ڪتاب جو نالو: سنڌ جي مختصر تاريخ
مصنف: مرزا قليچ بيگ
ڇپائيندڙ: اسٽينڊرڊ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد، سنڌ
ڪيٽيگري: سنڌ شناسي
شايع ٿيڻ جو سال: 1920
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 10 مئي 2020 ع
پڙهيو ويو: 663 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 259 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ جي تاريخ بابت مختصر سبقن ۾ لکيل هي ڪتاب نامياري ليکڪ، محقق ۽ ڏاھي ڏات ڌڻي مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي، جيڪو 1920ع ۾ ڇپيو.
سنڌ جي تاريخ کي سمجهڻ لاءِ ڪنھن مختصر ڪتاب جي ضرورت محسوس ٿي رھي ھئي. رھيو ھيس. ھن ڪتاب ۾انگريزن جي دور تائين سنڌ جي مختصر تاريخ شامل آھي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • ڪمپوزر پاران
  • سنڌ سلامت پاران
  • ليکڪ پاران
  • سبق پھريون: سنڌ جا قديم رھاڪو
  • سبق ٻيو: سڪندر بادشاھ جي ڪاھ
  • سبق ٽيون: راءِ ۽ برھمڻ گهراڻي جي حڪومت
  • سبق چوٿون: عربن جي سنڌ ۾ اچڻ جو سبب
  • سبق پنجون: محمد قاسم جي سنڌ تي ڪاھ
  • سبق ڇھون: محمد قاسم ۽ راجا ڏاھر جي جنگ ۽ عربن جي فتح
  • سبق ستون: ھندو راجائن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت
  • سبق اٺون: عربن جي حڪومت
  • سبق نائون: محمود غزنوي ۽ ٻين دھلي جي بادشاھن جي حڪومت
  • سبق ڏھون: عربن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت
  • سبق يارھون: سومرن جي حڪومت
  • سبق ٻارھون: سومرن جي حڪومت جي زواليت ۽ سمن جو زور
  • سبق تيرھون: سمن جي حڪومت
  • سبق چوڏھون: سمن جي حڪومت جي پڇاڙي
  • سبق پنڌرھون: ارغون مغل گهراڻي جي حڪومت
  • سبق سورھون : ارغونن جي حڪومت جي پڇاڙي
  • سبق سترھون: ترخان مغل گهراڻي جي حڪومت
  • سبق ارڙھون: ترخانن جي حڪومت جي پڇاڙي
  • سبق اڻويھون: دھلي جي بادشاھن جي صوبه دارن جي حڪومت
  • سبق ويھون: دائود پوٽا ۽ شڪارپور جو ٻجھڻ
  • سبق ايڪيھون: ٺٽي شھر جو احوال
  • سبق ٻاويھون: دھلي جي بادشاھن ۽ ٻين مسلمان قومن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت
  • سبق ٽيويھون: ڪلھوڙا ۽ سندن اوائل وارا سردار
  • سبق چوويھون: ميان نور محمد ڪلھوڙي جي حڪومت
  • سبق پنجويھون: ميان محمد مرادياب ڪلھوڙي جي حڪومت
  • سبق ڇويھون: ميان غلام شاھ ۽ سرفراز جي حڪومت
  • سبق ستاويھون: ميان عبدالنبي ۽ صادق علي ڪلھوڙن جي حڪومت
  • سبق اٺاويھون: ڪلھوڙن جي حڪومت جي پڇاڙي ۽ ٽالپرن جي فتح
  • سبق اڻٽيھون: ڪلھوڙن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت
  • سبق ٽيھون: ٽالپر بلوچن جو اوائل وارو دور
  • سبق ايڪٽيھون: مير فتح علي خان ۽ سندس ڀائَن جي چؤياري حڪومت
  • سبق ٻٽيھون: باقي ٽن ڀائرن جي حڪومت
  • سبق ٽيٽيھون: مير نور محمد خان ۽ مير نصير خان واري چؤياري حڪومت
  • سبق چوٽيھون: انگريزن جو سنڌ فتح ڪرڻ
  • سبق پنجٽيھون: ٽالپرن ميرن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت
  • سبق ڇٽيھون: انگريز سرڪار جي حڪومت جو شروع ٿيڻ
  • سبق ستٽيھون: سنڌ جا ڪمشنر صاحب ۽ انھن جي وقت ۾ سڌارا
  • سبق اٺٽيھون: انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت

  • ڪتاب بابت

    (سن 1867ع جي سرڪاري ائڪٽ 25 موجب رجسٽرڊ ڪيل)

    ڪتاب جو نالو: سنڌ جي مختصر تاريخ (سبقن ۾)
    ليکڪ: مرزا قليچ بيگ فريدون بيگ
    ڇاپو پھريون: 1920ع
    ڇپيندڙ: اسٽينڊرڊ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد، سنڌ
    ڇپرائيندڙ: مرزا قليچ بيگ
    ڪمپوزنگ: شاھنواز ٽالپر (بدين)
    پروف ريڊنگ: رياضت ٻرڙو
    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com

    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو


    ڪمپوزر پاران

    انسان غلطين جو گهر آھي. ويسر سندس فطرت ۾ شامل آھي. اُن ڪري انسان جي لکت غلطين کان پاڪ ۽ صاف نه ٿيندي. وس آھر ڪوشش ڪبي آھي ته بھتر کان بھتر ڪيو وڃي. ڪٿي ڪا به غلطي ھجي ته ڪمپوزر پاران سمجهجو ۽ نشاندھي ڪجو.
    ڪتاب ڪمپوز ڪرڻ دوران مون محسوس ڪيو ته اھڙا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن جيڪي اڄڪلھه پاڻ گهٽ استعمال ٿا ڪريون، سو ان کي ڪمپوزر جي غلطي نه سمجهيو وڃي. جيئن ليکڪ لکيو تيئن مون ڪمپوز ڪيو آھي. وري به جي ڪا غلطي ھجي ته نشاندھي ڪجو.


    شاھنواز ٽالپر
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    sntalpur@gmail.com


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ جي مختصر تاريخ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي تاريخ بابت مختصر سبقن ۾ لکيل هي ڪتاب نامياري ليکڪ، محقق ۽ ڏاھي ڏات ڌڻي مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي.
    ڪجھه ڏينھن اڳ پياري رياضت ٻرڙي ھن ڪتاب جو ٽائيٽل پيج فيسبوڪ تي شيئر ڪيو ھيو. کيس عرض ڪيم ته مھرباني ڪري ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري موڪليو ته نئين سر ڪمپوز ڪري رکون. ڇو ته سنڌ جي تاريخ کي سمجهڻ لاءِ ڪنھن مختصر ڪتاب جي ضرورت محسوس ڪري رھيو ھيس. ھن ڪتاب ۾ انگريزن جي دور تائين سنڌ جي مختصر تاريخ شامل آھي. رياضت صاحب قرب ڪري ڪتاب اسڪين ڪري موڪليو. مان بدين ۾ سنڌ سلامت جي دوست شاھنواز ٽالپر کي ڪتاب ڪمپوز ڪرڻ لاءِ موڪليو جنھن جلد ئي ڪمپوز ڪري موڪليو. پراڻي زماني جو ڇاپو ۽ ان وقت جي رائج ٻولي استعمال ٿيل آھي تنھنڪري رياضت صاحب کي فائل موڪلي عرض ڪيم ته پروف ريڊنگ جي مھرباني ڪيو. پاڻ پروف ريڊنگ ڪري ڪتاب موڪلي ڏنن جيڪو اوھان دوستن اڳيان پيش ڪجي ٿو.
    ھي ڪتاب 1920ع ۾ اسٽينڊرڊ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد، سنڌ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون شاھنواز ٽالپر جا جنھن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو. ڪتاب جو اصل متن رياضت ٻرڙي جي فيسبوڪ وال تي موجود آھي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ليکڪ پاران

    پڌرو ھجي ته سنڌ جي وڏي تاريخ، تصويرن سان، سنڌيءَ ۾ مون اڳ ئي لکي آھي ۽ سنڌ جي تمام مختصر تاريخ مُلن جي مڪتبن لاءِ به اڳ ئي لکي اٿم. پر وچولي قسم جي مختصر تاريخ سنڌي ننڍن درجن ۾ پڙھائڻ لاءِ گهربل ھئي. انھن لاءِ مون ھيءَ سنڌ جي تاريخ سبقن ۾ لکي آھي جن جي پڙھڻ مان ننڍن پڙھندڙن کي مزو به ايندو ۽ سنڌ جي ڳنڍيل تاريخ به معلوم ٿيندي.

    قليچ بيگ
    آڪٽوبر 1916ع
    حيدرآباد


    سبق پھريون: سنڌ جا قديم رھاڪو

    قديم وقت ۾ سنڌ ھڪڙو تمام وڏو پرڳڻو ھو. ھاڻوڪي سنڌ کان ٻيڻو ٽيڻو ھو. ڊگھائيءَ ۾ ڪشمير کان وٺي عربي سمنڊ تائين ھو ۽ ويڪرائيءَ ۾ ايران کان وٺي راجپوتانا تائين ھو. يعني پنجاب ۽ افغانستان، بلوچستان ۽ راجپوتانا جا ڀاڱا به منجھس داخل ھئا. ۽ ايترو سارو ملڪ ھڪڙي حاڪم جي ھٿ ھيٺ رھي سگهڻ جھڙو نه ھو. جدا جدا ڀاڱن ۾ جدا جدا حاڪم حڪم ھلائيندا ھئا، جيئن ته ملتان ۾ ھڪڙو، شڪارپور ۾ ٻيو، سيوھڻ ۾ ٽيون، حيدرآباد ۾ چوٿون، ٺٽي ۾ پنجون، انھي طرح. انھن شھرن جا به انھي وقت ٻيا نالا ھئا، اِھي نه ھئا.
    سنڌ جا اصلوڪا رھاڪو آرين قوم جا ھئا، جي وچ ايشيا کان ھماليه جبل لنگهي سنڌ ۽ پنجاب جي ندين جي ڪنارن تي اچي رھيا ھئا. اھي ھندي آرين ھاڻوڪن ھندن کان بلڪل ٻيءَ طرح جا ھئا. ھو بت نه پوڄيندا ھئا، نه مندر ۽ مڙھيون ھئن. باھ ۽ سج، ھوا ۽ مينھن جي پوڄا ڪندا ھئا ۽ ماس به کائيندا ھئا. ھو شڪل جا سھڻا ۽ قداور ۽ بھادر ھئا. منجھن ذات جو ڪو به تفاوت ڪو نه ھو.
    جڏھن سنڌ ۽ پنجاب مان نڪري اُتر ھندستان ۾گنگا نديءَ جي ڪنارن تي پکڙڻ لڳا تڏھن ھنن کي اُتي جي ڊراوڊ [دراوڙ] ۽ تاتاري رھاڪن سان وڙھڻو پيو. تنھنڪري منجھن جيڪي زور ڀريا ۽ بھادر ھئا تن کي جنگ جي ڪم لاءِ مقرر ڪيائون. انھن کي کتري سڏيائون ۽ انھن جي مھندار کي راجا سڏيائون. ٻيا جيڪي مکيه ديوتا برھم جي شيوا ۽ پوڄا ڪندا ھوا تن کي برھمڻ سڏيائون. جيڪي خاص پوک جي ڪم ۾ رھيا تن کي ويش جو نالو ڏنائون ۽ جيڪي وري اصلوڪن رھاڪن مان ھنن سان گڏجي ويا ھئا ۽ جن جو اولاد نج آرين نه ھو، تن کي شدر [شودر] جو نالو ڏنائون. تنھنڪري ھندو آرين جا اھي چار مکيه ڀاڱا ٿيا. اڃا به ٻيا جيتيلن [هارايل] قومن مان جي ھنن جا غلام ٿي رھيا، سي ڪنھن به ذات ۾ داخل نه ٿيا ۽ ڪَمذات ۽ نيچ شمار ۾ آيا ۽ ٻين کان ڌار رھڻ لڳا.
    پوءِ ٿورو ٿورو ٿي وڏا شھر ٻڌا ۽ مندر به جڙيا ۽ ڌنڌا به جاري ٿيا. اھي سڀ سنسڪرت ٻولي ڳالھائيندا ھئا. نيٺ آھستو [هوري هوري] ٿي اھي چار ئي ذاتيون ڌار ڌار ٿيڻ لڳيون. انھن قديم قومن مان ٻه مشھور قومون پانڊون ۽ ڪورن جون ھيون، جي اُتر ھندستان جي ھستناپور ملڪ جي بادشاھيءَ لاءِ پاڻ ۾ وڙھيون. انھن مان نيٺ پانڊؤ فتحمند ٿيا ۽ ڪورو مارجي ويا. انھن جو بيان مھا ڀارت ۾ آھي. انھن ڏينھن ۾ ڪرشنا گجرات جو راجا ھو جنھن پانڊون کي مدد ڏني ھئي ۽ جئدراٿ سنڌ جو راجا ھو، جنھن ڪورن کي مدد ڏني ھئي. انھيءَ ڳالھه کي عيسوي سن کان اڳي ٻارھن تيرھن سؤ ورھيه گذري ويا ھئا.


    سبق ٻيو: سڪندر بادشاھ جي ڪاھ

    عيسوي سن کان اٽڪل پنج سؤ ورھيه اڳي ايران جي بادشاھ دارا سنڌ ۽ پنجاب فتح ڪئي ۽ سندس ھڪڙو سردار پشاور ڌاري گهڻا ٻيڙا تيار ڪرائي سنڌو ندي تان سندس ڇوڙ تائين گهمي ويو. جڏھن ٻه سؤ ورھ پوءِ ايران جي شھنشاھت ٽُٽي ۽ يونان جي شھنشاھت قائم ٿي تڏھن سڪندر بادشاھ سڪيءَ جي رستي ملڪ فتح ڪندو پنجاب ۾ آيو ۽ اُتي جي راجا پورس کي شڪست ڏئي وري به ملڪ سندس حوالي ڪيائين. تنھن کان پوءِ ٻه ھزار ٻيڙا گڏ ڪري جھلم نديءَ مان لنگهي سنڌو ندي ۾ آيو ۽ اھا ڏئي سنڌ ۾ گھڙيو. اُنھن ڏينھن ۾ سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ جدا جدا راجا ھئا، جيئن مٿي به چيو ويو آھي. الور جو راجا مسيڪناس پھرين اچي پيش پيو پر پوءِ برھمڻن جي صلاح تي ڪنڌ ڪڍائڻ لڳو. تنھنڪري سڪندر کيس ۽ ڪيترن برھمڻن کي مارائي ڇڏيو. جڏھن [سڪندر] سيوھڻ وٽ آيو تڏھن اتي جو راجا ساميس پاڻھي اچي پيش پيو. انھي کان ھيٺ سنڌ جي لاڙ وارو ڀاڱو پٽيالي جو راڄ ھو. اُني جو راجا ميرس ڊپ کان ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو. سڪندر ڪي ڏينھن اتي گذاري، درياھ جي ڪناري تي ھڪڙو وڏو بندر قائم ڪري، پوءِ جھازن جي رستي الھندي وارو ڦاٽ ڏيئي سنڌو نديءَ جي ڇوڙ تائين آيو. اتان وري اڀرندي وارو ڦاٽ ڏئي موٽي ساڳئي بندر تي آيو. گهڻو ڪري اھو اڀرندو ڦاٽ ڪڇ جي رڻ سان ڳنڍيل ھو، جو انھن ڏينھن ۾ ھڪڙي وڏي ڍنڍ جي صورت ۾ ھو، جنھن ۾ سنڌو نديءَ جو ڇوڙ به ھو ۽ سمنڊ جو پاڻي به ھو. تنھن کان پوءِ سڪندر بادشاھ پٽالي مان نڪتو ۽ مڪران ۽ ايران لنگهي پرتي ويو ۽ سندس درياھي سردار نيارڪس پنھنجا جھاز وٺي روانو ٿيو. ھوا جي مخالف ھئڻ ڪري ھن کي شاھبندر جي الھندي ڏي (شاھ بندر جي الهندي واري ڀاڱي کي ڪڪراله سڏيندا هئا) ڪڪرالي وٽ ٽي ھفتا رھڻو پيو. پوءِ سمنڊ جي رستي پرتي روانو ٿيو، پر ٻن ورھن کان پوءِ مري ويو.


    سبق ٽيون: راءِ ۽ برھمڻ گهراڻي جي حڪومت


    سڪندر جي وقت کان وٺي پنجين صديءَ تائين سنڌ جي تاريخ جي پوري سڌ ڪانھي. عيسوي پنجين صديءَ جي پڇاڙي ڌاري سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي حڪومت شروع ٿي، جا اٽڪل ڏيڍ سؤ ورھيه ھلي. انھي وقت ۾ اروڙ يا الور سنڌ جو گاديءَ جو ھنڌ ھو، جو روھڙيءَ کي ويجهو ھو. انھي ۾ ھڪڙو وڏو قلعو ھو ۽ گهڻيون عاليشان عمارتون ھيون ۽ مزي مزي جا باغ ۽ ڪارخانا ھئا. ساري سنڌ جا تڏھن چار ڀاڱا ھئا، جي جدا جدا حاڪمن جي ھٿ ھيٺ ھئا. انھي گهراڻي جا مڙئي پنج راجا ٿيا. پھريون ھو راءِ ديوا جِي ۽ پويون ھو راءِ ساھسي. اھو پھريون راجا ڏاڍو عقل ۽ تجويز وارو ھو. پاڻ پنھنجي ملڪ ۾ گشت ڪندو ھو. گهڻن ھنڌن تي مضبوط قلعا ٺھرايائين وٽس ھڪڙو ھوشيار وزير رام راءِ برھمڻ ھوندو ھو، جو ملڪ جي سڌاري ۾ ھن کي گهڻي مدد ڏيندو ھو. انھيءَ وزير پنھنجي مدد لاءِ وري ھڪڙو ٻيو برھمڻ نائب ڪري رکيو، جنھن جو نالو چَچ ھو. اُھو به ڏاڍو ھوشيار ھوندو ھو. راجا جو انھن ٻنھي تي ڏاڍو اعتبار ھوندو ھو. جڏھن وزير رام راءِ مري ويو تڏھن راجا، چچ نائب وزير کي کڻي پنھنجو وڏو وزير ڪيو. سگهو ئي پوءِ راجا ساھسي راءِ بيمار ٿي پيو ۽ مري ويو. راجا جي راڻي، جنھن جو نالو سھندي ھو، تنھن تجويز ڪري چچ کي تخت تي وھاريو، جو راجا کي ٻيو اولاد ڪونه ھو. چچ اڳ ڳڻتي ڪري راجا جي انھن مائٽن کي مارائي ڇڏيو، جي تخت جا دعوادار ٿين ھا. انھيءَ ھوندي به جوڌپور جي راجا مھارت وڏو لشڪر گڏ ڪري چچ تي ڪاھيو، انھي لاءِ ته انھي ظالم کي تخت تان لاھي، پر چچ انھن کي شڪست ڏني ۽ پاڻ پوري طرح ملڪ جو قبضو ڪري راجا ٿي ويھي رھيو ۽ راڻي سھندي سان کڻي شادي ڪيائين، جنھن مان ٻه پٽ ۽ ھڪڙي ڌيءُ ڄايس. پٽن جا نالا ڏاھر ۽ ڏھر سيئن ھئا ۽ ڌيءُ جو نالو ٻائي ھو. چچ ملڪ کي ڏاڍو سڌاريو ۽ ساري سنڌ جو گشت ڪيائين ۽ ڪشمير ۽ ملتان به ھٿ ڪيائين ۽ قنڌار ۾ به آيو ۽ اتي جي حاڪم تي ڍل مقرر ڪري موٽي ويو. چاليھه ورھ برابر چڱي حڪومت ڪيائين. سندس مرڻ تي، سندس ڀاءُ چندو، سندس جاءِ تي ويٺو، جنھن ٻڌ ڌرم گهڻو پکيڙيو، اگرچه پاڻ برھمڻ ھو. اٺن ورھين کان پوءِ اھو به مُئو ۽ پوءِ ڏاھر راجا ٿيو.


    سبق چوٿون: عربن جي سنڌ ۾ اچڻ جو سبب

    راجا ڏاھر سنڌ ۾ اٺ ورھيه چڱي بادشاھي ڪئي، تنھن کان پوءِ ھڪڙو خراب اتفاق ٿيو جنھنڪري ھن جي راڄ ۾ رولو پئجي ويو. انھن ڏينھن ۾ خليفو وليد عرب ۽ شام جو بادشاھ ھو ۽ سندس تخت گاھ بغداد ھو. سرنديب جي راجا انھيءَ خليفي جي لاءِ ڪي قيمتي سوغات جھڙيون شيون جھازن ۾ موڪليون ھيون، سي جڏھن سنڌ جي ديول بندر وٽ آيون، تڏھن اُتي جا چور جھازن تي ڪاھي آيا ۽ اُھي شيون ڦري ويا ۽ ڪي ماڻھو ماري ۽ ڪي قيد ڪري ويا.
    ڪي ھيئن به لکن ٿا ته خليفي عبدالمالڪ ڪن خوبصورت ٻانھين ۽ ٻين ڪن سوداگري شين جي خريد ڪرڻ لاءِ اٺ جھاز سرنديب ڏي موڪليا ھئا، تن کي ديبل بندر وٽ ھڪ چورن جي ٽولي اچي ڦُريو ۽ ڪيترو قيمتي مال ۽ حبشي ٻانھيون چورائي ويا. خليفي جي پاران عراق جي حاڪم حجاج، راجا ڏاھر ڏي لکيو ته اھي چور ھٿ ڪري انھن کي جوڳي سزا ڏئي ۽ ڦريل شيون وٺي پھچائي. راجا ڏاھر جواب ڏنو ته اھي چور انھيءَ ھنڌ زور آھن، انھن جي ڏوھن جو آءٌ جوابدار نه آھيان. جڏھن خليفي عبدالمالڪ کي انھيءَ جواب جي خبر پئي تڏھن ھن ھڪدم سنڌ تي ڪاھ ڪرڻ لاءِ لشڪر سنبرايو. پر انھيءَ وچ ۾ خليفو پاڻ مري ويو ۽ پنھنجي پٽ وليد کي وصيت ڪري ويو ته سنڌ تي ڪاھ ڪري وير وٺي.
    ان موجب عيسوي صديءَ جي شروعات ۾ عربن جو ٽي ھزار لشڪر، بزيل جي ھٿ ھيٺ ديبل بندر تي ڪاھي آيو. جڏھن راجا ڏاھر کي الور ۾ اھا خبر پھتي تڏھن پنھنجي پٽ جيسيئن کي چئن ھزارن ماڻھن سان موڪليو. بزيل ديبل جي لشڪر کي اڳي ئي ڀڄايو ھو پر پاڻ جيسيئن سان جنگ ڪرڻ لڳو. سنڌ جي لشڪر ۾ ھاٿي گهڻا ھئا، تن کان عربن جا گهوڙا ٽھڻ ۽ ڀڄڻ لڳا. بزيل پڳڙين سان گهوڙن جون اکيون ٻڌرائي به پئي وڙھيو، پر نيٺ مارجي ويو، ۽ عربن شڪست کاڌي. اھا خبر ٻڌي حجاج کي گهڻو ڏک ٿيو ۽ ڏاڍو ڪاوڙيو. ھن ھڪدم پنھنجي ڀائٽي ۽ ناٺِي محمد قاسم ثققيءَ کي وير وٺڻ لاءِ سنبرايو. ھو تمام ھمت ڀريو جوان ھو ۽ سترھن ورھين عمر جو ھو. ڇھه ھزار بھادر عرب ھن کي ڏنا ويا ۽ ھو اُتان روانو ٿيو.


    سبق پنجون: محمد قاسم جي سنڌ تي ڪاھ

    محمد قاسم پھرين منزل شيراز ۾ ڪئي. اُتي ڇھه ھزار گهوڙن وارا ۽ ڇھه ھزار سوار اُٺن وارا ۽ ٽي ھزار بار جا اُٺ، جي حجاج پٺيانس موڪليا ھئا، سي اچي اُتي پھتا. شيراز مان گهڻن ماڻھن ۽ گهوڙن جون زرھون ۽ ڪوٽن ڀڃڻ جون ڪَلون ۽ ٻيو ضروري جنگي سامان ۽ کاڌي جي سرسات گڏ ڪري، محمد قاسم پاڻ مڪران ڏي منھن رکيو ۽ ڳچ جيترا ٻيڙا سمنڊ جي رستي سڌو ديبل ڏي موڪليائين.
    ھن مڪران ۽ لس ٻيلي مان لنگهي ديبل ڏانھن رخ ڪيو ۽ سن 711ع يعني 93 ھجري جي محرم جي ڏھين تاريخ يعني حشر جي ڏينھن ديبل ۾ اچي پھتو. سامان جون ٻيڙيون به انھيءَ وچ ۾ اتي اچي رسيون، پوءِ محمد قاسم چوڌاري کاھي کڻائي لھي پيو ۽ جنگ جون تياريون ڪرڻ لڳو.
    انھي وقت ڌاري ڏاھر جو پٽ جيسيئن نيرون يعني حيدرآباد ۾ ھو پر پيءُ جي حڪم موجب ھو محمد قاسم کي سامھون نه ٿيو. ستن ڏينھن جي آرام ۽ تياريءَ کان پوءِ محمد قاسم ديبل جو قلعو ورتو ۽ جيڪي مندر اُتي ھئا سي ڦريائين. جيڪي مسلمان قيدي اُتي ھئا، سي ڇڏايائين. ديبل جو حاڪم ڀڄي نيرون ڏي ويو جو لڙائيءَ کان سواءِ ھٿ اچي ويو. اُتي ھڪڙو نائب مقرر ڪري محمد قاسم سيوستان (يعني سيوھڻ) ڏي ڪاھيو. اُتي جو حاڪم، جو ڏاھر جو سوٽ ھو، سو سندس پُٽ وانگي ڀڄي ويو ۽ عربن آساني سان اھو به قلعو ورتو. پوءِ مھراڻ درياھ لنگهي ھن ڀر ٿيو ۽ الور تي ڪاھڻ جو ارادو ڪيائين، پر ٻيڙيون موجود نه ھيون تنھنڪري موٽي نيرون مان لنگهي ساڪري ۾ آيو ۽ اُتي ٻيڙيون گڏ ڪيائين.


    سبق ڇھون: محمد قاسم ۽ راجا ڏاھر جي جنگ ۽ عربن جي فتح

    انھيءَ وچ ۾ راجا ڏاھر به پنھنجو لشڪر وٺي اچي ويجهو ٿيو. محمد قاسم ٻيڙين جي پُل ٻڌائي، يعني پھرين ٻيڙيون ڪناري سان ھڪٻئي جي پاسي ۾ بيھاري ويا ۽ پوءِ اُنھن کي لوھ جا قلعا ھڻي ھڪٻئي سان ڳنڍي ڇڏيائون. جڏھن درياھ جي پيٽ جيتري قطار ٿي تڏھن لشڪر منجھن چڙھي ويٺو. پوءِ سڄي قطار ھڪدم موڙي ھن پاسي واري ڪناري کي وڃي لڳا ۽ لھي ھيٺ ٿيا ۽ منزل ڪري چوڌاري کاھي ھڻي ويھي رھيا. انھي ھنڌ ڌاري، گجري نالي ھڪڙي وڏي ۽ اونھي ڍنڍ ھئي. اُنھي ڍنڍ جي اُلھندي ڏي عرب لٿل ھئا ۽ اڀرندي ڏي راجا ڏاھر پنھنجي لشڪر سان لٿل ھو. عربن جي درياھ لنگهڻ جي اوچتي خبر ٻڌي ھو ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿيو.
    پھريائين راجا ڏاھر پنھنجي پٽ جيسيئن کي ھاٿيءَ تي چاڙھي لشڪر سان موڪليو. سو جڏھن ميدان تي آيو تڏھن عرب وڪوڙي ويس. ويڙھ لڳي پر سنڌي لشڪر مارجي ويو ۽ جيسيئن پاڻ به ذري گھٽ ماريو ھو پر ھاٿي ڀڄائي نڪري ويو. پوءِ محمد قاسم ارادو ڪيو ته گجري ڍنڍ لنگهي ھن ڀر ٿئي ۽ راجا ڏاھر تي ڪاھي. ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ ٽيھه ٽيھه ماڻھو لنگهائي ھن ڀر آيو. ڏاھر کي جوتشين اڳي ئي ٻڌايو ھو ته فتح عربن جي آھي. سو وڙھڻ کان دل شڪستو ھو. ٻنھي لشڪرن جي وچ ۾ ميل کن پنڌ جو ھو. راجا ڏاھر جي سپه سالارن جنگ شروع ڪئي. ٽي ڏينھن برابر جنگ پئي ھلي پر فيصلو ڪونه ٿي ٿيو. نيٺ چوٿين ڏينھن صبح جو سوير راجا ڏاھر پنج ھزار سوار ۽ ويھه ھزار پيادا ۽ ھڪ سؤ ھاٿي وٺي پاڻ جنگ جي ميدان ۾ آيو. پاڻ لشڪر جي وچ ۾ ھاٿيءَ تي چڙھيل ھو ۽ تير ڪمان ھٿ ۾ ھوس. ٻن ٻانھين کيس پان سوپاري پي ڏنو ۽ تير به کنيو پئي ڏنائوس. اھو پويون ڏينھن رمضان مھيني جي ڏھين تاريخ ھئي. عربن کي روزا ھئا. ڏاھر سان سندس ٻئي پٽ جيسيئن ۽ ڏھرسيئن گڏ ھئا. ڪن سنڌين جي صلاح ۽ سونھپ تي عربن جو ڳچ لشڪر، ڏاھر جي لشڪر جي پٺيان اچي نڪتو. پوءِ عربن ٻنھي طرفن کان گهڻي ڪاھ ڪئي. ڏاڍي سخت جنگ لڳي. راجا ڏاھر کي ھڪڙو تير لڳو ۽ سندس ھُودي کي به اچي باھ لڳي. ھاٿي ٽپڻ لڳو ۽ وڃي ڍنڍ ۾ وڌائين. راجا گپ ۾ ڪري پيو جتي ڪنھن عرب ترار ھڻي ماري وڌس. سگهو ئي سنڌ جو لشڪر ڀڄي ويو. راجا جي پٽن توڙي سندس گهر جي ڀاتين سڀني ڀڄي وڃي راور جي قلعي ۾ پناھ ورتي. محمد قاسم ھڪدم انھيءَ قلعي کي وڃي گھيرو ڪيو.


    سبق ستون: ھندو راجائن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت

    ھندن جي زماني ۾ راجا کي ھر قسم جو اختيار ھوندو ھو. جئن وڻندو ھوس تئن ڪندو ھو. ھڪڙو وزير رکندو ھو، جو سندس صلاحڪار ھوندو ھو. ملڪ جي جدا جدا ڀاڱن ھلائڻ لاءِ ننڍا حاڪم ھوندا ھئا. انھن مان ڪي خود راجا جا پٽ يا ويجها مائٽ به ھوندا ھئا. راجا ڪنھن به رعيتي ماڻھوءَ جي جان توڙي ملڪيت پنھنجي مرضيءَ موجب وٺي سگهندو ھو. ڌرم جي ڪمن ۽ رسمن ۾ برھمڻ ۽ مڙھين ۽ مندرن جا مھندار ھٿ وجهندا ھئا، پر اُھي به اڪثر راجا جي حڪم موجب ھلندا ھئا. اڪثر وڏا وڏا ڪم نجومين يا جوتشين جي پڇڻ کان پوءِ ڪندا ھئا. رعيتي ماڻھو چوپائي مال ۽ سونَ جي پنجاھين پتي راجا کي ڏيندا ھئا. اَن جي پيدائش مان اٺين پتي ۽ وڻن، گھه، ماکي ۽ ٻين واپار جي شين مان ڇھين پتي ڏيندا ھئا. ڪاسبي ماڻھو ھر مھيني ۾ ھڪڙو ڏينھن راجا جي ڪم ڪرڻ لاءِ ٻڌل ھئا. راجا لشڪر رکندو ھو ۽ انھن جي مٿان سپه سالار ۽ ٻيا ننڍا عملدار به رکندو ھو، پر اڪثر پاڻ جنگ ۾ شامل ٿيندو ھو ۽ مارجي به ويندو ھو. کانئس پوءِ سندس وڏو پٽ سندس جاءِ تي ويھندو ھو. وڏن وڏن شھرن ۾، خاص گاديءَ جي ھنڌ ۾ البت حڪومت جو بھتر بندوبست ھوندو ھو. ٻاھرين ننڍن شھرن وارا ماڻھو پنھنجي منھن رھندا ھئا ۽ ڌنڌن ۽ ھنرن وارا ماڻھو راڄ ۾ ھڪ ٻئي جو ڪم ڪندا ھئا. انھيءَ لاءِ ھنن کي فصلن لھڻ وقت ڪي ٺھرايل انگ ابواب ملندا ھئا پر مٿن چورن جي ڏولين ۽ ٻين زور ڀرين پاسي وارين قومن جون ڪاھون ۽ ڦريون ماريون ٿينديون رھنديون ھيون، انھن کان ڳوٺن جا ماڻھو پاڻ کي پاڻھي بچائيندا ھئا. ڪڏھن ته ھڪڙا پيا ھر ڪاھيندا ھئا ۽ پوکون سنڀاليندا ھئا ۽ ٻيا آس پاس پيا پھرو ڏيندا ھئا. آباديءَ لاءِ واھ يا مسافرن جي لاءِ شاھي سڙڪون يا پُلون يا ڌرم سرايون ڪين ھيون. آدمشماري تمام ٿوري ھئي، ته به ڏڪار بيماريءَ وقت ھنن کي سرڪاري مدد ڪا نه ملندي ھئي. سادو ڪپڙو ڪوري اُڻندا ھئا ۽ ڪنڀرن ۽ لوھارن ۽ واڍن ۽ رازن ۽ سونارن جو ڪم ھلندو ھو، پر تمام سادي قسم جو. نڪي ڪي چڱا گهر ھوندا ھئا، نه ڪي ٻيون سک ۽ آسائش جون شيون ھونديون ھيون. لکڻ پڙھڻ ۽ پاڙھڻ جو حال ڪونه ھوندو ھو. ڪي برھمڻ لکڻ پڙھڻ ڄاڻندا ھئا، پر عام خلق کي ڪا به خبر ڪا نه ھئي. سرڪاري لکپڙھ جو البت ڪجھه بندوبست ھو، پر اُھو به پُورو پنو.


    سبق اٺون: عربن جي حڪومت

    راجا ڏاھر جي مرڻ کان پوءِ سندس ھڪڙو پٽ ڏھر سيئن ڀڄي وڃي برھمڻ آباد کان نڪتو ۽ ٻيو پٽ جيسيئن، سو وري ڪشمير جي راجا وٽ وڃي نڪتو. محمد قاسم پٺيانس پيو ۽ نيٺ الور ۾ آيو جتي ڏاھر جو ٽيون پٽ فوفي رھيل ھو. انھن کي پيءُ جي مرڻ جي خبر نه ھئي تنھنڪري اھو سامھون ٿيڻ لڳو. پر جڏھن اھا خبر پيس تڏھن ڀڃي ويو ۽ محمد قاسم الور به فتح ڪيو. پوءِ اتان ڪشمير ڏي منھن رکيائين ۽ اھو به فتح ڪيائين. ڪشمير کان پوءِ وري ملتان تي ڪاھيائين ۽ اھو به ورتائين. پوءِ قنوج تي ڪاھڻ جو خيال ڪيائين، جو گاديءَ جو ھنڌ ھو. پر اتي محمد قاسم کي موٽي بغداد ۾ وڃي حاضر ٿيڻ جو حڪم مليو، سو فتح ڪيل ملڪن تي نائب مقرر ڪري پاڻ اوڏي روانو ٿيو.
    سنڌ جي فتح ۾ گهڻو مال ۽ خزانو محمد قاسم کي ھٿ آيو. اھو سڀ ۽ سٺ ھزار قيدي ۽ راجا ڏاھر جون ٻه ڌيئون ۽ ٻيون ٽيھارو کن مائٽاڻيون خود راجا جي سسيءَ سميت، ھن حجاج ڏي ڏياري موڪليا، جنھن وري اُھي سڀ خليفي عبدالمالڪ ڏي ڏياري موڪليا. راجا جي ڌيئن جي دانھن تي خليفو محمد قاسم تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ ھڪدم ھن کي پاڻ وٽ گهرايائين. انھيءَ حڪم پٺيان محمد قاسم موٽي ويو، پر پھچڻ کان اڳي ئي مري ويو.
    تنھن کان پوءِ خليفن جا نائب وقت بوقت سنڌ تي حڪومت ڪندا آيا. اٺين عيسوي صديءَ جي وچ تائين اُميه خليفن جي حڪومت ھلي. پوءِ وري بني عباس خليفن جي ھلي، جا عيسوي تيرھين صديءَ جي وچ تائين ھلي. پوءِ تاتارين بغداد ورتو ۽ انھن جي حڪومت شروع ٿي.
    انھن عربن جي حڪومت ۾ ڪيتريون ئي عرب قومون سنڌ جون رھاڪو ٿي ويون ۽ سنڌين سان گڏجي ويون. ھاڻوڪيون گهڻيون سنڌي قومون انھن جون اولاد آھن. ۽ انھي ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي لفظ پيا ۽ مسلمان گهڻا ٿيا ۽ عربي سنڌي ٻولي جو بنياد پيو، جا اڃا تائين ھلندي اچي.
    عيسوي يارھين صديءَ ۾ سنڌ عربن جي ھٿان نڪري دھليءَ جي بادشاھن جي ھٿ ۾ آئي، ۽ انھن مان پھريون سلطان محمود غزنوي ھو.


    سبق نائون: محمود غزنوي ۽ ٻين دھلي جي بادشاھن جي حڪومت

    پوئين بني عباس خليفي قادر بالله جي راڄ ۾، يعني يارھين عيسوي صدي جي مھڙ ۾ فردوسي شاعر سلطان محمود غزنويءَ جي گلا ۾ ھڪڙو بدناموسي جھڙو شعر لکيو ۽ پوءِ اُتان ڀڄي اچي خليفي وٽ پناھ ورتائين. سلطان ماڻھو موڪلي انهيءَ جي ٻانھن گهري. خليفي نه ڏني. تنھن تي سلطان محمود ڪاوڙجي خليفي جي ملڪ تي ڪاھيو ۽ سنڌ جي نزديڪيءَ وارا ڀاڱا ورتائين ۽ اڳڀرو ھلي اُچ ۽ ملتان ۽ پنجاب جو ڪو ڀاڱو ورتائين. اُتان وري پنھنجي وزير عبدالرزاق کي سنڌ وٺڻ لاءِ موڪليائين. انھيءَ پھرين سيوھڻ تائين ملڪ ورتو پوءِ ٺٽو اچي ورتائين ۽ عربن کي تڙي ڪڍيائين. پر رڳو عربن جي نائبن ۽ حاڪمن ۽ علمدارن کي ڪڍيائين، مگر عرب ماڻھو سنڌ ۾ اھڙا ڄمي ۽ ڏيھي ٿي ويا ھئا جو نڪرڻ جا نه ھئا. انھن مان ڪن معتبرن کي حاڪم مقرر ڪري پاڻ موٽي ويو.
    اھو محمود، سبڪتگين جو پٽ ھو، جو پھرين رواجي ماڻھو ھو، پوءِ زور وٺي ويو. سبڪتگين مرڻ مھل ٻه پٽ ڇڏيا، ھڪڙو اسماعيل ۽ ٻيو محمود. اسماعيل کي پنھنجو وارث ڪري ويو، پر محمود ھمٿ ڀريو جوان ھو ۽ تيرھن ورھين جو مس ھو. ھن پنھنجي ڀاءُ سان وڙھي انھيءَ کي کڻي قيد ڪيو ۽ پاڻ غزنيءَ جو حاڪم ٿي ويھي رھيو. غزني پنجاب ۽ سنڌ کي ويجهي آھي. اُتان سنڌ ۽ پنجاب تي ڪاھڻ سولو ٿيس. ھن ھندستان تي ٻارھن ڀيرا ڪاھُون ڪيون ۽ ھر ھڪ ڀيري خوب ڦرلٽ ڪري، مندر ۽ مڙھيون ڦري، خزانو گڏ ڪري ھليو ويندو ھو. پڇاڙيءَ ۾ گجرات وارو سومناٿ وارو مشھور مندر ڦريائين جنھن ۾ ھن کي آس پاس وارن راجائن سان ڏاڍي جنگ ڪرڻي پئي.
    انھيءَ محمود غزنوي جي گهراڻي ھيٺ سنڌ آئِي، جنھن جا نائب اچي اُتي حڪومت ڪندا ھئا. انھي گهراڻي جا چوڏھن بادشاھ ٿيا ۽ انھن مان پويون خسرو ملڪ ھو، جنھن جي راڄ ۾، ٻارھين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾، غياث الدين غوري ھندستان تي ڪاھ ڪئي ۽ لاھور ۾ خسرو کي قيد ڪري پاڻ بادشاھ ٿيو. انھيءَ کان پوءِ سنڌ غوري گهراڻي جي بادشاھن جي ھٿ ۾ آئي. انھن کان پوءِ خلجي ۽ تغلق گهراڻن جي بادشاھي به انھن جي ھٿ ۾ ھئي. تغلق گهراڻي جو پويون بادشاھ محمود شاھ ھو، جنھن جي ڏينھن ۾ چوڏھين صديءَ جي پڇاڙ يءَ ۾ امير تيمور صاحبقران پنجاب ۾ ڪاھي آيو. دھليءَ جي بادشاھ کي پنھنجي اچي لڳي تنھنڪري سنڌ جا حاڪم، جي انھيءَ وقت سومرن جي قوم مان ھئا ۽ منجھان مکيه ڄام خيرالدين ۽ ڄام جوڻو ھئا، سي خودمختيار ٿي ويھي رھيا.


    سبق ڏھون: عربن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت

    عربن جي حڪومت ۾ سنڌ جي ھلائڻ لاءِ جيڪي حاڪم مقرر ٿيندا ھئا سي حقيقت ڪري مقاطعدار ھوندا ھئا، يعني ٺھرايل رقم خليفي کي پھچائي ڏيندا ھئا ۽ ملڪ مان پنھنجي مرضيءَ موجب جيڪي پيدا ڪندا ھئا سو پاڻ رکندا ھئا. ملڪي ۽ حسابي ڪم وري به ڏيھي ماڻھن جي ھٿ ۾ ھوندو ھو. لشڪر ۾ به ڏيھي ماڻھو ھوندا ھئا، جن کي پري پري جنگ ڪرڻ لاءِ موڪليندا ھئا. جيڪي سردار ھوندا ھئا يا جن کي انعامن جو حقدار سمجهندا ھئا تن کي زمينون ۽ جاگيرون ڏيندا ھئا، انھي شرط تي ته جنگ جي لاءِ ھو لشڪر موجود ڪري ڏيندا. گهڻي زمين ته عربن مسجدن ۽ مسافرخانن ۽ کوھن ۽ ٻين خيراتي ڪمن ۾ لڳائي. اگرچه غريب مسلمان ھئا ته به سنڌ جي ماڻھن ۾ ڪو به مذھبي زور ڪونه ھو. گهڻيون قومون خوشي سان حڪمن جي پيروي ڪري مسلمان ٿيون مگر زور سان عربن ڪنھن کي به مسلمان ڪونه ڪيو. مگر ايترو ھو ته جيڪي مسلمان نه ھوندا ھئا تن کان ھڪڙي قسم جو في آسامي محصول وٺندا ھئا جنھن کي جزيه چوندا ھئا. زالون ۽ ٻار انھيءَ محصول کان آزاد ھئا. غريب ماڻھوءَ کان سال ۾ ٻارھن درم وٺندا ھئا، وچولي درجي واري کان چوويھه درم، دولت مند ماڻھوءَ کان اٺيتاليھه درم. ڪن قومن تي وري جدا جدا ڪم رکيل ھوندا ھئا، جيئن ته جت، لوھاڻا، سھتا، ماڇي، مھاڻا وغيره ڪي سونھا ٿي رستا ڏيکاريندا ھئا، ڪي ڪتا آڻيندا ھئا، ڪي ٻيون خاص شيون مھيا ڪري ڏيندا ھئا. سڀني کي حڪم ھو ته مسلمان مسافر کي ڳوٺن ۾ ٽن ڏينھن تائين مھمان رکن ۽ کاڌو پھچائن ۽ رھڻ لاءِ جايون ڏين. ڪن نيچ قومن کي جتي پائڻ کان منع ھئي، ڪن کي گهوڙي تي چڙھڻ کان، ڪن کي مٿي ڍڪڻ کان، ڪن کي چڱن ڪپڙن ڪرڻ کان. جيڪي مسلمان ھوندا ھئا تن تي في آسامي محصول زڪوات کان سواءِ ٻيو ڪونه ھو يعني في سيڪڙي سال جي پيدائش تي اڍائي رپيا. زميندارن کان سرڪاري واھن جي پيچ واري آباديءَ تان پيدائش جو 5/2 وٺبو ھو يعني پنجن حصن مان ٻه ۽ ٻين خانگي واھن يا ٻئي بندوبست تان ٿيل پيدائش جو 10/3 ڀاڱو وٺبو ھو ۽ پاڻھي آيل پاڻيءَ واري پيدائش جو 4/1 ڀاڱو وٺبو ھو. ڪن ڏينھن کان پوءِ انھن حصن ۾ به ٿورو ڦير ڦار يا واڌارو ٿيو. بندرن تان آيل واپار جي مال تي به محصول وٺبو ھو.
    عربن جي ڏينھن ۾ واپار جو موچارو چڱو بندوبست ھو ۽ پاسي وارن گهڻن ملڪن سان واپار ھلندو ھو ته جيئن غزني، قندھار [قنڌار]، سيستان، خراسان، ترڪستان وغيره. ھندستان ۾ سلون ٻيٽ ۽ ملبار تائين واپار ھلندو ھو ۽ ملبار مان ٻيڙين جي لاءِ ڪاٺ ايندا ھئا. عربستان مان گهوڙا ۽ ٻين ولايتن مان ٻيو اتي جو مال جام ايندو ھو.
    انصاف جو بندوبست مسلماني شرع موجب ٿيندو ھو، يعني قاضي مقرر ٿيندا ھئا، جي مسلمان ڌر ھئڻ جي حالت ۾ فيصلو ڪندا ھئا. مگر جي ٻئي ڌريون ھندو ھوندا ھئا ته انھن جو فيصلو سندن پنچات ڪندي ھئي.
    ڏھين عيسوي صديءَ ۾ جڏھن منصوره شھر، برھمن آباد ويجهو، تختگاه ھو ۽ الور انھيءَ جو زيردست ھو، تڏھن سنڌ جي حڪومت جو نھايت گهڻو ئي زور ھو. اھو شھر منصور بن جمھور عرب حاڪم جو ٻڌل ھو. انھي وقت اتي ۽ ملتان ۾ پارسي ۽ سنڌي ٻولي ڳالھائبي ھئي. يارھين عيسوي صديءَ ۾ سنڌ جو زور ڏسي سلطان محمود غزنويءَ سنڌ تي ڪاھ ڪئي.


    سبق يارھون: سومرن جي حڪومت

    ڪن تاريخ نويسن لکيو آھي ته عيسوي ڏھين صديءَ ۾ ڪي عرب سامره مان سنڌ ۾ اچي رھڻ لڳا، جن کي پوءِ سومرن جو نالو مليو. پر حقيقت ڪري سومرا اصل راجپوت ھندو ھئا، ھي پوءِ مسلمان ٿيا جيئن سَمان قوم جا ماڻھو ٿيا. انھن مان مکيه سومره يا ابن سومار ھو، جو ملتان جو حاڪم ٿيو. پوءِ ٿورو ٿورو ڪري سومرا ھيٺ سنڌ ۾ آيا ۽ سندن گهراڻي جو بنياد پيو. دھليءَ جي بادشاھن جي ڏينھن ۾ سومرن مان ڪي سنڌ جي ڀاڱن جا حاڪم ھوندا ھئا؛ خاص سنڌ جي ڏکڻ ۽ ڪڇ جي پاسي، پر پوءِ جڏھن تغلق گهراڻي ۾ ڦيٽاڙو پيو تڏھن سومرا خودمختيار ٿيا.
    سومرن جي حڪومت يارھين عيسوي صديءَ جي وچ کان وٺي پندرھين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين ھلي. مڙئي اوڻيھه ڄڻا ھن گهراڻي مان حاڪم ٿيا. پھريان سومرا حاڪم تمام ڏاھپ ۽ عدل انصاف سان حڪومت ھلائيندا ھئا، پر پوئين ٽن چئن چڱي حڪومت نه ڪئي. تنھنڪري راڄ ۾ اچي فساد پيو، جنھنڪري نيٺ حڪومت نڪري سمن جي ھٿ ۾ آئي. انھن جي گاديءَ جو ھنڌ ٺٽو ھو ۽ انھن کي ڄام سڏيندا ھئا. انھن مان مشھور دودو ۽ خفيف ھئا، جن ملڪ گهڻو وڌايو ۽ سرحدي قومن بلوچن ۽ سوڍن ۽ جاڙيجن سان وڙھي انھن کي شڪستون ڏنائون. نصرپور ۽ عمرڪوٽ ۽ ڪڇ اھي سڀ سندن ھٿ ۾ آيا. انھن سومرن ڄامن مان چنيسر مشھور ٿي گذريو جنھن ارڙھن ورھه حڪومت ڪئي. ھن راڻي کنگهار جي ڌيءَ ليلان سان شادي ڪئي ۽ ليلان چنيسر قصو سنڌ ۾ مشھور آھي. ڄام عمر به مشھور ٿي گذريو آھي جنھن عمرڪوٽ ٻڌو ۽ ماروئي [مارئي] آندي جنھن جو قصو سنڌ ۾ پڻ مشھور آھي. انھيءَ ڄام به پنجٽيھه ورھه حڪومت ڪئي.
    ٻيو مشھور ڄام ھمير ٿي گذريو جو ڏاڍو ظالم ھو. راڻو مينڌرو انھيءَ جو وزير ھو. ٻئي عيش ۽ عشرت ۽ بدچاليءَ جي ڪري مشھور آھن. مومل ۽ راڻي جو قصو به سنڌ ۾ مشھور آھي. انھيءَ پوئين ظالم حاڪمن جي ڏينھن ۾ الور ۽ ڀانڀره يا برھمن آباد جا قديم وڏا شھر زمين ڌٻڻ جي ڪري ناس ٿي ويا، جو اڃان سندن نشان پيا ڏسجن. دلوراءِ الور جا راجا ۽ صيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جن جا قصا سنڌ ۾ ٻڌبا آھن سي به انھيءَ وقت ۾ رھندا ھئا.
    اھڙن حاڪمن جي حڪومت کان ماڻھو منجھان بيزار ٿي پيا ۽ ملڪ ۾ فساد پيدا ٿيڻ لڳا.


    سبق ٻارھون: سومرن جي حڪومت جي زواليت ۽ سمن جو زور

    انھن پوئين حاڪمن جي ظلم کان ڇٽڻ لاءِ گهڻا سمان ماڻھو فساد ڪري ڪيترن سومرن کي ماري ڪڇ ڏي لڏي ڀڄي ويا. اُتي جي راجا يا راو ھنن کي پناھ ڏني ۽ ان جي عيوض سمان ھر سال فصل لٿي پنج گاڏيون ڪرٻ جون پھچائيندا ھئا. ڪيترن ورھين تائين سمن ائين پئي ڪيو. جڏھن ھو پاڻ ۾ گهڻا ٿيا ۽ زور ورتائون تڏھن گهڻا جنگي جوان ھٿيار ن سوڌا ڪڙٻ ۾ لڪي ڪوٽ جي اندر ويا ۽ اُتي رات جو نڪري ڪڇ جي راجا کي ماري قلعو وٺي پاڻ حاڪم ٿي ويٺا.
    سومرن جي ظلم کان انھي سمن ۽ ٻين ڪيترين قومن دھليءَ جي سلطان علاؤالدين وٽ فريادون نيون ۽ انھن کان مدد گهريائون. ھن ھڪڙو وڏو لشڪر سالار خان جي ھٿ ھيٺ سنڌ ۾ موڪليو. سومرن پھرين زالون ۽ ٻار ٻچا ھڪڙي امير ابڙي سمي سان ڪڇ ڏي موڪلي ڏنا پوءِ ھو سلطان جي لشڪر سان وڙھڻ لڳا، پر سگهو ئي جيتجي پيا ۽ پاڻ به ڪڇ ڏي ڀڳا ۽ سلطان جو لشڪر به پٺيان ڪاھيندو وين. اڳيان وري ابڙو سمو ڦري ڪڇ جي سمن سان گڏجي ھنن کي مارڻ آيو. سومرا ٻن باھين جي وچ ۾ اچي پيا ۽ ٿورئي [ٿوري ئي] عرصي ۾ سڀ مارجي چٽ ٿي ويا. سندن مکيه شھر محمد نور سلطان جي لشڪر ۽ سمن ڀڃي ناس ڪري ڇڏيو ۽ سمن وري پنھنجو شھر ساموئي ٻڌو، جو ٺٽي جي ويجهو ھو.
    اِھي سما ماڻھو سنڌ جا اصل رھاڪو ھئا ۽ برھمڻ گهراڻي جي راڄ ۾ به اُتي ھئا. اُھي اصل ٻڌ ڌرم جا ھئا ۽ ڪي راجپوت به ھئا. چوڏھين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ مسلمان ٿيا. انھن جو مکيه شھر سما نگر ھو، جو ھاڻوڪي سيوھڻ جي جاءِ تي سنڌو نديءَ جي ڪناري تي ھو، پوءِ جڏھن زور ورتائون تڏھن ساموئي ۾ آيا ۽ پوءِ ننگر ٺٽي ۾ رھڻ لڳا.
    پر ڪي تاريخ نويس چون ٿا ته سمان سام جو اولاد آھن ۽ اُھو سام حضرت نوح نبيءَ جو ھڪڙو پٽ ھو. ڪي چون ٿا ته اُھو سام مسلمانن جي نبيءَ جي ھڪڙي چاچي جو پٽ ھو. پر پھرين ڳالھه برابر ٿي ڏسجي ته سومرن وانگي سمان به اصل ھندو ھئا، پوءِ مسلمان ٿيا. جڏھن ھنن زور ورتو تڏھن سندن سردار ڄام سڏجڻ لڳو.


    سبق تيرھون: سمن جي حڪومت

    عيسوي چوڏھين صديءَ جي وچ ڌاري سمن جو پھريون سردار، جو سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو، سو ڄام اُنڙ پٽ بابيني جو ھو. انھيءَ سگهو ئي زور وٺي ڪاھ ڪري سيوھڻ ورتي ۽ دھليءَ جي بادشاھ جي نائب کي ماري ڇڏيائين. پوءِ اچي شراب خوري ۽ عيش عشرت کي لڳو ۽ ملڪ ۾ دنگا فساد ٿيا، جن ۾ کيس ماري ڇڏيائون ۽ سندس ڀاءُ جوڻي کي گاديءَ تي وھاريائون. اُنڙ جو راڄ ساڍا ٽي ورھه ھليو.
    ڄام جوڻي به ڪاھ ڪري بکر ورتو، جو ترڪن جي ھٿ ۾ ھو. انھيءَ ڪري دھليءَ جي بادشاھ سلطان علاؤالدين سنڌ تي وڏو لشڪر موڪليو، پر انھن جي اچڻ کان اڳي ئي جوڻو تيرھن ورھين جي راڄ کان پوءِ مري ويو ۽ سندس ڀائٽيو تماچي پٽ اُنڙ جو ڄام ٿيو. سلطان جي لشڪر اچڻ ئي سان بکر ورتو ۽ پوءِ سيوھڻ به اچي ورتائين ۽ ڄام تماچيءَ کي سندس ساري ڪٽنب سميت قيد ڪري دھليءَ وٺي ويو. پندرھن ورھين کان پوءِ جڏھن ڄام تماچي مُئو تڏھن سندس پٽ خيرالدين کي سنڌ جو حاڪم ڪري موڪليائين. ھي ڏاڍو انصاف وارو حاڪم ھو. سندس مرڻ تي سندس پٽ بابيدو ڄام جي ڏينھن ۾ سلطان فيروز شاھ گجرات فتح ڪري سنڌ ۾ آيو. ڄام سامھون ٿيس. سلطان پھرين ھٽي ويو، پر پوءِ وڏو لشڪر آڻي ڄام بابيني کي قيد ڪري دھلي وٺي ويو. ڪن ڏينھن کان پوءِ ڄامَ سلطان کي اھڙو خوش ڪيو جو ھن وري سنڌ ڏي موڪليس. ٻارھن ورھيه راڄ ڪري ڄام بابينو مئو ۽ سندس ڀاءُ تماچي ڄام ٿيو، جنھن تيرھن ورھه چڱو راڄ ڪيو، پوءِ سندس پٽ صلاح الدين يارهن ورهه راڄ ڪيو، جنھن جي مئي کان پوءِ انھيءَ جو پٽ نظام الدين ڄام ٿيو.
    انھن کان پوءِ ست ڄام ٻيا به ٿيا، پر مشھور ڪين آھن. انھن کان پوءِ جو ٻيو ڄام نظام الدين ٿيو اھو تاريخ ۾ مشھور آھي. انھيءَ کي اڪثر ڄام نندو ڪري سڏيندا آھن. انھيءَ جو راڄ عيسوي پندرھين صديءَ جي وچ ڌاري ھو. ھو تمام پڙھيل ۽ علم دوست ۽ انصاف پسند ماڻھو ھو. ملڪ کي تمام چڱو سڌاريائين. ھن 48 ورھيه راڄ ڪيو. ھن جي پڇاڙيءَ وارن ڏينھن ۾ مغلن جو لشڪر مرزا شاھ بيگ ارغون جي ھٿ ھيٺ قندھار مان ڪاھي چانڊڪي پرڳڻي ۾ آيو يعني لاڙڪاڻي واري ڀاڱي ۾. پر ڄام نندي وڏو لشڪر دريا خان سردار جي ھٿ ھيٺ اوڏي روانو ڪيو، جنھن مغلن کي شڪست ڏئي ڀڄائي ڪڍيو. ھن ڄام پنھنجو گاديءَ جو ھنڌ ساموئي مان ڪڍي ٺٽي ۾ ڪيو، جو پاڻ ٻڌايائين.


    سبق چوڏھون: سمن جي حڪومت جي پڇاڙي

    ڄام نندي جي مرڻ تي سندس صغير پٽ ڄام فيروز گاديءَ تي ويٺو ۽ دريا خان ھن جي طرفان حڪومت ھلائيندو ھو. جڏھن ڄام فيروز وڏو ٿيو تڏھن عيش عشرت کي لڳو ۽ دريا خان جي چئي تي نه ھليو تنھنڪري ھو پنھنجو عھدو ڇڏي وڃي پنھنجي جاگير ۾ ويٺو. انھيءَ وچ ۾ ملڪ جو خراب حال ڏسي گجرات جي بادشاھ جو لشڪر ٺٽي تي ڪاھي آيو. ڄام فيروز ۽ ٻين ماڻھن منٿ ڪري دريا خان کي آندو، تنھن تجويز ڪري انھيءَ لشڪر کي ڀڄائي ڪڍيو. تنھن کان پوءِ ڄام فيروز آرام سان حڪومت ڪرڻ لڳو، پر دريا خان کي زور وارو ڏسي ھميشه ھن کان ڊپ رکندو ھو. تنھنڪري ھن جي زور ڀڃڻ ۽ پنھنجي بچاءُ لاءِ ارغون مغل گهراڻي جا ڪي ماڻھو پاڻ وٽ نوڪر رکيائين. انھن جي ڳجھن پيغامن تي مرزا شاھ بيگ ارغون، قندھار کان ھڪ وڏو لشڪر وٺي ٺٽي تي ڪاھي آيو.
    ارغون چنگيز خان مغل جي اولاد مان ھئا ۽ اھو مرزا شاھ بيگ قندھار جي حاڪم امير ذوالننون جو پٽ ھو ۽ ھاڻ انھيءَ جي مرڻ تي سندس جاءِ تي حاڪم ھو. بابر بادشاھ قندھار تي ڪاھي ھن کي قيد ڪيو ھو، پر ھو تجويز ڪري قيد مان ڀڄي قندھار ڇڏي ھڪ ھزار ماڻھن سان سنڌ ۾ آيو. ڄام نندي ۽ سنڌ جي ٻين ماڻھن وري به دريا خان کي منٿ ڪري وٺي آندو، سو اچي ارغون مغلن جي سامھون ٿيو. ڏاڍي جنگ لڳي جنھن ۾ ٻنھي طرفن جا گهڻا ماڻھو ماريا. نيٺ مغل شڪست کائي موٽي ويا ۽ دريا خان موٽي ٺٽي ۾ آيو، پر سگهو ئي پوءِ شاھ بيگ وري ٺٽي تي ڪاھي آيو. دريا خان وري به وڃي سامھون ٿيس. ٻي جنگ لڳي جنھن ۾ سنڌين شڪست کاڌي ۽ دريا خان مارجي ويو. ڄام فيروز ٻار ٻچا ڇڏي ڀڄي ويو. شاھ بيگ اچي ٺٽو ورتو. ڄام جون توڙي ٻين گهڻن سکرن جون زالون ۽ ٻار ٻچا قيد ٿي پيا. آخر ڄام فيروز اچي پيش پيو ۽ شاھ بيگ ھن کي معافي به ڏني ۽ ٺٽي کان وٺي لڪيءَ جي ٽڪرن تائين ملڪ به وري سندس حوالي ڪيو ۽ ٻيو ملڪ پنھنجي ھٿ رکيائين. سيوھڻ ۽ بکر جي پرڳڻن ۾ پنھنجي طرفان نائب مقرر ڪري پاڻ سيوِيءَ ڏي موٽي ويو.
    ٿورن ورھين کان پوءِ يعني 1520ع ۾ ڄام جي مائٽن مان ھڪڙو صلاح الدين نالي، جو گاديءَ جي طمع رکندو آيو ۽ گجرات جو بادشاھ سلطان مظفر سندس ناٺي ھو ۽ جنھن اڳي به سندس مدد لاءِ لشڪر موڪليو ھو، سو ھاڻ به انھيءَ کان ڏھ ھزار لشڪر وٺي ٺٽي تي ڪاھي آيو. ڄام فيروز، شاھ کان مدد گهري ۽ انھيءَ ھڪڙو لشڪر پنھنجي پٽ مرزا شاھ حسن جي ھٿ ھيٺ ڏياري موڪليس. صلاح الدين مارجي ويو ۽ مرزا شاھ حسن فتح ڪري موٽي پيءُ کي باغبان وٽ اچي پھتو.


    سبق پنڌرھون: ارغون مغل گهراڻي جي حڪومت

    مٿي چيو ويو آھي ته ڄام فيروز رڳو ٺٽي جو حاڪم ھو ۽ مرزا شاھ بيگ جي تابع ھو، ٻي سنڌ سڄي ھن جي ھٿ ۾ ھئي. شاھ بيگ جي طرفان بکر ۾ مير فاضل نائب ھو. ڪن ڌاريجن وڏيرن، لوھري يعني روھڙيءَ ۾ اچي ميڙ ڪيو ۽ بکر تي ڪاھ ڪرڻ جو ارادو ڪيائون، پر مير فاضل ھنن کي پڪڙي مارائي ڇڏيو. اتي شاھ بيگ پاڻ به بکر ۾ آيو. الور يعني اروڙ جي ڊٺل ڪوٽ جون سرون گهرائي بکر جي ڪوٽ جي مرمت ڪرايائين ۽ مغلن جا گهر جوڙايائين. انھيءَ سوڙھ ڪري بکر جا سيد لڏي وڃي درياھ جي ھن ڀر لوھريءَ ۾ ويٺا جتي اڃا تائين رھندا اچن ۽ انھن کي ڪوٽائي سيد چوندا آھن. تنھن کان پوءِ ڪن بلوچن فسادين تي ڪاھ ڪري ھنن جا ڪيترائي ڳوٺ ناس ڪيائين.
    ٻئي سال مرزا شاھ بيگ مير فاضل کي ساڻ ڪري گجرات فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو. رستي ۾ مير فاضل اوچتو بيمار ٿي مري ويو. شاھ بيگ ھن جي پٽ سلطان محمود کي پيءُ جي جاءِ تي بکر جو نائب مقرر ڪيو ۽ پاڻ اڳتي ھليو. جڏھن ڦٽو لنگهي اگهم جي ڳوٺ وٽ آيو تڏھن پاڻ به اوچتو بيمار ٿي مري ويو ۽ سندس پٽ مرزا شاھ حسن نصرپور جي شھر ۾ سندس گاديءَ تي ويٺو.
    سگهوئي ڄام فيروز لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو. مرزا شاھ حسن کي منجھس شڪ پيو، سو گجرات جي چڙھي ڇڏي پٺ تي موٽيو. ڄام فيروز ڊپ کان درياھ لنگهي ڪڇ ڏي ڀڳو ۽ رواجي مدد سان پنجاھ ھزار لشڪر وٺي وري سنڀري آيو ۽ مغلن سان ڏاڍي جنگ ڪيائين. پر نيٺ شڪست کائي وري گجرات ڏي ڀڄي ويو جتي آخر مري ويو. مرزا شاھ حسن ٺٽو ھٿ ڪري پوءِ ھالن ۽ درٻيلي مان لنگهندو بکر آيو، جتان اُٻاوڙي ۽ ماٿيلي جي پاسي ڏي فساد ڪندڙن ڏھرن ۽ ماڇين ۽ بلوچن کي سيکت ڏئي سيوِيءَ ڏي ويو ۽ اُتي به رندن ۽ مگسين کي ماري مڃائي بکر آيو ۽ پوءِ ملتان تي چڙھي ڪرڻ جي تياري ڪرڻ لڳو.
    سن 1524ع ۾ مرزا شاھ حسن پنھنجن سردارن سلطان محمود ۽ مرزا عيسى ترخان ۽ ٻين سان لشڪر وٺي نڪتو ۽ اُچ ۽ ٻيا قلعا لانگاھن ۽ بلوچن کان کسي ڊاھي پوءِ ملتان ۾ آيو. پر اتي جي حاڪم سلطان حسين لانگاھ ساڻس صلح ڪيو. پوءِ بکر ۽ ملتان جي حد قائم ڪري، مرزا شاھ حسن موٽي بکر آيو. پر ٻئي سال ملتان جي حاڪم فساد شروع ڪيو، تنھنڪري شاھ حسن موٽي ملتان تي ڪاھيو ۽ ڪوٽ کي گھيرو ڪيائين، جو قريب ھڪ سال ھليو. نيٺ مغلن قلعو ورتو ۽ پوءَ مرزا شاھ حسن، بابر بادشاھ کي ملتان تحفو ڪري ڏنو ۽ بابر وري اھو پنھنجي پٽ مرزا ڪامران کي ڏئي ڇڏيو.


    سبق سورھون : ارغونن جي حڪومت جي پڇاڙي

    سگهوئي پوءِ مرزا شاھ حسن کي معلوم ٿيو ته ڪڇ جو راءُ کنگهار ٺٽي تي ڪاھڻ جي تياري پيو ڪري، تنھنڪري پاڻ وڏي لشڪر سان ڪڇ تي ڪاھي ويو. ساڻس سندس سردار سلطان محمود ۽ مرزا عيسى ترخان به ھئا. ڪڇ جي راءُ کي شڪست ڏئي آس پاس جو ملڪ ڦري لٽي موٽي ٺٽي آيو.
    1540ع ۾ بابر بادشاھ جو پٽ ھمايون، جنھن کي شير شاھ افغان دھليءَ مان ڀڄايو ھو سو ٻن لکن ماڻھن سان سنڌ ۾ آيو ۽ پھرين لوھرِيءَ جي ويجهو منزل ڪيائين ۽ مرزا شاھ حسن کان مدد گهريائين، جو وجھه ڏسي عذر ڪرڻ لڳو. پوءِ ھمايون سيوھڻ ۾ آيو، جتي مرزا شاھ حسن ھن کي سامھون ٿيو ۽ قلعي ۾ قابو ٿي ويھي رھيو. ھمايون ست مھينا انهيءَ کي گھيرو ڪري نااميد ٿي موٽي لوھري آيو. بکر جي قلعي وٺڻ جي ڪوشش ڪيائين پر اُھو به نه وٺي سگهيو. پوءِ لاچار ٿي جوڌپور جي راجا جي عرض تي اوڏي ھليو، پر رستي ۾ دغابازيءَ جو شڪ پيس تنھنڪري موٽي پيو ۽ جيسلمير مان لنگهي عمرڪوٽ ۾ اچي منزل ڪيائين، جتي اڪبر پٽ ڄائس. جڏھن بٺوري وٽ آيو تڏھن مرزا شاھ حسن ساڻس اچي وڙھيو. پر پوءِ نيٺ سندن وچ ۾ صلح ٿيو ۽ ھمايون ڳچ رقم وٺي قندھار ڏي ويو.
    پڇاڙي جي ڏينھن ۾ مرزا شاھ حسن بيمار ٿي پيو، تنھنڪري سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن جو ڪم ڪار نائبن جي حوالي ڪري پاڻ رڳو گشت ڪندو وتندو ھو. اھي نائب جتي ڪٿي ظلم ڪرڻ لڳا، تنھنڪري جتي ڪٿي فساد شروع ٿيا. ٺٽي ۾ جيڪي مغل، ارغون ۽ ترخان گهراڻن جا ھئا تن مرزا عيسى ترخان کي پنھنجو مھندار ڪري فساد جو جھنڊو کڙو ڪيو ۽ اتي جي نائب ۽ ٻين کي ماري شاھي خزانو لٽي شاھ حسن جي زال ماھ بيگم کي کڻي قيد ڪيائون. شاھ حسن ڪاوڙجي ڪيترائي ارغون ماريا ۽ بکر وارا مغل به قيد ڪري گهرايائين. سلطان محمود بکر مان آيو ۽ ترخانن سان وڙھڻ لڳو پر مرزا عيسى ترخان ڳجھي طرح ھن سان منصوبو ڪيو ۽ شاھ حسن کي ٻڍو ۽ بيمار ڏسي سنڌ اڌو اڌ ڪري پاڻ ۾ وراھي ورتائون. پوءِ ظاھري طرح شاھ حسن ۽ مرزا عيسى جو پرچاءُ ڪيائون ۽ ماھ بيگم موٽي شاھ حسن کي ڏنائون.
    انھيءَ سال ۾ ڇاھٺ ورھن جي عمر ۾ ۽ ٻٽيھن ورھن جي حڪومت کان پوءِ مرزا شاھ حسن وفات ڪئي ۽ سندس لاش مڪلي تي دفن ڪئي وئي( ). ڪيل انجام موجب مرزا عيسى ۽ سلطان محمود ملڪ ورھايو، جنھن تي ٻيا سردار ناراض ٿيا ۽ سيوھڻ ۾ فساد ڪرڻ لڳا پر مرزا عيسى سيوھڻ ھٿ ڪئي ۽ پوءِ پاڻ ٺٽي ڏي آيو ۽ سلطان محمود بکر ڏي ويو. شاھ حسن کي پٽ ڪونه ھو. سندس زال ماھ بيگم سندس مرڻ کان پوءِ مرزا عيسى ترخان سان شادي ڪئي.


    سبق سترھون: ترخان مغل گهراڻي جي حڪومت

    مرزا عيسي، مرزا محمد ترخان جو پٽ ھو. ترخان به ارغون وانگي چنگيز خاني مغلن جي هڪڙي شاخ ھئي. ھو چڱي سڀاءَ ۽ مروت وارو ماڻھو ھو، تنھنڪري ترخان ۽ ارغون مغل توڙي ٻيا ماڻھو ھن کي گهڻو پسند ڪندا ھئا. ھن پاڻ وٽ گهڻا فرنگي يا فرينچ ماڻھو نوڪر رکيا. ورھ کن کان پوءِ ھن جي سلطان محمود سان ناسازِي ٿي ۽ ھن بکر تي ڪاھيو، پر پٺ تي فرنگين ٺٽي شھر کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ ڦرلٽ ڪري ھليا ويا. انھيءَ ڪري ھن کي سلطان محمود غزنوي سان صلح ڪري پٺ تي موٽڻو پيو. ٿورن ورھن کان پوءِ ارغون ماڻھو مرزا عيسى سان رنج ٿي ٺٽو ڇڏي بکر ڏي ھليا ويا، جتي سلطان محمود ھنن جو طرف وٺي وڏي لشڪر سان سيوھڻ تي ڪاھي آيو پر مرزا عسيى اُتي اچي ھن کي ٻن جنگين ۾ شڪست ڏني. آخر ٻنھي جي وچ ۾ وري به صلح ٿيو.
    سن 1566ع ۾ مرزا عيسى ارڙھن ورھن جي راڄ کان پوءِ مري ويو. ھن کي ماھ بيگم مان ھڪڙو پٽ محمد باقي ھو ۽ ٻي زال مان ننڍو پٽ خان بابا ھو. مرزا عيسى جي مرضي ھئي ته انھيءَ کي تخت تي وھاري، ڇا لاءِ جو محمد باقي سندس حياتيءَ ۾ ڏنگو ۽ فساد ڪيو ھو ۽ سلطان محمود سان وڃي ملت رکي ھوائين. پر ماھ بيگم سندس مرڻ جي ڳالھه لڪائي محمد باقيءَ کي سيوھڻ مان سڏي تخت تي وھاريو.
    مرزا محمد باقي ارغون ماڻھن کي فسادي سمجهندو ھو، تنھنڪري پھرين ھنن سان ميلاپ رکي، ھنن کي دعوت ڏئي گهرائي، سڀني کي ڪھائي ڇڏيائين ۽ پوءِ دغا سان ماڻھو موڪلي سندن زالون ۽ ٻار به قتل ڪرايائين. پوءِ آرام سان حڪومت ڪرڻ لڳو. جيڪي ارغون بکر ڏي ڀڄي ويا ھئا، تن کي مرزا خان بابا گڏ ڪري ڀاءُ کان ملڪ جي حصي وٺڻ لاءِ ڪاھي آيو. ٺٽي جي ٻاھران ڏاڍي جنگ لڳي، جنھن ۾ خان بابا شڪست کاڌي. ٻئي سال ۾ مرزا محمد باقي، اڪبر بادشاھ سان عزازت رکڻ لاءِ پنھنجي ڌيءُ ڏاج سميت پنھنجي ماءُ ماھ بيگم سان گڏ دھلي ڏي ٿي موڪلي ته مرزا خان بابا رستي ۾ اچي ڦرڻ ۽ لٽڻ لڳن، پر محمد باقي اچي پھتو، تنھن ھن کي ڀڄائي ڪڍيو. سگهوئي پوءِ خان بابا ۽ ماھ بيگم ٻئي مارجي ويا. پڇاڙيءَ جي ڏينھن ۾ محمد باقي ڏاڍا ظلم ۽ خونريزيءَ جا ڪم ڪرڻ لڳو. ڪيترا بيگناھ ماڻهو مارايائين. سڀني جو گمان ھو ته ديوانو ٿي پيو آھي. نيٺ سن 1584ع ھڪڙي رات پاڻھي پنھنجو پيٽ ترار سان ڦاڙي پاڻ کي ماري وڌائين. کانس [کانئس] پوءِ سندس خون جي شڪ ۾ ڪيترائي بيگناھ ماڻھو مارجي ويا.


    سبق ارڙھون: ترخانن جي حڪومت جي پڇاڙي

    مرزا محمد باقي جي پٽن مان مرزا جاني بيگ کي ماڻھو پسند ڪندا ھئا تنھنڪري انھيءَ کي تخت تي وھاريائون. ھن جو به سلطان محمود سان جھيڙو ھليو آيو. محمد باقي وانگي سلطان محمود به پنھنجي ڌيءُ جو سڱ اڪبر بادشاھ کي ڏنو ھو، سو ھاڻ جڏھن ھو پاڻ مئو ۽ وارث ڪونه ھوس تڏھن بکر اڪبر بادشاھ جي ھٿ آيو. اڪبر بادشاھ پنھنجي نائب نواب خان خانان کي مرزا جاني بيگ سان وڙھڻ لاءِ موڪليو، جنھن اچي ھن کي شڪستون ڏنيون. نيٺ اڪبر بادشاھ ھن کي روبرو گهرائي مٿس گهڻي مھرباني ڪئي ۽ پنھنجي طرفان ھن کي سنڌ جو نواب مقرر ڪيائين. پر مرزا جاني بيگ پاڻ اُتي رھي پيو ۽ سندس پٽ غازي بيگ نواب ٿي سنڌ ۾ آيو. اٺن ورھن کان جاني بيگ اُتي مري ويو ۽ سندس لاش ٺٽي ۾ آئي.
    مرزا غازي بيگ پھرين ته صغير ھو ۽ ٻه امير کيس سنڀاليندا ھئا ۽ سندس طرفان حڪمراني به ڪندا ھئا. جڏھن وڏو ٿيو تڏھن اڳوڻا عملدار برطرف ڪري نوان رکيائين، تنھنڪري ملڪ ۾ فساد پکڙي پيو، پر ھن ھمت سان سڀني کي ماري مڃايو ۽ پوءِ آرام سان حڪومت ڪرڻ لڳو. ٿورن ورھن کان پوءِ اڪبر بادشاھ ھن کي دھليءَ ۾ سلام لاءِ گهرايو. سگهوئي اڪبر بادشاھ مري ويو ۽ جھانگير تخت تي ويٺو. انھيءَ مرزا غازي بيگ کي قندھار ڏي فساد بند ڪرڻ لاءِ موڪليو. ھن اتي ڏاڍي بھادي ڏيکاري، تنھنڪري ھو قندھار جو نواب يا صوبه دار مقرر ٿيو، حڪم موجب مرزا غازي خسرو خان چرڪس کي ملڪ ھلائڻ لاءِ ٺٽي ۾ ڇڏي پاڻ قندھار ڏي ويو. ھن کي پڇاڙيءَ جي ڏينھن ۾ زبردست ۽ زور وارو ڏسي سندس مائٽ توڙي ٻيا ماڻھو سندس دشمن ٿي پيا. انھن جي چورت تي قندھار ۾ سندس ھڪڙي نوڪر کيس ھڻي ماري وڌو. مرزا غازي بيگ بھادر، سخي ۽ پڙھيل ماڻھو ھو. شعر به چوندو ھو ۽ راڳ جو به شوقين ھو.
    جڏھن خسرو خان، مرزا غازي جي مرڻ جو ٻڌو تڏھن زور وٺي ٺٽي جو مالڪ ٿي ويھي رھيو. ھيءَ خبر ٻڌي جھانگير بادشاھ ٺھراءُ ڪيو ته اڳتي سنڌ جي سنڀال لاءِ به ٻين صوبن وانگي وقت بوقت صوبه دار يا نواب مقرر ڪري موڪلجي، مگر ملڪ ڪنھن ھڪڙي حاڪم جي حوالي نه ڪجي.
    انھيءَ طرح ترخان گهراڻي جي حڪومت ڇٽيھن ورھين کان پوءِ سن 1590ع ۾ پوري ٿي ۽ دھليءَ جي بادشاھن جي صوبه داري يا نوابي شروع ٿي.


    سبق اڻويھون: دھلي جي بادشاھن جي صوبه دارن جي حڪومت

    مرزا غازي بيگ جي مرڻ کان وٺي سؤ ورھن تائين دھليءَ جي بادشاھن جا ايڪيتاليھه صوبه دار سنڌ جي صوبي ھلائڻ لاءِ مقرر ٿي آيا. انھن مان ٽي چار جيڪي مکيه ھئا سي ڏجن ٿا. پنجون صوبه دار مرزا عيسى ترخان ھو، جو مرزا عيسى وڏي جو ڏوھٽو ۽ مرزا غازي بيگ جو سؤٽ ھو. ھو ٺٽي ۾ مئو ۽ سندس قبر مڪليءَ جي ٽڪري تي آھي، جنھن کي مرزا عيسى جي رانڪ سڏيندا آھن.
    ٻاويھون صوبه دار نواب حفظ الله خان ھو جنھن جي ڏينھن ۾ اورنگزيب بادشاھ جو پٽ سنڌ ۾ آيو ھو، انھيءَ لاءِ ته ميان دين محمد سرائي ڪلھوڙي کي قيد ڪري وٺي وڃي، جو ھن زور ورتو ھو. انھي نواب شھزادي جي لنگهڻ لاءِ سيوھڻ وٽ ٻيڙين جي پل بيھاري.
    چوٽيھون صوبه دار نواب اعظم خان ھو، جنھن جي ڏينھن ۾ شاھ عنايت صوفي جھوڪ واري سان بلڙي جي سيدن جي خصومت ٿي ۽ انھن جي دانھن تي بادشاھ فرخ سير جي حڪم سان ميان نور محمد ڪلھوڙو لشڪر وٺي آيو ۽ اچي جھوڪ کي گھيرو ڪيائين پر پڄي نه سگهيو پوءِ ظاھري صلح ڪري اندروني طرح دغا سان شاھ عنايت کي قتل ڪرائي ڇڏيائين.
    ستٽيھون صوبه دار نواب سيف الله خان ھو، جو سڀني نوابن کان چڱو حاڪم ھو. ھن ملڪ ۾ ڏاڍا سڌارا ڪيا ۽ واپار کي گهڻو زور وٺايائين. شراب ۽ ٻيون نشي واريون شيون بند ڪرائي ڇڏيائين. ٺٽي ۾ مري ويو ۽ مڪليءَ تي دفن ٿيو. سندس پٽ نواب صادق علي خان به ڪن ورھن کان پوءِ صوبه دار مقرر ٿي آيو هو.
    پونيون يعني ايڪيتاليھون صوبه دار ميان نور محمد ڪلھوڙو ھو، جنھن کي نواب خدا يار خان جو لقب مليل ھو. ھو پھرين پنھنجي پي ميان يار محمد جي جاءِ تي سيويءَ ۾ مقرر ٿيو، پوءِ سنڌ ڏي موڪليو ويو. انھي جو زياده بيان ھيٺ ايندو.
    ترخان کان پوءِ صوبه دارن جي شروع ٿيڻ کان اڳ خسرو خان چرڪس، جو ٺٽي ۾ حڪمراني ڪندو ھو، سو زور وٺي ويو ھو. انھيءَ به ٺٽي کي ڏاڍو سڌاريو. قريب چار سؤ مسجدون ۽ کوھ ۽ پليون ۽ مھمان سرائون وغيره ٺھرايائين. انھيءَ ھوندي به جھانگير بادشاھ سنڌ ۾ صوبه دارن جي موڪلڻ جو ٺھراءُ ڪيو ۽ ۽ خسرو خان مقرر نه ڪيائين.
    انھن صوبه دارن جي حڪومت ۾ شاھجھان بادشاھ ٺٽي ۾ تمام وڏي ۽ عمدي جامع مسجد ٺھرائي جا اڃا بيٺي آھي. چون ٿا ھن اھا نشاني انھيءَ لاءِ قائم ڪئي جو ڏک ۽ تڪليف جي زماني ۾ ھن اتي اچي پناھ ورتي ھئي. انھن صوبه دارن مان ڪي ته رڳو سچن صوبه دارن جا مقاطعه دار ھئا. حقيقت ڪري انھن صوبه دارن ھوندي به تر جا سردار ملڪ جا حاڪم ھوندا ھئا، جيئن ته ڌاريجا جو راجا ۽ ڪڪراله جو ڄام. سيوھڻ ۽ بکر ۾ به پنھنجا پنھنجا تر جا حاڪم ھئا، صوبه دار رڳو ٺٽي ۾ نالي جا سنڌ جا حاڪم ھوندا ھئا.


    سبق ويھون: دائود پوٽا ۽ شڪارپور جو ٻجھڻ

    انھن صوبه دارن جي حڪومت ۾ دائود پوٽن زرو ورتو. انھي قوم جو اصل سردار دائود نالي ھو. بھاولپور جو هاڻوڪو نواب يا حاڪم به دائود پوٽو آھي. اھي عباسي خليفن جي اولاد مان آھن. انھن جو وڏو امير احمد، مڪران جي رستي سنڌ ۾ آيو ۽ اُتي اچي زور ورتائين. انھي ۽ سندس پٽ ٺٽي جي ھندو راجائن جي ڌيئن سان شاديون ڪيون. پھرين انھن اتي حڪومت ڪئي ۽ پارڪر تائين حڪم ھلايائون. پر پوءِ برھمن آباد جي راجا ھنن کي اُتان ڀڄائي ڪڍيو ۽ پوءِ ھو درياھ لنگهي سيوھڻ جي ويجهو اچي رھڻ لڳا. اُتي انھن منجھان ھڪڙي ڄام چني کي اڪبر بادشاھ جاگير ڏني ۽ وڏو عھدو عطا ڪيو. وري اورنگزيب بادشاھ جي ڏينھن ۾ ھنن دائود پوٽن مان ھڪڙي شخص بھادر خان نالي کي لَکي ۽ خان پور جي وچ ۾ ھڪڙي وڏي جاگير ملي ۽ ھو بکر جو حاڪم مقرر ٿيو. انھيءَ جاگير وٽ ھن جو تڪرار مھرن جي قوم سان ٿي پيو. مھرن ۽ دائود پوٽن جي وچ ۾ وڏي جنگ لڳي جنھن ۾ دائود پوٽن مھرن کي شڪست ڏني ۽ انھن کي ڀڄائي سندن شھر لکي تائين نيائون ۽ اُتي شھر ڦري لٽي ھليا ويا. انھيءَ فتح جي نشانن جي قائم ڪرڻ لاءِ دائودپوٽن ھيئن ڪيو جو جن ٻيلن ۽ جھنگن وارن زمين ۽ شڪارگاھن تي طرفين جو تڪرار ٿيو ھو تن جو جهنگ ڪڍائي ميدان صاف ڪرائي انھيءَ ھنڌ ھڪڙو شھر ٻڌايائون جنھن جو نالو شڪارپور رکيائون جو اُتي شڪارگاھ ھئا.
    تنھن کان پوءِ دائود پوٽا ڪڏھن گھٽ ۽ ڪڏھن وڌ زور وارا ٿيندا رھيا. ٻيو جيڪو بکر جو حاڪم بختاور خان آيو تنھن انھن سان وير رکيو تنھنڪري ھو ڀڄي ملتان ڏي ويا ۽ بادشاھ جي خذمت ڪيائون. تنھن جي اجازت سان ھنن بکر تي ڪاھ ڪري حاڪم کي ماري وڌو ۽ وري شڪارپور ھٿ ڪيائون. پر وري به سندن زور وٺڻ تي نواب خدا يار خان جو پٽ ميان نور محمد ڪلھوڙو سندن دشمن ٿيو. انھيءَ دائود پوٽن کي شڪارپور مان لوڌي ڪڍيو ۽ ھو وري ملتان ڏي ڀڳو جتي ھنن کي جاگير ملي. پر اُتي به ميان نور محمد ڪلھوڙي جي چورت تي جيسلمير جو راجا ساڻن جھيڙو ڪندو آيو.
    نيٺ ارڙھين صديءَ جي وچ ڌاري دائودپوٽا پنھنجن سردارن بھاول خان ۽ علي مراد خان جي ھيٺ وري شڪارپور تي ڪاھي آيا ۽ نادر بادشاھ پنھنجي طرفان جيڪو نائب شيخ صديق، بکر ۾ ڇڏي ويو ھو تنھن کي ماري ڇڏيائون. سگهوئي پوءِ احمد شاھ افغان نادر شاھ جي مارجڻ کان پوءِ ملڪ ھٿ ڪيو ۽ پٺاڻ ڪاھي شڪارپور ۾ آيا. دائود پوٽا پنھنجون زالون ۽ ٻار ڪھي پٺاڻن سان وڙھي انھن جي سردار کي ماري پاڻ درياھ لنگهي سنڌ ڇڏي ويا ۽ سندن سردار صادق خان جي پٽ بھاول خان نئون شھر ٻڌو جنھن جو نالو بھاولپور رکيائون.


    سبق ايڪيھون: ٺٽي شھر جو احوال

    اڳوڻي وقت ۾ جڏھن سنڌ ھندو راجائن جي ھٿ ۾ ھئي تڏھن انھيءَ جو گاديءَ جو ھنڌ ۽ مکيه شھر الور ھو ۽ ٻين ڀاڱن ۾ ٻانڀڻاھ يا برھمڻ آباد سيوھڻ ۽ نيرون ۽ ديبل ھئا. انھي زماني کان پوءِ ۽ عربن جي حڪومت ۾ ٺٽو گاديءَ جو ھنڌ ٿيو. جڏھن سلطان محمود غزنوي جي وزير عبدالرزاق سنڌ تي ڪاھ ڪئي تڏھن ھن سيوھڻ ۽ ٺٽو ورتو، جيئن مٿي چيو ويو آھي ۽ اُتي پنھنجا حاڪم مقرر ڪري ھليو ويو. تنھن کان پوءِ سومرن ۽ سمن جي حڪومت ۾ به ٺٽو سنڌ جو تخت گاھ ھو. ۽ انھن گهراڻن جا گهڻا ڄام ٺٽي جي ويجهو مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي رکيل آھن. سمن جي ڄامن مان نظام الدين يا ڄام نندو، جنھن سٺ ستر ورھن راڄ ڪيو، تنھن ھاڻوڪي ٺٽي جو بنياد وڌو. اھو نئون ٺٽو ٿيو، پراڻو ٺٽو انھيءَ کي ويجهو ھو ۽ اڳي ٺٽي کي نگر سڏيندا ھئا. تنھن کان پوءِ ارغون ۽ ترخان مغل اتي اچي رھڻ لڳا ۽ انھن ٺٽي کي مسجدون ۽ عام فائدي جي عمارتن ۽ ڪمن سان ڏاڍو سينگاريو، خصوصاً خسرو خان، جو دھلي جي بادشاھن پاران نائبن مان ھڪڙو ھو. شاھجھان بادشاھ منجھس وڏي جامع مسجد ٺھرائي، جا اڃا بيٺي آھي. پوءِ جن ڏينھن ۾ نادر شاھ سنڌ ۾ آيو تن ڏينھن ۾ ميان نورمحمد ڪلھوڙي ٺٽو پنھنجي ھٿ ڪيو. ڪلھوڙن جي راڄ ۾ ٺٽي ۾ انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ھڪڙي ڪوٺي ۽ واپاري ڪارخانو ھلايو، پر اھو ڪن ورھن کان پوءِ وري بند ٿيو ھو. انھن کان اڳي ترخانن جي زماني ۾ فرنگي يا فرينچ ٺٽي ۾ رکيا ويا ھئا، جي پوءِ ٺٽي کي ڦري لٽي ھليا ويا ھئا. دھليءَ جي بادشاھن جي نائبن جي حڪومت کان پوءِ جڏھن ڪلھوڙا حاڪم ٿيا تڏھن خدا آباد سنڌ جو گاديءَ جو ھنڌ ٿيو ۽ پوءِ جڏھن غلام شاھ ڪلھوڙي حيدرآباد جو شھر ٻڌايو ۽ ڪوٽ وجھايو تڏھن کان وٺي حيدرآباد تخت گاھ ٿي جا ٽالپرن جي حڪومت ۾ به گاديءَ جو ھنڌ ھلي آئي. جڏھن انگريز سرڪار جو راڄ ٿيو تڏھن ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ ٿيو.
    جڏھن ٺٽو گاديءَ جو ھنڌ ھو تڏھن سڀني جدا جدا گهراڻن جا حاڪم ٺٽي جي ويجهو، جا مڪليءَ جي ٽڪري آھي انھي تي ئي دفن ٿيل آھن. انھن جا قبا ۽ قبرون اڃا تائين ڏسڻ ۾ پيا اچن. انھن کان سواءِ ڪيترائي سيد ۽ ٻيا وڏا خاندان جي ٺٽي ۾ رھندا ھئا تن جا مقبرا مڪليءَ تي آھن. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ھڪ لک پنجويھه ھزار پير مڪليءَ تي رکيل آھن. انھيءَ ڪري انھي ٽڪري کي پاڪ سمجهندا آھن ۽ انھيءَ ڪري انھيءَ جو نالو مڪلي رکيائون يعني ننڍڙو مڪو.


    سبق ٻاويھون: دھلي جي بادشاھن ۽ ٻين مسلمان قومن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت

    ھندو راجائن جي حڪومت کان پوءِ عربن جي حڪومت ٿي. تنھن کان پوءِ ٻين مسلمان قومن ۽ دھليءَ جي بادشاھن جي نائبن جي حڪومت ٿي. انھيءَ عرصي ۾ البت سڌارو ٿيڻ لڳو. عمارت سازي ۽ نقاشي ۽ ٻين ھنرن به چڱي ترقي ڪئي. ڪيتريون عمديون مسجدون ۽ قبا ۽ سرائون ۽ پليون ۽ عمارتون جڙيون. ڪي مکيه شاھي رستا به جڙيا، خاص لشڪر لاءِ. حڪومت جو سڀ اختيار بادشاھ جي ھٿ ۾ ھو ۽ انھيءَ تي ڪنھين به قسم جي روڪ ڪانه ھئي. وڏو وزير ۽ ٻيا ننڍا وزير ۽ امير بادشاھ جا صلاحڪار ھوندا ھئا. مغل بادشاھن مان به اڪبر بادشاھ جي زماني ۾ حڪومت جي ڪمن ۾ زياده سڌارو ٿيو. زمين جي آبادي ۽ ڍل ۽ محصول جو بهتر بندوبست ٿيو. ڪي قانون قاعدا به مقرر ٿيا. ھڪڙي قسم جي سيٽلمنٽ به ٿي ۽ جنگي کاتي ۽ انصاف جي کاتي ۽ پوليس جي کاتي جو به بنياد پيو. قاضي، ڪوٽوال ۽ ٻيا ڪامورا انصاف جي ڪم لاءِ مقرر ٿيا. زمين جي پيدائش مان ٽيون حصو سرڪاري ڍل جو وٺبو ھو ۽ سرڪاري بٽائي واري اَن جي نيڪال لاءِ اگھه مقرر ڪبا ھئا. تعليم به پارسي ۽ عربيءَ جي ڏيڻ ۾ آئي. ٻھراڙيءَ ۾ ڪي ٿورا ھندو مڪتب خانگي طرح ھلندا ھئا. مسلمانن کي ملا ۽ آخوند پڙھائيندا ھئا. پر اڪبر بادشاھ کان پوءِ ملڪ ۾ وري ھر طرح جي گھٽتائي ٿيڻ لڳي ۽ ماڻھن جي حالت خراب ٿي. سپاھين ۽ ڪامورن کي پورا پگهار نٿي مليا ۽ ۽ وقت تي به نه ٿي، تنھنڪري ھو ڦرمار ڪري گذاريندا ھئا ۽ انھيءَ ڪري ظلم ٿيندا ھئا. ڪٿي ڪٿي مذھبي ماڻھو ظلم زبردستي به ڪندا ھئا ۽ ھندن کي ستائيندا ھئا. اھا حالت پھرين ھندستان ۾ ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ سنڌ توڙي بادشاھت جي ٻين صوبن ۾ به ٿيڻ لڳي.


    سبق ٽيويھون: ڪلھوڙا ۽ سندن اوائل وارا سردار

    ڪلھوڙا حضرت محمد جي چاچي عباس جا اولاد آھن تنھنڪري عباسي سڏبا ھئا. ھنن جي وڏن مان ھڪڙو ميان اوڍاڻو نالي ڪيچ مڪران ۾ رھندو ھو ۽ ڏاڍو نيڪ ۽ خدا پرست ماڻھو ھوندو ھو ۽ ماڻھو ھن کي پير يا مرشد ڪري مڃيندا ھئا. ڪن جو چوڻ آھي ته ڪلھوڙا دائود پوٽن جي ھڪڙي شاخ آھي ۽ ڄام چيني دائود پوٽي جي ڀائٽي ڪلھوڙي نالي جو اولاد آھن، جو ڄام اڪبر بادشاھ جي ڏينھن ۾ سيوھڻ جي نزديڪ جاگيردار ۽ حاڪم ھو. ٻيا ڪي چون ٿا ته ھو ڪمبانا جي رھندڙ محمد نالي جو اولاد آھن جو تيرھن صديءَ ۾ سنڌ جي اتر ۾ ھڪڙو حاڪم ھو ۽ سمن جي ڏينھن ۾ سنڌ جي سردارن سان مائٽي ڪئي ھئائين.
    انھن ڪلھوڙن جو پھريون چار پيڙھيون چانڊڪي پرڳڻي ۾ يعني لاڙڪاڻي جي پاسي رھنديون ھيون. انھن مان پھريون مشھور ماڻھو آدم شاھ سورھين صديءَ جي وچ ڌاري ٿي گذريو، جو مريد ڪرڻ لڳو. ڪن ڏينھن کان پوءِ ھو ملتان ۾ ويو ۽ زور وٺڻ لڳو تنھنڪري اتي جي حاڪم حسد کان ھن کي مارائي ڇڏيو ۽ سندس لاش سندس وصيت موجب آڻي سکر ۾ ٽڪريءَ تي پوريائون، جا اڃا تائين آدم شاھ جي ٽڪري سڏبي آھي. آدم شاھ جي مرڻ کان پوءِ سندس پوٽو ميان شاھل محمد مشھور ٿيو. ھن راڄ وارن کان زمين ھٿ ڪري پنھنجن مائٽن کي ڏني تنھنڪري اتي جا زميندار رنج ٿيا ۽ بکر جي حاڪم کان حڪم وٺي ھن کي ماري ڇڏيائون. ھن جي جاءِ تي سندس پٽ ميان نصير محمد ويٺو، جنھن ڏاڍو نالو ڪڍيو ۽ گهڻا فقير گڏ ڪيائين جي پاڻ کي سرائي چوائڻ لڳا. بکر جي حاڪم لشڪر وٺي ميان نصير محمد سان وڙھي انھي کي قيد ڪري اورنگزيب بادشاھ ڏي ڏياري موڪليو. پر ميان اُتان وري ڀڄي آيو ۽ اڳي کان به وڌيڪ زور ورتائين ۽ ڪيترا پرڳڻا ھٿ ڪيائين ۽ نوشھري جو شھر ٻڌائين ۽ ڪاڇي ۾ ڳاڙھي جو ڳوٺ ٻڌائين جتي ڇٽيھن ورھن جي راڄ کان پوءِ ھو مئو ۽ دفن ڪيو ويو.
    ھن جي جاءِ تي سندس پٽ ميان دين محمد ويٺو. ھن جي زور وٺڻ تي به شڪارپور جي پاسي کان پنوھر ۽ پٺاڻ بادشاھ جي حڪم سان اچي وڙھيا، پر سرائِن انھن کي ڀڄائي ڪڍي ڇڏيو. تنھن تي بادشاھ مغلن جو لشڪر شاھزادي معزالدين جي ھٿ ھيٺ موڪليو، جنھن ڏاڍي ويڙھ کان پوءِ دين محمد کي قيد ڪري لاھور آندو جتي ھو باقي زندگي گذاري ملتان ۾ مئو.
    انھيءَ وچ ۾ دين محمد جو ڀاءَ يار محمد قلات مان بروھين جي مدد سان ڪاھي آيو ۽ پنوھرن سان وڙھي شڪارپور ورتائين ۽ پنھنجو شھر خدا آباد ٻڌائين. ھي ٻُڌي شھزادو بکر ۾ آيو. يار محمد وڃي سلام ڪيس. ھو منجھانس خوش ٿيو ۽ خدا يار خان جو خطاب ڏئي سيويءَ جو حاڪم ڪري موڪليائينس. ھو سن 1718ع ۾ مري ويو ۽ خدا آباد ۾ رکيل آھي. يار محمد جا پٽ نورمحمد ۽ محمد خان قلات مان لڏي خدا آباد (دادوءَ جي ويجهو) ۾ اچي ويٺا.


    سبق چوويھون: ميان نور محمد ڪلھوڙي جي حڪومت

    ميان يار محمد جي مرڻ تي سندس پٽ ميان نور محمد سندس جاءِ تي ويٺو. ھن کي به بادشاھ وٽان پيءُ وارو خطاب خدا يار خان مليو. دائودپوٽن جي جھيڙي شروع ڪرڻ تي ھو مٿن ڪاھي ويو ۽ شڪارپور ۽ بکر ھٿ ڪيائين. پوءِ وري سيوي ڍاڍر جي پاسي فساد ٿيڻ تي اُنھيءَ پاسي به وڃي فسادين کي ماري مڃايائين. تنھن کان پوءِ وري قلات تي ڪاھي ويو ۽ اتي جي خان سان وڙھي انھيءَ کي ماريائين ۽ قلات ھٿ ڪيائين. ھن جي بھادري ڏسي بادشاھ کيس سيوھڻ ۽ ٺٽو به حوالي ۾ ڏنو. ميان نور محمد پاڻ لاڙڪاڻي ۾ وڃي رھڻ لڳو ۽ پنھنجي پٽ محمد مرادياب کي ٺٽي ڏي موڪليائين، جنھن وڃي ڌاريجن جي راڻي ۽ ڪڪرالي جي ڄام سان وڙھي انھن کي ماري مڃايو ۽ ٺٽي ۾ قائم ٿي ويھي رھيو.
    جڏھن انهيءَ وقت ڌاري نادر شاھ دھلي وٺي سنڌ ۾ ڪاھي آيو تڏھن محمد مرادياب ڊپ کان ڀڄي پيءُ وٽ لاڙڪاڻي آيو پر نور محمد پاڻ ڀڄي عمرڪوٽ آيو ۽ اُتان پرتي ڀڄي وڃڻ جو ارادو ھئس پر اوچتو صبح جو نادر شاھ اچي ڪوٽ جي در تي بيٺو. لاچار ٿي ميان وڃي پيش پيس، تنھن کي وٺي نادر شاھ لاڙڪاڻي آيو. اُتي ھن کان ڪروڙ رپين جو وٺي ھن کي شاھ قلي خان جو خطاب ڏئي سنڌ جو حاڪم قائم ڪيائين ۽ اول ۾ سندس ٻه پٽ محمد مرادياب ۽ غلام شاھ پاڻ سان وٺي روانو ٿيو. نادر شاھ شڪارپور موٽي دائود پوٽن کي ڏني ۽ سيوي افغانن جي حوالي ڪيائين. ميان نور محمد جو ٽيون پٽ عطر خان سو به بادشاھ پوءِ پاڻ وٽ گهرائي ورتو. وٽس فقط سندس چوٿون پٽ خداداد رھيو.
    اٺن ورھين کان پوءِ جڏھن احمد شاھ دوراني نادر شاھ جي مرڻ تي سندس ملڪ ھٿ ڪيو تڏھن ھن ميان نور محمد کي شاھنواز خان جو تازو خطاب ڏنو ۽ ٻئي سال ۾ ميان جا پٽ، جي نادر شاھ ايران ڏي نيا ھئا، سي موٽي سنڌ ۾ آيا. انھن مان وڏي پٽ محمد مرادياب کي ميان خدا آباد ۾ وھاريو ۽ پاڻ نئون شھر محمد آباد ٻڌي اتي اچي رھڻ لڳو.
    ستن ورھن کان پوءِ احمد شاھ ميان تي ڪاوڙجي سنڌ ۾ آيو. ميان پنھنجي طرفان ديوان گدومل وڪيل ڪري موڪليو جنھن وڃي بادشاھ جي ڪاوڙ لاٿي. انھيءَ وقت ميان جيسلمير جي پاسي ھو، جتي مري ويو ۽ سندس جاءِ تي ماڻھن سندس پٽ محمد مرادياب وھاريو.
    ميان نورمحمد جي مري وڃڻ جو ٻڌي سندس دشمنن جي دانھن تي بادشاھ سنڌ جي لاءِ ٻيو ھڪڙو پٺاڻ صوبه دار مقرر ڪيو پر وري ديوان گدومل وڃي بادشاھ کي راضي ڪيو. بادشاھ ميان نور محمد جو پٽ عطر خان پاڻ وٽ اول رکي محمد مرادياب کي سربلند خان جو خطاب ڏئي سنڌ تي مقرر ڪيو. جڏھن ديوان گدومل اھو پروانو آندو تڏھن نصرپور جي ويجهو ھڪڙي وڏي درٻار ۾ ميان گاديءَ تي ويٺو ۽ ڏاڍيون خوشيون ٿيون ۽ اتي نئون شھر مراد آباد ٻڌو ويو.


    سبق پنجويھون: ميان محمد مرادياب ڪلھوڙي جي حڪومت

    پھرئين ئي سال ۾ ڪڪراله جي ڄام فساد ڪيو. ميان محمد مرادياب انھيءَ تي ڪاھ ڪري کيس جيتيو ۽ قيد ڪيائينس ۽ سندس ملڪ ھٿ ڪيائين. تنھن کان پوءِ ٻه ورھ ميان آرام سان حڪومت ڪئي پر حڪم ھلائڻ نه آيس. ماڻھن کان پيسن جي تنگ طلبي ڪرڻ لڳو ۽ پاڻ عيش عشرت ۽ ناچ راڳ کي لڳو. تنھنڪري سردار ناراض ٿي مير بھرام ٽالپر جي صلاح سان ميان جي رهڻ جي جاءِ کي وڪوڙي ويا ۽ هن کي ۽ سندس خاص نوڪرن کي قيد ڪري کيس گاديءَ تان لاهي سندس ڀاءُ ميان غلام شاهه کي گاديءَ تي وهاريائون. انهيءَ ڪري سندس سڳو ڀاءُ احمد يار خان، جو خدا آباد ۾ ھو، سو ناراض ٿي دنگو ڪرڻ لڳو ۽ سندس ٻيو ڀاءُ عطر خان، جو بادشاھ وٽ اول ھو، سو بادشاھ کي راضي ڪري پنھنجي نالي پروانو لکائي سنڌ ۾ آيو. ميان غلام شاھ لاچار ٿي پنھنجن ڪن سردارن سان ٿر ڏانھن نڪري ويو ۽ محمد مرادياب قيد مان نڪتو.
    عطر خان ماڻھن کي خوش رکي نه سگهيو ۽ خزانو به خالي ٿيڻ لڳو. بادشاھ کي محصول پھچائڻ لاءِ ماڻھن کان سختيءَ سان اوڳڙ ڪرڻ لڳو. ملڪ جو اھو حال ڏسي ميان غلام شاھ ٿر مان ڦري بھاولپور مان لنگهي روھڙي ۾ آيو. اُتي سندس ٻئي ڀاءُ سنڀري ساڻس وڙھڻ آيا. ڏاڍي جنگ لڳي. آخر عطر خان ھارايو ۽ ڀڄي ويو ۽ ميان غلام شاھ فتح ڪري سيوھڻ آيو ۽ اُتان وري محمد آباد ۾ اچي رھيو.
    عطر خان ڀاءَ سوڌو قلات ڏي ڀڳو ۽ اتي بادشاھ کان افغانن جو لشڪر وٺي وري سنڌ ھٿ ڪرڻ لاءِ آيو. ھو ميان غلام شاھ سان وڙھيو پر نيٺ نااميد ٿي انھيءَ سان صلح ڪيائين، جنھن موجب ملڪ جا ٽي حصا ڪيا ويا. ھڪڙو حصو شاھڳڙھ کان نصرپور ٺٽي تائين ميان غلام شاھ کي مليو ۽ ٻيو باقي ملڪ ٻن حصن ۾ ھنن ٻنھي ڀائن کي مليو.
    سگهوئي انھن ٻنھي ڀائن جي وچ ۾ اڻبڻت ٿي. احمد يار خان دھليءَ جي بادشاھ ڏي ڀڳو ۽ پنھنجي نالي پروانو لکائي آيو. پٺ تي غلام شاھ وجھه ڏسي عطر خان تي ڪاھ ڪئي. عطر خان ڊپ کان ملڪ ڇڏي ھليو ويو ۽ ماڻھو ميان غلام شاھ جي اچڻ ڪري ڏاڍا خوش ٿيا. ٻئي سال ۾ عطر خان مدد وٺي سنڌ ۾ آيو. ميان غلام شاھ اوٻاوڙي وٽ وڃي گڏيس. سندن وچ ۾ جنگ لڳي. عطر خان شڪست کاڌي ۽ ميان غلام شاھ فتحياب ٿي نئي [نئين] ٻڌل شھر شاھپور جي ۾ اچي لٿو.
    انھي وقت ڌاري لاڙڪاڻي جي پاسي کوسن ۽ ڪڪرالي جي پاسي ڄام ڏيسر فساد ڪرڻ لڳا. غلام شاھ لشڪر موڪلي ھنن جو ملڪ کسي پنھنجي ھٿ ڪيو ۽ کوسن جي سردار کي ماري کين سيکت ڏنائين.
    ٻئي سال ۾ ميان غلام شاھ کي شاھي سند ۽ خلعت آئي، جنھن موجب ھو شاھ وردي خان جي خطاب سان سنڌ جي صوبي تي حاڪم مقرر ٿيو.


    سبق ڇويھون: ميان غلام شاھ ۽ سرفراز جي حڪومت

    گاديءَ تي وھڻ کان پوءِ ٻئي سال ۾ ميان غلام شاھ ڪڇ تي ڪاھ ڪئي ۽ وڃي ڀڄ کي ويجهو ٿيو ۽ ويڙھ ڪري ڇھه ھزار ڪڇي ماريائين. نيٺ ڪڇ جي راو ساڻس صلح ڪيو ۽ ميان پٺ تي موٽيو. ڀاءُ جو اھڙو زور ڏسي عطر خان اچي ڀاءُ جي پيش پيو ۽ ملڪ جي دعوى ڇڏي ڏنائين.
    چئن ورھن کان پوءِ ديري غازي خان ۾ اُتي جي ماڻھن فساد ڪيو. ميان اوڏي وڃي فساد بند ڪيو. انھيءَ بھادريءَ جي انعام ۾ بادشاھ ھن کي ديرو غازي خان ڏنو. انھيءَ جي ٻئي سال ۾ ميان غلام شاھ نيرون ڪوٽ ويو ۽ اُتي ھڪڙو قلعو جوڙايائين، جو اڃا تائين بيٺو آھي. پوءِ شاھپور کي ڇڏي حيدرآباد جو شھر ٻڌايائين، جو انھيءَ وقت کان وٺي سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ ٿيو. انھيءَ جي بچاءَ لاءِ ٻيو مٽيءَ جو قلعو محمد مڪائي واري ٽڪريءَ تي به ٺھرايائين.
    ميان غلام شاھ جي چوڻ تي انگريزي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ٺٽي ۾ واپار جون ڪوٺيون وڌيون، جي پوءِ ميان سرفراز بند ڪرائي ڇڏيون.
    سن 1782ع ۾ ميان غلام شاھ وفات ڪئي ۽ سندس گاديءَ تي سندس پٽ ميان محمد سرفراز ويٺو. ساڳئي وقت ڌاري بادشاھ احمد شاھ دوراني به مري ويو ۽ سندس جاءِ تي سندس پٽ تيمور شاھ ويٺو، جنھن ميان کي خلعت موڪلي خدايار خان جو خطاب ڏئي سنڌ جي حڪومت تي قائم ڪيو ۽ ديرا به وري سندس حوالي ڪيائين.
    ٻن سالن کان پوءِ ميان سرفراز ڪڇ ڏي ويو ۽ اُتان وري گجرات ويو. اتي جي ھندو راجائن ھن کي گهڻو مانُ ڏنو، پوءِ موٽي وري خدا آباد جي نئي ٻڌل شھر ۾ اچي رھيو.
    ميان محمد سرفراز جي ڏينھن ۾ تالپرن بلوچن ڏاڍو زور ورتو. مير بھرام ميان غلام شاھ وٽ برک ھو ۽ ساڻس گڏ جنگين ۾ وڙھيو ھو. ميان سرفراز به ھن کي ڏاڍو مانُ ڏيندو ھو. پر راڄي ليکي جي چورت تي ميان کي مير بھرام ۽ سندس پٽن ۾ اچي بدگماني پيدا ٿي. تنھنڪري مير بھرام پنھنجن ٻن پٽن مير بجار ۽ مير صوبدار کي صلاح ڏني ته اوھين ھتان نڪري وڃو متان ميان اوھان کي مارائي، مون کي مارايائين ته حرڪت ڪانھي جو آءٌ پير مرد آھيان ان موجب مير بجار سنڀري حج تي ويو. پر مير صوبدار پنھنجي پيءُ کي نه ڇڏيو، ساڻس گڏ رھي پيو.
    نيٺ ھڪڙي ڏينھن جڏھن مير بھرام ميان جي سلام تي آيو تڏھن ميان ھن کي مارائي ڇڏيو. ساڳئي وقت ۾ مير بھرام جي پٽ مير صوبدار کي به سندس ماڻھن ماري وڌو. اھڙن ظلمن جي ڪري ٽالپرن ۽ ٻين ماڻھن خدا آباد تي ڪاھيو. ميان ڀڄي حيدرآباد آيو، جنھن کي پڻ ھنن اچي گھيرو ڪري ورتو. پوءِ ميان کي گاديءَ تان لاھي قيد ڪري سندس ڀاءُ محمود خان کي گاديءَ تي وھاريائين. پر راڄي ليکي ماڻھن کي بگاڙي ميان نورمحمد جي پٽ غلام نبيءَ کي گاديءَ تي وھاريو، جو خبر ھيس ته ھو بلوچن جي برخلاف آھي.


    سبق ستاويھون: ميان عبدالنبي ۽ صادق علي ڪلھوڙن جي حڪومت

    انھيءَ وقت ڌاري مير بجار خان حج ڪري سنڌ ۾ آيو. چار ھزار بلوچ وٽ اچي ساڻس گڏ ٿيا. پوءِ عمرڪوٽ ۾ وڃي کوسن کي تڙي پاڻ قلعو وٺي ويھي رھيو. راڄو ليکي، جو سندن دشمن ھو، سو اڳ ئي مري ويو ھو. ڪي چون ٿا ته ڊپ کان زھر کائي مئو. سندس پٽ تاجو ۽ ٻيا غلام نبيءَ کي وٺي عمرڪوٽ تي ڪاھي آيا. انھن جو ٽيھه ھزار لشڪر ھو، تنھن کي بلوچن جي ڇھن ھزارن ڏاڍي شڪست ڏني. غلام نبي قرآن ميڙ ڪري مير بجار وٽ معافي گهرڻ لاءِ ٿي ويو ته تاجي ليکي ترار ھڻي ماري رکيس. محمد سرفراز ۽ ٻيا ڪلھوڙا، جي حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد ھئا تن کي ميان عبدالنبيءَ مارائي ڇڏيو. جڏھن ٻيو ڪو گاديءَ جو وارث نه رھيو تڏھن مير بجار خان عبدالنبيءَ کي گاديءَ تي وھاريو.
    سگهوئي پوءِ بلوچن جي زور جو ٻڌي بادشاھ تيمور شاھ پٺاڻن جو وڏو لشڪر سنڌ تي موڪليو. مير بجار خان شڪارپور وٽ اچي ھنن کي ڀڄائي ڪڍيو. تنھن تي بادشاھ وڏي لشڪر سان ڪاھي آيو پر مير اچڻ سان وڃي ادب ۽ نياز سان گڏيس. تنھنڪري ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پٺ تي موٽي ھليو ويو.
    سن 1781ع ۾ ٻه راجپوت جوڌپور جي راجا جي طرفان وڪيل ٿي ميان عبدالنبيءَ وٽ آيا ۽ مير بجار خان وٽ به آمدرفت ڪرڻ لڳا. ھڪڙي ڏينھن ھو مير وٽ آيا ۽ ھن کي ڪي خط ڏيکاريائون جي چيائون ته ميان راجا ڏي بلوچن جي برخلاف لکيا آھن. اُھي ھندي اکرن ۾ ھئا، تن جي پڙھي ٻڌائڻ لاءِ ھو مير جي اڳيان وڃي ويٺا. ائين ڪندي مير سان آھستي ڳالھائيندي ۽ سس ڦس ڪندي ھنن خنجر ڪڍي مير کي ھنيا. مير ٽپ ڏئي اٿيو ۽ ترار سان انھن ٻنھي کي ماري رکيائين، پر پوءِ پاڻ به ڪري مري ويو. اھي راجپوت ميان عبدالنبيءَ جوڌپور جي راجا جي سازش سان مير کي دغا ڏئي مارڻ لاءِ گهرايا ھئا.
    مير بجار جي مرڻ تي سندس پٽ مير عبدالله بلوچن جو سردار ٿيو. بلوچن جي ڊپ کان عبدالنبي ڀڳو ۽ وڃي قلات کان نڪتو. تنھنڪري مير ميان صادق عليءَ کي کڻي گاديءَ تي وھاريو، جو ھڪڙو فقير ۽ خدا ترس ماڻھو ھو ۽ ميان جي عزيزن مان ھو. انھيءَ وچ ۾ ھن پاسي جوڌپور جي راجا راجپوتن جو لشڪر موڪليو ۽ ھن پاسي قلات جي خان عبدالنبيءَ جي مدد لاءِ بروھين جو لشڪر موڪليو. پر مير ٻنھي کي شڪست ڏئي ڀڄائي ڪڍيو. عبدالنبي وري بادشاھ وٽ دانھي ويو ۽ مدد خان پٺاڻ سردار لشڪر سوڌو وٺي آيو، پر جڏھن اُھو به پڄي نه سگهيو تڏھن ڦرمار ڪري موٽي ھليو ويو. پوءِ عبدالنبي لاچار ٿي مير جي پيش پيو ۽ قرآن تي ھٿ اکر لکي انجام ڪيائين ته آءٌ اڳتي بلوچن سان سچو رھندس ۽ دغا نه ڪندس. تڏھن مير ھن کي وري سنڌ جي گاديءَ تي وھاريو.


    سبق اٺاويھون: ڪلھوڙن جي حڪومت جي پڇاڙي ۽ ٽالپرن جي فتح

    ھڪڙيءَ رات ميان عبدالنبي اڪيلو مير عبدالله وٽ گھڙي آيو ۽ چوڻ لڳس ته ”شايد توکي اڃا مون ۾ ڪو شڪ آھي ۽ قرآن جي لکئي تي ويساھ ڪونھي، جو تون مون وٽ ھميشه گهڻن ماڻھن سان ۽ ھٿيارن سان ايندو آھين. جي سچ به توکي اھڙو شڪ آھي ته مون کي ھتي ئي ماري ڇڏ جو آءٌ اڪيلو تو وٽ آيو آھيان.“ ھو ٻڌي ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ عذر ڪرڻ لڳو. انھيءَ کان پوءِ ھن پنھنجن سڀن سنگتين ۽ عزيزن کي روانو ڪري ڇڏيو، رڳو مير فتح خان، جو منجھن وڏو ھو ۽ مير صوبدار، جو سندس سائوٽي سوٽ ھو تنھن کي پاڻ وٽ رکيائين ۽ انھيءَ ڏينھن کان پوءِ ڊپ کان سواءِ اڪيلو يا ھڪ ٻن ماڻھن سان ميان وٽ ايندو ھو.
    ھڪڙي ڏينھن ھميشه وانگي مير عبدالله ۽ مير فتح خان ميان وٽ سلام تي آيا ۽ ميان جي ماڻھن ھنن کي ترار سان ماري ڇڏيو ۽ ڪن ٻين ڊوڙي وڃي مير جي تنبن تي سندن باقي ماڻھن کي ماري ڇڏيو. ٽالپر بلوچن کي به ھاڻ پڪ ٿي ته ميان ھنن جو دشمن آھي. مير صوبدار جا چار پٽ ھئا، مير فتح علي خان، مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان. مير عبدالله خان جا ٻه پٽ ھئا مير الھيار ۽ مير ٺارو خان. انھن مان مير فتح علي خان کي سڀني بلوچن پڳ ٻڌائي. پوءِ سڀ بلوچ ٻار ٻچا وٺي دين ڳڙھ جي ڪوٽ ۾ آيا ۽ ڇھه ھزار ماڻھو پاڻ ۾ گڏ ٿيا. اھي وٺي مير فتح علي خان ميان سان وڙھڻ آيو. ميان عبدالنبي به ٽيھه ھزار ماڻھو وٺي سامھون ٿيڻ لاءِ آيو. ھالاڻي وٽ جنگ لڳي. جنگ ھلندي مير سھراب خان به ٻيا ٽي ھزار بلوچ وٺي آيو. نيٺ عبدالنبيءَ شڪست کاڌي ۽ ڀڄي قلات ڏي ويو. اھو واقعو مير بجار خان جي مرڻ کان پوءِ ٻئي سال ۾ ٿيو. مير فتح علي خان جنگ کٽي نوشھري ۾ آيو، جتي سڀني قومن جا سردار وٽس اچي سلامي ٿيا. انھيءَ طرح سنڌ ٽالپرن جي ھٿ آئي.
    ميان عبدالني تيمور شاھ وٽ دانھي ويو. بادشاھ فيصلو ڪيو ته اڌ سنڌ جو ڪلھوڙا رکن ۽ اڌ ٽالپر. انھيءَ حڪم جي تعميل لاءِ لشڪر به موڪليائين. مير فتح علي خان به ھڪڙو وڏو لشڪر وٺي روھڙيءَ وٽ بادشاھي لشڪر کي اچي گڏيو. جنگ لڳي بادشاھي لشڪر شڪست کاڌي. تنھن تي بادشاھ ٻيو لشڪر وٺي آيو ۽ قلات جو خان به ساڻس مدد لاءِ اچي گڏيو. انھيءَ وقت بلخ ۾ فساد شروع ٿيو ۽ بادشاھ کي اوڏي وڃڻو ٿيو. ھيڏي مير فتح علي جي بھادري به ڏٺائين ۽ تعريف ٻڌائين. خود مير به وٽس اچي لاچاري ڏيکاري عذر خواھي ڪئي. تنھنڪري بادشاھ اھو ٺھراءُ ڪيو ته اڳتي مير سنڌ جو حاڪم ٿئي ۽ ڪلھوڙن وانگي سالياني رقم پھچائيندو رھي.
    انھيءَ طرح 1783ع ۾ ڪلھوڙن جي حڪومت 86 ورھن کان پوءِ پوري ٿي ۽ ٽالپرن جي شروع ٿي.


    سبق اڻٽيھون: ڪلھوڙن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت

    اٽڪل مُني صدي جيڪا ڪلھوڙن جي حڪومت ھلي تنھن ۾ سنڌ ۾ گهڻي ڦير ڦار ٿي. گهڻن ورھن کان وٺي بکر ۽ ٺٽو حڪومت جا ھنڌ ھئا، ۽ اتي مسلمان حاڪم رھندا ھئا. فقط عمرڪوٽ ۽ ڪڪراله ۽ ڪن ٻين ٿورن ھنڌن تي ھندو حاڪم ھوندا ھئا، جي ٿورو يا گهڻو خودمختيار ھوندا ھئا. ڪن مسلمان حاڪمن سوڍن ۽ راجپوتن مان شاديون ڪيون ھيون، جنھن ڪري منجھن ٿوريون گهڻيون ھندڪُيون رسمون پئجي ويون ھيون. ڪلھوڙن جي ڏينھن ۾ اھا حالت بدلجي وئي. جڏھن ھنن جو واسطو سکر ۽ شڪارپور کان ٽٽو تڏھن ھو ڏکڻ ۽ اڀرندي ڏي حڪومت وڌائڻ لڳا ۽ انھيءَ پاسي جي ھندو حاڪمن کي ماري پنھنجي ھٿ ڪيائون. پوءِ حڪومت جو ھنڌ حيدرآباد ٿيو. خدا آباد ۽ سيوھڻ ٻئي شھر زور ڇڏي ويا، باقي سکر ۽ شڪارپور جي سرحد تي لاڙڪاڻي البت زور ورتو. جن ڏينھن ۾ نادر شاھ بادشاھ ٺٽي ۾ اچي تن ڏينھن ۾ اتي واپار ۽ ھنر جو چڱو زور ھو. چاليھه ھزار ڪوري لنگيون ۽ سوسيون ۽ ٻيو ڪپڙو اُڻندا ھئا ۽ ويھه ھزار ٻين قسم جي ھنرن وارن جا ھئا. تنھن کان سواءِ سٺ ھزار ماڻھو واپارين ۽ ٻين ڌنڌن وارن جا ھئا. پر ڪلھوڙن جي ڏينھن ۾ ٺٽي جي ساري آدمشماري ويھه ھزار مس ھئي. لشڪر ۽ حڪومت جي لاءِ وري بلوچ ماڻھو زور وٺڻ لڳا. ھندو فقط واپار ۽ منشيگري يا لکپڙھ جو ڪم ڪندا ھئا. انھيءَ مان معلوم ٿيندو ته ملڪ جي مالي حالت توڙي واپاري ۽ ھنري حالت اڳي کان گهڻو گھٽجي ويئي. حڪومت جو بندوبست به پوري طرح نه ٿي ھليو. نه فقط ھندن سان پر مسلمانن سان به ظلم ۽ زيادتي جي ھلت ٿيندي ھئي ۽ عدل ۽ انصاف ۾ گهڻو رولو ھو. جيتوڻيڪ ڪلھوڙن ۽ بلوچن ۾ ڪي ٿورا چڱا حاڪم به ھئا، انھيءَ ھوندي به ملڪ جي عام حالت چڱي نه ھئي ۽ اڳي کان خراب ھئي، نه بھتر.


    سبق ٽيھون: ٽالپر بلوچن جو اوائل وارو دور

    ٽالپر اصل بلوچ ھئا ۽ بلوچستان ۾ رھندا ھئا. نادر شاھ بادشاھ بلوچستان وٺي پوءِ سنڌ ۾ آيو، تنھن وقت ڌاري اُھي سنڌ ۾ آيا. ٽالپر جو نالو انھي کي ڏلي خان کان مليو، جو سندن وڏو ھو. سندن پھريون ڏاڏو ھوتڪ خان ھو، جو ڪڪي خان جو پٽ ۽ شاھي خان جو پوٽو ھو. ۽ ٽالو خان ڪڪي خان جو ڀاءُ ھو. ھوتڪ خان کي ست پٽ ھئا جن مان مشھور ٻه ڄڻا ٿيا، ھڪڙو ماڻڪ خان ۽ ٻيو شھداد خان. ماڻڪ خان جو پٽ الھيار خان ھو ۽ انھن جو اولاد ماڻڪاڻي سڏبو آھي، جي ميرپورخاص ۾ رھندا آھن ۽ ٽنڊوالھيار به انھيءَ الھيار جي پٺيان سڏبو آھي. مير شھداد خان کي ٻه پٽ ھئا، مير چاڪر خان ۽ مير بھرام خان. مير چاڪر خان جو اولاد خيرپور وارا مير آھن ۽ شاھپور مير چاڪر واري انھن جي نالي پٺيان آھي ۽ شھدادپور ۽ قبا شھداد اھي مير شھزاد جي نالي پٺيان آھن. ۽ مير بھرام خان جو اولاد حيدرآباد وارا مير آھن. مير چاڪر جو پٽ مير سھراب ھو، تنھنڪري خيرپور وارن ميرن کي سھراباڻي مير به سڏيندا آھن. حيدرآباد وارن کي شھداداڻي ميرن مان مير شھداد جي پٽ بھرام خان کي ٽي پٽ ھئا، ھڪڙو مير بجار خان، جنھن جو اولاد بجاراڻي مير آھن جي ٽنڊي غلام حسين ۾ ويٺا آھن، ٻيو مير صوبدار خان جنھن جو اولاد حيدرآباد وارا مير آھن جي سنڌ جا مکيه حاڪم ھئا، ۽ ٽيون مير محمود خان جنھن جو اولاد محموداڻي مير آھن، جي مير محمود جي ٽنڊي ۾ ڦليلي تي ويٺل آھن.
    پھرين سنڌ ۾ مير شھداد آيو. اھو پنھنجي چاچي مير صوبدار سان تڪرار ڪري رسي سنڌ ۾ آيو ھو ۽ ميان نور محمد ڪلھوڙي وٽ اچي رھيو. انھيءَ کان پوءِ ٿورو ٿورو ڪري ٻيا سندس مائٽ اچڻ لڳا. انھيءَ وقت ڌاري ڪلھوڙا پيري مريدي به ڪندا ھئا، جيئن مٿي ڪلھوڙن جي بيان ۾ به چيو ويو آھي. ٽالپر بلوچ انھن ڪلھوڙن جا اچي مريد ٿيا. ٻنھي کي سنڌ جي ڏکڻ يا لاڙ وارا ماڻھو سرائي سڏيندا ھئا، جو ھو سنڌ جي سري يا اتر کان آيا ھئا ۽ ھو ٻولي به سرائڪي ڳالھائيندا ھئا جا پنجابيءَ جھڙي آھي. ٿورو ٿورو ٿي ٽالپرن کان بلوچڪي ٻولي ھلي ويئي ۽ ھو پنھنجن ڌڻين ۽ مرشدن واري سرائڪي ٻولي ڳالھائڻ لڳا.
    ارڙھين صدي جي پڇاڙي ڌاري مير شھداد ميان نور محمد ڪلھوڙي وٽ وڏو درجو پاتو ۽ دھليءَ جي بادشاھ انھيءَ کي وڏي جاگير ڏني. مير شھداد مئو به اُتي ۽ شاھپور جي ويجهو رکيل آھي، جنھن کي قبا شھداد چوندا آھن. سندس پٽ مير بھرام سندس جاءِ تي مقرر ٿيو ۽ اُھو ميان نورمحمد جي مرڻ کان پوءِ به ڪلھوڙن سان ايماندار رھندو آيو ۽ ميان غلام شاھ سان گڏ رھيو. انھيءَ کان پوءِ ميان سرفراز وٽ ھو، جنھن ھن کي ۽ سندس پٽ مير صوبدار کي مارايو ۽ انھيءَ کان پوءِ ميان عبدالنبي مير بھرام جي ٻئي پٽ مير بجار خان ۽ انھيءَ جي پٽ مير عبدالله خان کي مارايو، جيئن مٿي بيان ڪيو ويو.


    سبق ايڪٽيھون: مير فتح علي خان ۽ سندس ڀائَن جي چؤياري حڪومت

    مير فتح علي خان پنھنجي خاندان ۾ تڪرار بند ڪرڻ لاءِ انصاف جي نظر تي سنڌ جو ملڪ پنھنجن عزيزن ۾ ھن طرح وراھيو، ملڪ جا مڙئي پنج حصا ڪيائين. ھڪڙو حصو مير سھراب خان خيرپور واري کي ڏنائين ۽ ھڪڙو حصو مير ٺاري خان ميرپور واري کي ڏنائين ۽ ھڪ حصو لاڙ وارو مير باگي خان کي ڏنائين، جو مير الھيار خان جي پٽ جادو خان جو پوٽو ھو ۽ باگي جو ٽنڊو انھيءَ جي نالي جي پٺيان آھي. باقي ٻه حصا ھن پنھنجي لاءِ رکيا. ھڪڙو حصو ورھاڱي موجب ۽ ٻيو پڳ موجب. مير باگو پنھنجو حصو نه ھلائي سگهيو تنھنڪري اھو به مير فتح علي خان وٺي پنھنجي حوالي ڪيو. سڀئي ھن کي سنڌ جو حاڪم يا سنڌ جو رئيس سڏڻ لڳا.
    مير فتح علي خان ارادو ڪيو ته سڀني شھداداڻي ميرن جو پاڻ ۾ اتفاق ٿئي ۽ اھو خاندان زور وٺي، تنھن لاءِ ھن پنھنجا ننڍا ڀائر مير غلام علي خان ۽ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان به پاڻ سان حڪومت ۾ شامل ڪيا. انھن چئني گڏجي پئي راڄ ڪيو، اگرچ وڏو مير فتح علي خان کي ٿي سمجهيائون. ھنن جي پاڻ ۾ اھڙي محبت ھلي آئي جو ماڻھو ھنن کي چار يار ۽ سندن حڪومت کي چؤياري سڏيندا ھئا. جڏھن ڪا جنگ ٿي ڪيائون تڏھن به سڀن گڏجي ٿي ڪئي. انھيءَ ڪري سندن دشمن ڊپ کان دٻيا پيا ھئا. ڪراچي قلات جي خان جي ھيٺ ھئي ۽ اُتي سندس نائب رھندو ھو. انھيءَ کي جيتي ميرن ڪراچي پنھنجي ھٿ ڪئي. عمرڪوٽ وٺڻ جو به ارادو ڪيائون، جو جوڌپور جي راجا جي ھٿ ھو، پر اھو ڪن ورھن کان پوءِ ٽالپرن جي ھٿ ۾ آيو.
    مطلب ته مير فتح علي خان ست ورھ برابر پنھنجن ٽن ڀائرن جي مدد سان چڱي حڪومت ڪئي. مرڻ جي وقت کان ٿورو اڳڀرو ھن وصيت ڪري پنھنجو ملڪ ٻه حصا ڪيو. اڌ مير غلام علي خان کي ڏنائين ۽ باقي ٻئي اڌ ۾ سندس ٻه ننڍا ڀائر حصي دار ٿيا. مير فتح علي خان کي مير صوبدار پٽ به ھو، ته به ملڪ جو ڪو حصو انهيءَ کي نه ڏنو.
    انھيءَ وقت کان ٿورو اڳي بادشاھ تيمور شاھ مري ويو ھو ۽ سندس پٽ زمان شاھ تخت تي ويٺو ھو. انھيءَ جي ڍل ڪن سالن جي رھيل ھئي سا به مير فتح علي خان پنھنجي جيئري ادا ڪري ويو ۽ ٻيو به ملڪ جو انتظام پوريءَ طرح پنھنجي ھوندي قائم ڪري ويو. ھن مير جي ڏينھن ۾ انگريز سرڪار جو ايجنٽ واپاري ۽ ملڪي ڪمن جي نظر تي ڪراچيءَ اچي رھيو ۽ مير انھيءَ کي بچائڻ جو انجام به ڪيو پر پوءِ زمان شاھ جي چورت تي اھو بندوبست قائم نه ٿيو جنھنڪري ڪمپنيءَ کي ڏاڍو نقصان پھتو.
    مير فتح علي خان سن 1802ع ۾ مري ويو ۽ خدا آباد (هي خدا آباد هالن جي ڀرسان آهي) ۾ دفن ڪيو ويو.


    سبق ٻٽيھون: باقي ٽن ڀائرن جي حڪومت

    ٽن ڀائن مان مير غلام علي خان رئيس يا وڏو ھو ۽ ٻيا سندس ڀائيوار ۽ صلاحڪار ۽ مددگار ھئا. ورھ کن جي اندر مير ٺاري خان جو مير غلام علي خان سان جھيڙو ٿي پيو ۽ ھو لشڪر وٺي مير سان وڙھڻ لاءِ ڪاھي آيو. جنگ ۾ مير ٺارو ڦٽجي قيد ٿي پيو. ڪن ڏينھن کان پوءِ مير ھن کي معافي ڏئي عزت آبروءَ سان ميرپور روانو ڪيو.
    ٻئي سال ۾ شاھ شجاع الملڪ، جو زمان شاھ جي قيد پوڻ ڪري بادشاھ ٿيو ھو، سو وڏي لشڪر سان سنڌ تي چڙھي آيو. مير غلام علي خان به پنھنجو لشڪر وٺي شڪارپور ڏي ھليو. نيٺ صلح ٿيو ۽ ميرن ڏھ لک رپيا بادشاھ کي انھيءَ وقت ڏنا ۽ آئيندي پنج لک سالياني ڏيڻ جو انجام ڪيائين.
    قلات ۾ به اڳوڻو خان محمد نصير مري ويو ۽ سندس ڀاڻيجو محمود خان حاڪم ٿيو ھو، تنھن سان به مير صلح ڪيو ۽ کانئس سنڱ وٺي ھن سان عزازت ڳنڍيائين. ھوڏي بھاولپور جي خان محمد صادق ناسازي شروع ڪئي تنھنڪري سنڌ جو لشڪر مٿس ڪاھي ويو. خان لاچار ٿي صلح ڪيو ۽ سندس پٽ بھاول خان اول ۾ حيدرآباد آندو ويو، جو ٻارھن مھينن کان پوءِ وري موٽائي موڪليو ويو.
    ساڳئي سال ۾ ڪڇ ۾ ڏڪار پيو، اتي جا ماڻھو سنڌ ۾ اچي پنھنجا ٻار ٻچا وڪڻي اَن وٺڻ لڳا. ڪڇ جي راو ۽ انگريز سرڪار جي لکڻ تي مير غلام علي خان انھن ماڻھن کي اَن خيرات ۾ ورھائي ڏنو ۽ وڪڻل ٻار ٻچا ھٿ ڪري وري موٽائي موڪليا.
    سگهوئي پوءِ ميرن ۽ انگريز سرڪار جي وچ ۾ ھڪڙو عھدنامو ٿيو جنھن موجب ميرن انجام ڪيو ته سندن وڪيل ھڪٻين وٽ ايندا ۽ رھندا ۽ مير فرينچ توڻي آمريڪن ماڻھن کي سنڌ ۾ رھڻ نه ڏيندا.
    سن 1811ع ۾ مير غلام علي خان شڪار ڪندي مري ويو ۽ اگرچه مير محمد جي نالي پٽ به ھوس ته به حڪومت باقي ٻن ڀائن ھلائي ۽ انھن مان به وڏو مير ڪرم علي خان رئيس ٿيو. ھي مير ڏاھو ۽ سخي ۽ علم دوست ۽ انصاف وارو ھو. سندس ڏينھن ۾ ايران ۽ خراسان ۽ ايران جي بادشاھ سان به ھن دوستي رکي. ڪڇ سان تڪرار ھئڻ ڪري ميرن ڪڇ تي ڪاھيو پر انگريز سرڪار جي دست اندازيءَ جي ڪري صلح ٿيو.
    پنجاب جو راجا رنجيت سنگھه ملتان وٺي سنڌ تي ڪاھي آيو پر انگريز سرڪار جي دست اندازيءَ ڪري ھو موٽي ويو ۽ ميرن جو لشڪر شڪارپور کان موٽي آيو.
    ھنن ميرن جي وڏن ٻن فوتي ڀائن جي پٽن مير صوبدار ۽ مير محمد فساد شروع ڪيو ۽ ملڪ جو حصو گهرڻ لڳا، تنھنڪري ھنن کي ڪي پرڳڻا جاگير ۾ مليا. نيٺ 1828ع ۾ مير ڪرم علي خان ڪنھن به اولاد کان سواءِ وفات ڪئي ۽ فقط مير مراد علي خان حڪومت ڪرڻ لڳو.
    ھن مير نئي سر انگريز سرڪار ۽ ايران جي بادشاھ ۽ ڪڇ جي راو ۽ پنجاب جي راجا رنجيت سنگھه ۽ مسقط جي امام ۽ مڪي جي شريف سان دوستي رکي وئي. ھن مير جي ڏينھن ۾ شاھ شجاع الملڪ سنڌ ۾ آيو، نيٺ 12 لک رپيا وٺي موٽي ويو. انگريزن سان به تازا عھدناما ٿيا جن موجب انگريزن کي سنڌ ۾ اچڻ وڃڻ جي رخصت ملي ۽ طرفين جي وچ ۾ واپار جاري ٿيو ۽ سنڌو نديءَ تي واپاري آڳٻوٽ ھلڻ لڳا.
    سن 1833ع ۾ مير مراد علي خان وفات ڪئي. انھيءَ کي چار پٽ ھئا مير نور محمد خان، مير محمد نصير خان، مير محمد خان ۽ مير يار محمد خان.


    سبق ٽيٽيھون: مير نور محمد خان ۽ مير نصير خان واري چؤياري حڪومت

    مير مراد علي خان جي مرڻ تي بلوچن جي مجلس گڏ ٿي ۽ انھن جي ٺھراءُ موجب ملڪ وراھي چار حصا ڪيائون ۽ مير مراد علي خان جي چئني پٽن کي ڏنائون، جي گڏجي حڪومت ڪرڻ لڳا. ڪي ماڻھو ھن کي پوئين يا ننڍي چؤياري سڏيندا آھن. ساڳيءَ طرح مير سھراب خان خيرپور واري به سن 1830ع ۾ وفات ڪئي ۽ انھيءَ جو ملڪ به سندس ٻن پٽن مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان کي ورھائي ڏنو ويو. وري ميرپور واري مير ٺاري خان جو پٽ مير علي مراد خان به مري ويو ھو، تنھن جو ملڪ سندس ٽن پٽن مير شير محمد خان ۽ مير شاھ محمد خان ۽ مير خان محمد خان کي ورھائي ڏنو ويو. انھيءَ طرح ساري سنڌ ننڍن ميرن ۾ ٽڪر ٽڪر ٿي ورھائجي وئي، مگر سڀني ۾ مير نور محمد خان وڏو ھو، تنھنڪري رئيس ٺھرايو ويو.
    ھنن ميرن جي ڏينھن ۾ انگريز سرڪار کي سنڌ ۾ پنھنجي وڪيل رکڻ جي اجازت ملي ۽ ڪرنل پاٽنجر پھريون وڪيل ٿي آيو. ھن راڄ جي پھرين چئن پنجن ورھن کان پوءِ شاھ شجاع الملڪ جنھن کي ڪابل کان ھڪالي ڪڍيو ھئائون، تنھن کي پنجاب جي راجا جي صلاح سان انگريز سرڪار موٽي ڪابل جي تخت تي وھارڻ جو ارادو ڪيو. ھڪڙو وڏو لشڪر بمبئيءَ کان ڪراچيءَ جي رستي سر جان ڪين جي ھٿ ھيٺ روانو ٿيو ۽ درياھ جي رستي مٿي وڃڻو ھو. ميرن پھرين اعتراض آندو، جنھنڪري انگريزي لشڪر منھڙي جو ڪوٽ ڀڃي ڪراچيءَ منجھان لنگهي اڳتي ھليو. سرڪار جو زور ڏسي نيٺ ميرن موڪل ڏني ۽ لشڪر درياھ جي رستي لنگهي ويو. شاھ شجاع کي ڪابل جي تخت تي وھاري انگريزي لشڪر وري به درياھ جي رستي موٽي ھليو ويو. سگهوئي پوءِ مير نور محمد خان سن 1841ع ۾ وفات ڪئي ۽ مير نصير محمد خان سنڌ جو رئيس يا حاڪم ٿيو. ستت ئي مير نور محمد خان جي پٽن جي وچ ۾ ورثي تي تڪرار ٿيو، جنھن جو ريزيڊنٽ ڪرنل اؤٽرم جي معرفت ٺھراءُ ٿيو. ٻئي سال ۾ سر چارلس نيپيئر وڏو ريزيڊنٽ مقرر ٿي آيو، جنھن ميرن سان نئون عھدنامو ڪرڻ گهريو جنھن موجب انگريز سرڪار جو سڪو حيدرآباد ۾ ھلڻو ھو ۽ ڪراچي ٺٽي سميت سرڪار کي ملڻي ھئي ۽ سبزل ڪوٽ روھڙيءَ سميت بھاولپور جي نواب کي ملڻو ھو ۽ درياھ جي ٻنھي ڀرين سان سؤ يارڊن جيتري زمين ڪاٺين وڍڻ لاءِ سرڪار کي ملڻي ھئي. اھو عھدنامو ميرن پھرين قبول نه ٿي ڪيو پر پوءِ نيٺ لاچار ٿي قبول ڪيائون، ڇا لاءِ جو انھيءَ وقت ڌاري خيرپور جي پاسي ٻن ڀائن مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان جو تڪرار ٿي پيو ۽ حيدرآباد ۾ مير صوبدار جو ٻين سان تڪرار ٿي پيو ۽ انھن انگريز سرڪار کان مدد ٿي گهري. مگر گهڻا بلوچ انھي عھدنامي تي ناراض ٿي ريزيڊنٽ جي بنگلي تي ڪاھي آيا. اؤٽرم صاحب لاچار ٿي پنھنجو سڄو عملو وٺي ٻن آڳبوٽن ۾ چڙھي روانو ٿيو ۽ وڃي سيوھڻ ڌاري سر چارلس نيپئر کي گڏيو.


    سبق چوٽيھون: انگريزن جو سنڌ فتح ڪرڻ

    ميرن جي ھيءَ ھلت ڏسي سن 1843ع ۾ سر چارلس نيپئر، جو خيرپور وارو تڪرار فيصل ڪري ۽ مير مراد علي خان کي گاديءَ تي وھاري موٽيو ھو، سو ھاڻ ڪاوڙجي پنج ھزار ماڻھو ۽ ٻارهن توبون وٺي ھالن ۽ مٽيارين جي رستي حيدرآباد ڏانھن ڪاھي آيو. جڏھن ھن جي منزل مياڻيءَ وٽ ٿي تڏھن ميرن ٻاويھن ھزارن جو لشڪر انھيءَ کي روڪڻ لاءِ موڪليو. اتي جنگ لڳي جا صبح کان وٺي ٻنپھرن تائين ھلي. ميرن جا پنج ھزار ماڻھو مئا ۽ انگريزن جا قريب ٽي سؤ. نيٺ بلوچن شڪست کاڌي ۽ مير اچي حيدرآباد جي ڪوٽ ۾ ويٺا. ٻئي ڏينھن صبح جو سر چارلس نيپئر ميرن ڏي چوائي موڪليو ته اچي پيش پئو نه ته آءٌ حيدرآباد ۾ اچي ڪوٽ توبن سان اڏائي ڇڏيندس. جڏھن بلوچن وڙھڻ جي نه ڪئي تڏھن لاچار نصير خان پنھنجا ٻه ڀائٽيا پاڻ سان وٺي ستن اٺن ماڻھن سان جنرل نيپئر جي تنبوءَ ۾ ويو، وڃي ھٿيار لائي ڏنائين ۽ مٿن ھڪدم پھرو رکايو ويو. ٽئين ڏينھن انگريزي پلٽڻ حيدرآباد جو قلعو اچي ورتو ۽ ٺلهه تي پنھنجو جهنڊو کوڙيائون ۽ ڪوٽ جون ڪنجيون وٺي خزانو ھٿ ڪيائون. مير صوبدار خان ۽ مير محمد کي به نظربند ڪيائون.
    ھيءَ خبر ٻڌي مير شير محمد خان ميرپور مان پنج ھزار لشڪر وٺي انگريزن سان وڙھڻ لاءِ ڪاھي آيو. سر چارلس نيپئر دٻي وٽ وڃي پھتس. چڱي جنگ لڳي جنھن ۾ مير شير محمد ھارايو ۽ پنجاب ڏي ڀڄي ويو ۽ سندس ڀاءُ مير شاھ محمد قيد ٿي پيو. في الحال سڀني ميرن کي نظربند ڪري آڳبوٽ ۾ وجھي درياھ جي وچ تي بيھاري ڇڏيائون ۽ پوءِ انھن کي بمبئيءَ ڏي ڏياري موڪليائون. اتان پوءِ اھي وري ڪلڪتي ويا جتي اٺ ورھه رھيا. انھيءَ عرصي ۾ وڏا اتي وفات ڪري ويا ۽ سندس لاشا ھتي آيا ۽ ننڍا پوءِ موٽي حيدرآباد آيا. انھيءَ طرح ٽالپرن جي حڪومت ٻاھٺ ورھن کان پوءِ پوري ٿي ۽ انگريز سرڪار جي حڪومت شروع ٿي.


    سبق پنجٽيھون: ٽالپرن ميرن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت

    ميرن صاحبن جي حڪومت اڳئين زماني جي راڄاڻي حڪومت جي نموني تي ھئي. ھو ملڪ جا گهڻا ڀاڱا پنھنجن سردارن کي جاگيرون ڪري ڏئي ڇڏيندا ھئا ۽ انھي جي عيوض جنگ جي وقت ھو پاڻ به ايندا ھئا ۽ پنھنجا ماڻھو گڏ ڪري لشڪر وٺي ايندا ھئا. مير صاحب صبح جو سوير ڪچھري ڪندا ھئا. اتي ماڻھو اچي عرض احوال ڪندا ھئا. حڪم احڪام ديوانن کان لکرائي انھن تي پنھنجي صحيح وجهندا ھئا يا مھر ھڻائيندا ھئا. ديوانن کان سواءِ مختيارڪار، ڪاردار ۽ محرر ھوندا ھئا. مختيارڪار جو پگهار ھڪ ٻن سوَن جي وچ ۾ ھوندو ھو، ڪاردار جو ٽيھن کان سٺ تائين ۽ محرر کي ڇھه ست رپيا ملندا ھئا. شھر جي سنڀال لاءِ چڀونڙائي يا يا فوجدار ھوندو ھو. چوڪيدار ھاڻوڪي ڪانسٽبل يا پٽيوالي وانگي ھوندو ھو ۽ ٽي يا چار رپيا پگهار ملندو ھوس. وڏن ميرن جي ڏينھن ۾ وڏن ڪامورن کي پگهار کان سواءِ ڇھه ماھيون ۽ ساليانا به ملندا ھئا، ۽ ڪپڙا گنديون به. پگهار ھر مھيني ۾ نه ملندو ھو، چئن پنجن مھينن جو گڏي ڏيندا ھئا. ٻين ميرن يا سردارن کي جاگيرون ھيون مگر جھونن نوڪرن کي پينشن ڪا نه ملندي ھئي. چڀوتڙائيءَ کي سٺ ستر رپيا پگهار ملندو ھو. مئجسٽريٽ به ھوندو ھو، يعني فيصلا به ڪندو ھو ۽ سزائون به ڏيندو ھو. ھيٺانس سؤ کن چوڪيدار يا ڪانسٽبل ھوندا ھئا. اھو ڏوھارين کي ڏنڊ به وجهندو ھو ۽ ڪاٺ به وجهندو ھو. چورن کي قيد خاني ۾ وجهندا ھئا، ۽ اتي کاڌو ڏيندا ھئن. خونيءَ کي ڦاسيءَ جي سزا مير صاحب پاڻ ڏيندو ھو. ڪڏھن ته انھيءَ جو ڏاڙھي مٿو ڪوڙائي يا نڪ چپ وڍائي، گڏھ تي چاڙھي بازار مان لنگهائي پوءِ معافي ڏيندا ھئس ۽ سندس مائٽن کان خون بھا وٺي ڏيندا ھئا. ديواني ڪمن لاءِ ڪو سرڪاري بندوبست ڪو نه ھو، راڄوڻو ۽ پنچاتي بندوبست ھو. مسلمانن جا فيصلا قاضي ڪندا ھئا. توبخانو به ھوندو ھو، پر توبون ۽ بندوقون سنڌي نموني جون ۽ ڳريون ھونديون ھيون. آبادگارن کان في جريب تي ٻن کان اٺن رپين تائين ڍل وٺبي ھئي. ڪن پوکن جي ڪاردار بٽئي ڪندا ھئا. گهر گهر تي پيشڪش محصول به ھڪ ٻن رپين تائين ٻڌبو ھو. اھا وصولي محرر ۽ پيادا ڪندا ھئا. پيادن جو پگهار گهر گهر کان پيسو يا ٽڪو وٺائي ڏيندا ھئا. ڪپڙي ۽ ٻين واپار جي شين تي محصول ھوندو ھو. سڪا سونَ ۽ چانديءَ ۽ ٽامي جا ھلندا ھئا. پيسن کان ھيٺ دمڙيون، ڪسيرا ڪوڏيون به ھلنديون ھيون. علم پڙھائڻ لاءِ خانگي مڪتب ھئا، سرڪاري مڪتب ڪو نه ھو. ملڪ جي سڌاري ۽ شھر جي صفائيءَ جو به ڪو بندوبست ڪونه ھو. نه ڪي شاھي سڙڪون ھُيون. قاصد خط آڻيندا نيندا ھئا، ۽ انھيءَ لاءِ ھنن کي خانگي اجورو ملندو ھو. ماڻھو اڪثر مفلس ھوندا ھئا. ھندن ۾ به دولتمند ڪين ھئا. ھندو به پارسي پڙھندا ھئا. ڪي ٿورا برھمڻ سنسڪرت ڄاڻندا ھئا. پارسي پڙھڻ لاءِ آخوند ھئا، جن کي ھر ھڪ شاگرد لاءِ جمعگي جو ٽڪو ۽ رپئي تائين لوازمو ملندو ھو ۽ وڏن ڏينھن تي خرچي ملندي ھئي.


    سبق ڇٽيھون: انگريز سرڪار جي حڪومت جو شروع ٿيڻ

    سنڌ فتح ٿيڻ تي سر چارلس نيپئر سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. ميرن کي اٽڪل چار لک رپيا ماھياني پينشن ڏني وئي ۽ قريب ڏيڊ لک جون جاگيرون ڏنيون ويون. سر چارلس جي ڏنل اشتھار موجب ٽن ھزارن جاگيردارن اچي سلام ڪيو ۽ انھن جون جاگيرون بحال رکيون ويون. خيرپور جي رياست مير علي مراد خان جي حوالي ڪئي وئي، باقي سڀ ملڪ سرڪار پنھنجي ھٿ رکيو ۽ انھيءَ کي ٽن ڪليڪٽرن يا ضلعن ۾ وراھيو ـــ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور. ڪليڪٽرن جي ھٿ ھيٺ وري ڊيپوٽي ڪليڪٽر رکيا ويا، جن کي ھڪ ھڪ ڊويزن يا ڀاڱو ڏنو ويو. ھر ھڪ ڀاڱي ۾ وري ڪاردار ۽ سزاولڪار رکيا ويا ۽ ماڻھن جي جان ۽ مال جي بچاءَ لاءِ پوليس جو بندوبست رکايو ويو.
    ٻئي سال ۾ سر چارلس نيپئر لشڪر وٺي بلوچستان جي سرحد وارن ٽڪرن جي ڊومڪين ۽ ڪن ٻين قومن کي مطيع ڪرڻ ويو، جو انھن فساد مچايو ھو ۽ ڦرلٽ ڪرڻ لڳا ھئا. مير علي مراد خان به مدد ڏني. آخر فساد ڪندڙن سردارن کي گرفتار ڪيائون. ٿورو ٿورو ڪري سنڌ ۾ سڀ ظلم ۽ فساد بند ٿيا ۽ حڪومت آرام سان ھلڻ لڳي. نيپئر صاحب ڪراچيءَ جي بندر کي به سڌاريو ۽ ھڪڙو بند اتي ٺھرايائين جنھن تي اڃا سندس نالو ھليو اچي.
    قريب پنجن ورھن جي حڪومت کان پوءِ سر چارلس ولايت ڏي روانو ٿيو. پوءِ سرڪار سنڌ بمبئي کاتي سان لڳائي ڇڏي ۽ بمبئيءَ جي گورنر ھيٺ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو. انھيءَ وقت ۾ لارڊ ايلمبرو صاحب بھادر ڪلڪتي ۾ وائسراءِ ھو ۽ سر جارج ڪلارڪ صاحب بمبئيءَ جو گورنر ھو ۽ مسٽر پرنگل سنڌ جو پھريون ڪمشنر مقرر ٿيو.
    سن 1851ع ۾ فريئر صاحب ڪمشنر ٿي آيو، جو پوءِ سر بارٽل فريئر ٿيو. ھو اٺ ورھيه سنڌ ۾ رھيو. ھن جي ڏينھن ۾ سنڌ ۾ گهڻا سڌارا ٿيا. ديواني ڪم جو بندوبست ٿيو. واپار وڌائڻ لاءِ ميلا مقرر ٿيا. ميونسپالٽيون پوڻ لڳيون. پوليس جو بھتر بندوبست ٿيو. اڀرندو نارو نڪتو. انگريزي اسڪول پوڻ لڳا. ڪراچي ۽ ڪوٽڙي جي ريلوي شروع ٿي ۽ ڪوٽڙي کان ملتان تائين آڳبوٽ شروع ٿيا.
    تنھن کان پوءِ وقت بوقت ڪمشنر صاحب ايندا رھيا، جن جا نالا ھيٺ اچن ٿا. انهن مان مشھور هي هئا، جي ڳچ تائين سنڌ ۾ رهيا: سر وليم ميري ويدر صاحب، جو ڏھ ورھه سنڌ ۾ رھيو، سر ايوان جيمس، جو پڻ ڏھ ورھه رھيو ۽ مسٽر ينگ ھسبنڊ، جو ست ورھه رھيو. ٻيا سڀ ٿورا ورھه رھيا مگر ھر ھڪ جي ڏينھن ۾ جدا جدا قسمن جا جدا جدا کاتن ۾ جدا جدا طرفن جا سڌارا ۽ بندوبست ٿيندا ويا.


    سبق ستٽيھون: سنڌ جا ڪمشنر صاحب ۽ انھن جي وقت ۾ سڌارا

    فريئر صاحب کان پوءِ اِنو رارٽي صاحب آيو. انھيءَ کان پوءِ مانسفليڊ صاحب، پوءِ سر وليم ميري صاحب، پوءِ ميلول صاحب، پوءِ ارسڪن صاحب، پوءِ پرچرڊ صاحب، پوءِ ٽريور صاحب، پوءِ جيمس صاحب، پوءِ آليونٽ صاحب، پوءِ ونگيٽ صاحب، پوءِ وري سر ايوان جيمس صاحب، پوءِ جائلس صاحب، پوءِ ڪمن صاحب، پوءِ ميوئر ميڪنزي صاحب، پوءِ ماريسن صاحب، پوءِ ينگ ھسبنڊ صاحب، پوءِ وري ليوڪس صاحب، پوءِ لارينس صاحب، پوءِ ريو صاحب ۽ ڪيڊل صاحب، جو ھاڻي سنڌ ۾ آھي.
    انھن ڪمشنر صاحبن جي وقت ۾ ھيٺيان سڌاري جا ڪم ٿيا: سروي ۽ سٽلمنٽ ۽ ڍل ٻڌڻ جو ٺھراءُ ٿيو. وڏا وڏا واھ جاري ٿيا ۽ درياھ جا وڏا وڏا بند ٺھيا. ڪراچي جو بندر سڌريو. فوجداري ڪم لاءِ ڪورٽون مقرر ٿيون. صدر ڪورٽ مقرر ٿي. سڪولي کاتي زور ورتو ۽ ڪيترائي سنڌي ۽ انگريزي سڪول [اسڪول] کليا. ملڪ ۾ شاهي سڙڪون پئجي ويون. درياهه تي گهڻين هنڌين پتڻ مقرر ٿيا. وڏن واھن تي ۽ درياھه تي پليون پيون. ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي ۽ ڪوٽريءَ کان سکر ۽ سکر کان ملتان واري لائين ۽ بلوچستان واري لائين ۽ شادي پليءَ واري ۽ جوڌپور واري ۽ بدين واري ۽ ٻيون ڪي ريلوي لائنون جاري ٿيون. قرضي زميندارن جي لاءِ انڪمبرڊ سٽيٽس جو کاتو کليو.
    گهوڙن جا ميلا مقرر ٿيا. ميونسپالٽين ۽ لوڪل بورڊن ۽ سينيٽري ڪميٽين جو چڱو بندوبست ٿيو. ايگريڪلچر سڪول ۽ انجنيري سڪول ۽ ميڊيڪل سڪول ۽ ھنري سڪول جاري ٿيا ۽ ڪاليج ۽ مدرسا کليا. جيل ۽ چرين جي اسپتال ۽ مردانون ۽ زنانيون اسپتالون ۽ جانورن جون اسپتالون جاري ٿيون. بمبئيءَ جو گورنر صاحب بھادر ۽ وائسراءِ صاحب بھادر جي ڪائونسلن ۾ سنڌ جا ميمبر داخل ٿيا. ٽپال ۽ تار جا کاتا مقرر ٿيا. انھن کان سواءِ ڪسٽمس يا درياھي محصول جو کاتو ۽ لوڻ جو کاتو جاري ٿيو. امتحانن کان پوءِ ڏيھي ماڻھن کي سڀني کاتن ۾ وڏن وڏن عھدن جون نوڪريون ملڻ لڳيون. نوٽن ۽ سٽامپن جو کاتو، پوليٽيڪل يا ملڪي کاتو ۽ ٻيلن جو کاتو، اھي سڀ کاتا جاري ٿيا، جي اڃا تائين پيا ھلن.
    ھن وقت سنڌ ۾ مڙئي ست ضلعا آھن يعني ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نواب شاھ، ٿرپارڪر ۽ سرحد سنڌ، انھن مان پھرين ڇھن ۾ ڪليڪٽر صاحب آھن ۽ پوئين ۾ ڊيپوٽي ڪمشنر.


    سبق اٺٽيھون: انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت

    انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ جيڪي سڌارا ٿيا تن جو نتيجو اھو ٿيو آھي جو گذريل آدمشماريءَ موجب سنڌ ۾ ڪل ٻٽيھه لک ماڻھو آھن ۽ گذريلن ڏھن ورھن ۾ اُھي قريب ساڍا ٽي لک وڌيا آھن. جڏھن انگريز سرڪار ٽالپرن کان سنڌ ورتي تڏھن ڏھ پندرھن لک ماڻھو مس ھئا. آبادي زياده وڌي آھي ۽ ڍل وغيره مان پيدائش زياده ٿي آھي. اڳي جي به نسبت ماڻھن تي ڍل جو بار ھلڪو ٿيو آھي. ماڻھن جي سنڀال بھتر ٿي آھي ۽ انصاف جو بندوبست بھتر آھي. ڏوھ اڳي کان گھٽ آھن ۽ ڏوھارين کي سزا پوري طرح ملي ٿي ۽ جيلن ۾ ھنر سيکارڻ ۾ اچن ٿا. ميونسپالٽين ۽ لوڪل بورڊن جي معرفت ماڻھن کي پاڻ تي حڪم ھلائڻ جو حصو ملي ٿو ۽ ڪائونسلن ۾ ميمبر ھئڻ ڪري ملڪ جي قاعدن جوڙڻ ۾ به ھو شريڪ ٿين ٿا. ساڳئي وقت ۾ صفائي ۽ تندرستيءَ جو به بھتر بندوبست ھلي ٿو. اسپتالون ۽ دواخانا خلق جي لاءِ عام ٿي ويا آھن. بيماريءَ پوڻ وقت به پورو بندوبست ٿئي ٿو. سيتلا جي بند ڪرڻ لاءِ ٽڪن جو ڪم عام ھلي ٿو. شاھي رستا عام ٿي ويا آھن. سڙڪن جي پاسن سان ڇانو ۽ آسائش لاءِ وڻ لڳي ويا آھن. تنھن کان سواءِ ماڻھن جي خوش ڪرڻ لاءِ عمدا باغ موجود ڪيا ويا آھن، جتي ڪو به غريب ماڻھو وڃي ويھي فرحت وٺي سگهي ٿو. مسافري ڪرڻ جي لاءِ مزي جھڙيون گهوڙي گاڏيون ۽ بئسڪلون ۽ موٽر گاڏيون ۽ ريل گاڏيون عام ٿي ويون آھن جن جي وسيلي ۽ آڳبوٽن ۽ جھازن ۽ ٻيڙين جي وسيلي جھڙو ماڻھن لاءِ تھڙو واپار لاءِ نھايت گهڻو سک ٿي پيو آھي. ٽپال ۽ تار جو بندوبست اھڙو آھي جو ٽڪي پئسي جي ٽڪليءَ سان گهر ويٺي خط پٽ پيا اچن ۽ لحظي ۾ پري پري جي خبر چار وٺي ٿي سگهجي. تعليم پکيڙڻ لاءِ تمام گهڻا اسڪول ۽ ڪاليج ۽ مدرسا ٿي ويا آھن ۽ غريب پڙھندڙن کي مدد لاءِ سڪالرشپون ملن ٿيون ۽ رھڻ لاءِ بورڊنگ جو بندوبست آھي. بلڪ مذھبي تعليم لاءِ ملن جي مڪتبن کي به مدد ملي ٿي. سڀ ڪنھن کي پنھنجي مذھب تي ھلڻ جي آزادي آھي. ڪيتريون ئي ڪلون ۽ ڪارخانا جاري ٿي ويا آھن. جان ۽ مال جو ھر طرح بچاءُ آھي.
    جڏھن اھي سک ۽ سڌارا ۽ ملڪ ۽ ماڻھن جي ھاڻوڪي حالت اڳين وقتن جي حالتن سان مقابلو ڪري ڏسبو تڏھن سڀ ڪنھن رعيتي ماڻھوءَ تي فرض ٿيندو ته ھو اھڙي عادل ۽ ٻاجھاري سرڪار جو دل ۽ جان سان شڪرگذار رھي ۽ سندس قائم رھڻ جي خدا کان دعا گهري ۽ ھر طرح سندس تابعدار ۽ فرمانبدار رھي ۽ ساڻس وفادار ۽ ايماندار رھي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2927547
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 760902
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ