تقريظ ؛ آزاد بخاري
1983ع ۾ فراش ڳوٺ ۾ پنهنجي دوست هم ڪلاسي حزب الله پيرزاده ڏي اچڻ وڃڻ ٿيو. 1982ع ۾ سندس والد صاحب ميان بشير احمد پيرزاده سان سکر جي مشهور همدرد پريس تي اڪثر ملاقات ٿيندي هئي. جڏهن ته ارشاد احمد پيرزاده سان به ساٿي ٻارڙا سنگت جي حوالي سان دوستيءَ جو سٻند هو. جنهن ڪري سندن ڳوٺ فراش ۾ اڪثر اچڻ وڃڻ رهيو.
فراش ڳوٺ ضلعي سکر جو تاريخي ۽ قديمي ڳوٺ آهي. ورهاڱي کان اڳ ۾ حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزادو ۽ ورهاڱي کان پوءِ سندس فرزند ميان محمد قاسم پيرزادو مشهور سياسي سماجي ورڪر طور سڃاتا ويندا هئا. پر انهن کان وڌيڪ اتان جي بزرگ هستي حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جو اسم گرامي پوري علائقي ۾ اعلى مرتبو رکندڙ هستي طور ورتو ويندو آهي، جنهن هن علائقي مان نشي جي بدعت کي ختم ڪرايو.
حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي، شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتان جا خليفا هئا. ۽ تصوف جي سُهروردي سلسلي سان سندن تعلق هيو. سرزمين سنڌ صوفين ۽ ولين جي سرزمين رهي آهي. جت صوفين مذهبي انتهاپسندي بجاءِ رواداري، پيار، محبت ۽ انسانيت سان انسيت جو درس ڏنو آهي. اهڙو پيغام پهچائيندڙن ۾ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي به قابل ذڪر آهي. جنهن پنهنجي رياضت ۽ روحانيت سان علائقي جي اندر غلط رستي تي هلندڙ ماڻهن کي سنئين راھ تي آندو.
مخدوم صاحب تي تاريخي حوالي سان تمام گهٽ لکيو ويو آهي. هينئر ڪجهه سالن کان سندس عرس جي حوالي. ٿيندڙ ڪانفرنسز ۾ ڪجهه اديبن محنت ۽ جاکوڙ ڪري مقالا لکيا آهن ۽ تاريخي ڪتابن کان حوالا ڏنا آهن پر سندس باري ۾ اڃان مبهم معلومات ملي ٿي. ليکڪ حضراتن مخدوم صاحب جون صرف ڪرامتون ظاهر ڪيون آهن جن جو بڻ بنياد پڻ ثقيف نظر اچي ٿو. پر جيڪڏهن اديبن ليکڪن مخدوم صاحب جي باري ۾ تحقيق جاري رکي ته قوي اميد آهي ته اسان آڏو بزرگ بابت ڪا نئين ڄاڻ اچي وڃي. 1855ع ۾ انگريز ليکڪ “آر ايڇ ٿامس” به مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي جي نشي خلاف تحريڪ هلائڻ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. جڏهن ته مولانا عبدالفتاح قريشي فراشائي صاحب سندس فارسي سوانح “جامع الڪمالات” به لکي. ان بعد حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده ان فارسي سوانح کي سامهون رکي سنڌيءَ ۾ سندس سوانح لکي علائقي جي ماڻهن کي پنهنجي وڏي بزرگ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي جي ڪمالات ۽ ڪرامات کان واقف ڪرايو. جنهن بعد هر ايندڙ ليکڪ گهٽ وڌ انهن ڳالهين جو ورجاءُ ڪيو آهي. افسوس جو مقام آهي ته مخدوم صاحب بابت مذهبي تحقيقي ڪتابن (جيڪي گهڻو ڪري) فارسي ۽ سنڌي ۾ آهن مان رهنمائي به نه ورتي وئي بلڪه محققن کولڻ جي به ڪوشش ناهي ورتي. ورنه سندس مرشد بهاؤالدين زڪريا بابت لکيل ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب مان مخدوم صاحب بابت ڪجهه مواد ملي سگهي ٿو. پر لڳي ائين ٿو ته اڪثر مقالي نگارن هڪ ٻئي تان اوتارو پئي ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ شڪارپور جي مذهبي ليکڪ ۽ اديب عبدالجبار عبد سومري صاحب، مخدوم صاحب تي سنڌي ۾ ڪتاب آڻي سٺو ڪم ڪيو آهي. جنهن ۾ به بزرگ جي ڪرامتن جو جهجهو ذڪر ڪيل آهي. جڏهن ته سندس مرحوم فرزند ڪاشف حسين سومري به اردو ۾ ڪتاب ترتيب ڏنو آهي جنهن ۾ ڪجهه اضافن لڳ ڀڳ ساڳيو سنڌي ڪتاب وارو مواد نظر اچي ٿو. جڏهن ته فراش ڳوٺ جي تاريخي اهميت ۽ اتان جي سياسي سماجي ماحول جي عڪاسي بنهه گهٽ نظر ٿي اچي.
محمد شوڪت علي پيرزاده جو هي ڪتاب ٿي سگهي ٿو ته تحقيق جي فن مطابق پورو نه لهي پر هن نوجوان ڪتاب ۾ پيرزاده خاندان جي چڳن جي باري ۾ مختصر تعارف ڏئي ڪتاب ۾ نواڻ آندي آهي. ته اتي مخدوم صاحب جي مرشد، همعصر بزرگن ۽ پوئلڳن جي باري ۾ به ڪافي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر مان سمجهان ٿو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مخدوم صاحب جي دؤر جي حالتن کي مدنظر رکي نئين سر تحقيق ڪئي وڃي ته بهتر ٿيندو.
هن ڪتاب ۾ محمد شوڪت علي پيرزاده، مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جي سوانح سان گڏ تاريخي حقيقتون به درج ڪيون آهن جيئن:
۱- فراش ڳوٺ جي آس پاس جي ڳوٺن جو ذڪر جيڪي جتوئي برادري جي ماڻهن جا اڏيل آهن. جهڙوڪ: باگڙجي، گوسرجي، لکي، جهان خان وغيره
۲- ورائي ڳوٺ جي تڳيو فقير جو ذڪر جنهن فراش ڳوٺ کان دولهه داداڻي تائين رستو ٺاهڻ لاءِ دڙا سڌا ڪيا پئي ته انهن دڙن مان اڪثر ٺڪر جا برتن پئي نڪتا.
هت هيءَ ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته فراش ڳوٺ سکر بکر طرف وڃڻ لئه حاڪمن فاتحن جو لنگهه هو. جنهن جو ذڪر ابو ظفر ندوي جي ڪتاب “مختصر تاريخ هند” ۽ ميمڻ عبدالمجيد جي ڪتاب “شڪارپور جي ٻولي” ۾ فراش ڳوٺ کي اچ وڃ جو رستو “لنگهه” طور ڄاڻايو آهي. جنهن کي نظر ۾ رکي چئي سگهجي ٿو ته خود فراش ڳوٺ يا ان جا ڀر تر جا ڳوٺ جنگجو فاتحن جي لنگهه ڪري ضرور تاراج ٿيا هوندا. ۽ ڌرتيءَ جي پٽن جو خون ضرور وهيو هوندو. ڪٿي. تڳئي فقير کي جيڪي دڙن مان ٺڪر جا ٿانو مليا ڪٿ انهن فاتحن هٿان تباھ ٿيل ڳوٺن مان ته مليا آهن جيڪي هينئر دڙا ٿي ويا آهن. تنهن ڪري انهن دڙن جي کوٽائي ٿيڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ آرڪيالاجي کاتي سان پڻ رابطو ڪرڻ گهرجي ته آخر انهن دڙن هيٺيان ڇاڇا پوريل آهي. جيئن، ميراڻي مسيت وارو دڙو وغيره
فراش ڳوٺ جي وڻج واپار جو به جائزو وٺڻ گهرجي ته آخر مخدوم صدر شاھ عثمان جي دؤر ۾ هتان جي ماڻهن جي ڪهڙي تجارت هئي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب جي دؤر ۾ هتان جي ماڻهن جي روزگار جو اهم ذريعو نشي جي پوک هئي جنهن کي مخدوم صاحب ختم ڪرايو. انگريز ليکڪ “آر ايڇ ٿامس” پنهنجي ڪتاب “مئمائرس آن سنڌ” ۾ لکي ٿو.
“The cause assigned for the distinction is a prophecy of one Makhdoom Oosman”
جنهن مان ائين لڳي ٿو ته مخدوم صدر شاھ عثمان قريشيءَ کي باقائده Assigned ڪيو ويو هو ته ان قبيع ڌنڌي کي ختم ڪرايو. تنهن ڪري سوال ٿو پيدا ٿئي ته اها اسائنمينٽ مخدوم صاحب کي ڪنهن ڏني. سندس مرشد يا حاڪمِ وقت يا ازغيبي. ان بابت به تحقيق ٿيڻ گهرجي.
مخدوم صاحب جڏهن نشي جي پوک کي ختم ڪرايو پئي ته سندس اهم ٻانهن ٻيلي ڪير ڪير هئا. يقينن ان عمل جي مخالفت کي به ته منهن ڏنو هوندائون. سندس مخالفت ڪهڙن ماڻهن، برادرين ڪئي.
ٿيٻن؛ مخدوم صاحب جي اولاد جو قتل عام ڇو ڪيو؟ چون ٿا ته ان قتلِ عام ۾ ۳۰۰ جي لڳ ڀڳ مخدوم صاحب جي اولاد کي قتل ڪيو ويو هو. ٿيٻه قوم جي مخدوم صاحب جي اولاد سان ايتري عداوت ڇو ۽ ڇاڪاڻ؟ اها ڳالهه به تحقيق لائق آهي. جنهن تي ضرور تحقيق ٿيڻ گهرجي.
سندس خاص خليفا ڪهڙين برادرين مان هئا. مخدوم صاحب جي مريدن جو ڪافي وسيع حلقو هيو، جن ۾ مهر برادري به شامل هئي. انهن بابت جيڪڏهن معلومات ڏني وڃي ها ته اڃان به ڪتاب کي چار چنڊ لڳي وڃن ها.
پوءِ به محمد شوڪت علي پيرزاده جي ڪتاب “فائق، فراش جو” ۾ ڪيل محنت قابل داد آهي. جنهن پنهنجي محدود ڄاڻ باوجود لائبريرين جي ڇنڊڇاڻ ڪري هي ڪتاب اسان جي هٿن ۾ ڏنو آهي. جنهن ۾ هن 1939ع کان وٺي 2015ع تائين جي فراش ڳوٺ جي تاريخي ورنيڪيولر اسڪول جي درس تدريس جو به سن وائيز ذڪر ڪري سڀني هيڊ ماسترن جا نائبن سميت نالا ۽ سندن عرصو ڏئي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪيو آهي. جڏهن ته مخدوم صاحب جي قائم ڪيل قديمي مدرسي جي استادن ۽ شاگردن جي تاريخ کي به سنهري ورقن ۾ محفوظ ڪيو اٿس. قوي يقين آهي ته هي ڪتاب تاريخ جي شائقن کي ضرور وڻندو ۽ هن مان حذ حاصل ڪندا.
[b] آزاد بخاري، چڪ [/b]