۾ اڏامي رهي هئي. جلدي ۾ اونده ٿي ويئي ۽ مون کي هلڻ ۾ دشواري ٿيڻ لڳي. مون کي خبر هئي تہ هيءَ روس جي روايتي سياري جي موسم هئي. پر اهو پهريون حقيقي Metol يعني برفاني طوفان هو، جيڪو مون ڏٺو هو. جنهن مونکي پشڪن، بلوڪ جون نظمون ياد ڏياريون ۽ مون کي پاسٽرنڪ جا شروعاتي نظم توڙي ڊاڪٽر زواگو ۾ ذڪر ڪيل طوفان ذهن تي لڙي آيا. ڪجھ گهڙين کان پوءِ سندس گهر پهچڻ ۽ سندس نطمن جهڙا کٽل لفظن وارا elliptical جملا ٻڌڻ انوکو ٿي لڳو.
    آئون دير ڪري پهتي هيس، تنهنڪري مانجھاندي ۾ رسي نہ سگهيس؛ سندس گهر وارا پنهنجي ڪمرن ۾ وڃي چڪا هئا، گهر خالي ٿي لڳو. پاسٽرنڪ زور ڀريو تہ آئون ڪجھ ضرور کاوان، ۽ بورچي هرڻ جو گوشت ۽ ووڊڪا کڻي آيو. چار ٿيا هئا. ڪمرو اونداهو ۽ گرم هو. ٻاهران برفباري ۽ تيز هوا جا آواز پي آيا، باقي ٻي دنيا کان ڪمرو بند هو. مون کي بک بہ لڳي هئي ۽ کاڌو پڻ لذيذ هو. پاسٽرنڪ ٽبيل جي ٻئي پاسي کان ويٺو هو ۽ منهنجي ڏاڏي ليونڊ آندريف متعلق ڳالهائي رهيو هو. هن تازو هن جون ڪهاڻيون وري پڙهيون هيون ۽ پسند ڪيون هيون. ”انهن تي اوڻيهين صدي جو زبردست اثر آهي. اهي سال اسان جي يادگيرين مان پري ٿي رهيا آهن. پر اهي پريان کان نظر ايندڙ وڏن پهاڙن جيان ذهن تي لڏندا رهن ٿا. آندريف نٽشي Nietzsche جي سحر ۾ ورتل هو. هن نٽشي جي اثر ۾ گهڻائي (excesses) لاءِ ذوق حاصل ڪيو هو. جيئن اسڪريبن Scriabin ڪيو. نٽشي ڇيهه Extreme ۽ مطلقيت لاءِ روسي تانگهه کي پورو ٿي ڪيو. لکت توڙي موسيقي ۾ پاڻ کي مخصوص ثابت ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي اهڙي گھڻي وسعت جي ضروري رهي ٿي.“
    پاسٽرنڪ مون کي انهيءَ لکت جو ٻڌايو، جيڪا هن ڪنهن رسالي واسطي ”ماڻهو ڇا آهي“ جي سري هيٺ لکي آهي. ”نٽشي هينئر ڪيترو نہ پراڻو ٿو لڳي، پر اسانجي جواني واري عرصي ۾ هو انتهائي اهم مفڪر هو. ڪيڏو نہ هن جو اثر هو، وئگنر Wagner تي ۽ گورڪي تي ... گورڪي تہ هن جي خيالن جي وڪوڙ ۾ سوگهو ورتل هو. حقيقت ۾ نٽشي جي مکيه دين اها هئي تہ هو پنهنجي دور جي اگري ذوق کي ٻين تائين پهچائيندڙ هو. ان دور ۾ گهٽ ڄاتل ڪيئرڪيگارڊ Kierkegaard ئي ہو، جنهن اسان تي گهرا اثر وڌا. آئون برديئيف جي ڪاوشن کي ڄاڻڻ چاهيندس، آئون سمجهان ٿو تہ هو ساڳي سوچ وارو ليکڪ آهي - اسانجي دور جو حقيقي ليکڪ.“
    ڊائيننگ روم ۾ اوندهه وڌي ويئي تہ اسان ننڍڙي ويهڻ واري ڪمري ۾ آياسون، جتي روشني ٿيل هئي. پاسٽرنڪ مون لاءِ مٺي ۾ ننڍڙين نارنگين جهڙو پر مٺو ميوو آندو. مون انهن کي انوکي احساس سان کاڌو، ڄڻ انهن کي کائڻ جو مونکي تجربو هجي. اهو ڦل پاسٽرنڪ جي لکڻين ۾ بار بار ظاهر ٿئي ٿو – ڊاڪٽر زواگو جي شروع ۾ ۽ ڪن نظمن ۾. اهي اڃ اجهائڻ جو روايتي شغل آهن. ڪمري ۾ موجود ڪارو وڏو پيانو ڏسي، مون کي پاسٽرنڪ جي هڪ ٻي نظم ياد آئي.
    ... هاڻي اسان ويجھا آهيون
    سنجها جي روشني ۾،
    ڊائري جي ورقن جيان
    سال بسال موسيقي باهہ ۾ اڇلائي وڃي ٿي.

    ڊائيننگ روم جيان هن ڪمري جي ڀتين تي بہ ليونڊ پاسٽرنڪ جا اسڪيچ ٽنگيل هئا. ماحول سنجيده پر آرامده هو.
    ان وقت مناسب وقت پئي لڳو تہ پاسٽرنڪ کان اهو سوال پڇان، جنهن ۾ منهنجي دلچسپي هئي. مون انهن ماڻهن کان ٻڌو هو، جن کيس ڊاڪٽر زواگو تي ڪم ڪندي ڏٺو هو، تہ هن پنهنجي ڪافي شروعاتي نظمن کي عارضي يا عمر رسيل پئي قراريو هو. مون کي اعتبار نٿي آيو. Themes and Variations ۽ My Sister ۽ Life ۾ هڪ پاسي ڪلاسيڪي ڪماليت آهي تہ ٻئي پاسي اهي ويهن واري ڏهاڪي جي حساب سان تجرباتي نظم هئا. مون کي معلوم ہو تہ ڪيترن ليکڪن توڙي شاعرن کي اهي زباني ياد هئا ۽ اهي انهن کي وڏي ولولي سان ٻڌائيندا هئا. ڪافي نوجوان شاعرن جي شاعري تي پاسٽرنڪ جو اثر هو. ماياڪووسڪي ۽ پاسٽرنڪ پنهنجي پنهنجي نموني انقلاب ۽ ويهين واري ڏهاڪي جا اهڃاڻ هئا. ان زماني ۾ آرٽ ۽ انقلابي نظرين ۾ ڪو سنڌو نہ هو. ان وقت واقعن ۽ نظرين جي طوفان ۾ هر هڪ وڪوڙجي اڳتي هلي رهيو هو. تڏهن رڳو چند دل ٽوڙ چونڊ ڪرڻ جا موقعا ميسر هئا. (مون نوجوان روسي دانشورن ۾ ان زماني لاءِ تانگهه کي محسوس ڪيو هو.) ڇا اها حقيقت آهي تہ هو پنهنجي شروعاتي ڪاوشن کي رد ڪري ٿو؟
    پاسٽرنڪ جي جواب ۾ مون هلڪي خفگي محسوس ڪئي. شايد انڪري به، جو هن نٿي چاهيو تہ کيس رڳو انهن نظمن جي باعث ئي ساراهيو وڃي – ڇا شايد کيس اها سمڪ هئي تہ اهي ناقابل سبقت Unsurpassable آهن؟ يا فنڪار جي سابقه ڪاميابن کان مطمئن نہ هئڻ ۽ موجوده فنڪارانہ مسئلن ۾ محو هجڻ جي نتيجي پيدا ٿيل عام بيزارگي جي ڪري هو؟
    ”اهي نظم تڪڙن اسڪيچن وانگر هئا – کين اسان جي وڏڙن جي ڪمن سان ڀيٽيو. دوستووسڪي ۽ ٽالسٽاءِ رڳو ناول نويس نہ هئا، بلوڪ رڳو شاعر نہ هو. ادب – مڃيل نالن، روايتن ۽ عام تسيلم ٿيل ڳالهين جي دنيا - ۾ اهي ٽي آواز هئا، جن ڳالهايو ٿي، ڇو تہ وٽن چوڻ لاءِ ڪجھ هو ... اهو گجگوڙ جيان ٿي لڳو. جيتري قدر ويهن واري ڏهاڪي جي سهوليت جو سوال آهي تہ منهنجي والد جو مثال وٺو. پنهنجي پينٽنگ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ انهن کي ڪيتري ڪوشش ۽ ڳولا ٿي ڪرڻي پئي. اسان جي ادب ۾ ڪاميابي جو هڪ سبب اسان جي قسمت هئي. اسان جي نسل تاريخ جي اهم دور ۾ پاڻ کي پاتو. اسان جون ڪاوشون ان دور جون دين هيون. انهن ۾ عالميت نہ هئي، تنهن ڪري اهي پنهنجي عمر ختم ڪري چڪيون آهن. ٻيو تہ آئون سمجهان تہ ردمڪ شاعري لاءِ هاڻي اهو ممڪن نہ آهي تہ اها اسانجي ڳوڙهن تجربن کي بيان ڪري سگهي. زندگي ڏاڍي دشوار ۽ پيچيده ٿي ويئي آهي. اسان اهڙا قدر اپنايا آهن، جن کي نثر ۾ ئي سٺي نموني بيان ڪري سگهجي ٿو. مون انهن کي ناول جي ذريعي بيان ڪيو آهي، هاڻي ڊرامو لکندي اهي منهنجي اڳيان آهن.“

    سوال : زواگو لاءِ ڇا خيال آهي؟ تون ان کي اڃان بہ اهم ڪردار ٿو سمجهين، جيئن 1957 ڌاري منهنجي والدين کي ٻڌايو هو؟
    پاسٽرنڪ: جڏهن مون ڊاڪٽر زواگو لکيو هو، تڏهن آئون پنهنجي سهيوڳي ليکڪن ۽ فنڪارن جو وڏي قرضي هئڻ واري احساس ۾ دٻيل هوس. هيءُ ناول هڪ طرح قرض واپسي جي ڪوشش هئي. قرضي هئڻ وارو احساس ايترو تہ حاوي ٿيل هو، جو منهنجي پيش رفت سست ٿي رهي هئي. ڪافي سالن تائين ردمڪ شاعري لکڻ يا ترجمو ڪرڻ کان پوءِ مون کي اهو احساس ٿيو تہ آئون پنهنجي دور – گذري ويل ۽ سر تي سوار سالن متعلق – پنهنجو ورنن پيش ڪيان. وقت جو دٻاءُ هو. مون ماضي کي ريڪارڊ ڪرڻ ٿي گهريو ۽ زواگو ۾ روس جي انهن سالن جي خوبصورت ۽ حساس رخن کي اعزاز پيش ڪرڻ ٿي گهريو. اهي سال توڙي اسان جي وڏڙن وارو وقت وري واپس نہ ٿيندو، پر مستقبل جي گلستان ۾ انهن قدرن جي خوشبو واسو پئي ڪندي. مون انهن کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ورتي آهي. مون کي خبر نہ آهي تہ ڊاڪٽر زواگو ڪيترو ڪامياب ناول آهي، پر اهو پنهنجي خامين هوندي بہ منهنجي شروعاتي نظمن کان وڌيڪ ڪارگر آهي. منهنجي جواني وارن لکيتن جي ڀيٽ ۾ اهو وڌيڪ انسانيت ڀريو ۽ شاهوڪار آهي.

    سوال: پنهنجي همعصرن ۾ ڪنهن جي لاءِ سمجهو ٿا تہ هو وڌيڪ جالي سگهيو آهي؟
    پاسٽرنڪ: توکي مايوڪووسڪي متعلق منهنجن احساسن جي پروڙ آهي. انهن کي مون پنهنجي سوانح حيات Safe Conduct ۾ تفصيل سان لکيو آهي. سندس آخري اڻپوري نظم At the top of My Voiceکي ڇڏي ڪري مون ‏۾ هن جي گھڻن آخري لکتن ڏانهن ڪا رغبت نہ آهي. فارم جو ٽٽڻ ۽ خيالات جي غربت، ۽ ناهمواري، جيڪي ان دور جي شاعري جون خصوصيتون هيون، سي مون کي ڌاريون ٿيون لڳن. پر ڪي استثنائون Exceptions بہ آهن. مون کي يسينن Yeseninجون سڀ شيون پسند آهن، جيڪو مڪمل نموني روسي ڌرتي جي هڳاءُ کي نظمن ۾ پيش ڪري ٿو. تسويتئوا Tsvetaeva کي آئون اعليٰ شاعره سمجهان ٿو – هو شروع کان ئي ٺهيل ٺڪيل شاعره هئي. هن مصنوعتين واري دور ۾ هن جو آواز پنهنجو هو – ڪلاسيڪي ۽ انسان پڻي وارو. هو مرد وارو روح رکندڙ عورت شاعره هئي. روزمره جي زندگي جي ڪشالن کيس سگهه عطا ڪئي. هن مڪمل تز پڻي جي ڪوشش ڪئي ۽ اها حاصل ڪئي. هوءَ اخمتووا Akhmatova کان وڌيڪ عظيم شاعره آهي، جنهن جي سادگي ۽ ردميت کي مون هميشه ساراهيو آهي. تسويتئوا جو موت منهنجي لاءِ هڪ وڏو دکدائڪ واقعو هو.“

    سوال : انهن سالن ۾ وڌيڪ اثرائتي شاعر ايندري بيلي Andrei Bely جي متعلق ڇا خيال آهي؟
    پاسٽرنڪ: بيلي هڪ محدود ۽ خارجي اثرات کان پري Hermetic هو. هن جو دائرو محدو سازن واري موسيقي سان ڀيٽڻ جهڙو هو. اگر هو ڏاکڙا ڏسي ها تہ شايد سٺو لکي سگهي ها، جيئن هو ان جو اهل ضرور هو. پر هو حقيقي زندگي سان لهه وچڙ ۾ نہ آيو. يا شايد بيلي وانگر جواني ۾ مري ويندڙ شاعرن جي قسمت ۾ نون فارمن جو خبط هوندو آهي؟ مون کي نئين زبان ۽ بيان جا مڪمل اصلي نمونا استعمال ڪرڻ وارا خواب سمجھ ۾ نہ ايندا آهن. انهيءَ خواب جي ڪري ئي ويهن واري دور جو اڪثر ڪم جيڪو محض اسٽائيلن جي تجربن سان ڀريل هو، اهو ختم ٿي ويو. غير معمولي کوجنائون تڏهن ٿينديون آهن، جڏهن آرٽسٽ جيڪو چوڻ چاهي، سو هن تي حاوي هجي. پوءِ هو تڪڙ ۾ پراڻي ٻولي استعمال ڪندو آهي، جيڪا اندران اندر تبديل ٿي ويندي آهي. انهن سالن ۾ ئي بيلي لاءِ ٿورو افسوس ٿيندو هو، جو هو حقيقي زندگي کان ئي پري هو، جيڪا هن جي صلاحيتن کي نکاري ها.

    سوال: اڄوڪن نوجوان شاعرن جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟
    پاسٽرنڪ: جيتري حد تائين شاعري روسي زندگي جو حصو آهي، اوتري تائين تہ آئون متاثر آهيان. نوجوان شاعرن جا 20 هزار مجموعا شايع ڪرڻ وارو عمل مغرب وارن لاءِ تہ لڀائيندڙ آهي، پر حقيقت ۾ روس جي شاعري اوتري زندگي واري ناهي، جيتري اوهان سمجهو ٿيون. اڄ ڪلهه جي شاعري گهڻو ڪري رواجي آهي. اها وال پيپر جيان آهي، ڏسڻ ۾ سٺي پر مقصد کان عاري. بهرحال ڪجھ نوجوان شاعرن پنهنجو ٽئلنٽ پڌرو ڪيو آهي – مثال طور ييوتوشينڪو Yevtushenko.

    سوال: توهان ائين تہ نٿا چوڻ گهرو تہ روسي ويهين صدي جو پهريون اڌ نثر بجاءِ شاعري ۾ اعليٰ حاصلات جو عرصو آهي؟
    پاسٽرنڪ: آئون نٿو سمهجان تہ اهو درست آهي. آئون سمجهان ٿو تہ نثر اڄ اظهار جو مکيه ذريعو آهي – فاڪنر جي نثر جهڙو شاهوڪار ۽ ڀرپور. اڄوڪي لکت کي زندگي جي حصن کي نئين سر تخليق ڪرڻو آهي. اهو ئي ڪجھ آئون پنهنجي نئين ڊرامي ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. آئون چوان ٿو تہ آئون ڪوشش ڪري رهيو آهيان، ڇو تہ مون واسطي روزمره جي زندگي منجهيل ٿيندي وڃي. ٻين نامور ليکڪن سان ٻي جاءِ تي شايد ائين هجي، پر آئون ان ڪردار لاءِ تيار نہ آهيان. آئون اهڙي زندگي جو گهرجائو نہ آهيان، جنهن ۾ خاموشي ۽ مخفيت جي کوٽ هجي. مون کي لڳي ٿو تہ جواني واري وقت ۾ ڪم اسان جي زندگي جو اڻٽٽ حصو هو، جيڪو ٻي هرشيءِ کي روشن ڪندو هو. پر هاڻي ان لاءِ جهيڙ ڪرڻي ٿي پوي. پڙهندڙن، ايڊيٽرن ۽ اسڪالرن جي مطالبن کان ڪنٽار ممڪن ڪونهي، اهي ڳالهيون ترجمي سان گڏجي وڏو وقت ڳڙڪايو وڃن. تون ٻاهر جي ماڻهن کي، جيڪي مون ۾ دلچسپي رکن ٿا، ٻڌائج تہ وقت جي کوٽ ئي منهنجو اهم مسئلو آهي.“
    پاسٽرنڪ سان منهنجي آخري ملاقات ڪافي طويل هئي. هن مون کي چيو تہ آئون جلدي اچان تہ جيئن ڊنر، جيڪا سندس خانداني گڏجاڻي جوسبب ٿيندي هئي، کان اڳ ڳالهائي سگهجي. ان آچر تي بہ سج ظاهر هو. آئون پاسٽرنڪ جي صبح واري پنڌ کان ٿورو اڳ ئي پهتس. مون کي جڏهن سندس اسٽڊي ۾ نيو ويو، تڏهن مون کي هن جو گهر پرجوش آواز سان ٻُرندو لڳو. اسٽڊي جي پويان ڪنهن ڪمري ۾ هن جي گهر جا ڀاتي اچي گڏيا هئا.
    پاسٽرنڪ جي اسٽڊي وڏي ڪمري تي منحصر هئي جيڪو ٻي ماڙ تي هو. سڄي گهر جيان هن ڪمري ۾ بہ ٿورڙو فرنيچر رکيل هو. هڪ وڏي ڊيسڪ ٻاهر نڪتل دري جي ڀر ۾ رکيل هئي. ان کان علاوه ڪجھ ڪرسيون ۽ صوفا پيل هئا. دري کان ٻاهر برف ڍڪيل ٻني مان روشني اندر اچي رهي هئي. هلڪي ڪارسري ڪاٺ جي ڀتين تي آرٽ وارا پوسٽ ڪارڊ چنبڙيل هئا. جڏهن پاسٽرنڪ اندر آيو تہ مون کي ٻڌايائين تہ اهي پڙهندڙن خاص ڪري ٻاهران اماڻيا ويا آهن. گھڻن ۾ مذهبي منظر چٽيل هئا – حضرت عيسيٰ جي ڄم جو قديم تصويرون، راڪاس کي ماريندڙ سينٽ جارج، مئري مئگڊالين ... اهي سڀ ڊاڪٽر زواگو جي موضوع سان لاڳاپيل هئا.
    پنڌ کان پوءِ هو سرهو پئي ڏٺو. هن کي نيرو ڪوٽ پاتل هو ۽ هو سٺي موڊ ۾ لڳو ٿي. پاڻ منهنجي سامهون دري ڀرسان ڊيسڪ وٽ اچي ويٺو. ٻين مهلن وانگيان هن ڀيري بہ ماحول آرامده پر ڌيان ڀريو هو. مون کي ياد آهي تہ مون کي ڏاڍي سرهائي ٿي هئي. پاسٽرنڪ بہ خوش لڳي رهيو هو، ۽ دري کان ٻاهر سج بہ گرم هو. اسان ٻه ٽي ڪلاڪ اتي ڳالهائيندا رهياسون، ۽ منهنجي دل اهو پئي چاهيو تہ هي گهڙيون ڀلي پيون ڊگهيون ٿين، ڇو تہ ٻي ڏينهن آئون ماسڪو ڇڏڻ واري هئس. پر جيئن ئي ڏينهن لڙيو تہ سج بہ الهڻ لڳو.
    پاسٽرنڪ مون کي پنهنجي نئين ڊرامي متعلق ٻڌائڻ جو فيصلو ڪيو. اهو ان گهڙي جو ئي فيصلو هو. ڏاڍي دلچسپي سان آئون کيس ٻڌڻ لڳيس – وچ ۾ دخل اندازي جي آئون ئي ذميوار هئس. هڪ ٻه ڀيرا تاريخي يا ادبي حوالي کي نہ سمجهندي، مون وضاحت پڇي هئي.
    ”تنهنجي پس منظر جي ڪري – جيڪو اوڻهين صدي جي روس ۾ ٿيل واقعن سان ويجھو آهي – آئون سمجهان ٿو تہ تون منهنجي ڪاوش جي خدو خال کي ٻڌڻ پسند ڪنديئن. آئون ٽن سلسليوار ڊرامن Trilogy تي ڪم ڪري رهيو آهيان ۽ ٽي پتيون ڪم مڪمل ڪري چڪو آهيان.
    ”آئون هڪ پوري تاريخي دور، روس ۾اوڻهين صدي، بشمول اهم واقعن خاص ڪري غلام هارين۽ کيت مزدورن (Serf) جي آزادي، کي نئين سر خلقڻ ٿو گهران. ان دور جي حوالي سان ڪافي لکتون موجود آهن، پر ڪنهن بہ ان دور کي جديد نموني سان نہ ورتايو آهي. آئون گوگول جي Dead Souls جهڙي ڪا گھڻ رخي شيءِ لکڻ ٿو گهران. اميد تہ منهنجا ڊراما بہ اهڙائي حقيقي ۽ روزمره زندگي سان لاڳاپيل هوندا، جيئن Dead Souls آهي. جيتوڻيڪ اهي طويل هوندا پر اميد تہ هڪڙي شام دوران ئي اهي پيش ڪري سگهبا. منهنجي خيال ۾ ڊراما اسٽيج ڪرڻ لاءِ انهن ۾ تخفيف ڪرڻي پوندي. آئون انگريزن کي ان لاءِ ساراهيان ٿو تہ جو کين ڄاڻ آهي تہ شيڪسيئر جي ڊرامن کي اسٽيج ڪرڻ لاءِ ڪيئن تراشجي، نہ ان لاءِ تہ ڪيترو ضروري آهي سو ڇڏجي، پر اهم شي کي زورائتو بنائجي. The Comedie Francaise تازو ماسڪو ۾ آيو. انهن ريسائين Recine کي نہ ڪٽيو ۽ منهنجي خيال ۾ اها وڏي غلطي هئي. جيڪو اڄوڪي دور ۾ بيان ٿي سگهي ۽ ڊرامي جون تقاضائون پوري ڪري، سو ئي اسٽيج ڪيو وڃي.
    ”منهنجا سلسليوار ٽي ڊراما سرفن جي آزادي واري عمل ۾ پيش آيل ٽن اهم مرحلن سان تعلق رکن ٿا. پهريون ڊرامو 1840 واري دور ۾ عمل ۾ اچي ٿو – جڏهن ملڪ ۾ سرفن ۾ بي چيني پيدا ٿي ۽ ملڪ ۾ اها محسوس ڪئي ويئي. پراڻو جاگيرداري نظام عمر رسيده ٿيل هو، پر ڪا مناسب اميد نہ پئي محسوس ڪئي ويئي. ٻئي ڊرامي ۾ ان صدي جي سٺ واري ڏهاڪي جي واقعن کي کنيو ويو آهي. هاڻي لبرل زميندار اڀريا آهن، روسي اميرن مان سٺن شخصن ۾ مغربي خيالات تحرڪ پيدا ڪيو آهي. پهرين ٻن ڊرامن جي ابتڙ، جيڪي ٻهراڙي جي جاگيرن ۾ جڙيل آهن، ٽيون ڊرامو 1880 واري سينٽ پيٽسبرگ ۾ جڙيل آهي. پر اهو حصو اڃان رڳو رٿا آهي، جڏهن تہ ٻيا حصا ڪجھ ڪجھ لکجي ويا آهن. جيڪر توکي پسند هجي تہ آئون انهن متعلق وڌيڪ ٻڌايان.
    ”پهرئين ڊرامي ۾ زندگي کي اگهاڙي نموني چٽيو ويو آهي، Dead Souls جي پهرئين حصي جيان. اهو وجود ڪنهن روحانيت جي اثر پوڻ کان اڳ وارو آهي.
    ”تصور ڪريو تہ 1840 واري ڏهاڪي ۾ روس جي ٻهراڙي ۾ هڪ وڏي جاگير آهي، جنهن جي ڪا بہ سار سنڀال نہ ٿي رهي آهي، تنهنڪري اها ڏيوالو نڪرڻ جي ويجھي آهي. ان جا مالڪ ڪائونٽ ۽ سندس گهر واري ٻي پاسي ويل آهن. اهي پنهنجي سرفن مان لاٽري ذريعي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ وارو عذاب ناڪ منظر نٿا ڏسڻ گهرن، سو اهي اتان نڪري آيا آهن. ان زماني ۾ فوج ۾ خدمت 25 سال هلندي هئي. هاڻي مالڪ واپس اچي رهيا آهن، ۽ گهر جا نوڪر چاڪر انهن کي ڀليڪار ڪرڻ ۾ رڌل آهن. شروعاتي منظر ۾ اسان ڏسون ٿا تہ نوڪر گهر جي صفائي پيا ڪن، ٻهاري پيا ڏين، ڇنڊين پيا ۽ تازا پردا پيا ٽنگين. گھڻو ڌمچر متل آهي. نوجوان نوڪر ڇوڪريون مذاق مستي پيون ڪن.
    ”اصل ۾ اهو وقت ڪافي دشوار آهي. جهٽ ۾ نوڪرن تي مايوسي ڇائنجيو وڃي. انهن جي ڳالهه ٻولهه مان اسان کي پتو پوي ٿو تہ ڌاڙيل ڀرپاسي واري ٻيلي ۾ لڪل آهن، اهي ڀاڄوڪڙ سپاهي آهن. اسان جاگير سان تعلق رکندڙ ٻيا قصا بہ ٻڌون ٿا، خاص ڪري عظيم ڪئٿرين واري وقت کان مشهور House Killer وارو قصو. اها اذيت پرست عورت هئي، جيڪا پنهنجي سرفن کي دهشت زده ڪرڻ يا مارڻ مان لطف حاصل ڪندي هئي. ان زماني ۾ جاگيردارن کي سرفن کي سڀ ڪجھ ڪرڻ جي اجازت هئي، پر هن جا ظلم ايترا تہ وڌي ويا جو کيس گرفتار ڪيو ويو.
    ”نوڪر ڪٻٽ مٿان رکيل پلاسٽر مان ٺهيل مٿئين ڌڙ Bust متعلق بہ ڳالهائين ٿا. ارڙهين صدي ۾ وارن جي ڊريس ۾ اهو خوبصورت نوجوان جو مٿو آهي. ڌڙ لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اهو جادوئي قوت رکندڙ آهي. جاگير جو مقدر هن سان لاڳاپيل آهي. تنهن ڪري ان کي ڏاڍي خيال سان صاف ڪيو ويندو آهي.
    ”ڊرامي جو مکيه ڪردار پروڪور Prokor آهي، جيڪو جاگير جو راکو Keeper آهي. هن کي ڪڻڪ ۽ ڪاٺ وڪرو ڪرڻ لاءِ وڃڻو آهي، جنهن تي جاگير جو گذارو آهي، پر عام موڊ جي ور چڙهي هو هتي رهجي ويو آهي. هن کي ياد اچي ٿو تہ ڪنهن ڪٻٽ ۾ هڪ مخفي لباس رکيل آهي، جنهن کي هو پهري وهمي دوستن کي بيوقوف بنائڻ ٿو گهري. هو شيطان وانگر لباس پهري ٿو. سندس اکيون وڏيون ٻاهر نڪتل آهن، جيئن مڇي جون ٿين ٿيون. جيئن ئي هو هن لباس ۾ ظاهر ٿئي ٿو، تيئن ئي مالڪ جي آمد جو اطلاع ٿئي ٿو. جلدي ۾ نوڪر قطار ٺاهي مالڪن جو استقبال ڪن ٿا. پروڪر لاءِ ٻي واه نہ ٿي بچي، سواءِ ڪٻٽ پويان لڪڻ جي.
    ”ڪائونٽ ۽ ڪائونٽيس جيئن وارد ٿين ٿا، تيئن اسان کي اهو احساس ٿئي ٿو تہ منجهن سرد جنگ جاري آهي. ۽ پتو پوي ٿو تہ سفر دوران ڪائونٽ کائنس زيور گهريا، جيڪي ئي بچيا هئا گروي ٿيل جاگير ساڻ. ڪائونٽيس اهي ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. جڏهن ڪائونٽ مٿس تشدد ڪرڻ گهريو تہ ساڻس گڏ سفر ڪندڙ هڪ خادم کيس بچايو هو، جيڪا اوسهڻ جوڳي بغاوت هئي. انهي خادم کي اڃان ان بغاوت جي سزا نہ ملي هئي. ڪيڏي مهل بہ ڪائونٽ جو انتقام ڀڙڪي ٿي سگهيو.
    ”ڪائونٽ وري زال کي ڌمڪائڻ لڳي ٿو، تڏهن اهو خادم ڪائونٽ جي گهرايل پستولن مان هڪ کڻي وٺي ٿو. هو ڪائونٽ تي فائر ڪري ٿو. اهو منظر نوڪرن ۾ ٿرٿلو پئدا ڪري ٿو. ان ٽاڪوڙي ۾ اهو مجسمو ڪري هزارين ٽڪر ٿئي ٿو، پر ساڳئي وقت اهو هڪ نوڪرياڻي کي زخمي ڪري انڌو بنائي ٿو. اها انڌي حسينہ Blind Beauty آهي، جيڪو نالو ئي سلسليوار ٽن ڊرامن تي گڏيل طور رکيو ويو آهي. عنوان يقينن روس لاءِ اهڃاڻي آهي، جيڪو پنهنجي خوبصورتي ۽ مقدر کان بي خبر بنيل آهي. جيتوڻيڪ اها انڌي حسينہ سرف آهي، پر هڪ آرٽسٽ بہ آهي. هوءَ اعليٰ درجي جي گائڪ آهي، ۽ جاگير جي ڳائڻن واري جٿي جي اهم رڪن آهي.
    ”جيئن زخمي ٿيل ڪائونٽ کي ڪمري کان ٻاهر نيو پئي ويو، تيئن ڪائونٽيس مونجهاري ۾ زيور انهي نوجوان خادم کي ڏنا، جيڪو اهي کڻي اتان رفوچڪر ٿي ويو. اهو غريب پروڪر جيڪو اڃان ان لباس ۾ ملبوس هو، تنهن تي زيورن جي چوري جو الزام مڙهيو وڃي ٿو. ڪائونٽيس سچ نہ ٿي ٻڌائي، تنهنڪري هن کي چوري جي سزا ۾ سائيبريا اماڻيو وڃي ٿو.
    ”توهان ڏسو پيا تہ اهو سڀ ڪجھ جذباتي پر خوشي تي ختم ٿيندڙ ڊرامو Melodrama آهي، پر آئون سمجهان ٿو تہ ٿئيٽر کي رنگين توڙي جذباتي بہ ٿيڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ ماڻهو انهن اسٽيج ڊرامن کان بيزار آهن، جتي ڪجهه بہ نٿو ٿئي. ٿئيٽر جذبن جو آرٽ آهي – اهو ٺوس حقيقتن جو بہ آرٽ آهي. Melodrama کي وري سمجھڻ ۽ ساراهڻ لاءِ رحجان پيد ا ڪرڻ گهرجي: وڪٽر هيوگو، شلر ...
    ”آئون هاڻي ٻي ڊرامي تي ڪم ڪري رهيو آهيان. جيئن اهو آهي، اهو علحده منظرن ۾ ورڇيل آهي. جاگير ساڳي پر وقت هينئر 1860 واري ڏهاڪي وارو آهي، جڏهن سرفن کي آزادي ملي آهي. جاگير هاڻي سابق ڪائونٽ جي ڀائيٽي جي ملڪيت آهي. هو ڪڏهوڪو سرفن کي آزاد ڪري ڇڏي ها، پر عام مفاد کي ڌچڪو رسائڻ کان بچڻ لاءِ ائين نہ ڪيو هو. هو لبرل نظرين جي سحر ۾ ورتل آهي ۽ آرٽ کي پسند ڪري ٿو. ٿئيٽر هن جو جولان آهي. هن جي اعليٰ ٿئيٽر ڪمپني آهي. جنهنجا ائڪٽر سندس هاري غلام آهن، پر ان جو نالو سڄي روس ۾ ڄاتل آهي.
    ”پهرئين ڊرامي ۾ انڌي ٿيل عورت جو پٽ هن گروپ جو مکيه اداڪار آهي. ساڳئي وقت اهو هن حصي جو هيرو بہ آهي. هن جو نالو اگافون Agafon آهي، ۽ هيءُ زبردستن صلاحيتن وارو ائڪٽر آهي. ڪائونٽ هن کي سٺي تعليم ڏياري آهي.
    ”ڊرامو برفاني طوفان سان شروع ٿئي ٿو.“ پاسٽرنڪ هٿ جي ڊگھين چرپر سان اهو بيان ڪري ٿو. ”جاگير ۾ وڏو اهم مهمان اچڻو آهي. اهو اليگزينڊر ڊوماس Alexander Dumas آهي، جيڪو ان دور ۾ روس آيل هو. هن کي نئين ڊرامي جي پريميئر ۾ شريڪ ٿيڻ جي نينڍ مليل آهي. ان ڊرامي جو نالو آهي ”خودڪشي“. آئون ئي ان ڊرامي کي لکندس – ڊرامي اندر ڊرامو، جيئن هيملٽ ۾ آهي. آئون اوڻهين صدي جي وچ واري زماني جي ذوق سان ميلو ڊرامه لکڻ چاهيندس.....
    ”اليگزينڊر ڊوماس ۽ ان جي ساٿين کي جاگير جي ويجهو مسافر خاني يا ٿڪ ڀڃڻ واري گهر Relay Station ۾ سخت برف بازي ڪري رستا ڍڪجي وڃڻ ڪري ترسڻو پيو آهي. ان رلي اسٽيشن ۾ هڪ سين آهي. ۽ سراءِ جو مالڪ ڪو ٻيو نہ پر پروڪر آهي، جيڪو جاگير جو سابق راکو آهي. ڪجھ سال اڳ هو سائبيريا مان واپس وريو آهي، جڏهن ڪائونٽيس مرڻ مهل هن جي بيگناهي جو اعتراف ڪري کيس آزاد ڪرايو هو. رلي اسٽيشن هلائيندي هو شاهوڪار بہ ٿيو آهي. جيتوڻيڪ نئون وقت شروع ٿي چڪو آهي، پر ان سراءِ ۾ پهرئين ڊرامي وارن قديمي عنصرن جا پڙاڏا آهن. اسان ڏسون ٿا تہ مقامي عملدار Executioner ۽ هن جا ساٿي اتي سراءِ ۾ اچي ترسيا آهن. اهي شهر مان ٻيلي ۾ پنهنجي گهرن ڏانهن وڃي رهيا آهن - روايت پٽاندڙ هنن کي ٻين ماڻهن ڀرسان رهڻ جي اجازت حاصل نہ آهي.
    ”جڏهن مهمان جاگير ۾ وارد ٿين ٿا تہ اتي تمام اهم سين ٿئي ٿو. آرٽ جي حوالي سان ڊوماس ۽ اگافون وچ ۾ ڊگهو بحث ٿئي ٿو. ان حصي ۾ آرٽ متعلق منهنجا خيالات هوندا – نڪي ان دور يعني 1860 واري ڏهاڪي جا. اگافون ڏيساور وڃي شيڪسپيئري اداڪار ٿي هيملٽ جو ڪردار ادا ڪرڻ جا خواب ڏسي ٿو.
    ” هن ڊرامي جو آخري نتيجا خيز منظر Denouement پهرئين ڊرامي سان ملندڙ جلندڙ آهي. هڪ مڪروهه ڪردار، جنهن سان اسان رلي اسٽيشن ۾ مليا آهيون، سو مقامي پوليس چيف جو آهي. هو ڪجھ Dead Souls جي سوباڪيوچ Sobakevich جهڙو آهي، جيڪو ڪريل انساني سطح جو مالڪ آهي. خودڪشي ڊرامي کان پوءِ هو اسٽيج پويان هڪ ايڪسٽريس جي عزت لٽي ٿو. جنهن کي بچائيندي اگافون پوليس چيف کي شئمپين بوتل هڻي ٿو. ان بعد ڊپ ۾ ٻاهر ڀڄي وڃي ٿو. ڪائونٽ هن جي مدد ڪري ٿو ۽ کيس پيرس ۾ آڻي ٿو.
    ”ٽئين ڊرامي ۾ اگافون روس ۾ واپس اچي ٿو ۽ سينٽ پيٽسبرگ ۾ رهي ٿو. هو هاڻي غلام نہ آهي (هي 1880 واري ڏهاڪي وارو وقت آهي)، هو هاڻي انتهائي ڪامياب اداڪار آهي. آخرڪار هو يوروپين ڊاڪٽر کان پنهنجي ماءُ جي اکين جو علاج ڪرائي، سندس نور واپس ورائي ٿو.
    ”جيتري قدر پروڪور جو خيال آهي تہ اهو هن ڊرامي ۾ ڪامياب واپاري طور ڏيکاريو ويو آهي. آئون هن کي مڊل ڪلاس جي نمائندي طور ڏيکارڻ گهران ٿو، جن اوڻهين صدي جي آخر ۾ روس لاءِ ڪافي ڪجهه ڪيو. سچوڪن Schukin جهڙي شخص کي ذهن ۾ آڻيو جنهن ماسڪو ۾ هن صدي جي شروع تائين ٺهيل سڀيئي خوبصورت پينٽنگون جمع ڪيون. آئون ٽرالاجي جي آخر ۾ اهو ڏيکارڻ ٿو گهران تہ روشن خيال ۽ خوشحال مڊل ڪلاس جو ظهور ٿي چڪو آهي، جيڪو مغربي اثرات کي قبولي ٿو، ترقي پسند، ذهين ۽ آرٽسٽڪ آهي.“
    پاسٽرنڪ لاءِ اهو رواجي هو تہ مون کي ڊرامي متعلق ٺوس لفظن ۾ ٻڌائي. هن ٽرالاجي جي پويان وارن نظرين جي ڪا وضاحت نہ ڪئي، پر اهو پڌرو هو تہ هو آرٽ بابت نظرين ۾ غرق هو – تاريخي تناظر بجاءِ زندگي ۾ هر وقت موجود عنصر طور. هو جيئن اڳتي وڌندو رهيو تہ مون کي لڳو تہ هو جيڪو بيان ڪري رهيو آهي، سو ڊرامي جو فريم آهي. جنهن جا ڪجهه حصا مڪمل هئا تہ ڪجھ اڃان ڀرجهڻا هئا.
    ”شروع ۾ مون اوڻهين صدي تي هر نموني جو ڊاڪيومينٽ ڏٺو. هاڻي تحقيق جو ڪم مڪمل آهي. آخرڪار اهم ڳالهه ڊرامي جو تاريخي تزپڻو نہ آهي، پر ان دور جي ڪامياب تخليق ئي مکيه شيءِ آهي. اهو آبجيڪٽ اهم نہ آهي، جيڪو ان کي بيان ڪري ٿو، پر اها روشني آهي، جيڪا انهن تي پوي ٿي، جيئن پري واري ڪمري ۾ رکيل بتي مان.“
    ٽرالاجي جي وضاحت جي آخر ۾ پاسٽرنڪ تڪڙو پئي لڳو. ڊنر جو وقت ختم ٿي چڪو هو. هو هر هر واچ ۾ نهاري رهيو هو. پر باجود انهيءَ حقيقت جي تہ هن فلسفانيه نقطن جي ڪا وضاحت نہ ڪئي، جيڪي ان ڊرامي جي فريم ورڪ جو جسم بنجن ها، مون کي لڳو تہ آئون روسي ماضي جي شاندار ياد جي شاهد آهيان.
    اسان جي وڏن جا قصا اسٽارٽ جي حڪمراني جهڙا لڳن ٿا
    خوابن جي شڪليون، پشڪن کان پري آهن.
    اسان ڊائينگ روم ۾ پهتاسين تہ گهر جا ٻيا ڀاتي اڳي ئي ٽيبل جي چوڌاري ويٺل هئا. ”هي توکي امپريشنسٽ Impressionist پينٽنگ وانگرنٿا لڳن؟“پاسٽرنڪ پڇيو، ”پس منظر ۾ جيرانيم، اندر ٽپهري جي روشني. گليمان Guillamin جي اهڙي هڪ پينٽنگ آهي.“
    جيئن اسان پهتاسون تہ هر هڪ اٿي بيٺو ۽ اهي اوسيتائين بيٺا رهيا، جيسين پاسٽرنڪ منهنجو تعارف نہ ڪرايو. مئڊم پاسٽرنڪ کان علاوه، هن جا ٻه پٽ – وڏو پهرئين شادي مان ۽ ننڍو ارڙهن يا ويهن سالن جو - جيڪو خوبصورت هو ۽ ماءُ سان مماثلت رکندڙ هو. هو ماسڪو يونيورسٽي ۾ فزڪس جو شاگرد هو. پروفيسر نيوبوس Neubus بہ مهمان هو. هو ماسڪو جي ميوزڪ اسڪول ۾ Chopin جو نامور ٽيچر هو، جنهن سان مئڊم پاسٽرنڪ جي پهرئين شادي ٿيل هئي. هو ڪافي پوڙهو ٿي لڳو ۽ هن جون مڇيون پراڻي طرز جون هيون، پر وڻندڙ ۽ سڌريل ٿي لڳو. هن پئرس ۽ انهن موسيقارن متعلق پڇيو جن کي اسان ٻئي سڃاڻندا هئاسون. اتي ٻه ٻيون عورتون بہ هيون، پر انهن جو پاسٽرنڪ سان تعلق مون کي معلوم نہ ٿيو.
    آئون پاسٽرنڪ جي ساڄي پاسي ويٺل هئس. مئڊم پاسٽرنڪ کاٻي پاسي هئي. ٽيبل تي اڇو پوش چڙهيل هو، جنهن تي ڳاڙها صليب اڪريل هئا. چاندي وارا توڙي چيني برتن سادا هئا. گلدستي ۾ مموسا گل پيل هئا. پليٽ ۾ نارنگيون ۽ نارنگين جهڙو ٻيو ميوو پيل هو. ٽيبل تي اڳي ئي بک لڳائيندڙ کاڌا رکيل هئا. مهمانن هڪ ٻئي کي اهي کڻي ڏنا. پاسٽرنڪ ووڊڪا گلاس ۾ ڀري. کاڌي ۾ وڏي مڇي جي آني، مڇي جو ٻوڙ، آچار، ۽ گڏيل سبزيون هيون ... ماني آهستي کاڄندي رهي. ان بعد چُڪيل Kvass گلاسن ۾ اوتيو ويو، اهو گهر جو ٺهيل مشروب هو، جيڪو عام طور ٻهراڙين ۾ پيتو ويندو آهي. چڪيل ڪواس جا ڍڪ (Cork) ڪڏهن ڪڏهن رات جو خود بہ خود شيشن مان نڪري ٿي ويا، جن جي پستول جهڙي آواز تي سڀ جاڳي ٿي پيا، مئڊم پاسٽرنڪ ٻڌايو. بک وڌائيندڙ کاڌن کان پوءِ بورچي شڪار ٿيل جانورن جي گوشت جا دميل سوادي ٽڪڙا پيش ڪيا.
    گفتگو عام موضوعن تي ٿي رهي هئي. هيمنگوي جا ڪم بحث هيٺ آيا. گذريل سردي ۾ هو ماسڪو ۾ وڌ ۾ وڌ پڙهيو ويل ليکڪ هو. تازو هن جي لکتن جو نئون مجموعو شايع ٿيو هو. مئڊم پاسٽرنڪ ۽ ٻين عورتن جي خيال ۾ هن جي لکتن ۾ هڪڙو ئي قضيو آهي – نہ ختم ٿيندڙ پيئڻ ۽ هيرو جون ڪجھ ڪارگذاريون.
    پاسٽرنڪ جيڪو خاموش ٿي ويو هو، تنهن اعتراض واريو.
    ”ليکڪ جي عظمت جو تعلق موضوع سان ايتري تائين هوندو آهي، جيترو اهو ليکڪ سان لاڳاپيل آهي. اها اسٽائيل جي گهرائي هوندي آهي، جيڪا اهم ٿئي ٿي. اوهان همينگوي جي اسٽائيل مان، مادي، لوهه ۽ ڪاٺ کي محسوس ڪري سگهو ٿا.“ هو پنهنجي لفظن کي هٿن جي اشاري سان ميز جي ڪاٺ کي پريس ڪندي واضح ڪري رهيو هو. ”آئون هيمنگوي کي ساراهيان ٿو، پر آئون فاڪنر کي وڌيڪ ڄاڻڻ ٿو گهران. سندس Light in August هڪ عاليشان ڪتاب آهي. ان ۾ ڳرڀ وتي ننڍڙي عورت جو ڪردار نہ وسارڻ جو ڳو آهي. جڏهن هو البامه مان ٽينيسي ڏانهن رواني ٿئي ٿي، تڏهن آمريڪا جي ڏکڻ جي وسعت ۽ ڳر کي اسان لاءِ ڀرپور نموني چٽيو وڃي ٿو، جيڪي ان سفر ۾ موجود نہ هئا.“
    اڳتي هلي گفتگو موسيقي ڏي لڙي ويئي. پروفيسر نيوبوس ۽ پاسٽرنڪ پاڻ ۾ چوپن جي وضاحت لاءِ اهم نڪتن تي بحث ڪري رهيا هئا. پاسٽرنڪ ٻڌايو تہ هو ڪيتري قدر چوپن موسيقي کي پسند ڪري ٿو- جيئن مون چند ڏينهن اڳ چيو هو تہ چوپن پراڻي موزارٽ زبان کي استعمال ڪري نئين ڳالهه ڪئي آهي – ان فارم کي اندران ئي نئين سر جنميو ويو آهي. پوءِ بہ آئون سمجهان ٿو تہ آمريڪا ۾ چوپن کي ختم ٿيل فيشن وارو سمجهيو وڃي هو. مون اسٽيفن اسپينڊر کي چوپن تي هڪ ليک ڏنو هو، پر اهو نہ ڇپيو ويو.“
    مون کيس ٻڌايو تہ گائيڊ Gide ڪيتري قدر چوپن کي وڄائڻ پسند ڪندو هو – پاسٽرنڪ کي اهو معلوم نہ هو، تنهنڪري اهو ٻڌي خوش ٿيو. گفتگو هاڻي پرائوسٽ Proust ڏي مڙي، جنهن کي پاسٽرنڪ آهستي آهستي پڙهي رهيو هو.
    ”جڏهن آئون A la Recherche du temps perdu جي پڄاڻي تي پهچي رهيو آهيان، تڏهن آئون ان حيرت ۾ وٺجي ويو آهيان تہ ان ۾ ڪجھه اهڙين نظرين جو پڙاڏو آهي، جيڪي اسان کي 1910 ۾ محو رکيو ويٺا هئا. مون انهن کي Symbols and Immortality واري ليڪچر ۾بحث هيٺ آندو هو، جيڪو مون ليو ٽالسٽاءِ جي موت کان هڪ ڏينهن اڳ پيش ڪيو هو. ۽ آئون Astapovo ۾ پنهنجي والد سان گڏجي ويو هوس. ان جو مواد، ڪافي وقت ٿيو، گم ٿي ويو آهي، پر علامتن جي فطرت جي حوالي سان ٻين ڳالهين سان گڏ ان ۾ هو تہ جيتوڻيڪ آرٽسٽ مري ويندو آهي، پر هن جيڪو جيئڻ مان سرور حاصل ڪيو هو، سو لافاني آهي. جيڪڏهن ان کي ذاتي يا ڪائناتي نموني چٽي سگهجي تہ اهڙي لکت وسيلي ٻيا بہ ان تجربي جو نئين سر احساس حاصل ڪري سگهن ٿا.
    ”مون هميشه فرينچ ادب کي پسند ڪيو آهي“ هن ڳالهه کي جاري رکندي چيو، ” آئون سمجهان ٿو تہ جنگ کان وٺي فرينچ ادب نئون لهجو اختيار ڪيو آهي، جيڪو گهٽ لفاظي وارو Rhetoric آهي. ڪامئو جو موت اسان سڀني جو نقصان آهي.“ (اڳم ۾ مون پاسٽرنڪ کي ڪامئو جي دکدائڪ پڄاڻي جي متعلق ٻڌايو هو، جيڪو ماسڪو اچڻ کان اڳ ٿيو هو. ان جو احوال روسي اخبارن ۾ نہ آيو هو. ڪامئو کي روسي ۾ ترجمو نہ ڪيو ويو آهي.) ”باوجود مختلف موضوعن جي، فرنيچ ادب اسان کي وڌيڪ ويجھو آهي. پر فرينچ ليکڪ جڏهن سياسي مقصدن پويان لڳن ٿا تہ اسان کي نٿا پسند اچن. يا تہ اهي گروه پسند Cliquish جو شڪار آهن ۽ مقصد سان سچا نہ آهن، يا پنهنجي مخصوص منطق سان اهو سمجهن ٿا تہ اهي مقصدن کي پڄاڻي تي پهچائڻ گهرن ٿا. اهي رابسپيري Robespierre يا سينٽ جسٽ Saint-Just وانگر پاڻ کي اطلاق پسند absolutists ڀائين ٿا.“
    ماني جي آخر ۾ چانهن ۽ Cognac شراب پيش ڪيو ويو. پاسٽرنڪ اوچتو ٿڪل لڳي رهيو هو ۽ هاڻي خاموش هو. اڳ وانگي هاڻي بہ روس جي دوري ۾ مون کان مغرب – ان جي تهذيبي زندگي ۽ اسان جي روزانہ وهنوار – جي متعلق سوال ڪيا ويا.
    بجلي کولي ويئي. مون واچ تي نظر وڌي ۽ ڏٺو تہ ڇهن کان وڌيڪ وقت ٿي ويو هو. مون کي وڃڻو هو. ۽ آئون ٿڪجي بہ پئي هئس.
    پاسٽرنڪ مون ساڻ رڌڻي وٽان در تائين هليو. در کان ٻاهر اڱڻ ۾، نيري برفاني شام ۾ اسان هڪ ٻئي کي خدا حافظ چيو. مون کي اهو ڏک هو تہ آئون وري پيريڊيلڪو واپس نہ اچي سگهنديس. پاسٽرنڪ منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليو ۽ مون کي چيو تہ سگھو ٻيهر اچجان. هن وري مون کي چيو تہ آئون ٻاهر جي دوستن کي ٻڌايان تہ آئون چڱو ڀلو آهيان، ۽ کين ياد رکان ٿو، پر هن وٽ خطن جو جواب ڏيڻ لاءِ وقت ڪونهي. جڏهن اڱڻ اڪري مکيه روڊ تي پهتس تہ هن پٺيان سڏ ڪيو. مون کي اهو عذر سٺو لڳو تہ جيئن آئون مڙي وري کيس ڏسان. هو خالي مٿي سان بلو ڪوٽ پهريو در وٽ بيٺو هو.
    ”مهرباني ڪري“ هن سڏي چيو تہ ”خطن واري ڳالهه کي ذاتيات تي نہ وٺي وڃجو. ڪهڙي بہ ٻولي ۾ لکو آئون جواب ڏيندس.“

    (جڳ مشهور ادبي رسالي پئرس رويو ۾ آرٽ آو فڪشن جي سلسلي ۾ 25 نمبر انٽرويو ٿي شايع ٿيل.)


    الائيس منرو جو نوبيل انٽرويو

    [ڪجھ مهينا اڳ اها خبر پڙهيم تہ ڪئناڊا ڄائي ڪهاڻيڪار الائيس منرو لکڻ تان ريٽائرمنيٽ ورتي آهي. ٻي اهم ڳالهه اها هئي تہ سندس شهرت جو حوالو بحيثيت ڪهاڻيڪار هو. اسان وٽ ڪهاڻي کي اسان جي ڪجه ناموري ليکڪن ڪافي سال اڳ گولي هڻي ختم ڪرڻ گهريو هو.. ۽ اهو تاثر 0نو هو تہ هي دور ڪهاڻي نہ پر ناول جو دور آهي.
    وري چند مهينا اڳ جڌهن مئن بوڪر عالمي انعام وارو ميلو متو، جنهن جي ننڍي فهرست ۾ اسانجو پاڪستاني ليکڪ انتظار حسين شامل ٿيو، تہ آصف فرخي دنيازاد جو هڪ خاص شمارو ان فهرست ۾ شامل مکيه لکارين جي لکڻين ۽ انترويوز سان سجائي پيش ڪيو. جنهن کي تازو ئي پڙهيو هئم. ۽ ان شماري ۾ الائيس منرو جو پيرس رويو وارو انٽرويو ۽ هڪ ڪهاڻي شامل آهي ۽ گڏوگڏ 2009 ۾ کيس مئن بوڪر عالمي انعام ملڻ بعد لکيل مضمون بہ شامل ڪيو ويو آهي. اهي ليک پڙهندي، مون کي ذرو بہ اهو احساس نہ ٿيو، تہ ٿوري عرصي کان پوءِ ان محترمه کي نوبل پرائيز ملندو.
    الائيس ائن منرو جو جنم ڪئناڊا جي صوبي آنٽريو ۾ 10 جولاءِ 1931 تي ونگهام نالي ڳوٺ ۾ ثيو. گريجوئييشن جي ٻئي سال 1951 ۾ سندس پهرئين شادي جميس منرو سان ٿي. پنجاه واري ڏهاڪي ۾ هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، جيڪي ڪئناڊا جي رسالن ۾ شايع ٿيون. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو Dance of Happy Shades 1968 ڌاري شايع ٿيو. جنهن کي گورنر جنرل جو انعام مليو، جيڪو آمريڪا جي پلٽرز انعام جهڙي حيثيت وارو آهي.
    24 آڪٽوبر 2013 تي گارجين اخبار جي ويب سائيٽ تي لز بري جو هن متعلق ليک شايع ٿيو آهي، لز جوخيال آهي تہ الائيس منرو ريٽائر مينٽ جي حوالي سان تذبذ جي شڪار آهي. ”هر روز مون کي گڏوچڙ پيغام ملن ٿا. مون ريٽائر ٿيڻ جو واعدو ڪيو آهي بر ڪڏهن ڪڏهن نوان آئيڊيا ملن ٿا.“ هن جا مداح پراميد آهن تہ هو وري لکندي، ڇو تہ 2006 ۾ هن لکڻ ختم ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو هو، پر 2012 تائين هو لکندي رهي، جنهن سال سندس ڪهاڻين جو مجموعو Dear Life ڇپيو. اهو ڪتاب نيويارڪ ٽائيم جي پيپربئڪ بيسٽ سيلر ڪتابن جي فهرست ۾ هن هفتي پهرئين نمبر تي پهتو آهي.
    منرو جي ڪهاڻين ۾ آنتاريو جي ڏکڻ اولهه ۾ ورسيل ٻهراڙين جي براردرين مان ڪردار کنيل آهن.
    سندس پهرئين مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون پندرهن سالن جي عرصي ۾ لکيل هيون. نيويارڪر رسالي ۾ هن جي پهرئين ڪهاڻي Royal Beating 1977 ۾ شايع ٿي، هوءَ ٻڌائي ٿي تہ هن 50 واري ڏهاڪي ۾ پنهنجون ابتدائي ڪهاڻيون ان رسالي ڏي اماڻيون هيون، پر اهي ان ۾ شايع نہ ٿيون، تنهنڪري ڪافي ڊگهي عرصي تائين هن اوڏانهن ڪهاڻيون نہ موڪليون، پر سندس ڪهاڻيون ڪئناڊا جي رسالن خاص ڪري ٽيمارڪ ريويو ۾ شايع ٿينديون رهيون.
    ڪهاڻي ڪئين لکي ٿي جي سوال جو جواب ڏيندي هو ٻڌائي ٿي تہ ”عام طور ٿيندو اهو آهي تہ ڪهاڻي لکڻ کان اڳ ۾ آئون ان کان واقف هوندي آهيان، اگر لکڻ لاءِ وقت نہ هوندو آهي تہ پنهنجي دماغ ۾ ان ڪهاڻي کي پئي جوڙيندي آهيان، تہ جيئن لکڻ ويهان تہ ڪهاڻي تيار هجي. پنهنجي مدد لاءِ آئون خيالن کي نوٽ بڪن ۾ درج ڪندي آهيان. مون وٽ نوٽبڪن جا ڍير آهن، جن ۾ خراب لکت ۾ گهڻو ڪجهه لکيل آهي. خيال لکڻ مان مراد جيڪا ڳالهه ذهن م اچي تنهن کي لکي ڇڏجي.
    لکڻ جي معمول جي حوالي سان هو ٻڌائي ٿي تہ ”آئون هر روز صبح جو اٺين وڳي کان يارهين وڳي تائين لکندي آهيان. البت جڏهن مون کي آخري مسودو مڪمل ڪرڻو هوندو آهي، تہ پوءِ ڪافي وقت لکندي رهندي آهيان.. مون پاڻ تي مخصوص تعداد ۾ لکڻ جي پابندي وڏي آهي.
    هيلتائين سندس ڪهاڻين جا 14 مجموعا شايع ٿيا آهن. ]

    ايلس منرو جو نوبل انٽرويو

    اسٽيفان آسبرگ، SVT


    ڪهاڻيون پڙهڻ ۾ ننڍي لاڪون ئي دلچسپي پيدا ٿي، ڇو تہ جيڪا هئنس ڪرسٽين اينڊرسن جي لکيل ننڍڙي جل پري واري ڪهاڻي مون کي پڙهي ٻڌائي ويندي هئي، اها اوهان کي الائي ياد هجي يا نه، سا ڏاڍي غمگين ڪهاڻي هئي. ننڍڙي جل پري کي هڪ شهزادي سان پيار ٿي وڃي ٿو، پر جل پري هجڻ جي ڪري هوءَ شهزادي سان لائنون نٿي لهي سگهي. اها ڪهاڻي ٻڌي آئون گهر کان ٻاهر نڪرند هيس، ۽ ان جي چوڌاري چڪر هڻندي هيس، ۽ پنهنجي ذهن ۾ ان ڪهاڻي جو خوشي وارو اختتام جوڙيندي هيس، جيڪو ئي مون کي ان پري جو حق ٿي لڳو. ان وقت منهنجي ذهن ۾ اهو خيال اڀريو تہ هي مون واري بدليل ڪهاڻي، سڄي دنيا ۾ ڪونہ پهچندي، پر سمجهيم ٿي مون پنهنجي پر ۾ سٺو ڪم ڪيو ٿي. ان کان پوءِ ننڍي جل پري شهزادي سان وهانءُ ڪري خوش گذاريندي، جيڪو هن جو حق هو، ڇو تہ ان واسطي هن وڏا ڪشالا ڪيا هيا. هن پنهنجي ٽنگن جي جاءِ تي عام انساني ٽنگون لڳايون، جنهن ڪري کيس هلڻ ۾ بي انتها اذيت ٿي ملي. پر اهو سڀ هوءَ شهزادي جي وصال لاءِ سهڻ لاءِ تيار هئي. ان ڪري مون خيال ڪيو تہ هوءَ پاڻي ۾ مرڻ کان وڌيڪ لهڻي، ۽ مون اها ڳڻتي نہ ڪئي تہ اها ڪهاڻي ٻي دنيا کي معلوم ٿيندي يا نه، ڇو تہ اها هڪ ڀيرو شايع ٿي هئي. تہ اها هئي منهنجي لکڻ جي شروعات.
    اسان کي ٻڌايو توهان ڪهاڻي ٻڌائڻ ۽ لکڻ جو هنر ڪيئن سکيون؟
    آئون هر وقت پئي ڪهاڻيون ٺاهيندي هيس، اسڪول ويندي ۽ ايندي، وڏو پنڌ ڪرڻو پوندو هو ۽ گهڻو ڪري ان پنڌ دوران آئون ڪهاڻي ٺاهيندي هيس. جيئن جيئن آئون وڏي ٿيس، تيئن اهي ڪهاڻيون مهنجي ذات جي حوالي سان ٿينديون ويون، جن مان ڪن ۾ آئون هيروئن هوندي هيس ۽ مون کي اها پرواه نہ هئي تہ اهي ڪهاڻيون جلدي ڇپجنديون يا نه. مونکي ياد ڪونهي تہ ماڻهن پاران انهن کي ڄاڻڻ يا پڙهڻ جي حوالي سان آئون سوچيندي هيس يا نه. منهنجي نقطي نظر جي خيال کان اها ڪهاڻي مطمئن ڪندڙ هئي، جنهن ۾ ننڍڙي جل پري جي بهادري جو ذڪر هو، جيڪا دنيا کي بهتر بنائڻ جي اهل هئي، ۽ ان کي جادوئي خاصتيون بہ هيون، وغيره وغيره.
    ڇا اهو اهم آهي تہ ڪهاڻي کي عورت جي نقطي نگاه کان ٻڌايو وڃي؟
    مون ڪڏهن بہ ان کي اهم نہ سمجهيو آهي، پر مون پاڻ کي عورت کان علاوه ڪجهه نہ سمجهيو آهي، ڪافي سٺيون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ عورتن يا ننڍڙين ڇوڪرين جو ذڪر آهي. جڏهن اوهان ٿورو وڏيون ٿينديون آهيو تہ اوهان مردن کي سندن ضرورتون وغيره پوريون ڪرڻ ۾ سهائتا ڪنديون آهيو. آئون جڏهن نوجوان ڇوڪري هيس تهڏهن آئون عورت هئڻ جي ڪري ڪنهن احساس ڪمتري ۾ ورتل نہ هيس. اهو شايد انڪري هئو، جو آئون آنتاريو جي جنهن علائقي ۾ رهندي هيس، جتي عورتون گهڻو ڪري پڙهڻ جو ڪم، ڪهاڻيون ٻڌائڻ جو ڪم ڪنديون هيون، ۽ مرد گهر کان ٻاهر ڪمن ۾ مصروف هوندا هئا ۽ ڪهاڻين سان انهن جو ڪو لاڳاپو نہ هوندو هو. آئون پراعتماد هيس.
    ماحول اوهان کي ڪيئن اتساهيو؟
    اوهان کي معلوم هجي تہ مون کي ڪنهن اتساه جي ضرورت نہ هئي. مون سمهجيو ٿي تہ ڪهاڻين جي وڏي اهميت آهي، تنهنڪري اهي مون جوڙيون ٿي. مون ائين ڪرڻ پئي گهريو ۽ ان لاءِ مون کي ٻين ماڻهن جي مداخلت جي ضرورت نٿي پئي. سو مون ٻين کي نہ ٻڌايو پر ڪافي اڳتي هلي ڪري مون کي اهو احساس ٿيو تہ جيڪر ٻڌندڙ يا پڙهندڙن جو حلقو جيترو وسيع هوندو تہ اوترو اها صورتحال وڻندڙ هوندي.
    ڪهاڻي ٻڌائيندي توهان کي ڪهڙي ڳالهه اهم ٿي لڳي؟
    ظاهري طرح انهن ابتدائي ڏينهن ۾ مون لاءِ اهم ڳالهه هئي تہ ڪهاڻي جي پڄاڻي خوشي واري ٿئي، ڇو تہ پنهنجي هيروئنن جي دردناڪ پڃاڻي مون کي نٿي وڻي. اڳتي هلي ڪري جڏهن ودرنگ هائيٽس جهڙيون لکڻيون پڙهيم تڏهن هاڻين ۾ دردناڪ پڄاڻيون ٿيڻ لڳيون، ۽ مون پنهنجا خيال بدلايا ۽ ٽرئڊجي کي اختيار ڪيو.
    ننڍي شهر جي ڪئناڊائي زندگي کي بيان ڪندي ڪهڙي ڳالهه دلچسپ هوندي؟
    توهان کي اتي هئڻو پوندو. منهنجي خيال ۾ هر زندگي يا پسگرادئي دلچسپ ٿي سگهي ٿي. آئون نٿي سمهجان تہ جيڪر آئون ڪنهن شهر ۾ ورسيل هجان ها تہ ايتري بهادر هجان ها، ۽ ماڻهن سان اعليٰ ثقافتي سطح تي مقابلو ڪندڙ هجان ها. مون کي ائين نہ ڪرڻو پوي ها. مون کي خبر هئي تہ رڳو آئون ڪهاڻيون لکندي هئس، جيتوڻيڪ آئون ٻين کي ان حوالي سان نہ ٻڌائيندي هيس ۽ جيتري قدر مون کي خبر آهي تہ آئون ئي اڪيلي انهي سرگرمي ۾ مصروف هيس.
    پنهنجي لکڻين ۾ هميشه کان اوهان پر اعتماد رهيون آهيو؟
    آئون ڪافي وقت هيس، پر جڏهن وڏي ٿيس ۽ ٻين ليکڪن سان مليس تڏهن منهنجي اعتماد کي لوڏو آيو. مون کي احساس ٿيو تہ هي ڪم منهنجي توقع کان وڌيڪ ڏکيو آهي، پر مون ان ڪم مان هٿ نہ ڪڍيو ۽ ان کي جاري رکيو.
    جڏهن اوهان ڪا ڪهاڻي شروع ڪندا آهيو، تڏهن توهان وٽ ان جو پلاٽ تيار ٿيل هوندو آهي؟
    مون وٽ پلاٽ تيار هوندو آهي، پر اهو اڪثر بدلجي ويندو آهي. آئون پلاٽ تحت لکڻ شروع ڪندي آهيان، پر اهو پلاٽ ٻي رخ ۾ لڙي ويندو آهي. بهرحال مون وٽ لکڻ وقت اهو پڌرو هوندو آهي تہ ڪهاڻي ڇاجي متعلق آهي.
    جڏهن اوهان ڪهاڻي لکڻ شروع ڪنديون آهيو تہ ان ۾ ڪيتريون گهيرجي وينديون آهيو؟
    بلڪل. پر مون کي ٻارن لاءِ لنچ تيار ڪرڻي هوندي هئي، ڇو تہ آئون گهرڌياڻي هيس، تنهن ڪري مون فارغ وقت ۾ لکڻ سکيو. منهنجي خيال ۾ مون لکڻ ڪڏهن بہ ترڪ ڪيو. البت جڏهن ڪا ڪهاڻي سٺي نموني نہ لکي سگهندي هيس تہ مون کي مايوسي ٿيندي هئي. مون کي گهڻو ڪجهه سکڻو پوندو هو ۽ اهو منهنجي توقع کان وڌيڪ ڏکيو ڪم هوندو هو. پر آئون بيهي نہ رهيس، لکڻ جاري رکيم.
    ڪهاڻي ٻڌائيندي ڪهڙو حصو اوهان کي دشوار لڳندو آهي؟
    منهنجي خيال ۾ اهو مرحلو جڏهن پنهنجي لکيل ڪهاڻين کي پڙهندا آهيو تہ اوهان کي اها خراب لڳندي آهي. اوهان جوش خروش ۾ ڪافي ڪجھه لکي ويندا آهيو، پر جڏهن ٻي صبح ان کي پڙهندا آهيو تہ اوهان کي اهو احساس ٿيندو آهي تہ اهو سڀ ڪجهه اجائي لٻاڙ آهي. ان مرحلي تي اوهان حقيقي ڪم ڪندا آهيو. مون کي اهو ٺيڪ ٿو لڳي .ڇو تہ منهنجي غلطي جي ڪري ئي ڪهاڻي خراب ٿي هئي، نڪي خود ڪهاڻي خراب هئي.
    جڏهن اوهان مطمئن نہ هوندا آهيو تہ ڪيئن انکي تبديل ڪندا آهيو؟
    سخت پورهيو. وضاحت لاءِ ٻيو ڪو طريقو سوچيان ٿي. توهان وٽ ڪردار آهن، جن کي اوهان پورو موقعو نہ ڏنو آهي، ۽ اوهان کي انهن متعلق سوچڻو آهي يا انهن جي حوالي سان صفا مختلف ڳالهه ڪرڻي آهي. شروعاتي ڏينهن ۾ آئونن رنگين نثر لکڻ چاهيندي هيس، پر آهستي آهستي مون ان کان پاسو ڪرڻ شروع ڪيو. اوهان ان حوالي سان سوچيندا آهيو ۽ اوهان کي ڪهاڻي متعلق مواد ملندو ويندو آهي، جنهن لاءِ اوهان شروع ۾ رڳو سوچيو آهي، پر لکڻ لاءِ اوهان کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوي ٿو.
    اوهان ڪيتريون ڪهاڻيون ردي جي حوالي ڪيون؟
    جڏهن آئون جوان هيس، تڏهن قريبن ڪافي ڪهاڻيون اڇلائي ڇڏيون، البت ويجھڙ ۾ مون ائين نہ ڪيو آهي. عام طور تي مون کي خبر هئي تہ مون کي انهن کي زنده رکڻ لاءِ ڇا ڪرڻو آهي. پر انهن ۾ غلطيون هونديون، جن کي اوهان کي وسارڻو پوندو.
    اڇلايل ڪهاڻين تي اوهان کي افسوس ٿيندو آهي؟
    آئون ائين نہ ٿي ڀانيان، ڇو تہ اهي ڪهاڻيون شروع کان صحيح رخ ۾ نہ هلنديون هيون، ۽ مون کي ڪافي پيڙا مان گذرڻو پوندو هو. پر هاڻي ائين نہ ٿو ٿئي.
    عمر جي واڌ جو لکڻ تي ڪيترو اثر پوي ٿو؟
    اهو پڌرو آهي. اوهان پهريان خوبصورت شهزادين متعلق لکڻ شروع ڪندا آهيو، پوءِ اوهان گهرڌياڻن متعلق لکندا آهيو، ان کان پوءِ ٻار ۽ آخر ۾ پوڙهين عورتون اوهان جي لکڻين ۾ وارد ٿينديون آهن. اهو قصو ائين هلي ٿو، ۽ اوهان ان کي تبديل نٿا ڪريو. اوهان جو حالتن جو تصور يا ادراڪ بدلجي ٿو.
    تو جنهن نموني گهرڌياڻي ٿي ڪري لکڻين ۽ گهرداري کي ملائي رکيو، ان حوالي سان ٻين عورت ليکڪن لاءِ تون اهم رهي آهين يا نه؟
    مونکي ان جي خبر ڪانهي. پر اميد تہ آئون انهن لاءِ اهم هونديس. جڏهن آئون جواني ۾ ٻين عورت ليکڪائن سان مليس، تڏهن اهو مون لاءِ همٿائيندر عمل هو. پر آئون ٻين لاءِ اهم آهيان، مون کي خبر ڪانهي. آئون سمهجان ٿي تہ هاڻي عورتن لاءِ اهو ممڪن آهي، کڻي آسان نہ هجي، تہ اهي گهر جي ڪم ڪار کان وڌيڪ اهم ڪم خاص ڪري مردن وانگر سنجيده ٿي لکي سگهن ٿيون.
    اوهان جي لکڻين جو پڙهندڙن، خاص ڪري عورتن تي ڪيترو اثر پوي ٿو؟
    بلڪل آئون گهران ٿي تہ منهنجون لکڻيون ماڻهڻ ۾ هلچل پيدا ڪن، باقي مون کي اها اون نہ آهي، تہ اهي ٻار آهن، مرد آهن يا عورتون. آئون چاهيان ٿي منهنجون ڪهاڻيون زندگي متعلق هجن، ۽ ماڻهو ان کي ڪوڙ نہ سمجهن، پر انهن مان فائدو حاصل ڪن، اهي لکڻيون ضروري نہ آهي تہ خوشين ڀري پڄاڻي تي مبني هجن، پر پڙهڻ کاڻ پوءِ ماڻهو پاڻ کي مختلف شخص سمجهڻ لڳي.
    پاڻ کي ڇا ٿي سمجهين؟ اهو اظهار ڪيتري قدر اهم آهي؟
    آئون ٻهراڙي ۾ وڌيس ۽ ويجهيس، انهن ماڻهن ۾ وڏي ٿيس جيڪي عام طور اسڪاچ آئرش هئا ۽ ان وقت پاڻ کي سياڻو سمجهڻ کي معيوب ٿي سمجهيو ويو. مقبول تصور اهو هو تہ چيو ويندو هو تہ ”ڇا تون پاڻ کي هوشيار ٿو ڀانئين؟“ لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول ٿيڻ واري کي اهو شخص ٿي سمجهيو ويو، جنهن پاڻ کي سياڻو ٿي ڀانيو. انڪري ڪجهه عرصي لاءِ آئون عجيب ۽ نيار شخصيت طور ڄاتي ٿي ويس.
    ڇا تون شروعاتي فيمينسٽ هُئينءَ؟
    مون کي ان لفظ فيمنزم جي ڄاڻ نہ هئي، پر يقيني طور آئون فيمينسٽ هيس، ڇو تہ آئون ڪنئاڊا جي ان علائقي ۾ رهندي هيس، جتي عورتون مردن جي ڀيٽ ۾ آساني سان لکي سگهنديون هيون. وڏا يا اهم لکيڪ کڻي مرد هئا، پر عورتن جون ڪهاڻيون لکڻ ايترو گهٽتائي وارو نہ هو، جيترو اهو تہ ڪو مرد ڪهاڻيون لکي ڇو تہ اهو مردن جو ڌنڌو نہ ٿي سمجهيو ويو. اهو منهنجي جواني واري وقت ۾ هو، هاڻي اهڙي صورتحال ڪانهي.
    جيڪر يونيورسٽي ۾ تعليم مڪمل ڪرين ها، تہ ان ڪري تنهنجي لکڻين ۾ ڪا تبديلي اچي ها؟
    ممڪن آهي تہ مون وڌيڪ چوڪس ٿيڻو پوي ها، پنهنجي ليکڪ هئڻ تي ڊپ ٿئي ها، ڇوتہ جيئن مون کي پتو پيو تہ ماڻهن ڇا ڪيو آهي، تہ آئون فطري طرح هيسجي ٿي ويس. آئون شايد اهو ڀانيان ها تہ آئون اهو ڪجهه نٿي ڪري سگهان، پر آئون نٿي سمجهان تہ ائين ٿئي ها، پر مون لکڻ پئي گهريو، ايترو جو آئون اڳتي وڌي وڃان، سو آئون لکندي رهيس.
    ڇا لکڻ تولاءِ تحفو هيو، جيڪو ڏنو ويو؟
    آئون نٿي سمجهان تہ ماڻهو ائين ڀائيندا هجن، پر مون ڪڏهن بہ ان کي تحفو نٿي سمجهيو، مون رڳو اهو ٿي سمجهيو تہ جيڪر آئون سخت محنت ڪريان تہ اهو ڪم آئون ڪري سگهان ٿي. اگر اهو تحفو هو تہ ننڍڙي جل پري کان پوءِ اهو ايترو آسان تحفو نہ هو.
    ڪڏهن ڪا هٻڪ محسوس ٿي ۽ احساس ٿيو تہ تون سٺي ليکڪا نہ آهين؟
    هر وقت. هروقت. مون جيترو مواد مڪمل ڪيو يا اماڻيو، ان کان وڌ اڇلائي ڇڏيو، اهو منهنجي جواني واري زماني ۾ ٿيو. آئون جنهن نموني لکڻ گهرندي هيس، تنهن لاءِ ڪافي سکيا حاصل ڪري رهي هيس. بلڪل اهو آسان نہ هيو.
    تنهنجي نطڙ ۾ تولاءِ ماءُ ڇا هئي؟
    منهنجون امان متعلق سوچون ڪافي منجهيل هيون، ڇو تہ هو بيمار هئي، هني کي پارڪنس جي بيماري هئي. تنهنڪري هن کي ٻين جو محتاج رهڻو ٿي پيو. هن جو ڳالهائڻ اهڙو ڏکيو هوندو هو، جو سمجهه ۾ نہ ايندو هو، پر پوءِ بہ هو ماڻهن سان ميل جول کي پسند ڪندڙ عورت هئي، هو سماجي زندگي جو حصو ٿيڻ جي اڇا رکندي هئي. جيڪو سندس ڳالهائڻ جي ڪري ممڪن نہ هيو. مون کي سندس حالت پشيمان ڪري ڇڏيندي هئي. آئون ساڻس پيار ڪندي هيس، پر نٿي گهريم ان جي ذات جي ساي ۾ دٻجي وڃان. مون نٿي گهريو تہ هن جون چيل ڳالهيون آئون زماني ڏي ائين منتقل ڪريان، ڇو تہ پنهنجي والدين کي معذور سمجهڻ ڏکيو ٿي لڳو.
    هن ڪنهن طرح توکي اتساهيو؟
    آئون سمجهان ٿي شايد ان اتساهيو هجي، پر ان جو مون کي ڪو احساس نہ ٿيو. مون کي ياد نہ آهي تہ ڪهاڻي لکڻ کان واندي هوندي هيس. منهنجو مقصد آهي تہ اهي لکندي نہ هيس، پر امان کان سواءِ هر ماڻهو کي ٻڌائيندي هيس. پر حقيقت اها آهي تہ امان توڙي بابا پڙهاڪو هئا، ۽ هوءَ ڪنهنجي ليکڪ ٿيڻ سان جلدي سهمت ٿئي ها. هوءَ ان سرگرمي کي ساراه جوڳي سمجهي ها، پر منهنجي چوڌاري رهندڙ ماڻهو بيخبر هئا تہ آئون ليکڪ ٿيڻ جي آس وند هيس.، ڇو تہ مون انهن کي پتو پوڻ نہ ڏنو. انهن مان گهڻا تہ ان کي کلڻ هاب سمجهن ها. ڇو تہ منهنجي ڃاڻ سڃاڻ وارا اڪثر ماڻهو پڙهندا نہ هئا، پر زندگي کي عملي ڪري ڀائيندا هئا ۽ مون کي پنهنجي زندگي جي نطريي کي ان کان محفوظ رکڻو هو.
    عورت جي نقطي نظر کان ڪا سچي ڪهاڻي ٻڌائڻ دشوار رهيو؟
    نه. ڇو تہ مون کي پنهنجي عورت هئڻ پريشان نہ ڪيو. جيئن وڏي ٿيندي رهيس، مون ڏٺو تہ جيڪر ڪو پڙهندڙ هئو تہ اها عورت هئي، جيڪر ڪنهن کي تعليم ملي پئي تہ اها بہ اڪثر ڪري عورت هوندي هئي. مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن لاءِ لکڻ پڙهڻ جا موقعا وڌيڪ هئا، ڇو تہ مرد ٻني ٻاري ۽ ٻين متخلف ڌنڌن ۾ رڌل ٿي رهيا.
    تون پورهيت طبقي ۾ پيدا ٿيئن؟
    ها.
    ۽ اتان ئي تنهنجون ڪهاڻيون شروع ٿيون؟
    ها. مون ان کي پورهيت طبقي جو گهر نٿي سمجهيو، مون رڳو چوڌاري ٿي ڏٺو۽ ان متعلق لکيو ٿي.
    توکي اهو سٺو ٿو لڳي تہ شيڊيول موجب لکين، ٻارن جي سنڀال ڪرين ۽ ڊنر جي تياري ڪرين؟
    جتي بہ موقعو مليو مون لکيو. منهنجو پهريون مڙس لکڻ پڙهڻ کي ساراه جوڳو سمجهندو هو ۽ هو مون لاءِ مددگار هو. هن ائين نہ سمجهيو تہ عورتن کي لکڻ نہ گهرجي، جيئن ٻين مردن سمجهيو ٿي، جن سان مونکي پوءِ ملڻ جو موقعو مليو. ان چاهيو ٿي تہ آئون لکان، ۽ هو ان خواهش تي قائم رهيو.
    توهان ٻنهي لاءِ اهو ڪتاب گهر ڪيترو اهم هو، جڏهن اهو کوليو ويو؟
    اهو اسان جو گذر بسر هو. اهو اسان جي ڪل ملڪيت هو. اسان وٽ ڪمائي جو ڪو ٻيو ذريعو ڪونہ هو. پهرئين ڏينهن اسان 175 ڊالرن جو ڌنڌو ڪيو، جيڪو توهان جي خيال وڏي رقم هئي. پر اڳتي هلي اسان کي ڪافي عرصي بعد ايترو ڏنڌو ٿيو. آئون ڊيسڪ جي پويان ويهندي هيس، ماڻهن کي ڪتاب ڳولي ڏيڻ کان علاوه اسٽور جو ٻيو ڪم بہ ڪندي هيس. ماڻهو ايندا هئا ۽ ڪتابن متعلق گهڻو ڳالهائيندا هيا. اهو هڪ طرح ماڻهن جي ميل جول جي جاءِ هو، جتي جلدي ۾ کين خريداري نہ ڪرڻي هئي. خاص ڪري رات جو ائين ٿيندو هو، جڏهن ماڻهو ايندا هئا ۽ ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي. اهو ڏاڍو مزي وارو وقت هو. ان وقت تائين آئون رڳو گهر ڌياڻي هيس، سڄو وقت گهر ۾ هوندي هيس، پر آئون ليکڪا هيس، پر هي دنيا ۾ وارد ٿيڻ جو اهم موقعو هو. آئون سمهجان ٿي تہ اسان رقم نہ ٺاهي، ڇو تہ مون ڪتاب وڪرو ڪرڻ کان وڌيڪ ماڻهن سان گهڻو ٿي ڳالهايو. پر اهو منهنجي زندگي جو زبردست وقت هو.
    تون چاهين ٿي تہ جوان زائفائون تنهنجي ڪتابن مان اتساهجن ۽ لکڻ تي راغب ٿين؟
    آئون چاهيان ٿي تہ اهي پڙهڻ مان لطف اندوز ٿين، باقي هو ڇا ڪن، ان سان منهنجو سروڪار ڪونهي. منهنجي خواهش آهي تہ ماڻهو اتساهه کان وڌيڪ لطف ماڻين. اهو ئي آئون گهران ٿي. آئون چاهيان ٿي تہ ماڻهو منهنجي ڪتاب مان مزو ماڻين، ان کي پنهنجي زندگي سان واسطيدار ڪري سمجهن. اها ڪا وڏي طلب ڪانهي. آئون بهرحال سياسي شخصيت نہ آهيان.
    توهان ڪلچرل شخص آهيو؟
    شايد. مون کي ان جي معنيٰ جي پوري پڪ ڪانهي، پر آئون سمجهان ٿي تہ آئون آهيان.
    لڳي ٿو تہ اوهان شين جو آسان تصور رکو ٿيون؟
    ائين آهي؟ بلڪل.
    مون ڪٿي پڙهيو هو تہ اوهان لکيو آهي تہ شين کي آسان طريقي سمجهايو وڃي؟
    بلڪل. پر مون اهو ڪڏهن نہ سوچيو آهي تہ شين کي گهڻي آساني سان بيان ڪجي، اهو تہ منهنجو لکڻ جو ڍنگ آهي. آئون سمجهان ٿي تہ آئون فطري طرح، مواد کي بغير ڪنهن ڪوشش جي آسان بنائڻ جي، آسان نموني لکان ٿي.
    اوهان تي ڪي اهڙا وارا بہ آيا آهن، جو اوهان لکي نہ سگهيا هجو؟
    ها اهڙا وارا آيا آهن. سال کن اهڙو وقت آيو جو مون لکڻ ڇڏي ڏنو، پر اهو اهڙو فيصلو ڪونہ هيو، جيڪو لکڻ چاهجي پر لکي نہ سگهجي واري عمل سان سلهاڙيل هو. اهو هڪڙو اهڙو فيصلو هو، جنهن سان آئون پاڻ کي ٻي دنيا جهڙو ظاهر ڪرڻ ٿي گهريو. ڇو تہ جڏهن اوهان لکندا آهيو، تڏهن اوهان ڪجهه ڪندا آهو، جنهن جي ٻين ماڻهن کي خبر نہ پوندي آهي. ۽ اوهان ان متعلق ڳالهائي نہ سگهندا آهيو، اوهان عام دنيا ۾ ٻيو ڪجهه ڪرڻ بجاءِ مخفي دنيا ۾ پنهجو رستو پيا ڳوليندا آهيو. هاڻي آئون اهو ڪجهه ڪري ٿڪجي پئي آهيان، مون سڄي ڄمار ائين ڪيو آهي. جڏهن آئون ليکڪن سان گڏجندي آهيان، جيڪي وڌيڪ اڪيڊمڪ هئا، تڏهن آئون ٿورڙو منجهندي آهيان، ڇاڪاڻ تہ آئون ڄاڻان تہ آئون ائين نہ ٿي لکي سگهان، مون وٽ اها ڏات نہ آهي.
    منهنجو خيال آهي تہ ڪهاڻي ٻڌائڻ جو مختلف طريقو آهي؟
    ها، پر مون ڄاڻي سمجهي ان سلسلي ۾ ڪم نہ ڪيو آهي، پر آئون کان باخبر رهي آهيان. مون ان ڍنگ ۾ ڪم ڪيو، جنهن سان مون کي مزو ٿي مليو ۽ آساني ٿي لڳي، نڪي ڪنهن نظريي جي پويان لڳي ڪري ڪم ڪيم.
    توکي ڪڏهن لڳو تہ تون نوبل پرائيز حاصل ڪنديئن؟
    نہ نه. آئون عورت هيس. پر ڪن عورتن اهو حاصل ڪيو آهي. آئون ان اعليٰ اعزاز کي پيار ڪيا ٿي، پر آئون ان طرح نٿي سوچيان. ڇو تہ ليکڪ پنهنجي ڪاوشن کي گهٽ ڪري ڀائيندا آهن، خاص ڪري جڏهن اها عمل ۾ اچي ويندي آهي. اوهان ائين نٿا ڪري سگهو جو هتي هتي هرهڪ سان ملي اهو چوندا وتو تہ آئون ممڪن طور نوبل پرائيز حاصل ڪندس. اهو کيڪار جو عام طريقو ڪونهي.
    اڄ ڪلهه توهان پنهنجي پراڻن ڪتابن کي ٻيهر پڙهندا آهيو؟
    نه. نه. ائين ڪندس تہ پوءِ مون ۾ اجهل اڇا اتپن ٿيندي تہ هتي هتي تبديليون ڪريان ۽ ائين ڪن ڪتابن جي پراڻين ڪاپين ۾ ڪيو بہ اٿم. پر پوءِ مون کي احساس ٿيو تہ ان سان ڪو فائدو نہ ٿيندو.
    ڪا اهڙي ڳالهه جيڪا اوهان اسٽاڪهوم جي شهرين کي چوڻ گهرو؟
    بلڪل، آئون چوڻ ٿي گهران تہ هن اعزاز لاءِ آئون گهڻي شڪرگذار آهيان، مون کي هن کان وڌ ڪا ٻي شي ايترو خوش نہ بنائيندي، جيترو هن اعزاز ڪيو آهي.

    مهرباني


    رسڪن بانڊ کان ڏھہ سوال

    رسڪن بانڊ کان ڏھہ سوال

    شيلا ريڊي

    (انگريزي ۾ لکندڙ رسڪن بانڊ هندستان جو ناميارو ليکڪ آهي. هن ٻارن لاءِ سوين ڪهاڻيون ۽ ڪافي ناول لکيا آهن. تازو آئوٽ لڪ رسالي ۾ شيلا ريڊي کانئس انٽرويو ورتو هو، جنهنجو ترجمو پيش پريان آهي.)
    تازو اوهان جيڪو ننڍڙو رول فلم سات خون معاف ۾ ادا ڪيو آهي، ڇا اهو اوهان جي فلم ڪيريئر جي شروعات آهي؟
    يقينن نه. 77 سالن جي ڄمار ۾ آئون فلمن ۾ وڃڻ نٿو گهران. ٻي ڳالهه تہ ڪنهن مون کي ان لاءِ چيو بہ ڪونهي.
    توهان پورا سٺ سال بطور ليکڪ گهاريا آهن. ان عرصي اوهان ڪيترو سکيو آهي؟
    گهڻو ڪجھ. پر هاڻي بي صبرو بنجي ويو آهيان. پنهنجي ليک ۾ بعضي ئي ڪي تبديلون آڻيندو آهيان، نہ تہ اڪثر پهريون ڀيرو لکيل ڇپائيندو آهيان. ۽ منهنجو اسٽائيل بدليو نہ آهي.
    جڏهن توهان 17 سالن جي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو، تڏهن اوهان جا وڏا ارادا ۽ عزمAmbitions هئا. هاڻي ڇا ٿيو؟
    لکڻ جي شروعات ڪرڻ مهل ليکڪ کي پرعزم يا وڏ_ارادي Ambitious هئڻ گهرجي. پر وقت گذرڻ سان اهو تسليم ڪرڻو ئي پوي ٿو تہ هو ڪو اعليٰ لکاري ڪونهي. بس منهنجي لاءِ اهو ڪافي آهي تہ آئون لکڻ مان مزو ماڻيان ٿو.
    مرڻ کان اڳي ڪو طويل ڪتاب لکڻ جي اڇا نٿو رکو؟
    جيڪڏهن آئون وار ائنڊ پيس يا اي سوٽبل بئاءِ جهڙو ڊگهو ڪتاب لکڻ لڳندس تہ منهنجي حالت اگري ٿي پوندي. آئون جڏهن نينگر هوس تڏهن بہ مون کي ننڍي ڊوڙ وڻندي هئي. وڏي ڊوڙ مقابلي ۾ آئون ٿورو ڊوڙي غائب ٿي ويندو هوس.
    توهان مسوري ۾ رهيا پيا آهيو. وڏا شهر جيڪو ادبي تحرڪ ڏيندا آهن، تنهن جي توهانکي ڪا تانگهه نٿي رهي؟
    ننڍيون وستيون مون ۾ تجسس جاڳائينديون آهن. جڏهن بہ مون ڪنهن وڏي شهر ۾ ورسڻ جي ڪا ڪوشش ورتي آهي، تڏهن مونکي پهاڙين واپس پئي ورايو آهي.
    بحيثيت ليکڪ ڪڏهن پاڻ کي نراس ڀانيو آهي؟
    هائو ويهه ٽيهه سال اڳ مون پاڻ کي ائين سمجهيو هو، جڏهن مون کي ڀاسندو هو تہ منهنجي لکڻين کي سمجھندڙ توڙي ساراهيندڙ گهٽ آهن. پرهاڻي گذريل چند سالن ۾ منهنجي پڙهندڙن ۾ ڪافي واڌارو ٿيو آهي.
    توهان اڳي ئي 80 کن ڪتاب لکيا آهن. اڃا بہ ڪنهن ڪتاب تي ڪم ڪري رهيا آهيو؟
    آئون ڪهاڻين جي هڪ ڪتاب، ٻارن لاءِ ٻن ڪتابن ۽ ناول تي ڪم ڪري رهيو آهيان.
    توهان ڪڏهن بہ ڪو پوري ڊيگهه وارو ناول نہ لکيو آهي؟
    منهنجو پهريون ڪتاب، روم آن د روف Room on the Fire، ئي ڊگهيرڙو ڪتاب هو، جيڪو مون هيستائين لکيو آهي. هاڻي هڪ عدد لکڻ ۾ مشغول آهيان، ڏسجي تہ معاملو ڪيترو ٿو وڌي.
    توهان ڪرائيم فڪشن جا شوقين آهيو. ڪڏهن پاڻ اهڙو فڪشن لکڻ جو سوچيو آهي؟
    يقينن ڪرائم منهنجي ذهن ۾ رهيو آهي، پر آئون ان جي مزي واري رخ کي ڏسڻ جو خواهان آهيان.
    ڇا ڪڏهن ڪنهن قاتل سان ملڻ جو موقعو مليو؟
    آئون هڪ دلڪش شخص کي سڃاڻندو هوس، جيڪو اڳتي هلي قاتل نڪتو. ان مان مون اهو سبق پرايو تہ ماڻهو جي ٻاهرين ڏيک تي نہ وڃجي.


    مارگريٽ ائٽ ووڊ

    ڪئناڊا جي جنهن ليکڪا لاءِ ڪافي سالن کان آسرو پئي ڪيو ويو تہ جلد از جلد کيس نوبل ادبي انعام ملندو، سا ايلس منرو نہ پر مارگريٽ ائٽ ووڊ. آهي. ائٽ ووڊ، هڪ پاسي نوبل لاريٽ ايلس منرو جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نامور آهي، ۽ ٻئي پاسي هو هڪ ئي وقت شاعره، ناول نگار، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ تنقيدي مضمون جي خالق آهي، جڏهن تہ ايلس منرو جي شهرت جو حوالو صرف ڪهاڻيڪاره طور آهي.
    18 نومبر 1939 ڌاري اوٽاوا ۾ جنم وٺندڙ هن ليکڪا جي پرورش اتر آنتاريو، ڪيوبيڪ ۽ ٽورنٽو ۾ ٿي. ٽورٽنٽو يونيورسٽي جي وڪٽوريا ڪاليج مان بي اي ڪري، هن ريڊ ڪلف ڪاليج مان ماسٽرس جي ڊگري ورتي.
    چاليهن کان وڌيڪ ڪتابن جي ليکڪا مارگريٽ ائٽ ووڊ لکڻ جي شروعات شاعري سان ڪئي آهي، پر اڳتي هلي ڪري هن ناول، ٻارن جا ڪتاب، ڊراما ۽ تنقيدي مضمون لکيا آهن. هن جي وڌيڪ شهرت ناول نگار طور آهي. سندس پهريون ناول The Edible Women 1969 ۾ شايع ٿيو، جنهن جو اردو ترجمو فهميده رياض ڪيو آهي، جيڪو آج جي شماري 68 ۾ شايع ٿيو آهي. سندس گهڻو مشهور ناول The Handmaid’s Tale آهي. تازو ان ناول تي مبني هڪ ٽي وي سيريل بہ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو ڪافي مقبول ٿيو آهي. ياد رهي تہ مارگريٽ ائٽوڊ، جنهن کي ڪي نقاد ڊسٽوپيائي ادب جو پيغمبر سڏين ٿا، تنهن اهو ناول سال 1985 ۾ لکيو هو. انهيءَ ناول ۾ هن ويجهي مستقبل ۾ آمريڪا جو نقشو چٽيو هو. انهي منظرنامي موجب ان زماني ۾ آمريڪا جي حڪومت تي بنياد پرست عيسائين جو قبضو ٿيو آهي، جن انهن عورتن، جيڪي ٻار ڄڻي سگهن ٿيون، کي جنسي غلام ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ باقي ٻين عورتن جي حيثيت گهرو نوڪر جهڙي ٿي ويئي آهي.
    تازو آمريڪا ۾ ڊونالڊ ٽرمپ صدر ٿيو آهي، جنهنجي عورت دشمني ڪنهن کان لڪل ڪونهي، تنهنڪري هن اهڙا قدم کنيا آهن، جن سان عورت جي آزادگي کي ڇيهو رسيو آهي. ٽرمپ جي انهن قدمن کان پوءِ ۽ ان ناول تي ٺهيل ٽي وي سيريل جي ڪري ان ناول جي شهرت ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ ڪتاب وري وڌ وڪرو ٿيندڙ ڪتابن جي فهرست ۾ اچي ويو آهي.
    انهيءَ ناول جو مکيه ڪردار آفريڊ هڪ جنسي غلام بنيل عورت آهي، جيڪا هڪ ڪمانڊر جي قبضي ۾ آهي. ان جي گهرواري ٻار پيدا نٿي ڪري سگهي. تنهنڪري هو هر مهيني هن سان جنسي ميلاپ ڪري ٻار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ۽ ان عمل دوران هن جي گهرواري هن جي مدد ڪري ٿي.
    سال 2000 ۾ The Blind Assasin تي کيس بڪر پرائيز مليو هو. هن سال سندس نئون ناول MaddAddam شايع ٿيو آهي، جيڪو ٽي ڪتابي سلسلي جو آخري ڪتاب آهي. ان سلسلي جو جو پهريون ڪتاب Oryx and Cake 2003 ۾ شايع ٿيو، جيڪو مئن بڪر پرائيز جي ننڍي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو ۽ ٻيون ڪتاب 2009 ۾ The Year of Flood نالي سان شايع ٿيو.
    سندس شاعري جو جو آخري ڪتاب ڊ ڊور 2007 ۾ شايع ٿيو، جڏهن سندس پهريون ڪتاب سرڪل گيم 1964 ۾ شايع جيڪو شاعري جو مجموعو هو.
    سندس ناول MaddAddam تي اڪانامسٽ تبصرو ڪندي لکيو ھو تہ ٽي ڪتابي سلسلي جو آخري ناول اعتبار ۾ ايندڙ خراب يوٽوپيائي مستقبل واري وارتا تي مبني آهي. ذري گهٽ سڄي انسانذات جنسي جولان ڏيارڻ جي دعويٰ ڪندڙ گوري کائڻ جي ڪري نيست ٿي چڪي آهي. ائين رٿا تحت ٿيو آهي تہ جيئن انسانن جو نئون نسل پيدا ڪيو وڃي، جنهن ۾ هڪ پاسي تشدد ۽ شهوت ناپيد هوندا، تہ ٻي پاسي هو رڳو پن ۽ گاه کائي بک اجهائي سگهندو. اهي نوان انسان ڪجهه بچيل پراڻن انسانن سان گڏ رهيل آهن. انهن پراڻن انسانن ۾ ٽوبي نالي نيڪ عورت آهي، جيڪا ناول جي راوي آهي. تہ ٻئي پاسي پين بالرس جهڙا ڪٺور مجرم رهن ٿا، جيڪي اڃا بہ وڌيڪ تباهي جا خواهان آهن. پنهنجي پيشرو ڪتابن جيان هي ناول بہ هڪ پاسي ائڊونچر ڪهاڻي آهي تہ ٻئي پاسي انسان جي تباهي ۽ تخليق واري رجحانن تي فلسفيانہ رائي زني آهي. هي هڪ تصوراتي ڪتاب آهي. هن ناول جي خامي اها آهي تہ ڪتابي سلسلي جي پيشرو ڪتابن تي آڌاري ۽ ڳنڊيل آهي، پر اڪيلو نہ آهي، تنهنڪري پڙهندڙ کي هن ناول مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ اڳوڻن ناولن کي پڙهڻو پوندو.
    جڳ مشهور رسالي د پيرس رويو جي شماري 117 ( سيارو، 1990) ۾ سندس جيڪو انٽرويو شايع ٿيو هو، تنهن مان ڪجهه سوال جواب اختصار سان پيش ڪجن ٿا. هي انٽرويو مئري مورس ورتو هو. انٽرويو جي مهڙ ۾ ٻڌايل آهي تہ مارگريٽ ائٽ ووڊ جڏهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندي هئي، تڏهن شاعري شروع ڪئي ۽ سورهن سالن جي ڄمار ۾ هن لکڻ پڙهڻ کي پنهنجو ڪيريئر بنايو. کيس سندس ٻئي شاعري جي مجموعي تي گورنر جنرل جو انعام مليو. ان وقت کان هوءَ ڪئناڊا جي ادبي دنيا جي سگهاري شخصيت آهي.
    1972 ۾ سندس ڪتاب Survival: A Thematic Guide to Canadian Literature بحث ۽ تڪرار جو سبب بنيو، ڇو تہ ان ۾ هن دعويٰ ڪئي تہ ڪئناڊا جي ادب ۾ ملڪ جي پيش پوڻ ۽ پنهنجو سر بڄائڻ وارن رجحان جو اولڙو ملي ٿو، اهو رحجان هڪ پاسي پنهنجي سابقه ڪالوني آمريڪا جو زيردست ساٿي هجڻ ۽ ٻئي پاسي اهو ملڪ جنهن ۾ اڻ سڌاريل زمين جا وسيع ٽڪرا آهن، مان اتپن ٿيو آهي. ان ڪتاب کان پوءِ هوءِ ٽورنٽو، جتي هوءَ پبلشنگ هائوس انانسي ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪندڙ هئي، ڇڏي الستوڻ، آنٽاريو جي فارم ۾ اچي رهي، جتي ڪل وقت لکڻ ۾ مشغول ٿي.

    سوال: اوهان ڪم ڪيئن ٿا ڪريو؟ ٻڌائي سگهنديون تہ پهريون ڊرافٽ ڪيئن تيار ڪنديون آهيو؟
    جواب: آئون هٿ سان لکندي آهيان، گهڻو ڪري ان پني تي، جنهن تي حاشيا ڇڏيل هجن، لائينون گهريون ۽ انهن جي وڇ ۾ وڌيڪ وٿي هجي. ان پين سان لکڻ گهرندي آهيان، جيڪي پني تي تيزي سان هلي سگهي، ڇو تہ لکڻ جي تيز آهيان. اصل ۾ تيار ٿيل مسودو تڪڙ ۾ ٺاهي نہ سگهندي آهيان. جيتوڻيڪ آئون لکڻ ۾ تيز آهيان، پر تڪڙ ۾ غلطيون ٿيو وڃن، سو اهي مون کي ڊاهڻيون پئجيو وڃن. ان کان پوءِ ان مواد کي ٽائيپ ڪندي آهيان.

    سوال: ڇا اوهان وٽ لکڻ لاءِ ڏينهن، جگهه، يا وقت مقرر آهي؟ يا جتي آهيو، ان جي ڪري مسئلو ٿئي ٿو؟
    جواب : آئون صبح جو ڏهين کان چئين وڳي تائين لکندي آهيان، جڏهن منهنجو ٻار اسڪول مان ورندو آهي. ڪڏهن شام يا رات جو بہ ڪم ڪندي آهيان، جڏهن ڪنهن ناول تي تيزي سان ڪم ڪندڙ هوندي آهيان.
    سوال: اوهان ناول کي اول کان آخر تائين لکندي آهيو؟
    جواب: نه. منظر پاڻ پيدا ٿين ٿا. ڪڏهن اهي سڌائي ۾ هلن ٿا تہ ڪڏهن وري وچان واڙي. Surfacing ناول جا ٻه حصا مون پنج سال پهرئين لکيا، ۽ باقي ناول بعد ۾ لکيو.

    سوال :ڇا توهان ايڊيٽرن ساڻ لاڳاپجي لکندا آهيو؟
    جواب : جيئن تہ آئون پاڻ ايڊيٽر رهي آهيان، تنهنڪري پهرئين آئون پاڻ لکيل مواد جي ايڊيٽنگ ڪندي آهيان. ماڻهن کي مواد ڏيکارڻ کان اڳ آئون ان مواد کي ورائي ورائي پئي لکندي آهيان. آئون چاهيندي آهيان تہ جڏهن ڪو ان کي ڏسي تہ اهو تقريبن مڪمل هجي. بهرحال ان مواد ۾ بہ وري ننڍيون ننڍيون غلطيون، خاص ڪري بيهڪ جي نشانين يا لفظن جي ورجاءَ جون، هونديون آهن. تن کي ايڊيٽرن جي مدد سان سڌاربو آهي.

    سوال :مون محسوس ڪيو آهي تہ اوهان جي ويچار ڌارا ۾ پئسي جي اهميت آهي. ڇا هر وقت شين کي اقتصادي تناظر ۾ ڏسنديون آهيو؟
    جواب: جڏهن اوهان غريب هوندا آهيو تہ اوهان ائين ڪندائو. آئون بہ ڪنهن مرحلي تي غربت جو شڪار رهي آهيان. مهنجي غربت حقيقي غربت جهڙي ڪونہ هئي. اسان وڻڪار سان گهيريل ٻنين تي رهندا هئاسون، کاڌ پيت جون شيون اتي پوکيندا هئاسون. ٻيو تہ آئون جلدي ئي خود مختيار بنجي ويس. ننڍي لاڪون ئي مون کي باور ڪرايو ويو هيو تہ مون کي پاڻ تي ڀاڙڻو آهي. مون گهڻو اڳ ئي بينڪ اڪائونٽ کوليو هو ۽ ان کي استعمال ڪرڻ سکي ورتو هو. مون کي مالي طور آزاد هئڻ سيکاريو ويو هو. عورتن جي زندگي ۾ پئسي جي ڪافي اهميت آهي، ڇو تہ اها اوهان جي ويچار ڌارا تي اثر اندار ٿئي ٿي...
    ***

    سال 2019 ۾ سندس تازو ناول The Testaments ڇپيو، جيڪو سندس اڳو ڻي ناولThe Handmaid’s Tale جو ٻيون حصو Sequel آھي. ان کي 2019ع جو گڏيل بڪر اوارڊ حاصل ٿيو آھي.


    وي ايس نائيپال

    وي ايس نائيپال

    (17 آگسٽ، 1932 – 11 آگسٽ، 2018)

    هن سال (2001) جو نوبيل انعام، هندستاني نزاد ليکڪ ودياڌر سورج پرساد نائپال کي ڏنو ويو آهي. پاڪستان توڙي هندستان جي مسلمان ادبي لڏي ۾سخت رد عمل ڏيکاريو ويو آهي. اڪثر مبصرن جو رايو آهي تـ نائيپال مغرب پرست ۽ اسلام دشمن ليکڪ آهي، انهيءَ حساب سان سندن چونڊ ادبي لحاظ کان گھٽ، پر عملي سياسي صورتحال جي مرهون منت آهي. اردو ادب کي انگريزي ۾ ترجمو ڪندڙ هڪ نامور ليکڪ، صحافي ۽ ڪالم نويس خالد حسين، نائيپال کي انعام ملڻ کان اڳ ۾ ئي، روزانـہ ڊان ۾ سومر ڏينهن ڇپجندڙ ڪالم “ Private view” ۾ کيس لتاڙيو هو. سنڌ جي هڪ گھڻ پڙهي، سابق صحافي ۽ هاڻو ڪو انگريزي ادب ۽ زبان جي استاد محترم منوج ڪمار جي چواڻي تـ نائيپال واقعي متعصب Biased آهي. منوج صاحب مون کي ٻڌايو تـ هن پال ٿوريو (جيڪو نائپال جو پڳ مٽ يار هو) جي ڪتاب ۾ پڙهيو آهي تـ پال ٿوريو کيس مضمون نويسي جي مقابلي ۾ جج بنايو هو. جج جي حيثيت ۾ هن پهريون ۽ ٻيو نمبر ڏيڻ تـ گوارا نہ ڪيا، البت جنهن کي هن ٽيون نمبر ڏنو، تنهن کي گھرائي قسم ورتائين تہ هو ٻيهر مضمون نہ لکندو.
    نائيپال جا وڏڙا 1880ع ڌاري انگريز جا مزدور بنجي ٽرنڊئڊ ۽ ٽبيگو پهتا. هئُ صاحب ٽرنڊئد ۾ 1932 ڌاري ڄائو هو. 1950ع ڌاري کيس وڌيڪ پڙهڻ لا۽ لنڊن ۾ سرڪاري اسڪالرشپ تي موڪليو ويو، ان بعد هُو اتي رهي پيو. 1954 کان وٺي هيستائين هن ڪيترائي ناول، سفرنامہ، ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا آهن. 1971 ۾ کيس “In a free state” (آزاد رياست ۾) نامي ڪتاب تي ڪامنويلٿ جو هڪ وڏو ۽ معتبر ادبي انعام بُڪراوارڊ ڏنو ويو. ان کان اڳ توڙي پو۽ کيس ٻيا بہ ادبي انعام ملندا رهيا آهن.
    79 يا اسي ڌاري هو ايران، پاڪستان، ملائيشيا، انڊونيشيا گھمڻ آيو ۽ واپسي تي هڪ سفرنامو “Among the believers – An Islamic Journey لکيائين. هن ڪتاب ۾ خاص طور ۽ اڳ ۾ ڏنل ڪتابن ۾ عام طور مسلمانن ۽ اسلام متعلق سندس راين جي آڌار کيس مسلمانن جو ويري سمجھيو وڃي ٿو.
    هندستان ۾ جديد تاريخ پڙهائيندڙ نامور مؤرخ پروفيسر مشيرالحسين لکيو آهي تہ سڀيتائن جي ٽڪراءُ وارو نظريو ڏيندڙ سيموئيل هنگٽن کان پهريائين نائيپال مغرب کي اهو باور ڪرايو هو تـ اسلام هڪ خطرو آهي. هن صاحب نائيپال جي مذڪورہ ڪتاب مان هڪ ٽڪرو ڏنو آهي، جنهن جو آزاد ترجمو هن ريت آهي:
    ”اسلام ايماني ۽ سياسي ڪاوڙ توڙي جوش کي جائز قرار ڏنو آهي. انهن مان هڪ ٻئي جي جاءِ والاري سگھي ٿو. ۽ ان کان وڌيڪ تـ مون کي هن سفر ۾ اهڙا بہ حساس ماڻهو گڏيا، جيڪي اهڙا اُڌما رٿي يا ويچاري سگھيا ٿي.“ پروفيسر مشير موجب اڄ بہ اهڙا ئي سندس ويچار آهن. هُو هندو شدت پسندي کي نہ صرف جائز پر معاملا-سڌار قوت بہ سمجهي ٿو.
    سنڌي پڙهندڙن لاءِ اها آگاهي دلچسپي جو سبب بنبي تہ مذڪورہ ڪتاب ۾ ڪافي باب سنڌ جي ذڪر سان ڀريل آهن. ماريندڙ تاريخ “killing history” نامي باب ۾ هن مراز قليج بيگ صاحب جي انگريزي ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب چچنامي جي مدد سان سنڌ تي عرب حڪمراني جو ورنن ڪيو آهي. انهيءَ باب ۾ هن هڪ جاءِ تي لکيو آهي تہ چچنامي ۾ ديبل ۾ قائم مندر مٿان جهولندڙ جهنڊن جو رنگ سائو ڄاڻايل آهي، پر جيئن تہ سائو رنگ اسلامي آهي، تنهن ڪري ٻارن لا۽ لکيل تاريخ جي نصابي ڪتاب ۾ ان کي بدلائي ڳاڙهو لکيو ويو آهي ....“ هو لکي ٿو تہ ”سيپٽمبر 1979ع ڌاري پاڪستان جي يوم دفاع جي موقعي تي پاڪستان جي هڪ اخبار پاڪستان ٽائمز ۾ هڪ طويل مضمون ڇپيو ويو آهي، جنهن ۾ محمد بن قاسم جي بطور جنگي ماهر جي حيثيت ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪيل آهي. اهو جائزو غيرجانبدار ۽ فوجي نوع جو ۽ ٻنهي ڌرين جي انصافي ڇيد تي مبني هو. پر ان مضمون تي ان وقت جي نيشنل ڪميشن آو هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچر جي عملدارن اعتراض واريو ۽ لکيو تـ جڏهن ڪنهن هيرو جو تصوير اڀاريو وڃي تہ مناسب اصطلاح ۽ لفظ استعماليا وڃن. ”ڪاهيندڙ“ ۽ ”بچاءُ ڪندڙ“ ”بي جگريءَ سان وڙهندڙ، پر پوئتي ويندڙ دشمن تي هلان ڪرڻ ۾ ڍر ڪندڙ هندستاني فوج“ جهڙا فقرا يا اصطلاح مضمون ۾ جا بجا پکڙيا پيا آهن. انکانپوءِ جيڪڏهن راجا ڏاهر سنڌوءَ جو بهادري سان بچاءُ ڪري ها ۽ بن قاسم کي اڪُري اچڻ کان روڪڻ ۾ ڪامياب ٿئي ها تہ برصغير جي تاريخ جو نقشو ئي اور هجي ها“ جهڙا غير متوازن بيان هن مقالي کي ناقص بنائين ٿا.“
    نائيپال پهنجي انهيءَ ڪتاب جي ڪجهـ بابن ۾ ڀنڀور، ڀٽ شاهـ، حيدرآباد ۽ آسپاس جي واهڻن جي سفر جومناسب احوال لکيو آهي.
    هن جي حوالي سان هڪ ٻي دلچسپ حقيقت اها بہ آهي تہ هن جي هاڻوڪي زال نـہ صرف مسلمان، پر پاڪستاني (. ناديہ نالي واري جنهن کي خالد حسين نادان ناديہ لکيو آهي). اها محترمہ سالن تائين فرنٽئير پوسٽ توڙي ڊان ۾ ڪالم ۽ مضمون لکندي رهي آهي. پال ٿوريو الزام هڻي ٿو تــ سندس ۽ نائپال وچ ۾ گھاريءَ جي ذميوار اها محترمہ ئي آهي. ٿوريو وڌيڪ الزام اهو هنيو آهي تہ هن نائپال سان شادي نوبيل انعام جي رقم جي لالچ ۾ ڪئي آهي.
    هڪ ليکڪا سمينہ چونرا موجب نائپال پنهجي لکڻين ۾ ايشيائي ۽ آفريقي عوام کي نفرتي نوع ۾ ورتائي ٿو. پنهنجي شروعاتي ۽ مشهور ناول “A House for Mr. Biswas” (1961) هن پنهنجي جنم ڀومي ٽرنڊئڊ جي تهذيبي ۽ روحاني بدحالي تي لکيو آهي. هڪ ٻئي ناول “A bend in the river” (1979) ۾ جنهن کي جوزف ڪانرڊ جي جڳ مشهور ناول “Heart of darkness” سان ڀيٽيو وڃي ٿو، هو ڪارن آفريقين تي ٺٺوليون ڪري ٿو. نائپال هڪ پاسي هندستان جي حوالي سان لکيل ڪتابن “India a wounded civilization”(1977) ۽ “A million Munities now” ۾ هو اتان جي مرڻينگ سڀيتا جا پارٿو ڪڍي تہ ٻئي پاسي Among the Believers (1981) ۽ Beyond the Belief (1988) نامي ڪتابن ۾ ايران، پاڪستان، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي مسلمان سماجن لا۽ ڪروڌ جو اظهار ڪري ٿو. ويندي سندس تازو شايع ٿيل آخري ناول Half a Life (2001) ۾ بــ غير مغربي ۽ غير جديد ماڻهن جو ذڪر ڪندي ساڳوئي ناروا لهجو اختياريو آهي.
    ***

    مٿيون مضمون 2001ع ۾ لکيو ويو ۽ ان کانپوءِ نائپال 18 سال جيئرو رهيو. ان عرصي ۾ سندس پنج وڌيڪ ڪتاب ٻہ فڪشن جا ۽ ٽي نان فڪشن جا شايع ٿيا. تازو ڪراچي رويو جي ٻئي شماري ۾ هن جي حوالي سان خصوصي گوشو هو. ان ۾ سندس انٽرويو، ڪتابن تي تبصرا، ۽ وليم ڊيلرمپل جو سندس تاريخي غلط بيانين تي آھي.


    هندستان جو چمڪندڙ ادبي ستارو ارون ڌتي راءِ Arundhati Roy

    هر سال يا ٻئي، عالمي ادبي منظر نامي تي ڪو اهڙو ليکڪ نروار ٿئي ٿو، جنهن جو تعلق برصغير خاص ڪري هندستان سان هوندو آهي. ڏه ٻار نهن سال اڳ سلمان رشدي پنهنجي ناول Midnight’s Children)) ســـان وڏو نالو ۽ پئسو ڪمايو پوءِ وري هڪ ٻئي ناول The Crow eater جي ليکڪا بپسي سڌاوا جو وارو آيو. چند سال اڳ وڪرم سيٺ جي طويل ناول Suitable Boy جي ڌوم متي. انهيءَ ڪتاب جي زبردست وڪري ثابت ڪيو تــ هن ملٽي ميڊيا ۽ CD-Rom واري دور ۾ بــ اڃا ماڻهو ڪتاب، سي بــ طويل پڙهڻ جو شوق رکن ٿا. هن ســـال (1997) عالمـــي ادبي منظر نامي تي جنهن ناول ۽ ان جي ليکڪ جو بول بالا آهي، سا آهي هندستان جي ڏکڻ، اولهـ واري رياست ڪيرالا جي رهواسڻ محترمــ ارون ڌتي جو. 24 نومبر 1961ع تي پيدا ٿيل ھن ليکڪا جو پهريون ناول A God of small things هن سال (1997) جي شروع ۾ ڇپيو آهي ۽ ان جو رڪارڊ وڪرو ٿي رهيو آهي. ليکڪا هن کان اڳ صرف ٻن ٽن فلمن جا اسڪرين پلي لکيا آهن، ۽ ھڪ اڌ ۾ اداڪاري بہ ڪئي آھي.
    هن ناول ۾ خانداني ناتن، ذات پات جي ورهاست ۽ سماجي حد بندين جو ورنن آهي. ناول جي ٻوليءَ کي تمام گھڻو ساراهيو پيو وڃي. ناول جي شروعات هڪ 9 سالــ نينگري صوفي مال جي تدفين سان ٿئي ٿي، جيڪا ٻڏي مُئي آهي. نينگر جي ٻن جاڙن سوءٽن ۽ انهن جي ماءُ کي ڏاڍي المناڪفوني انهيءَ موت جو ذميوار قرار ڏنو وڃي ٿو. انهيءَ سانحي جي ڪري ڇوڪرو ايسٿا ڳالهائڻ بند ڪريو ڇڏي، ۽ ڇوڪري راحيل احساسات کان عاري بنجو وڃي. نيوز ويڪ جي 23 جون 1998ع واري شماري ۾ ليکڪا جو انٽرويو شايع ڪيو ويو آهي. انٽرويو اليڪسز گيلبر Alexis Gelber ۽ وڀوتي پٽيل Vibhuti Patel ورتو آهي. هتي انٽرويو جو ترجمو پيش ڪجي ٿو تــ جيئن ان انٽرويو ذريعي هن اڀرندڙ ليکڪا کي سمجھي سگھي _ ]مترجم[
    انٽرويو:
    نيــوز ويڪ: ناول جي جنهن نموني پذيرائي ٿي آهي، اوهانکي ان جي ڪهڙي رخ حيران ڪيو آهي؟
    راءِ: سڄي پذيرائي ئي اچرج جوڳي آهي. سڀ کان وڌيڪ حيران ڪندڙ امر اهو آهي تــ هڪ اڄاتل شخص ڪنهن اهڙي جڳهـ متعلق لکي، جا ڪافي ماڻهن نــ سُڻي هجي، پر پوءِ بــ اهڙا ذريعا موجود آهن، جنهن وسيلي هي ڪتاب اهو سفر ڪري سگھيو آهي. منهنجو مقصد آئون ڪا آرنولڊ شيوارنگرڊ (هالي ووڊ جي مار ڌاڙ ۽ ٿرلر فلمن جو مقبول هيرو) نــ آهيان.
    ن.و: تون نــ صرف آرڪيٽيڪٽ آهين پر فلمون بــ ٺاهي چڪي آهين، آخر ڪهڙي ڳالهــ اهو ناول لکرايو؟
    راءِ: مون آرڪيٽيڪچر پڙهيو ضرور آهي پر گھر ڪونــ ٺاهيا آهن. فلمن واري شعبي واقعي منهنجي صلاحيتن کي واڌيو ويجھايو آهي، پر فلمن ۾ ڪم ڪرڻ هڪ وڏو صبر آزما تجربو آهي. ماڻهو کي ڪيمرا مئنن، اداڪارن ۽ پرڊيوسرن سان وڏي مٿا ماري ڪرڻي ٿي پوي. آئون تــ هيڪلو رهڻ ۽ مڪمل ظابطو رکڻ جي اڇا ٿي اکان، جيڪا ڳالهــ فلمي ماحول ۾ ميسر نــ هئي . هن ڪتاب کي پنهنجي منشا موجب لکڻ جو مرحلو ساڍا چار سال هليو آهي. پوءِ بــ اهو مڪمل طرح منهنجو آهي.
    ن.و: ڇا ٻين ليکڪن بــ متاثر ڪيو اٿو؟
    راءِ: ماڻهو اهو ڄاڻڻ لاءِ تــ هن ڪتاب جو پس منظر ڇا آهي؟ ڪافي هٿواڻيون پيا هڻن. مونکي هي ڪهاڻي اُڻندي جنهن شيءِ متاثر ڪيو آهي، اُها آهي ڪلاسيڪل ناچ ڪٿا ڪلي _ اهو ناچ ڪيرالا جي مندرن ۾ منعقد ڪيو ويندو آهي. هندستاني انهن قصن ۽ ڪهاڻين ساڻ وڌن ٿا، جيڪي زباني روايت وسيلي انهن کي منتقل ڪيون وڃن ٿيون ۽ اهي ڪتابن ۾ موجود نــ هونديون آهن. عام طور ڪتاب مان اهو معلوم ٿيندو آهي تــ هيءُ آڳو آهي ۽ هي پڇاڙي آهي. منهنجي ڪتاب جو قصو ئي اور آهي. ڪتاب جي مهڙ ۾ اختتام ڏنل آهي، هيءَ گولائي نوع جو قصو آهي جيڪو اوهانجي چوڦير موجود آهي.
    ن.و: ڇا ڪتاب جي ڍانچي تي اوهانجي آرڪيٽيڪٽ هئڻ وارو پس منظر اثر انداز ٿيو آهي؟
    راءَ: جي ها، مڪمل طرح. منهنجو ڪتاب آرڪيٽيڪچر جو هڪ نمونو آهي، ان کي واضح ڪرڻ جو هڪ ئي طريقو اهو آهي تــ ان کي ڪنهن عمارت جي تهن ۾ ڊزائن تيار ڪرڻ سان ڀيٽجي. شروع ۾ مون رٽ صرف هڪ تصور ذهن ۾ موجود هو ۽ پوءِ مون تصور مان ڪهاڻيءَ کي ڦهلايو آهي.
    ن.و: ڇا ڪنهن ان کي فلم بنائڻ جي آڇ ڪئي آهي؟
    راءِ: هائو، پر ائين ڪرڻ تي منهنجي دل نٿي چئي. اصل ۾ ڪتاب ۾ جنهن نموني اونداهين، ادراڪ ۽ اندروني احوال کي چٽيو ويو آهي، تهڙي نموني فلم ۾ ڏيکارڻ ممڪن ڪونهي. سو ٺهندڙ فلم بي سري هوندي.
    ن.و: جيڪڏهن لکڻ ئي اوهان لاءِ وڏي شيءِ هو تــ پوءِ اوهان آرڪيٽيڪچر ڇا لاءِ پڙهيو؟
    راءِ: عملي ضرورت تحت ائين ڪرڻو پئجي ويو. نتي آئون نپجي آهيان، اُها جاءِ مون لاءِ دهشتناڪ هئي ۽ مون اُتان جلد از جلد فرار ٿيڻ پئي گھريو. مون کي اقتصادي طرح آزاد ٿيڻو هو، ڇو تــ انهيءَ سان ئي هندستاني عورت پنهنجي انفراديت قائم رکي ٿي سگھي. سو جنهن ڳالهــ جي مون وٽ اهميت هئي، سا هئي تــ ڪيئن بــ ڪري آئون پنهنجي ڪهاڻي واري ٿيان. انهيءَ لاءِ ضروري هو تــ آئون ڪو پروفيشنل ڪورس ڪريان. آئون ڊرائنگ ۾ تــ پڙهيس پر حسابن ۾ ڪچي هيس، ياد رهي تــ ڪاليج جي ٻئي سال دوران ئي مون کي گھر ڇڏڻو پيو.
    ن.و: چيو وڃي ٿو تــ توهان غير روايتي زندگي گذاري آهي؟
    راءِ: منهنجي نظر ۾ فيمينسٽ(Feminist) اها عورت آهي جيڪا سماج ۾ پنهنجي حيثيت متعين ڪرڻ لاءِ ڳالهــ ٻولهــ ڪري سگھي ۽ پنهنجي ليکي فيصلا ڪري سگھي ۽ انهن لاءِ هوءَ پاڻ ئي ذميوار هجي. ٻين لفظن ۾ جڏهن ڪنهن کي جنسي طرح راست باز نــ سمجھيو وڃي ڇو تــ جڏهن مائٽن جي مرضيءَ سان شاري نــ ڪئي هجي ۽ مڙس جي مار پيل هجي، تڏهن بغاوت جو جذبو پيدا ٿئي ٿو.
    ن.و: ڇا عورتن لاءِ هاڻي هندستان ۾ حالتون بدلجي رهيون آهن ڪي نــ؟
    راءِ: هائو. پر هندستان ۾ شيون مختلف سطحن تي مختلف نموني عمل ۾ اچن ٿيون. ڪن سطحن ۾ اهي بدليون آهن تــ ڪن جاين تي حالتون اهي ئي ساڳيون آهن. تازو شاديءَ جي حوالي سان هڪ سروي ڪرايو ويو. جنهن مان هڪ نتيجو اهو اخذ ڪيو ويو آهي تــ 9 سيڪڙو مرد پنهنجي شاديءَ مان خوش هئا پر 9 سيڪڙو عورتون اُرهيون هيون. مرد کي جيڪا شي مطمئن بنائي ٿي. سا وري مون کي ايذائي ٿي.
    ن.و: هندستان هن سال پنهنجو 5 هون جنم ڏينهن ملهائي رهيو آهي. تهذيبي طرح ملڪ کي ڪٿي ٿيون ڀانئيو؟
    راءِ: اسان انهيءَ جنم ڏڻ ۾ خاص اعتبار نــ ٿا رکون. هندستان هڪ قديم ملڪ آهي. اهو انگريزن جي والار کان بــ اڳ قرعــ ارض تي موجود هو. بهرحال زخم ڀرجڻ ۾ وقت تــ لڳندو آهي ۽ اهو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي. مون وارو ڪتاب اڄ کان 3 سال اڳ لکڻ ممڪن نــ هو. پر هاڻي اهو ممڪن ٿيو آهي.
    ن.و: ائين ڇو ٿيو آهي؟
    راءِ: جڏهن اوهان غير ملڪي تسلط هيٺ هڪ عرصو گذاريندا آهيو ۽ جڏهن اها سامرا جي طاقت اوهان کي آزاد ڪندي آهي تــ ان اسمي اوهان جو ڪلچر ڪافي ڀڃ ڊاهــ جو شڪار هوندو آهي. اوهان عزت نفس جي جذبن کان عاري هوندا آهيو ۽ تنقيد تي پيا ٽهندا آهيون. هڻي اسان ڪافي پراعتماد ۽ پر اميد آهيون. منهنجو ڪتاب ڪافي حد تائين تنقيدي ڪتاب آهي، سو سخت رد عمل جو سبب نــ بنيو آهي، جيڪو هوند 1 سال اڳ پيدا ٿئي ها.
    ن.و: هندستان ۾ ڪهڙو رد عمل ٿيو آهي؟
    راءِ: ڪافي منجھيل نوع جو آهي. پر اٺن هفتن ۾ ڪتاب جا پنج ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن.
    ن.و: ڇا ٻيو ناول لکڻ جو ارادو آهي؟
    راءِ: مون کي ڪائي خبر نــ آهي تــ آئون مستقبل ۾ ڇا ٿي ڪرڻ گھران. اڳ ۾ معلوم نــ هئم ۽ نـــ ئي معلوم ڪرڻ جي خواهشمند آهيان.
    ***

    ارون ڌتي راءِ جي عالمي پذيرائي سندس پھرئين مذڪورہ ناول جي حاصل ٿي. کيس ان ناول تي مئن بڪر پرائيز حاصل ٿيو. پر ان کان پوءِ ھو سالن تائين فڪشن کان پاسيري ۽ سياسي سماجي موضوعن تي لکندي رھي، تنھن ڪري ھن جي ھاڻي وڌيڪ سڃاڻپ ھڪ ناول نگار جي بجاءِ ھڪ عوامي دانشور طور آھي. ھن 18 کن نان فڪشن جا ڪتاب لکيا آھن. پر تازو 2017ع ۾ سندس ٻيون ناول شايع ٿيو آھي، جنھجو گذريل سال سنڌي ترجمو روشني وارن شايع ڪيو آھي. ياد رھي تہ نہ صرف سندس پھرئين ناول جو پر سندس ٻين غير ادبي ڪتابن جا بہ سنڌي ۾ ترجما ٿيا آھن.


    آسڪر وائيلڊ

    آسڪر وائيلڊ (16 October 1854 – 30 November 1900)

    ڪيون جئڪسن

    هڪ سو سال کن اڳ، 30 جون 1894ع تي، ڪئينسبريءَ جو هڪ وڏو امير ڪبير شخص، بنان ڪنهن اڳواٽ اطلاع ڏيڻ جي، آسڪروائيلڊ جي گھر پهتو هو. ڊي پروفنڊس De Profundis جي صفحن ۾ ڦهليل ڪربناڪ پوئتي نگاه سان انهيءَ واقعي کي ياد ڪندي وائيلڊ پنهنجي محبوب الفريڊ ڊگلس کان پڇيو تـ کيس اهو ياد آهي تہ ڪيئن نہ سندس پيءَ وائيلڊ جي گھر ۾ پنهنجي ڪنهن غنڊي يا دوست ساڻ اچي، اسانجي وچ ۾ بيهي، پنھنجيون ننڍڙيون ٻانهون جنوني انداز ۾ هوائن ۾ ڦهلائيندي، جيڪو آيس ٿي، ويو ٿي بڪندو ۽ دهشتناڪ ڌمڪيون ڏيندو - جن تي پوءِ هو زهريلي نموني عمل بہ ڪندو رهيو.
    پنهنجي نسل جي ٻين جماليات پرستن وانگر آسڪر وائيلڊ بہ ڪوشش ڪئي تہ هو زندگيءَ کي ڪنهن فنپاري جيان گھاري - هُن پنهنجي ڪٺي ڪيل سفيد ۽ نيري چيني سامان جيان اجرو ۽ وڻندڙ رهڻ جو اظهار ڪيو هو، پر هو مستقبل کي پرکي نہ سگھيو: هن جي زندگي، جنهن گھاڙيٽي جي شڪل ورتي، سو نڪي سجاوٽي، نڪو معمولي، پر المياتي هو. هاڻي تہ سندس زندگيءَ جو پلاٽ لوڪ ادب جو حصو ٿي ويو آهي. ڪئينسبريءَ جي مذڪورہ امير جو وائيلڊ جي گھر اچڻ وائيلڊ جي لاءِ هڪ سانحو بنجي ويو. انهئ کان پوءِ وائيلڊ جي فن جو روشن ستارو، ڀڄي ڀري اچي زمين دوز ٿيو.
    جيتوڻيڪ پوين سالن ۾ هن جي همت ۽ فياضي مثالي هئي، ۽ سندس هوش بہ ٺڪاڻي تي رهيو، مگر پوءِ بہ سندس قيد، جلاوطني وارو زمانو ڄڻ سندس موت کان پوءِ وارو وجود ٿو ڀاسي. هن جي زندگي جي انتها بہ ڪنهن دهشتناڪ فلم جيان ٿي. اُها 30 نومبر 1900ع جي تاريخ هئي، هن جي سڄيل لاش مان هنڌان بدبودار پاڻي نڪري رهيو هو. ائين وڪٽورين صديءَ ساڻ، وائيلڊ جي بـ پڄاڻي ٿي.
    نئين سر معلوم ڪيل سندس ورثي ۾ هڪ چوڻي اها آهي تـ ”اهو کوکلو ماڻهو هوندو آهي، جيڪو ظاهري بيهڪ کي ليکي ۾ نٿو آڻي. دنيا جو راز پڌرو آهي، لڪيل ڪونهي.“ جيتوڻيڪ اهو سبق ڪن ڄاڻو نقادن (جيڪي ننڍي ننڍي پهلوءَ کي بہ ذهن ۾ رکندا آهن) قبوليو ۽ هنڊايو آهي، پر وري بہ محدود آهي. جڏهن 20 صديءَ جي شروعات ٿي، تڏهن هن جي ساک جو ظاهري روپ هڪ غمگين ۽ ڪنڊائتي شخص جهڙو هو، جنهن کي نہ صرف ڌڪاريو ٿي ويو، پر وسارڻ جي بہ ڪوشش ڪئي وئي ۽ اڄ جڏهن اها صدي آخري پساهن ۾ آهي، تڏهن وائيلڊ هڪ نئين روپ ۾ نروار ٿي رهيو آهي.
    ڪيترائي شخص هن جي حوالي سان ڪم ۾ رنڀيل آهن. ڊيوڊ هيئر، وائيلڊ جي زندگيءَ تي مائيڪ نڪولس جي فلم لاءِ اسڪرين پلي لکي رهيو آهي. انهيءَ فلم ۾ آسڪر جو ڪردار ليئم نيسان ۽ بوسي جو ڪردار هڪ گرانٽ ادا ڪندا. دي ٻڌا آف سبوربيا واري حنيف قريشي ۽ روئر مچل تي مشتمل ٽيم پڪچر آف ڊورين گري تي ڪم پئي ڪري. پروفيسر ٽيري ايگلٽن، فيلڊ ڊي ڪمپني لاءِ هڪ ڊراموسينٽ آسڪر جي نالي سان لکيو آهي. هن ڊرامي ۾ ايگلٽن آسڪر جي شروعاتي سوشلسٽ تحريڪ ۾ اڻ چٽي حصيداريءَ تي وڌيڪ زور وڌو آهي. پيٽرائڪرئاڊ جو ناول دي لاسٽ ٽيسٽامنٽ آف آسڪر ۽ آنجهاني رچرڊايلمئن جي لکيل آسڪر جي جيون ڪٿا آسڪروائيلڊ تمام گھڻو کپندڙ ڪتاب رهيا آهن. موريسي سمٿن جي چاهيندڙن کي آسڪر جي پويان اهڙو تہ لاتو آهي، جو اڄ پرلئڪائيز جي ايپسٽين يادگار جي ڀتين تي ايتريون ئي لکڻيون آهن، جيتريون جم مورسين جي مقبري تي نظر اچن ٿيون.
    اهو انوکو ۽ تڪڙو ڦهلاءُ آهي. اهو انهيءَ ڪري بہ آهي، جو جن ڪروڌي انگريزن هن کي نقصان رسايو، تن جو اولاد هن کي وچٿرن دانشورانہ ڪلاڪس ۾ شماري ٿو. آنٽي ايڊنا سان خوشگوار شام گھارڻ لاءِ اوهان مقامي نمائندي جي پراڊڪشن ”امپارٽنس آف بينگ ارنيسٽ“ تي ڀاڙي سگھو ٿا. توهان هن کي يا تـ سرجان بيٽجيمئن جا نظم، هن جي ڪئڊوگان هوٽل ۾ گرفتاري متعلق پڙهي ٻڌائي سگھو ٿا، يا هن کي ٽرائيل (عدالتي ڪاروائي) متعلق وڊيو ڏيکاري سگھو ٿا، جن ۾ پيٽرفنچ يا رابرٽ مورلي اداڪاري ڪئي آهي.
    ليکڪ، ڊائريڪٽر ۽ اداڪار نيل بارٽليٽ (جنهن ٻن فنپارن سان گڏ، پڪچر آف ڊورين گوري کي حالتن پٽاندڙ لکي اسٽيج تي آندو آهي) جو خيال آهي تـہ وائيلڊ جي ڪاميابيءَ جو راز يا اُن جي وڏي چال اها آهي تہ هُو هر هڪ کي ڪجھ نـ ڪجھ آڇي سگھي ٿو. جڏهن ليڊي برئڪنيل فرينچ انقلاب جي درد ناڪ زيادتين جو ذڪر ڪري ٿي، تڏهن اهو ذڪر نہ صرف دلچسپ ٿي سگھي ٿو، پر ايتري دلچسپيءَ جي ڪري خطري جو باعث بڻجي سگھي ٿو. هڪ ٻئي نقاد ايڪر بينٽلي هڪ ڀيري چيو هو تـ جنهن شيءِ جي وائيلڊ جي لکيتن ۾ کوٽ آهي، سا آهي امٽ ڌڪار جي.
    اُن فطري اصول تہ هم جنس پرست(Gay) کي اولاد نہ ٿيندو آهي، جو ڄڻ انحراف ڪندي، آسڪر نہ صرف حياتياتي اولاد ڇڏيو، پر نئين نسل جا پٽ، پوٽا، ڀائيٽيا بہ ڇڏيا آهن. انهن مان ڪي اڄ پنهنجن قميصن ۽ بيجن تي آسڪر جو فوٽو سجايو ڦرندا وتن. 1988ع ڌاري ڇپيل “Who was that man” نامي ڪتاب (جيڪو آسڪر کي هڪ انوکي ڀيٽا آهي) ۾ بارٽنيٽ لکيو آهي ”تہ آسڪر متعلق هڪ نئون عقيدو مروج ٿي رهيو آهي، اهو آهي هن جي هم جنس پرستيءَ جي مک اڳواڻ ۽ شهيد هئڻ جو. اهو عقيدو ايترو تہ ٻل وٺي ويو آهي، جو اُن جا حامي وائيلڊ جي سماجي استحصال پڻي متعلق ڪنهن اگري سوال جي اجازت نـ ڏيندا. هم جنس پرستن ۾ موجود انهيءَ عقيدي تي وائيلڊ جي لکيتن جي لڪل معنيٰ ذريعي پاڻ کي ڄاڻي ۽ آزاد ڪري سگهجي ٿو، کي ڪو اگر غلط قرار ڏئي تہ اهو عمل انهن لاءِ برداشت ڪرڻ جھڙو نـ هوندو.
    انهيءَ هوندي بہ، بارٽليٽ جي خيال ۾، وائيلڊ تي اهڙيءَ طرح ٺٺول ۽ حملو ڪرڻ ٺيڪ نہ آهي، ڇو تہ وائيلڊ هر ان شخص جي سهائتا ۽ آزادگيءَ ۾ رهنمائي ڪري سگھي ٿو، جيڪو کيس سنجيدگيءَ سان ۽ بي تعصب ٿي ڪري پڙهي سگھي. سوسان سونتانگ (پوئين دور جو هڪ وائيلڊين) ۽ رولينڊ بارٿس (هڪ طرح جو پوئين دور وارو وائيلڊين) انهئ راءِ جا آهن تـ آسڪر انهي قسم جو ليکڪ آهي، جيڪو جماليات پرستي کي سٺو نالو ڏياري ٿو. رچرڊ ايلمئن پاران آسڪر جي لکيل جيون ڪٿا واري ڪتاب جي آخر ۾ ڏنل هيٺيون ٽڪرو وائيلڊ لاءِ هڪ بهترين ڪتبو آهي، يا اڃان بہ ائين چئجي تہ هن جي نئين سر اڀريل اهميت متعلق رحمدلانہ فيصلو آهي.
    ”اسين وائيلڊ جي انهيءَ جدوجهد جا وارث آهيون، جنهن تحت اسان کي آرٽ ۾ اعليٰ قدر حاصل ڪرڻا آهن، آرٽ کي سماجي تبديليءَ سان جوڙڻو آهي، انفراديت ۽ سماجي تحريڪ کي پاڻ ۾ ڳنڍڻو آهي، جيڪي ڪجھ غير معمولي ۽ منفرد آهي، ان کي معمولي ٿيڻ ۽ وڳوڙ جو شڪار ٿيڻ کان بچائڻو آهي، ڪٺور اخلاقيات جي جاءِ تي رحمدلانہ اخلاقيات مروج ڪرائڻي آهي، آسڪر وڪٽورين دور کان وڌيڪ اسانجي دور جو حصو آهي. اسڪينڊلن کان دور، وقت جي پرک ۾ پوريون لهندڙ لکتن جو هي خالق اڄ اسان آڏو هڪ قداور شخصيت طور کلندڙ ۽ روئيندڙ، اخلاقي قصن ۽ تڪراري لکيتن سميت، تمام حليم، دلچسپ ۽ حقي شخص جيان آڏو اچي ٿو.“
    ***


    (ھن صاحب جون ٻارن واسطي قصا ڪھاڻيون لکيل آھن، جن کي فلمايو بہ ويو آھي. انھن مان ڪن مشھور ڪھاڻين کي گرداس واڌاڻي ۽ مون سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آھي)


    اليا اھرنبرگ جنهن گھڻو ڪجھ اڳواٽ ڀانپيو

    اليا اھرنبرگ جنهن گھڻو ڪجھ اڳواٽ ڀانپيو

    ائنا ڪچمينٽ

    روس جو يهودي ليکڪ اليا اهرنبرگ (Ilya Ehrenburg ) اڃا صغير ئي هو، تڏهن کيس جرمنن جي وقت جي پابندي جو تجربو حاصل ٿيو. هو ويھين صديءَ جي شروع ۾ جرمنيءَ ويو هو. کيس سندس ماءُ ٻڌايو ھو تہ جرمنيءَ ۾ ٽرينون پوري وقت تي اسٽيشن تي پهچنديون آهن. اليا اهر نبرگ جي سوانج تي مشتمل ڪتاب (Tangled loyalties: The life and time Ilya Ehrenburg ) جي ليکڪ جوشوئا ربينسٽين(Joshua Rubenstein) ڪتاب ۾ لکيو آهي تہ هن کي پ پنھنجي ماءُ جي ڳالهہ تي ويساهہ نہ آيو. ڇو تہ روس جون ريلوي اسٽيشنون بيحد غير منظم هيون. انهيءَ ڏهاڙي اهرنبرگ بار بار ماءُ جي واچ ۾ تڪيندو رهيو، ۽ جڏهن ٽرين پوري وقت تي متوقع اسٽيشن تي وارد ٿي تہ همراه دهشت ۾ وٺجي ويو ۽ دانهون ڪرڻ لڳو.
    اهرنبرگ، جيڪو پنهنجي پيڙهيءَ جي صحافين ۾ وڌيڪ جڳ پرسڌ ٿيو، وقت جي سياسي ۽ ڪلچرل صورتحال جي پس پرده حقيقتين Under Currents ) ) کي وقت کان اڳي ڀانپي وٺڻ جو سڄي عمر ماهر رهيو. 1921ع ڌاري لکيل هڪ سئٽريڪل satirical) ) ناول بنام The Extraordinary Adventures of Julio Jurenito and his disciples ) ) ۾ هن، جرمنيءَ اندر فاشزم جي اڀار، عظيم سانحي Holocaust, ) ) ۽ آمريڪا طرفان جپان تي ائٽم بم ڪيرائڻ جي پيشگوئي ڪئي. ناول جي اهم ڪردارن ۾ هڪ جرمن شاگرد ڪارل شمت Kart Schmidt ) ) آهي، جيڪو نہ رڳو انتهائي منظم ۽ سخت گير آهي، پر جرمن تشدد پسند قومپرستيءَ جو دلداہ بہ آهي. ربينسٽين جي لفظن ۾: ”هٽلر جي نمودار ٿيڻ کان گھڻو اڳي ئي، اهرنبرگ پنهنجي تصوارتي سگھ جي مدد سان نازي ڪردار تخليق ڪيو هو.“
    15سالن جي مسلسل تحقيق ۽ تازو عام آڏو پڌرو ڪيل سرڪاري موادن مان مستفيض ٿي لکيل هن سوانح ۾ اهرنبرگ جي زندگي ۽ ڪيريئر جي روايتي رخ کي للڪاريو ويو آهي. مغرب ۾ اهرنبرگ کي هڪ طرح جو سياسي موقعي پرست سمجھيو ٿي ويو، جيڪو پنهنجي نظرين ۾ ڦير ڦار ڪري ڪرملن Kremlin,) ) کان فائدا حاصل ڪندو رهيو. ربيسٽين جي دعويٰ اها آهي تہ اهرنبرگ انهن چند سويٽ ليکڪن ۾ شامل آهي، جيڪي چوٿائي صدي تائين قائم رهندڙ اسٽالن جي پرخطر ۽ دغاباز اقتدار دوران پنهنجي ذاتي توڙي فنڪارانہ ايمانداري بحال رکي سگھيا. 1953ع ڌاري سويٽ حڪومت يهودين کي سائبريا ڏي جلاوطن ڪرڻ لاءِ يهودين طرفان حڪومت کي مخاطب ٿيل هڪ لکيل خط تيار ڪرائي، ناليوارن يهودين جون صحيحون وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ چال کي ناڪام بنائڻ جو سهرو اهرنبرگ جي سر تي سجي ٿو. هن انهيءَ خط تي صحيح ڪرڻ کان انڪاري ڪيو ۽ پوءِ هڪ ذاتي خط اسٽالن کي لکيو، جنهن ۾ هُن اسٽالن کي انهيءَ فيصلي تي نئين سرغور ڪرڻ جي گذارش ڪئي، بهرحال اهو واضح ڪونهي تہ اسٽالن انهيءَ عرض کي اگھايو ڪي نہ، ڇو تہ هو جلدئي پرلوڪ پڌاري ويو. ائين يهودي سائيبيريا جلاوطن ٿيڻ کان بچي ويا. اربينسٽين جي خيال ۾ انهيءَ ۽ اهڙن ٻين مامرن ۾ اهرنبرگ پنهنجي حياتيءَ جو خطرو مول ورتو ۽ اندروني طرح نظام کي للڪاريو.
    اهرنبرگ، ڪلچرل دنيا ۾، وقت جي تمام انوکن شخصن مان هڪ هو. هن پنهنجي جوانيءَ جا ورهيہ ٻاهر ئي گذاريا _ خاص ڪري پيرس ۾. پڪاسو Picasso)) موڊيگلياني Modigliani) ) مارڪ چرگل Marc Chagall)) آندري مئلرو Andre Malraux)) هن جا ذاتي دوست هُئا. هن جو يهودي توڙي قوميتي تعصب کان بالاتر رهڻ Cosmopolitanism) ) وارو وهنوار ڪريملن کي ڀلي آئڙندو نہ هجي، پر هن جي ڪيريئر جو عروج اسٽالن جي دور حڪمرانيءَ ۾ ٿيو. جيتوڻيڪ ٻنهي وچم ڪا خانگي ملاقات نہ ٿي، پر کيس اسٽالن جي عزت افزائي حاصل رھي، خاص ڪري 1924 کان وٺي، جڏهن اسٽالن پنهنجي ڪنهن تقرير ۾ اهرنبرگ جي ڪهاڻي مان حوالو ڏنو هو.
    اهرنبرگ جو جياپو نازڪ نموني جي توازني عمل جو نتيجو هو. پنهنجي سياسي وجدان Intuition)) جي ذريعي ڪريملن جي سياسي مزاج کي سُوجهي وٺندو هو. ربيسٽن جو رايو آهي تہ هو پنهنجي يورپي تعلقاتن کي بہ پنهنجي فاعدي ۾ ڪم آڻي وٺندو هو.”هو جڏهن يورپي پڙهندڙن جو اشتياق ۽ دلچسپي جاڳائي وٺندو هو، تڏهن هن ۾ سويٽ بيوروڪريٽ هٿ وجھڻ کان لهرائيندا هُئا.“ باوجود انهن ڪوششن جي، هو ذھني آزمائش کان بالاتر نہ رهيو. ربيسٽين لکي ٿو تہ پيرس ۾ رهندي هن پاڻ کي بي چين ۽ بي قرار سمجھيو ٿي، ۽ کيس اهو بہ سمجھ ۾ آيو تہ سندس پاران خاموشيءَ ۽ ڪجھ حڪمن جي پوئواري ڪري ئي هو زندهہ بچيو آهي. جڏهن جرمني پيرس تي قبضو ڪيو، تڏهن هي روس واپس وريو ۽ جلدي ملڪ جو مانائتو صحافي بنجي ويو. جنگ جي محاذ تي وڃڻ کان اڳي سرخ فوج جا سپاهي اهرنبرگ جا ليک پڙهي اتساهہ وٺندا هُئا. ڪنهن تہ هن کي ادبي مشين گن ڪري ڪوٺيو. ان زماني ۾ اهو هُل بہ هليو هو تہ هٽلر ٽن شخصن کي ريڊاسڪوائر وٽ ڦاهي چاڙهڻ جو آسروند آهي. جيڪي هُئا: اسٽالن، موسيقار دمتري شوستا ڪووچ Dimitry Shostakovich)) ۽ اهرنبرگ.
    اسٽالن جي موت کانپوءِ هيءُ سڌارن جي تحريڪ ۾ جنبي ويو. سندس ناولThe Thaw))، جنهن سندس ادبي قد ڪاٺ کي وڌايو ويجھايو هو، تنھن روسي قدامت پسندن کي چيڙائي وڌو، جيڪي اڳي ئي سندس يادگيرين جي اشاعت ۽ سندس پاران باغين جي حمايت تي مٿس ڪاوڙيا پيا هُئا. حياتيءَ جي آخرين حصي ۾ 1967ع ڌاري روســـي ڪامورا منجهاس ايترو تہ خائف هُئا، جو ڪوبہ سندس جنازي ۾ شريڪ نہ ٿيو. البت ٻين هزارين ماڻهن ان ۾ شرڪت ڪئي. شهيد شاعر آسپ ميدلسٽام Osip Medalstam) ) جي زال ناديزا ميڊلسٽام Nodezha hedalsfam ) ) لکيو آهي تہ ”هن جي جنازي ۾ هڪ وڏو ميڙ ڪٺو ٿيو. مون کي ان ميڙ ۾ ڪافي شانائتا مهانڊا نظر آيا. اهو هڪ طرح جو فاشزم دشمن ميڙ هو... ٻين لفظن ۾ اهو واضح هو تہ اهرنبرگ پنهنجو ڪم ڪار جيڪو دشوار ۽ بي فيض Thankless,) ) ڪم هو، ڀليءَ پر ڪيو هو.“

    (نيوز ويڪ 19 آگسٽ،1996ع)
    ***


    (ھن صاحب جي ھڪ ڪھاڻي کلڻو پائلو مون سنڌي ۾ ترجمو ڪئي ھئي جيڪا ڪينجھر ۾ شايع ٿي ھئي.)


    ناول نگار، شاعر ۽ ڊرامانويس ڪازواو اشيگورو Kazuo Ishiguro

    هن سال (2017) جو نوبيل ادبي انعام جاپاني نزاد برطانوي ليکڪ ڪازواو اشيگورو کي ڏنو ويو آهي. انعام جي اعلان کان اڳ آصف فرخي (ڊان، 15آڪٽوبر، 2017) جي لفظن ۾ لنڊن جي جوارين وٽ جاپاني ٻولي جي ليکڪ هاروڪي موراڪامي Haruki Murakami ۽ ڪينيا جي ناولنگار نگوگي وا ٿيانگو Ngugi Wa Thiong’o (جيڪو اڳي انگريزي ۾ لکندوهو، پر هاڻي ڪڪيو يا گڪيو Gikuyu ٻولي ۾لکي ٿو) وچ ۾ سخت مقابلو هو. اسان جي پياري ليکڪ سائين شوڪت شورو کي پنهنجي پسنديده ليکڪ هاروڪي مراڪمي کي اهو انعام ملڻ جو آسرو هو.
    فرخي لکيو آهي تہ هن انهي اعلان ٿيڻ واري ڏينهن صبح جو اردو شاعر افضال احمد سيد، جيڪو وڏو پڙهاڪو آهي، کان پڇيو هو تہ ڪير کٽندو تہ هن چيو هو تہ هن جي خواهش آهي تہ البانوي ليکڪ اسماعيل ڪداري Ismail Kadare کي اهو انعام ملي. نامور تبصري نگار جيمس ووڊ بہ افضال جو حمايتي هو. ٻي پاسي چند سالن کان مارگريٽ ائٽ ووڊ جو نالو بہ متوقع انعام حاصل ڪندڙن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو ۽ هن سال تہ هن جي ناول تي مبني ٽي وي سيريل جي ڪري بہ گهڻن کي هن جي انعام حاصل ڪرڻ جي پوري پڪ هئي. پر اهو انعام وڃي مليو برطانيه جي جاپاني نزاد ليکڪ ڪازواو اشيگورو کي. جنهن جي لاءِ سويڊش اڪيڊمي جو رايو اهو آهي تہ هن جا ناول انسان ۽ دنيا وچ ۾ قائم سٻنڌن جي گهرائي کي پڌرو ڪن ٿا. هن جي ناولن جي عظيم جذباتي سگهه ان اٿاهه اونهائي کي ڳولي لڌو آهي، جيڪا هن دنيا سان اسانجي خيالي تعلق جي پويان لڪل آهي.
    ڪازواو اشيگورو جاپان جي شهر ناگاساگي ۾ سال 1954 ۾ ڄائو. جڏهن هو پنجن سالن جو هو، تہ سندس والدين لڏي اچي ڏکڻ انگلنڊ جي هڪ ننڍي شهر گلڊفورڊ ۾ ويٺا. جڏهن هو ستاويهن سالن جو هو تہ سال 1982ع ۾ سندس پهريون ناول A Pale View of Hills جي نالي سان شايع ٿيو. اهو ناول شهر ناگاساگي جي حوالي سان هو. ياد رهي تہ ٻي عالمي جنگ جي آخري مرحلي ۾ آمريڪا 9 آگسٽ، 1945ع تي ناگاساگي تي ائٽم بم اڇلايو هو، جنهن جي ڪري اهو شهر تباهه ٿي ويو هو.
    سال 1986 ۾ هن جو ٻيو ناول An Artist of the Floating World شايع ٿيو. لنڊن ۾ رهندڙ پاڪستاني نزاد ناولسٽ عامر حسين جي 10 پسنديده انگريزي ناولن مان هڪ ناول اهو بہ آهي. ان ناول کي برطانيه جو اعليٰ پائي وارو انعام وٽبريڊ Whitbread بہ مليو هو.
    سال 1989ع ۾ سندس ٽيون ناول The Remains of the Day شايع ٿيو، جنهن کيس عالمي سطح تي نامور ڪيو. ان ناول تي نہ صرف کيس بڪر انعام بہ مليو پر مرچنٽ آئوري گروپ فلم بہ ٺاهي هئي.
    اليزا ڪوهاري (د نيوز آن سنڊي، 15 آڪٽوبر، 2017) ناول نگار ۽ ادبي نقاد اميت چوڌري جي لنڊن رويو آو بڪس ۾ ڇپيل ليک مان هڪ حوالو ڏنو آهي، جنهن ۾ اميت لکيو آهي تہ تاريخ جي غلط پاسي هئڻ وارو شرم ڪزو جي پهرئين ٽن ناولن جو مکيه محرڪ آهي ... ان صورتحال تي انگريزي ۾ گهٽ ئي لکيو ويو آهي، ڇو تہ جڏهن کان انگريزي ادب لکجڻ لڳو آهي، تڏهن کان اهو کٽندڙ پاسي ئي رهيو آهي، پر بيٺڪيت جو شڪار رهندڙ کي، جيڪو چاليهارو سالن کان لکي پيو، هڪ پاسي سندس ماضي وارو استحصال اخلاقي سگهه عطا ڪري ٿو، تہ ٻي پاسي پنهنجي ديسي شاهوڪار تهذيب جو بہ سهارو ميسر هوندو آهي.
    سال 1995ع ۾ سندس چوٿون ناول The Unconsoled شايع ٿيو. ان ناول کي ڪن نقادن پسند ڪيو، تہ ڪن ان تي ڇتي تنقيد ڪئي. هڪ نقاد جيمس ووڊ تہ ان تي اهو تبصرو ڪيو تہ ان پنهنجي خرابي پاڻ ايجاد ڪئي آهي.
    سال 2000ع ۾ هن جو پنجون ناول When We Were Orphans شايع ٿيو ۽ سال 2005 ۾ هن جو ڇهون ناول Never Let Me Go ٿيو. اهو ناول حقيقت نگاري ۽ ڊسٽوپيا جو بهترين امتزاج هو. ان ڪري ڪن نقادن ان کي اهم ترين ناول قرار ڏنو. انهي ناول تي فلم ٺهي آهي.
    ناولن کان علاوه هن فلمن جا اسڪرين پلي، ٽي وي ڊراما توڙي نغما بہ لکيا آهن. سال 2007ع ۾ هن جئز گائڪ Stacey Kent سان گڏجي هڪ سي ڊي Breakfast on the Morning Tram ٺاهي، جيڪا فرانس ۾ سٺو وڪرو ٿيندڙ جئز البمن ۾ شامل ٿي.
    آصف فرخي پئرس رويو (بهار 2008) ۾ شايع ٿيل هن جي انٽرويو مان هڪ جواب جو اهو ٽڪرو ڏنو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي تہ ڪيئن سماج ياد رکن ٿا يا وساريو ڇڏين واري نڪتي جي حوالي سان هو هڪڙو ناول لکڻ ٿو چاهي. ساڳئي انٽرويو مان اليزا ڪوهاري هڪ جواب جو ٻيون ٽڪرو اهو ڏنو آهي، جنهن ۾ هي چوي ٿو تہ هن اهو ڀانپي ورتو تہ لکت جو ڳر هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ نيئي سگهجي ٿو.... ان ڪري هن هڪ ڪتاب کي ٽي ڀيرا لکيو آهي ۽ ڦٻجي ويو آهي.
    سال 2009ع ۾ هن جي ڪهاڻين جومجموعو Nocturnes: Five Stories of Music and Nightfall شايع ٿيو. سال 2015 ۾ هن جو ناول The Buried Giant شايع ٿيو. آصف فرخي جي لفظن ۾ اهو ناول قديم انگلنڊ جو قصو آهي، جنهن ۾ اجگر، راڪاس ۽ ديو وغيره رهن ٿا. انهن اجگرن کي اها سگهه مليل آهي تہ هو ڦوڪ ڏئي يادگيرين کي مٽايو ڇڏي.
    هن جي ڪتابن جا چاليهن زبانن ۾ ترجما ٿيا آهن.


    فيوچر لائبرري جو ٽيون ليکڪ شون

    اسڪاٽش آرٽسٽ ڪيٽي پيٽرسن سال 2014 ۾ فيوچر لائبرري جي نالي سان هڪ منصوبو شروع ڪيو آهي. ان منصوبي تحت ناروي جي شهر اوسلو جي ڀر ۾ هڪ ٻيلي ۾ هڪ هزار وڻ پوکيا ويا آهن. منصوبي جي ٻي حصي ۾ ايندڙ هڪ سو سالن تائين هڪ سؤ ڪتاب، هڪ سؤ ليکڪن کان لکرايا ويندا، جن کي سؤ سالن تائين ڪوبہ نہ پڙهندو.
    انهن مسودن کي 2114ع ۾ انهن وڻن جي وڍائي کانپوءِ حاصل ٿيندڙ پنن تي شايع ڪيو ويندو. انهي منصوبي ۾ پهريون مسودو ڪئنيڊين ليکڪا، شاعره مارگريٽ ائٽ وڊ لکيو. ٻيو مسودو برطانوي ناول نگار ڊيوڊ مچل لکيو آهي، جيڪو هن مئي 2016 ڌاري لائبرري جي حوالي ڪيو آهي.
    هن سال جيڪو ٽيون ليکڪ ان منصوبي واسطي ڪتاب لکڻ لاءِ چونڊيو ويو آهي، سو آئيسلئنڊڪ ٻولي جو ليکڪ ۽ نعمه نگار شون آهي. شون آئيسلئنڊ نامي ملڪ جو رهواسي آهي جيڪو اتر يورپ ۾ نارٿ ائٽلانڪ سمنڊ جي ڪنهن ٻيٽ تي قائم آهي. ان ملڪ جي ڪل آبادي صرف 332،529 آهي پر ان جي ايراضي 100،300 چورس ڪلوميٽر آهي.
    27 آگسٽ، 1962 تي پيدا ٿيندڙ شون جو پورو نالو Sigurjón Birgir Sigurðsson آهي .پر هن جو قلمي نالو شون آهي. شون فيوچر لائبرري واري منصوبي ۾ شامل ٿيڻ تي پنهنجي ردعمل ۾ لکيو تہ ”منهنجي پسنديده آئيسلئنڊڪ لوڪ ڪهاڻي جو تعلق مستقبل سان آهي.
    ”ان ڪهاڻي ۾ جهور زال مڙس جو قصو آهي، جيڪي ڪنهن پرانهين فارم هائوس تي رهندڙ آهن. اهو فارم هائوس پهاڙين پويان آهي. مرد جي عمر 80 سال ۽ زال جي 90 سال آهي. جيئن هو پورهيو ڪرڻ جهڙا نہ آهن، تنهن ڪري هو بيحد غربت جو شڪار ٿي ويا آهن.
    ”هڪ ڀيرو ڪو مسافر سندن در کڙڪائي ٿو. اهو اجنبي رڍن کي ڳوليندي ڪوهيڙي ۾ پنهنجو رستو ڀلجي ٻه ٽي ڏينهن هڪ هنڌ ويهي رهيو هو، ۽ هاڻي وٽن پهتو هو. پوڙهي جوڙي هن جو آڌر ڀاءَ ڪيو، پر کيس ٻڌايو تہ هنن وٽ رڳو ڇڍي لسي جو گلاس آهي، جيڪو انهن هن کي پيش ڪيو.
    ”جڏهن هو کائڻ لڳو تہ هي ان کي بکايل نظرن سان تڪيندا رهيا. ان وچ ۾ هڪڙو ڪانگ اندر آيو ۽ اچي پوڙهي جي ڪڇ ۾ ويٺو. پوڙهو ڪٻٽ مان هڪ ٿانو کڻي آيو، جنهن ۾ رڍ جي گوشت جا ٽڪرا، سخت ٿيل مکڻ ۽ سڪل سامونڊي مڇي جا ٽڪرا پيل هئا. ڪانگ چهنب کولي ۽ ٻئي هن کي کارائڻ لڳا.
    ”هن کي لڳو تہ اهي ان ڪانگ کي کارائڻ لاءِ پاڻ کي بکيو رکي رهيا هئا. تنهن تي هن پڇيو تہ هو ائين ڇو پيا ڪن. ان تي مائي وراڻيو تہ ڪانگ لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هو 200 سال زنده رهندو، سو هو اهو پاڻ ڏسڻ ٿا گهرن.
    ”جڏهن ڪيٽي پيٽرسن مون کي ان منصوبي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني تہ مون کي اها لوڪ ڪهاڻي ياد آئي.
    ”اسان مان جيڪي پهرين ڏهاڪن ۾ ان منصوبي ۾ مسودو لکندا، تن کي خبر نہ پوندي تہ سندن لکتن جو ڪهڙو حال ٿيو. پر ان ڪهاڻي جي پوڙهي جوڙي ۽ ڪانگ جيان، شايد اسان پنهنجي لکتن ۾ زنده رهون. دنيا اميدن تي قائم آهي.“
    هلندڙ سال سندس ٻارهين ناول جو انگريزي ترجمو بعنوان Moonstone: The Boy Who Never Was شايع ٿيو آهي، جنهن جو ترجمو وڪٽوريه ڪرب ڪيو آهي. اهو ناول 2013ع ۾ آئيسلئنڊڪ ٻولي ۾ شايع ٿيو ۽ ڪافي انعام کيس پلئه پيا هئا. ان ناول ۾ پهرين مهاڀاري جنگ جي خاتمي کانپوءِ پهرين ٽن مهينن جو قصو آهي. ان جو مکيه ڪردار 16 سالن جو ماني اسٽين آهي، جيڪو بيروزگار، پڙهائي ۾ ڪمزور dyslexic ۽ جنس پرست هو. ماني شهر جي ڪناري تي گذر سفر ڪندو رهي ٿو، پر اسپيني فلو جي وبا باعث سندس ڏکيا ڏينهن شروع ٿيا.
    گارجيئن اخبار لاءِ انٽرويو ڪندڙ سارا ڪرائون کي هن ٻڌايو تہ ان زماني ۾ ريڪيَوڪ (آئيسلئنڊ جي گادي وارو هنڌ) جي آبادي پندرهن هزار هئي، پر ڏهه هزار ان بيماري ۾ وٺجي ويا، جن مان 300 کن اجل جو شڪار ٿيا. انهي ناول ۾ انهي زماني جي ريڪيوڪ شهر کي چٽيو ويو آهي.
    شون جي پالنا سندس ماءُ ڪئي. هن پنهنجي پيءُ کي جهڙوڪر ڏهن سالن کان پوءِ ئي ڏٺو، جڏهن اهو وٽس اسڪول ۾ ملڻ ايندو هو. ان هوندي بہ هن جو ننڍپڻ خوش گذريو، خاص ڪري ماءُ جي ساٿ ڪري.
    شروعاتي سالن ۾ هن جي مکيه سرگرمي هر هفتي لائبرري وڃڻ هوندي هئي. اتي هن جاسوسي ۽ اهڙي نوع جو ادب گهڻو پڙهيو. هڪ ڀيري پنهنجي نانيءَ جي ڪتابن وارو ڪٻٽ ڦلهاريندي آئيسلئنڊڪ لوڪ ڪهاڻين جو ڪتاب هٿ آيو، جنهن کيس پنهنجي جادو ۾ جڪڙي ڇڏيو. سندس چواڻي تہ ان مان کيس ادب جو پهريون سبق اهو مليو تہ اوهان ڪنهن دلچسپ شيءِ سان ڪم پيا ڪريو تہ ان کي سڌو سنئون ٻڌايو.
    ٻيو سبق جيڪو هن سکيو، سو هو شاعري. هن جو چوڻ آهي سندس ملڪ جي اسڪولن ۾ روايتي شاعري جو ٿلهو ڪتاب پڙهايو ويندو آهي. پر پندرهن ورهين جي عمر ۾ کيس احساس ٿيو تہ سهيوڳي شاعري بہ موجود آهي. 50 واري ڏهاڪي ۾ جديد شاعرن آئيسلئنڊڪ شاعري جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو هو.
    انهن جديد شاعرن کان متاثر ٿي هن شاعري شروع ڪئي. ان سال جي آخر ۾ هن پنهنجو مجموعو شايع ڪيو. سارا ڪرائون کائنس پڇيو تہ هن کي پبلشر ڪيئن مليو تہ هن وراڻيو تہ هو اسڪول مئگزين جو ايڊيٽر هو، سو ان کي ننڍي پريس مان شايع ڪرايو. 100 ڪاپين لاءِ پنهنجي هفتيوار باغباني جي ڪمائي لڳائي ۽ ان کي پاڻ وڃي ڪيفي، گهٽين ۽ بسن ۾ کپائڻ شروع ڪيو. هن سؤ کن ڪاپيون ائين جلدي ۾ کپائي ورتيون، پوءِ وري هن پنجاه ڪاپيون ٻيون ڇپرايون. انهن کي هو بڪ اسٽالن تي کڻي ويو. بڪ اسٽال وارن کيس سمجهايو تہ هو اخبارن ۾ ان ڪتاب تي تبصرو شايع ڪرائي. ائين هن جو ٻيو مجموعو آيو. قصو اڳتي وڌندو رهيو.
    هن جو لکڻيون چاليهن کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن. فلم Dancer in the Dark (2000) جي نغمن لاءِ آسڪر لاءِ تجويز ڪيو ويو. 2005 ۾ کيس نئين سر لکيل لوڪ ڪهاڻي The Blue Fox تي بوڪر جي برابر نارڊڪ ڪائونسل لٽريچر پرائيز مليو.
    گارجيئن اخبار کي ڏنل انٽرويو موجب 53 سالن جي هن ليکڪ جو هاڻي مکيه جولان ناول نگاري آهي. هو ٻڌائي ٿو تہ هو ڪڏهن ڪڏهن شاعري بہ ڪندو رهندو، پر هن جي لکڻين جو مکيه محور ناول نگاري رهندو ۽ ناول نگاري ۾ سندس مکيه پس منظر سندس ننڍڙو ملڪ ئي رهندو.
    سندس لفظن ۾ ”منهنجو خيال آهي سٺو ادب ننڍين جڳهين، سماج جي ننڍن حصن مان پئدا ٿيندو آهي، ڇو تہ اتي ڪردار پڌرا ٿي پوندا آهن، ۽ سماجي ميڪانيت بہ ظاهر هوندي آهي. آئيسلئنڊ ۾ پڙهندڙن جو محدود حلقو آهي، تنهنڪري اهو ضروري آهي تہ ان جو ترجمو ٿئي جيئن اهو ٻاهر پڙهيو وڃي. آئون کڻي آئيسلئنڊ جي تاريخي واقعن کي لکان ٿو، پر ڀانيان تہ آئون وڏي ڪهاڻي پيو لکان.“


    جارج سانڊرز George Saunders

    هن سال 2017 جو مئن بڪر انعام آمريڪي ليکڪ جارج سانڊرز کي سندس ناول Lincoln in the Bardo تي مليو آهي. هي ٻيو آمريڪي آهي، جنهن کي هي انعام مليو آهي، ڇو تہ ان کان اڳ هي انعام صرف برطانوي ليکڪن کي ملندو هو.
    جارج سانڊرز هن کان اڳ رڳو مختصر ڪهاڻيون يا ٻارن لاءِ ناوليٽ لکيا آهن. هي جيتوڻيڪ هي سندس نائون ڪتاب آهي پر پهريون ناول آهي. هو پنهنجي ذاتي ويب سائيٽ تي رکيل پنهنجي تعارف ۾ پنهنجي حوالي سا ائين ٿو لکي تہ ”آئون امريلو ٽيڪساس ۾ڄائو آهيان، پر وڏو شڪاگو ۾ ٿيو آهيان. ڪولوراڊا اسڪول آو مائنز Colorado School of Mines مان ائڪسپلوريشن جيوفزڪس exploration geophysics ۾ ڊگري حاصل ڪيم. ان زماني ۾ تيل جي صنعت چوٽ چڙهيل هئي، تنهنڪري مون جهڙي کي بہ ڪنهن آئل فيلڊ ۾ آساني سان نوڪري ملي ٿي ويئي. آئون ڊگري وٺڻ کان پوءِ سماٽرا جي آئل فيلڊ ۾ فيلڊ جيوفزيسسٽ geophysicist ٿي ويس. اسان کي ڪئمپ ۾ چار هفتا لڳاتار ڪم ڪرڻو هوندو هو ۽ پوءِ ٻه هفتا موڪل هوندي هئي. اسانجي اها ڪئمپ ٻيلي اندر هوندي هئي، جتي ويجھي ڪنهن شهر کان هيليڪاپٽر ذريعي چاليهن منٽن ۾ پهچبو هو. اتي ئي واندڪائي واري عرصي ڪتاب پڙهڻ لاءِ بئگ ڀري اچبي هئي. پر سال ڏيڍ جي نوڪري ڪرڻ کان پوءِ آئون بيزار ٿي پيس. اسان ڀر واري انهي ندي ۾ ترندا هئاسين، جيڪا ڀولڙن جي فضلي سان گندي ٿيل هوندي هئي. اتي ٻه سو کن باندر تہ پائيپ لائين تي ويٺل نظر ايندا هئا.“
    بهرحال هو صاحب اها نوڪري ڇڏي واپس گهر موٽي آيو، جتي پيٽ گذر لاءِ کيس ڪافي ساريون ننڍيون ننڍيون نوڪريون ۽ مزدوريون ڪرڻيون پيون. انهي تجربي کيس بظاهر ٻاجهارو نظر ايندڙ سرمائيداري نظام کي سمجهڻ ۾ مدد ڪئي.
    سندس چواڻي تہ هو جيتوڻيڪ ننڍپڻ کان ئي ڪتاب پڙهندو رهيو آهي، پر هو ڪنهن ليکڪ سان ان زماني تائين نہ مليو هو، ان ڪري کيس اها ڳالهه دير سان سمجهه ۾ آئي تہ لکڻ کي بہ زورگار جو ذريعو بنائي سگهجي ٿو.
    سال 1986ع ۾ کيس ڪنهن پارٽي ۾ ڪو رسالو نظر آيو، جنهن مان کيس تخليقي ادب ۾ ماسٽرس ڪرڻ واري پروگرام جو پتو پيو. هن ان پروگرام لاءِ درخواست ڏني تہ کيس داخلا ملي. اتي سندس بقول تہ هڪ پاسي ٽوبياس والف Tobias Wolff (آمريڪي ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس) ۽ ڊگلس انگر Douglas Unger (آمريڪي ناول نويس) جهڙن ليکڪن سان گڏ پڙهڻ جو موقعو نصيب ٿيو تہ ٻئي پاسي کيس پنهنجي مستقبل جي زال پالا ريڊڪ Paula Redick سان بہ شناسائي ٿي. 1988 ۾ کيس اها ڊگري حاصل ٿي.
    جيئن تہ وٽس پيسن جي کوٽ رهندي هئي، تنهنڪري هن پهرئين ڪنهن فارماسيوٽيڪل ڪمپني ۾ ۽ پوءِ ماحولياتي انجنيئرنگ ڪمپني ۾ ٽيڪنيڪل رائيٽر طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. 1989 کان 1995 تائين هن ٽي اڌورا ۽ هڪ مڪمل ڪتاب لکيو. 1992 ۾ سندس هڪ مختصر ڪهاڻي رسالي نيويارڪر ۾ شايع ٿي، ائين انهي رسالي سان هن جو طويل ۽ سودمند لاڳاپو شروع ٿيو.
    سال 1996ع کان وٺي هن تخليقي ادب پروگرام ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. گڏوگڏ هن نيويارڪر رسالي لاءِ ڪهاڻيون ۽ ٻي رسالي جي ڪيو GQ لاءِ سفري ليک لکڻ شروع ڪيا. سفري ليک صرف ان لاءِ تہ جيئن پوڙهي پڻ جي نتيجي ۾ جيڪا ذهني پستي پلئه پوي ٿي، تنهن کان بچي سگهجي.
    هن جا هيستيائين چار ڪهاڻين جا مجموعا، ٽي کن ٻارن جا ناوليٽ، هڪ مضمونن جو مجموعو ۽ تازو سندس پهريون ناول بارڊو (عالم برزخ) ۾ لنڪن Lincoln in the Bardo شايع ٿيو آهي. ان کان علاوه هن ٻه اسڪرين پلي بہ لکيا آهن.
    سال 1862ع ۾آمريڪا ۾ ٿيندڙ خانہ جنگي دوران صدر ابراهم لنڪن جو يارهن سالن جو پٽ ولي لنڪن بيماري باعث گذاري ويو، جنهن کي جارجٽائون جي قبرستان ۾ پوريو ويو. ان زماني ۾ اهو هلي ويو تہ رات جي وڳڙي ۾ ابراهم لنڪن قبرستان وڃي پٽ جي تابوت واري بهري ۾ ويهي گريه ڪندو هو.
    رومن ڪئٿلڪ عقيدي موجب مئل ماڻهن جا روح پنهنجي ننڍن ننڍن گناهن جو هتي ڪيتو ڏيئي، جنت ۾ وڃڻ لاءِ پاڪ ٿيڻ لاءِ هڪ عبوري جاءِ يا حالت ۾ رهندا آهن، جنهن کي انگريزي ۾ پرگيٽري purgatory چئبو آهي. ٻئي پاسي ٻڌ مت جي ڪن فرقن جو اهو عقيدو آهي تہ مري ويل شخص جو روح پنر جنم وٺڻ تائين ڪنهن جاءِ يا حالت ۾ رهندو آهي. ان کي بارڊو Bardo ڪوٺيندا آهن.
    جارج سانڊرز انهن ٻنهي عقيدن کي ملائي، صدر ابراهم لنڪن جي مري ويل پٽ ولي لنڪن جو عالم برزخ ۾ رهائش دوران رونما ٿيندڙ واقعن جو تصوراتي قصو جوڙيو آهي. ان قصي ۾ ولي لنڪن جو روح انهي عبوري دور ۾ ٻين روحن ۽ جنن گڏجي سان جيڪا جدوجهد ڪري ٿو، تنهن کي بيان ڪيو ويو آهي. چيو پيو وڃي هي ناول ۾ بيانيي جو نئون فارم ۽ تجربو آهي.
    مئن بڪر جي شارٽ لسٽ ٿيل ڇهن ڪتابن ۾ هڪ ڪتاب پاڪستاني نزاد ليکڪ محسن حامد جو بعنوان اولهه نيڪالي Exit West بہ شامل هو.


    ٻار شاعرن جو بيچمن انعام کٽندڙ شامي پناهگير ڇوڪري آمنہ ابو ڪريچ

    سال 2006 کان وٺي برطانيہ ۾ بيچمن شاعري جو انعام 10 کان 13 سالن جي عمر واري شاعر ٻار کي ڏنو ويندو آهي. اهو انعام برطانيه جي مشهور شاعر، ليکڪ ۽ براڊڪاسٽر جان بيچمن John Betjeman (28 Aug., 1906-19 May, 1984) جي ياد ۾ سندس پونيرن جاري ڪيو آهي. جان بيچمن کي 1971 ۾ برطانيه جو پوئٽ لاريٽ بنايو ويو ۽ مرڻ گهڙي تائين اهو اعزازي عهدو وٽس رهيو. ياد رهي تہ اهو هڪ اعزازي عهدو هوندو آهي، جنهن تي ڪنهن شاعر کي برطانيه جي راڻي وزيراعظم جي مشوري سان مقرر ڪندي آهي.
    هن سال (2017) بيچمن شاعري انعام 13 سالن جي شامي پناهيگر نينگري آمنہ ابو ڪريچ Amineh Abou Kerech کي سندس نظم بعنوان ”شام لاءِ ورلاپ“ Lament for Syria تي ڏنو ويو آهي. هن سال 10 کان 13 سالن جي عمر وارن ٻه هزار ٻار شاعرن پنهنجا نظم مقابلي ۾ موڪليا، جن کي ٻن ججن، ٻارن جي شاعره ريچل روني Rachel Rooney ۽ آبزور اخبار جي ڪارٽونسٽ (ويجهڙ تائين برطانيه ۾ ٻارن جي لاريٽ طور ڪم ڪندڙ) ڪرس رڊيل Chris Riddell پڙهيو ۽ متفه طور آمنہ جي نظم کي ايوارڊ جو حقدارقرار ڏنو.
    آمنہ جا والدين شام ۾ ٿيندڙ خانہ جنگي جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيا. پهريون سال هن جو خاندان شام ۾ هتي هتي جتي پناهه ملي، رهندو هو. پر حالتن جي وڌيڪ بگاڙ بعد اهو مصر ۾ لڏي آيو، جتي اهو چار سال کن رهيو. سال کن اڳ گذريل آرهڙ ۾ هن جو خاندان، جنهن ۾ هن جا ماءُ پي، هڪ وڏي ڀيڻ ۽ ننڍو ڀاءُ شامل آهن، انگلنڊ ۾ اچي پناهه گزين ٿيو.
    هتي هنن جي پڙهائي شروع ٿي آهي. انهن جي داخلا هڪ گهڻ ثقافتي اڪيڊمي ۾ آهي، جتي 30 کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. اتي عراقي شاعر عدنان السيغ جي اڳواڻي ۾ هلندڙ هڪ ورڪشاپ ۾ هن ۽ سندس ڀيڻ پاڻ کي رجسٽر ڪرايو آهي. اتي جي هفتيوار ڪلاسن ۾ هنن جي رهنمائي اسڪاٽش ليکڪا ڪيٽ ڪلانچي Kate Clanchy ڪري ٿي ۽ سندن صلاحيتن کي نکارڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
    آمنہ مصر ۾ رهڻ دوران ئي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. هن انعام واسطي هن جيڪو نظم لکيو، سو اڌ انگريزي ۾ تہ اڌ عربي ۾ هو، جنهن کي سندس ڀيڻ گوگل ٽرانسليٽ جي مدد سان انگريزي ۾ ٽرانسليٽ ڪيو ۽ مقابلي لاءِ موڪلي ڏنو. انهي انعام يافتہ نظم جو سنڌي ترجمو پيش ڪجي ٿو. ان کي پڙهو ۽ بي وطني جي پيڙا جو احساس ڪريو.

    شام لاءِ ورلاپ

    شامي پاريل منهنجي مٿان ڳٽڪارين ٿا
    انهن جون ٻاڪارون منهنجي جي اکين ۾ رڙن پيون.
    آئون اهڙو ملڪ جوڙڻ جي جستجو ڪري رهي آهيان
    جيڪو منهنجي شاعري سان گڏ هلي
    ۽ رستي روڪ نہ ڪري جڏهن آئون ويچاريندي هجان
    ۽ ان جا سپاهي منهجي مٿو نہ چيڀاٽين.
    آئون اهو ملڪ ڊزائين ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيان
    جيڪو مون جهڙن شاعر جي واسطي مناسب هجي
    منهنجي ڳوڙهن جي ازالي لاءِ ڪجهه ڪري.
    آئون اهو شهر ڊزائن ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيان
    جتي، پيار، امن، ايڪتا ۽ نيڪي جو راڄ هجي
    ۽ اهو جنگين، بدحالين، گوڙ گهمسان کان پاڪ هجي.
    *

    او شام منهنجا مٺا
    آئون تنهنجي دلسوزي کي
    ڪبوترن جي دانهن ڪوڪن وسيلي ٻڌان پئي.
    مون تنهنجي زمين ۽ رحمدل مٽي کي تياڳيو،
    ۽ منهنجا پر بہ تنهن پرن جيان ڀڳل آهن.
    *

    آئون شام مان آئي آهيان
    ان زمين مان جتي جا ماڻهو اڇليل ماني ڀور کڻن ٿا
    تہ جيئن اهو لتاڙ کان بچي
    ان جاءِ سان تعلق رکان ٿي، جتي مائرون پٽن کي اهو سيکارين ٿيون تہ
    ماڪوڙين مٿان نہ هلو
    ان جوءِ تان جتي ڇوڪرا پنهنجو سگريٽ
    وڏي ڀاءُ کان احترام طور لڪائين ٿا،
    ان ڀيڻي تان جتي پوڙهيون ڀنڀرڪي ويل چنبيلي جي وڻن کي پاڻي ڏين ٿيون.
    جتي صبح جو پاڙي وارا ڪافي آڇين ٿا
    جتي: چاچي، توکان پوءِ؛ جيئن چاچا چئو؛ خوشي سان منهنجي ڀيڻ ....
    ان جڳهه وٽان، جيڪا عذاب ۾ آهي، جنهن دادرسي ۽ مدد لاءِ انتطار ڪيو ۽ اڃان ڪري رهي آهي.
    *

    شام
    آئون ڪنهن ٻئي واسطي شاعري نہ لکنديس.
    *

    ڪو مون کي اهو سيکاري تہ
    ڪيئن پنهنجو وطن ٺاهجي؟
    جيڪر اوهان ائين ڪري سگهو تہ لک لائق،
    جهرڪين جي آکيرن مان ۽
    شام ملڪ جي صوف وارن باغن مان،
    دل جي گهرائين سان اوهان جا ٿورا،
    ۽ اوهان جي خير انديش.


    جارج آرويل (1903-1950)

    ايرڪ آرٿر بلئير (جارج آرويل) بهار، انڊيا ۾ 25 جون 1903 تي ڄائو. هن تعليم انگلنڊ ۾ پرائي. 19 سالن جي عمر ۾ هو امپيريئل پوليس سروس ۾ ڀرتي ٿيو ۽ کيس برما (ميانمار) ۾ تعينات ڪيو ويو، جتي هو نوڪري مان استعيفا ڏيڻ تائين رهيو. ان کان پوءِ هو ڪجهه عرصو انگلنڊ ۾ رهي، پيرس ويو. اتي هن ٻه سال صحافي طور ڪم ڪيو. انگلنڊ ۾ واپسي تي هو اسڪول ٽيچر طور ڪم ڪندو رهيو پر وري اسپين جي خانہ جنگي ۾ ريپبليڪن پاران ويڙه ۾ شريڪ ٿيو. هو ان جنگ ۾ گهائجي پيو ۽ ڇهن مهينن لاءِ موراڪو ويو. آخري سالن ۾ هن کي ٽي بي ٿي پئي. جيتوڻيڪ هو ساڳئي سرگرمي سان ڪم ۾ جنبيو رهيو، پر مڪمل طور فٽ نہ ٿيو. هن 21 جنوري 1950ع تي وفات ڪئي.
    سڄي زندگي هو سماجي ناانصافي ۽ مطلق انانيت خلاف جهيڙيندو رهيو. هن جي پهرئين ناول Burmese Days ۾ سندس وقت جي بيٺڪي برما جي زندگي جا احوال آهن. سندس ڪتاب Down and Out in Paris and London (1933) ۾ ٻنهي شهرن م سندس پنهنجي جهد جا قصا آهن. لينڪ شائر ۽ يارڪ شائر نامي شهرن ۾ رهائش دوران غريبن ۽ غربت جا احوال سندس ڪتاب بعنوان The Road to Wigan Pier ۾ مذڪور آهن. اسپيني خانہ جنگي جون ساروڻيون Homage to Catalonia ۾ تہ موراڪو جون يادگيريون Coming up for Air ۾ شامل آهن. ان کان علاوه هن ڪافي سارا مضمون ۽ ليک رسالن توڙي اخبارن لاءِ لکيا. پر سندس زندگي ۾ اهم موڙ تڏهن آيو جڏهن ائنيمل فارم لکيو جيڪو فاشسٽ روس خلاف سياسي سيٽاير Satire هو. ان کانپوءِ هن ٻيو علامتي ناول 1984 نالي سان لکيو. انهن ٻنهي ڪتابن کيس جڳ مشهور ڪري ڇڏيو. اخبار ٽائيمز جي 1945” کان پوءِ وارن مشهور ترين برطانوي ليکڪن“ جي فهرست هو ٻئي نمبر تي آهي.
    ياد رھي تہ ھن ڪتاب جو پھريون ترجمو جهموريائي جانور جي نالي سان سنڌي ۾ سٺ واري ڏھاڪي ۾ شايع ٿيو. ان جو ھڪ ترجمو مون بہ ڪيو آھي، جيڪو سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي رکيل آھي.

    جارج آرويل جا ٻيا ناول ۽ ڪتاب
    Burmese Days (1934)
    A clegryman’s daughter (1935)
    Keep the Aspidistra Flying (1936)
    Coming up for Air (1939)
    Animal Farm (1945)
    1984 (1949)
    Non-Fiction
    Down and Out in Paris and London (1933)
    The Road to Wigan Pier (1937)
    Homage to Catalonia (1938)


    نوبيل ليڪچر ۽ تقريرون

    سال 2014 جو نوبل لاريٽ پئٽرڪ موڊيانو جو نوبل ليڪچر

    7 ڊسمبر 2014
    سادگيءَ سان آئون اهو اظهار ٿو ڪريان تہ مون کي هتي اچي ڪري ڏاڍي خوشي ٿي آهي ۽ اوهان پاران مونکي ادب جو نوبل پرائيز ڏيڻ واري اعزاز مونکي متاثر ڪيو آهي.
    هيءُ پهريون ڀيرو آهي، جو مون کي هڪ وڏي ميڙ آڏو تقرير ڪرڻي پئي آهي، تنهنڪري آئون ٿورو ڊنل آهيان. اهو تصور ڪرڻ سولو آهي تہ ليکڪ لاءِ اهڙيون ڳالهيون فطري ۽ آسان آهن. پر هڪ ليکڪ - خاص ڪري هڪ ناول نويس - جو تقرير تان ناتو ڏکيو هوندو آهي. اسڪولي سبقن ۾ لکتي ۽ زباني فرق کي ذهن ۾ رکندي، اهو چئي سگهجي ٿو تہ ناول نويس زباني ڪمن جي ڀيٽ ۾ لکتي ڪمن ۾ وڌيڪ ڀڙ هوندو آهي. هو خاموشيءَ تي هريل هوندو آهي ۽ ماحول کي سمجهڻ لاءِ هو انبوه جو حصو ٿي ويندو آهي. هو ڪنهن لَکا ڏيڻ بنان ٻين جي گفتگو ٻڌندو آهي. بعضي ڪچهري ڪندڙ مردن ۽ عورتن کي وڌيڪ سمجھڻ خاطر هو ان ۾ شريڪ بہ ٿيندو آهي، پر هن جا سوال احتياطي هوندا آهن. هن جو ڳالهائڻ هٻڪ وارو آهي، ڇو تہ هو لفطن کي ڪاٽڻ تي هريل هوندو آهي. اهو سچ آهي تہ ڪافي ڊرافٽ لکڻ کان پوءِ هن جو اسٽائيل واضح ٿيندو آهي. پر جڏهن تقرير ڪرڻ لڳندو آهي تہ هن وٽ ڪو اهڙو ذريعو نہ هوندو آهي، جو هو رڪجندڙ تقرير کي سڌاري سگهي.
    آئون ان پيڙهيءَ سان تعلق رکان ٿو، جن ۾ ٻارن کي رڳو ڏٺو ويندو هو، ۽ سواءِ ڪن موقعن تي، سو بہ اجازت ڏيڻ کان پوءِ، ٻڌو ويندو هو. پر ڪوبہ کين نہ ٻڌندو هو ۽ ماڻهو گهڻو ڪري وچ ۾ ئي پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳندا هئا. اهو عمل اسانجي تقرير ڪرڻ ۾ دشواري - ڪڏهن هٻڪڻ ۽ ڪڏهن روڪيو وڃڻ جي ڊپ کان تيز ڳالهائڻ - کي چٽو ڪري ٿو. شايد انهيءَ ڪري ٻاروتڻ جي پڄاڻي تي، ٻين ڪيترن وانگر، مون تي بہ لکڻ جي اڇا غالب ٿي. هاڻي توهان اميد ڪندا آهيو تہ وڏڙا اهو پڙهندا، جيڪو اوهان لکو ٿا. ان طرح اهي اوهان کي بنان روڪڻ جي ٻڌي سگهندا ۽ کين پتو پوندو تہ اوهان جي ڇاتيءَ تي ڪهڙو بار هو.
    هن انعام جو اعلان مون کي غير حقيقي لڳو ۽ آئون اهو ڄاڻڻ لاءِ آتو ٿيس تہ اوهان مون کي ڇو چونڊيو آهي؟ ان ڏهاڙي، آئون نٿو سمجهان تہ مون کي ان کان اڳ اهو پورو احساس هو تہ پنهنجن ڪتابن جي حوالي سان ناول نويس ڪيتري انڌ ۾ هوندو آهي، ۽ کائنس کان وڌ پڙهندڙن کي معلوم هوندو آهي تہ هن ڇا لکيو آهي. ڪو ناول نويس ڪڏهن بہ پنهنجو پڙهندڙ ٿي نہ ٿو سگهي، سواءِ تڏهن، جڏهن هو ناول ۾ ٻولي ۽ گرامر جو چڪون سڌارڻ، ورجاءُ ختم ڪرڻ يا سطحي جملن کي ڪڍڻ لاءِ مسودو پڙهندو آهي. ان مصور جيان، جيڪو ڇت ۾ نقش نگاري ڪرڻ لاءِ ڪوازن سان ٻڌل ڪاٺ پٽي تي آهليو، پنهنجي نامعلوم ڪم جي تفصيلات تي غور پيو ڪندو آهي، ليکڪ وٽ پنهنجي ڪتابن جي حوالي سان منجهيل يا اڻپورو تصور هوندو آهي.
    لکڻ هڪ عجيب ۽ اڪيلائپ واري سرگرمي هوندي آهي. اوهان جڏهن ناول جي شروعاتي صفحن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪندا آهيو، تڏهن همت توڙيندڙ مرحلا بہ ايندا آهن. هر روز ائين لڳندو آهي تہ اسان غلط راه تي رميل آهيون. جنهن ڪري اها خواهش اسانکي وڪوڙڻ لڳندي آهي تہ پوئتي وري، ٻيو ڪو گس وٺجي. پر ان مرحلي تي اهم ڳالهه اها هوندي آهي تہ ان خواهش کي پاڻ تي غالب نہ ڪجي، پر هلندو هلجي. اهو ائين آهي، جيئن سياري ۾ رات جو، جڏهن ڪابہ شيءِ نظر نہ ايندي هجي، برف تي ڪار هلائجي. توهان وٽ ڪا ٻي واهه ئي ڪانهي، توهان پوئتي بہ نٿا وري سگهو، تنهن ڪري دل کي اهو ڏڍ ڏئي اڳتي وڌو، تہ سڀ صحيح ٿيندو جڏهن رستو مستحڪم ملندو ۽ ڌنڌ صاف ٿي ويندي.
    جڏهن توهان ڪتاب مڪمل ڪرڻ وارا هوندا آهيو تہ اوهان کي ائين لڳندو آهي تہ اهو ڪتاب اوهان کان جدا ٿيڻ ٿي رهيو آهي ۽ آزادي جي هوا کائي رهيو آهي، جيئن اسڪولي ٻار گرمين جي موڪل ملڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ڪندا آهن. هنن جو استاد بجاءِ ٻئي پاسي ڌيان هوندو آهي يا گوڙ پيا ڪندا آهن. آئون تہ ايترو چوندس، تہ جڏهن اوهان آخري پئراگراف پيا لکندا آهيو، تڏهن ڪتاب پنهنجي سر اوهان مان آجو ٿيڻ لاءِ بيزار پيو ٿيندو آهي. اهو صرف اوهان کي آخري لفظ لکڻ جي مهلت پيو ڏيندو آهي. جڏهن ڪتاب مڪمل ٿئي ٿو، تڏهن هن کي توهان جي ڪا گهرج نہ ٿي رهي ۽ هو اوهان کي وساريو ڇڏي. هن کان پوءِ هو پاڻ کي پڙهندڙن جي وسيلي ڄاڻندو. جڏهن ائين ٿيندو آهي تڏهن اوهان کي خالي پڻي ۽ هيڪلي هئڻ جو احساس وڪوڙي ويندو آهي. انهي سان مايوسي وڌي ٿي، ڇو تہ توهان ۽ ڪتاب جي وچ ۾ جيڪو ناتو جڙيو ٿيو هو، سو جلدي ۾ ختم ٿي ويو. اها غير مطمئن هئڻ ۽ نامڪمل کي مڪمل ڪرڻ جي اڇا، اوهان کي نئون ڪتاب لکڻ تي اڀاري ٿي، تہ جيئن توازن برقرار رهي، پر ائين نٿو ٿئي. جيئن سال گذرن ٿا، ڪتاب هڪ ٻئي پويان ايندا رهن ٿا ۽ پڙهندڙ اوهانجي ڪتابي پورهئي متعلق ڳالهائيندا رهن ٿا. پر اوهان کي تہ اهو لڳندو آهي تہ اها اڳتي وڌڻ لاءِ اٻهري تڪڙ هئي.
    بلڪل، ليکڪ کان وڌيڪ پڙهندڙ ڪتاب جي ڄاڻ رکي ٿو. ناول ۽ ان جي پڙهندڙن وچ ۾، تصويرن کي ڊولپ ڪرڻ واري مرحلي جهڙي ڪا شيءِ پيدا ٿئي ٿي، جيئن ڊجيٽل دور کان پهرين ٿيندو هو. تصوير کي اونداهي ڪمري ۾ پرنٽ ڪبو هو، جيڪا ذرو ذرو ٿي ظاهر ٿيندي هئي. توهان جيئن ڪو ناول پڙهندا آهيو، تيئن ساڳيو ڪيمائي سلسلو عمل پذير ٿئي ٿو. پر ليکڪ ۽ ان جي پڙهندڙ ۾ هم آهنگي هجڻ لاءِ اهو ضروري آهي تہ پڙهندڙ کي گھڻو نہ اينگهائجي ¬- ان معنيٰ ۾ جيئن اسان گلوڪارن لاءِ چوندا آهيون تہ اهي آواز کي اجايو اينگهائيندا آهن - پر انهن کي اڻ لکائتي نموني راغب ڪجي، ڪتاب لاءِ ايتري وٿي ڇڏيل هجي، جو اهو پاڻ پڙهندڙ کي آهستي آهستي گهيري ۾ آڻي، جيئن اڪوپنڪچر جي فن ۾ ٿيندو آهي، جنهن ۾ سوئيون صحيح جڳهه تي لڳائبيون آهن تہ جيئن تنتي سرشتي ۾ رت جي وهڪ جاري ٿئي.
    آئون سمجهان ٿو تہ ناول نويس ۽ پڙهندڙ وچ ۾ گهرائپ ۽ هڪ ٻئي جو پورائو ڪندڙ جيڪوسٻند هوندو آهي، تنهن جهڙو موسيقي جي دنيا ۾ هوند آهي. مون هميشه اهو سوچيو آهي تہ لکڻ موسيقي کي ويجهو آهي، البت هي نجپڻي ۾ ٿوو گھٽ هوندو آهي، ۽ آئون هميشه موسيقارن سان ريس ڪندو آهيان، جيڪي منهنجي خيال ۾ جنهن فن جي تڪميل ڪن ٿا، سو ناول کان وڌ هوندو آهي. شاعر بہ ناول نويس کان وڌيڪ، انهن جي ويجھو هوندا آهن. ننڍپڻ ۾ مون شاعري لکي، انهي ڪري اها راءِ، جا مون ڪٿي پڙهي هئي، سا مون کي دل سان ٿي لڳي ته: 'نثر نويس خراب شاعرن مان پئدا ٿيندا آهن'. ناول نويس، موسيقي جي اصطلاحن ۾، جن ماڻهن، جاين جڳهين ۽ گهٽين جو مشاهدو ڪيو آهي، تن کي پرڀائي، هڪ گاني ۾ سمائي ٿو، جنهن ۾ هڪ کان ٻئي ڪتاب جا ساڳيائي غنائي ٽڪرا پويل هوندا آهن. پر ناول نويس کي اهو افسوس رهي ٿو تہ هو نج موسيقار نہ آهي ۽ چوپن جي ناڪٽرن (فرانسيسي موسيقار فريڊرڪ چاپن پاران جوڙيل پيانو تي وڄائي ويندڙ مختصر رومانوي ڌن، جنهن ۾ 21 ننڍا ٽڪرا شامل هوندا آهن) جهڙي ڪا ڌن نہ ٺاهي سگهيو آهي.
    ناول نويس جي پنهنجي تخليقن کان اڻڄاڻائي يا خطرناڪ دوري جو سبب اهو مظهر آهي، جيڪو مون پنهنجي پاڻ يا ٻين ۾ محسوس ڪيو آهي: هر نئون ڪتاب پراڻي کي مٽايو ڇڏي، ۽ مون ۾ اهو تاثر اڀاري ٿو ڇڏي تہ مون ان کي وساري ڇڏيو آهي. مون اهو پئي سمجهيو تہ آئون ڪتابن کي هڪ ٻئي پويان، فراموشي جي لڳاتار دورن ۾ جدا جدا نموني لکان ٿو، پر اڪثر اهي ساڳيا چهرا، ساڳيا نالا، ساڳيا فقرا، اڌ جاڳ ۾ اڻيل Tapestry جي نقشن جيان، هڪ کان ٻئي ڪتاب ۾اچيو وڃن. اڌ جاڳ ۾ يا ڏينهن جو خواب ڏسندي، ناول نويس اڪثر ڪري، ننڊ ۾ هلندڙ وانگر هوندو آهي، ۽ لکڻ وارين ڳالهين جي ڌيان ۾ مگن هوندو آهي، تنهن ڪري اهو فطري آهي تہ جڏهن هو روڊ ٽپي تہ اها ڳڻتي ضرور ڪجي تہ متان ڪنهن گاڏيءَ هيٺيان اچي نہ وڃي. جيتوڻيڪ اهو نہ وساريو تہ ننڊ ۾ هلندڙ، ڇتين مٿان، بغير هيٺ ڪرڻ جي هلندو آهي.
    نوبل پرائيز جي اعلان کان پوءِ ڏنل بيان ۾ استعمال ڪيل هڪ فقرو منهنجي ذهن ۾ رهجي ويو آهي، جيڪو ٻي عالمي جنگ ڏانهن اشارو ڪري ٿو: 'هن والار يا قبضي جي دنيا واري زندگي کي عيان ڪيو'. هر ان شخص جيان جيڪو 1945 ۾ ڄائو هو، آئون بہ جنگ جو ٻار آهيان، يا چٽن لفظن ۾ ائين کڻي چئجي تہ، جيئن تہ آئون پئرس ۾ ڄائو هئس، تنهنڪري اهو ٻار آهيان جيڪو والاريل پئرس ۾ پيدا ٿيڻ جو قرضي آهي. جيڪي ان پئرس جا رهواسي هئا، سي جلد از جلد ان کي وسارڻ گهرندا هئا، يا فقط اهي روزمره جون ڳالهيون، جن لاءِ منجهن اهو ڪوڙو تاثر ٿي پيدا ڪيو تہ اهي روزمره ڳالهيون نارمل زماني جهڙيون هيون، ياد ڪندا هئا. اهو هڪ اگرو خواب هو، جنهن ۾ جئيرو رهجي وڃڻ تي شرمندگي جو اڻچٽو احساس بہ هو. اڳتي هلي جڏهن انهن جي ٻارن، کانئن ان دور ۽ پئرس متعلق سوال پڇڻ شروع ڪيا، تہ انهن جا جواب گونٿاٿ وارا هوندا هئا. يا اهي خاموش رهندا هئا، ائين ڄڻ انهن اونداهي عرصي کي پنهنجي يادگيري مان ميسارڻ ٿي گهريو ۽ اسان کان اهو لڪائڻ ٿي گهريو. پنهنجي مائٽن جي خاموشي مان اسان سڀ سمجهي ورتو، ڄڻ اسان ان دور ۾ رهيا هئاسون.
    والاريل پئرس هڪ عجيب جاءِ هو. مٿاڇري تي زندگي اڳي جهڙي هلندڙ هئي، سئنيما، ٿئيٽر، ميوزڪ هال ۽ ريسٽورنٽ ڪاروبار لاءِ کليل هئا. ريڊيو تي ڪلام پيا هلندا هئا. ٿئيٽر ۽ سئنيما هالن ۾ حاضري جنگ کان اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هئي، ڄڻ اهي جايون پناهگاهون بنجي ويون هيون، جتي ماڻهو پهچي ٻين سان ڪلها گس ڪري، پاڻ کي تسلي ڏيندا هجن. پر ٻيا جيڪي عجيب و غريب تفصيل آهن، تن جي حساب سان پئرس اهو ساڳيو نہ هو. موٽر ڪارن جي نہ هئڻ ڪري اهو خاموش شهر هو. ان خاموشيءَ وڻن جي سرڙاٽ، گهوڙن جي سنبن، ماڻهن جي انبوه جي هلڻ، آوازن جي ڀڻ ڀڻ کي ظاهر ٿي ڪيو. سياري ۾ پنجين وڳي کان پوءِ بليڪ آئوٽ ڪرڻ، جنهن ۾ درين مان هلڪي روشني ظاهر ڪرڻ جي بہ جهل هئي، ۽ گهٽين جي خاموشي ۾، شهر ڄڻ تہ پاڻ کان وڃايل ٿي لڳو – بنان اکين وارو شهر جيئن نازي والاريندڙ چوندا هئا. کن پل ۾ ننڍا ٻار توڙي وڏا ماڻهو غائب ٿي ويندا هئا، جن جو پوءِ ڪو اتو پتو نہ ملندو هو، ۽ ماحول ۾ ايترو تہ خوف ڇانيل هوندو هو، جو گهرا دوست بہ پاڻ ۾ کلي ڳالهه ٻولهه نہ ڪري سگهندا هئا.
    ڪنهن خراب خواب جهڙي انهيءَ پئرس ۾، جنهن ۾ ڪنهن کي بہ ميٽرو اسٽيشن مان ٻاهر نڪرڻ واري جاء تي پڪڙيو يا دٻايو ويندو هو، تڏهن ڪجھ ماڻهن وچ ۾ اتفاقيه ملاقات بہ ٿي ويندي، جيڪا هوند امن واري زماني ۾ نہ ٿي سگهي ها، ۽ وري نہ ملڻ واري امڪان هوندي بہ نازڪ معاشقه بہ انهي اونداهي ڪرفيو ۾ پيدا ٿيا. اڳتي هلي انهن مختصر ۽ بعضي ڪڌن ملاقاتن جي نتيجي ۾ ٻار بہ پيدا ٿيا. انهي ڪري مون لاءِ والاريل پئرس ڄڻ ازلي اونده جهڙو هو. ان کان سواءِ آئون پيدا نہ ٿي سگهان ها. اهو پئرس مونکان ڪڏهن بہ نہ وسريو آهي ۽ منهنجا ڪتاب انجي ڍڪيل روشني ۾ وهنتل آهن.
    اجهو هيءُ ثابت ٿيو تہ ليکڪ تي ان جي ڄم تاريخ توڙي زماني جا اڻ مٽ نشان نقش ٿيل هوندا آهن، پوءِ ڀلي کڻي هو سڌي نموني سياسي عمل ۾ شامل نہ رهيو هجي، ۽ دنيا کان مخفي جاءِ ۾ گوشه نشين هئڻ جو تاثر ڏيندو هجي. پر جڏهن هو ڪو نظم لکي ٿو تہ انهن ۾ پنهنجي دور جو پرتوو هوندو آهي ۽ هو انهن کي ٻي نموني لکي نٿو سگهي.
    اها ڳالهه خاص ڪري ييٽس Yeats جي نظم Wild Swans at Coole تي لاڳو آهي، جيڪو مون کي هميشه انتهائي دلسوز لڳندو آهي. هڪ پارڪ ۾، ييٽس هنجن کي پاڻي تي ترندي يا اڏرندي ڏسي ٿو.

    جڏهن کان مون ڳڻڻ شروع آهي،
    اوڻيهون سرءُ مون تي وارد ٿيو آهي؛
    پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ کان اڳ،
    مون ڏٺو تہ اهي اوچتو مٿي اڏري ويا ۽
    ڇڙوڇڙ ٿي ننڍين ننڍين گول چڪرين ۾
    پکن سان شور مچائيندا رهيا.
    پر هاڻي اهي پراسرار ۽ خوبصورت
    بيٺل پاڻي تي تڙڳي رهيا آهن،
    اهي ڪهڙي ڪناري تي وڃي
    ماڻهن جو من ريجهائيندا
    ۽ آئون جڏهن جاڳندس تہ اهي
    الائي ڪهڙي پار اڏري ويا هوندا.

    19 صدي جي شاعري ۾ اڪثر هنجن جو ذڪر اچي ٿو - بادلئير Baudelaire، ملارمي Mallarme ۾. پر ييٽس جو هيءُ نظم 19 صدي ۾ لکجي نہ سگهجي ها. ان جو خاص ردم ۽ اٻاڻڪائي ان کي 20 صدي جو ئي رنگ ڏين ٿا ۽ اڃان بہ انهي سال جو، جڏهن اهو لکيو ويو هو.
    ويهين صدي جو ليکڪ، ٿي سگهي ٿو تہ ڪڏهن پاڻ کي وقت جو قيدي سمجهندو هجي ۽ 19 صدي جي عظيم ناول نويسن - بالزاڪ، ڊڪنس، ٽالسٽاءِ، دوستوفسڪي - کي پڙهندي سندس من ۾ ناسٽلجيا پيدا ٿيندي هجي. انهن ڏينهن ۾ اڄ جي ڀيٽ ۾ وقت آهستگي سان گذرندو هو. ۽ اها وقت گذرڻ جي ڍرائي ناول نويس جي ڪم ۾ معاون ٿيندي هئي، ڇو تہ ان سان هن کي پنهنجي قوت ۽ ڌيان کي يڪجا ڪرڻ جو وقت ملي ويندو هو. هاڻي وقت جو گذرڻ تڪڙو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ماضي جي وڏي ديول جهڙي آرڪيٽيڪچر رکندڙ عظيم الشان ادبي عمارتن ۽ اڄ جي جدا جدا ٽڪرن ۾ ورهايل ڪاوشن وچ ۾ تفاوت کي سمجھڻ ۾ مدد ملي ٿي. انهيءَ نقطي نظر کان، منهنجي پيڙهي عبوري آهي ۽ آئون اهو ڄاڻڻ جو آسوند آهيان تہ ايندڙ پيڙهي، جيڪا انٽرنيٽ، موبائيل فون، اي ميل ۽ ٽويٽس ساڻ پيدا ٿيندي، سا ادب ۾، پنهنجي هن دنيا کي، جيڪا هڪ طرح سان هرقت ڳنڍيل آهي ۽ جتي سماجي نيٽورڪ، ڪجهه وقت اڳ تائين اسان جي هٿ وس رهندڙ اسانجي گهرائپ ۽ رازداري - جيڪا فرد کي گهرائي عطا ڪندي هئي ۽ ناول جو مکيه موضوع هوندي هئي - کي ڳڙڪائي رهيا آهن، تنهن کي ڪيئن بيان ڪندا. پر آئون ادب جي مستقبل بابت پراميد ۽ مطمئن آهيان تہ مستقبل جا ليکڪ جاءِ نشيني جي ائين حفاظت ڪندا، جيئن هومر کان وٺي اسان ڪندا آيا آهيون.
    وڌيڪ تہ، کڻي ليکڪ ٻين فنڪارن جيان، پنهنجي هن دور سان سگهو ٻڌل هجي ۽ ان کان آزاد نہ ٿي سگهي، ۽ روح عصر واري هوا ڦوڪي، پر پوءِ بہ پنهنجي لکڻين ۾ اڪثر اهڙو اظهار ڪندو آهي، جيڪو وقت کان بالاتر هوندو آهي. شيڪسپيئر يا ريسائين Racine جي فنپارن ۾، ان سان فرق نٿو پوي تہ ڪردارن کي ان وقت جو لباس پهريل آهي، يا ڊائريڪٽر انهن کي جينز ۽ چمڙي جا ڪوٽ پهرايا آهن. اهي غير اهم تفصيل آهن. ٽالسٽاءِ کي پڙهندي، ائنا ڪرينا اسانکي ايترو تہ ويجهو ٿي لڳي، جو اسان اهو وساريو ٿا ويهون تہ هن کي 1870 وارو لباس اوڍيل آهي. ايڊگر الين پو Edger Allen Poe، ميلول Melville يا اسٽينڍل Stendhal جهڙن ليکڪن جهڙا ڪجهه اهڙا ليکڪ آهن، جن کي سندن مرتئي جي ٻن سو سالن کان پوءِ، سندس همعصرن جي ڀيٽ ۾، صحيح سمجهيو پيو وڃي.
    ناول نويس آخرڪار ڪيترو پري تائين رهي سگهي ٿو؟ زندگي بيان ڪرڻ لاءِ ان جي ڪنارن تي رهڻ، تہ جئين ان ۾ گهيريل يا عمل ۾ هوندي ان جو تصور گڏوچڙ ٿي نہ وڃي. پر اها ننڍي وٿي ليکڪ جي پنهنجي ڪردارن سان، يا انهن ماڻهن سان جن کيس اتساه ڏنو، سڃاپجي سگهجڻ جي گنجائش کي محدود نٿي ڪري. فلابرٽ چيو تہ آئون ئي مادام باواري آهيان. ۽ ٽالسٽاءِ جهٽ ۾ پاڻ کي ان سان عورت سان ڳنڍيو، جنهن ماسڪو جي اسٽيشن تي، پاڻ کي ريل هيٺيان اڇلايو. سڃاپجڻ جي صلاحيت ايتري تائين ويئي، جو ٽالسٽاٰءِ جڏهن ڪنهن آسمان يا منظرنامي کي بيان ٿي ڪيو تہ ڄڻ هو ان جو حصو ٿي ٿي ويو، ايتري تائين جو ائنا ڪرينا جي پنڀڻن ڇنڀڻ واري بيان ۾ ملي ٿي ويو. اها بدليل حالت نرگسيت جي ابتڙ آهي، ڇو تہ ان ۾ هڪ پاسي خود فراموشي، تہ ٻي پاسي هر ننڍو تفصيل ذهن ۾ رکڻ واري اعليٰ ڌياني پاڻ ۾ گڏجي وڃن ٿيون. ايڪانت کي پڻ شامل سمجهيو وڃي ٿو. ان جي معني اندر ۾ نهارڻ يا روحاني ٿيڻ نہ آهي، پر ان سان، جڏهن اوهان ٻاهرين دنيا جو مشاهدو ڪندا آهيو، جيڪو اڳتي هلي ڪنهن ناول ۾ ادل بدل سان ڪم آڻبو آهي، توهان کي جوڳو ڌيان ۽ اعلي چٽائي حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو.
    مون هميشه اهو ويچاريو آهي تہ شاعر ۽ ناول نگار بظاهر غير دلچسپ ۽ معمولي شين توڙي روزمره جي زندگي ۾ مگن شخصن کي پراسرار بنايو وجهن، اهو انڪري جو، اهي انهن کي لڳاتار ۽ ذري گهٽ هپناٽيڪلي ڌيان ۾ آڻين ٿا. انهن جي نظرن جي گهيري ۾ ايندڙ هرشيءِ اسرار ۾ ورتل آهي، ۽ اونداهه ۾ تروري جهڙي خصلت واري هوندي آهي، جيڪا پهرين نظر ۾ ڏسڻ ۾ نہ ايندي آهي، پر لڪل هوندي آهي. هر شاعر، ناول نويس يا مصور جو ڪم اهو آهي تہ هر شخص جي اندر ۾ جيڪا اونده ۾ تروري واري خصلت ۽ پراسراريت آهي، تنهن کي پڌرو ڪري. منهنجو پري جو مائٽ چترڪار اميدو موڊي گلياني Amedo Modigliani مون کي ذهن ۾ تري آيو آهي. پنهنجي ڌوڏيندڙ پينٽنگس ۾ هن جيڪي ماڊل استعمال ڪيا، سي اَڄاتا ماڻهو، ٻار، جسم فروش عورتون، ننڍا هاري، ڌنڌا يا هنر سکندڙ هئا. هن جنهن نموني برشن جا اسٽروڪ استعمال ڪيا، تن سان عظيم ٽسڪن روايت – ڪئاٽروسينٽو Quattrocento جي بوٽيسلي Boticelli۽ سيئنيس Sieneseمصورن – جي يادگيري ٿي آئي. انهن جي عامي ظاهر جي هيٺان، سندن اندر ۾ لڪل جيڪا سوڀيا ۽ شرافت هئي، تنهن کي پڌرو ڪيو. ناول نگار جو ڪم بہ ان رخ ۾ هلڻ گهرجي. حقيقت کي تبديل ڪرڻ بجاءِ، هن جو تصور، هيٺ تائين لهي وڃي، حقيت کي پاڻ ظاهر ڪري، پنهنجي انفراريڊ يا الٽراوائليٽ طاقتن جي وسيلي ظاهر جي پردي ۾ لڪل کي ڳولي لهي. منهنجي خيال ۾ ناول نويس پنهنجي پر ۾، پيشنگوئي ڪندڙ يا ڏور نگاهي ٿيندو آهي. هو زلزلي جي خبر ڄاڻائيندڙ اوزار سيسموگراف جيان ننڍي ننڍي چرپر کي بہ محفوظ ڪري سگهي ٿو.
    جنهن ليکڪ کي آئون پسند ڪندو آهيان، تنهنجي جيون ڪهاڻي پڙهندي ٻه ڀيرا سوچيندو آهيان. جيون چرتر لکندڙ ڪڏهن ڪڏهن ننڍن تفصيلن، غير اعتباري شاهدن جي احوالن، مايوس ۽ منجهائيندڙ ڪرداري خاصيتن کي چنبڙي پوندا آهن، جيڪي ريڊيو هلندي، موسيقي يا ٻي آواز ۾ رخنو پيدا ڪندڙ گهڻ گهڻ جي آوازن جيان هوندا آهن. رڳو هن جا ليک پڙهي ڪري ليکڪ سان گهرائپ وڌي ٿي. ان وقت ئي هو پنهجي اعليٰ حالت ۾ هوندو آهي ۽ اسان سان جهيڻي آواز ۾ بنان روڪ پيو ڳالهائيندو آهي.
    پوءِ بہ ڪڏهن ڪنهن ليکڪ جو جيون چرتر پڙهندي، هن جي ننڍپڻ جو ڪو اهڙو واقعو معلوم ٿيندو آهي، جنهن هن جي مستقل جي تخليقن جو ٻڄ ڇٽيو، پر هن کي هميشه انهيءَ جو مڪمل شعور نہ هو، ۽ اهو اهم ترين واقعو مختلف روپن ۾ سندس ڪتابن ۾ ظاهر ٿيندو رهيو. ان سان مونکي الفريڊ هچڪاڪ Alfred Hitchcock ياد اچي ٿو، جيڪو ليکڪ تہ نہ هو، پر ان جي فلمن ۾ ناول جهڙي سگهه ۽ يڪجائي هئي. جڏهن هيءُ پنجن سالن جو هو، تہ سندس پيءَ کيس هڪ خط، هڪ دوست پوليس آفيسر کي پهچائڻ لاءِ ڏنو. هن اهو خط تہ پهچايو، پر ان پوليس آفيسر کيس، ڏوهارين کي عارضي طرح رات جو قيد رکڻ واري بُهري ۾ واڙي ڇڏيو. پوري ڪلاڪ کان ان آفيسر هن هيسيل ٻار کي آزاد ڪيو ۽ سمجهايو تہ هاڻي توکي خبر پئي تہ جيڪر تو غلطڪاري ڪئي تہ تنهنجو ڪهڙو انجام ٿيندو. ٻار کي نپائڻ وارو عجيب منطق رکندڙ اهو پوليس آفيسر ئي الفريڊ هچڪاڪ جي فلمن جي سسپينس ۽ ڳڻتي واري ماحول جو مکيه محرڪ هوندو.
    آئون پنهنجي ذاتي ڪهاڻي بيان ڪري، اوهان کي تڪليف نہ ڏيندس، پر آئون سمجهان ٿو تہ ننڍپڻ جي ڪجهه واقعن جيڪو ٻج ڇٽيو، سو منهنجي ڪتابن جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. آئون والدين کان پري، مختلف گهرن ۽ جاين ۾ انهن دوستن سان گڏ رهندو هوس، جن جي مون کي گهڻي خبر نہ هئي. ڪڏهن ٻار کي ڪجھه بہ حيران نہ ڪندو آهي، ۽ عجيب ۽ غريب صورتحال بہ فطري ڀاسندي آهي. ڪافي وقت کان پوءِ مونکي پنهنجو ننڍپڻ معمائي لڳو ۽ مون ان جاين جڳهين توڙي ان ماڻهن متعلق، جن ساڻ والدين مون کي رهڻ ڏنو، وڌيڪ ڄاڻڻ گهريو. پر آئون اڪثر ماڻهن توڙي جاين کي تز نموني سڃاڻي نہ سگهيس. انهن پرولين کي سلجهائڻ جي اڇا ۽ اسرار کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش مون کي لکڻ ڏانهن لاڙيو، ڄڻ لکڻ ۽ تصور ڪرڻ جي قوت مون کي کليل ڳنڍين کي ٻڌڻ ۾ مدد ٿي ڪئي.
    جيئن تہ اسان اسرارن متعلق پيا ٿا ڳالهايون، خيالن يا راين جو پاڻ ۾ لاڳاپو مون کي ياد پيو ڏياري، 19 صدي جو فرينچ ناول: Les mysteres de Paris. شهر – جيڪو منهنجي جنم جو شهر پئرس آهي - منهنجي ٻاروتڻ جي تاثرات سان ڳنڍيل آهي، اهي تاثرات ايترا تہ سگهارا هئا، جو آئون ان وقت کان لڳاتار پئرس جي اسرارن کي ڳولي رهيو آهيان. جڏهن نون يا ڏهن سالن جو هوس تہ آئون باوجود گم ٿي وڃڻ جي ڊپ هوندي، سين Seine ندي جي ساڄي ڪپ تي اڻ ڏٺل مڙني محلن ۾ گهمندو هوس. اهو ڏينهن جي روشني ۾ ٿيندو هو، جنهن سان آئون مطمئن هوس. بالغ پڻي اچڻ سان مون ان خوف تي قابو پائڻ جا جتن ڪيا، ۽ هاڻي نہ رڳو رات جو انهن محلن ۾، پر ميٽرو جي ذريعي ٻين وستين ۾ گهمڻ لڳس. ائين ئي اوهان شهرن کي ڄاڻي سگهو ٿا ۽ آئون انهن ناول نويسن جي پوئيواري ڪري رهيو هوس، جن کي مون ساراهيو ٿي، ۽ جن لاٰءِ 19 صدي کان وٺي شهر، جنهن کي اوهان پئرس، لنڊن، سينٽ پيٽرسبرگ يا اسٽاڪهوم چئو، پس منظر ۽ اهم موضوع هو.
    ايڊگر الين پو پنهنجي هڪ ڪهاڻي The man of the crowd (انبوه جو ماڻهو) ۾ انسانيت جون لهرون اڀاري ٿو، جڏهن هو ڪيفي جي دري مان گهٽين ۾ هلندڙ ماڻهن کي جانچي ٿو. هو هڪ پوڙهي شخص کي کڻي ٿو، جنهن جو ظاهري ڏيک غير معمولي آهي، هو ان جي پويان سڄي رات لنڊن جي مختلف حصن ۾ وڃي ٿو تہ جيئن هن متعلق هو وڌيڪ ڄاڻي سگهي. پر اهو اڄاتل شخص انبوه جو ماڻهو آهي ۽ هن جو پيچو اجايو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو هميشه اڄاتو رهندو ۽ هن متعلق ڪجھه بہ ڄاڻڻ مشڪل هوندو. هن جو انفرادي وجود ڪونهي، هو گذرندڙ ماڻهن جي ميڙ جو حصو آهي، جيڪو هن سان همسفر آهي ۽ گهٽين ۾ هلندي هو انهن سان ملي هڪ ٿيو وڃي.
    مون کي ياد اچي پيو تہ شاعر ٿامس ڊي ڪئنسي کي جواني ۾ ڪجھ ٿيو هو، جنهن سندس زندگي تي اثر وڌو هو. لنڊن ۾، آڪسفرڊ اسٽريٽ جي ميڙ ۾، هن هڪ ڇوڪريءَ سان دوستي ڪئي، جيئن شهرن ۾ اهڙا اتفاق ٿيندا آهن. ڪجھه ڏينهن هنن ساٿ ۾ گذاريا، ان بعد هن کي ڪجهه ڏهاڙن لاءِ لنڊن مان ٻاهر وڃڻو پيو. انهن طيءِ ڪيو تہ هفتي کان پوءِ اها ڇوڪري ساڳي سمي، گريٽ ٽچفيلڊ اسٽريٽ جي ساڳي ڪنڊ تي ايندي. پر انهن ٻيهر هڪ ٻئي کي نہ ڏٺو. 'جيڪر هوءَ جيئري هجي ها، تہ لاشڪ اسان ڪجهه وقت لاءِ هڪ ٻئي جي ڳولا ڪريون ها، ساڳي سمي، لنڊن جي وڏن ورن وڪڙن وارن رستن تي هڪ ٻئي کان چند فوٽن جي دوري تي هجون ها - اهو لنڊن جي ڪنهن گهٽي جيترو ويڪرو سنڌو اڪثر ياعمر علحدگي جو سبب ٿئي ٿو.'
    سالن گذرڻ سان، شهر جو هر محلو، هر گهٽي، جيڪي هتي ڄاوا ۽ نپنا آهن، تن لاءِ ڪا ياد، ملاقات، ڪنهن ڏک يا خوشي جي ياد اڀارين ٿا. اڪثر ساڳي گهٽي يادگيرين جي لڳاتار سلسلي سان ڳنڍيل هوندي آهي، ايتري حد تائين جو شهر جي جاگرافيائي نقش نگاري اوهانجي سڄي زندگي ٿيو پوي، جيڪا اوهان جي ذهن ۾ لڳاتار تهن جي صورت ۾ تري ايندي آهي، ڄڻ اوهان ڪنهن ڪاٺ يا ڪپڙي تي اڪريل لکڻي کي پڙهي سگهو ٿا. ۽ پڻ هزارن مٿان هزارين اڻڄاتل ماڻهن جون زندگيون ياد اچن ٿيون، جيڪي گهٽين مان لنگهيا هئا يا ميٽرو جي گذرگاه ۾ پيڙه دوران ٽڪرايا هئا.
    انهي ڪري، جواني ۾ پنهنجي لکڻ ۾ مدد لاءِ آئون پئرس جي پراڻين ٽيليفون ڊائريڪٽرين خاص ڪري اهي، جن ۾ نالن ساڻ گهٽين ۽ بلڊنگن جا نمبر هوندا هئا، پيو ڳوليندو هوس. جڏهن آئون انهن جا پنا پيو اٿلائيندو هوس تہ مون کي ائين لڳندو هو تہ آئون شهر - اٽلانتس جهڙي ٻڏل شهر - جي ايڪسري کي پيو ڏسان، ۽ وقت جي خوشبو پيو پاڻ ۾ اوتيان. جيئن سال گذري ويا هئا، انهن هزارن مٿان هزارين اڻ ڄاڻ ماڻهن جا رڳو نالا، ائڊريسون ۽ ٽيلفون نمبر رهجي ويا. ڪڏهن ڪڏهن ڪو نالو هڪ سال مان ٻي ڏانهن گم ٿيو وڃي. انهن پراڻن فون ڪتابن کي جانچيندي ڪڏهن اهو سوچي دهشت زده ٿي وڃبو آهي تہ جيڪر ڪن نمبرن تي فون ڪبي تہ اتان ڪوبہ جواب نہ ملندو. اڳتي هلي اوسپ مينڊلاسٽام Osip Mandelstam جي هڪ نظم جي ٽڪري مون کي متاثر ڪيو.
    پنهنجي ٻاروتڻ ۽ ڳوڙهن سان مانوس
    شهر ڏي آئون وريس
    پيٽرسبرگ ...
    تون منهنجو ٽيلفون نمبر جئيرو رکيو ويٺو آهين .
    پيٽرسبرگ، اڃان بہ مون وٽ اهي ڏس پتا آهن،
    جن کي آئون مري ويلن جي آواز کي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندس.

    انهي ڪري مون کي ائين لڳي ٿو تہ منهنجي شروعاتي ڪتابن لکڻ جي خواهش انهن پراڻن ٽيليفون ڪتابن کي ڏسندي اتپن ٿي. مون کي ڪرڻو رڳو اهو هو، جو آئون ڪجهه اڻڄاڻ ماڻهن جي نالن، ائڊريسز ۽ نمبرن کي پنيسل سان انڊرلائين ڪري، تصور ڪندو هوس تہ انهن جي زندگيون ڪيئن گذريون هونديون.
    توهان ڪنهن وڏي شهر ۾ گم ٿي يا پاڻ وڃائي سگهو ٿا. توهان پنهنجي شناخت بدلائي نئين زندگي گذاري سگهو ٿا. توهان علحده محلي جي هڪ يا ٻن ائڊريسز کي کڻي، ڪيني جو سراغ لهڻ لاءِ ڊگهي ڳولا ۾ مصروف ٿي سگهو ٿا. مونکي هميشه ڳولا جي ريڪارڊن ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ فقرو 'آخري معلوم ائڊريس' ڪافي موهيندو رهيو آهي. گم ٿيڻ، شناخت، وقت گذرڻ جا موضوع شهر جي جاگرافيائي نقش نگاري سان گھڻا ڳنڍيل آهن. انهيءَ ڪري 19 صدي کان وٺي، شهر ناول نويسن جو مکيه موضوع رهيا آهن، ۽ انهن عظيم ترين ناول نويس جو تعلق رڳو هڪ شهر سان ڳنڍيل رهيو آهي: بالزاڪ ۽ پئرس، ڊڪنس ۽ لنڊن، دوستووسڪي ۽ سينٽ پيٽرسبرگ، ٽوڪيو ۽ نگائي ڪافو Nagai Kafu، اسٽاڪهوم ۽ جالمار سودربرگ Hjalmar Soderberg.
    آئون ان پيڙهيءَ سان لاڳاپيل آهيان، جن کي انهن ناول نويسن متاثر ڪيو، جيڪي وري پنهنجي سر، جيئن بادليئر چيو 'پراڻن گادي شهرن' جي پيچيده تهن کي ڦولڻ جا خواهشمند ٿيا. يقيني طور، پنجاه سال اڳ - يا ٻين لفظن ۾ جڏهن منهنجي عمر جو بالغپڻو، پنهنجي شهر جا چٽڪا ڄاڻڻ جا تجربا ڪري رهيو هو- شهر بدلجي رهيا هئا. ان مان، آمريڪا يا ٽين دنيا ۾، ميگا سٽي ٿي پيا ۽ پريشان ڪندڙ حدن تائين وڃي رسيا. اتي جا رهواسي گھڻو ڪري توجه کان محروم محلن ۾ ورڇيل ۽ سماجي جنگ واري ماحول ۾ رهندڙ آهن. ڪچيون آباديون وڌي ۽ ڦهلجي رهيون آهن. ويهين صدي تائين ناول نويس شهر جي حوالي سان، بادلئير يا ڊڪنس کان مختلف نہ هوندڙ، گهٽ يا وڌ روماني تصور رکندا هئا. تنهنڪري آئون اهو ڄاڻڻ گهرندس تہ مستقبل جا ناول نويس ڪيئن انهن وڏن شهري آبادي جي واڙن کي پنهنجي لکڻين ۾ ورتائيندا.
    منهنجن ڪتابن جي حوالي سان، اوهان جو اهو ذڪر تہ “هن ناقابل فهم انساني تقدير کي يادگيري جي آرٽ سان اڀاريو آهي.” اوهان جي مهرباني جو نتيجو آهي. پر اها ساراه مون لاءِ مون کان وڌيڪ آهي. اها مخصوص قسم جي يادگيري متعلق آهي، جيڪا ماضي جي ننڍن ننڍن ٽڪرن، ۽ ڌرتي تي رهجي ويل اڄاتن ۽ نامعلوم سراغن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. وڌيڪ اهو تہ اهو سڀ منهنجي جنم جي سال 1945 سان ڳنڍيل آهي. شهرن جي تباهي ۽ ڪل آبادين جي گم ٿيڻ کان پوءِ سال 1945 ۾ پيدا ٿيڻ ڪري، آئون، منهنجي هم عمر ٻين ڪيترن وانگيان يادگيري ۽ فراموشي جي موضوعن جو وڌيڪ اثرپذير آهيان.
    بدقسمتيءَ سان آئون نٿو سمجهان تہ ماضي جي شين جو يادگيرو مارسل پرائوسٽ جي سگهه ۽ صاف گوئي ذريعي ڪري سگهجي ٿو. جنهن 19 صدي جي سماج کي هن بيان ڪيو آهي، سو مستحڪم هئو. خاموش اداڪارن جي طائفي جيان پرائوسٽ جي يادگيري ماضي جي مڙني تفصيلن کي نئين سر ظاهر ڪري ٿي. اڄ مون کي اهو احساس ٿيو آهي تہ يادگيري، فراموشي ۽ ويسر خلاف مسلسل جدوجهد ۾ مصروف رهندي، يادگيري پنهنجي جي حوالي سان ايتري مطمئن ڪانهي. فراموشي جو هي تهه يا ڍير جيڪو هر شيءِ کي لڪايو ڇڏي، جي معنيٰ آهي تہ اسان صرف ماضي جي ٽڪرن، اڻ لاڳاپيل نشانين، عارضي ۽ سمجهه ۾ نہ اچڻ جوڳي انساني مقدر کي هٿ ڪري سگهون ٿا.
    پوءِ بہ اها ناول نويس جي ڪرت آهي تہ هو جڏهن هو فراموشي جي وڏي خالي پني سان مقابل ٿئي تہ سمنڊ جي سطح تي ترندڙ برفاني ڇپن وانگر وسري ويل لفطن کي ظاهر ڪري.


    هارايل جنگ تي سويتلانا اليڪسي وچ جو نوبيل ليڪچر

    [31مئي 1948 تي يوڪرين ۾ پيدا ٿيل سويتلانا اليڪسيٖ وچSvetlana Alexievich ، روسي ٻولي جي نامور صحافڻ، ۽ زباني مورخ آهي. کيس سال 2015 جو نوبيل ادبي انعام اسان جي دور جي پيڙا ۽ همت جو يادگار بنيل سندس گهڻ آوازي لکتن ڪري ڏنو ويو. انعام حاصل ڪندو، هن جيڪو ليڪچر ڏنو سو هيٺ پيش ڪجي ٿو.]

    هن پوڊيم وٽ آئون اڪيلي بيٺل نہ آهيان. منهنجي چوڦير سوين آواز آهن. ننڍپڻ لاڪون ئي اهي آواز مون سان گڏ آهن. ٻاروتڻ ۾ اسان کي گهر کان ٻاهر راند روند ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو، پر جڏهن سنجها ٿيندي هئي تہ پنهنجي جھوپڙين جي آڏو بينچن تي اچي ويٺل ٿڪل ڳوٺاڻين عورتن جا آواز اسان کي چقمق جيان پاڻ ڏانهن ڇڪيندا هئا. انهن مان ڪنهن جو بہ مڙس، والد يا ڀاءُ هتي نہ هو. مون کي ٻي عالمي جنگ کان پوءِ ڪو مرد نٿو ياد پوي، جنگ دوران هر چوٿين بيلارشين مان هڪ شخص جنگ ۾، يا تہ محاذ تي يا مخالف سان جهيڙيندي مري ويو. جنگ کان پوءِ اسان ٻار عورتن جي دنيا ۾ رهياسين. مون کي جيڪو چٽو يادگيرو آهي، سو اهو آهي تہ عورتون موت جي بجاءِ پيار جي پچار ڪنديون هيون. اهي پنهنجي محبوب کي جنگي محاذ تي روانو ڪندي الوداع جون ڳالهيون ڪنديون هيون، اهي هن جي انتظار ۽ ڪهڙي نموني انتظار ڪن ٿيون جو احوال ڪنديون هيون. ورهيه لنگهي ويا هئا، پر اڃان آسائتيون هيون. ”پرواه نہ آهي، هن جون کڻي پنهنجون ٽنگون ۽ ٻانهون ظايع ٿيل ھونديون، پر آئون ان کي پاڻ ئي کڻنديس.“ نڪي ٻانهون نڪي ٽنگون ..... آئون ڀانيان ٿي، مون کي ننڍپڻ کان ئي پيار جي ڄاڻ آهي.
    هاڻي انهي سرودگاھ choir مان ڪجهه سر ....

    پهريون آواز
    ”تون اهو سڀ ڇو ڄاڻڻ ٿي گهرين؟ اهو ڏکن ڀريو قصو آهي. آئون پنهنجي ور سان جنگ دوران مليس. آئون ٽينڪ جي عملي ۾ شامل هئس، جيڪو وڃي برلن پڳو هو. ياد اٿم اسان ريچسٽيگ Reichstag ۾ هئاسون، ۽ هو اڃان منهنجو مڙس نہ ٿيو هو، هو مون کي چئي ٿو:” آئون تون کي چاهيان ٿو، اچ تہ پاڻ شادي ڪريون.“ آئون ايتري پريشان هئس - اسان جنگ دوران گند ڪچري ۽ خون ۾ پئي رهياسين ۽ گارين کان سواءِ ٻيو ڪجهه نہ پئي ٻڌوسين، مون کيس وارڻيو: ”پهريائين مون کي عورت تہ ٺاهه، مون کي ڪي گل آڇ، ڪن مٺين ڳالهين جا سرٻاٽ تہ ڪر. جڏهن مونکي فوجي خدمت مان آجائي ملندي، تڏهن آئون ڊريس ٺاهينديس.“ آئون ايترو تہ توائي هئس، جو مون هن کي ڌڪ هڻڻ ٿي گهريو. هن اهو ڀانپي ورتو. هن جو هڪ ڳل سڙي ويو هو ۽ ان تي هڪ نشان رهجي ويو هو، مون ان تي سندس لڙڪ لڙندي ڏٺا. ”ٺيڪ آهي، آئون توسان وهانءُ ڪنديس.“ مون چيو. اهڙي نوع ۾، جو مون کي پاڻ اعتبار نٿي آيو تہ مون ائين چيو.... اسان جي چوگرد رڳو رک ۽ ٽٽل سرون يا ائين چئجي تہ جنگ هئي.“

    ٻيو آواز
    ”اسان چرنوبل نيوڪليئر پلانٽ جي ڀرسان رهندا هئاسون. آئون بيڪري ۾ پيسٽريون ٺاهيندي هئس. منهنجو مڙس فائرمئن هو. اسان تازو شادي ڪئي هئي ۽ اسٽورن ۾ ويندي، هٿ هٿ ۾ ڏئي هلندا هئاسين. جنهن ڏينهن اهو ريڪيٽر ڦاٽو، منهنجو مڙس فائر اسٽيشن تي ڊيوٽي ڪري رهيو هو. اهو ۽ سندس ساٿي بجائي خاص ڪپڙن پهرڻ جي، پنهنجن عام ڪپڙن ۾ ڌماڪي واري جاءِ ڏي روانا ٿيا. ان نموني زندگي بسر ٿيندي هئي ..... تون کي خبر آهي ..... اهي سڄي رات اتي ڪم ڪندا رهيا ۽ کين زندگي مخالف تابڪاري جا ڊوز لڳندا رهيا. ٻي ڏينهن صبح جو اهي ماسڪو موڪليا ويا ... تابڪاري جي نتيجي ۾ بيماري جي ڪري .... جنهن ۾ اوهان چند هفتن کان وڌيڪ زنده رهي نٿا سگهو. منهنجو مڙس جيئن تہ سگهارو ۽ پهلوان هو، تنهنڪري هو آخر ۾ فوت ٿيو. آئون جڏهن ماسڪو پهتس، تہ انهن مون کي ٻڌايو تہ منهنجو مڙس هڪ خاص هيڪلي وارڊ ۾ رکيل آهي، جتي ڪنهن کي بہ وڃڻ جي اجازت نہ آهي. ”پر آئون تہ هن کي پيار ڪريان ٿي.“ مون کين منٿ ڪئي. ”سپاهي هن جي سنڀال ڪري رهيا آهن. هاڻي تون ڪيڏانهن وڃڻ جو پئي سوچين..؟“ ”آئون هن سان پيار ڪريان ٿي“. پر هنن جواب ڏنو تہ ”هي هاڻي اهو ماڻهو نہ رهيو آهي، جنهن سان تون پيار ٿي ڪرين، هو هاڻي هڪ اھڙو آبجيڪٽ آهي، جنهن کي تابڪاري اثرن کان پاڪ ڪرڻو آهي. ڳالهه سمجهئي يا نه؟“ پر آئون وري وري پاڻ کي ٻڌائيندي رهيس تہ مون کي هن سان پيار آهي. آئون رات جو باهه کان بچي نڪرڻ واري ڳڙڪي تائين چڙهي ويندي هئس. رات مهل صفائي ڪندڙن کي مون پئسا ڏنا، تہ جيئن هو مون کي اندر اچڻ ڏين. جيسين هن جا پساه پورا نہ ٿيا، آئون ڪوششون ڪندي رهيس ... هن جي مرتيي کان ڪجھ مهينا پوءِ، مون هڪ نينگري ڄڻي، پر اها بہ رڳو ٻه ٽي ڏينهڙا جيئري رهي... اسان ٻئي هن جي حوالي سان پرجوش هئاسون، پر مون هن کي ماري وڌو .... ۽ ان ابهم مون کي بچائي ورتو، هن سڄي تابڪاري پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏي. هوءَ ڏاڍي سيپڪڙي هئي .... مونکي تہ ٻنهي سان پيار هو. ڇا واقعي پيار سان ڪنهن کي قتل ڪري سگهجي ٿو؟ ڇو پيار ۽ موت هڪ ٻئي کي ويجھو ٿين ٿا؟ اهي هميشه گڏجي ايندا آهن. ڪير اهو سمجهائي سگهندو؟ قبر وٽ آئون ويهي رهان ٿي .....“

    ٽيون آواز
    ”پهريون ڀيرو مون هڪڙي جرمن کي ماريو ..... آئون ڏهن سالن جي هئس ۽ طرفدار Partisans مونکي پاڻ سان گڏ مهمن تي وٺي ويندا هئا. اهو جرمن زخمي ٿيو پٽ تي پيل هو... مون کي چيو ويو تہ هن جو پسٽل کڻي اچان. آئون هن جي مٿان ويس، پر هن پسٽل کي ٻنهي هٿن سان پڪڙيو ۽ منهنجي منهن جو نشانو وٺڻ لڳو. پر ھو فائر نہ ڪري سگهيو. مون اڳواٽ ڪيو...
    ڪنهن کي مارڻ تي مون کي ڊپ نٿي لڳو.... ۽ مون جنگ دوران ان بابت نہ سوچيو. ڪافي ماڻهو ماريا ويا ۽ اسان مُردن وچ ۾ پئي رهياسون. مونکي حيرت لڳي، جڏهن ڪجھ سالن پڄاڻان، مون انھي جرمن متعلق اوچتو خواب ڏٺو... پوءِ اهو خواب بار بار اچڻ لڳو... آئون اڏامڻ ٿي گهران، پر هو مون کي ڇڏي ئي نٿو. آئون پاڻ کي مٿي ڪرڻ اڏامڻ ٿي گهران .....هو پڪڙي ٿو وٺي ۽ آئون هن سان گڏ ڪري پوان ٿي.... آئون هڪ نموني جي کاهي ۾ ڪري پوان ٿي. آئون اتان نڪرڻ گهران ٿي، اڀي ٿيان ٿي، پر هو ائين نٿو ڪرڻ ڏئي.... هن جي ڪري آئون اڏامي نٿي سگهان.
    ساڳيو خواب... ڪافي ڏهاڪن تائين مون کي پريشان ڪندو رهيو....
    آئون پنهنجي پٽ کي ان خواب بابت ٻڌائي نٿي سگهان. هو ننڍو هو – آئون نٿي ٻڌائي سگهيس. آئون هن کي پرين جي ڪهاڻيون پڙهي ٻڌائيندي ھئس. هاڻي هو وڏو ٿي ويو آهي، پر پوءِ بہ آئون کيس اهو ٻڌائي نٿي سگهان.....“

    فلابرٽ پاڻ کي انساني قلم سڏيو آهي؛ آئون پنهنجي لاءِ چوان ٿي تہ آئون انساني ڪن آهيان. جڏهن آئون گهٽين ۾ گهمان ٿي ۽ لفظ، فقرا ۽ حيرانگي وارا جملا جھپيان ٿي، تڏهن آئون سوچيندي آهيان - ڪيترا ناول ڪو نالو نشان ڇڏڻ بجاءِ الوپ ٿيو وڃن! اونداهين ۾ غرق ٿيو وڃن. اسان ادب واسطي انساني زندگي جي ڳالهه ٻولهه واري رخ کي پڪڙي نہ سگهيا آهيون. اسان ان کي سمجهي نہ ٿا سگهون، ان تي اسانکي ڪا حيرت يا خوشي نٿي پلئه پوي. پر مون کي ان رخ موهيو آهي ۽ ان جو اسير ڪري ڇڏيو آهي. مونکي انساني ڳالهه ٻولهه جو انداز پيارو لڳندو آهي ... مونکي هيڪلو انساني آواز پيارو لڳي ٿو. اهو منهنجو وڏو پيار ۽ جولان آهي.
    هن پوڊيم تائين پهچڻ وارو رستو ڪافي ڊگھو رهيو آهي - هڪ ماڻهو کان ٻئي تائين، هڪ آواز کان ٻئي تائين پورا چاليهه گذريا آهن. آئون اهو نٿو چئي سگهان تہ آئون هر وقت هن رستي تي هلي آهيان. ڪافي ڀيرا مون کي انسانن لوڏي ۽ ڊيڄاري ڇڏيو هوندو. مون کي سرهائي ساڻ ارهائي جو بہ تجربو حاصل ٿيو آهي. مون ڪافي ڀيرا، جيڪو سئو هئم، تنھنکي وساري ۽ اڻڄاڻائي واري زماني ۾ واپس ورڻ گهريو آهي. وري ڪافي ڀيرا مون ماڻهن ۾ عمدگي بہ ڏٺي، تہ مون روئڻ بہ چاهيو.
    آئون ان ملڪ ۾ رهندي هئس، جتي ننڍي لاڪون ئي مرڻ سيکاريو ويندو هو. اسان کي موت متعلق پڙهايو ويندو هو. اسان کي ٻڌايو ويندو هو تہ انسانن جو وجود ان لاءِ آهي تہ هو سڀ ڪجهه قربان ڪري، ٻري وڃي ۽ پنهنجو ٻليدان ڏئي. اسانکي هٿيارن سان ماڻهن سان پيار ڪرڻ جي سکيا ملندي هئي. جيڪر آئون ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پيدا ٿيا ها، تہ هوند اهو رستو نہ وٺان ها. مدائي ڪٺور هوندي آهي، اوهان کي ان جي حوالي سان پاڻ کي محفوظ بنائڻو پوي ٿو. اسان شڪار ٿيندڙ ۽ ان کي ختم ڪندڙ وچ ۾ پيدا ٿياسون. ايتري تائين اسان جا والدين بہ هراس ۾ رهيا ۽ انهن بہ اسان کي سڀ ڪا ڳالهه نہ ٻڌائي - گھڻن حالتن ۾ تہ هنن ڪجهه بہ نہ ٻڌايو - اسان جي زندگي جي هوا بہ زهريلي هئي. شيطان اسان تي ڪرڙي نظر رکيو ويٺو هو.
    مون پنج ڪتاب لکيا آهن، پر مون کي ائين ڀاسندو آهي تہ ڄڻ اهي سڀ هڪ ڪتاب ئي آهن. خوشخيالي Utopia جي تاريخ متعلق هڪ ڪتاب .....
    وارلم شالاموف هڪ ڀيرو لکيو: ”انسانيت جي حقيقي پنر آرنڀ renewal لاءِ مون هڪ تمام وڏي لڙائي ۾ حصو ورتو، جيڪا هارائجي ويئي.“ آئون انهي لڙائي جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جي تاريخ کي نئين سر جوڙي رهي آهيان. ڪيئن ماڻهن هن ڌرتي تي خدائي بادشاهت قائم ڪرڻ ٿي گهري، جي تاريخ. بهشت! سج وارو شهر! آخر ۾ رڳو رهجي ويو رت جو سمنڊ ۽ ڪروڙين ماڻهن جون تباه ٿيل زندگيون. بهرحال اهڙو بہ وقت هو جو جڏهن 20 صدي جو ڪو ٻيو سياسي نظريو، ڪميونزم (يا ان جو استعارو آڪٽوبر انقلاب) ڪنهن ٻئي سان ڀيٽجي نٿي سگهيو، اهو وقت جڏهن مغربي دانشورن توڙي ٻي دنيا جي ماڻهن کي ڪنهن بہ ڳالهه ايترو سگهاري يا جذباتي نموني نہ موهيو هو. ريمنڊ آرون روسي انقلاب کي دانشورن جو آفيم سڏيو. پر ڪميونزم جو نظريو گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار سال پراڻو آهي. اسان کي اهو افلاطون جي آدرشي ۽ درست رياست واري سکيا ۾ توڙي ارسٽوفينز Artistphenes جي ان زماني جي خوابن ۾ ”جنهن ۾ هرشيءِ جو مالڪ هر ماڻهو هوندو“ ۾ لڀجي ٿو.... ٿامس مور Thomas More ۽ ٽوماسو ڪئمپينيلا Tommaso Campanella ۾ ... اڳتي هلي سينٽ سائمن، فوريئر ۽ رابرٽ اووين ۾. روسين جي روح ۾ ڪا اھڙي ڳالهه آهي، جيڪا کين انهن خوابن کي حقيقت ۾ بدلائڻ تي مجبور ڪري ٿي.
    ويهارو سال اڳ اسان سويٽ يونين جي سرخ سلطنت کي پٽن پاراتن ۽ لڙڪن سان الوداع ڪيو. هاڻي اسان ماضي تي تاريخي تجربي واسطي وڌيڪ ٿڌائي سان نظر وجھي سگهون ٿا. اهو اهم آهي، ڇو تہ سوشلزم جي حوالي سان بحث ختم نہ ٿيو آهي. دنيا جي حوالي سان مختلف تصور رکندڙ هڪ نئين پيڙهي پيدا ٿي آهي، پر ڪافي نوجوان مارڪس ۽ لينن کي وري پڙهن پيا. روسي شهرن ۾ اسٽالن کي ڀيٽا ٿيل نوان ميوزم کلي رهيا آهن، ۽ نوان يادگارجوڙيا پيا وڃن.
    سرخ سلطنت تہ الوپ ٿي ويئي، پر سرخ ماڻهو، هومو سويٽيڪس homo sovieticus رهجي ويو آهي. اهو جالي پيو.
    منهنجو پيءُ تازو فوت ٿيو آهي. هو آخر تائين ڪميونزم ۾ اعتباري رهيو. هن پارٽي جي رڪنيت جو ڪارڊ سنڀالي رکيو. آئون لفظ سووڪ sovok کي استعمال ڪرڻ جو ساهس نٿي ڌاريان، جيڪو سويت ذهنيت لاءِ تضحيڪي فقرو آهي، ڇو تہ اهو مون کي پنهنجي والد يا پنهنجي ٻين ويجهن دوستن لاءِ استعمالڻو پوندو. اهي سڀ ساڳي جاءِ يعني سوشلزم مان نسريا آهن. انهن مان ڪافي آدرشي هئا. رومانوادي. اڄ انهن کي ڪڏهن ڪڏهن غلامي جا رومانوادي سڏيو وڃي ٿو. خوشخيالي يا يوٽوپيا جا غلام. منهنجو خيال آهي تہ اهي ٻي نوع جي زندگي گهاري ٿي سگهيا، پر اهي سويت زندگي گهاريندا رهيا. ڇو؟ مون ان سوال جي ڳولا ڪافي عرصي تائين ڪئي، آئون سڄو ملڪ، جنهن کي اڳ ۾ USSR سڏيو ويندو هو، گهميس ۽ هزارين ٽيپون رڪارڊ ڪيون. اهو سوشلزم هو، ۽ اهو سادي طرح اها اسانجي زندگاني هو. مون ذرو ذرو ڪري گهريلو يا اندورني سوشلزم جي تاريخ ڪٺي ڪئي آهي. آئون انسان نالي هڪ ننڍي وٿ ... اڪيلي فرد .... ڏانهن ڇڪ محسوس ڪندي رهي آهيان.... انفرادي شخص. حقيقت ۾ اتي ئي سڀڪجهه ٿئي ٿو.
    جنگ کان فورن پوءِ، ٿيوڊور اڊورنو صدمي ۾ لکيو: ”آسوچز Auschwitz کان پوءِ شاعري لکڻ وحشي پڻو آهي“. منهنجو استاد، اليس ائڊامووچ Ales Adamovich، جنهن جو نالو، آئون اڄ احسانمندي سان وٺان ٿي، جو خيال هو تہ 20 صدي جي ڀوائتين حالتن کي نثر ۾ لکڻ بي حرمتي هئي. ڪابہ شيءِ ايجاد نٿي ڪري سگهجي. اوهان کي سچ کي ائين پيش ڪرڻو آهي، جيئن آهي. اعليٰ ادب Super-literature جي گهرج آهي. گواه کي ضرور ڳالهائڻ گهرجي. نسٽي جا لفظ ياد پيا اچن - ڪوبہ فنڪار رڳو حقيقت مان مطمئن نٿو ٿي سگهي. هو ان کي اڀاري نٿو سگهي.
    ان نڪتي مون کي پريشان پئي ڪيو آهي تہ سچ هڪ دل، هڪ ذهن ۾ سمائي نٿو سگهجي، ڇو تہ اهو سچ ڇيهون ڇيهون ٿيل هوندو آهي. اهو تمام گهڻو ۽ منفرد هوندو آهي، ۽ دنيا ۾ هر پاسي پکڙيو پيو آهي. دوستوفسڪي جي خيال ۾ انسانذات گهڻو ڪجهه پنهنجي متعلق ڄاڻي ٿي، جيڪو ادب ۾ رڪارڊ نہ ٿيو آهي. ائين آئون آخر ڇا ٿي ڪريان؟ آئون روزانو زندگي جي احساسن، ويچارن ۽ لفظن کي ڪٺو ڪريان ٿي. آئون پنهنجي زماني جي زندگي کي ڪٺو پئي ڪريان. آئون روح جي تاريخ ۾ دلچسپي رکان ٿي. روح جي روزمره واري حياتي، اهي شيون، جيڪي تاريخ جي وسيع ڪئنواس چٽڻ مهل ترڪ ڪيون وڃن ٿيون يا ناپسند ڪيون وڃن ٿيون. آئون گم ٿيل تاريخ سان ڪم ڪريان ٿي. مون کي اڪثر، اڃان تائين بہ اهو ٻڌايو وڃي ٿو تہ آئون جيڪي ڪجھ لکان ٿي، ادب نہ پر هڪ دستاويز Document آهي. اڄ ادب ڇا آهي؟ ڪير ان جو جواب ڏيندو؟ اڳ جي ڀيٽ ۾ اسان تڪڙو جيئون ٿا. مواد هيئت کي ٽوڙي ۽ بدلايو ڇڏي. هر شيءِ پنهنجي حدن کان مٿي چڙهي ٿي، ميوزڪ، پينٽنگ، ايتري تائين جو دستاويز جي اندر بہ لفظ پنهنجي سرحدن کان ٻاهر نڪريو وڃن. حقيقت ۽ جڙت ۾ ڪو سنڌو نہ آهي، هڪڙو ٻئي ۾ رلجي ٿو وڃي. شاهد غيرجانبدار نہ هوندا آهن. ڪهاڻي ٻڌائيندي، اهي ڳالهيون ٺاهيندا آهن، اهي سنگتراش جيان وقت سان مقابلو ڪندا آهن. اهي عامل توڙي تخليق ڪندڙ آهن.
    آئون ننڍن ماڻهن ۾ موهه رکان ٿي. آئون ائين چوندس تہ ننڍڙا عظيم ماڻهو، ڇو تہ پيڙا ماڻهن کي ڦنڊائي ٿي. منهنجي ڪتابن ۾ اهي ننڍا ماڻهو پنهنجون تاريخون ٻڌائين ٿا، ائين ان طرح وڏي تاريخ پيش ٿئي ٿي. اسان سان جيڪي ٿيو يا ٿي رهيو آهي، تنهن کي پرجھڻ جو اسان کي وقت نٿو ملي، پر اسان کي اهو ٻڌائڻ گهرجي. شروعات ڪرڻ لاءِ اسان سان جيڪي ٿيو، تنهنکي بيانڻ گهرجي. اسان انهي کان ڊنل آهيون، اسان ماضي سان پڄڻ جهڙا نہ آهيون. دوستوفسڪي جي ڊيمنز Demons۾، شاتوف، اسٽاوروگن سان گفتگو جي شروع ۾ چوي ٿو:”اسان ٻه جيو آهيون، جيڪي بي ڪنار اننت Boundless infinity ۾ مليا آهيون.... دنيا ۾ آخري ڀيرو. تنهن ڪري اهو لهجو ختم ڪر ۽ انسانن وانگر ڳالهاءِ. گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو انساني آواز سان ڳالهاءِ.“
    منهنجي پنهنجي ڪردارن سان گفتگو بہ ذري گهٽ ان نموني شروع ٿيندي آهي. ماڻهو پنهنجي زماني مان ڳالهائيندا آهن، يقينن اهي ڪنهن خال مان ڳالهائي نٿا سگهن. پر انساني روح تائين پهچڻ ڏکيو هوندو آهي، اهو رستو اخبارن، ٽي وي، هڪ صدي جي وهمن، انهن جي پنهنجي ڪٽرپٽي ۽ دوکيبازي سان ڀريل هوندو آهي.
    آئون پنهنجي ڊائرين مان ڪجھ پڙهندس، تہ جيئن ڏيکاري سگهان تہ وقت ڪنهن ٿو رڙي.... ڪيئن نظريو مئو.... آئون ڪيئن ان جي ڪڍ ويس...

    1980-1985
    آئون جنگ جي حوالي سان ڪتاب لکي رهي آهيان ... جنگ جي حوالي سان ڇو؟ ڇاڪاڻ تہ اسان جنگ جا ئي ماڻهو آهيون – اسان يا تہ هميشه جنگ ۾ هوندا آهيون، يا جنگ جي تياري پيا ڪندا آهيون. جيڪر غور سان جانچيندائو تہ، اسان جنگي اصطلاحن ۾ سوچيندا آهيون. گهر ۾ توڙي گهٽين ۾. ان ڪري انساني حياتي ملڪ اندر ايتري سستي آهي. هرشيءِ جنگ ويلا آهي.
    آئون شڪ شبهات سان آغاز ڪريان ٿي. ٻي عالمي جنگ متعلق هڪ ٻيو ڪتاب.... ڇا لاءِ؟
    هڪ سفر ۾ آئون هڪ عورت سان ملان ٿي، جيڪا جنگ ۾ طبي ڪارڪن هئي. هن مون کي هڪ ڪهاڻي ٻڌائي: سياري ۾ جڏهن هنن لڊوگا ندي پئي پار ڪئي تہ دشمن کي سندن چرپر جو احساس ٿيو ۽ هن مٿن گوليون وسائڻ شروع ڪيون... ماڻهو ۽ گهوڙا برف هيٺان ڪري پيا. اهو ڪم رات جو ٿيو هو. هن ڪنهن کي زخمي سمجهي، ڪناري ڏي گهلڻ شروع ڪيو. ”مون هن کي ڇڪيو، مون کي هو آلو ۽ اگهاڙو لڳو ۽ مون سمجھيو تہ هن جا ڪپڙا ڦاٽي پيا آهن.“ هن مون کي ٻڌايو. ڪناري تي پڄڻ کان پوءِ کيس احساس ٿيو تہ هن ڪنهن زخمي وڏي مڇي کي پئي گهليو آهي. ان تي هن گارين جي وٺ وٺان ڪري ڏني: ماڻهو تہ تڪليفن ۾ آهن، پر جانور، پکي ۽ مڇيون – انهن ڇا پئي ڪيو؟ هڪ ٻئي سفر ۾ مون هڪ ٻئي طبي ڪارڪن جي ڪٿا سئي، جيڪا سوار فوجي دستي ۾ شامل هئي. جنگ دوران هن گولي سان گهايل هڪ سپاهي کي گهليو، پر کيس جلدي احساس ٿيو تہ هو جرمن هو. ان جي ڄنگهه ڀڳل هئي ۽ رت وهي رهي هو. هو دشمن هو! هاڻي ڇا ڪجي؟ سندس ساٿاري مٿي مري رهيا هئا. پر هن ان جي مرهم پٽي ڪئي ۽ واپس هلي آئي. اتي هن هڪ روسي سپاهي کي گهليو، جيڪو بي هوش ٿي ويو هو. جڏهن ان کي هوش آيو تہ هن جرمن کي مارڻ گهريو، جڏهن جرمن کي هوش آيو تہ ان روسي کي مارڻ لاءِ گن کي پڪڙيو. مون ٻنهي کي ٿڦڙون هنيون. اسانجون ٽنگون رت سان ڀريل هيون.“ هن ياد ڪيو. ”رت تہ پاڻ ۾ ملي جلي ويو هو.“
    هيءَ اها جنگ هئي، جنهن متعلق مون ڪڏهن بہ نہ ٻڌو هو. عورتن جي جنگ. اها بهادر بانڪن متعلق نہ هئي. نڪي اها ان گروھ بابت هئي، جيڪو ٻين کي بهادري سان ماري رهيو هيو. مون کي عورتن پاران بار بار آوزايل ورلاپ ياد پوي ٿو: ”لڙائي کان پوءِ اوهان معرڪي واري ميدان مان لنگهندا آهيو. اهي پٺي ڀر پيل هوندا آهن.... سڀ نوجوان ۽ تمام سهڻا. ستي پيا آسمان ۾ گهوريندا. اوهان ٻنهي ڌرين جي نوجوانن لاءِ ڏک محسوس ڪندا.“ ”ٻنهي ڌرين جي مڙني واسطي“ واري رويي، مونکي ڪتاب جو تصور ڏنو تہ ڪتاب ڇا تي هوندو: جنگ رڳو ماراماري هوندي آهي. اھا ان طرح ئي عورتن جي ساروڻين ۾ نقش ٿي ويندي آھي. اهو ماڻهو ھاڻي ھاڻي کليو پئي يا يا سگريٽ پئي ڇڪيائين – ۽ هاڻي هو نہ رهيو آهي. عورتن الوپ ٿيڻ واري عمل تي گهڻو ٿي ڳالهايو، ڪيئن هر شيءِ جنگ دوران اڻهوند ۾ بدلجيو وڃي. ٻئي انسان توڙي انساني وقت. بلڪل، انهن 17 يا 18 ورهين جي ڄمار ۾ جنگي محاذ تي ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجون خدمتون رضاڪاراڻه نموني ڏنيون هيون، پر انهن قتل ڪرڻ نٿي گهريو. پر وري - هو مرڻ لاءِ بہ تيار هيون. پنهنجي ڌرتي ماتا لاءِ. اسٽالن واسطي مرڻ لاءِ – اوهان انهن لفظن کي تاريخ مان کرچي نٿا سگهو.
    ڪتاب ٻن سالن تائين نہ ڇپجي سگهيو، گورباچوف ۽ پروسٽرائيڪا جي آمد کان اڳ نه. ”تنهنجي ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ ڪو وڙهڻ لاءِ تيار ئي نہ ٿيندو.“ سينسر وارن مون کي ليڪچر ڏنو. ”تنهنجي جنگ تہ ڏاڍي ڊيڄاريندڙ هوندي آهي. ان ۾ هيرو ڇو نہ هوندا آهن؟“ آئون هيروز جي ڳولا ۾ نہ هيس. آئون تہ ليکي ۾ نہ ايندڙ جنگي شريڪن ۽ شاهدن جي ڪهاڻين جي ذريعي تاريخ لکي رهي هئس. انهن کان ڪجهه بہ نہ پڇيو ويو هو. ماڻهو ڇا ٿا سوچين؟ اسان کي خبر ئي نہ آهي تہ عوام وڏن نظرين يا تصورن بابت ڇا ٿو سوچي. جنگ کان فورن پوءِ، ڪو شخص اوهان کي هڪ اهڙي جنگ جو احوال ڏيندو، جيڪا ورهين کان پوءِ، مختلف جنگ هوندي. ڪا شيءِ هن ۾ تبديل ٿي هوندي، ڇو تہ هن پنهنجي سڄي ڄمار کي انهن ساروڻين ۾ ويڙهيو هوندو. سندس پورو وجود. انهن سالن ۾ هو ڪيئن رهيو، هن ڇا ڏٺو ۽ پڙهيو، ڪنهن سان مليو. ڇا ۾ هو اعتباري ٿو. آخر ۾ هو خوش آهي يا ڏکويل. دستاويز يئرا وجود آهن – اهي اسان ساڻ تبديل ٿين ٿا.
    آئون مڪمل طرح ان ڳالهه سان سهمت آهيان تہ 1941 واري جنگ واري زماني وارين ڇوڪرين جهڙيون ٻيون نہ ٿينديون. اهو سرخ نظريي جو مٿاهون درجو هو، انقلاب ۽ لينن کان بہ مٿاهون. انهن جي فتح اڄ بہ گلاگ (سياسي قيدن لاءِ روسي قيدخانو) کي گرهڻيو ڇڏي. آئون انهن عورتن کي بيحد چاهيان ٿي. توهان انهن سان نڪي اسٽالن متعلق، نڪي ان حقيقت بابت تہ جنگ کان پوءِ جنگ جي بهادر ۽ اظهاريندڙ ماڻهن کي سائبريا ڏي اماڻيو ويو، ڳالهائي ٿا سگهو. باقي ٻيا گهرن ۾ وريا ۽ خاموش ٿي ويا. مون هڪ ڀيري ٻڌو ”اسان جي آزادي جو سمو رڳو جنگ دوران هو. جنگي محاذ تي.“ پيڙا ئي اسانجو سرمايو ۽ قدرتي وسيلو آهي. نڪي تيل، نڪي گئس – رڳي پيڙا. اهائي هڪ اهڙي وٿ آهي، جيڪا اسان لڳاتار پيدا ڪري سگهيا آهيون. آئون هميشه ان سوال جي جواب جي ڳولائو رهي آهيان تہ اها پيڙا آزادي ۾ ڇو نہ بدلجي سگهي؟ ڇا حقيقت ۾ اهو سڀ اجايو ويو؟ چاڊيف صحيح هو: رشيا بنان يادگيري وارو ملڪ آهي، اهو ڪلي ويسارپ جي جاءِ آهي، تنقيد يا ويچار جي نڪور سجاڳي.
    پر عظيم ڪتاب اسان جي پيرن هيٺان ڪٺا ٿي رهيا آهن.

    1989
    آئون ڪابل ۾ آهيان. آئون جنگ متعلق وڌيڪ لکڻ نٿي گهران. پر هتي تہ آئون حقيقي جنگ ۾ آهيان. پراودا اخبار چوي ٿي: ”اسان افغانستان جي ڀائر عوام جي سوشلزم جي اڏاوات ۾ سهائتا ڪري رهيا آهيون.“ جنگ جا ماڻهو ۽ جنگ جا سامان هرجاءِ هئا. جنگ ويلا.
    اهي ڪالهه مونکي لڙائي واري جاءِ ڏانهن وٺي نہ هليا: ”ڳڀرو مُنڌَ! هوٽل ۾ رهه. توکي پوءِ اچي اسان جواب ڏينداسين.“ آئون هوٽل ۾ ويهي سوچيان ٿي: ماڻهن جي همت ۽ کنيل جوکمن جي جانچنا ڪرڻ ڪجھه غير اخلاقي آهي. آئون ٻن هفتن کان هتي آهيان پر انهي سوچ مان، تہ جنگ مرداني فطرت جو نتيجو ٿئي ٿي، آجي نہ پئي ٿي سگهان ۽ اها ڳالهه مون کي سمجھڻ ڏکي پئي لڳي. پر جنگ جا روزمره وارا سازوسامان تہ وڏا آهن. مون اهو پنهنجي سر ڄاتو تہ هٿيار خوبصورت ٿيندا آهن: مشين گنون، سرنگهون، ٽينڪون. ماڻهن کي ڪيئن سٺي نموني مارجي واري مامري تي ماڻهو گهڻو سوچيو ويچاريو آهي. انهن مون کي اٽلي جي ٺهيل سرنگهه ڏيکاري، ۽ منهنجو عورتاڻو ردعمل هو: اها تہ خوبصورت آهي. اها خوبصورت ڇو آهي؟“ انهن مون کي ملٽري اصطلاحن ۾ مختصر طور سمجهايو: جيڪر ڪو هن مٿان ڪنهن مخصوص ڪنڊ کان لنگهندو ... تہ ان جو گوشت رڳو اڌ بالٽي جيترو بچندو. هتي ماڻهو ائبنارمل ڳالهيون ائين پيا آوازين، ڄڻ اهي نارمل آهن. چڱو، اوهان کي خبر آهي تہ اها جنگ آهي ... ڪير اهي تصويرون ڏسي چريو نٿو ٿئي – مثال طور، ڪو شخص ميدان تي پيو آهي، جنهن کي ڪنهن عنصر يا قسمت نہ ماريو آهي، پر هڪ ٻئي انسان ماريو آهي.
    مون بلئڪ ٽيولپ (جستي ڪفن ۾ ويڙهيل مردن کي ديس کڻي وڃڻ وارو جهاز) ڀرجندي ڏٺو آهي. 40 واري ڏهاڪي کان مردن کي ملٽري يونيفارم پهرايو ويندو آهي، بعضي تہ اهي مردا مڪمل بہ نہ هوندا آهن. سپاهي ڳالهائي رهيا هئا: ”انهن ڪجهه نوان مردا فرجن ۾ اچي رکيا آهن، جن جي بوءِ خراب ٿيل سوئر جهڙي آهي.“ آئون ان متعلق لکڻ ٿي گهران. پر آئون سمهجان ٿي تہ وطن ۾ ڪير بہ ان تي اعتبار نہ ڪندو. اسانجون اخبارون تہ رڳو سويت سپاهين پاران وڻڪاري ڪيل دوستاڻه ڪوچن بابت لکن ٿيون.
    آئون ماڻهن سان ڳالهايان ٿي. ڪافي رضاڪارانہ نموني آيا آهن. هن هتي اچڻ لاءِ پاڻ ئي چيو. مون ڏٺو تہ اڪثريت پڙهيل خاندانن يا دانشوارانہ طبقي مان هئي – ڊاڪٽر، استاد، لائبررين – ٻين لفظن ۾ ڪتابي ماڻهو. هنن افغانين جي سوشلزم جي اڏاوت ۾ مدد ڪرڻ جا سچا خواب ڏنا هئا. اهي هاڻي پاڻ تي کلن ٿا. ايئرپورٽ تي اهڙي جاءِ ڏيکاري ويئي، جتي سوين جستي ڪفن اس ۾ چمڪي رهيا هئا. مون سان گڏ آيل آفيسر کان رهيو نہ ٿيو: ”ڪهڙي خبر تہ ڪڏهن منهنجو ڪفن بہ هتي اچي ... اهي مون کي ان ۾ وجھندا... آئون ڇا لاءِ هتي پيو وڙهان؟“ هن جي لفظن کيس ڊيڄاري ڇڏيو ۽ وري جلدي ۾ چيو: ”اهي نہ لکجائو.“
    رات جو مون مُردن جو خواب لڌو، انهن جي چهرن تي حيرانگي هئي: ڇا تنهنجو مقصد آهي تہ آئون ماريو ويو آهيان؟ واقعي بہ آئون ماريو ويو آهيان؟“
    آئون نرسن جي هڪ جٿي سان افغاني شهرين واري اسپتال وڃان ٿي – اسان ٻارن لاءِ گفٽون آنديون آهن. رانديڪا، بسڪوٽ، کٽمٽا وغيره. مون وٽ پنج ٽيڊي بيئر آهن. اسان اسپتال پهتاسون، جيڪا هڪ ڊگهي بئرڪ هئي. بستري لاءِ هرهڪ رڳو هڪ کٿو آهي. هڪ نوجوان عورت، هڪ ٻار کڻي مون وٽ آئي. هن ڪجھ چوڻ ٿي چاهيو – گذريل ڏهن سالن ۾ ذري گهٽ هرهڪ کي ٿوري روسي ٻولي ڳالهائڻ آئي ٿي – مون ٻار کي هڪ رانديڪو ڏنو، جيڪو هن پنهنجي ڏندن سان ورتو. ڏندن سان ڇو؟“ مون حيرانگي ۾ پڇيو. هن ٻار تان کٿو هٽايو – معصوم جون ٻئي ٻانهون غائب هيون. ”اهو تڏهن ٿيو جڏهن تنهنجي روسين بمباري ڪئي.“ اهو ٻڌي آئون ڪريس ٿي، پر ڪنهن اچي مون کي قابو ڪيو.
    مون اسان وارن گراڊ راڪيٽن جي مدد سان ڳوٺن کي کيڙيل ٻنين ۾ بدلجندي ڏٺو. مون هڪ افغاني قبرستان گهميو، جيڪو سندن ڪنهن ڳوٺ جيڏو هو. ان جي وچ ۾ هڪ پوڙهي افغان مائي رڙيون ڪري رهي هئي. مون کي هڪ ماءُ جي ڪوڪ ياد آئي، جڏهن منسڪ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ انهن جستي ڪفن آندو هو. اها رڙ ڪنهن انسان يا جانور جهڙي نہ هئي. .... اها رڙ ڪابل جي قبرستان ۾ ٻڌل جهڙي لڳي.
    آئون اهو مڃيان ٿي تہ آئون هڪ ڌڪ ۾ آزاد نہ ٿي آهيان. آئون پنهنجي موضوعن سان سچي رهي آهيان ۽ انهن مون تي اعتبار ڪيو آهي. اسان مان هر هڪ جو آزادي ڏانهن پنڌ پنهنجو پنهنجو آهي. افغانستان کان اڳ منهنجي انساني چهري واري سوشلزم ۾ اعتبار هو. پر افغانستان ۾ آئون اهي وهم وڃائي آيس. ”بابا مون کي معاف ڪر.“ جڏهن آئون پنهنجي والد سان مليس. ”توهان منهنجي پرورش اهڙي ڪئي تہ آئون ڪميونزم جي آدرشن ۾ اعتبار ڪريان. پر انهن تازو ئي اسڪول مان نڪتل سويت نوجوانن کي، جهڙا تو ۽ امان (منهنجا والدين ڳوٺ جي اسڪول ۾ ٽيچر هئا) پڙهايا هئا، پرائي ديس ۾ انهن ماڻهن کي ماريندي، جن کي هو سڃاڻڻ ڪون پيا، ڏسي ڪري تنهنجا لفظ خاڪ ۾ ملي ويا. اسان قاتل آهيون، پاپا، توهان سمجهو ٿا؟“ منهنجو والد روئي پيو.
    ڪافي ماڻهو آزاد ٿي افغانستان مان واپس وريا. پر ٻيا بہ مثال آهن. افغانستان ۾ هڪ نوجوان همراه مون کي وڏي آواز ۾ چيو: ”تون عورت آهين، توکي جنگ جي ڪهڙي خبر؟ تون سمجهين ٿي تہ جنگ ۾ ماڻهو سٺي نموني مرن ٿا، جيئن ڪتابن ۽ فلمن ۾ ڏيکاريل هوندو آهي؟ ڪالهه منهنجو دوست ماريو ويو، هنکي گولي مٿي ۾ لڳل هئي، هو پنهنجي دماغ کي جهليو ڏهه ميٽر ڊوڙندو رهيو ....“ ستن سالن کان پوءِ اهو ساڳيو شخص هڪ ڪامياب واپاري آهي، جيڪو افغانستان متعلق ڳالهيون ٻڌائڻ گهري ٿو. هن مونکي ڪال ڪئي: ”تنهنجا ڪتاب ڇا لاءِ آهن؟ اهي ڍيڄاريندڙ آهن.“ هاڻي هو مختلف شخص هو، اهو اهڙو نہ رهيو هو، جيڪو مون کي موت وچ ۾ مليو هو، جنهن ويهن ورهين جي عمر ۾ مرڻ نٿي گهريو....
    آئون پاڻ کان پڇان ٿي تہ آئون جنگ متعلق ڪهڙي نموني جو ڪتاب لکڻ گهران ٿي. آئون هڪ اهڙي شخص متعلق ڪتاب لکڻ ٿي گهران، جيڪو گولي هلائڻ نٿو گهري، هو ڪنهن انسان کي بہ کي مارڻ نٿو چاهي، هو جنگ جي تصور تي رنجيل آهي. هو ڪٿي آهي؟ آئون هن سان اڃان نہ ملي آهيان؟

    1990-1997
    روسي ادب انڪري دلچسپ آهي، جو اهو ادب آهي، جنهن ۾ اسانجي ملڪ تي ڪيل تجربي جي ڪهاڻي کي پيش ڪيو ويو آهي. مون کان اڪثر اهو پڇيو ويندو آهي تہ آئون رڳو سدائين المين تي ڇو ٿي لکان؟ ڇاڪاڻ تہ اسان ائين ئي رهون ٿا. هاڻي اسان مختلف ملڪن ۾ رهون ٿا، پر سرخ ماڻهو هر جاءِ آهن. اهي ساڳي زندگي مان نسريا آهن، ۽ انهن جون ساروڻيون ساڳيون آهن.
    مون ڪافي وقت تائين چرنوبل تي لکڻ کان پئي لنوايو. مون کي خبر نہ هئي تہ ڇا لکجي، ڪهڙو ذريعو استعمال ڪجي، موضوع کي ڪيئن ورتائجي. دنيا تہ يورپ جي هڪ ڪناري تي موجود منهنجي ننڍڙي ملڪ متعلق ڪڏهن بہ نہ ٻڌو هو، پر هاڻي تہ ان جو نالو هر زبان تي آهي. اسان بيلارشين، چرنوبل وارا ماڻهو ٿي ويا آهيون. اڄاتل سان پهريان مقابل ٿيندڙ. هاڻي واضح هو: ڪميونسٽ، قوميت، ۽ نون مذهبي للڪارن سان گڏ وگڏ، اسان لاءِ وڌيڪ عالمي ۽ وحشي للڪارون بہ پيش ٿيڻ واريون آهن، جيتوڻيڪ اهي في الحال نظرن کان اوجھل آهن. چرنوبل کان پوءِ ڪا شيءِ ٿوري گهڻي پڌري ٿي.
    مونکي ياد اچي ٿو هڪ پوڙهو ٽيڪسي ڊرائيور، جيڪو سندس ڪار جي ونڊ اسڪرين تي پکي اچي لڳڻ کان پوءِ پريشاني ۾ گاريون ڏئي ٿو. ”هر روز هڪ ٻه پکي ونڊ اسڪرين سان لڳي مرن ٿا. پر اخبارون سڀ خير آهي، جو بيان ڏين ٿيون.“
    شهر جي پارڪن جا پتا ڳولهي ڦولهي، ڪڍي ڪري، شهر کان ٻاهر وڃي پوريا وڃن ٿا. متاثر ايراضي جي هڪ ميدان مان پراڻي مٽي ڪڍي، ٻي پاسي وڃي پوري ويئي. جلائون ڪاٺيون توڙي گاه کي پوريو ويو. هرهڪ خبطي ٿي ڀاسيو. هڪ پوڙهي ماکي مکيون سنڀاليندڙ ٻڌايو: ”آئون ان ڏينهن، جڏهن باغ ۾ ويس تہ روزمره وارا آواز گم هئا. ڪا مک ئي ٻاهر نٿي نظر آئي. ڪا هڪ مک بہ ڀنڀنائيندي نہ سئم. ڇا؟ ڇا پيو ٿئي؟ اهي ٻئي ڏينهن بہ اڏامندي نظر نہ آيون، ٽئين ڏينهن بہ نه... پوءِ اسان کي نيوڪليئر اسٽيشن واري حادثي جي ڄاڻ ڏني ويئي ... ۽ اهو ڪو ايترو پري نہ هو. پر اسان ان متعلق ڪافي وقت تائين اڻڄاڻ رهياسين، پر ماکي مکين کي خبر پئجي ويئي، پر اسان کي نه؟ اخبارن ۾ ايندڙ چرنوبل واري معلومات ملٽري واري ٻولي ۾ هئي: ڌماڪو، بانڪا بهادر، سپاهي، نيڪالي ..... ڪي جي بي اسٽيشن تي ڪم ڪري رهي هئي. اهي جاسوس ۽ سبوتاز ڪندڙن جي ڳولا ڪري رهيا هئا. افواهه اهي هئا تہ اهو ڌماڪو مغربي انٽيلجنس ايجنسين سوشلسٽ ڪئمپ کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪرايو آهي. ملٽري جا اوزار توڙي سپاهي چرنوبل پهچڻ وارا هئا. نظام ائين ڪم ٿي ڪيو، ڄڻ جنگ جو زمانو آهي، پر هن نئين دنيا ۾، چمڪندر مشين گن سان سلهاڙيل سپاهي، دردناڪ روپ ۾ هو. هيءُ صرف اهو ڪري ٿي سگهيو تہ تابڪاري جا ڊوز پاڻ ۾ جذب ڪري، ۽ گهر پهچي مري وڃي.
    منهنجي اکين اڳيان چرنوبل کان اڳ وارا ماڻهو چرنوبل وارو ماڻهو ٿي ويا.
    اوهان تابڪاري کي نڪي ڏسي ٿا سگهو، نڪي ڇهي يا سونگهي ٿا سگهو .... چوڦير دنيا ڄاتل توڙي اڄاتل هئي. جڏهن آئون ان زون ڏي سفر ڪري پهتس، تڏهن مون کي اٿندي ئي چيو ويو: ڪو گل نہ کڻجو، ڇٻر تي نہ ويهجو، کوه مان پاڻي نہ پيئجو... موت هرجاءِ لڪيو ويٺو هو، پر اهو هاڻي مختلف نوعيت جو هو. نئون ماسڪ پهريو. نئين اڄاتي شڪل ۾. پوڙها ماڻهو، جيڪي جنگين ۾ وڙهيا هئا، تن کي ٻيهر ڪڍيو پئي ويو. انهن آسمان ڏي ڏٺو. ”سج چمڪي رهيو آهي.... نڪو ڪو دونهون آهي، نڪي ڪا گئس آهي. ڪو گولي بہ نہ پيو هلائي. هي ڪيئن جنگ ٿي سگهي ٿي؟ پر اسان کي پناهگير ٿيڻو آهي.“
    صبوح جو هرهڪ اخبارون پيو پڙهندو، تہ متان ڪا نئين خبر ملي، پر ٿوري دير ۾ مايوس ٿي رکي ڇڏيندو. ڪوبہ جاسوس نہ پڪڙيو ويو. ڪنهن بہ عوام جي دشمن متعلق نٿي لکيو. جاسوسن ۽ عوام دشمن کان سواءِ هنن جي دنيا اڄاتل هئي. اها ڪنهن نئين شيءِ جي شروعات هئي. افغانستان کان پوءِ چرنوبل اسان کي آزاد ماڻهو ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.
    مون لاءِ دنيا ورهائجي ويئي: زون اندر مون پاڻ کي بيلارشين، روسي، يا يوڪرينيني نٿي ڀانيو، پر حياتياتي جيو جو هڪ نمائندو ٿي سمجهيو، جيڪو تباه ٿي سگهي ٿو. ٻه سانحه گڏجي پيا: سماجي سطح تي سوشلسٽ ائٽلانتس ٻڏي رهيو هو، ۽ سنساري سطح تي چرنوبل هو. سويت سلطنت جي خاتمي هر هڪ کي پريشان ڪيو. ماڻهو روزانہ جي زندگي جي حوالي سان فڪرمند هئا. ڪيئن ۽ ڇا سان شيون خريد ڪبيون؟ ڪئين جالبو؟ ڪنهن ۾ اعتبارجي؟ ڪهڙن بينرن تي هلجي؟ ڇا اسان ڪنهن عظيم نظريي کان سواءِ رهڻ جي سکيا وٺون؟ پوئين ڳالهه تہ اڄاتل هئي، ڇو تہ ڪنهن بہ ائين نہ گذاريو آهي. سوين سوال سرخ ماڻهو کي سامهون هئا، پر هو پنهنجي ليکي هو. هو ايترو اڪيلو ڪڏهن بہ نہ ٿيو هو، جيترو هو آزادي جي شروعاتي ڏينهن ۾ هو. آئون صدمي ۾ ورتل شخصن جي گهيري ۾ هئس. مون انهن کي ٻڌو...
    آئون ڊائري بند ڪريان ٿي....
    جڏهن سلطنت ڊهي پئي تہ اسان سان ڇا وهيو واپريو؟ اڳ ۾، دنيا ورڇيل هئي: هڪ پاسي جلاد هئا تہ ٻئي پاسي شڪار – اهو گلاگ هو؛ ڀائر ۽ ڀينرون – اها جنگ هئي؛ چونڊيندڙ – ٽيڪنالاجي ۽ هم عصر دنيا جو حصو هئا. اسان جي دنيا قيد ٿيل ۽ قيد ڪندڙن ۾ بہ ورهايل هئي؛ اڄ وري مغرب پرستن ۽ سلاوڪ (روسي) ٻولين ۽ ڪلچر جي معتبرائپ ۾ ايمان رکندڙن، فاشسٽ غدارن ۽ محب وطنن ۾ ورهايل آهي. ۽ شيون خريد ڪري سگھندڙن يا نہ وٺي سگھندڙن ۾. منهنجي خيال ۾ پوئين صورتحال ڏاڍي اذيت ناڪ آهي، جيڪا سوشلزم کان پوءِ پيدا ٿي، ڇاڪاڻ تہ ٿورو عرصو اڳ سڀ برابر هئا. سرخ ماڻهو ان آزادي جي سلطنت ۾ داخل نہ پي ٿي سگهيو، جنهن جو خواب هو کاڌي جي ٽيبل تي ڏسندو هو. روس هن کان بغير ورهايل هو، هن وٽ ڪجھ بہ نہ بچيو هو. هو ڦريل ۽ بي عزتو ٿيل هو. خطرناڪ ۽ اڳرائي لاءِ تيار.
    روس اندر جيڪي مون رايا ٻڌا، تن مان ڪجھ هي آهن....
    ”هتي جديدپڻو انهن سائنسدانن جي قيدي ڪئمپن (شراشڪاس Sharashkhas)، ۽ فائرنگ اسڪواڊ سان ايندو.“
    ”روسي شاهوڪار ٿيڻ ئي نٿا چاهين، اهي ان عمل کان ڊنل آهن. روسين کي ڇا کپي؟ رڳو اهو ته: ٻيو ڪير شاهوڪار نہ ٿئي. کانئن کان وڌيڪ ڪير بہ نه؟”
    ”هتي ڪي ايماندار نہ رهيا آهن، پر رڳو ساڌو شخص آهن.“
    ”اسان اها پيڙهي نہ ڏٺي آهي، جنهن کي ڪوڙا نہ لڳا هجن؛ روسين کي آزادي جي خبر ڪانهي، انهن کي سپاهي ۽ چهبڪ جي ئي گهرج آهي.“
    ”روسي ۾ ٻه مکيه لفظ آهن، جنگ ۽ بنديخانو. تون ڪا چوري ڪر، مزو ماڻ، توکي قيد ڪيو ويندو... وري ٻاهر نڪر، ۽ پوءِ وري واپس جيل ۾ وڃ...ـ“
    ”روسي زندگي ڪميني ۽ بڇڙي هئڻ گهرجي. ان کان پوءِ ئي روح مٿي کڄي ٿو، اهو سمجهي ٿو تہ هو هن دنيا مان نہ آهي.... جيتريون گنديون ۽ خونخوار شيون هونديون، اوترو روح کي وڌيڪ جاءِ حاصل ٿيندي....“
    ”ڪنهن وٽ بہ نئين انقلاب لاءِ توانائي ڪانهي، يا خبطپڻو. ڪوبہ جذبو نه. روسين کي اهڙي نظريو گهرجي، جيڪو کين ڏڪائي وجھي.“
    .”ائين اسانجي زندگي بئرڪن ۽پاڳل خانن جي وچ ۾ ڦاٿل آهي. ڪميونزم مئو نہ آهي. مردي ۾ اڃان ساهه آهي.“
    آئون اهو چوڻ جي آزادي ٿي گهران تہ اسان 1990 واري ڏهاڪي ۾ مليل موقعي کي ئي وڃائي ڇڏيو. سوال ڪيو ويو هو: ڪهڙي نموني جو ملڪ اسان وٽ هجي؟ هڪ سگهارو ملڪ، يا اهڙو ملڪ جتي ماڻهو شانائتي نموني رهن؟ اسان پهرئين نڪتي جي چونڊ ڪئي. هڪ ڀيرو وري اسان سگهه جي دور ۾ جي رهيا آهيون. روسي يوڪريننن سان وڙهي رهيا آهن. سندس ڀائر. منهنجو پيءُ بيلارشين هو ۽ منهنجي ماءُ، يوڪرينين هئي. گهڻن ماڻهن جو اهڙو ئي قصو آهي. روسي جهاز شام ملڪ تي بمباري ڪري رهيا آهن...
    اميدن وارو سمو بدلجي ڊپ وارو وقت ٿي ويو آهي. دور مڙي وري پوئتي ڏي وڃي رهيو آهي. جنهن وقت ۾ اسان جي رهيا آهيون، اهو اڳي ئي استعماليل يا واپريل Second-hand آهي ....
    ڪڏهن ڪڏهن مون کي پڪ نہ ٿيندي آهي تہ مون ڪو سرخ ماڻهو جي تاريخ لکي مڪمل ڪئي آهي....
    منهنجا ٽي گهر آهن: منهنجي بيلارشين زمين، منهنجي والد جو وطن، جتي مون پنهنجي سڄي زندگي گذاري آهي؛ يوڪرين، منهنجي ماءُ جو وطن، جتي آئون ڄايس؛ ۽ روس جو عظيم ڪلچر، جنهن کان بغير آئون پنهنجو علحده تصور نٿي ڪري سگهان. سڀئي مون کي عزيز آهن. پر هن وقت ۽ عمر ۾ پيار متعلق ڳالهائڻ ڏکيو آهي ....


    انگريزي ۾ ترجمو: جيمي گئمبل


    ماريو وارگس يوسا جي تقرير ۽ خاڪو 

    ماريو وارگاس يوسا Mario Vargas LLosa پاران 10 ڊسمبر 2010 تي نوبيل پرائيز وٺڻ مهل تقرير

    جيئن تہ آئون ڪهاڻيون ٻڌائيندڙ آهيان، تنهنڪري اوهان جي ڪاميابي ۽ خوشي جو جام نوش ڪرڻ کان اڳ آئون هڪ ڪهاڻي ٻڌائيندس.
    ڪنهن زماني ۾ هڪ ڇوڪرو هوندو هو، جنهن پنجن ورهين جي ڄمار ۾ پڙهڻ سکي ورتو. ان بعد سندس زندگي ئي بدلجي ويئي. مهم جو قصن ڪهاڻين پڙهڻ جي باعث هن کي پنهنجي غريب گهر، غريب ملڪ، ۽ غريب حقيقي زندگي، جنهن ۾ هو جي رهيو هو، کان فرار ٿيڻ جو رستو ملي ويو، ۽ هو جادوئي، دل لڀائيندڙ ۽ دلچسپ مخلوق سان وسندڙ اهڙي جاين جي سفر تي اسهڻ لڳو، جتي هر ڏينهن توڙي رات هن لاءِ وڌيڪ سنسني خيز ۽ عجيب مسرت جا سامان کڻي ٿي آيا.
    هن ڪهاڻين پڙهڻ مان ايترو تہ لطف ٿي ورتو، جو هڪ ڏينهن، جڏهن هو جوان ٿي ويو هو، تڏهن پاڻ اهي ٺاهڻ ۽ لکڻ لڳو. ائين ڪندي جيتوڻيڪ کيس سخت پورهيو ڪرڻو ٿي پيو، پر ان سان کيس اڻ مئي خوشي حاصل ٿيڻ لڳي ۽ هو لکڻ ۾ بہ پڙهڻ جهڙو مزو ماڻڻ لڳو.
    منهنجي ڪهاڻين جو ڪردار، بهرحال، باخبر هو تہ حقيقي دنيا ٻي شيءِ آهي، ادب ۽ خوابن جي اڻيل انوکي دنيا هڪ ٻي ڪائنات آهي، ۽ اها تڏهن ٿي روشن ٿئي، جڏهن ڪهاڻيون پڙهيون يا لکيون ٿي ويون. باقي وقت اها الوپ ٿي رهي.
    نيٺ هڪڙي پرهہ ڦٽي مهل، منهنجي ڪهاڻين جي اصلي ڪردار کي هڪ عجيب غريب اچار رکندڙ نالي واري شخص اطلاع ڏنو تہ هن انعام کٽيو آهي، ۽ اهو وٺڻ لاءِ کيس سويڊن ملڪ جي شهر اسٽاڪهوم اچڻو پوندو.
    هن کي هاڻي حقيقي زندگي ۾ بہ اهو تجربو ٿيڻ لڳو، جيڪو ادب ۽ غير حقيقي زندگي ۾ حاصل ٿيندو هو. اوچتو هن پاڻ کي مارڪ ٽوين جي ڪهاڻي ”د پرنس ائنڊ د پاپر“ The Prince and the Pauper جي ڪردار پاپر جيان ڀانيو، جنهن کي پرنس ڪري سمجهيو ويو هو. هيءُ اڃان بہ هتي آهي، ۽ حيرانگي ۾ ٻڏل آهي، ڇا هو جاڳي پيو يا ننڊ نهوڙيل آهي. جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي، سو حقيقي آهي يا ڪوخواب آهي، ساڻس ورتاءُ حقيقت آهي يا ادب جو لقاءُ آهي، ڇو تہ انهن ٻنهي کي جدا ڪندڙ سنڌا مٽجي ويا آهن.
    پيارا دوستو هاڻي آئون وعدو ڪيل خوشي ۽ ڪاميابي جو جام نوش ڪرڻ جي آڇ ڪرڻ ٿو گھران. اچو تہ سويڊن جي ڪاميابي جو جام نوش ڪريون، جنهن جهڙي بادشاهت ئي چند خواصن لاءِ ادب کي حقيقي زندگي ۾ ۽ حقيقي زندگي کي ادب ۾ تبديل ٿيڻ جو معجزو ڪري ڏيکاريو آهي.
    چيئرس. اوهان سڀني جي مهرباني.
    ***
    ماريو وارگس يوسا Mario Vargas Llosa لاطيني آمريڪا جي ملڪ پيرو ۾ 28 مارچ 1936ع ڌاري ڄائو. اسپيني ٻولي ۾ لکندڙ وارگس يوسا ناول نويس، ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار، مضمون نگار ۽ صحافي آهي. جڳ مشهور ليکڪ گارشيا مارڪيز تي پي ايڇ ڊي ٿيسز لکندڙ ھي صاحب گذريل 30 سالن کان پنهنجي دوست کان ناراض آهي. پر اڃان تائين انهن جي ناراضگي جو سبب معلوم نہ ٿي سگهيو آهي. هن سال 1990 ۾ پيرو جي صدارت جي اليڪشن ۾ حصو ورتو، پر ناڪام رهيو. ان کان پوءِ هن جو گهڻو ڌيان لکڻ تي رهيو آهي. سال 2010 وارو ادب وارو نوبيل پرائيز هن کي ڏنو ويو آهي.
    نوبيل پرائيز حاصل ٿيڻ جو مکيه محرڪ هو تہ ”هي (وارگس) اقتدار جي ڍانچن جي تز نقشيگري ڪري ٿو، خاص ڪري فرد جي مزاحمت، بغاوت توڙي شڪست جي اثرائتي منظر نگاري ڪري ٿو.“
    1959ع ۾ سندس پھريون ڪتاب ڪھاڻين جومجموعو ھو. 2019 ۾ سندس ناول Fierce Times شايع ٿيو. ويھارون کن ناولن ۽ ڪھاڻين جي ڪتابن سان گڏ 9 کن ڊراما، ۽ ٻہ درجن کن نان فڪشن ڪتاب بہ لکيا اٿس.


    متفرق مضمون

    منهنجي زندگي جو سبق

    منهنجي زندگي جو سبق

    پال ٿوريو

    آئون آفريقا ۾ استاد ٿيس ۽ منهنجي سڄي زندگي بدلجي ويئي. آئون خوش هوس، مون وٽ هڪ مقصد هو ۽ ڪنهن بہ مون کان نہ پڇيو هو تہ ”تون هاڻي پنهنجي زندگي کي ڪيئن گهارڻ وارو آهين“، آئون پنهنجو گهر ڇڏي چڪو هوس. آئون اهو شخص ٿيڻ پئي ويس، جنهنجي بنجڻ جي مون کي اڇا هئي، نڪو اهو جوان، جنهن کي نوڪري هجي ۽ منجهس احساس پيدا ٿيڻ شروع ٿيو هجي. مون خدمتون رضاڪار طور آڇيون هيون تہ جيئن آئون پنهنجي دنيا ۽ پاڻ کي پرکي سگهان.
    نيويارڪ کان پنهنجي نئين ماڳ نياسالئنڊ Nyasaland تائين وڃڻ واري رستي ۾ روم، بن غازي (ليبيا)، نيروبي، سالسبري (روڊيشا)، ۽ آخر ۾ بلينٽائر جو ننڍڙو هوائي اڏو آيو ٿي. انهيءَ آخري ماڳ تي اڏامندي مون کي ڪيلن جي باغن ۽ مڪائي جي ٻنين ۾ گهيريل ڪڙن وارا ڪچا گهر نظر ٿي آيا. ان نظاري منهنجي ولولي کي وڌايو ۽ لڳو تہ آئون ڪنهن ٻي گرهه تي وارد ٿيو آهيان. هڪ لحاظ کان اها پرانهين ۽ متوازي ڪائنات هئي، پر مون واسطي اها منهنجي جنت هئي.
    اهو ڊسمبر 1963ع جو وقت هو ۽ آئون پنهنجي ڏيساور روانگي تي سرهو هئس. آئون انهيءَ زماني جي تشدد پسندي، پنهنجي ٿوري گهڻي ڪم تي مطمئن رهڻ، نسل پرستي، جنگ پرستي ۽ مادي شين جي حاصلات واري رجحان کان ارهو هوس. مون کي معلوم هو تہ آئون هر بار کان آجو هوس. دنيا ۾ جيترون شيون منهنجي ملڪيت هيون، سي هڪڙِي پيتي ۾ سمائجي ويون. نڪو مون وٽ بئنڪ ۾ رقم هئي، ۽ نہ ڪا ٻي ملڪيت هئي، مون وٽ ڪرسي بہ نہ هئي. آئون مڪمل طرح پورٽبل (هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ آساني سان کڄي يا نيئي سگهجندڙ) هئس. آئون 22 سالن جو اچي ٿيو هوس.
    آفريقا لاءِ منهنجي پهرئين روانگيءَ مون کي زندگي ڀر جي سفر تي اسهائي ڇڏيو آهي. انهيءَ منهنجي دنيا کي ڏسڻ جي طريقي کي جوڙيو آهي ۽ اهو ڏيکاريو آهي تہ پنهنجي ذاتي سورن بجاءِ ٻيو ڪجھ لکڻ لاءِ ڪافي مواد آهي. مون اهو سمجهي ورتو تہ جيڪو اسڪول – ڳاڙهين سرن واري رستي جي آخر ۾ پيرين اگهاڙين شاگردن وارو اسڪول - مونکي پهرئين ڌاريو ٿي لڳو، اهو صفا منفرد بہ ڪونہ هو. اهو تجربو بيان ڪرڻ جي اڇا ڪندي آئون ليکڪ بنجي ويس.
    جيتوڻيڪ مون ڏيساور لاءِ پيس ڪارپس (امن جٿا) جي شروعاتي جٿي ۾ شموليت ڪئي هئي، پر اها جان ايف ڪينيڊي جي سڏ جي وراڻي نہ هئي. سواءِ هڪڙي هڪجهڙائي تہ اسان ٻيئي نيو انگلنڊ جي سامونڊي ڪناري رهندڙ هئاسون، باقي ان جي رکي شخصيت توڙي ڪٺور ۽ وڏ خيالي خاندان جي پيچديگين سان منهنجو ڪو لڳ لاڳاپو نہ هو. پيس ڪارپس ۾ شامل ٿيڻ جو هڪڙو سبب اهو هو تہ مون بيٺڪي غلامي مان تازو آزاد ٿيلن جي سهائتا ڪرڻ ٿي گهري ۽ باقي عمل تہ ان احساس هيٺ هو تہ آئون صحيح ڪري رهيو آهيان.
    اڄ بہ اسان اهڙي ئي دنيا ۾ رهون ٿا، جيڪا چاليهارو سال اڳ مون سيکڙاٽ طور ڄاتي هئي. ٽيڪنالاجي جي حساب سان تہ روشني ٿيل آهي، پر ڪهڙو فاعدو؟ پريشاني ساڳي آهي، اسان اڄ بہ اوترا ڀليل آهيون، ۽ ويچاريندڙ ماڻهن خاص ڪري نوجوانن جي چپن تي ساڳيو سوال آهي تہ هن دنيا ۾ منهنجي جاءِ ڪٿي آهي؟
    هڪ ڀيرو وري اسان جو صدر اسان کي چئي رهيو آهي تہ پنهنجي برادري ۽ ٻي دنيا سان لهه وچڙ ۾ اچون. اڄ بہ اسان جنگ ۽ تشدد سان منهن مقابل آهيون - هن ڀيري عراق، افغانستان ۽ وچ اوڀر ۾. نئين ڳالهه اها آهي تہ اقتصادي تباهي جو چٽو امڪان آهي: ڏکيو وقت يا تہ اسان کي ورهائي ڇڏي ٿو يا هڪ ٻئي کي چڱي پر سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. هن ورڇيل وقت ۾ پاڻ ۾ رابطا ڳولڻ اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ضروري ٿي پيو آهي. سفر – نظارن مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ نہ پر، حقيقي ماڻهن سان حقيقي ملاقات واسطي – اسان کي اهو سمجھڻ ۾ ڪڏهن بہ معاون نہ رهيو آهي تہ ڪيئن اسان هن داغدار دنيا ۾ آبادي وڌائي رهيا آهيون ۽ ڪيئن اسان هڪ ٻئي تي آڌاري آهيون.
    سال 2006ع ۾ ڪرسمس کان ترت پوءِ ڪنهن برگر ريسٽرانٽ ۾ مون کي هڪ ڄاتل چهرو ڏسڻ ۾ آيو، جتي آئون آهو Oahu جي اترين ڪناري تي رهندو آهيان. لڳو ٿي تہ کيس ٻئي ڪنهن سڃاتو ڪونہ ٿي. سينيٽر اوباما ويڪري رنگدار قميص پهريو، پنهنجي ڀيڻ ۽ ستن ٻارن سان گڏ اتي ويٺو هو. جڏهن کاڌ پيت ختم ٿي تہ مون پنهنجو تعارف ڪرايو. سينيٽر قد جو ڊگهو، پر خوش طبع، وڻندڙ ۽ دوست گير ٿي لڳو. هن ڳالهائڻ ٿي گهريو. جيئن اسان مرحبائي ڪلمات ختم ڪيا، آئون هن سان ڳالهه ٻولهه ۾ رنڀي ويس. اهڙي ڪچهري مون هن شهر ۾ اڳي ڪنهن سان نہ ڪئي هئي.
    ”توکي خبر هجي تہ توهان جيان آئون بہ ڪافي عرصو سائوٿ ايسٽ ايشيا ۾ رهيو آهيان. آئون انڊونيشيا ۾ رهندو هوس.“ سينيٽر ڄڻ پنهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو. اسان آفريقا، ڪيوبا، هوائي متعلق ڳالهايو. هن چاهيو پئي تہ مون کي معلوم ٿئي تہ هن نہ صرف منهنجا ڪتاب پڙهيا آهن، پر هڪ پاسي هو پرانهن ملڪن ۾، تہ ٻئي پاسي آمريڪا جي غريب علائقن ۾ رهيو آهي. اڳتي جي گفتگو ۾ اسان نہ رڳو ڪتابن ۽ زندگي جو عمومي ذڪر ڪيو پر جن علائقن کي ڏٺو هو، تن جي شاهوڪاريت توڙي تن جي اثرات جو احوال ڪيو. هن ڦهليل دنيا ۾ نوجوانن پاران پنهنجي جاءِ تلاشڻ واري مرحلي ۾ حاصل ڪيل تجربن جي گهرائي يا پيچدگي جي بنياد تي سينيٽر اوباما پاڻ کي بيان ڪري رهيو هو. ذهانت ۽ مزاح سان وڌايل همدردي جي روشني سان، هو دنيا اندر پرسڪون هو. مون کيس ٻڌايو تہ هو سٺو صدر ٿيندو. هن ٻڌايو تہ هو ان حوالي سان اڀياس ڪري رهيو آهي. اهي ئي لفظ هن چيا هئا.
    ”پر تڪڙ نہ آهي“، مون چيو ۽ سندس نالي کي سواهلي ٻولي ۾ بدلائي وڌيڪ چيم،”هراڪا، هراڪا، هنينا براڪا.“
    هن سمجھي ورتو ۽ انهي سنجيده ڀوڳ تي کليو به. (اجائي تڪڙ بدنصيبي آڻي ٿي. – يا نامناسب براڪ، جيڪو هن جو نالو هو، ۽ ڀاڳ يا نصيب هم معنيٰ آهن.) اهو پنهنجي پر ۾ هڪ اهم واقعو هو، ڇو تہ ويهارو سالن ۾ اهو پهريون ڀيرو هو، جو ڪنهن کي سواهلي ٻولي جي ڄاڻ هئي.
    انهيءَ ملاقات کان جلد پوءِ اوباما، ڪارنيل ڪاليج، آئوا ۾ تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن حاضرين ۽ ٻين آمريڪن تي زور ڀريو تہ اهي ٻاهر نڪرن ۽ پنهنجي برادري جي سهائتا ڪن. ”جوان ٿيندي مون کي اها پڪ نہ هئي تہ آئون ڪير آهيان ۽ ڇا ڪرڻ وارو آهيان.“ هن چيو، ۽ بيان ڪيو تہ شڪاگو ۾ ڪميونٽي آرگنائيزر – اهو فيصلو سندسن لفظن ۾ هن تاريخ جي ڌارا سان شامل ٿي ماڻهن کي پنهنجن خواب ماڻڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ڪيو هو- ٿيڻ کان اڳ ڪيئن هن کي صلاحون ڏنيون ويون، جيئن بالغن کي ملنديون آهن.
    اوباما جي تقرير هڪ سڏ هو زندگي ۾ تماشائي ٿيڻ بجاءِ ان ۾ حصيدار ٿيڻ ۽ ان کي بدلائجڻ جو. صدر ٿيڻ کان پوءِ هو اسان کي صلاحي رهيو آهي تہ اسان دنيا سان لهه وچڙ ۾ اچون ۽ ان جي خدمت ڪريون. آئون سياستدانن کي رول ماڊل نٿو سمجهان، پر هن شخص گھٽين ۾ رولاڪي ڪئي آهي ۽ سکيا ورتي آهي. هن جا جيڪي خارجه پاليسي جي حوالي سان شروعاتي قدم آهن، سي دنيا جي تڪرارن کي نئين نموني ڏسڻ جي تجويز ڏين ٿا. هن پنهنجي خصوصي ايلچي جارج مچل کي وچ اوڀر ۾ اهو سمجهائي موڪليو آهي تہ هو اتي وڃي ۽ ٻڌي.
    هيءَ گهڙي انوکو سمو آهي - گذريل اٺن يا سورهن سالن کان مختلف بہ آهي – ڇو تہ ڌرتي جي هر رهواسي کي پنهنجي صافي افاديت جي گهٽجڻ ۽ نتيجي ۾ وڌندڙ سنجيدگي جو تجربو ٿي رهيو آهي. پر بجاءِ پوئتي پير ڪرڻ جي، گهڻن عالمي ٻاڙائي جي ڪري پيدا ٿيل امڪانات کي گهري نموني جانچڻ جو ارادو ڪيو آهي: رضاڪاريت وڌي رهي آهي. اڳوڻي سال جي ڀيٽ ۾ هن سال جنوري ۾ پيس ڪارپس ۾ شامل ٿيڻ جي درخواستن ۾ 175 سيڪڙو واڌ آئي آهي. صدر اوباما آمريڪي ڪارپس کي سگهارو ڪرڻ ۽ پيس ڪارپس کي ٻيڻو ڪرڻ جو واعدو واريو آهي. هو اسان تي زور ڀري رهيو آهي تہ اسان پنهنجي پاڙيسرين کي سمجهون، پنهنجي علائقي يا ٻي دنيا ۾، ليڪچر ڏيڻ يا جنگ ڪرڻ جي بجاءِ اسان انهن جي ڳالهه ٻڌون ۽ ڪم ڪريون.
    اسان سڀني مسافرن لاءِ پيس ڪارپس جا تجربا اهم سبق وارا آهن. آفريقا ۾ ٽيچر طور مون ٻڌڻ سکيو. مون کي ماڻهن جي حقيقي زندگي ۽ مسئلن جي خبر پئي ۽ ساڳي وقت محسوس ٿيو تہ انهن وٽ بہ تبديلي جا خواب مون جهڙا ئي آهن. سينٽرل آفريقا جي پرانهين جاءِ – بيٺڪي نياسالئنڊ، جيڪا ملاوي طور آزاد ٿي – مان مون کي آمريڪا، ۽ ان جي خوبين ۽ ناڪامين کي ڏسڻ جو موقعو مليو. مسافريءَ مون کي پنهنجي ذات سان ملڻ جو تجربو بخشيو آهي، ۽ انهن ماڻهن سان رابطي ۾ آندو آهي، جن کي منهنجي ڪا اڳواٽ ڄاڻ ڪانهي.
    مون پاران پيس ڪارپس ۾ شموليت جو فيصلو نظاريگيري جو لڪل انڪار هو. ان هوندي بہ ڪيترائي نظاري باز آفريقا ۾ عياشي وغيره لاءِ ويندا رهيا. وڻن ۾ لڪل هڪ سرن واري سوڙهي روڊ جي ڇيڙي تي ٺهيل ننڍڙي اسڪول ۾ آمريڪي ماستر هجڻ هڪ منفرد عمل هو. جڏهن بہ مون آفريقا جو ذڪر ٿي ڪيو تہ ماڻهن ارنيسٽ هيمنگوي جو حوالو ٿي ڏنو، پر مون کي کل ٿي آئي، ڇو تہ مون هن کي هڪ آقا ٿي سمجهيو، جيڪو جانورن جي قدرتي رهائش گاهون گهمندي جانورن کي ماريندو ٿي رهيو ۽ بورچي خاني واري سواهلي ٻولي ۾ پنهنجي بندوق بردارن سان ڳالهائيندو ٿي رهيو. ان وقت منهنجو هيرو، هيمنگوي نہ هو، جيڪو هڪ شاهوڪار مسافر هو ۽ خوابن جي دنيا ۾ گهاريندڙ ۽ پئسي جي آڪڙ ۾ ورتل هو، پر منهنجو هيرو نيلسن منڊيلا هو، جيڪو مقصد سان سلهاڙيل شخص هو، جنهن کي تازو گورا سرڪار روونا مقدمي ۾ عمر قيد جي سزا ڏيئي جيل ۾ واڙي ڇڏيو هو.
    مون محنت ڪري چچيوا ٻولي کي گرامري طرح استعمالڻ سکيو. ڪڏهن بہ آئون شڪار ڪرڻ نہ ويس. مون وٽ ڪيميرا بہ نہ هئي. وڌ ۾ وڌ جيڪو جنگلي جانور مون ڏٺو سو هو چراخ، جيڪو منهنجي ڪچري تي اچي حملا آور ٿيندو هو، يا جنگلي چميئڙا جيڪي گهر جي ڇڄهڙي جي هيٺئين حصي هيٺان پيا لڙڪندا هئا، يا ڪڏهن ڪارا يا ساوا خطرناڪ آفريقي نانگ جيڪي وڻن جي پنن ۾ يا مڪائي جي ٻنين ۾ ريڙهيون پائيندا هئا. آئون ڇهه سال آفريقا ۾ رهيس.
    آفريقا ۾ مون کي مال ميڙڻ جو حرص يا ترقي جي اميد نہ هئي. بطور ٽيچر جيڪو مون کي معاوظو ملندو هو، سو ايترو هوندو هو، جنهن مان آئون پنهنجي پورت ڪري ويندو هوس، البت اهو، هتي جي ٻين جي ڪمائي کان وڌ هو. مون کي ڪا شڪايت نہ هئي. جڏهن آئون شهر ۾ ويس ۽ اتي آمريڪي سفارتخاني جي ملازمن سان مليس، تڏهن مون کي پنهنجي لڪ ۾ هئڻ جو احساس ٿيو. ان زماني ۾ نوجوان ايل پال بريمر، جيڪو منهنجو هم عمر هو، اتي ملاوي سفارتخاني ۾ اڪانامڪ ۽ ڪمرشل ڪائونسلر طور ڪم ڪري رهيو هو ۽ مون کان وڌيڪ ڪمائي رهيو هو ۽ ڊپلوميٽڪ سروس جي مٿئين ڏاڪي ڏانهن وڌي رهيو هو. هو اڳتي هلي عراق جو پروڪونسل جي عهدي تي پهتو.
    ان زماني ۾ چرس ميٿيوز سوازيلئنڊ ۾ پڙهائي رهيو هو، ۽ مئساچسٽس جو مرحوم سينيٽر پال ٽسونگاس ايٿوپيا ۾ ٽيچر هو. جڏهن آئون ڪافي عرصي بعد ٽسونگاس سان مليس يا اوچتو پيس ڪارپس جي رضاڪارن (سفارتڪارن، استادن، واپارين، ڊاڪٽرن) سان ملاقي ٿيس ٿي تہ مون کي احساس ٿي ٿيو تہ اسان وچ ۾ تجربن جي لحاظ کان هڪ جهڙائي هئي ۽ پاڻ ۾ هڪ فوري تعلق جو احساس ٿي ٿيو. سڀ کان وڌيڪ مون کي سندس سالن جي خدمت لاءِ عزت هئي. ڪنهن کي بہ آساني نہ ميسر ٿي هئي. ڪن تہ ڪافي دشوار حالتن ۾ گذاريو. تازو آئون انڊيا ۾ آمريڪي ڪونسل جي هڪ ملازم سان مليس، جيڪو سينٽرل زائر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڪچي گهر ۾ ٻه سال رهيو هو، جتي بجلي نہ هئي ۽ اهو ڳوٺ ٻيلي جي آخرين ڇيڙي تي وسيل هو. هن انهن ٻن سالن کي پنهنجي زندگي جا بهترين سال ٿي سمجهيو.
    آئون ٻه سال ملاوي ۾ هئس، مون ڪڏهن بہ گهر فون نہ ڪئي. منهنجو گهر وارن سان رابطو خطن وسيلي قائم هو، جيڪي هتي پهچڻ ۾ مهينو کن لڳائيندا هئا. اهو مون کي سٺو ٿي لڳو. اڄوڪي دنيا ۾ گهر سان فوري رابطي جي ڪري پرانهن ملڪ ۾ هئڻ واري تجربي ۾ رخنو ٿو پوي. اها ڪهڙي زندگي آهي، جو جڏهن اوهان جو حالتون خراب هجن، تڏهن اوهان ماءُ سان ڳالهيون ڪري سڪون حاصل ڪريو؟ حقيقي تجربو تہ آهي پرانهون هجڻ، تڪليف ۽ دشواري ۾ يا جوکم ۾ هئڻ. اهو ئي تہ آهي پري هجڻ جو مقصد. مون کي هاڻوڪن گريجوئيٽ جي سمجھه نٿي اچي، جيڪو اجائي نوڪري پيو ڪندو آهي، گهر ڳولي، روٽين ۾ مشغول ٿي ترقي جي آسري ۾ رهندو آهي. مون کي بہ هُڪ فِن Huck Finn وانگر باقي دنيا کان پري ڪنهن علائقي ڏانهن جلدي وڃڻ جي اڇا سمجهه ۾ اچي ٿي.
    آئون انهن ماڻهن وٽ رهيس، جن وٽ مٿاڇري تي تمام گهٽ هو. رقم جي اڻ هوند هئي ۽ انهن جو نطام بارٽر (جنس بدلي جنس) نظام هو. اسڪولي ٻارن جي نوٽبڪن مان گاسليٽ جي يا ڪاٺ جي ٻرڻ وقت نڪتل دونهين جي دپ ايندي هئي. هنن جي ڳوٺن ۾ بجلي ڪا ورلي هوندي هئي. منهنجا شاگرد يونيفارم تہ پائيندا هئا پر سندن پير اگهاڙا هوندا هئا. سندن پيرن جا ترا اسڪول ايندي ويندي سخت ٿي ويا هئا. اهي اگهاڙن پيرن سان فوٽ بال کيڏندا هئا. اسان پاران لنچ واري پروگرام شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ هنن جي لنچ ۾ هڪ اوٻاريل پٽاٽو يا ڪمند جون ڪجھ گريون هونديون هيون، جن کي هو چوساڙي بک کي ختم ڪندا هئا.
    اهو آسان تہ رهندو پر غلط ٿيندو تہ آئون انهن شين جي فهرست ڏيان، جيڪي منهنجي شاگردن يا انهن جي ڪٽنبن وٽ ڪونہ هيون. نامور شخصتيون آفريقا جي ڳوٺن ۾ گهمندي ائين ڪنديون آهن، جڏهن پنهنجي خود شعوريت جي ڏوهاري، بي تڪي ۽ فاخرانہ احساس هيٺ هي دولتمند مسافر غير موجود شين جو ذڪرڪرڻ لڳندا آهن. ان ڪري اهي اتي گهڻو عرصو رهي نہ سگهندا آهن. جيڪر اتي سالن تائين رهن تہ کين اهو نظر اچي جيڪو مون ڏٺو: ماڻهن جي سانحن يا مشڪلاتن مان پار پئي اڳتي وڌڻ واري خصلت resiliency۔ آفريڪن کي وساري ڇڏڻ، خشڪ سالي، خراب فصل، بک، بيمارين ۽ سڀ کان اگري ڳالهه تہ ظالم حڪومتن جي ڄاڻ هئي، پر پوءِ بہ اهڙين دشوار ۽ ڪٺن حالتن هوندي بہ انهن جيئڻ جا طريقا سکي ورتا هئا ۽ جي رهيا هئا. ڀرين چاليهارو سالن کان آئون ڌارين کي آفريقا جي حالتن تي ڏک جو اظهار ڪندي ڏسي رهيو آهيان، پر بعضي ئي ڪو اهو ٻڌان ٿو، سواءِ انهن جي جيڪي اتي رهيا، تہ سڄي دنيا جا ڌڪاڻيل، سخت ترين حالتن ۾ بہ پاڻ کي بچائيندا اچن.
    منهنجي ڏنل سکيا انهن کي ڪم آئي هوندي، پر مون جيڪو سيکارو سو ٿورو هو، البت مون جيڪو سکيو سو وڌيڪ هو. ها ٻن سالن کان پوءِ منهنجي شاگردن انگريزي ڳالهائڻ شروع ڪئي ۽ ڪي ڪاليج ۾ بہ پهتا. پر اڄ چاليهن سالن جي رضاڪارانہ ڪم کان پوءِ به، ملاوي جون حالتون اهڙيون آهن جيڪي 1963 ۾ هيون. آبادي چئوڻي ٿي 13 ملين کي پهتي آهي، جنهن مان هڪ ملين تہ يتيم آهن ۽ في ڪس آمدني ساليانو 160 آمريڪي ڊالر آهي.
    ماڻهو ڪلچر شاڪ يا ڌچڪي جي ڳالهه ٿا ڪن. مون کي اهو لڳي ها، جڏهن مون اهي ڪچا گهر ڏٺا يا مون کي مليريا جي بيماري لڳي يا مياسس Myiasis بيماري (چمڙي جي انهي بيماري ۾ مکين جهڙا ڪيئنا جسماني کل اندر داخل ٿي گوشت کائڻ لڳندا آهن) لڳي – منهنجي قيمص ۾ رهندڙ اڏمندڙ مکين جا بيضا منهن جي جسم ۾ وڌي ڪينئا ٿيا، (انهن تجربن کي مون پنهنجي مختصر ڪهاڻي White Lies ۾ بيان ڪيو آهي). مون جالڻ سکي ورتو. پر مون کي ڪلچر شاڪ تڏهن لڳو، جڏهن آئون واپس آمريڪا پهتس ۽ ملڪ تقريبن ساڳيو هو، ويٽنام واري جنگ اڃا وڌيڪ گرم، تباهي آڻيندڙ ويڇا وڌائيندڙ هئي. البت آئون بدليل هئس.
    مون نہ رڳو پنهنجي شاگردن، پر پيس ڪارپس جي ٻين ساٿي ٽيچرن سان رابطا بحال رکيا. هر اونهاري ۾ اسان پنج ڏينهن ڪٺي گذاريندا آهيون. اهي ئي منهنجا سٺا دوست آهن. مونکي ٻين رضاڪارن جي ڄاڻ آهي، جيڪي پنهنجي ڳوٺ سان، دوستن سان سالن کان رابطي ۾ آهن. ملاوي ٻارن جو ڳوٺ نالي هڪ يتيم خانو، سابق رضاڪارن شروع ڪيو هو، جيڪو هينئر وڏو پروجيڪٽ آهي.
    ڪافي ماڻهن وانگر، جن تي پرانهن ملڪن جي تجربن اگرو اثر ڪيو، آئون اهڙو ٿي گهر نہ وريس ۽ نڪي پنهنجا تجربا پوئتي ڇڏي آيس. اهي منهنجي ذهن ۾ اڪريل آهن، ۽ اهي هاڻي منهنجي فيصلن کي ڄاڻ ڏين ٿا. انهن مون کي مظبوط بنايو آهي. ان تي ڪجهه ماڻهو چوندا تہ ان مان ڪهڙو فاعدو؟ پر اهي ساڳيا ماڻهو چوندا تہ نظم لکڻ مان ڪهڙو فائدو، يا ٻولي سکڻ مان ڪهڙو فائدو، يا پيرين پنڌ سفر ڪري، ٻيلن ۾ گهمندي پکين کي وڻن تي لامارا ڏيندي ڏسڻ جو ڪهڙو فائدو؟.
    جڏهن بہ ڪو ماڻهو مون کان پڇي ٿو تہ هو پنهنجي حياتي کي ڪيئن گهاري، تہ آئون وراڻيندو آهيان تہ پهرئين تہ هو گهر ڇڏي، اوڏانهن وڃي، جتي هو ٻڌڻ گهري ٿو. جتي هن کي اهي ماڻهو ملندا جيڪي دنيا کي بدلائڻ ۽ رابطا ٺاهڻ جا خواب ڏسن ٿا، جيئن هو پاڻ چاهي ٿو. هڪڙي غلطي اها آهي تہ توهان اهو سوچڻ لڳو تہ توهان ماڻهن جي زندگي ۾ وڏي تبديلي آڻيندا، جن ۾ توهان رهو ٿا. ائين نہ آهي. مکيه فرق يا تبديلي رڳو توهان ئي ۾ ايندي.
    *[ھن مضمون جو ليکڪ پال ٿوريو Paul Theroux 10 اپريل 1941 تي آمريڪا ۾ پيدا ٿيو. ھيءُ نامور سفرنامہ لکندڙ ۽ ناول نگار آھي.
    سال 1967 ع ۾ سندس پھريون ناول والڊو شايع ٿيو. سندس ناول Jungle Lovers (1971) کي ملاوي حڪومت ڪافي سالن تائين بندش ھيٺ رکيو. ساڳئي طري وري سندس ھڪ ٻي ناول Saint Jack (1973) کي وري سنگارپور جي حڪومت بندش ۾ رکيو. ھن جي ڪافي ناولن کي فلمايو بہ ويو آھي.


    ھن جو نامور ڪتاب The Great Railway Bazaar (1975) آھي. ھي وي ايس نائيپال جو دوست بہ رھيو آھي، جنھن جي حوالي سان ھن ٻہ ڪتاب لکيا، پر سندس ٻئي ڪتاب بعنوان Sir Vidia's Shadow (1998) ۾ نائيپال تي تنقيد ٿيل ھئي. ھي ٻئي دوست ڪافي سالن تائين ھڪ ٻئي کان رٺل رھيا.]


    لکڻ جا سونهري اصول

    برطانيه جي نامور اخبار گارجيئن چند مشهور ليکڪن ۽ ليکڪائن کان سٺي فڪشن لکڻ جا ڏهه اصول تحرير ڪرايا هئا. اهي رايا يا تجويزون گڏيل طور فيبروري 2011 ڌاري ٻن آرٽيڪلز ۾ مرتب ڪري پڙهندڙن آڏو رکيا ويا. انهن مان ٽن نامور ليکڪائن جا تجويز ڪيل ڪجھ اصول نون لکندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجن ٿا.
    سڀ کان پهريائين ڪئناڊا ۾ رهندڙ مارگريٽ ائٽوڊ (ولادت 18 نومبر 1939ع) جا رايا پيش ڪجن ٿا. هن ليکڪا هڪ ئي وقت ناول نگار، ڪهاڻيڪار، شاعر مضمون نويس آهي. سال 2000 ۾کيس بڪر پرائيز ڏنو ويو. سندس تجويزون آهن ته:
    o پڙهندڙن جي ڌيان کي قابو جهليو. (اهو تڏهن ٿيندو جڏهن اوهان پنهجو ڌيان يڪجا رکندا). پر توهان کي اهو معلوم ڪونهي تہ پڙهندڙ ڪير آهي، سو اهو ڪم ۾ اونداهه ۾ گليل سان مڇي مارڻ وانگي آهي. جيڪو ليک الف کي لڀائي ٿو، سو وري ب کي بور ڪندڙ هوندو آهي.
    o توهان کي ٿيسارس، ۽ بنيادي گرامر جي ڪتاب سان گڏ حقيقي صورتحال Reality تي عبور رکڻ جي ضرورت رهندي. مقصد تہ مفت ۾ ماني نہ ملندي، پر ولوڙ ڪرڻي پوندي. لکڻ هڪ پورهيو بہ آهي، تہ جوا بہ آهي. هن ۾ اوهان کي پڪي پينشن ملڻ جو آسرو نہ هوندو آهي. ڪجهه ماڻهو کڻي ٿوري مدد ڪن، پراوهان کي پنهنجي سر ڪم سر انجام ڏيڻو آهي. جيئن تہ ڪنهن اوهان کي مجبور نہ ڪيو آهي، بلڪه اوهان پاڻ ئي اها ڪرت اختيار ڪئي آهي، تنهنڪري روئڻ پٽڻ اجايو آهي.
    o جيئن تہ اوهان پاڻ ئي ڪتاب لکيو آهي، تنهن ڪري اوهان ان کي انهيءَ معصوم توقع سان نہ پڙهندائو، جيڪا نئين ڪتاب جي هڳاءَ مان پيدا ٿيندي آهي. ڪتاب کي پبلشر کي ڏيڻ کان اڳ ڪنهن هڪ يا ٻن دوستن کان پڙهايو، پر اهو دوست اوهان جو دلدار نہ هجي، متان اڳتي هلي راهون جدا ٿي وڃن.
    o اگر پلاٽ ۾ ڪٿي منجهي پيا آهيو، تہ اتي ويٺا نہ رهو، پوئتي وري جانچنا ڪيو تہ ڪٿي غلطي ٿي آهي. پوءِ يا ٻي راه وٺو. يا ڪردار بدلايو، يا زمان بدلايو. يا شروعاتي صفحو ئي کڻي بدلايو.
    آئرش ناول نگار اين انرائيٽ (ولادت 11 آڪٽوبر 1962ع) کي 2007 ۾ ناول The gathering تي مئن بڪر پرائيز حاصل ٿيو هو. هن جا رايا آهن ته:
    o رڳو خراب ليکڪ ئي پنهنجي لکڻين کي سٺو سمجھندا آهن.
    o جنهن نموني اوهان لکڻ گهرو، لکندا وڃو. فڪشن صفحن تي ڦهليل لفظن تي مبني هوندو آهي، حقيقي صورتحال ٻي شيءِ ٿيندي آهي. اهم ڳالهه اها ڪانهي تہ اوهان جي لکڻي حقيقت کي ڪيترو ويجھي آهي يا هٿرادو آهي. رڳو ان جي ضرورت يا گهرج ئي اهميت جوڳي هوندي آهي.
    o ائين ڀانيو تہ اوهان ڪنهن موتمار بيماري باعث مرڻ وارا آهيو. ان صورت ۾ اوهان ڪتاب مڪمل نہ ڪندائو. ڇونه؟ ڪتاب جو اڳتي نہ وڌڻ اوهان کي ارهو ڪري ٿو. پاڻ سان دليلبازي ختم ڪريو. ان کي بدلايو. ڏٺوَ. ڪنهن کي مرڻو نہ پيو.
    هلاري مانٽيل (ولادت 6 جولاءِ 1952ع) کي سندس يارهين ناول Wolf Hall تي 2009 ۾ مئن بڪر پرائيز حاصل ٿيو هو. هو ڪهاڻيڪار توڙي نقاد بہ آهي. سندس تجويز ڪيل اصول هيٺ ڏجن ٿا:
    o اهڙو ڪتاب لکو، جنهن کي اوهان پاڻ پڙهڻ گهرندا هجو. جيڪر اوهان ئي ان کي پڙهڻ گوارا نہ ٿا ڪريو، تہ پوءِ ٻيو ڪو ائين ڇو ڪندو. مخصوص پڙهندڙ حلقي يا مارڪيٽ کي ذهن ۾ رکي ڪتاب نہ لکو. ٿي سگهي ٿو تہ اوهان جي ڪتاب مڪمل ٿيڻ تائين اهو حلقو يا منڊي تحليل ٿي ويو هجي.
    o اوهان وٽ ڪنهن ڪهاڻي جو ڪو سٺو آئيڊيا آهي، تہ ان تي ڳنڍ نہ ٻڌي بيهو تہ اهو هروڀرو نثري بيان ۾ فٽ ٿئي. ٿي سگهي ٿو تہ اهو سٺو ڊرامو، اسڪرين پلي يا نظم ٿئي. لچڪيدار بنجو.
    o لکندي لکندي اوهان اگر رڪجي ويا آهيو تہ ان صورت ۾ ڊيسڪ ڇڏي وڃي يا سمهو، يا پنڌ ڪريو، يا وهنجو، يا ميوزڪ ٻڌو، يا مراقبو ڪريو، يا ايڪسرسائيز يا ٻي ڪا سرگرمي ڪريو، پر ان مسئلي تي وقت نہ وڃايو. ٻئي پاسي پارٽي ۾ شريڪ ٿيڻ يا فونون ڪرڻ ۾ وقت نہ وڃايو، ڇو تہ ان صورت ۾ ٻين جا لفظ اچي اها جاءِ والاريندا، جتي اوهان جا وڃايل لفظ هئڻ گهرجن. صبر ڪريو. ساهي وٺو.
    o هر ڳالهه لاءِ تيار رهو. ڇو تہ هر ڪهاڻي جون پنهنجون تقاضائون ٿين ٿيون، ۽ اڳيان اصول ٽوڙڻا پوندا آهن، سواءِ هڪ جي تہ جيڪر اوهان انڪم ٽيڪس جي ڳڻتي ۾ آهيو تہ پوءِ اوهان ادب ۾ رت ست نٿا ڏئي سگهو.
    ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار زيدي سمٿ (ولادت 25 آڪٽوبر 1975) جو پهريون ناول White Teeth سال 2000ع ۾ ڇپيو. ان کي ڇپڻ لاءِ ناشرن کي پاڻ مقابلو ڪرڻو پيو هو. سندس رايا آهن تہ :
    o ننڍپڻ کان ئي ڪافي سارا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪريو. ٻين ڪمن کان وڌيڪ ان سرگرمي ۾ وقت لڳايو.
    o وڏيرڙو ٿيڻ تي پنهنجي ليکن کي ائين پڙهو، ڄڻ ڪو ڌاريو يا دشمن پيو پڙهي.
    o لکڻ ۽ ايڊيٽنگ جي وچ ۾ مناسب وقفو رکو.
    o اجاين فقرن يا لفظن توڙي گروهن کان پاسو ڪريو. ماڻهن جو ميڙ اوهان جي لکڻين کي سهڻو نہ بنائيندو.
    o اعزازن کي حاصلات سان نہ ڀيٽيو.


    سال 2016 لاءِ ادب جي نوبيل انعام وارو انوکو فيصلو

    سال 2016 لاءِ ادب وارو نوبيل انعام ڪنهن ناول نويس، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس يا شاعر جي بجاءِ هڪ ڳائڻي شاعر باب ڊلن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، جيڪو پنهنجا تخليق ڪيل شعر ڳائيندو آهي. سويڊش اڪيڊمي جي خيال ۾ ”هن آمريڪي گائڪي وارين روايتن جي اندر نوان شاعرانہ اظهار خلقيا آهن.“ بهرحال هن سال واري فيصلي تي ڪافي ماڻهو ڄڻ سڪتي ۾ آهن، ڪجهه تہ ان فيصلي جي نندا بہ ڪري رهيا آهن. ڪي البت انهي فيصلي کي ساراهي بہ رهيا آهن.
    انعام جي اعلان کان اڳ لئڊبروڪ جي جواخانہ تي ٻين ليکڪن جهڙوڪ ڊان ڊي للو Don DeLillo ، هاروڪي مراڪامي Haruki Murakami، شام جي شاعر ائڊونيز وغيره تي وڌيڪ شرط پئي رکيا ويا.
    24 مئي 1941ع تي پيدا ٿيندڙ باب ڊلن جو اصلي نالو رابرٽ الين زمرمئن Robert Allen Zimmerman, آهي. هو گذريل پنجاهه سٺ سالن کان وٺي شاعري ۽ موسيقي جي ميدان جو شهسوار آهي. سٺ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آمريڪا اندر سماجي بيچيني هئي ۽ جنگ مخالف تحريڪ توڙي شهري حقن واري تحريڪ زورن تي هيون، تڏهن سندس ڳايل ۽ لکيل ڪلام خاص ڪري بعنوان ”طوفاني هوا گهلي رهي آهي“ ۽ ”وقت بدلجي رهيو آهي“، انهن تحريڪن جا ڄڻ ترانا بنيل هئا.
    طوفاني هوا لڳي رهي آهي
    جيسين سمنڊ ان کي ڳڙڪائي
    تيسين پهاڙ ڪيترا سال موجود رهندا؟
    هائو، ۽ ڪي ماڻهو آزاد ٿيڻ کان پهرئين
    ڪيترا سال موجود رهندا؟
    هائو، ۽ ڪو ماڻهو ڪيترا ڀيرا منهن ورائي
    نہ ڏسڻ جو ڍونگ ڪندو رهندو؟
    جواب، منهنجا دوست، اهو آهي تہ طوفاني هوا لڳي رهي آهي،
    جواب اهو آهي تہ طوفاني هوا لڳي رهي آهي.
    وقت بدلجي رهيو آهي
    سڄي ملڪ جا ماتا پتا
    تنقيد ڪرڻ کان پاسو ڪيو
    توهان کي اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته
    اوهان جا پٽ ۽ ڌيئرون
    اوهان جي حڪمن کان پري آهن
    اوهان جي پراڻي ريت پڄاڻي تي پهتي آهي
    مهرباني ڪري پاسيرا ٿيو جي اوهان سهائتا نٿا ڪري سگهو،
    وقت بدلجي رهيو آهي.
    ائڊم براڊلي، جيڪو انگريزي ادب جو پروفيسر آهي ۽ هن وقت هو آمريڪي ڪلامن جي شاعراڻه خاصيتن جو ڪورس پڙهائي ٿو، تنهن باب ڊلن کي نوبيل ادبي انعام ملڻ واري ڳالهه کي ساراهيو آهي. هن لکيو آهي تہ جڏهن باب ڊلن کان پڇيو ويو هو تہ ڇا هو پاڻ کي شاعر سمجهي ٿو ۽ کيس لڳي ٿو تہ سندس شاعري موسيقي کان سواءِ جالي سگهندي، تہ هن وراڻيو هو تہ اها جالي ويندي، پر هو پنهنجي شاعري کي پڙهڻ کان وڌيڪ ان کي ڳائڻ گهرندو. باب ڊلن هڪ ٻي موقعي تي ائين چيو هو تہ ”ڪلام لاءِ ڌن کان وڌيڪ لفظ اهم هوندا آهن.“
    براڊلي تسليم ڪري ٿو تہ شاعر جي حيثيت ۾ هن پاران قافين جو استعمال تز نہ هوندو آهي، پر پوءِ بہ اهو وڻندڙ هوندو آهي. بهرحال ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ هو شاعر آهي. ياد رهي تہ ڪجهه عرصو اڳ سندس مشهور ڪلام ”خانہ بدوش يا رولاڪ وانگر“ جو هٿ لکيل ڊرافٽ 2 ملين ڊالرن ۾ وڪرو ٿيو هو.
    ڪافي ليکڪن انھي فيصلي کي تنقيد جو نشانو بنايو ھو. ھڪ ليکڪ ول سيلف تہ ڊلن کي صلاحيو ھو تہ هو فرينچ ليکڪ سارتر جيان انعام وٺڻ کان انڪار ڪري. پر ھن صاحب کڻي روايتي تقريب ۾ نہ ورتو، پر خاص طور سجايل تقريب ۾ ضرور وصول ڪيو.
    ھن سال 2018 ۾ تہ نوبيل ادب جو انعام ئي نہ ڏنو ويو آھي، ڇو تہ سال جي شروع اھو اسڪينڊل سامھون آيو تہ نوبيل ادبي ڪميٽي جي سيڪريٽري جو مڙس پئسن عيوض راز وڪڻندو رھيو آھي. تنھن ڪري ايندڙ سال ٻنھي سالن جو انعام ڏنو ويندو.


    ادبي انعامن جون ڳالهيون

    هرسال آڪٽوبر جي مهيني ۾ ادبي دنيا جو وڏو انعام نوبل ادبي انعام ڪنهن ليکڪ کي ڏنو ويندو آهي، پر هن سال اهو انعام روڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ ٻيو وڏو ادبي انعام مئن بڪر هوندو آهي. جنهن جو اعلان ٿيو آهي، تنهن ڪري سڀ کان پهرئين مئن بڪر انعام جي کٽيندڙ جو ذڪر ٿي وڃي. جتيوڻيڪ لئڊبروڪ ۽ ٻين بڪيز يا سٽيبازن جو فيورٽ پهرئين رچرڊ پاورس جو The Overstory هو، پوءِ وري ڊيزي جانسن جو Everything Under ٿيو. ھندستان جي نامور ليکڪ اميتاو گھوش رچرڊ پاورس جي ناول تي تبصرو ڪندي ٽوئيٽ ڪيو تہ ھڪ وڏي عرصي کان پوءِ ھن ھڪ بھترين ناول پڙھيو آھي، جيڪو دنيا کي نئين سر ڏسڻ جو موقعو فراھم ڪري ٿو. پر انعام ائنابرنس جي ناول Milkman کي ڏنو ويو آهي.
    بيلفاسٽ ڄائي، 56 سالا ائنابرنس اتر آئرلئنڊ جي پهرئين ليکڪا آهي، جنهن کي اهو انعام حاصل ٿيو آهي. اهو ڪتاب ڪئٿلڪ پروٽيسٽنٽ ڌرين ۾ سٺ واري ڏهاڪي جي آخر کان وٺي ويهين جي پڄاڻي تائيل ٿيل پر تشدد تڪرارن، جن کي ٽربلز سڏيو وڃي ٿو، جي پس منظر ۾ لکيو ويو آهي. ليکڪا جو پهريون ناول No Bones سال 2001 ۾ شايع ٿيو هو.
    سندس چواڻي تہ کيس ڪتاب مڪمل ڪرڻ ۾ ڪافي وقت لڳيو وڃي ۽ پهرئين ناول جي ڇپائي کان پوءِ ڪافي مالي مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي. ھن رپورٽرن کي ٻڌايو تہ هو پنجاه هزار پائونڊن مان پھريائين پنھنجو قرض ادا ڪندي ۽ باقي بچندڙ پئسن تي اڳتي لاءِ گذران ڪندي.
    هن رپورٽرن کي وڌيڪ ٻڌايو تہ هوءَ اوسيتائين انتظار ڪندي آهي، جيسيتائين ڪردار پاڻ اچي کيس پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي نہ وٺن.
    ائنابرنس جي هن ٽئين پر تجرباتي ناول جو بياني ڪردار ڪتاب پڙهندڙ هڪ 18 سالا نينگري آهي، جيڪا مڊل سسٽر طور سڃاتي وڃي ٿي، جنهن کي هڪ جواني چڙهيل شخص خانداني ناتن، سماجي دٻاءَ ۽ سياسي وابستگي کي هٿيار بنائي جنسي تعلقات قائم لاءِ دٻاءَ جو شڪار بنائي ٿو. جيتوڻيڪ اهو ستر واري ڏهاڪي ۾ بيانيل آهي، پر اھو تڏهن شايع ٿيو آهي، جڏهن جنسي شڪارن کي وائکو ڪرڻ واري مي ٽو تحريڪ عالمي سطح تي روزن تي آهي.
    ججن جي پينل جي سرواڻ اپيا جي لفظن ۾ ”اسان مان ڪنهن بہ اڳ ۾ اهڙي شيءِ نہ پڙهي آهي. ائنا جو چٽو آواز پنهنجي پراثر ۽ حيران ڪندڙ نثر ذريعي روايتي سوچ ۽ هيئتن کي للڪاري ٿو. هي بي رحم مزاح سان جڙيل ڪٺورتا، جنسي قبضي گيري ۽ مزاحمت جي ڪهاڻي آهي.“

    هندستان جي ادب لاءِ جي سي بي JCB ادبي انعام
    جي سي بي هڪ عالمي صنعتي ادارو آهي، جيڪو اڏاوت وغيرہ جا اوزار ٺاهي ٿو. ان جي زير سرپرستي هڪ ڪاروباري تنظيم جي سي بي انڊيا لميٽيڊ، هندستان ۾ سال 1979 کان ڪم ڪري رهي آهي. وري ان جي طرفان سماجي ڀلائي جي ڪمن واسطي جي سي بي فائونڊيشن جوڙيل آهي. ان فائونڊيشن هن سال کان هندستاني ليکڪن جي انگريزي ۾ لکيل يا ترجمو ٿيل ناولن تي انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
    ٽين آڪٽوبر تي 5 ڪتابن تي مبني شارٽ لسٽ پڌري ڪئي ويئي آهي. آخري کٽيندڙ جو اعلان 24 آڪٽوبر تي ٿيڻو آهي. شارٽ لسٽ ٿيل پنجن ڪتابن ۾ ٻہ ڪتاب ترجما آهن. پيرومل مروگان PERUMAL MURUGAN جو ناول POONACHI: OR THE STORY OF A BLACK GOAT اصل تامل ٻولي ۾ لکيل هو، جنهن کي اين ڪلياڻ رامن ترجمو ڪيو آهي. ساڳي طرح بن يامين جو ناول JASMINE DAYS مليالم ٻولي ۾ لکيل آهي، جنهن کي شهنازحبيب انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي. ان کان علاوہ SHUBHANGI SWARUP جو ناول LATITUDES OF LONGING، اميتاباگچيAMITABHA BAGCHI جو ناول HALF THE NIGHT IS GONE، ۽ انوراڌا راءِ ANURADHA ROY جو ناول ALL THE LIVES WE NEVER LIVED شامل آهن.

    ڏکڻ ايشيائي ادب لاءِ DSC انعام
    سال 2018 جي ڊي ايس سي انعام واسطي 10 آڪٽوبر تي نئين دهلي ۾ 16 ناولن تي مشتمل جيڪا وڏي فهرست جاري ڪئي ويئي آهي، جنهن ۾ چار ڪتاب ترجمو ٿيل آهن، جيڪي اصل ۾ هندي، آسامي، ڪناڊا ۽ تامل ٻولين ۾ لکيل هئا. ياد رهي تہ ان انعام لاءِ 88 ڪتاب مقابلي ۾ شامل ٿيا هئا، جن 16 ناول هن فهرست ۾ داخل ڪيا ويا آهن.
    انهي فهرست ۾ صرف ٻن پاڪستاني ليکڪن ڪاملا شمسي جو ناول Home Fire ۽ محسن حامد جو ناول Exit West شامل آهن. انهي فهرست جي مکيه داخلا ارونڌتي راءِ جو ناولThe Ministry Of Utmost Happiness آهي. ياد رهي تہ ان فهرست ۾ ٻہ ڪتاب اهي بہ شامل آهن، جيڪي هندستان واري جي سي بي انعام واري ننڍي فهرست ۾ بہ شامل آهن.


    خوشونت سنگهہ جون خوشگوار زندگي گهارڻ لاءِ صلاحون

    تازو پينگوئن وارن خوشونت سنگهہ جي لکڻين جو مجموعو Absolute Khushwant: the low-Down on Life, Death & Most Things In-Between جي نالي سان ڇاپيو آهي، جنهن مان ڪجھ اقتباسات آئوٽ لڪ رسالي ۾ شايع ٿيا آهن. انهن ٽڪرن ۾ هن صاحب خوش زندگي گهارڻ لاءِ جيڪي ضروري شيون قرار ڏنيون آهن، سي سنڌي پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪجن ٿيون، ان اميد سان تہ ڪجھ لائق پڙهندڙ انهن مشورن تي عمل پيرا ٿي پنهنجي زندگي ۾ سڌارو آڻيندا.
    خوشونت صاحب سٺي صحت حاصل کي اوليت ڏئي ٿو. ”جيڪر اوهان سٺي صحت نہ ٿا رکو، تہ پوءِ اوهان ڪڏهن بہ خوش نہ رهي سگهندائو. بيماري کڻي ڪيڏي بہ ننڍي هجي، اها اوهان جي موج يا مستي تي ضرور اثرنداز ٿيندي.
    ٻيو تہ اوهان وٽ مناسب بئنڪ بئلنس هجي. اهو کڻي ڪروڙن ۾ نہ هجي، پر ايترو هجي، جو اوهان ان مان آسائشون ماڻي سگهو. توهان وٽ ايتري بچت هجي، جو اوهان ڪڏهن ٻاهر وڃي هوٽل وغيره تي کاڌ پيت ڪري سگهو، فلمون ڏسي سگهو، پهاڙين يا سمنڊ ڪناري وڃي موڪلون گذاري سگهو. پئسن جي کوٽ ڪري ذهني اذيت هڙ پوي ٿي. اوڌر تي گذارو ڪندڙ ماڻهو پنهنجي پاڻ کي ئي نيچ سمجھڻ لڳندو آهي.
    ٽين ڳالهه تہ گهر اوهانجو پنهنجو هجي. مسواڙ وارا گهر اوهان کي اهو تحفظ يا آسائش مهيا نہ ٿا ڪري سگهن، جيڪو پنهنجي گهر مان حاصل ٿئي ٿي. جيڪر ان ۾ باغ آهي تہ ان ۾ پنهنجا گل ۽ ٻوٽا پوکيو۽ ڏسو تہ اهي ڪيئن ٿا نسرن. ان سان توهان ۽ انهن وچ ۾ لاڳاپو جڙندو.
    چوٿون تہ اوهانجي زال / مڙس يا ساٿي سمجھدار هئڻ گهرجي. جيڪڏهن اوهان وچ ۾ گھڻيون غلط فهميون قائم آهن، تہ اوهان جي زندگي زهر ٿيو وڃي. هروقت جھيڙي ۾ مشغول رهڻ کان بهتر آهي تہ هڪ ٻئي کي هميشه لاءِ الوداع ڪري ڇڏجي.
    پنجون تہ جنهن شخص زندگي ۾ اوهان کان وڌيڪ عهدو ماڻيو آهي، وڌيڪ پئسو ڪمايو آهي يا شهرت حاصل ڪئي آهي، تنهن سان ريس يا حسد نہ ڪريو. ريس اوهان جي صلاحيتن کي زنگي ٿي. انهي ڪري ٻين سان ڀيٽ ڪرڻ کان پاسو ڪريو.
    ڇهون تہ ماڻهن کي پاڻ تي حاوي ڪري اجائي يٽ شٽ ۾ نہ پئجي وڃو. جڏهن اوهان انهن مان واندا ٿيندا، تيستائين اوهان ٿڪجي پيا هوندا يا يخي هڻندڙن جي زهر ۾ وٺجي ويا هوندا.
    ستون پاڻ کي آسودو رکڻ لاءِ ڪا نہ ڪا مشغولي يا هابي – باغباني، اڀياس، لکڻ، مصوري، موسيقي ٻڌڻ يا وڄائڻ وغيره - اختيار ڪريو. ڪلبن ۾ مفت ۾ پيئڻ يا مشهور شخصيتن سان ملڻ لاءِ وڃڻ وقت جو مجرمانہ زيان آهي. مناسب آهي تہ ڪنهن ڪارائتي ڪم ڪار ۾ حصيدار ٿيو. منهنجا ڪجهه دوست يا خاندان وارا اهڙا آهن، جيڪي سڄو ڏينهن رولو ڪتن کي کاڌو کارائڻ يا دوا ڏيڻ ۾ گهارين ٿا. ڪجھ تہ اهڙا آهن، جيڪي موبائيل شفاخانن ۾ بيمار ماڻهن توڙي جانورن جو مفت ۾ علاج ڪن ٿا.
    اٺون تہ هر صبح ۽ شام 15 منٽن تائين ذات جي مشاهدي يا اندر جهاتي ۾ گذاريو. صبح جو پهريان ڏهه منٽ ذهن کي بلڪل سانت ڪريو ۽ پوين پنجن منٽن ۾ انهن ڪمن جي فهرست تيار ڪريو، جيڪي اوهان کي ڪرڻا آهن. شام جو وري پهريان پنج منٽ ذهن کي سانت ڪريو ۽ آخري ڏهن منٽن ۾ ڪيل يا ڪرڻ لاءِ ارادو ڪيل ڪمن جو جائزو وٺو.
    نائون پاڻي مان نہ نڪرو يعني ڪاوڙ نہ ڪريو. غصي يا انتقام وٺڻ کان پري ڀڄو. اگر ڪو دوست اوهان سان ڏکيو پيش اچي تہ اڳتي وڌي وڃو.
    جڏهن دنيا مان وڃڻ جو وقت ٿئي تہ بغير ڪنهن افسوس يا ڏک جي هليو وڃجي. علامه اقبال پنهنجي هڪ فارسي شعر ۾ ڇا خوب چيو آهي تہ ”تون مون کان مومن جي نشاني ٿو پڇين؟ جڏهن موت اچي ٿو تہ هن جي چپن تي مرڪ هجي ٿي.“


    ڊسٽوپيائي ادب جي هاڪ

    لفظ يوٽوپيا مان مراد آهي اها تصوراتي رياست يا جاءِ جتي خير وعافيت ۽ امن ۽ سڪون هجي. انهي اصطلاح جو ضد آهي ڊسٽوپياDystopia ، جنهن جي معني آهي اها تصوراتي رياست يا جاءِ جتي هر شيءِ اگري ۽ اذيت ناڪ هجي.
    ادبي ميدان ۾هڪ پاسي سوين ناول يا ڪهاڻيون يوٽوپيائي ادب ۾ شمار ٿين ٿيون تہ وري ٻئي پاسي ان جيترا ناول ۽ ٻيون لکڻيون ڊسٽوپيائي ادب قرار ڏنيون وڃن ٿيون.
    جيتري قدر ڊسٽوپيائي ادب جو تعلق آهي تہ اڄ ڪلهه مارگريٽ ائٽوڊ جي ناول “The Handmaid’s Tale, ۽ ان تي ٺهيل ٽي وي سيريز جو وڏو نالو آهي. ياد رهي تہ مارگريٽ ائٽوڊ، جنهن کي ڪي نقاد ڊسٽوپيائي ادب جو پيغمبر سڏين ٿا، تنهن اهو ناول سال 1985 ۾ لکيو هو. انهيءَ ناول ۾ هن ويجهي مستقبل ۾ آمريڪا جو نقشو چٽيو هو. انهي منظرنامي موجب ان زماني ۾ آمريڪا جي حڪومت تي بنياد پرست عيسائين جو قبضو ٿيو آهي، جن انهن عورتن، جيڪي ٻار ڄڻي سگهن ٿيون، کي جنسي غلام ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ باقي ٻين عورتن جي حيثيت گهرو نوڪر جهڙي ٿي ويئي آهي.
    تازو آمريڪا ۾ ڊونالڊ ٽرمپ صدر ٿيو آهي، جنهنجي عورت دشمني ڪنهن کان لڪل ڪونهي، تنهنڪري هن اهڙا قدم کنيا آهن، جن سان عورت جي آزادگي کي ڇيهو رسيو آهي. ٽرمپ جي انهن قدمن کان پوءِ ۽ ان ناول تي ٺهيل ٽي وي سيريل جي ڪري ان ناول جي شهرت ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ ڪتاب وري وڌ وڪرو ٿيندڙ ڪتابن جي فهرست ۾ اچي ويو آهي.
    انهيءَ ناول جو مکيه ڪردار آفريڊ هڪ جنسي غلام بنيل عورت آهي، جيڪا هڪ ڪمانڊر جي قبضي ۾ آهي. ان جي گهرواري ٻار پيدا نٿي ڪري سگهي. تنهنڪري هو هر مهيني هن سان جنسي ميلاپ ڪري ٻار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ۽ ان عمل دوران هن جي گهرواري هن جي مدد ڪري ٿي.
    اسان ماڻهن لاءِ اها ڪا وڏي ڳالهه نہ آهي، ڇو تہ اسان ورهين کان بنياد پرستي جي گهيري ۾ آهيون ۽ اسان جي پاڙيسري ملڪ جي ملان حڪومت ۾ عورتن جي حيثيت اسان جي سامهون آهي.
    ڊسٽوپيائي ادب ڪو تازو مظهر نہ آهي، پر ارڙهين صدي کان ئي ڊسٽوپيائي ناول لکيا ويا آهن. وڪي پيڊيا جي فهرست موجب پهريون ڊسٽوپيائي ناول جوناٿن سئفٽ جو گليور س ٽريولز Gulliver's Travels آهي. ان کان پوءِ هيستيائين سوين ناول لکيا ويا آهن، جن کي ان زمري ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو.
    ماضي ۾ جارج آرويل جو مشهور ناول 1984 بہ ڊسٽوپيائي ادب جو مکيه نشانبر رهيو آهي. هي ناول 1949 ۾ ڇپيو هو. هن ناول ۾ اوشيانہ نامي سپر رياست، جيڪا سدائين جنگ ۾ جنبيل رهندي آهي، جي صوبي ايئراسٽرپ ون (جيڪو سابقه برطانيه آهي) جو قصو آهي. ان ناول جو مکيه ڪردار ونسٽن سمٿ آهي، جيڪو حڪومت تي قابض پارٽي جو ادنيٰ ورڪر آهي. ان ملڪ ۾ انهي هڪ پارٽي جو راڄ آهي. ان پاران انفراديت جي هر اظهار تي بندش پيل آهي، ايتري تائين ماڻهن کي جنسي سرگرمين کان منع ٿيل آهي. هر گهٽي ۽ گهر ۾ ٽي ويون يا ڪئمرائون لڳل آهن ۽ هر ماڻهو جي نگراني ڪئي ٿي وڃي.
    هن ناول جو مکيه ڪردار منسٽري آف ٽرٿ ۾ ڪم ڪري ٿو، جنهن جو مقصد آهي تہ پارٽي جي ضرورتن پٽاندڙ تاريخي حقيقتن کي مسخ ڪجي. پارٽي جي سربراه کي بگ برادر چيو وڃي ٿو. اها جماعت هڪ نئين زبان نيواسپيڪ Newspeak متعارف ڪرائي رهي آهي، جنهن ۾ انقلاب، بغاوت جهڙا لفظ شامل نہ ڪيا ويا آهن. ايتري تائين جو رڳو بغاوتي خيال يا ذهن ۾ آڻڻ بہ ڏوهه آهي. انهيءَ ناول جا ڪي جملا ۽ اصطلاح اڳتي هلي ڪري ضرب المثال ٿي ويا. آرويل جو هڪ ٻيو ناوليٽ ائنيمل فارم بہ ڊسٽوپيائي ادب ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. ان ناوليٽ جو مون ترجمو آهي، جيڪو ماهوار پرک ۾ قسطوار شايع ٿيو ۽ هاڻي سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي اي بوڪ طور پيل آهي.
    انهي کان علاوه ٻيا بہ ڪافي ناول يا فلمون ڊسٽوپيائي ادب ۾ شمار ڪيون وڃن ٿيون. جهڙوڪ آڊلس هڪسلي Aldous Huxley جو مشهور ناول Brave New World، جنهن تي ٻه ڀيرا ٽي وي سيريل بہ ٺاهي ويئي آهي. ۽ ان کان علاوه ري براڊبري Ray Bradburyجو مشهور ناول Fahrenheit 451 بہ ڊسٽوپيائي ادب جو مکيه مثال سمجهيو وڃي ٿو..
    اسان وٽ سنڌي زبان ۾ جيتوڻيڪ يوٽوپيائي ادب جا ڪجهه مثال جهڙوڪ قاضي فيض جو ناول ۽ جمال ابڙو جي ڪهاڻي پشو پاشا وغيره آهن، پر ڇا ڊسٽوپيائي ادب ۾ ماڻڪ جي ڪجهه لکڻين کي شمار ڪري سگهجي ٿو؟


    ڪتاب دوستن لاءِ گهمڻ جهڙا علمي ادبي شهر

    ريڊرس ڊائجيسٽ جي جون 2017 واري شماري ۾ ڇپيل هڪ ليک ۾ ليکڪ ائڊم هاج دنيا جي انهن ستن شهر جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي گهڻي ڀاڱي فڪشن جي مشهور ڪتابن جي سٽاءَ ۾ شامل رهيا آهن، يا انهن نامور ليکڪن جي تات ۾ حصو ورتو آهي. انهيءَ مضمون جو آزادانہ ترجمو ڪجهه اضافن سان پيش ڪجي ٿو.

    سينٽ پيٽرسبرگ، رشيا
    هي شهر روسي ٻولي جي ڪن عظيم ڪتابن جي بيانيه يا سٽاءُ ۾ شامل رهيو آهي. دوستو فسڪي Fyodor Dostoyevsky جو مشهور ناول جرم ۽ سزا Crime and Punishment توڙي اليگزانڊر پشڪن Alexander Pushkin جو نظماڻو ناول Eugene Onegin هن شهر جي رنگ ۾ رتل آهن. پر پنهنجي سر اهي نامور ليکڪ بہ انهي شهر جي گهمڻ جو اتساه ٿي سگهن ٿا، جتي هنن جا گهر هاڻي ميوزم بنيل آهن.
    ياد رهي تہ سال 1914 ڌاري هن شهر جي نالي مان جرمن لفظ برگ ختم ڪري ان کي پيٽروگراڊ ڪيو ويو. وري ڪامريڊ لينن جي موت کان پوءِ جنوري 1924 ۾ هن شهر جو نالو لينن گراڊ ڪيو ويو. 1991 ۾ سويت يونين جي ٽٽڻ بعد هڪ ريفرنڊم بعد هن جو پراڻو نالو سينٽ پيٽرسبرگ ڪيو ويو.

    ڊبلن، آئرلنڊ
    هن شهر بہ وڏا ليکڪ پيدا ڪيا آهن. جيمس جئاس (ناول يوليسس جو تخليقڪار)، ڊبليو بي ييٽسW B Yeats (شاعر، ڊرامانگار ۽ ڪهاڻيڪار) ۽ سميول بڪيٽ (ويٽنگ فارگاڊ ۽ اينڊگيم نامي ناولن جو لکندڙ، جيڪو اڳتي هلي فرانس ۾ وڃي رهيو) جي هن شهر کي ادبي مڪو بہ سڏيو وڃي ٿو. سال 2010 ۾ هن شهر کي يونيسڪو پاران ادبي شهر جو اعزاز ڏنو ويو هو. ياد رهي تہ يونيسڪو پاران سال 2004 کان سال 2015 تائين ڪافي عالمي شهرن کي اهو اعزاز مختلف معيارن جي پورائي کان پوءِ ڏنو هو. هن شهر جو هڪ ٻيو اعزاز اهو بہ آهي تہ هن شهر ادب جي ميدان ۾ گهڻي مان گهڻا نوبل لاريٽ پئدا ڪيا آهن. ادب دوستن ۽ جائس جي پرستارن لاءِ هتي ڊبلن رائيٽرس ميوزم، نيشنل پرنٽ ميوزم ۽ ائب ٿئيٽر موجود آهن.

    پئرس، فرانس
    روشنين جي هن شهر هڪ پاسي دلچسپ فقرا يا رمارڪ جوڙڻ ۾ حصو ورتو آهي تہ ٻئي پاسي پناهگير ليکڪن جهڙوڪ هينري ملر Henry Miller (آمريڪي ليکڪ جنهن جا ٻه ڪتاب ڪينسر آو ٽراپڪ ۽ ڪينسر آو ڪئپريڪان جنسي موضوع تي لکيل هئڻ سبب آمريڪا ۾ بندش هيٺ آيا) ۽ گرٽروڊ اسٽائين Gertrude Stein (آمريڪي ناول نويس، شاعره، ۽ ڊرامانگار) جهڙن کي بہ پنهنجي هنج ۾ پاليو آهي. محترمه اسٽائين جو گهر ليکڪن ۽ آرٽسٽن جو مرڪز بنجي ويو. مقامي طرح بہ هن شهر ادب جا وڏا نالا پيدا ڪيا. بالزاڪ، والٽيئر ۽ جولز ورن Jules Verne وغيره جهڙن ادبي شهبازن کي خراج تحسين جا آثار پئرس جي ڪئفيز، ويڪرين گهٽين ۽ چونڪن تي يادگارن جي صورت ۾ نظر ايندا.

    ٽوڪيو، جاپان
    جاپان جي گادي واري هن شهر ۾ 1700 کان وڌيڪ ڪتاب گهر آهن، جيڪي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ گهڻا آهن. پر جاپاني ادب سواءِ نامور ليکڪ هاروڪي موراڪامي Haruki Murakami جي شهپارن جي، ٻي دنيا لاءِ اڄاتو آهي. ٽوڪيو جو عالمي ادبي ميلو ان صورتحال کي بدلائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. ٽوڪيو شهر جون اندورني گهٽيون اوهان کي ناولنگار ناٽسيوم سوسيڪي Natsume Soseki، شاعر، اداڪار، ۽ ڊراما نگار يوڪيو مشيماYukio Mishima ، ناول نويس ۽ ڊراما نويس ڪوبو ايبKobo Abe ، 1994 ۾ ادب جو نوبل پرائيز حاصل ڪندڙ ناول نگار، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس ڪينزابورو او Kenzaburo Oe، ۽ ناول نگار بنانا يوشيموتو Banana Yoshimoto جهڙن وڏن ليکڪن ۽ ليکڪائن جي عظمت جو احساس ڏيارينديون.

    بوسٽن، آمريڪا
    19 صدي جي وڏن ادبي شخصن جو مسڪن هي شهر رهيو آهي. هن شهر نہ صرف پرديسي ليکڪن کي پاڻ ڏي ڇڪيو آهي، پر عظيم ڏيهي ليکڪ بہ پيدا ڪيا آهن. ناول نگار نٿئنيل هاٿارن Nathaniel Hawthorne، شاعر، مضمون نگار، فلسفي هينري ڊيوڊ ٿوريوHenry David Thoreau ، مضمون نگار، ليڪچرار ۽ شاعر رالف واڊوايمرسن Ralph Waldo Emerson بہ هتي رهيا ۽ لکندا رهيا. ٻئي پاسي هن شهر ناول نگار چارلس ڊڪنس Charles Dickens ۽ هينري جيمس Henry James جي مهمانداري بہ ڪئي آهي. مشهور آمريڪي ناول نگار وليم فاڪنر جي ناول The sound and Fury توڙي ٻين ڪتابن جو پس منظر بہ هي شهر رهيو آهي.

    ايڊنبرگ، اسڪاٽلنڊ
    يونيسڪو پاران ادبي شهر جو پهريون اعزاز هن شهر کي مليو. هن شهر شروع ۾ فلسفي جهڙوڪ ڊيوڊ هيومDavid Hume (نامور فلسفي ۽ تاريخدان) ۽ ائڊم سمٿ Adam Smith (نامور فلاسافر، ۽ معاشياتدان، جنهن کي معاشيات جو ابو بہ چيو وڃي ٿو) پيدا ڪيا تہ پوءِ شاعرن جهڙوڪ رابرٽ برنس Robert Burns کي پاليو. هن شهر ۾ پهريون ڀيرو انسائيڪلو پيڊيا آو بريٽينڪا شايع ڪئي ويئي. برنس کانپوءِ رابرٽ لوئس اسٽيويسنRobert Louis Stevenson، سر والٽر اسڪاٽ Sir Walter Scot عالمي سطح تي ناموري حاصل ڪئي. هتان جي ڏيهي سهيوڳي نامور ليکڪن ۾ ارون ويلش Irvine Welsh، هيري پوٽر سيريز جي ناولن جي تخليقڪار جي ڪي رولنگJ.K. Rowling ، ليکڪ ۽ ميڊيڪل لا جو پروفيسر اليگزانڊر مڪڪال سمٿAlexander McCall Smith، عام توڙي سائنسي فڪشن لکندڙ ايئان بئنڪس Iain Banks، ۽ جرم جي موضوع تي لکندڙ ۽ انسپيڪٽر ريبس جو ڪردار تخليق ڪندر ائان رينڪن Ian Rankin شامل آهن.

    لنڊن، انگلنڊ
    لنڊن جي ادبي حيثيت کان ڪوبہ انڪاري ڪونهي. وليم شيڪسپيئر کان وٺي چارلس ڊڪنس، شرلاڪ هومز جو ڪردار تخليق ڪندڙ آرٿر ڪونن ڊويل Arthur Conan Doyle تائين هن شهر ڪيترن ئي نامور ليکڪن کي پئي پاليو آهي. برٽش لائبرري ۾ 150 ملين ڪتاب ۽ ٻيا نوادرات رکيل آهن. شيڪسپيير جي گلوبل ٿئيٽر جي نئين اڏاوت سان گڏ شرلاڪ هومز جو افسانوي گهر بہ ڏسي سگهجي ٿو.


    فڪشن واسطي مئن بڪر پرائيز 2018 جي ننڍي فهرست

    20 سيپٽمبر تي سال 2018 لاءِ ادب لاءِ مئن بڪر پرائيز 2018 واسطي قبوليل آخري ڇهه ڪتابن جي ننڍي فهرست Short List جاري ڪئي ويئي آهي. جڏهن تہ جولاءِ ۾ پڌرايل وڏي فهرست Long List ۾ 13 ڪتاب هئا، جن ۾ مکيه ڪتاب مائڪل آنداتجي Michael Ondaatje جو ڪتاب Warlight هو. ياد رهي تہ هن صاحب سال 1992 ۾ پنهنجي ناول English Patient تي اهو انعام حاصل ڪيوهو. ٻيو تہ ٻه ٽي مهينا اڳ جڏهن بڪر انعام جي گولڊن جوبلي ملهائي ويئي تہ گذريل پنجاه سالن ۾ انعام حاصل ڪندڙن مان هڪ ڪتاب کي بڪرگولڊن اوارڊ ڏيڻ جو اعلان ٿيو. ان مقابلي ۾ ججن پاران پهريائين هر ڏهاڪي جو هڪ ڪتاب چونڊيو ويو. ان حساب سان نوي واري ڏهاڪي مان English Patient کي چونڊيو ۽ اڳتي هلي انهن مڙني ڪتابن ۾ انهي ناول کي بڪر گولڊن اوراڊ لاءِ چونڊيو ويو. بهرحال هن جو تازو ناول ننڍي فهرست ۾ شامل نہ ٿي سگهيو. ياد رهي تہ وڏي فهرست ۾ پهريون ڀيرو هڪ گرافڪ ناول بہ شامل ڪيو ويو هو، جيڪو پڻ هن ننڍي فهرست ۾ رهجي ويو.
    هن سال انعام لاءِ 171 ڪتاب موصول ٿيا، جن مان 13 ڪتاب وڏي فهرست لاءِ چونڊيا ويا، وري انهن مان ڇهن کي ننڍي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو ۽ 16 آڪٽوبر تي ڪنهن هڪڙي انعام کٽندڙ ڪتاب جو اعلان ٿيندو.
    وڏي فهرست جي جاري ٿيڻ تي گارجيئن اخبار ۾ نقاد جسٽن جورڊن لکيو تہ بين الاقوامي گوناگونيت کي ڇيهو رسيو آهي، ڇوتہ سال 2014 ۾ نوان قانون ان لاءِ ئي ٺاهيا ويا هئا تہ هي انعام عالمي بنجي سگهي، پر هن فهرست ۾ رڳو برطانيه ۽ نارٿ آمريڪا جا ليکڪ شامل آهن.
    انعام لاءِ ججن جي ڪميٽي جي اڳواڻ ڪوامي ائنٿوني اپيا Kwame Anthony Appiah هن سال جي فهرست جي، جنهن ۾ شامل ڪتابن ۾ آيل موضوعن ۾ جنسي استحصال کان وٺي ماحولياتي الميا شامل آهن، پڌرائي ڪندي چيو آهي تہ پهتل ڪتابن جو مکيه موضوع اهو هو تہ اسان جي جنس يا بعضي ٻيون جنسون يا جيوتون، جيڪي اسان جي هن ننڍي گرهه تي رهن ٿيون، سي تڪليف، ڳڻتي ۽ پيڙا ۾ ورتل آهن ۽ اسان جا ادارا ۽ ماحول خطري هيٺ آهن. سندس خيال ۾ اسان اونداهي دور ۾ رهون ٿا، يا گهٽ ۾ گھٽ اسان جا ناول نويس اهو سمجھن ٿا تہ اسان اونداهي دور ۾ رهون ٿا پيا.
    شارٽ لسٽ ٿيل ڪتابن ۾ برطانيه جي 27 سالا ليکڪا ڊيزي جانسن Daisy Johnson جو ناول Everything Under بہ شامل آهي، جنهن ۾ ماءُ ڌيءَ جي نفاقيل رشتي کي بيان ڪندي، گريڪ ڏند ڪٿا کي نئين شڪل ڏني ويئي آهي. چيو وڃي ٿو تہ هي ليکڪا پهرئين ننڍي ۾ ننڍي ليکڪا آهي، جيڪا فائينل لسٽ ۾ شامل ٿي آهي. هن کان اڳ نيوزي لئنڊ جي ليکڪا Eleanor Catton پنهنجي ناول The Luminaries تي جڏهن اهو انعام کٽيو هو تہ اها 28 سالن جي هئي. ڊيزي جانسن کي هن کان اڳ سندس ڪهاڻين جي مجموعي Fen تي ڪافي انعام مليا آهن. جج ۽ نقاد وئل مڪڊرمڊ Val McDermid هن ناول کي سوفوڪلس Sophocles جي Oedipus جو جديد نمونو سمجهي ٿو.
    فهرست ۾ اتر آئرش ناول نگار ائنا برنس Anna Burns جو تجرباتي ناول Milkman بہ شامل آهي، جنهن ۾ اتر آئرلينڊ جي پرتشدد تڪرارن (جن کي Troubles سڏيو وڃي ٿو) کي هڪ نوجوان عورت جي نقطي نگاهه سان بيانيو ويو آهي. ڪئناڊا جي ايسي ايديوگيان Esi Edugyan جو ناول Washington Black بہ ننڍي فهرست ۾ شامل آهي. انهي ناول جو مکيه ڪردار هڪ يارنهن سالا غلام ٻار آهي، جيڪو باربڊوس جي ڪمند جي پوکي واري ٻني Sugar plantation جي انگريز مالڪ جو ذاتي نوڪر ٿئي ٿو. ان ڪتاب ۾ نسل جي مامري کي کنيو ويو آهي.
    فهرست ۾ ٻن آمريڪي ناول نگارن جا ڪتاب بہ شامل آهن. ريچل ڪشنر Rachel Kushner جي ناول The Mars Room ۾ آيل غربت ۽ قيد جي قصي ۾ جنس ۽ ڪلاس کي ڦلهوريو ويو آهي. ٻئي پاسي نيشنل بڪ اوارڊ کٽندڙ رچرڊ پاورس Richard Powers جو ناول The Overstory بہ شامل آهي، جنهن ۾ 9 اڄاتن شخصن جي انهي ڪوششن جو احوال آهي، جيڪي هو کنڊ جي هڪ ٻيلي جي آخري چند ايڪڙن کي بچائڻ لاءِ سرانجام ڏين ٿا.
    ڪتابن جي فهرست ۾ اسڪاٽ شاعر رابن رابرٽسن Robin Robertson جو پهريون ناول The Long Take بہ شامل آهي، جيڪو نظم ۾ ئي لکيل آهي، جنهن ۾ D-Day (6 جون 1944 جو اهو ڏينهن، جڏهن برطانوي، آمريڪي ۽ ٻيون فوجون، اتر فرانس جي سامونڊي ڪنارن تي ٻي عالمي جنگ دوران وارد ٿيون.) ۾ شريڪ شخص جو قصو آهي، جيڪو تڪليف کان پوءِ واري دٻاءَ واري خرابي post-traumatic stress disorder جو شڪار آهي.
    ڏسجي تہ انهن ڇهن ناولن مان ڪهڙي ناول کي انعام ٿو ملي. ان انعام جي رقم تہ 50 هزار پائونڊ هوندي آهي، پر ان انعام جي ملڻ سان نہ صرف انعامي ڪتاب جو وڪرو وڌندو آهي، پر ساڳئي وقت ان جي ليکڪ جو ناماچار بہ وڌنڌو آهي.
    ***
    ائنا برنس کي پنھنجي ناول Milkman تي 2018 جو مئن بڪر اوارڊ ڏنو ويو.


    سال 2016 وارو مئن بڪر انٽرنيشنل انعام

    انگريزي ادب کي ترقي وٺرائڻ لاءِ سال 1969 ۾ بڪر پرائيز شروع ڪيو ويو. جنهن کي بڪر پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني اسپناسر ڪندي هئي. سال 2002ع کان مئن گروپ ان جو انتظام سنڀاليو آهي، تنهن ڪري ان کي مئن بڪر پرائز جو نالو ڏنو ويو آهي. هر سال هي انعام کٽندڙ ڪتاب جي ليکڪ کي 50 هزار پائونڊ، ۽ مقابلي ۾ شريڪ ٿيندڙن مان جيڪي ننڍي فهرست ۾ پهچندا آهن، تن کي 2500 پائونڊ ڏنا ويندا آهن. هي انعام ادب جي ان ڪتاب کي ڏنو ويندو آهي، جيڪو هڪ پاسي اصل ۾ انگريزي ۾ لکيل هوندو آهي، تہ ٻئي پاسي يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۾ ئي ڇپبل هوندو آهي، باقي ليکڪ جي قوميت ڀلي ڪهڙي بہ هجي. ججن جي پينل ۾ نہ رڳو ليکڪ ۽ شاعر بلڪه تعليمدان، ادب سان دلچسپي رکندڙ سياستدان ۽ اداڪار شامل ڪيا ويندا آهن. سال 2016 وارو عام مئن بڪر پرائيز اڃان اعلانيو نہ ويو آهي.
    بڪر پرائز فائونڊيشن سال 2005 کان هڪ ٻيو مئن بڪر عالمي انعام بہ شروع ڪيو آهي، جيڪو اڳي هر ٻي سال ان ادبي ڪتاب کي ڏنو ٿي ويو، جيڪو يا تہ انگريزي ۾ لکيل هوندو هو يا انگريزي ۾ ترجمو ٿيل هوندو هو. پر سال 2015 ۾ فائونڊيشن اعلان ڪيو تہ سال 2016 کان وٺي اهو انعام هر سال ۽ صرف انگريزي ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب کي ڏنو ويندو. ياد رهي انهي انعام لاءِ ناول يا ڪهاڻين جا مجموعا مقابلي ۾ شامل ٿيندا آهن. هن انعام جي رقم 50 هزار پائونڊ آهي، جيڪا ليکڪ ۽ مترجم ۾ يڪسان تقسيم ڪئي ويندي آهي. ٻي پاسي شارٽ لسٽ ٿيل ڪتابن جي هر ليکڪ ۽ مترجم کي هزار هزار پائونڊ ڏنا ويندا آهن.
    سال 2016 جو بُڪر عالمي انعام سائوٿ ڪوريا جي ليکڪا هان ڪانگ جي ناول The Vegetarian کي ڏنو ويو آهي. اهو ڪتاب ڪورين ٻولي ۾ تہ سال 2007 شايع ٿيو هو، پر ان جو انگريزي ترجمو سال 2015 ۾ شايع ٿيو. انگريزي ۾ ترجمو ڊيبوره سمٿ ڪيو آهي. هان ڪانگ جي ڪتاب سان گڏ شارٽ لسٽ ٿيلن ۾ انگولا جو جوزي ايڊيورڊا ايگيولوسا José Eduardo Agualusa جو ڪتاب The General Theory of Oblivian، مترجم ڊينئيل هان Daniel Hahn، اٽلي جي الينا فيرنٽي Elena Ferrante جو ڪتاب The Story of the Lost Child، مترجم اين گولڊسٽين Ann Goldstein، ترڪي جي اورحان پامڪ جو ڪتاب A Strangeness in my Mind، مترجم ايڪن اوڪلپ Ekin Oklap، برلن جرمني ۾ رهندڙ آسٽريائي رابرٽ سيٿلر Robert Seethaler جو ڪتاب A Whole Life، مترجم شارلوٽ ڪالنس Charlotte Collins، ۽ چين جي يان لئانڪ Yan Lianke جو ڪتاب The Four Books، مترجم ڪارلوس روجاس Carlos Rojas شامل هئا.
    انعام حاصل ڪندڙ ليکڪا هان ڪانگ سائوٿ ڪوريا جي شهر گوانگجو Gwangju ۾ 27 نومبر 1970 تي پيدا ٿي. ڏهن سالن جي عمر هوءَ ملڪ جي گادي واري شهر سيول ڏي لڏي ويئي. هيءَ هڪ ناول نگار جي ڌي آهي. ان کان علاوه سندس ڀاءُ بہ ليکڪ آهي. هن لکڻ جي شروعات شاعري سان ڪئي. 1993 ۾ سندس پنج نظم هڪ ادبي رسالي ۾ شايع ٿيا. ٻي سال سندس ڪهاڻي کي هڪ روزانہ اخبار جي ادبي مقابلي ۾ پهريون انعام مليو. ائين لکڻ جو ڪم جاري رهيو. هيسيتائين هان ڪانگ انهي ناول سميت ڇهه کن ناول لکيا آهن ۽ ان کان علاوه هن جا مضمونن توڙي ڪهاڻين جو مجموعا بہ شايع ٿيا آهن. هو شاعره تہ آهي پر موسيقار بہ آهي. سال 2007 ۾ سندس مضمون جي ڪتاب Quitely Sung Songs سان گڏ هن پنهنجي ڏهن نظمن جي سي ڊي بہ رليز ڪئي، جيڪي هن جا ئي لکيل، ڳايل ۽ ڪمپوز ٿيل آهن.
    سال 1998 ۾ هو يونيورسٽي آو آئيو University of Iowa جي انٽرنيشنل رائيٽنگ پروگرام ۾ شريڪ ٿي.
    وڪي پيڊيا جي پروفائيل موجب جڏهن هو ڪاليج ۾ پڙهندي هئي تہ يي سينگ جي شاعري جي هڪ سٽ ” منهنجي خيال ۾ انسان کي ٻوٽا هئڻ گهرجي“ سندس خبط ٿي ويو. هن يونسي يونيورسٽي ۾ ڪورين ادب پڙهيو. کيسن سائوٽ ڪوريا ۾ ڪافي انعام مليا آهن. ياد رهي تہ هن جي ناول The Vegetarian تي ڪوريا ۾ فلم بہ ٺهي چڪي آهي.
    هان ڪانگ 2013 کان وٺي ڪورين انسٽيٽوٽ ۾ تخليقي ادب پڙهائي رهي آهي.
    هن ناول جي حوالي سان مئن بڪر جي ويب سائيٽ تي جيڪو مختصر تعارف آهي، تنهنجو آزاد ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:
    ”ييونگ هاءِ ۽ هن جو مڙس عام ماڻهو آهن. هو وچٿريون خواهشون رکندڙ ۽ ڌيمي مزاج وارو آفيس ورڪر آهي ۽ هوءَ اڻ اتساهڪ پر فرض شناس زال گهرڌياڻي آهي. سندس سڌي هلندڙ شادي شده زندگي ۾ خلل تڏهن پيدا ٿيو، جڏهن هن ٻوٽي جهڙو وجود حاصل ڪرڻ لاءِ روايتن کان بغاوت شروع ڪئي. جيئن جيئن هن جو باغيانہ عمل خوفناڪ شڪل وٺي ٿو، تيئن تيئن هو فئنٽيسي جي دنيا ۾ محو ٿي پنهنجو موجوده جسم مان آجو ٿي وڻ ٿيڻ جي اڇا ڪري ٿي. هي پريشان ڪندڙ پر خوبصورت ناول هڪ پاسي جديد سائوٿ ڪوريا جو قصو آهي، تہ ٻئي پاسي ان ۾ شرم، خواهشن توڙي ٻين کي سمجهڻ جو ناڪام ڪوششن جو احوال آهي.“
    گارجيئن ۾ هن ڪتاب تي تبصرو ڪندي ڊينيئل هان لکيو آهي تہ هن ناول جو مکيه ڪردار ييونگ هاءِ نامي عورت آهي، جيڪا پهرين سادي سودي گهر ڌياڻي هوندي آهي، جيئن سندس مڙس هن لاءِ چوي ٿو تہ ”ڪنهن بہ نموني هوءَ غير معمولي نہ آهي“. هن جي ۽ سندس خاندان جي زندگي ۾ ڦيرو ان وقت اچي ٿو، جڏهن هو فريزر ۾ رکيل گوشت اڇلائي ڇڏي ٿي ۽ پاڻ سبزي خور ٿيڻ جو فيصلو ڪري ٿي. جڏهن سندس مڙس کائنس ان جو سبب پڇي ٿو تہ هو رڳو اهو وراڻي ٿي تہ هن خواب ڏٺو آهي. جڏهن سندس پيءُ سندس وات ۾ کٽو مٺو سوئر جي گوشت جو ٽڪڙو وجھي ٿو تہ ردعمل ۾ هي پاڻ کي زخمايو ڇڏي. ڊينئيل هان جي خيال ۾ اهو ناول ٽن ايڪٽن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ۾ ييونگ هاءِ جي فيصلي ۽ ٻين جي ردعمل جو بيان آهي، ٻي ايڪٽ ۾ ناڪام آرٽسٽ پر سندس ڀيڻويي جو بيان آهي، جيڪو هن جسم جي خبط ۾ وٺجي وڃي ٿو. ٽئين حصي ۾ سندس ڀيڻ ان هاءِ جو قصو آهي، جيڪا ڪاسميٽڪ اسٽور جي مئنيجر آهي، جيڪا خانداني ٽوڙڦوڙ سان پيدا ٿيل گهوٽالي کي منهن ڏيڻ جو پنهنجو طريقو ڳولي ٿي. تبصري نگار جي خيال ۾ اسان انهن ٽنهي ايڪٽن ۾ اڻ لچڪيدار سماجي ڍانچن يعني متوقع روش ۽ ادارن جي ڪم ڪار سان سامهون ٿيون ٿا ۽ انهن مان هر هڪ کي ناڪام ٿيندو ڏسون ٿا.
    هڪ ٻيو تبصري نگارسنجوڪتا داسگپتا (ڊان 18 جولاءِ، 2016) هن ناول جي ٽن حصن کي پاڻ ۾ ڳنڍيل ٽي ناوليٽ سمجهي ٿو. هيءُ مبصر هن ڪتاب کي ڪوريا جي غير سرڪاري سماجي تاريخ قرار ڏئي ٿو.
    هن ناول جي انگريزي مترجم ڊيبوره سمٿ جڏهن 21 سالن جي ٿي تڌهن هن ڪورين ٻولي سکڻ شروع ڪئي. سندس چواڻي تہ هن ناول جو ترجمو ڪرڻ کان اڳ کيس ترجمي يا اصل ۾ فرق جو مڪمل ادراڪ نہ هو. هن ادب ۾ ابتدائي ڊگري وٺڻ کان پوءِ ادبي مترجم ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان لاءِ هن ڪورين ٻولي کي چونڊيو. هن جڏهن پبلشر جي رضامندي کان پوءِ اهو ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ مڪمل ڪري، ترجمي جي حوالي سان سوال لکي هان ڪانگ کي اماڻيا، جنهن لاءِ کيس معلوم نہ هو انگريي ڄاڻي ٿي يا نه. بهرحال هان ڪانگ کي انگريزي آئي ٿي. هان ڪانگ جو چوڻ آهي تہ سندس انهي ڪتاب جا ٻين ڪافين ٻولين ۾ بہ ترجما ٿيا، پر هو انهن کي پڙهڻ کان قاصر هئي. پر جڏهن کيس ڊيبوره وارو انگريزي ترجمو مليو تہ هو سرهي ٿي ڇو تہ انگريزي ٻولي جي کيس ڄاڻ هئي. ان ترجمو توڙي ڊيبوره جا سوال پڙهيا. انهن سوالن جي جوابن سان گڏ هن پنهنجا سوال ڊيبوره کي اماڻيا. ائين ترجمو مڪمل ٿيڻ تائين سندن وچ ۾ اي ميلز جي ڏي وٺ ٿيندي رهي.
    هتي اهو ٻڌائڻ مناسب رهندو تہ ڊيبوره سمٿ هان ڪانگ جي هڪ ٻي ناول جو بہ ترجمو ڪيو آهي، جيڪو هن سالHuman Acts جي نالي سان شايع ٿيو آهي.
    ايندڙ سال 2017 جي عالمي بڪر انعام لاءِ اهي ڪتاب قبوليا ويندا جيڪي 1مئي 2016 کان وٺي 30 اپريل 2017 واري عرصي ۾ شايع ٿيل هوندا.


    30 سيپٽمبر، ترجمن جو عالمي ڏينهن

    1953 ۾ مترجمن ۽ ٻين لاڳاپيل پروفيشنلن پاران جوڙيل تنظيم بنام انٽرنيشنل فيڊريشن آف ٽرانسليٽرس The International Federation of Translators (فٽ) پاران 1991ع کان وٺي هر سال 30 ڊسمبر تي ترجمي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. ياد رهي تہ 30 ڊسمبر تي سينٽ جيروم وفات ڪئي، جيڪو بائيبل جو مترجم هو ۽ ان کي مترجمن جو سرپرست ولي سمجهيو وڃي ٿو.
    هن سال ترجمن جي عالمي ڏينهن جو ٿيم يا موضوع آهي: دنيا کي ڳنڍڻ Connecting Worlds! اهو ٿيم امريڪن ٽرانسليٽرس ائسوسئيشن پاران تجوير ڪيو ويو آهي.
    ڊاڪٽر رئوف پاريک جي لکت موجب فٽ هڪ پاسي ٽرانسليٽو نالي سان بليٽن شايع ڪندي آهي تہ ٻي پاسي علمي لکتن کي بابيل BABEL نامي رسالي ۾ شايع ڪندي آهي.
    هن سال ترجمن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان فٽ جيڪو پريس رليز پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيو آهي، تنهن موجب مترجم، تاويل ڪار (Interpreter) ۽ اصصلاحڪار (Terminologist) ماڻهن وچ ۾ اعليٰ ۽ غير جانبدار ابلاغ واري اهم مقصد سان جڙيل آهن. جڏهن دنيا پاڻ ۾ گنڍجي رهي آهي ۽ سماج توڙي پروفيشنل پاڻ ۾ باهمي رابطي ۾ آهن، تڏهن تقرير ڪندڙن، ليکڪن، مفڪرن، محققن، ۽ پاليسي جوڙيندڙن وچ ۾ هڪ ٻئي جي سمجهه وڌائڻ ۽ ويجهائڻ وارو ڪم وڏي اهميت حاصل ڪري ويو آهي. ڪاروبار، سائنس، طب، ٽيڪنالاجي، عالمي قانون، سياست، مطلب هر انساني ڪاوش ۾ مترجم، تاويل ڪار، ۽ اصطلاحڪار اهم رول ادا ڪري رهيا آهن. اهي هڪ ٻئي مان سکڻ جا موقعا فراهم ڪري پوري سماج جي ڀلائي ۾ حصيدار ٿي رهيا آهن.
    فٽ جي اعلان موجب اهي نہ صرف ترجمن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهن، پر اهي ساڳئي وقت فٽ ۽ ورلڊ ائسوسئيشن آف سائن لئنگئيج انٽرپريٽرس World Association of Sign Language Interpreters (WASLI)، جي وچ ٿيل معاهدي جي پهرئين ورسي بہ ملهائي رهيا آهن. انهي معاهدي جي نتيجي ۾ اشارن ۽ لفظي ٻولين جا مترجم، تاويل ڪار ۽ اصطلاحڪار پاڻ ۾ گڏجي رهيا آهن تہ جيئن مختلف ڪلچرن، ٻولين، مذهبن ۽ نقطي نظرن رکندڙن رهواسين کي پاڻ کي ملائجي.
    اشارن واري زبان جي تاويل ڪارن جي ساٿ جي نتيجي ۾ ٻوڙن جي عالمي تنظيم World Federation of the Deaf (WFD) بہ هن ڏينهن کي ملهائي رهي آهي، جيڪو ٻوڙن جي عالمي هفتي International Week of the Deaf (IWD) واري ڏڻ سان ڳنڍجي ويو آهي. اها روايت 1958 کان هلندي اچي. هن سالن انهن جو موضوع آهي ”اشارن وارن زبان سان، آئون برابر آهيان“.
    هن سال وارن تقريبات ۾ گڏيل قومن پاران اختيارل ”معذور ماڻهن جي حقن واري ڪنونيشن“ جي 10 ساله ورسي کي بہ ملهايو پيو وڃي. فٽ ۽ WASLI پروفيشنل مترجمن، تاويل ڪارن ۽ اصطلاحڪارن جي انهي رول کي عيان ڪندا، جيڪي هو معذر ماڻهن جي حقن واري ڪنوينشن ۽ پائيدار ترقي وارن مقصدن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ادا ڪندا.
    مطلب تہ مترجم، تاويل ڪار ۽ اصطلاحڪار جيڪو دنيائن کي ڳنڍڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا، تنهن کي هن سال ملهايو ويندو. برٽش لائبرري، گوئٽي انسٽيٽيوٽ سميت دنيا جي مڙني تهذيبي ۽ ادبي تنظيمن ڪافي سارا پروگرام جوڙيا آهن.
    هن موقعي تي اسان پنهنجي ٻهڳڻن مترجمن خاص ڪري مرزا قليچ بيگ، محمد ابراهيم جويو، ولي رام ولڀ، مراد علي مرزا، عطا محمد ڀنڀرو، سليم نورحسين، رشيد ڀٽي، سومار علي سومرو ۽ ٻين اڻڳڻين مترجمن کي ساراهيون ٿا، جن دنيا جي ادبي، علمي، تاريخي ۽ سياسي فنپارن ۽ ڪتابن جو ترجمو ڪري اسان جي ذهن جي اونداهي کي ختم ڪرڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي.


    ڪامن ويلٿ رائيٽرس تنظيم پاران ٿيندڙ مختصر ڪهاڻين جو عالمي مقابلو

    ڪامن ويلٿ آو نيشنز پنجاه کان وڌيڪ انهن ملڪن جو رضاڪارانہ ميڙ آهي، جيڪي گهڻو ڪري ٻي عامي جنگ کان اڳ برطانوي سامراج جون بيٺڪون بنيل هئا. ڪامن ويلٿ فائونڊيشن پاران ڪامن ويلٽ رائيٽرس آرگنائيزيشن 2012 ۾ جوڙي وئي تہ جيئن دنيا جي ليکڪن کي اتساهجي ۽ ڳنڍجي. ان تنطيم پاران هرسال مختصر ڪهاڻيون (Short Stories) لکرائڻ جو مقابلو ڪرايو ويندو آهي. جنهن ۾ ڪامن ويلٿ ملڪن ۾ رهندڙن نون توڙي پراڻن ليکڪن کي پنهنجيون اڻڇپيل ۽ ٻن کان پنجن هزار لفظن تي مشتمل ڪهاڻيون موڪلڻن جي اجازت هوندي آهي. ڪامن ويلٿ ملڪن کي پنجن علائقن ايشيا، آفريقا، پيسيفڪ، ڪئناڊا ۽ يورپ، ۽ ڪيريبئين ۾ ورهايو ويو آهي. هرسال هر علائقي مان هڪ کٽندڙ ڪهاڻي چونڊي ويندي آهي، جنهن جي ليکڪ کي 2500 پائونڊ ڏنا ويندا آهن. وري انهن پنجن ڪهاڻين مان هڪ ڪهاڻي گڏيل طور کٽيندڙ ڪهاڻي طور چونڊي ويندي آهي، جنهن جي ليکڪ کي پنج هزار پائونڊ ڏنا ويندا آهن. هن مقابلي ۾ نہ رڳو اصل انگريزي ڪهاڻين کي پر انگريزي ۾ ترجمو ٿيل ڪهاڻين کي بہ شامل ڪيو ويندو آهي. جيڪر ڪا ترجمو ٿيل ڪهاڻي مقابلي ۾ کٽي ٿي تہ ان جي مترجم کي بہ اوترو انعام ملي ٿو. نہ رڳو ايترو پر ڪجهه ٻولين جهڙوڪ بنگالي، سهاولي ٻولين جي ليکڪن کي پنهنجي مادري ٻولين ۾ لکين ڪهاڻيون موڪلڻ جي اجازت آهي.
    سال 2016ع جي مختصر ڪهاڻي مقابلي ۾ 47 ملڪن مان 4000 ڪهاڻيون شامل ٿيون. ججن جي پينل ۾ هر علائقي مان هڪ جج شامل هو. هن سال انهي پينل ۾ هيلن حبيلا (افريقا)، فردوس عظيم (ايشيا)، پيري ميجلڪ (ڪئناڊا ۽ يورپ)، اولائيو سينئر (ڪيريبين) ۽ پئٽرڪ هالنڊ (پيسيفڪ) جج طور شامل هئا. انهن مڙني ججن هندستاني ليکڪ پرشار ڪلڪرني جي ڪهاڻي ڳئون ۽ ڪمپني کي گڏيل طور کٽيندڙ ڪهاڻي قرار ڏنو، جيڪا ايشيا جي علائقي مان پهريون نمبر هئي. ان کان علاوه آفريقا جي علائقي مان سائوٿ آفريقا جي فراز محمد جي ڪهاڻي ڪبوتر (Pigeon) کي، پيسيفڪ مان نيوزيلنڊ جي ٽينا ميڪريٽي جي ڪهاڻي ڪارو کير (Black Milk) کي، يوڪي جي سٽيفني سيڊن جي ايل مڇي (Eel) کي، ڪئناڊا ۽ يورپ جي علائقي مان ڪئريبين علائقي مان ٽرنڊ ڊ ۽ ٽباگو جي لينس ڊائورچ جي ايٿلبرٽ ۽ فري چيز کي علائقائي انعام جو مستحق قرار ڏنو ويو.

    گڏيل طور پهريون نمبر آيل ڪهاڻي ڳئون ۽ ڪمپني جو ليکڪ پرشار ڪلڪرني Parashar Kulkarni ممبئي ۾ ڄائو ۽ اتان ئي گريجوئيش ڪئي. هاڻي هو ييل اين يو يس ڪاليج Yale NUS College سنگاپور ۾ سوشل سائنسز جو اسسٽنٽ پروفيسر آهي. اصل ۾ اها ڪهاڻي هن جي ناوليٽ جو حصو آهي. ڪهاڻي تي انعام کٽڻ بعد هن چيو تہ هو ڪافي سالن کان لکڻ جي ڪوشش پيو ڪري، ۽ هن انعام هن کي وڌيڪ همٿايو آهي. ايشيا جي علائقي واري جج جو رايو آهي تہ ايشيا مان مليل ڪهاڻيون اعليٰ هيون، جنهن ۾ موضوعن ۽ اسٽائيلن جي نواڻ هئي. مزاح، جنهن کي ڪهاڻي جي ننڍي ڪينواس ۾ چٽڻ ڏکيو هوندو آهي، سو ايشيائي ڪهاڻي جي مکيه سڃاڻپ هو. هن ڪهاڻي ۾ ورهاڱي کان اڳ هڪ ڪمپني جو ذڪر آهي، جنهن پنهنجي چيوگم جي تشهير واري اشتهار ۾ ڳئون کي استعمال ڪيو. ڪهاڻي ۾ ڳئون کي حاصل ڪرڻ واري مرحلي کي دلچسپ انداز ۾ بيانيو ويو آهي. ڪهاڻي ۾ آخر ۾ هڪ پنڊت کي ڪمپني عملدارن مان پنهنجي ذاتي ڪاوڙ ڪڍڻ لاءِ ان اشتهار جي غلط تشريح ذريعي عام ماڻهن کي تشدد تي اڪسائڻ واري عمل کي چٽيو ويو آهي. ان تشدد جي نتيجي ۾ اها ڪمپني بند ٿئي ٿي ۽ عملدار رات وچ شهر ڇڏي پنهنجي جان بچائين ٿا. مذهبي جذبن کي ناڪاري ڪمن لاءِ استعمال کي اسان هن وقت پسي سگهون ٿا.

    آفريقا جي علائقي مان انعام حاصل ڪندڙ ڪهاڻي ڪبوتر جو ليکڪ فراز محمد سائوٽ آفريقا جي شهر جوهانسبرگ ۾ ڪلنيڪل سائڪالاجسٽ ۽ انساني حقن جو محقق آهي. هن جا انساني حقن جي حوالي سان ڪافي مضمون ۽ مقالا لکيل آهي. آفريقا جو علائقائي انعام کٽڻ بعد هن چيو تہ هو غير تجربيڪار ليکڪ آهي ۽ اڻ تجربيڪاري سان لاڳاپيل خدشن، خوفن ۽ ڳڻتين سان سدائين مقابلي ۾ آهي. هن انعام هن کي اڳتي وڌڻ جو اتساه ڏنو آهي. هن ڪهاڻي جي شروع ۾ تہ ڪبوتر جو ذڪر آهي، جيڪو ڪهاڻي جي مکيه ڪردار جي گهر جي دري ۾ ديرو ڄمائي ٿو، پر اڳتي هلي ڪهاڻي جي بياني ۾ مکيه ڪردار ۽ سندس پاڙيسري جيسمين جي پنهنجي ذاتي ڏي وٺ جو احوال وڌيڪ آهي.
    پيسيفڪ علائقي مان انعامي ڪهاڻي جي ليکڪا نيوزيليند جي ٽينا مئڪريٽي اڳ ۾ ئي مڃيل ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ مضمون نويس آهي. هن وڪٽوريا يونيوسٽي مان تخليقي لکتن ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. 2014 ۾ سندس ناول Where the Rēkohu Bone Sings ڇپيو آهي، جنهن ۾ نيوزيلنڊ جي اصلي رهاڪن جي درد ڪٿا آهي. هو پاڻ کي بہ انهن اصلي رهواسين جي وارث ٿي ڀانئي. ان ناول کي ڊبلن ادبي انعام جي وڏي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو هو. ان کان اڳ 2011 ۾ سندس ڪهاڻين جو مجموعو بہ شايع ٿيو هو، جنهن کي ادبي انعام مليو هو. ڪامن ويلٿ جي علائقائي انعام کٽڻ تي ردعمل ڏيندي چيو تہ سندس هن ننڍڙي ۽ عجيب ڪهاڻي تي انعام هن لاءِ حيرانگي جو سبب آهي. هي ڪهاڻي ۾ هڪ عور جو قصو آهي، جيڪا عالم بالا مان هن دنيا ۾ موڪلي ويئي آهي.

    ڪئناڊا ۽ يورپ جي علائقي مان انعام کٽندڙ ڪهاڻي ايل جي ليکڪا اسٽيفني سيڊون هن وقت لنڊن يونيورسٽي مان ڪريئيٽو رائيٽنگ ۾ ماسٽرس ڪري رهي آهي. گڏوگڏ هو هڪ ناول تي ڪم ڪري رهي آهي. هن جو جنم نيوزيلينڊ ۾ ٿيو، جتي هن انگريزي ادب ۾ ڊگري ورتي ۽ پوءِ يونائٽيد ڪنگڊم ۾ لڏي آئي. هن جي هڪ ڪهاڻي اڳ ۾ 2015 ۾ شايع ٿيل آهي. پنهنجي هن ڪهاڻي جي حوالي سان لکيو آهي تہ اها ذاتي ڪهاڻي آهي، پر ان جو موضوع عالمي آهي. هن ڪهاڻي جو مکيه ڪردار اٺن ڏهن سالن جو ٻار آهي، جنهن کي پنهنجا وڏا ڀائر لفٽ نٿا ڪرائين. جيتوڻيڪ هو ئي آهي، جنهن ان ايل مڇي کي ڏٺو ۽ ڀائرن کي پڪڙڻ ۾ مدد ڪرائي، پر پوءِ بہ جڏهن اهي گهر اچي جيڪو احوال ڏين ٿا، تڏهن هن جي حصيداري جو ڪو ذڪر نٿا ڪن.

    ڪيريبئين علائقي مان انعام کٽندڙ ڪهاڻي ايٿلبرٽ ۽ مفت چيز Ethelbert and Free Cheese جو ليکڪ لينس ڊائورچ (Lance Dowrich) ٽرنڊڊ ۽ ٽوباگو Trinidad and Tobago جو رهواسي آهي. هو مئٽرڪ کان پوءِ فني اسڪول جو چيف ايگزيڪيٽو ۽ پرنسپل آهي، ساڳئي وقت هو سکيا ۽ ترقي واري شعبي جو پروفيشنل ۽ عوامي تقريرباز بہ آهي. هو پنهنجي ڪهاڻين جو مجموعو سهيڙي رهيو آهي. سندس خيال ۾ سندس ڪهاڻي جو انعام کٽڻ ٽهڪڙن جي سادگي کي ملهائڻ جيان آهي، جيڪا ڳالهه ڪيريبئين علائقي ۾ عام آهي. هن جي ڪهاڻي جو مکيه ڪردار هڪ نوجوان آهي، جنهن کي ننڍپڻ کان نفرت جو نشانو بنايو وڃي ٿو، ايتري تائين جو سندس ڀاء ۽ ٻيا ڀاتي ساڻن سٺو ورتاءَ نٿا ڪن. هو چيز فيڪٽري ۾ ڪم ڪري ٿو، جتي هو فريزر شعبي ۾ ڪافي محنت ڪري ٿو. کيس جڏهن پروموٽ ڪري چيز جي پئڪيجنگ واري شعبي ۾ رکيو وڃي ٿو. اتي بچيل چيز ملازمن کي ڏني ويندي آهي. هو هن مفت واري چيز جي آڌار سماج اندر پنهنجو مقام ٺاهڻ ۽ عورتن کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش وٺي ٿو. جڏهن مفت واري چير جي گهر وڌي ٿي ۽ هو انهي جي پورائي لاءِ اڳتي هلي چوري ڪري ٿو. ۽ آخر ۾ پڪڙجي پوي ٿو ۽ وري پروموشن وڃائي ساڳئي شعبي ۾ وڃي ٿو. هي ڪهاڻي بہ ڪافي دلچسپ آهي.

    اهي سڀ ڪهاڻيون www.ganta.com تي رکيل آهن، جيڪو دوست انهن کي پڙهڻ چاهي تہ اها ويب سائيٽ کولي پڙهي سگهي ٿو.


    ڳالهيون ڪجهہ عالمي ادبي انعامن جون

    هرسال عالمي سطح تي ادب جي حوالي سان ڪافي سارا انعامات ڏنا ويندا آهن، جن مان ڪن جو ذڪر پاڻ بہ ڪڏهن ڪڏهن ڪندا آهيون. تازو ڪجهه انعامن جو اعلان ٿيو آهي، تن جو مختصر احوال پيش ڪجي ٿو.
    سال 2017 لاءِ مئن بڪر عالمي انعام لاءِ اسرائيل جي هڪ ليکڪ ڊيوڊ گراسمئن جي ناول A Horse Walks into a Bar کي چونڊيو ويو آهي. ليکڪ ۽ ان ڪتاب جو انگريزي مترجم ان انعام جي رقم کي گڏجي شيئر ڪندا.
    انهي انعام جي ججن جي ڪميٽي جي سربراه نڪ بارلي جي لفظن ۾ ڊيوڊ گراسمئن جو هي ناول غمن جي اثرات کي ائين چٽي ٿو، جو جذباتيپڻي جا ڪا لکا ئي نٿي پوي. ايان سئنسم Ian Sansom اخبار گارجيئن ۾ ان تي تبصرو ڪندي لکيو تہ هي ڪتاب رڳو اسرائيل بابت نہ آهي، پر هي ڪتاب انهن ماڻهن ۽ سماجن جو قصو آهي، جيڪي غير مناسب طريقي سان عمل ڪن پيا.
    ڊيوڊ گراسمئن، نہ صرف فڪشن لکي ٿو، پر ساڳئي وقت هو ٻارن لاءِ ڪتاب لکي ٿو تہ غير ادبي موضوعن تي بہ لکندو رهي ٿو. هن ڪتاب جي مترجم جيسيڪا ڪوهن، اڳ ۾ بہ 2008 ۾ هن جي ناول To the End of the Land کي ترجمو ڪيو، جنهن لاءِ برٽش نقاد جيڪولين روز لکيو تہ هن جهڙو سگهارو ناول اڳ نہ پڙهيو آهي. ڊيوڊ گراسمئن جيروشلم ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي رهي ٿو. کيس هن کان اڳ ٻيا انعام ملي چڪا آهن.
    ياد رهي تہ هن سال انهيءَ انعام واسطي 126 ناول مقابلي لاءِ پهتا. جن مان 13 جي ڊگهي فهرست Long List ٺهي. وري اڳتي هلي ڇهن ڪتابن جي شارٽ لسٽ جڙي، جنهن ۾ ڊيوڊ گراسمئن کان علاوه هڪ ٻيو نامور اسرائيلي ليکڪ Amos Oz، ڊئنش ليکڪ Dorthe Nors، ارجنٽائيني ليکڪ Samanta Schweblin پنهنجي پهرئين ناول سان شريڪ هئا. بارلي کان علاوه ججن جي پينل جي ٻين رڪنن ليکڪ ڊنئيل هان Daniel Hahn، ايلف شفق Elif Shafak، چڪا يونيگوي Chika Unigwe، ۽ شاعر هيلن مارٽ Helen Mort بہ گراسمئن جي ناول کي ساراهيندي چيو تہ ”حڪمت، جوشيلي ذهانت، ۽ ٻين جي احساسن جو ادراڪ رکندي لکيل هي ناول اسان جي زندگي کي ٺاهيندڙ باهمي مخالف قوتن - ڏک ۽ مزاح، اميد ۽ وڇوڙي، ظلم ۽ رحمدلي - ۽ اونداهي وقت ۾ بہ اسان پاران همت ڪري اڳتي وڌڻ واري عمل تي لڀائيندڙ ڳڻ ڳوت يا انترڌيان آهي.“
    ٻئي پاسي ڪئناڊا جي گرفن ٽرسٽ The Griffin Trust For Excellence In Poetry پاران ڏنو ويندڙ گرفن شاعري جو عالمي انعام International Griffin poetry prize هن سال انگريز شاعره ائلس آزولڊ Alice Oswald جي شاعري مجموعي Falling Awake ۽ ڪئناڊئين شاعر جارڊن ابيل Jordan Abel جي ڊگهي نظم انجن Injun کي ڏنو ويو آهي.
    ائلس آزولڊ جو هي شعري مجموعو سندس شاعري جو ستون مجموعو آهي. ان انعام لاءِ 617 کن ڪتاب وغيره موصول ٿيا، جن مان هن ڪتاب کي چونڊيو ويو. انعام جي هڪ جج جي خيال ۾ شاعره پاران اختياريل فطرت ۽ وقت کي ڦلوڙڻ جو طريقو اسان لاءِ دنيا کي ڳولڻ جا نوان گس کولي ٿو.... هزار کان مٿي حاضرين ۽ سامعين هن جي نظمن کي ٻڌي، جنهن جوش جذبي سان ساراهيو ٿئي، تنهن اسان جي پنهنجي چونڊ جي مڃوتي ڪري ڇڏي.
    ان انعام کي حاصل ڪندڙ ٻيو شاعر جارڊن ابيل ڪئناڊا جي صوبي برٽش ڪولميبا ۾ رهندڙ اصلي رهواسي آهي، جن کي نگاسا سڏيو وڃي ٿو. اهي نگاسا ٻولي سان گڏ انگريزي بہ ڳالهائين ٿا. سندس انعام حاصل ڪيل نظم جو نالو انجن حقيقت ۾ ڪئناڊا جي اصلوڪي رهواسين لاءِ نفرت طور استعمال ڪيو ويندو آهي.
    جارڊن پنهنجي انهي طويل نظم ۾ نسل پرستي ۽ ان جي اظهار تي لکيو آهي. هن نظم ۾ آيل مواد اصل ۾ 1840 کان وٺي 1950 تائين ڇپيل مغربي ناولن مان ڪوريل آهي. انهي دور جي مشهور 91 ناولن جي مواد کي هڪ طويل ترين ڊاڪومينٽ ۾ يڪجا ڪري، هن ان ۾ لفظ انجن جي ڳولا ڪئي. آيل 509 نتيجن جو اڀياس هنن سوالن جي روشني ۾ ڪيو ويو تہ ڪڏهن اهو لفظ ڪم آندو ويو؟ ان لفظ جي آس پاس ڇا آهي؟ جيڪر اهو لفظ ڪڍيو وڃي تہ باقي ڇا ٿو بچي؟ ان کان پوءِ هن انهن جملن کي پنجن يا ڇهن لفظن جي جڳهٽن م ورڇي، نئين سر ترتيب ڏئي هي نظم جوڙيو.
    جارڊن هن وقت سائمن فريسر يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. سندس تحقيق جو موضوع ڊجيٽل علمي Humantieis مضمونن ۽ ديسي ادبي اڀياس جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو intersection آهي. انجن هن جو ٽيون ڪتاب آهي. ان کان اڳ سندس ٻه ڪتاب Un/inhabited, ۽ The Place of Scraps (جنهن کي ڊوروٿي لائيوسي انعام مليل آهي) شايع ٿيل آهن.
    سال 2017 لاءِ پين پنٽر پرائيز PEN Pinter Prize بيلفاسٽ جي رهواسي شاعر مائيڪل لانگلي Michael Longley کي ڏيڻ جو اعلان ٿيو آهي. کيس اهو انعام برٽش لائبرري ۾ هڪ تقريب ۾ 10 آڪٽوبر تي ڏنو ويندو، جتي هو وري سال 2017 جي دلير عالمي لکاري International Writer of Courage جو اعلان ڪندو. ياد رهي گذريل سال پين پنٽر پرائيز مشهور شاعره، ناول نويس ۽ مضمون نگار مارگريٽ ائٽوڊ کي مليو هو، جنهن وري 2016 جي دلير عالمي لکاري جو ايوارڊ بنگلاديش جي ليکڪ.، ناشر عبدالرشيد چوڌري، جيڪو توتل Tutul طور مشهور آهي، کي ڏنو هو.
    ٻي خبر اها آهي تہ مائيڪل لانگلي کي سندس تازي مجموعي Angel Hill تي فارورڊ شاعري جي انعام Forward Prizes لاءِ بہ شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي. اهو انعام برطانيه ۾ قائم فارورڊ آرٽش فائونڊيشن پاران ڏنو ويندو آهي.
    مائيڪل لانگلي پهريائين بينڪ ۾ نوڪري ڪندو هو پر شاعري جي شوق ۾ پنهنجا ڪپڙا ساڙي ڇڏيائين تہ جيئن نوڪري لاءِ ٻاهر نہ نڪرڻو پوي. هن سورهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي گرل فرينڊ کي متاثر ڪرڻ لاءِ نظم لکيو. سندس دوست ۽ مشهور شاعر سيمس هيني Seamus Heaney کيس ڏکن ڏاکڙن ۽ حيرانگين جو سنڀاليندڙ سڏيو هو. پنهنجي لکڻين جي حوالي سان سندس اهو خيال آهي تہ ” آئون سمجهان ٿو تہ جيئن منهنجي عمر پئي وڌي، تيئن منهنجي شاعري بہ سادي ٿيندي وڃي .... شاعري لکڻ اڄاتي جو سفر آهي. اوهان لفظن کي سنڀاليندائو تہ نظم پاڻ کي سنڀالڻ لڳندو، پر جي اوهان نظمن کي سنڀاليندا تہ ڪتاب جڙي پوندو.“


    سال 2018ع ۽ سال 2019ع جا نوبيل ادبي انعام

    سال 1901ع کان شروع ٿيل نوبيل ادبي انعام گذريل سال جنسي طور ھراسان ڪرڻ واري اسڪينڊل وغيرہ جي ڪري نہ ڏنو ويو ھو. پر هن ڀيري ٻنهي سالن يعني 2018ع ۽ 2019ع لاءِ گذريل خميس 9 آڪٽوبر 2019 تي نوبيل ادبي انعامن جو اعلان ڪيو ويو آهي.
    گذريل سال 2018ع لاءِ پولينڊ جي ليکڪا، عوامي دانشور ۽ جاکوڙي اولگا توڪارچوڪ (توڪارزڪ) Olga Tokarczuk کي ۽ هلندڙ سال 2019ع لاءِ آسٽريائي ليکڪ پيٽر هانتڪ Peter Handke کي ڏنو ويو آهي. ڪميٽي جي اعلان موجب اولگا کي ”ھن جي بيانيہ تخيل لاءِ، جيڪو قاموسي جذبي سان سرحدون پار ڪرڻ جهڙن ڪمن کي زندگي جي نمونن طور پڌرو ڪري ٿو“ ۽ پيٽر هانتڪ کي ”ھن جي پر اثر ڪاوشن تي، جن لسانياتي هنرمندي سان انساني تجربن جي مخصوصپڻي ۽ حدبندي کي ڦلهاريو آهي.“
    هن ڀيري ادبي انعامن تي ٻن رخن کان تنقيد ڪئي پئي وڃي. اصل ۾ هن انعام تي پراڻي تنقيد اها آهي تہ اهو رڳو يوروپ ۽ مردن تي مرڪوز رهي ٿو. ليکڪا مايا جئگي گارجيئن اخبار ۾ لکي ٿي تہ گذريل صدي جي اسي واري ڏھاڪي جي وچ تائين ڪنهن بہ هڪ عرب، آفريقي يا چيني کي اهو ادبي انعام نہ مليو هو، باقي ايشيا ۾ سال 1913ع ۾ رابندرناٿ ٽيگور کي، سال 1968ع ۾ يسونري ڪواباتا Yasunari Kawabata کي اھو انعام حاصل ٿيو. البت لاطيني آمريڪا واري کنڊ ۾ چند ليکڪن جھڙوڪ پئبلو نرودا کي سال 1971ع ۾، ۽ گارشيا مارڪيز کي 1982ع ۾ مليو. جئگي موجب گذريل چند سالن کان اها توقع ڪئي پئي وئي تہ ھاڻي اهو انعام ڪنهن غير يوروپي کي ۽ خاص طور ڪنھن عورت کي ڏنو ويندو. پر ھن ڀيري بہ انعام حاصل ڪندڙ ٻئي يوروپي آهن.
    بهرحال سٺي ڳالهہ اها آهي تہ هن ڀيري هڪ عورت کي بہ اهو انعام مليو آهي. چيو وڃي ٿو هيسيتائين 116 انعامن مان رڳو 15 عورتن کي اهو انعام ڏنو ويو آهي.
    تنقيد جو اهم نشانو فرانس ۾ رهندڙ آسٽريائي ليکڪ پيٽر هانتڪ آهي، جيڪو ماءُ جي پاسي کان سلاويني نسل سان تعلق رکي ٿو. هو کلم کلا بوسنيا جي نسل ڪشي ۾ سربيا جي صدر سلابودان ملاسووڪ Slobodan Milosevic ۽ بوسنيا جي سرب اڳواڻ رادووان ڪارادڪ Radovan Karadzic جي حمايت ڪندو رهيو آهي.
    سال 1999ع ۾ سلمان رشدي گارجين اخبار ۾ انھي سال جي ”عالمي حد درجي واري مورک شخص Moron طور هن جو ئي نالو تجويز ڪيو هو. هن جو چوڻ آهي تہ هو اڄ بہ ساڳي راءِ جو آهي. هري ڪنزرو Hari Kunzru، جيڪو هن جون لکڻيون پنهنجي شاگردن کي پڙهائيندو رهيو آهي، تنهن جي خيال ۾ هيءُ فيصلو تڪليف ڏيندڙ آهي. ”هو هڪ پاسي گهري نظر رکي ٿو، تہ ٻئي پاسي اخلاقي انڌائپ جو شڪار پڻ آهي. هن کي ڪافي سال اڳ ئي انعام ملي وڃي ها، جيڪر هو نسل ڪش سربيائي حڪومت جو پروپيگنڊا باز نہ ٿئي ها.“
    پيٽر هانتڪ جو ڪافي وقت کان نقاد ۽ سلاويني فلسفي Slavoj Žižek، گارجيئن اخبار کي ٻڌايو تہ ”سال 2014ع ۾ هانتڪ اهو چئي تہ اها (نوبيل ادبي انعام) ادب جي ڪوڙي مقدسيت يا تڪريم پڻو canonisation آهي، نوبيل ادبي انعام کي ختم ڪرڻ جومطالبو ڪيو هو. هن ڀيري کيس انعام ملڻ واري حقيقت انھي نڪتي کي سچ ثابت ڪيو آهي.“
    ھانتڪ جي سياسي نقطي نظر جي ڪري مخالفت پراڻي آهي. سال 2008 ۾ ناول نگار جوناٿن لٽيل Jonathan Littell لکيو ھو تہ ”هو زبردست آرٽسٽ کڻي هجي، پر انسان طور هو منهنجو دشمن آهي.“ آمريڪي ليکڪا سوسن سانٽئگ Susan Sontag، جيڪا سراجيو ۾ ڪنهن اسٽيج ڊرامي جي پرفارمنس لاءِ ڪجهہ مهينا رهي هئي، تنهن هن سان دوستاڻا ختم ڪري ڇڏيا.
    يونيورسٽي آو ليڊس ۾ جرمن ٻولي جي پروفيسر ڊاڪٽر هيلين فنچ سندس ادبي ڪاوشن کي خاص ڪري هن جي شروع واري ۽ ڳتيل ماحولياتي شاعري ecopoetics واري هيئت کي ساراهي ٿي، پر سندس خيال ۾ انعام جو فيصلو ڏيکاري ٿو تہ انعام ڪميٽي اڃان توڻي سفيد يورپي ماڻهن جي سحر ۾ آهي، جيڪي اشرافيائي شاعراڻا روايت تحت لکن ٿا ۽ ڪميٽي وارا انعام حاصل ڪندڙن جي سياسي مداخلت واري نڪتي کي ٻڌڻ لاءِ تيار نہ آهن.“
    ھڪ ٻئي ليکڪ هيوگو هئملٽن سندس حوالي سان لکي ٿو تہ قانون پڙهڻ جي باعث ھن جي وروڌي صلاحيت adversarial talent نکري، پر بجائي ڪورٽن ۾ ننڍڙن جهيڙن ڪرڻ جي، هن مهاڏن سان ڀريل ادبي ڪيريئر شروع ڪيو. 1966 ۾ سندس پهريون ناول The Hornets ڇپيو. هن ٻولي سان بہ جهيڙڻ تي گهريو. ھن ۽ سندس سھيوڳين Elfriede Jelinek ۽ Thomas Bernhard جي خيال ۾ جرمن ٻولي، نازين جي غلط استعال جي ڪري داغجي وئي آھي، تنھن ڪري انهي کي لفط بہ لفظ ڪري بحال ڪرڻو آھي.
    هئملٽن موجب کيس ستر واري ڏهاڪي ۾ برلن ۾ پيٽر جوڊرامو Publikumsbeschimpfung ڏسڻ جو تجربو ياد آهي. ان ڊرامي جي نالو جو انگريزي ترجمو هو Offending the Audience. پر اداڪارن پاران حاضرين کي مسلسل ڌمڪائڻ يا ڇڙٻون ڏيڻ کي ڏسي، ان کي ”حاضرين کي ڍڙڻ“ چوڻ مناسب ٿيندو.
    هئملٽن لکي ٿو تہ ھانتڪ جا ڪردار ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر لفظن سان جھيڙيندي، ھو اڃا وڌيڪ گونگا ٿيو وڃن..... ھن جا ڪردار پنھنجي جذباتي روڪن جي تپاس لاءِ اڪثر ڪري نفسياتي لئباٽرين ۾ آندا وڃن ٿا... اڳتي ھلي ڪري هو 1972 واري ناول (Sorrow Beyond Dreams) جھڙن ڪتاب ۾ ذاتي موضوعن ڏي مڙيو. ان ناول ۾ ھن پنھنجي سلاوينا ڄائي ماءُ جي خودڪشي کي ظاھري جذبن کان عاري ٿي ڪري لکيو آھي. ھو ماتمي انداز نٿو اختياري... ان کان پوءِ سندس ناولن ۾ انساني وجود کي طبعي مهارت forensic واري تجزيي سان ڳولڻ جي اعليٰ علمي سرگرمي جاري هوندي آھي.
    ھئملٽن پنھنجي مضمون جي آخر ۾ لکي ٿو تہ ھن کي هانتڪ پاران سربيا جي جنگي ڏوھارين جو پاسو کڻڻ تي جھٽڪو لڳو.... جيتوڻيڪ سندس ان عمل کي معاف تہ نہ ٿو ڪري سگھجي، پر سندس ان عمل کي اڻ چٽي نموني ائين کڻي سمجھائجي تہ اھا ھانتڪ جي فنڪاراڻہ ڇڪ ھئي: پاڻ کي غلط ڏيکاري، پاڻ کي ڏنگائڻ جي.“
    پيٽر هانتڪ جو جنم 6 ڊسمبر 1942ع تي ٿيو. هيءُ ناول نويس، شاعر، ڊرامہ نگار سان گڏ فلمن جو اسڪرين پلي ليکڪ توڙي ڊائريڪٽر بہ آهي. ھن جو ذاتي فلمي ڪيريئر 1978 ڌاري شروع ٿيو، جڏھن ھن پنھنجي ناول The Left-Handed Woman تي آڌاريل فلم جي پاڻ ڊائريڪشن ڏني. پر ان کان اڳ سندس 1972 واري ناول The Goalie’s Anxiety at the Penalty Kick کي 1975 ۾ وم وينڊرس فلمايو ھو.
    ھانتڪ جي ڀيٽ ۾ اولگا جي انعام تي ھروڀرو تنقيد نہ ٿي آھي. پولش ٻولي جي ھيءَ ليکڪا، عوامي دانشور، جاکوڙي Activist ۽ پولينڊ جي سياست جي نقاد طور مشھور آھي.
    ھن ليکڪا کي گذريل سال سندس ڇھين ناول Flights تي سال 2018 وارو مئن بڪر عالمي انعام ڏنو ويو. اھو ناول پولش ٻولي ۾ سال 2007 ۾ لکيو ويو ھو، ۽ اھو سندس ناولن جو پھريون انگريزي ترجمو ھو. ان ناول جي مترجم جينيفر ڪرافٽ لکي ٿي تہ سندس سالن کان اڇا رهندي پئي آئي تہ اولگا کي نوبيل ادبي انعام حاصل ٿئي، تنهن ڪري هو ڪافي سالن کان آڪٽوبر جي ان تاريخ تي چار وڳي صبح جو الارام لڳائي سمهندي هئي تہ جيئن پاڻ اهو اعلان ٻڌي.
    جينيفر لکي ٿي تہ اولگا پاڻ پنھنجي ناول کي ڪهڪشائي يا مختلف خيالن جي ميڙ واو ناول constellation novel سمجھي ٿي. جينيفر ھن وقت اولگا جي ٻارھين پر تازي ناول The Books of Jacob (2014) جو ترجمو ڪري رھي آھي، جيڪو بہ هڪ طويل ناول آھي. ان جو موضوع ھڪ تاريخي پر تڪراري شخصيت جئڪب فرئنڪ جي حياتي ۽ دور آھي. جئڪب يھودين جي ھڪ مرتد ڌڙي جو اڳواڻ ھو، جيڪو ھئسبرگ ۽ عثمانيا سلطنتن کان وٺي پولش لٿونيا جي ڪامنويلٿ ۾ ورسيل ھو. ھي ناول هن جو فني شاهپاروMasterpiece ڪري سمجھيو وڃي ٿو، جيڪو پولينڊ ۾ پوري سال تائين وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ ڪتاب رھيوآھي.
    جيتوڻيڪ انهيءَ ناول جو منظرنامو ارڙھين صدي سان تعلق رکي ٿو، پر ان ۾ ايڪيھين صدي جي فڪري لاڙن zeitgeist کي بہ کنيو وڃي ٿو. اھو ناول پنھنجي پڙھندڙن کي ھمٿائي ٿو تہ هو پنھنجي تاريخ جو نئين سر جائزو وٺن ۽ ايندڙ سالن ۾ يورپ جي امڪاني شڪل تي پنھنجي ذهني تناظرن perspectives تي نئين سر ويچارين. اھو يورپ توڙي دنيا کي ورھائيندڙن انھن بحثن تہ ڪيئن سھپ جي حفاظت ڪجي ۽ ڪيئن اسھپ جي وصف ڪجي ۽ ڪيئن سھيوڳي خودمختياري جو تعين ڪجي ۽ ڪيئن ان تي عمل پيرا ٿجي، ۽ ڪيئن اخلاقي توڙي عملي نموني مرڪزي يورپ ۾ پناھگيرن جي لڳاتار آمد کي ورتائجي، وغيرہ ۾ حصو وٺي ٿو.“
    29 جنوري 1962 تي جنم وٺندڙ اولگا يونيورسٽي آو وارسا مان سائيڪالاجي ۾ 1985 ڌاري گريجوئيشن ڪئي. سال 1989 ۾ سندس پهريون ڪتاب City in Mirrors شايع ٿيو. ۽ گذريل سال سندس پندرهون ڪتاب Bizarre Stories شايع ٿيو آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2927369
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 760846
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ