شاعري

چنڊ ڳليون

’چنڊ ڳليون‘، شيخ اياز 244 ترائيلن جو مجموعو آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ اياز ڄاڻايو آهي تہ ”ترائيل، فرينچ شاعريءَ جي صنف آهي ... اسان ترائيل جو فارم، اردوءَ تان ورتو آهي. ... مون کي اردو ترائيل جو ترنم پسند آيو آهي، جيڪو فرينچ ۽ انگريزي ترائيل وانگر نہ آهي، اُن جو فارم ساڳيو آهي، پر ترنم ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. ترائيل جا تجربا اردو يا سنڌي ادب ۾ مان پهريون ڀيرو نہ ڪري رهيو آهيان، پر اردو ۽ سنڌي ترائيل رڳو ’فاعلاتن فعلاتن فعالتن فعلن‘ ۽ غالباً ’مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن‘ جي وزن تي جوڙيو ويو آهي. مون ان ۾ تجرباتي طور ٻيا وزن بہ پھريون ڀيرو ڪم آندا آهن ۽ گهاڙيٽن کي به ڪڏهن ڪڏهن ڦيرايو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 437
  • 248
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چنڊ ڳليون

انتساب

هائني کان گهڻو اڳي، پنهنجي ٻئي جنم، ميٿلي ٻوليءَ جي شاعر وِديَا پتيءَ جي نالي -
هو 1352ع ۾ مَڌُوبن ۾ ڄايو هو، جنهن جي معنيٰ آهي “ماکيءَ جو جهنگ”. اُتي انبن جا جُهمٽا، سارِين جا کيت، ڪمند جي پوک ۽ تلاوَ هوندا ها، جن ۾ پاٻوڙا ۽ ڪنول ڇانيل هوندا ها. اُتي بسنت ۾ وونئڻ رتول ڦوٽهڙي سان ٻوڪجي پوندا ها، سانجهيون ڪومل ۽ ڪوسيون هونديون هيون ۽ سومهياڻيءَ جو ماڻهو گهرن کان ٻاهر ٻُٽ ۾ سُمهندا ها. اونهاري ۾ گهنگهور گهٽائون ڇانئجي وينديون هيون. ڏينهَن برکا سان ڪاراٽجي ويندا ها ۽ جتي چٽِي اُس چُڀندي هئي. اُتي هماليا جي چوٽين مان آڪاس جون ريکائون نظر اينديون هيون. مون به پنهنجيءَ جنم ڀوميءَ ۾ اهڙي مُند ماسَ ۾ گهاريو، جيتوڻيڪ اُتي وڏا پهاڙ ڪين ها.
هُن پيار جا امر گيت لکيا ها جن جِي اتهاس تي اَڻ مٽَ ڇاپ آهي. هن جون ناريون چيروِين اکين واريون هيون ۽ ايتريون نرم هيون جيتريون فاختائون ٿينديون آهن. هو وڄ وانگر وارڪا کائينديون هيون ۽ انهن جا مُنهن چندر مان وانگر سندر هوندا ها ۽ جيئن ڪنول اُس ۾ ٽڙي پوندو آهي، ائين اهي پيار ۾ ٽڙي پونديون هيون. انهن جا وار رات وانگر ڪارا هوندا ها ۽ چڳُون ولين وانگر هونديون هيون. انهن جو سڀاءُ ۽ هيءَ ساري سرشٽي هنکي ايترو موهيندي هئي، جو هُن پنهنجا سارا گيت اُنهن سان جهنجهي ڇڏيا ها ۽ انهن مان پيار مڌوبن جي ماکيءَ وانگر ٽپڪندو هو.
ساڳيو لنئون ۽ پريتڻو منهنجي لونءَ لونءَ ۾ سمايل آهي ۽ وهي ان کي ڪومائي يا جَهڪو ڪري نه سگهي آهي ۽ ڪويل جڏهن ڪوڪندي آهي ته ان جي ڪُوڪ مون ۾ ساڳي ڪيفيت پيدا ڪندي آهي جا ودَيا پتيءَ ۾ پيدا ڪندي هئي. ها، ٻنهي ۾ ڪوئي فرق نه آهي: هُن پنهنجا مڌر گيت 1380 کان 1406 تائين لکيا، جيتوڻيڪ هو 1448 ۾ گذاري ويو پر ڌُنڌ ۾ هو مونکي پڇاڙي تائين گيت لکندي نظر اچي رهيو آهي. شايد هن جون ڪي سِٽون مون کي اڃا ياد آهن ۽ اُهي جڏهن به مون لکيون آهن، مون کي هن جي سار آئي آهي ۽ جڏهن به مون پيار ڪيو آهي ته مون کي هُن جا پيار ياد آيا آهن، خاص ڪري اُهي هَٿَ جي، پيارا مُنهن ڪنول جي گُلن وانگر پنهنجي ٻُڪ ۾ جهلي، پنهنجي چپن جي ويجهو آڻيندا هئا.

[b]- شيخ اياز
[/b]نومبر 1993ع