شاعري

چنڊ ڳليون

’چنڊ ڳليون‘، شيخ اياز 244 ترائيلن جو مجموعو آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ اياز ڄاڻايو آهي تہ ”ترائيل، فرينچ شاعريءَ جي صنف آهي ... اسان ترائيل جو فارم، اردوءَ تان ورتو آهي. ... مون کي اردو ترائيل جو ترنم پسند آيو آهي، جيڪو فرينچ ۽ انگريزي ترائيل وانگر نہ آهي، اُن جو فارم ساڳيو آهي، پر ترنم ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. ترائيل جا تجربا اردو يا سنڌي ادب ۾ مان پهريون ڀيرو نہ ڪري رهيو آهيان، پر اردو ۽ سنڌي ترائيل رڳو ’فاعلاتن فعلاتن فعالتن فعلن‘ ۽ غالباً ’مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن‘ جي وزن تي جوڙيو ويو آهي. مون ان ۾ تجرباتي طور ٻيا وزن بہ پھريون ڀيرو ڪم آندا آهن ۽ گهاڙيٽن کي به ڪڏهن ڪڏهن ڦيرايو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 437
  • 248
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چنڊ ڳليون

2

هتي ته ساهُه مُنجهي ٿو، ڪڏهن ته پٺتي موٽُ!
ڪڏهن ته آءُ ٿڌيءَ هيِر وانگيان مون ڏانهن!
هِتي ته پَنّ به لوڏي نه ٿو پيو اکروٽُ،
پهاڙ – پَنڌُ اکٽ ٿو لڳي، پَري آ ڪوٽُ!
وڌيِ اُساٽ وَئِي، ڄَڻ ته آ کَليءَ ۾ کوٽُ!
ڪڏهن ته آءُ نديءَ نِير وانگيان مون ڏانهن!
متان وَري نه مِلي هيِئن توکي گهوڙي گهوٽُ
ڪڏهن ته آءُ ٿڌيءَ هير وانگيان مون ڏانهن.

--------

ڪڏهن ته آءُ چُمي ڏينم چاندنيءَ وانگر.
ڪڏهن ته آءُ هَٽي رات جي هتان ڪارنهن!
رهي نه موتُ، ڪڏهن آءُ زندگيءَ وانگر،
شرابِ ناب بڻي آءُ سَر خوشيءَ وانگر
اِئين نه آءُ رڳو ڪينه پروريءَ وانگر
اچِي ٻُڌاءِ ته سازش اِها سٽِي آ ڪنهن؟
ڪَڏهن ته پير ڀري آءُ دوستيءَ وانگر
ڪڏهن ته آءُ چُمي ڏينم چاندنيءَ وانگر.

--------

لڳي ٿو کُوههَ ۾ پاڻي وَڌي ويو آهي
جڏهن به چيلهه مٿان تون گهڙو کڻي نڪتينءَ.
گهلي ٿي هِير ائين ڄڻ ڪِٿي وُٺو آهي
ڪَڪَر گجن پيا جِئن تو ڇڏيو ڳِلو آهي
اڃا ته چُپِّ ڪٿي سِجّ جهانجهرو آهي
جِهمي پيو جُهڙ تون جڏهن سَکِي نڪتينءَ،
اِجهو هُو کوهه، هِتان پنڌُ ٿورڙو آهي!
لڳي ٿو کوهه ۾ پاڻي وَڌي ويو آهي.

--------

نه هيئَن شعر لٿو مينهن جيئن اڳُ ڪنهن تي،
مدام ناهه حياتي اڃا لکي وٺ ڪجهه
ملي ويو نه ڪڏهن آهه هيئَن دَڳُ ڪنهن کي
اُجارَ هيِئن ته وِرلي ڏئي ٿو جڳُ ڪنهن کي
سَليو نه سونهن اکينِ آهه سارو سَڳُ ڪنهن کي
اڃا به جيءَ ۾ جهاتي، اڃا لکي وٺ ڪجهه!
ڪيو نه موت ڪڏهن ايِئن اَڳُ مَڳ ڪنهن کي
نه هيئن شعر لٿو مينهن جيئن اڳ ڪنهن تي

--------

خبر نه آهه گهڻا مئڪدا کُٽائيندين!
ٻه چار جام اڃا پيءُ، نيٺ هلڻو آ.
ڏسان پيو ته صراحيون اڃا به پيٽيندين،
اِها اُساٽ نه ڄاڻان ڪڏهن ٻُجهائيندين
پتو نه آهه ته مدهوش تون ڪڏهن ٿيندين!
ٻه چار ڏينهن ڀَلي جيءُ، نيٺ هلڻو آ،
رڳو خمار اِهي پاڻ سان کڻي ويندين.
خبر نه آهه گهڻا مئڪدا کُٽائيندين!

--------

سرنهن جي ڇانو ۾ ويهي رهو ٻه چار گهڙيون
اڃان ته پنڌ پري آ مسافرو پنهنجو!
رُڪاوٽون ته هيون راهه ۾ هزار کڙيون،
هَلِيهءُ ٿي تيز سُوارو هڻي، اَڙين تي اَڙيون،
کُٽن ڪِٿي اِهي تقدير جون ڪڙين تي ڪڙيون!
ڪٿي نه آهه اڃا پنڌ ڇو پُنو پنهنجو
پَريان سڏِين پَيون ڄڻ ڪٿان رڙين تي رڙيون!
سرنهن جي ڇانو ۾ ويهي رهو ٻه چار گهڙيون.

--------

ٽُٽي ويون ته ڇُٽيون، ميڙ تون ڀَلي شيشا،
دليون نه جوڙِ، دليون آئيني جيان آهن
ڏٺي نه ٽاڪُئين دل جيئن ڪنهن به شيءِ ٻي ڪا!
اڳي به آهه ٽُٽي، عشق ٿي ويو ٽڪرا،
سنڀالِ! هيل به نازڪ اَٿي اِهي رشتا،
ٽٽي پيا ته وَيا، جام وانگيان آهن.
ڦُڙيون ڦُڙيون نه ڪَٺيون ڪَر اِهي نه ٻيا پيالا!
ٽُٽي ويون ته ڇٽيون، ميڙ تون ڀلي شيشا.

--------

ملين ته اڄ ئي ملي وڃ، سُڀان هُجان نه هُجان!
خبر نه آهه، گهڻا ڏينهن زندگي آهي!
سڀاڻي سِج نه نڪري متان گهٽائن مان،
سڀاڻي ٽهڪ نه ٻڌجن متان فضائن مان،
سڀاڻي مهڪ نه ايندي اِئين هوائن مان،
اچين ته راهه ۾ رابيل اڄ ٽڙي آهي،
وَري سُڳنڌ اِئين ڀي اچي ڪڏهن نه متان!
ملين ته اڄ ئي ملي وڃ، سُڀان هُجان نه هُجان!

--------

پتو پيو ته سياست فريب هُئي يارو!
پتو پيو ته فقط شاعري چڱي آهي.
پتو پيو ته اهو خواب ئي هُيو سارو،
هُيو نه رات منجهان ڪو به چَنڊَ جو چارو،
اِئين لڳو ته ڪيم موت کي ڳچيءَ ڳارو،
جِتي به، جيئن به آ، زندگي چڱي آهي،
اِئين به ناهه ته هر چيز آ کِکيءَ کارو،
پتو پيو ته سياست فريب هُئي يارو!

--------

اڃا ته ننڊ منجهان ٿي ڏَري اُٿِي ڏارو،
اڃا ته جَنڊُ پيو پيسجي اڳي وانگر!
اڃا عوام اڳي جِيئن آهه ويچارو،
اڃا ته باک ڦُٽي نانهه اي وطن وارو!
ٻُڏي ويو آ وَري تيرگيءَ ۾ تارو،
اڃا ته هانءُ پيو هيسُجي اڳي وانگر
اڃا نصيب مٿان آهه ڪو ڪڪر ڪارو!
اڃا ته ننڊ منجهان ٿِي ڏَري اُٿي ڏارو!

--------

اڃا ته سُمهه، خدائي سُتي پئي آهي
اڃا ته چَنڊ پيو آسمان مان گهوري!
جِتي به پنڌ ۾ تنهنجي جُتي پئي آهي،
اُتي لڳي ٿو اڃا تائين روشني آهي،
خبر نه آهه نئين واٽ ڪا ٺهي آهي!
پَيو اڃا هُو زمان و مڪان مان گهُوري،
اڃا نه آهه کُٽِي، زندگي پَئي آهي،
اڃا ته سُمهه، خدائي سُتي پئي آهي.

--------

خدا پيو ٿو سڄيءَ ڪائنات مان گهوري
خدا جي واٽَ ۾ جيڪي ڪَرين، چڱو آهي
ائين به نانهه ته هرڪو سُتو اکيون پُوري،
اکيون ڪِروڙَ اَٿِي آسمان جي کوري،
خدا پيو توکي ذات و صفات مان گهُوري
اڃا به چُونڊ، جي پُٺ تي وَرين، چڱو آهي
جئين ٿو چنڊ ڏِسي هيٺِ رات مان گهُوري
خدا پيو ٿو سڄيءَ ڪائنات مان گهُوري.

--------

خدا جي ڳُجهّه ۾ ڇا لاءِ پَوَڻ چاهين؟
خدا جو ڳُجهه ڀلا ڪنهن اڃا لڌو آهي!
نچي ٿو مور اُهو ڇو نه ٿو ڏسڻ چاهين؟
ڪَڪَر جي ڪورَ ته ڏِس، تون ته سا نه ٿو ٺاهين!
وَليون ڀٽُن تي ٽِڙن ڪيئن ٿيون، جي ساڃاهين!
اِهو به رازُ وسيهِر ڪٿي لِڪو آهي،
چڱو ته آهه اِئين ڪاهِه جئن پيو ڪاهين!
خُدا جي ڳُجهه ۾ ڇالاءِ ٿو پَوَڻ چاهين؟

--------

ڪِناري ساڻُ اُجهاڻل ٻه جهوپڙيون آهن
اُداس چنڊ تري ٿو اُداس مَنڇر ۾!
اِئين اُداسُ اُجهاڻل سندم اکيون آهن
صديون ٿيون ته نه ٻيڙائتون ڏٺيون آهن،
ڪَتيِن ڏِيا ٽيون هوا ۾ اُجهامڻيون آهن،
اُنهن جا هاڻِ جَهڪا عڪس ٿا لڳن جَر ۾
خبر نه آهه ته آڙيُون ڪِٿي لَٿيون آهن،
ڪِناري ساڻ اُجهاڻل ٻه جهوپڙيون آهن.

--------

پِرهه جي هيِرَ ۾ رابيل جئن ٽِڙڻ ٿا پيا
ائين لڳي ٿو جوانيءَ ۾ تون ٽِڙي آهين!
وَهن ٿيون ڪنگريون، کوهه ڄڻ گِڙن ٿا پيا،
سندءِ وجود مان نغما اِئين ڇڙن ٿا پيا،
اَڃان گلاب کِڙن ٿا ڀَوَنر مڙن ٿا پيا،
ٻه پل ته ويهه، اِئين ڇو اُتامڙي آهين؟
پياڪ سُونهن ڏسي، ڪيترو ٿِڙن ٿا پيا!
پرهه جي هِير ۾ رابيل جئن ٽڙن ٿا پيا!

--------

هو فونِ – تارَ مٿان ڪيترا پکي آهن
اُهي پيام نه ڄاڻن وڃن پيا ٿا جي!
اِهي سَٽاوَ اندر هونءَ گيتَ ئي آهن،
مَري وڃن ته ڪِري ٿا پَون مِٽي آهن
ٻه ٽي گهڙيون ته هوا منجهه ڦَڙڪِڻي آهي،
خبر نه آهه ته ڇاهِن مَرن پيا ٿا جَي!
لٿي آ شام اُتي ئي اڃان سکي آهن.
هو فونِ – تارَ مٿان ڪيترا پکي آهن!
--------

ڇا سبب اِئن تو جواني ڏئي، موٽائي وَتي؟
ڇا سبب ايئن اچي تو نه وري آئين آن؟
مون نه ڄاتو هو ته ٿيندي آ اُڪنڍَ ايئن اَتي
ٿي اَچين جيءَ ۾ جگنوءَ جِي جئين چَنڊَ بتي
پيارَ جي سارَ اِئين آهه جِئين مَڌُ مَتي،
روح ۾ اِيئن رچي تون نه وَري آئي آن
جئن ڪڪر ڇانوَ ڏِين، جيئن اچي مُند ڪَتي!
ڇا سبب اِئن تو جواني ڏئِي موٽائي وَتي.

--------

ڪيئن چئجي اسان ٻيهار مِلون يا نه مِلون!
ڪيئن چئجي ته مُلاقات وَري ٿِي ويندي!
وقت درياهه، تَرِي تارِ، ملون يا نه مِلون!
آنءُ هِن پارِ، تون هُن پار، مِلون يا نه مِلون!
ڪيئن چئجي ته گهڙيون چارِ مِلون يا نه مِلون!
ڪيئن چئجي ته برهه – بات وَري ٿي ويندي!
آه اوچي اڃا ديوارِ، مِلون يا نه مِلون!
ڪيئن چئجي اسان ٻيهار مِلون يا نه ملون!

--------

رات جو ريت کي جنهن وقت اُڏائي ٿي هوا،
ٿا سندءِ روپ جيان چنڊ سِتارا ٽمڪن.
تو بِنا تيرَ جيان ڄڻ پئي گهائي ٿِي هَوا
تُنهنجي خوشبوءَ ۾ سڄي رات سمائي ٿِي هَوا
تُنهنجا رابيل پَٽي ڄڻ ته پَسائي ٿي هَوا،
گڏُ پَل جي به گُذاريا ٿا اُهي رم جهم ڪَن
ٿي اچي سارَ سَندءِ، روز سَتائي ٿي هوا
رات جو ريت کي جنهن وقت اُڏائي ٿي هوا.

--------

ڏات توکي نه ڏني آهه خُدا، مان ڇا ڪيان!
چَنڊُ ڪِشتي نه جَهليندءِ، تون ڀلي سَڏ اُن کي!
ڪو پيام آندو نه تولاءِ صَبا، مان ڇا ڪيان!
گُل سِبي نانهه اگر تنهنجي قِبا، مان ڇا ڪيان!
نه شفق ئي ڏني تولاءِ صدا، مان ڇا ڪيان!
نه اُها گُل پَٽي ڏيندءِ، تون ڀلي سڏ اُن کي!
شعر مون لاءِ اگر پاڻَ ڇڻيا، مان ڇا ڪيان!
ڏات توکي نه ڏِني آهه خدا، مان ڇا ڪيان!
--------

تو ڪَٺا ڪوڏَ ڪَنڌيءَ تي جي ڪَيا، ڇا ٿي پيو!
تون به شاعر آن مگر شعر ته ٻي شيءِ آهي.
ڪوڏَ ۾ سَمنڊ جو آواز ٻُڌو آهي تو؟
شعر ڪهڙو جي منجهس سَمنڊُ نه سارو ڇُلڪيو!
شعر تولاءِ اِئين آهه جِئين رانديڪو،
سَمنڊَ ۾ گُتّ نه ڏيندين تون اهو طئي آهي،
تون رڳو ٻارَ جيان راندِ رچائين ويٺو،
تون ڪَٺا ڪوڏَ ڪنڌيءَ تي جي ڪَيا، ڇا ٿي پيو!

--------

گُل سَرءُ واءُ ۾ ڪنهن وقت ڇَڻي وڃڻو آ،
آءُ سُرهاڻ کي پَڪڙيون، تون ڇڏي ڏي گُل کي!
گُل گهڙيون چارِ، هوا مَنجهه لُڏي وڃڻو آ،
هو اُترڙي ۾ پرين پار هلي وڃڻو آ.
ڇا تون سمجهين ٿو ته هو توکان پُڇي وڃڻو آ؟
شعر ۾ تون رکين سُرهاڻ کي جيڪر سانڍي!
هُن جيان شعر ته تُنهنجو نه مَري وڃڻو آ،
گُل سَرءُ واءُ ۾ ڪنهن وقت ڇَڻِي وڃڻو آ.

--------

زندگي چڻنگ جيان نيٺ وِسامي ويندي.
چڻنگ جي لاءِ جياپو ته گهڙي پَل آهي!
هوءَ ستارو ته نه آ جو سدا جهل مل ٿيندي!
سِجّ جِئن نانهه، گهڻو وقت حرارت ڏيندي؟
کُڙ کٻيتي جان اُجهامي، وَرِي اُڀري ايندي،
ڄاڻَ اِن جي به اڃا تائين ته ڪنهن کي ناهي!
پر مڃي دل ته نه ٿِي بس اِئين کامي ويندي!
زندگي چڻنگ جيان نيٺ وِسامي ويندي!

--------

چَنڊ! رابيل ڀري رات نه رهڻي آهي.
ڇو نه ڄاتوم ته ڪنهن وقت جواني ويندي!
ڇا ڪندو هيءُ ڇَپَرُ ڇانوَ ته لهڻي آهي،
ڇو نه پاتوم ندي ڪيترو ڪَهڻي آهي!
نيٺ هي ناوَ ڪڏهن پارِ اُسهڻي آهي،
ڇو نه تاتيوم ته ڪيڏانهن رواني ويندي؟
ڪيترو سانت پَريان سَمنڊَ – سُمهڻي آهي!
چَنڊَ! رابيل ڀري رات نه رهڻي آهي.

--------

چَنڊ جي ڪَڍّ نه پَؤ، چنڊُ نه ڪنهن جو ٿيندو،
ڪو مسافر نه ڪَرِين يارُ ته بهتر آهي.
گُل نه پٽجانءِ ڪڏهن، ڇَڏ پيو خوشبو ڏيندو!
ڪوڙڪيون اَڏِ نه، ڇڏي ڏينس، تِترُ ٻوليندو،
ڪيئن چئجي ته ڪِٿي مينهُن گهٽائون ٿيندو،
مون ڪَنان جي نه پڇين پارُ ته بهتر آهي؛
ڪيئن چئجي ته اڳيان ڇاهي، اڳيان ڇا ايندو!
چَنڊ جي ڪَڍّ نه پَؤ، چنڊُ نه ڪنهن جو ٿيندو.

--------

مور گهنگهور گهٽائن کان جدا ٿيو آهي؟
تون متان سمجهين ته مون کان تون وَئِي آن وسري!
رقص هن جو نه صدائن کان جدا ٿيو آهي،
عشق ڪنهن وقت وفائن کان جدا ٿيو آهي؟
جئن بَسيرو نه سَرائن کان جدا ٿيو آهي
سارَ تُنهنجي کان سوا نانهه گهَڙي ڪا گذري،
ڪو ئي گذريءَ جي غفائن کان جدا ٿيو آهي؟
مور گهنگهور گهٽائن کان جدا ٿيو آهي؟

--------

جي وِساريان به ته وِسرن نه ٿيون تنهنجون باتيون
ڪيترا سال ڪيون روح – رهاڻيون تو سان!
تون هئينءَ ڪير؟ اکيون ڇو هُيون تو لئه آتيون؟
جيئن گُل مهر مٿان چنڊَ وِڌيون ٿي جهاتيون،
اِيئن تو ساڻ گذاريون مون چُميندي راتيون،
راهه تي ڇا نه چِٽيُون چاندنيون ماڻيون تو سان!
ٿيون اچن ياد ڪِئي باکَ – ڀِنيون برساتيون،
جي وِساريان به ته وِسرن نه ٿيون تنهنجون باتيون.

--------

ڪلهه ڇڏي چَنگَ چَڙا آنءُ ڏٺو ٿي توکي،
تون جدا نانهه مِلان يا نه مِلان مان توسان!
ڪا خبر ناهه ته ڇا چَنڊَ چيو ٿي توکي!
هيءُ ڄاڻان ته وَري سِيرَ سڏيو ٿي توکي،
هي به ڄاڻان ته پِرينءَ پار ڇڪيو ٿي توکي؛
مون ٻُڌا سَڏّ، ٻُڏان يا نه ٻُڏان مان توسان؟
تون ٻُڏي وئينءَ ته رڳو چنڊَ چميو ٿي توکي
ڪلهه ڇڏي چَنگَ چَڙا آنءُ ڏٺو ٿي توکي.

--------

گڊَ ڇرڪن ٿا ته هي نِنڊَ نِهوڙي نيندِي،
چَنڊُ جنهن وقت پَهاڙن تي وجهي ٿو پاڇو.
نِنڊَ درياهه، اَچي ويئي ته ٻوڙي ويندي
راتِ جي آرسي ٽوڙي ڪائي گولي ايندي
جي سڄو وقت پَئي جاڳَ ڇلانگُون ڏيندي
پو شڪارين جو مَٿانئس نه ڪو پوندو پاڇو
ڪنهن چيو آهه ته آ ننڊ ندوري ٿيندي؟
گڊَ ڇرڪن ٿا ته هي نِنڊَ نِهوڙي نيندِي.

--------

هي سَرءُ واءُ وکيڙي ٿي ڪَڪا پَن ڪيڏا!
گُل ڇَڻي ويا ته نظر ڪو نه اچن ٿا پوپَٽَ.
ڪالهه خوشبوءَ ۾ پيا رنگَ اُڏامَن ڪيڏا!
ڪالهه سانوَڻ هُيو، سانواڻِ ٿِيا بَن ڪيڏا!
تو نَوان نينهن ڪَيا، ڪالهه ڪُڏي مَن ڪيڏا!
اڄ نديءَ نانهه رَواني، نه اُهي گهيڙَ نه گهَٽ!
ڪالهه جِئن چَپّ چُمي، مُنهن ٿياوَن ون ڪيڏا!
هي سَرءُ واءُ وکيڙي ٿي ڪَڪا پَن ڪيڏا!

--------

هر مُسرّت کان اِئين دُور رهان مان ڪيسين؟
چَنڊ نَدّيءَ ۾ رهي، دُور رهي جئن اُنَ کان!
هر محبّت جا رڳو درد سَهان مان ڪيسين؟
نه کُٽن لَڪّ ڪِٿي، نيٺ ڪهان مان ڪيسين؟
نِير نيڻان جي وهايان ته اڃان مان ڪيسين؟
چَنڊ جا لُڙڪ ته ڏس، ڪئن نه وَهن ٿا اُن مان
آنءُ آهيان ته سهين، پو به نه هان مان ڪيسين؟
هر مسرت کان اِئين دور رهان مان ڪيسين؟

--------

زندگي رات جيان نيٺ وِهامي ويندي
خواب ۾ خواب هُئي ڄڻ ته محبّت تُنهنجي.
صبح جو پَهرو رهِي ماڪ اُڏامي ويندي
سِج – لالاڻ انڌيري ۾ اُجهامي ويندي،
ظاهري اِيئن لڳو شمع وسامي ويندِي
تا اَبد آهه اِهو رنج نه راحت تُنهنجي،
ڀَؤ نه ڪر، ڇو ته اِها وَٽِّ نه کامي ويندي
زندگي راتِ جيان نيٺ وهامي ويندي.

--------

تو بِنان نيڻَ – چُئا ڪَن کي سِتارا ٿا چُمَن
تو بنان وائرو ٿڦڪيون ٿو ڏئي ڄَڻ ڳل کي!
مَن به تو لاءِ ٿو تانگهي، نه اَچي چئن هَٿَن،
تون اچين جي ته املتاسَ خوشيءَ ۾ جهومَن،
۽ ڀنڀرڪي جي ڀِنيءَ ماڪ ۾ رابيل ٽِڙَن،
ٿي چَوي ڄَڻ ته پرَهه – هيِر ٿَڌا ساهه ڀَري
“اڄ پرين پير ڀَري، شالَ ڪري ڀال اچن!”
تو بِنان نيڻَ – چُئاڪَن کي سِتارا ٿا چُمَن.

--------

دل چوي ٿي ته ڪڏهن واءُ وري وَرڻو آ
دل چوي ٿي ته سدا ماڻهپو مرڻو ناهي،
دل چوي ٿي ته وَري هيءُ سفر ڪرڻو آ
۽ انهيءَ لاءِ کليٿو به وَري ڀَرڻو آ،
يا رَمِي راهَه، ڪٿي دَڳّ مَٿي مرڻو آ؟
جو لکيو آهه اُهو ڪيئن به ٽرڻو ناهي،
ڀل هجن جيترا هاتارَ، نه پَر ڏَرڻو آ
دل چوي ٿي ته ڪڏهن واءُ وري وَرڻو آ.

--------

تون اچين جي ته سندم ٻانهون ٽڙي ٽاريون ڪَن
تو بنان آءُ لڳان سِيءَ ۾ ٿوهر وانگر،
تو بنان چَنڊَ منجهان چِيرَ، تِکيون آريون ڪَن؛
هي پرهَ هير، پَنوهاريون ٿيون پيون ساريون ڪَن،
جئن جُهڪن ٿيون ته گهگهن منجهه پيون ڏاريون ڪَن!
۽ اُٿن ٿيون ته ڪَڪَر – ڪورَ سندن ڪَر وانگر!
ٿيون جُهڙالين ۾ جِئين، يادِ پيون ياريون ڪَن
تون اَچين جي ته سندم ٻانهون ٽِڙي ٽاريون ڪَن.

--------

ڪا خبر نانهه ته ڪنهن وقت چَوي موتُ ته “هلُ”
ڪا خبر نانهه ته ڪنهن وقت سوارِي آڻي!
ها، اِها ڄاڻَ اٿم، موت سفر آهه اَٽل،
دور لوڙهي ٿي وڃي ڪا ئي اَچي لَهر اجَهلُ،
آ غنيمت ته حياتيءَ کي مليو آ ٻيو پَلُ،
ڪوڙڪِي، ڪيرُ چَوي، ڪيئن ٿو مارِي آڻي!
تيستائين ته ڏئي ڇالَ ڀِٽُن ڀالَ نه ڀُلُ!
ڪا خبر نانهه ته ڪنهن وقت چَوي موتُ ته “هَلُ”

--------

تون اچين ٿي ته سندم چَئن کسين ٿي مون کان!
تون وَئين آنهه ته موٽِي نه وَري تون اَچجانءِ!
تو سَوا گُل ته اُئين ئِي آ گلابي تو جان!
تون به اِئن ڀانءِ ته خوشبو به هلي وئي تو سان!
مورَ جا کَنڀَ کِڙن اڄ به پيا پَل پَل مان،
زندگي قوسِ قزح آهه، نه ٻيهر نچجانءِ!
تون ته هڪ رنگ هُئين، سنگِ هُئين جان جانان،
تون اچين ٿي ته سندم چَئن کسين ٿي مون کان!

--------

واءُ ۾ گُل ڇَڻي درياه ۾ ترندو ويندو.
ڪير چَوَندو ته ڪڏهن هُو به هُيو ٽاريءَ ۾؟
واءُ جو گيت پيو سير ۾ ٻُرندو ويندو،
شام ٿيندي، ته شفق ڏانهن اُڪرندو ويندو،
رات ٿيندي ته ستارن ڏي اُڏرندو ويندو
چِڻنگَ اَٽڪي نه پئِي رات ڪڏهن ڪاريءَ ۾؛
چنڊَ سان پو به سندس ساٿ وِسرندو ويندو.
واءُ ۾ گُل ڇَڻي درياه ۾ ترندو ويندو.

--------