5
چنڊ تولاءِ ڳِليون روز اڃا ڳولي ٿو.
ٿورڙو پيار ڏئي، پوءِ هلي وئي آهين!
ڪيئن خوشبوءَ جيان راهَه ڀُلي وئي آهين
ڄڻ ته رابيل ۾ ٻيهار گِهري وئي آهين
چَنڊُ تولاءِ چَڪيون روز اڃا ڦولي ٿو!
ڪئن چوان لوءِ ۾ ڪنهن جاءِ لڪي وئي آهين!
ايترو وقت ڪٿي ايئن ڇپي وئي آهين؟
--------
رات برسات پُڇيو هوءَ وئي آ ڪيڏانهن؟
هوءَ پَر سالَ ته رابيل جيان کِلندي هُئي!
هُو ڇُڙيل وار ويا ڄڻ ته گهَٽائون جيڏانهن!
چَنڊ تون ڳول مَتان هوءَ هُجي ڪِٿ ايڏانهن!
گهَر جتي آهه سندس واءُ هلي وڃ تيڏانهن!
هوءَ پَر سال هتي ڊيل جيان ٽلندي هُئي
دِل اشارو ڪَيو ڪنهن جاءِ ڇُپي آ هيڏانهن،
رات برسات پُڇيو هوءَ وئي آ ڪيڏانهن؟
--------
مانگهه جي راتِ هوا ٿي پَئي گهوگهاٽ ڪري!
مانگهَه جي رات گهران ڪيئن هَلي آئي آن؟
اوڙڪون پيئون پَوَن وِڄُ ٿي ڪڙڪاٽَ ڪَري،
واهه وهندا ٿا رهن، تون ٿي اچين واٽَ ڪَري
گهر مان نڪتينءَ سکيءَ سان رُڳو سُرٻاٽَ ڪري
ايڏي برساتِ، تَران ڪيئن هلي آئي آن؟
هيئَن ڪنهن لاءِ سندءِ جيءُ پيو جاٽ ڪري؟
مانگهه جي رات هوا ٿِي پئي گهوگهاٽ ڪَري!
--------
پيارَ جو نانءُ هوا مَنجهه هُري ٿو، هل تون!
پيارَ جي لاءِ ندي ڪا به تکيري ناهي.
ٻاجهه جو ٻولُ لڳاتار ٻُري ٿو، هَل تون!
اي اَجهل ڇِڪّ وري پيرُ چُري ٿو، هَل تون!
تنهن طرف جنهن کي سندءِ ساهُه گُهري ٿو، هَل تون!
آ سِڌي واٽَ، وَرِي واءُ به ويري ناهي،
جنهن گهڙيءَ لاءِ سندءِ جيءُ جُهري ٿو، هَل تون!
پيار جون نانءُ هوا منجهه هُري ٿو، هَل تون!
--------
ڏِس ته ڪئن ڪُونڀٽ ٻَرن ٿا، ڪنهن ازل جي آگ ۾!
تو ڏٺو ڪئن واءُ ۾ ساريون وَليون ڄَرڪن پيون؟
ڏِس ته سڀ برپٽ ٻرن ٿا، ڪنهن ازل جي آگ ۾!
مِينهَن ۾ مَرگهٽ ٻَرن ٿا، ڪنهن ازل جي آگ ۾!
اِنڊلٺ يا ڳٽ ٻَرن ٿا، ڪنهن ازل جي آگ ۾!
لونءِ ۾ لارون ڪَري، سارُون وَري جَرڪن پيون،
پيار جا پوپٽ ٻرن ٿا، ڪنهن ازل جي آگ ۾!
ڏِس ته ڪئِن ڪُونڀٽ ٻَرن ٿا، ڪنهن ازل جي آگ ۾!
______
مَرگهٽ – مساڻ.
--------
راتڙيون هونءَ اِئين ٻيون به گُذاريون آهن.
سُونهن جي ساٿِ، اِها رات به گذري ويندي.
گوپيون شام به ائن ڪو نه ڌتاريون آهن
جيءَ جمنا ۾ لٿيون ڪيتريون ناريون آهن،
چاندني رات ۾ جي نِينهن نِکاريون آهن!
تون متان ڀانئين ڪا بارات به وسري ويندي.
پيار جي پنڌ ۾ ڪيڏيون نه سواريون آهن
راتڙيون هونءَ اِئين ٻيون به گذاريون آهن.
--------
ڪوڪ تارن ۾ هلي ويندي آ،
ڪويليون ڪوڪَ نه مرندي آهي،
آگ هرطرف لڳي ويندي آ،
دور تائين ڪا ڄڀي ويندي آ،
ڪيئي درياهه ٽپي ويندي آ،
ڪويليون ڪوڪَ ته تَرندي آهي
دُور تارن ڏي تَري ويندي آ،
ڪُوڪَ تارن ۾ هلي ويندي آ.
--------
ڪو به خوشبوءَ جي بَها ڪو نه ڪٿيندو آهي.
ڪو به رابيل رَتين ساڻ نه توريندو آ.
عشق ايندو آ ته اِئن مفت ۾ ايندو آهي.
ڪو گُلابن سان اَچي پاند ڀريندو آهي؛
ڪو به ان لاءِ ڀَلا رِٿّ رِٿيندو آهي؟
مُرڪ سان ڄڻ ته شڪنجي ۾ جَڙي ويندو آ
پيار جئن ڪو ئي به طوفان نه ٿيندو آهي.
ڪو به خوشبوءَ جي بَها ڪو نه ڪٿيندو آهي.
--------
هر تصور کي بنا ڏوهَه اُجاڙي ويئينءَ،
تون ته هر چيز کي ويران ڪري وئي آهين!
تو ٻُڌايو به نه ڪنهن جي پَئي پاڙي ويئينءَ!
گُل ته زنجير هيا پو به لتاڙي ويئينءَ،
چاندني سَرو و صنوبر تي پڇاڙي ويئينءَ
هر تبسم کي بيابان ڪَري وَئي آهي!
سُڃّ سان جيءَ سڄي عمر سَلهاڙي ويئينءَ
هر تصور کي بنا ڏوهَه اُجاڙي ويئينءَ.
--------
هر نئين رات نئون صبح اُڀاري پيئي،
ڪيئن چئجي ته اهو سلسلو ڪيسين هلندو!
باک ٿئي ٿِي نوان رابيل ٽِڙن ٿا ڪيئي،
ٿا وَڃن نيٺ ڇَڻي واءُ کي خوشبو ڏيئي،
زندگي چار پَهر آ، اجهو ويئي، ويئي!
ڪير ڄاڻي ته اِهو سلسلو ڪيسين هلندو!
سوچ سُرٻاٽَ ڪيا پاڻ مان ٻاهر نيئي،
هر نئين رات نئون صبح اُڀاري پيئي!
--------
شاعري منهنجي ڪڏهن نانهه شعوري ڪوشش
ننڊ مان ڪير اُٿاري ٿو، لکان ويٺو مان!
ننڊ جي لاءِ ڪَئي آهه مون پوري ڪوشش،
نِنڊَ جي لاءِ مگر نانهه ضروري ڪوشش،
جيستائين نه لکان، نِنڊَ اَڌوري ڪوشش!
ٻيو به ڪو آهه سندس ساٿ ڏيان ويٺو مان،
شعر سِرجي وَئي ڪيڏا نه سموري ڪوشش!
شاعري مُنهنجي ڪڏهن نانهه شعوري ڪوشش!
--------
اي ازل آءُ، اچي ويهه، رهاڻيون ڪَر ڪي!
مان جڏهن کان ٿو لکان، ڪيئي صديون ٿيون آهن،
ميٽليءَ منجهه لکيو ڪيئن، ڪهاڻيون ڪَرڪي!
ڪويليون ٻُور ڏسي، اڄ به اُماڻيون ڪَرڪي!
۽ ڪويتائون نئين نينهن سان واڻيون ڪَرڪي!
مان وري پينگهه لُڏان، ڪيئي صديون ٿيون آهن.
ڳالهڙيون ڳُجههّ جون مون ساڻ پُراڻيون ڪَرڪي!
اي ازل آءُ، اچي ويهه، رهاڻيون ڪَر ڪي!
--------
تون چوين ٿو ته “اُٿي لِکّ! اُٿي لِکُ هاڻي!”
“هي گهَڙِي آهه اَمر ڪو نه وَري وَرڻِي آ.”
“ننڊ مان ڪالهه جيان جاڳُ، وَري لِکُ هاڻي!”
“پيا - رابيل اَسر ويرَ ٽِڙي لِکُ هاڻي!”
“تون وهائوءَ کان گهڻو ڏورُ ڏسي لِکُ هاڻي!”
تون چوين ٿو ته “اُها ڪَرِ، جا سندءِ ڪرڻي آ”
“ڪنگريون جيئن ڀَري کوهُه گِڙي لِکُ هاڻي!”
تون چوين ٿو ته “اُٿي لِکُ هاڻي!”
--------
ڏات هَرڻيءَ جيان رُڃ ڏني آهي ڪا،
رُڃ جا دور وڃائي ٿِي پري کان پَرتي!
زندگيءَ ڪُجهه نه ڏنو سُڃّ ڏني آهي ڪا،
تون کُهيون کوٽِ، جئڻ اُڃّ ڏني آهي ڪا!
بُک سانجهيءَ لٿي جُڃّ آهي ڪا،
ڏس ته ٿِئي سِج سَڳائي ٿي پري کان پرتي!
ڪنهن ‘رَسي وَٽّ’ چئي مُڃ ڏني آهي ڪا
ڏاتِ هرڻيءَ جيان رُڃَ ڏني آهي ڪا!
--------
شاعري، موت کي اِسرار بنائي ويندينءَ،
عُمر جي هيئن لِکِي تنهنجي گُذرندي رَهندي!
جيئندينءَ تا به ابد، موتُ مِٽائي ويندينءَ
چَنڊَ جئن گهاءُ ڏَئِي رات کي گهائي ويندينءَ
هِيرَ جئن پو به گهڻو ڪجهه ته ڇُپائي ويندينءَ،
جا کُٽي نانهه ڪويتا اُها وَرندي رهندي؛
سُونهن جو هڪ نئون سنسار بڻائي ويندينءَ،
شاعري موت کان اسرار بڻائي ويندينءَ!
--------
سارَ جي ڏارَ مٿان ڪيڏا پکيئڙا آهن.
هر نئين سِجّ نَيون ٻولڙيون ٻولن ٿا!
ڏينهَن جي پيارَ جي ٻانُهنِ ۾ گذاريا آهن،
ٿي ڪَڪَر – ڇانوَ مٿان عمر تي بيٺا آهن،
يادگيرين به يَڪا مِينهَن وَسايا آهن،
تاڪِيا پَٽّ جا ڄڻ پَهر اَچي کولن ٿا،
لونءَ ڪانڊارجي ٿي ايترا لسّا آهن!
سارَ جي ڏارَ مٿان ڪيڏا پکيئڙا آهن!
--------
عمر آغوش ۾ هر رات ٿي توکي ڳولي،
تون خبر نانهه ته ڪيڏانهن هَلي وَئي آهين!
رات جا پهر ستارن سان پئي ٿِي ڦولي،
باک تولاءِ پڇي ٿي پئي ٽولي ٽولي
پو چوي ٿي ته “پُڪاريوس، پکيئڙا ٻولي!”
اِئن لڳي ٿو ڪِٿي ڪَڪرِين ۾ رَلي وئي آهي،
سمنڊ ۾ پوءِ به ڇوليون ڏٺيون مون ڇاڇولي،
عمر آغوش ۾ هر رات ٿِي توکي ڳولي.
--------
ڍيرَ قالينَ اڳيان پيارَ پٿاريا آهن.
ڇا کڻان ڇا نه کڻان، مان ته مُنجهي پيو آهيان!
جيترا پيار ڪَيا، سڀ اُهي ساريا آهن،
ڄڻ ڏِياريءَ جيان ڏيئڙا ٻاريا آهن،
ڪيترا چنڊ سندءِ سار تي واريا آهن
ايترا چنڊ گهڻا، مان ته مُنهنجي پيو آهيان
ائن لڳو ڄڻ ته سَوين ڦولَ ڦُلاريا آهن!
ڍير قالين اڳيان پيار پٿاريا آهن.
--------
جي ٻُڌَءِ هيئن صدائون ته اُڏامي ايندينءَ،
پئد سڀ پاڻ تان هڪ سَٽّ سان لاهي وجهندينءَ؛
مون اڱڻ جان نه پڄين، پَر نه ڪٿي ساهيندينءَ،
جئن گهٽائن ۾ تکو چنڊ، اِئين ٿي ايندينءَ،
راهه ۾ ڪيتريون سالن جون چُميون ساريندينءَ،
پهچنديئي تون ڳراٽيون ڳلي ٺاهي وجهندينءَ
هر جدائيءَ کي ڀُلي جان وَري واريندينءَ،
جي ٻُڌءِ هيئن صدائون ته اُڏامي ايندينءَ.
--------
پيار اڳ ۾ به ٿيا هيئن ٿيو نانهه ڪڏهن،
ڄڻ ته مهتاب ڇُليو آهه ڇِتين ڇولين ۾!
گل مُسرت ۾ اَچي هِيرَ جُهلائي ٿي جڏهن،
تُنهنجي خوشبوءِ کي لڳاتار پکيڙي ٿي تڏهن،
پيارَ اڳ ۾ به ٿيا، هِئن نه ٿيو آهه ڪڏهن!
شاعري هيئن ڏٺي ٿي ڪِٿي ٻين ٻولين ۾؟
پيار جا پُور ڪَٺا هِيئن ڪيا آهن ڪنهن؟
پيار اڳ ۾ به ٿيا هئن نه ٿيو آهه ڪڏهن!
--------
راڳ جا ڀاڳ ته ڏس، ڪِئن نه ٽِڙي پيو آهي
جئن ٽِڙي چيٽَ ۾ اڌ رات جو رابيل پَوي!
ڄڻ ته خوشبوءَ جي ڪٿي پيرُ ٿِڙي پيو آهي
ڄڻ ته ڀونرن جو مٿس ميڙُ مِڙي پيو آهي
ڄڻ ته وَلهار مٿان چَنڊ کِڙي پيو آهي!
روشني روح مَٿان ايتري ٿي هيل پوي
ڄڻ ته تارن جو پريان کوهه گِڙي پيو آهي
راڳ جا ڀاڳ ته ڏس، ڪئِن نه ٽِڙي پيو آهي!
--------
جيترا پيار مليا ايترا قافيا آهن؟
ڪيئن ٻوليءَ ۾ اَچن ايتِريون زلف – وَليون!
تو پَري روءِ خدا ڇا نه پسايا آهن!
چنڊ جئن آنءُ ڏٺا ڪيترا چهرا آهن!
دل جي آئيني ۾ آيا ڪيئي جلوا آهن
مون تصّور جون گهميون ڪيتريون گلرنگ گليون!
گُل تن منجهه ٽڙيا اوچتو ڪيڏا آهن!
جيترا پيار مليا ايترا قافيا آهن.
--------
پوءِ به ورڻو ته اَوَس هان جي مري ويندس مان،
ها، هتي راتِ رهي آنءُ هليو وڃڻو هان!
جئن اُتر واءُ گُهلي اِيئن ٽَري ويندس مان،
جيترا بارِ به ايندس ته وَري ويندس مان؛
هن دفعي جئن کڻي گيتن جي ڀَرِي ويندس مان
چَنڊَ جِئن دُور ڪَهِي آنءُ هليو وڃڻو هان!
شمع وانگر ته نه آهيان جو ڳري ويندس مان،
پو به وَرڻو ته اَوَس هان جي مري ويندس مان.
--------
هَر نئين رات نئين گهاتِ جڏهن آڻي ٿِي.
موتُ جو تيرُ گُسائي ٿي حياتي مُنهنجي
موت جي روز نئين مات جڏهن آڻي ٿي،
گيت آڪاس مَنجهان ڏات جڏهن آڻي ٿي،
سانوڻيءَ جئن ڀري برسات جڏهن آڻي ٿي،
ٿي ٿِئي دورُ اڳي کان به مماتي منهنجي
زندگي وائي نئين وات جڏهن آڻي ٿي
هر نئين رات نئين گهاتِ جڏهن آڻي ٿي.
--------
توڙ تائين نه هليو ڪو به ويا سڀُ موٽي،
موڙَ تائين به هليو آهه ته هُو جَس لهڻي،
مون جڏهن لَڪّ لتاڙيا ٿِي وڇوٽِي وڇوٽِي،
مون سان چاڙهي نه چَڙهيا، جي به هُيا گڏ ٽوٽي،
آئيني جيئن پَئي چَنڊَ سان چَمڪي چوٽي!
جنهن به ڪُجهه ساٿ ڏنو آهه ته هو جَس لهڻي،
جنهن سُڃاڻي وَتي آ ڏات کَرِي ۽ کوٽي،
توڙ تائين نه هليو ڪو به ويا سَڀُ موٽي!
--------
مون تي سي سيڻ ڪيا ننڊَ نه ڪن ٿا جيڪي
سمجهندين ڪيئن اِهو جيسين ڀٽائي نه پڙهين!
بُکَ جي لاءِ ٻه ٽي سَنگ کنيا جِن سيڪي،
جِن وهاڻا نه هيا، تُڙَ ئي جي ويٺا ٽيڪي،
نِمُ جي ڇانو تتي ڏينهن ٿا ماڻِن ڪي ڪي،
تون اِهو علم ڀلا منهنجي مَٿان ڇو ٿو مڙهين؟
مونکي وڻ ٽَڻ سان مِلي لڙڪ وهائڻ ڏي ڪي!
مون تي سي سيڻ ڪَيا، ننڊ نه ڪَن ٿا جيڪي.
--------
هي اَملتاسِ ته ڏِس سِجَ لَٿي جئن پيلي!
آجيان چنڊَ جي ٿا اُن جا ڇُڳا ڪَن وَڻ مان
اِئن وئي سانجهه جئين چانهِه اُڏاڻي نيلِي،
اَتّ اونداهه ڏسي ٻارِ نئين ڪا تيلي،
ڪُجهه ڏِياٽي ته ٻَري، باهه ته ڀِڙڪيلي!
روشني چَنڊُ ڪندو نيٺ ته ڪنهن وقت مٿان!
ٿو نئون پَکّ اچي، رات وَڃي تاريلي،
هي اَملتاس ته ڏِس سِج لٿي جئن پيلِي!
--------
آنءُ وڻڪار ۾ جهڻڪارَ ٻُڌان ٿو ڪائي
ڇيرَ ڇمڪي پَئي پر ڪيئن چوان ڪنهن جي آ!
سارَ مون لاءِ کڻي آئي هوا هَرجائي،
ڄڻ پٻڻ منجهه کڙِي پئي نئين ڪُوڻي ڪائي،
۽ ڀَونر سُڻس رکي، آيو اُڏارو کائي،
سارَ ٽِمڪي پَئي پَر ڪيئن چوان ڪنهن جي آ!
ساهه ۾ سار اِها ڪيئن چوان ڇو آئي!
آنءُ وڻڪار ۾ جهڻڪارَ ٻُڌان ٿو ڪائي
--------
چنڊ جئن گم ٿي وئي آنهه انڌيري پَک ۾
ڇا رکان آس ڪڏهن آنءُ سهائي پَک جي!
ڇا نه طوفان هُيو ڪالهه اُڏاڻل ڪک ۾!
پيار مون لاءِ هُيو ڪُجهه ته جياپي – جَک ۾
ها، رهي آهه اڃان چڻنگ وِڇوڙي – رک ۾
ٻانَهن ڇو ڇِڪَ لَکائي پئي تنهنجي ٻَکَ جي؟
ڇا نه ايندينءَ ڪڏهن تو وَري ٻيهر ٻَک ۾؟
چَنڊَ جئن گم ٿي وَئي آنهه انڌيري پَکّ ۾!
--------
جيءَ ٿا جهولڻي جئن جُهلن واءُ ۾،
ٿي ٺٽي ۾ ڏکڻ هير جيئين اچي
ٿا ڀَونر ڪيترائي ئي ڀُلن واءُ ۾
ڳلّ رابيل وانگر کُلن واءُ ۾
ڏس ته ڳڀرو پيا ڪئن رُلن واءُ ۾!
ٿي نظر ڪنهن جي تصوير جيئين اَچي
ڇاتِيون کيتَ ۾ ٿيون ڇُلن واءُ ۾،
جيءَ ٿا جهولڻي جئن جُهلن واءُ ۾!
--------
هن طرح دِل نه وندراءِ منهنجا پرين!
درد جي رات آ، درد جي ڳالهه ڪَر!
ڇو نه اڄ رات تون درد جا گيت ٿيِن؟
مات جي رات آ، لڙڪ مُنهنجا اُگهين؟
مون نه سمجهو ته تون ڪيئن ٿو ٽهڪ ڏِين!
سُرخ ڪَهڙو؟ ڪٿي؟ زرد جي ڳالهه ڪَر
آنءُ ڀورا اڳيئي، پيو تون ڀڃين!
هن طرح دِل نه وندراءِ منهنجا پرين!
--------
ٿا لُڏن ڪارا ڄمون جيڪي پيا طوطا ٽُڪن،
اوچتو برسات جون بُوندون وڻن تي ٿيون وَسَن،
لوءِ کي لهسائيو هو هيل چوڌاري لُڪَن،
تاس پنهنجي ڄڻ ٻُجهائي ڪا نه ٿي پاڻيءَ ٻُڪَن،
لُوءَ ايڏي جو اواڙي ڍَور ٿا هَر هَر ڊُڪن!
اوچتو ئي اوچتو ٿا اُڀَ مان سانوڻَ سِمن،
اوڙڪون ٿي آءُ ڪيسين هر طرف جر ٿر سُڪَن!
ٿا لُڏن ڪارا ڄمون جيڪي پيا طوطا ٽُڪن!
--------
تون ملين ها ته ائين پيار ڪيان ها توسان؟
پيارَ جي لاءِ جُدائي ته بُري ڪا نه آهي!
ٿو اَچي ياد سندءِ رَنگُ گلابي گُل جان!
توکي جنهن وقت ڏٺو آنءُ ڇني ٽاريءَ مان،
رنگ و بو تُنهنجي سدا لاءِ مون سمجهي جانان!
وقت جئن ڪا به مگر تيز ڇُري ڪا نه آهي،
ڪيترا روهَ رُليا آنءُ جدا ٿي توکان!
تون ملين ها ته اِئين پيار ڪَيان ها توسان؟
--------
اچين، اچين نه اچين مان پيو نهاريندس،
جيئن کجُور ڇَڙيون چنڊ لئه هَڻي پيئي،
ملينءَ نه تون ته ڪڏهن باهڙي نه ٻاريندس،
سکر جا سيءَ اِئين تو سوا گذاريندس،
اُداس گيت چَئي پيار لئه پڪاريندس،
سِرنهن – اُماسَ اُتر – واءُ ۾ ڇَڻي پيئي
بسنت – چنڊ پيو بار بار ساريندس،
اچين، اچين نه اچين، مان پيو نهاريندس
--------
ڪو حياتيءَ جو پتو نانهه ته ڪنهن وقت کُٽي!
جو به لِکڻو ٿي لکي وٺّ، هلي ٿي، جيسين!
ڪيئن چئجي ته ڪتيندي ٿِي ڪڏهن تندُ ٽٽي!
موه جي ڄار مَنجهان ڪوئي ڇُٽي يا نه ڇٽي!
اُڃَ جي سينڱ لڳاتارِ پَئي تِيرُ چُٽي،
مَن ته آ رُڃّ – هَرَڻ، پَر ڏسي ڀٽڪِي ڪيسين؟
ڪاش، ڪنهن وقت ڪٿي نور جيان نهر ڦُٽي!
ڪو حياتيءَ جو پتو نانهه ته ڪنهن وقت کُٽي!
--------
رات جي وقت تِکي آءُ چَڪوريءَ وانگر
گيت ٿو چنڊ جيان اڄ پئي چمڪي منهنجو!
تون متان دير ڪرين نِنڊَ ندوريءَ وانگر!
ڪاش! مون ڏانهن اچين لونءَ ۾ لوريءَ وانگر،
ڏِس نه درياهه ڪڏهن گهاٽ تي گوريءَ وانگر!
مان مڃان ٿو ته گهڙيءَ لاءِ گهَڙو ٻوڙي ٿو،
ڪنهن اَمرتا نه مِلي جيءَ جي جهوريءَ وانگر،
رات جي وقت تِکي آءُ چڪوريءَ وانگر!
----------------
ياد آئي پَئي ڪلهه رات ڇو چنبل گهاٽِي؟
تانتيا ڪالهه هُيس آنءُ اِهو ڪئن چئجي!
مون جڏهن سارَ جي ڪنهن وقت ولوڙِي ماٽِي
جُهڙ ٿيا مُنهنجي انڌيري ۾ هزارين جهاٽِي،
وِڄ وانگر مون سڄي واٽَ حياتي ڪاٽِي،
مون کي ڪنهن وقت هو ٿِر ٿانءُ، اِهو ڪئن چئجي!
يا گهٽائن ۾ سندم سار پَئي گهُوماٽي؟
ياد آئِي پَئي ڪلهه رات ڇو چنبل گهاٽِي؟
_______
چنبل گهاٽي – دليءَ کان اُتر پرديش ڏانهن ويندي هڪ گهاٽي، جنهن ۾ ڊاڪن جو آستان آهي ۽ جتي تانتيا ٽوپي انگريزن سان وڏي جنگ جوٽي هئي.
--------
اهڙي دولت ته ڪلاڪار کي ملڻي ناهي،
جسم آزاد هجي روح به آزاد هجي!
هونءَ دولت ته رڳو ڌوڙ آ، دولت ڇاهي؟
“زندگي ڪوڙُ اَٿي”، موت پيو ٿو باهي،
جستجو جيءَ ۾ جنهن وقت به جنهن کي چاهي،
تنهن پٺيان پنڌءِ پَئي، پنڌُ رڳو ياد هجي؛
لَڪّ تي لَڪَ هجي، پوءِ به ڪر هو ڪاهي،
اهڙي دولت ته ڪلاڪار کي ملڻي ناهي!
--------