شاعري

چنڊ ڳليون

’چنڊ ڳليون‘، شيخ اياز 244 ترائيلن جو مجموعو آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ اياز ڄاڻايو آهي تہ ”ترائيل، فرينچ شاعريءَ جي صنف آهي ... اسان ترائيل جو فارم، اردوءَ تان ورتو آهي. ... مون کي اردو ترائيل جو ترنم پسند آيو آهي، جيڪو فرينچ ۽ انگريزي ترائيل وانگر نہ آهي، اُن جو فارم ساڳيو آهي، پر ترنم ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. ترائيل جا تجربا اردو يا سنڌي ادب ۾ مان پهريون ڀيرو نہ ڪري رهيو آهيان، پر اردو ۽ سنڌي ترائيل رڳو ’فاعلاتن فعلاتن فعالتن فعلن‘ ۽ غالباً ’مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن‘ جي وزن تي جوڙيو ويو آهي. مون ان ۾ تجرباتي طور ٻيا وزن بہ پھريون ڀيرو ڪم آندا آهن ۽ گهاڙيٽن کي به ڪڏهن ڪڏهن ڦيرايو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 437
  • 248
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چنڊ ڳليون

4

بهتر آهي ته تون ڏينهن ٺاري وَڃين،
اُسّ ۾ ڪانوَ جِي اَکّ نڪري پئي!
نِمُ جي ڇانوَ ۾ پهر گهاري وڃين!
۽ وڃين جي ته تون ڪنهن سَهاري وَڃين،
ڪو وَٺِي واهُه، اُن جي ڪِناري وڃين
نانهن آرهڙ اُٺو، رُتِ کائي پئي،
آهه ڪيڏي تپت، جنهن جي به چاري وڃين!
بهتر آهي ته تون ڏينهن ٺاري وَڃين.

--------

نيٺِ اوٺارَ پَسائِن پيا جهاٻا جُهوڙا
باکَ جِي ساکَ رَکي يارَ اچي ويا پَنهنجا.
مُنهن مَنهَن منجهه لِڪائن پيا ڪُرٽا ڪُوڙا!
چَنڊَ جِئن مُرڪَ ڇپائي نه سگهيا ويسوڙا،
ايتري جوتِ، لڳي ٿو ته ٻَرن ٿا ٻُوڙا!
پاکِڙا، چَنڊَ – چِمتِڪار اچي ويا پَنهنجا
مونگهڙن وَٽّ سُڳنڌون ٿيا جيڏِين جُوڙا!
نيٺِ اوٺارَ پَسائِن پيا جهاٻا جُهوڙا!

--------

ڪيئن چئجي ڪيرِ؟ پاڇا ٿا اَچَن
هِيرَ ۾ ڪا ڳالهڙي پيئي هَلي؛
رُتِ ۾ رابيل ڇا ڇا ٿا اَچن!
ڪيئن چئجي ڪير؟ پاڇا ٿا اچن.
ٿي اڱڻ ۾ چاندني توڙي آلي،
آ سِرنهن خاموش، خوشبو ٿِي سَلي
وارَ کولي ڳُجهَه ۾ پنهنجي ڳلي،
هُو کٿورِيءَ جِئن اَلا ڇا ٿا اَچن!

--------

هيءُ هَرڻيءَ کان ٻَچو ڇو ٿو ڦُرين؟
ڏس، وَليون توکي ميارُون ٿيون ڏِيَن.
چاندنيءَ کان اولڙو ڇو ٿو ڦُرين؟
سڀ ڳليون توکي ميارون ٿيون ڏين.
ريتِ کان تون پيچرو ڇو ٿو ڦرين؟
هيءُ هرڻيءَ کان ٻَچو ڇو ٿو ڦُرين؟

--------

رات جي برسات ۾ ايندي نه ڪر!
جيڪڏهن تُنهنجي ڀِڄي چولي پَوي!
جيءَ مان مُنهنجي ڇُلي ڇولي پَوي!
هَٿُ ٿِي تولاءِ پاٽولي پَوي!
مينهن واريءَ رات ۾ ايندي نه ڪر!
رات جي برسات ۾ ايندي نه ڪَر!

--------

ڪلهه جِيان مون تي سِتارا ٿا ٻَرَن،
تو بنا پَر راتڙي ساڳي نه آ،
زندگانيءَ جا سهارا ٿا ٻَرَن،
پيارَ ۾ ڪيڏا نه پيارا ٿا ٻَرَن!
تو جيان نيڻين – نهارا ٿا ٻَرَن،
تو بنا پَر زندگي ساڳِي نه آ!
ڪلهه جيان مون تي سِتارا ٿا ٻَرَن
پَر لڳي ٿو روشني ساڳي نه آ!

--------

ڌر تتيءَ جي تاوَ ۾ ڪجهه وقت ڪائي ننڊَ ڪر!
ٿي ٻَري وارِي، پيا ڪُونڀٽ جَلن
ٿو ڏِسان جيڏانهن ٿا سڀ گهَٽ جلن
ٿا ڇِڊا تُنهنجي مٿان سَڀ ڇَٽ جلن
مان چَوان ٿو راهه اڳتي آ اَڻائي ننڊَ ڪَر!
مان مڃان ٿو ڇانوَ ۾ آهي ڇڊائي، ننڊَ ڪرَ!
ڌرتيءَ جي تاوَ ۾ ڪجهه وقت ڪائي ننڊَ ڪر!

--------

ڇا چوان! ڇو پيارُ توسان ٿي وَيو
ڪِئنَ چوان ڇا ڳالهه تو ۾ مون وَڻي؟
سُونهن هي سنسار تو سان ٿي ويو،
دڳ گُل و گُلزار توسان ٿي وَيو،
چَنڊَ جئن وَنهوار توسان ٿي ويو،
ڄڻ سِتارا ها پِرين تنهنجي پَڻي
ڇا چوان! ڇو پيارُ توسان ٿي وَيو
جو گهُمان توکي اکين ۾ ٿو کڻي؟

--------

تو منجهه ڏِسان آءٌ پيو جُڳَ جڳانتَر ،
تون آءُ، هلي آءُ ته مان تو ۾ نهاريان!
ڪيڏا نه هُيا دُور، اڃا دُور اُهي درَ
جن مَنجِهه پَئي جوت جَلي، واٽَ کُٽاوَر!
جيڪي به هُيون ڪالهه گِهٽيون، گهاٽَ، اُهي گهر
تون آءُ، هلي آءُ، جِئين مان نه وِساريان!
تو لاءِ هُري هانءُ، هلي آءُ نه ٻيهر!
تو منجهه ڏسان آنءُ اُهي جُڳّ جُڳانتَر!

_____
جُڳَ جُڳانتَر - ازل
--------

جنهن وَقت وَراڻي نه ڏَنئه، آنءُ هليو ويس،
ڪنهن وقت متان آنءُ اَچان، ٻُوٽ نه تون دَر!
ڪيڏو نه وَتو آنءُ، سندءِ نانءُ، هليو وِيس
توکان نه ملي ڏات نه ڪي ڏانءُ، هليو وِيس
تولاءِ گهڻو وقت هُريو هانءُ، هلي وِيس
اُميد ته آهي ته بَچان، ٻُوٽِ نه تون دَر!
گهرگهاٽ اُهو نانهه، ڇڏي گانءُ هليو ويس
جنهن وقت وراڻي نه ڏِنئه آنءُ هليو ويس.

_____
گانُ – ڳوٺ (هندي ۽ اردوءَ ۾)

--------
مَدّ پيتو آهه ڪنهن ڪنهن ٿانوَ سڀ ڪجهه ياد آهي،
سَال ٿِي ويا گڏ گذاريون جي گهڙيون، سڀ ياد آهن
چَنڊ جو پاڇو، سِرنهن جي ڇانوَ، سڀ ڪُجهه ياد آهي.
اي پرين! تو ساڻ لُنءِ لنءِ لانوَ، سڀ ڪجهه ياد آهي
هير ۾ جُهولا جُهليا جي هانوَ، سڀ ڪجهه ياد آهي
پَل هُيا موتين جيان، مونکي لَڙيون سڀ ياد آهن،
سَال ٿي وِيا، گڏ گذاريون جي گهڙيون سڀ ياد آهن.

--------

رات جو ڏات کڻي ايندي ڪَر!
جئن ڏياٽيون نه وسامن تون اڳي ايندي ڪَر!
اِئن بِرهه – بات کڻي ايندي ڪَر!
ڄَڻ ته برسات کڻي ايندي ڪَر!
تانگهه ۽ تات کڻي ايندي ڪَر!
نيڻ جيسن نه اُجهامن تون اڳي ايندي ڪَر!
موتَ جي ماتِ کڻي ايندي ڪَر!
راتِ جو ڏاتِ کڻي ايندي ڪَر!

--------

تون نه ايندينءَ اگر راتِ ته گذري ويندي!
راتِ جو چَنڊُ اڳي جيئن ڪَندو چانڊوڪي،
تو بنا نِمّ ڪندي ٻُور اڳي جئن ٻوڪي،
وقت جي واڳَ اڃان ڪنهن به ته ناهي روڪِي!
چَڳّ چَهري تي سندءِ نيٺ ته وِسري ويندي
ڇا اِنهيءَ ڳالهه مٿان سوچيو آهي تو ڪِي؟
تون نه ايندينءَ اگر رات ته گذري ويندي!

--------

رات ڪَٽ – مست ڪُميتن کان پُڇي ٿي پيئي
جئن اُتر واءُ لڳي، “تيز وڃون ٿا ڪيڏانهن؟”
ڪو نشانو به اَٿوَ تير سڃون ٿا ڪيڏانهن؟
وِڄُ جي واٽَ وٺي، ڀنڀَ ڀڃون ٿا، ڪيڏانهن؟
گهاتِ ڪَٽ – مست ڪميتن کان پُڇي ٿي پيئي
“ڪجهه وراڻيو ته سهين! ڇو نه مڃون ٿا؟ ڪيڏانهن؟”
ڏاتِ ڪَٽ – مست ڪُميتن کان پُڇي ٿي پيئي.

______
ڀنڀَ اوندهه، گهاٽي اوندهه.

--------

تون اگر رات رهين، گيتُ اڃا باقي آ
اُڀَ – ڪچنار، ڪَتيون ڪنهن به پٽيون آهن ڪونه!
ٿي ٿِئي وَسّ مٿان، وَڻ به ڇٽيون آهن ڪونه!
وقت جي مست نَدي، گهاٽ گهٽيون آهن ڪونه!
تون جي برسات رهين گيت اڃا باقي آ
ڪنهن به اُستاد پڙهايون هي پٽيون آهن ڪو نه!
تون اگر ڏاتِ رهين، گيت اڃا باقي آ.

--------

روز اڌ رات اُٿي، آنءُ لکان هي ڇا ٿو؟
ڪا ازل منجهه لکيل چِيزَ پڙهان ٿو ڄڻ مان!
ٽاريون آڪاس پڳيون، جنهن جون اهو هان وڻ مان!
ڪوئي تنبورو وَڳو، جنهن جي هُيس تَڻ تَڻ مان!
چؤ ته اي ڏات اُٿي، آنءُ لکان هي ڇا ٿو؟
وَسّ ۾ آنءُ نه هان، هونءَ نه ڄاڻان گهَڻِ مان
موتَ جي مات! اُٿي آنءُ لکان هي ڇا ٿو؟
روز اڌ رات اُٿي، آنءُ لکان هي ڇا ٿو؟

--------

خُدا جي راهه طرف ڪيتريون ڳِليون آهن،
خُدا جي راهه اَبد کان به جاڳي ٿي وڃي!
خبر نه آهه ڳِليون سڀ ڪٿي مليون آهن؟
ازل کان تن ۾ پَئي وينگسون ٽِليون آهن؟
اَچي جي نَنڊ، مٿان اُڀّ جون رِليون آهنِ
خبر نه آهه ته هي زندگي ڪٿي ٿي وڃي!
هِتي ته لاش رهن ٿا، مٿان هِليون آهن!
خُدا جي راهه طرف ڪيتريون ڳِليون آهن!

--------

ڪلجهه جيان مون تي ستارا ٿا ٻَرن
تو بنا پر راتڙي ساڳي نه آ
زندگانيءَ جا سهارا ٿا ٻَرَن
نيڻ ٻيا، ساڳا نِهارا ٿا ٻَرَن
پيار ۾ ڪيڏا نه پيارا ٿا ٻَرن
تو بنا پر زندگي ساڳي نه آ
ڪلهه جيان مون تي ستارا ٿا ٻَرن
پر لڳي ٿو روشني ساڳي نه آ!

--------

آجيان ٻيءَ صديءَ جي نه ڪئي آهي تو؟
هي صدي آهه رديءَ منجهه وئي، پوري ٿي!
ڊارون، مارڪس، فرائڊ کي تو دل تان لاٿو،
زلزلي خيز صديءَ ڪجهه ته بچايو هوندو؟
آءُ ڇنڊڇاڻَ ڪَيون، آءُ ڏِسون ‘ڇا’ ۽ ‘ڇو’!
سِجّ کي هيءَ صدي پُٺِ ڏئي، پوري ٿي
ڪُوڙ جي ڪِٺّ ته ڏِسُ، سَچّ اڃان آ سپنو!
آجيان ٻيءَ صديءَ جي نه ڪئي آهي تو؟

--------

سِر ڏئي سَچّ بچائڻ ڪو ضروري ته نه هو!
سَچّ کي ساهَه ۾ سانڍُيِئه ته چڱو ڪُيهءِ ڏاها!
تو سرِ دار هجين ها به اگر گئليلو،
هيءَ ڌرتي ته ڦرڻ ڪو نه ڇڏي ها پنهنجو،
دؤر جو دؤر حماقت جو هُيو آئينو،
هاڻِ جا سوچ نئين آهه، چَئي ٿي آها......
سِر ڏيڻ کان ئي سَوا سَچّ بچائي ويو ڪو!
سِر ڏئي سَچ بچائڻ ڪو ضروري ته نه هو!

--------

اڙي منصور! رڳو توکي پيا ٿا ڳائن،
رَتّ سان پنهنجي وُضو ڪنهن نه ڪيو آ مون جِئن!
هي نئين دؤر جا مُلا ٿا اِهو ورجائن،
ڪالهه جي ڳالهه رُڳو ٿا ڪري ڳهڻا پائن!
آرسيءَ جيئن ڏسي سَچّ، پيا گهٻرائن!
آهه! هي دؤر جو وهلورُ ويو آ ڪِئن ڪِئن!
ديس ۾ ارڙهين صديءَ سان ٿا پيا لَنوَ لائن!
اڙي منصور! رُڳو توکي پيا ٿا ڳائن!

--------

چَنڊُ مينار مٿان ڪالهه سنڌوءَ جي ڀرسان،
ٿي سکر – سارَ اچي ڪالهه پرينءَ جي پاسي!
ڪالهه ڪيڏانهن ويو؟ آنءُ پيو ٿو سوچان!
ڪالهه هو هِيرَ جيان مُنهنجو گذر ٻارين مان!
ڪيترا گُل هُيا، خوشبوءَ ۾ خُماريل هُن جان!
مون ڀونر جيئن ڀرِي پاڻُ ڇَڏيو هو واسي!
آه! اڄ رات پيو ڪيترو تن کي ساريان،
چَنڊُ مينار مٿان ڪالهه سنڌوءَ جي ڀرسان!

--------

خبر نه آ ته وڃي دور ڪيتري ٿو لَڪُ
تمام عمر ڪَٽي انتظار ۾ مُنهنجي!
لڳي ٿي لُوءِ، لُڏي ٿو ڪِٿي ڪٿي ڪو اَڪ!
مَٿي مَٿان نه ٻَڌو، پو به مون ڪڏهن اَجرڪ
پُڳو نه پَنڌُ، رڳو ٿيڙها، رڳو هو ٿَڪّ!
نهارَپو به رهي آهه پارَ ۾ مُنهنجي،
اڃا ته ڪو نه سندم جيءَ کي اَچي ٿو جَڪُ،
خبر نه آ ته وڃي دورُ ڪيترو ٿو لَڪ!

--------

مورڻيون مُنهنجا ٽهوڪا ته ڇِڪي آيا ها!
آنءُ گهنگهور گهٽائن مان هليو آيو هوس،
لَڪ جڏهن ڪالهه ليارن ٽڙي مهڪايا ها
ماڪ جئن گيت تڏهن آنءُ اچي ڳايا ها
گيت جي ڏيهه مٿان ڇانوَ ڪري ڇايا ها!
انت کان پار صدائن مان هليو آيو هوس
ڪير چوندو ته سندم گيت هُيا مايا ها!
مورڻيون منهنجا ٽَهوڪا ته ڇڪي آيا ها!

--------

موت! ڪجهه وقت اگر ڏين ته وَسان ڌرتيءَ تي
هي ڪَويتا ته نه برسات جيان ڪجهه آهي!
واءُ ۾ جئن گسي وَلهارُ، گسان ڌرتيءَ تي،
مون گهٽايو نه وَسان چَئِن ڏَسان ڌرتيءَ تي،
ڦول چوڌار پيو آنءُ پَسان ڌرتيءَ تي،
سَڀ ٻُڌِي گيت چَون ڏات جيان ڪجهه آهي،
جئن ٽِڙن ٽارَ ائين آنءُ هَسان ڌرتيءَ تي
موت! ڪجهه وقت اگر ڏين ته وسان ڌرتيءَ تي.

--------

دُور جا سَڏ گهڻو وقت لنوايا آهن،
هاڻِ تنبورو وٺو، هاڻِ هليو ويندس مان!
ايترا گيت ستارن نه ٻُڌايا آهن،
جيترا گيت اوهان لاءِ مون ڳايا آهن،
گيت ٻين لاءِ به مون ڪيئي بچايا آهن
اڱرين ڇا نه سَٺو! هاڻ هليو ويندس مان!
اي ازل! تو سان ڪيل قول نڀايا آهن،
دُور جا سَڏ گهڻو وقت لنوايا آهن.
--------

هاڻ ڏيئو به متان ساٿ نه ڏي!
رات يلغار ڪَري آئي آ
چَنڊ جي مَنڊ جيان دُور اَڏي،
ڪيئن چئجي ته ڪڏهن جُوءِ ڇَڏي،
موٽ کائي نه وَري جيءُ لڏي!
تيرگي وارَ ڪري آئي آ
ڇانئجي آهه وَئِي اڄ ته تَڏي،
هاڻ ڏيئو به متان ساٿ نه ڏي!
--------

نِنڊ جو نانءُ نه وَٺ، ننڊ اسان لئه ناهي،
ننڊ هڪ اجنبي مهمان جيان آهي هِت!
مَڏُ کُٽڻو ئي نه آ، مَڌ پيو ڪو ٺاهي،
چَنڊَ جو ٿانءُ ته کڻ، ايءُ پيَڻ لئه آهي،
کيپُ گهنگهور گهٽا جيئن اچي ٿو ڪاهي،
پر اکينِ – نِنڊَ ته ارمان جيان آهي هِت
هُو ڪلال آهه ڪٿي، ڇا ٿو چڪائڻ چاهي؟
نِنڊ جو ناءُ نه وَٺ، نِنڊَ اسان لئه ناهي!

--------

موتَ ٻوساٽَ هُئي، واءُ ٿي گهُوگهاٽَ ڪَيا
تيز گهوڙي تي اِئين نِنڊَ اچي وَئي توکي!
تُنهنجي ارمان سوين گهيڙ ڪيا گهاٽَ ڪَيا
ٿي گجيو اُڀّ، کِنوڻ ڪالهه ٿي چمڪاٽ ڪَيا،
ڇا نه احسانَ ٿي لهرين جي مٿان لاٽَ ڪيا!
ايڏي رفتار ۾ ڪِئن اکِ لڳي وئي توکي؟
آنءُ جاڳايو گهڻو، آنءُ ته رانڀاٽ ڪَيا!
موتَ ٻُوساٽَ هُئي، واءُ ٿي گهُوگهاٽ ڪيا!

--------

تون نه ڄاڻين ته ڪِٿي انت پُڄائي توکي!
تو پرستش ته رڳو آهه ڪَئي هِن پَل جِي!
پاکڙو چَنڊَ جُهڪايو ته ڀڄائي توکي،
مارئيءَ جيئن کنڀي، ڪوٽِ رَسائي توکي،
۽ رکي بندِ اُتي، روز هڄائي توکي!
تو حقيقت نه آ معلوم اَجَهل جي جَهل جي،
ڪوٽَ ڪيرائي ڪڏهن جيڪو بچائي توکي!
تون ته ڄاڻين ته ڪِٿي انت پُڄائي توکي.
--------

کوهَه تي پويون گهڙو آهه، اِهو ڪيئن چوان!
ڪيترو پنڌ ڪري آنءُ ڀرڻ آيو هان!
ڪئن نه گِرڻي ٿي ڦِري، مان ٿو جڏهن ڪوسَ ڪڍان!
مان نه ڪي زور ڏيان ۽ نه ڇِڪان ڇِڪ ئي ڪيان!
ڪير ٿو وَرت ڇڪي، آنءُ پيو هيٺِ ڏسان،
منهنجو وارو آ، اُهو پورو ڪَرڻ آيو هان
کوهُه اڳ کان به گهڻو آهه، اِهو ڪيئن مڃان!
کوهَه تي پويو گهَڙو آهه، اِهو ڪيئن چوان!

--------

ڪا گهڙي نانهن جڏهن ياد نه آئي آهين،
تُنهنجي صورت جيئن تقدير جو آئينو آ!
مون ته سمجهو هيو مون لاءِ تون ڄائي آهين،
پر ازل منجهه لکيو ڪنهن ته پرائي آهين،
پو به تون ڪيئن نه رڳ رڳ ۾ سمائي آهين،
جنهن صنم ساز جڏهن ٺاهيو سندءِ سينو آ
تنهن نه معلوم، ته ڪئن مون کان تڳائي آهين!
ڪا گهڙي نانهه جڏهن ياد نه آئي آهين.

--------

چَنڊُ جنهن لاءِ پيو روز لياڪا پائي
اڳُ به صورت گرو هِن جيئن ڏٺي ٿَوَ ڪائي؟
ڄڻ ته درياهه ڇُهڻ لاءِ وراڪا پائي
ڇوليون ٿِي گهاٽ مٿان آ ويو ڏاڪا پائي
هُن جيان تيز ورانگون وئي ڇاڪا پائي؟
هيئن سُهڻي ڪا ڏٺي ٿَوَ يا ٻُڌي ٿَوَ ڪائي
سانت ۾ ڪُنّ وَيا ڪيئن نه واڪا پائي!
چَنڊُ جنهن لاءِ پيو روز لياڪا پائي.

--------

گهَر گهٽيون، گهاٽَ، سڀيئي ته ٻُڏي ويا آهن
اوچتو ڪلهه هتي طوفان لڳو هو ڏاڍو،
وِڄُ چمڪاٽ، سڀيئي ته ٻُڏي ويا آهن!
ڪنهن ڳڻيا ڳاٽَ، سڀيئي ته ٻُڏي ويا آهن
ڪيتري ڇاٽَ، سڀيئي ته ٻُڏي ويا آهن،
مون ڏٺو شهر ته وِيران لڳو هو ڏاڍو
ٿي رُني ماٽَ سڀيئي ته ٻُڏي ويا آهن
گهر، گهٽيون، گهاٽَ، سڀيئي ته ٻڏي ويا آهن.

--------

دوستيءَ منجهه دغا اڳ به ڏٺي آهي تو
هي پُٺيءَ مَنجهه ڇُرو، هي ته نئين ڳالهه نه آ!
اشڪ آلود وفا اڳ به ڏٺي آهي تو
جيءَ جي لاءِ جفا اڳ به ڏٺي آهي تو
زندگي هيئن خفا اڳ به ڏٺي آهي تو
آدمي ڪو به بُرو، هي ته نئين ڳالهه نه آ
هيءَ دَستار و قبا اڳ به ڏٺي آهي تو
دوستيءَ منجهه دغا اڳ به ڏٺي آهي تو.

--------

هنج ۾ ٻارُ جئين ماءُ جَهلي
شاعريءَ لاءِ سرشٽي ائن آ!
هوءَ ڳاڙهاڻ پريان، باکَ بَلي!
ٿي نديءَ جيئن پِرَهه – هِير هَلي،
مامتا نِنڊَ ڀريا نيڻ مَلي،
ڏس ته ٿي راتِ رواني ڪِئن آ
ٿا اچن گيت وَري ڳوٺ ڳلي
هنج ۾ ٻارُ جئين ماءُ جَهلي.

--------

ڪيرَ ٿي ياد اچي هڏڪيءَ ۾
پارَ کان پيارُ اچي ٿو ڪنهن جو؟
ڇا نه رابيل ٽِڙي آ جيءَ ۾؟
واس ڪو آهه وَريو ڌرتيءَ ۾!
ڄڻ اُڏار آهه پکين ٽوليءَ ۾
هيءَ اسرار اچي ٿو ڪنهن جو
اوچتو شعر جيان ٻوليءَ ۾؟
ڪيرَ ٿِي ياد اچي هڏڪيءَ ۾؟

--------

جي اچين، رات رَهي پوءِ هَلي ويندي ڪَر!
ڇو اِئين شام لٿي، راهَه رَمي ويندي آن!
جي وڃي چَنڊ لَهي، پوءِ ڀَلي ويندي ڪَر،
مُنهن انڌيري ۾ ٽپي پارِ ڳلي ويندي ڪَر،
ڪو پڇيئي ته ‘ڪٿي هُئينءَ؟’ اَلي ويندي ڪَر،
ترسندي نانهه، اُڀي پير هَلي ويندي آن!
اُڃ اُجهائي ته اڙي پيارَ کَلي ويندي ڪَر!
جي اچين، رات رَهي پوءِ هَلي ويندي ڪرَ!

--------

_______
نوٽ: اُتر ۾ اَٿَو کي ٿَوَ به چوندا آهن.