زرعي مشاورت اهميت ۽ ضرورت
ڀلي ته سائنس ڪيتري به ترقي ڪري وڃي، ڀلي ته ڪهڙي ڪهڙي به ڌات ۽ پاڻياٺ، ڪهڙي به مشين ۽ اوزار ايجاد پٺيان ايجاد ٿيندا رهن، پر پيٽ قوت جو دارومدار زراعت تي! زراعت، يعني عام فصلن، ڀاڄين ۽ ميون تي ته ڀاڙي سگهجي ٿو، پر انجنيئرنگ، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي، موبائيل سهوليتون، طب، حڪمت، زراعت کانسواءِ وارا باقي سڀ مضمون، سڀ شعبا، زراعت جو متبادل نه ٿا ٿي سگهن. انهن مان ڪو به اهڙو شعبو نه آهي، جيڪو انسان جي خوراڪ جو نعم البدل ايجاد ڪري، ان ڪري زراعت کانسواءِ وارا باقي سڀ شعبا ثانوي حيثيت جا آهن.
قديم زراعت، جيڪا مڪمل طور تي قدرت ۽ فطرت تي ڀاڙيندي، ٿوري هنري ڦيرڦار سان ممڪن هئي، اها انساني آبادي وڌڻ ۽ سائنسي ترقي ٿيڻ جي ڪري، اهڙي جديد زراعت ٿيڻ لڳي، جنهن وسيلي ٿوريءَ ايراضيءَ مان ججهي اپت حاصل ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو جاري به آهي ۽ جيئن پوءِ تيئن جديد زراعت جي اهميت اڃا به وڌي رهي آهي.
اڳي، جڏهن زرعي اپت وڌيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ايراضيءَ ۾ پوک ڪئي ويندي هئي، تڏهن انسان به ٿورا هئا، انهن جي آبادي پٽاندڙ اپت به ٿوري گهربل هوندي هئي. جيئن جيئن ماڻهو وڌڻ لڳو، آدمشماري وڌڻ لڳي، ته رهڻ لاءِ وڌيڪ ايراضي گهربل رهي، سماجي تعلقات نڀائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ اچ وڃ تي زور ٿيو، ته رستا ۽ راهون هموار ڪرڻ، رکڻ لاءِ به زمين جو سيڙهاپو وڌڻ لڳو. نتيجو اهو نڪتو، ته پوک جهڙي زرعي ايراضيءَ يا ته رهائشي ۽ ٻين ضروري جاين، جڳهين ۽ عمارتن يا وري روڊ، ريل ۽ ڪچي پڪي رستي ۾ سيڙهجڻ لڳي ۽ زرعي اپت جي ضرورت ته جيئن پوءِ تيئن وڌندي رهي، پر ان لاءِ گهربل زرعي ايراضي وري تيزيءَ سان گهٽبي رهي آهي. اهڙي صورت ۾ جديد زراعت جي اهميت، هر ايندر ڏينهن وڌيڪ وڌي رهي آهي. سائنسي تجربا سالن کان جاري آهن. هر آئي ڏينهن، ڪا نه ڪا نئين ايجاد ٿي رهي آهي، پر... ماڻهو، انسان، خوراڪ لاءِ، صحت بخش خوراڪ لاءِ، نه صرف مقدار، پر خاصيت جي اعتبار کان به، اها خوراڪ هاڻ گهڻن لاءِ ميسر نه آهي، جيڪا موجوده سائنسي دور واري جديد زرعي سماج کان گهڻا سال اڳ ملندي هئي.
قديم زراعت ۾ زرعي زهر، جنهن کي عام طور زرعي دوا چيو ويندو آهي، ان جو استعمال ته پري جي ڳالهه آهي، پر پري جو تصور به نه هو. فصلن، ڀاڄين ۽ ميون کي نقصان پهچائيندڙ جيتن، جراثيمن ۽ غير ضروري ٻوٽن جو پوک تي منفي اثر ظاهر ٿيڻ لڳو، ته انهن جي خاتمي لاءِ دوائن جي نالي ۾ اهڙا زهر ايجاد ٿيندا رهيا، جن کي متعارف ڪرائڻ مهل، ان جي منفي اثرن جي ڪا خبر نه هئي، ته انهن جي استعمال کي عام ڪرڻ لاءِ تشريهه به موثر نموني انجام ڏني وئي ۽ ڏسندي ڏسندي، شايد هاڻ ڪو ورلي اهڙو آبادگار هجي، جيڪو زرعي دوا سڏجندڙ زرعي زهر استعمال نه ڪندو هجي.
زرعي زهرن جي منفي اثرن جي خبر پئي ته هاڻ وري اها زراعت جديد سڏجڻ لڳي آهي، جنهن ۾ زرعي دوا سڏجندڙ زرعي زهر استعمال نه ٿئي. نه صرف زرعي زهر، پر جڏهن خبر پئي ته فصلن، ڀاڄين ۽ ميون جي پيداوار وڌائڻ لاءِ سندن خوراڪي گهرجون پوريون ڪرڻ ضروري آهن، تڏهن مختلف ڪيميائي مرڪبن جي مدد سان، مصنوعي خوراڪ جا انيڪ قسم متعارف ڪرايا ويا، جيڪي زرعي ڀاڻ جي نالي سان عام جام استعمال ٿيڻ لڳا.
اڳتي هلي، ٻوٽن جون خوراڪي گهرجون پوريون ڪندڙ مصنوعي خوراڪ جو زرعي واهپيڪار انسان، پکي، جانور جي صحت تي، توڙي پوک واري زرعي ايراضيءَ تي به، جڏهن خطرناڪ منفي اثر سامهون آيا، ته هاڻ اها زراعت جديد آهي، جنهن ۾ مصنوعي نموني سان، هٿرادو طريقي سان تيار ڪيل ڪو به زرعي ڀاڻ استعمال نه ٿئي.
جڏهن وڌيڪ في ايڪڙ زرعي اپت جي ضرورت محسوس ٿي، ته وڌيڪ في ايڪڙ اپت ڏيندڙ جنسون دريافت ڪرڻ طرف زور وڌيو. ڪڏهن ڪنهن جيت يا بيماري جي جراثيم خلاف قوت مدافعت رکندڙ نئين جنس جي ايجاد، ته ڪڏهن ٿوري ايراضيءَ مان ججهي اپت ڏيندڙ جنس جي ايجاد توجهه جو مرڪز رهي. ڪڏهن هائبرڊ ته ڪڏهن بي ٽي جي نالي نيون جنسون مقبول ٿيڻ لڳيون، پر جيئن ئي انهن جي نقصانڪار اثرن جو اندازو ٿيڻ لڳو، تڏهن خود ايجاد ڪندڙ سائنسدان، تحقيقاتي ادارا، انهن ئي جنسن جي رد لاءِ معلومات عام ڪرڻ لڳا.
اهو به وقت هو، جڏهن وڻ جي اهميت هجڻ باوجود، ان کي فصل واري ٻنيءَ ۾ وڌڻ ويجهڻ نه ڏنو ويندو هو. زرعي ايراضيءَ کي وڻن کان خالي رکڻ تي زور ڏنو ويو. جڏهن ڪاٺ جي گهرج وڌي، وڻ وڍجڻ شروع ٿيا، وڻن جو تعداد گهٽجي ويو، ته ان جي منفي اثرن جو مشاهدو به ٿيڻ لڳو. موسمي تبديليون ٿيڻ لڳيون ته جهنگ، ٻيلي، هڙي ۽ وڻ جي اهميت جو اندازو، ضرورت، شدت سان ٿيڻ لڳي. نتيجو اهو نڪتو ته، طئه ٿيڻ لڳو ته، زرعي ايراضي جو ڪيترو سيڪڙو وڻن لاءِ مخصوص رکڻ گهرجي.
وڻن جي اهميت جو اندازو ٿيو، ته هِتان هُتان، ڏيهه پرڏيهه جي وڻن تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ويو. پنهنجي ڀونگيءَ تي ٻئي جي ماڙيءَ کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪئي وئي. پنهنجا وڻ وساري، پرڏيهه جا وڻ وڌايا ويا. هاڻ خبرون اچڻ شروع ٿي چڪيون آهن، ته فصل، ڀاڄي، ميوي سميت، عام وڻ جي مقامي، ديسي جنس جي پنهنجي اهميت آهي. اها نظرانداز نه ٿيڻ گهرجي، نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي.
زرعي ايراضيءَ گهٽجڻ جي ڪري، اڳي کليل آسمان هيٺ وڏي ايراضيءَ ۾ فصل پوکبا هئا، پر آهستي آهستي گهرن ۾ پوک جو تصور اڀريو. گهريلو سطح تي پوک ٿيڻ شروع ٿي. زرعي سائنس ڪٿي هڪ هنڌ بيهجي نه رهي، پر اڳتي هلي، اهڙا فصل ڳوليا ۽ انهن جي پوک عام ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو، جن جي پوک لاءِ زمين جي ضرورت ئي نه پوي، جهڙوڪ کنڀين جي پوک.
کنڀين جي هٿراڌو پوک پنهنجي جاءِ تي، وڌندڙ آدمشماري جي پيش نطر ۽ گهٽجندڙ زرعي زمين ۽ آبپاشي واري پاڻي جي کوٽ کي نطر ۾ رکندي، زرعي زمين کانسواءِ به، ڀاڄين جي ڪامياب پوک تي ڪامياب تجربا ٿيڻ لڳا. اڄ ڪلهه بنا زمين ۽ بنا آبپاشي واري عام پاڻيءَ جي به، ڀاڄيون پوکي، انهن مان خاطر خواهه اپت حاصل ڪئي پئي وڃي.
ٿورو سوچيو، غور ڪريو، زراعت ڇا هئي، ڇا مان ڇا ٿي پئي؟ مون ته هتي تمام ٿورڙا مثال لکيا آهن، جيڪڏهن لکڻ ويهان ۽ لکندي لکندي معلومات به حاصل ڪندو رهان، ۽ جن ڳالهين جي اڃا خود مون کي به خبر نه آهي، پر جديد زراعت جي مد ۾ اڃا به گهڻيون ڳالهيون ضرور هونديون، جيڪڏهن اهي سڀ لکبيون ته...
زراعت جي هر نقطي نگاهه کان، زرعي مشاورت جي تمام گهڻي اهميت آهي ۽ هر ايندڙ ڏينهن، ان جي ضرورت به گهڻي وڌي رهي آهي. اهو زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن تي منحثر آهي، ته هو زراعت متعلق پاڻ ڄاڻ ڄاڻڻ جي ڪيتري ڪوشش ڪن ٿا؟ جيڪو به ڪوشش ڪندو، اهو ئي ڄاڻندو ۽ جيڪو به ڄاڻندو، اهو ئي وڌيڪ زرعي اپت حاصل ڪري سگهندو. نه صرف في ايڪڙ زرعي اپت وڌيڪ حاصل ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، پر ٿوري محنت، ٿوري لاڳت ۽ ٿوري ايراضي مان، ججهي اپت حاصل ڪرڻ وقت جي گهرج آهي. ڏسجي ته ان مد ۾ ڪير، ڪيتري اڳڀرائي ڪري ٿو...
***
ڪک پن ۽ ڪو به ڪچرو،
ساڙڻ جو نه آهي،
ماڻهو مارڻ لاءِ نه آهي،
شين کي استعمال ڪرڻ سکو،
ڪک پن ۽ ڪچري مان به،
ڪو فائدو ماڻيو.
مٺل جسڪاڻي