شاعري

چنڊ ڳليون

’چنڊ ڳليون‘، شيخ اياز 244 ترائيلن جو مجموعو آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ اياز ڄاڻايو آهي تہ ”ترائيل، فرينچ شاعريءَ جي صنف آهي ... اسان ترائيل جو فارم، اردوءَ تان ورتو آهي. ... مون کي اردو ترائيل جو ترنم پسند آيو آهي، جيڪو فرينچ ۽ انگريزي ترائيل وانگر نہ آهي، اُن جو فارم ساڳيو آهي، پر ترنم ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. ترائيل جا تجربا اردو يا سنڌي ادب ۾ مان پهريون ڀيرو نہ ڪري رهيو آهيان، پر اردو ۽ سنڌي ترائيل رڳو ’فاعلاتن فعلاتن فعالتن فعلن‘ ۽ غالباً ’مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن‘ جي وزن تي جوڙيو ويو آهي. مون ان ۾ تجرباتي طور ٻيا وزن بہ پھريون ڀيرو ڪم آندا آهن ۽ گهاڙيٽن کي به ڪڏهن ڪڏهن ڦيرايو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 437
  • 248
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چنڊ ڳليون

3

ڄام شوري جي هوائن ۾ تون،
هِي نما شام، نديءَ ۾ سورج!
ڄڻ ته گُل مَهَر فضائن ۾ تون!
سَروَ جهوميا ته ادائن ۾ تون،
۽ پَرندن جي صدائن ۾ تون!
هي اَملتاس جِيان توتي گج!
ڇو ڇپي آنهه گهٽائن ۾ تون؟
ڄام شوري جي هوائن ۾ تون.

--------

راتِ جو رند خِرابات ۾ جهُومَن بيٺا.
جامَ تي جامُ ڀري ڏين پيا هر ڪنهن کي.
رات گُذري وَئي، پرڀات سان اُڀرن بيٺا
سِجَ کي اوتَ وِجهي، جَامَ اُڀا ڪَن بيٺا
ٿا جُهڪي هيٺِ ڏسن، وَڻ به پِياڪَن بيٺا،
هي وِلايت ته ملي نانهه اڳي جَنهن تَنهن کي
پَلَ ۾ ڄڻ ته صدين مان اُهي گُذرن بيٺا!
راتِ رِند خرابات ۾ جهُومن بيٺا.

--------

زندگي غور سان ڏسجي ته رُڳو خواب آهي.
خواب سچّو لڳي، ساري حقيقت ڪُوڙي!
اِئن رَوان آهه جِئين آبَ ۾ مهتاب آهي!
ٿو فسانو نه کُٽي باب پٺيان باب آهي!
سِج آ سج پٺيان، تاب مٿان تاب آهي!
ٿورڙو سوچ ته آ سارِي حَرارت ڪُوڙي!
موت کان پوءِ سڄو تاب به ناياب آهي،
زندگي غور سان ڏِسجي ته رُڳو خواب آهي.

--------

آءٌ دارا سان ملاقات ڪٿي ٿي ويندي!
آءٌ ماضيءَ ۾ ڦري آءُ ٻه ٽي ڏينهن ڪَڏهن!
ڇا پَسايانءِ اُهو ڪَنڌُ ڪپيو آهي ڪَنهن؟
موتَ کي تخت پُٺيان ڪنهن به ڏٺو نانهه جڏهن،
ٿو ڪَري ڪِيسَ، سَتائيس ستم ٿو نه تڏهن،
موت ايندو ته عَيان باتِ ڪڏهن ٿي ويندي،
آءُ دارا سان ملاقات ڪڏهن ٿي ويندي.

--------

اي ميان! ڏاتِ خرابات مٿان واري ڇڏ!
تون مَٿو اِئين کڻين، جيئن کڻي ڪو ساغَر!
اي ميان! اهلِ سياست کي پريان ٽاري ڇَڏ!
ڏاتِ سان دين مذاهب به سَڀئي ڏاري ڇڏ!
ساهَه ۾ سَپّ اٿي، ڳولِ، اُهي ماري ڇَڏ!
تون کَٿو اِيئن کَڻين، جِيئن ڇڏي ڪوئي تَر!
منزلون دُور اٿي، پير نه اِئن ٺاري ڇڏ!
اي ميان! ڏات خرابات مٿان واري ڇَڏ!

--------

رات سان رُوح نه وِندراءِ، اِجهو باک ڦُٽي،
لاک لوئيءَ تي هنئين آهه، اُفق ڄڻ تولاءِ!
ها، اِجهو رات کُٽي، رات کُٽي، رات کُٽي،
ها، اِجهو ننڊَ ٽُٽي، ننڊَ ٽُٽي، ننڊ ٽُٽي،
ٿا وڄن گهنڊَ سوَين، سُڻ ته سَهين، سانت ڇُٽي،
چوطرف ڄڻ ته پيو گونججي ڪارَڻ تو لاءِ
هيل تائين ته سندءِ ڪَنٺَ پَئي ڪُوڪَ گهُٽي،
رات سان رُوح نه وِندراءِ، اِجهو باک ڦُٽي.

--------

قافلا واٽَ وٺي، سَنکَ وڄائن ٿا پيا.
هي نئين راهه، خبر ناهه، ڪٿي کُٽڻي آ!
هو اڳين واٽ ڇڏي، وِکّ وڌائن ٿا پيا
ٿي اِجها باکَ ڦُٽي، آس لڳائن ٿا پيا
گيتُ تي گيتُ چَئِي، پاڻ ڀُلائن ٿا پيا
راهه کي زادِ سفر نانهه، ڪٿي کُٽڻي آ؟
بس، پَٽيُون پيٽَ ٻڌِي، پَنڌُ پڄائن ٿا پيا
قافلا واٽَ وٺي، سَنک وڄائن ٿا پيا.

--------

ڇو اِئين پيار حياتيءَ سان ڇَڏائي ويئينءَ؟
چنڊ سان ڳالهڙيون ڪو نه ڪريان ٿو هاڻي!
ڇو اِئين هٿّ ڏَئِي، پوءِ هَٽائي ويئينءَ؟
رُتِ رابيل جي ڪيڏانهن اَلائي ويئينءَ؟
مُرڪ مُگري جيان ڇا لاءِ ڇپائي ويئينءَ؟
هِير جِئن آئي هُئينءَ ڪيئن ڀُلِي مون ڀاڻي؟
لُونءَ ۾ منهنجي لگن ڇو اِئين لائي ويئينءَ؟
ڇو اِئين پيار حياتيءَ سان ڇڏائي ويئينءَ؟

--------

پُٽ تُنهنجا ته نه آهن، هُو پراوا آهن،
هَڏ جِن جا ڀڃي، ڌُوڻِي هي دُکائي آ تو!
چاندني رات ۾ هنگلاج ڏي نڪتا آهن،
وَر وَڪڙ واٽَ، اُنهيءَ ۾ ڪئِي دوکا آهن،
ٿي مَٿان وَلهه وسي، مَچّ وِساڻا آهن،
ٻار ٻارَڻُ ڪري هِي آگَ جلائي آ تو!
ٿو ٻري ماسُ، منجهس جيئرا شعلا آهن
پُٽ تُنهنجا ته نه آهن، هو پراوا آهن!

--------

ڦهلندي چنڊ جيان ڏاتِ ڏَسان ڏَس تُنهنجي!
ڪنهن نه ڄاتو ته اِئين موتَ کي شهه ڏَئِي ويندين!
زيرِ بحث آهَه اَڃان ذاتِ ڏَسان ڏَس تُنهنجي
موت کان پوءِ ڪندا تاتِ ڏَسان ڏَس تُنهنجي
ٿو ٻُڌان آنءُ برهه – باتِ ڏَسان ڏَس تُنهنجي!
ڪنهن نه ڄاتو ته اَمر ٻولَ سوين چَئي ويندين!
شاعري ڄڻ ته آ برسات ڏَسان ڏَس تُنهنجي!
ڦهلندي چنڊ جيان ڏاتِ ڏَسان ڏَس تُنهنجي!

--------

آرزو ڪا به رَهِي نانهه، هتي جا روڪي،
اوچتو اوچتو ڪنهن وقت مَرِي وينداسين،
ڇا ڪيو آهِه اوهان ڪير اسان کي ٽوڪي؟
ويا کُٽي کوهَه، چُڪي ڪا نه ڇڏي ڪا ٻوڪي،
هيترا شعر ڏٺا حصّي ۾ ڪنهنجي توڪي؟
آهيون مهمان هتان نيٺ ٽري وينداسين
ڪو سبب نانهه، گهڙيون ٻيون به وڌايون جوڪي!
آرزو ڪا به رهي نانهه هتي جا روڪي.

--------

چَنڊُ اڄ راتِ به ڪلهه جيئَن پيو هيٺِ تَڪي،
آهه حيرانُ ته ڪيڏانهن ويا هُو آخر!
کَٽ تي ڪو به نظر ڪو نه اچي ٿو هن کي،
نِنڊَ ۾ ڪو به نه آ، پيئي ڏکڻ – هِيرَ گُهلي،
ڪالهه جئن جنهن ۾ پَئي راتِ جي راڻي ڦَهلي،
آ پريشانُ ته ڪيڏانهن ويا هُو آخر!
باک ٿي آهه، ٿَڪو آهه گهٽائون ڳولي،
چَنڊُ اڄ رات به ڪلهه جيئَن پيو هيٺِ تڪي!

--------

وارَ ڇوڙِين ته گهٽائن کي ٻُڌائيندي ڪَرِ!
جي اُهي اُڀّ تي ڇانيون ته انڌيرو ٿيندو.
ڪَنڌَ تي اِيئن وَسيهر نه جهُلائيندي ڪَر!
رات جي بات ته ٻي آهه، اِئين ايندي ڪر!
اوچتو چَنڊَ جيان ڏِکّ ڪڏهن ڏيندي ڪر!
دُور رهندينءَ اگر پيار گهڻيرو ٿيندو،
هي ڀَلو آهه ته ڪُجهه وقت ڀُلائيندي ڪر!
وارَ ڇوڙِين ته گهٽائن کي ٻُڌائيندي ڪَر!

--------

مان سندءِ سُونهن کان انِڪار ڀَلا ڪيئن ڪَيان!
عشق اقرار سوا اِيئَن به افشا ٿي ٿو.
آنءُ توساڻ اکيون چار اَلا ڪيئن ڪيان!
نيٺ وَلهارَ ٿيا ساهَه – سَلا، ڪيئن ڪيان!
تو اچين جي ته تڏهن، بند ڳلا ڪيئن ڪيان!
شام جو عشق سَوين رنگَ شفق جاٿي ٿو
زندگي آهه ڪَلاڪارَ – ڪَلا، ڪيئن ڪيان!
مان سندءِ سُونهن کان اِنڪار ڀَلا ڪيئن ڪَيان!

--------

گُل سَرءُ واءُ پئي روزُ اُنهيءَ جا ڇاڻي،
موڪلاڻِي ٿي ڪري ڄَڻ ته سِرنهن جي خوشبو!
اَرٽُ ڪوئي به رَهيو نانهه اَڱڻ ۾ هاڻي،
ڪا ڪَتڻِ ڪاڻِ رَهِي آهه نه مُنهنجي ڀاڻي،
ڪيئي ڪا پائتيون آهن ويون سانجهيءَ ٽاڻي،
ڪا ورونُهَڻِ نه رَهِي ۽ نه وِرنهَن جي خوشبو؛
ڪيستائين ڪو اڪيلائي کي پنهنجي ماڻي
گُل سَرءُ واءُ پَئي روز اُنهي جا ڇاڻي.

--------

پَرو پَيو نه سندءِ، آسَ مون پَلِي آهي،
اَچِين نه اَچِين، رات ته گذري ويندِي!
کُٽي ڪِٿي به نه ٿي هيکلي گلي آهي،
ائين ته راهه مَٿان چاندني ڀَلي آهي،
ٻه ٽي گهڙيون ته سندس واڳَ مون جَهلي آهي
اَچين، اچين نه اچين، ڏاتِ ته گُذري ويندي،
پتو نه آهه ته ڪنهن وقت کان هَلي آهي!
پَرو پَيو نه سندءِ آس مون پَلي آهي.

--------

ڪَڏهن ته آءُ اڃا انتظار آهيان مان
ٻُڏي ٿو سِجّ، سُنهري ندي وهي ٿي پَئي،
شرابِ شام، سراپا خمار آهيان مان
وَڃي وَيو نه اَڃان جو بَهار آهيان مان،
اَڃان ته ويرَ چَڙهي ٿي، اُڀارُ آهيان مان
ڏَئي ڇلانگَ، ندي سمنڊ ڏي ڪَهي ٿي پَئي،
انهيءَ ۾ چَنڊَ ڇُلين جي ته پيار آهيان مان
ڪڏهن ته آءُ، اڃان انتظار آهيان مان

--------

اجنبي گيتَ پُر اسرار ڪشش وارا ها،
اجنبي گيت ڪٿي دُور ڌڪي ويا مونکي!
اجنبي گيت فقط سُر جي سِڌِي ڌارا ها
سَمجهه ۾ ٻول ته آيا نه مگر پيارا ها،
نينهن جا گيت نوان ڪو نه هُيا، نِيارا ها،
ٻهڳڻيون ڳائِڻيون جِن ڏانهن ڇِڪي ويا مونکي
گجّ تن کي نه هُيا ڄڻ ته گگن تارا ها!
اجنبي گيتَ پُر اِسرار ڪشش وارا ها.

--------

اجنبي رات اَڃا تائين رُلائي پيئي
اجنبي ساز پکيءَ جيئَن ٿي پرواز ڪَيا!
پيار جي سارَ اڃا تائين سَتائي پيئي
تو بنا چَئن نه آ، پو به لنوائي پيئي
اي پرين! وَسّ ڪري توکي ڀُلائي پيئي،
چارَ پل، توسان جي گذريا، اهي ڪيڏانهن وَيا!
ڏاتِ کي ڏينهن ٿيا جو اُها ڳائي پيئي،
اجنبي راتِ اڃا تائين رُلائي پيئي.

--------


تون اَچين يا نه اَچِين، وقت ته گذري ٿو وڃين،
تو سوا اڄ به ٻَٻُرَ ٻور ڪيو آ ٻيهر
ڪو بِرَهه نانهه مگر جِيءُ بهلجي ٿو وڃي،
شمع ٻُجهندي به ته ڇا، وقت وهامي ٿو وڃي
ٿي کُٽي رات، وَري سِج ته اُڀري ٿو وڃي
تو سوا صبح وَري نُور ڪَيو آ ٻيهَر
ٿورڙي دير رُڳو سِجّ اُجهامي ٿو وڃي،
تون اَچين يا نه اچين، وقت ته گُذري ٿو وڃي.

__________
نوٽ: هن ترائيل ۾ مون ٻه وزن ‘مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن’ ۽ ‘مفاعلن فعلاتن فعلاتن فعلن’ ڪم آندا آهن. ان ڪري ترائيل جو ترنم متاثر نه ٿيو آهي.

--------

مان اَسُر وير اُٿي توکي پيو ٿو ساريان،
چَنڊُ آڪاش – سمندر ۾ ٻُڏي ويو آهي –
سارَ جي سِير تِکي، مان پيو تَرهو تاريان،
هُو ڪَڪَر ڪاڪِ مَٿان، ڄڻ پيو چانگو چاريان!
آ اڃان پَنڌ پَري، پيرَ ڪٿي ٿو ٺاريان؟
عمر گذري وئي، ڪجهه وقت مگر پيو آهي،
آ اڃا وَجهّه، اگر چاهيان ته ڪجهه هاڪاريان!
مان اَسُر ويرَ اُٿي، توکي پيو ٿو ساريان!

--------

ماڪَ جنهن وقت گُلابن تان ڇَڻِي ويندي آ.
ڄاڻندو ڪو به نه آهي اُها ڪيڏانهن وَئي!
باکَ جنهن وقت به نيڻن کي وَڻي ويندي آ
ماڪَ تِنهن وقت گُلابن تان ڇَڻِي ويندي آ
پَر اُها پاڻَ سان خوشبو نه کڻي ويندي آ،
ٿِي پُڇي ڄڻ پَئي خوشبو، ‘ڀلا ڪيڏانهن وَئي’؟
ماڪَ جا رات جي لُڙڪن مان ڄَڻي ويندي آ،
ماڪَ جنهن وقت گُلابن تان ڇَڻي ويندي آ.

--------

تِرمِرائي ٿي پئي راتِ، ڪٿي آهين تون؟
جَڻ سِتارا ٿا سَوين ڳالهڙيون تنهنجون ڪَن!
ٿِي اڳي جِئن پَئي برسات، ڪٿي آهين تون؟
اي سندم تانگهه، سندم، تاتِ، ڪٿي آهين تون؟
تو سوا ڏاتِ نه آ ڏاتِ، ڪٿي آهين تون؟
واءُ مان ڄڻ ته ٿَڌا ساهه پيا سِيرُون ڪَن
موت کان مان نه مڃان ماتِ، ڪٿي آهين تون؟
تِر مِرائي ٿي پَئي راتِ، ڪٿي آهين تون؟

--------

تون اگر چاهين، گهڙي هڪ نه وڌائي سگهندين!
۽ اگر چاهين گهڙي هڪ به نه گهٽجي سگهندي!
ڇا سمندَر ۾ ڪڏهن چنڊُ سمائي سگهندين؟
چَنڊُ آڪاس جو آهي تون نه پائي سگهندين؟
وَنجهه تو چَنڊَ – نگر ڏانهن هلائي سگهندين؟
نه پُڄي ناوَ ڀَلي، راتِ ته ڪَٽجي سگهندي،
ناکُئا! ناوَ ته ڪنڌيءَ نه پُڄائي سگهندين!
تون اگر چاهين گهڙي هڪ نه وڌائي سگهندين!

--------

دِل نه وِندراءِ، ٻي طرح مُنهنجا پرين!
دَرد جي راتِ آ، دَرد جي ڳالهه ڪر!
ڇو نه اڄ رات ٿو درد جا گيت ٿين؟
ماتِ جي راتِ جو اَشڪ منهنجا اُگهين؟
قهقها ايترا؟ تون ته بيٺو کِلين؟
رَنگَ؟ هڪ رنگَ جي، زَرد جي ڳالهه ڪر!
آءٌ ڀورا ته آهيان، اڃا ٿو ڀڃين!
دِل نه وندراءِ ٻي طرح مُنهنجا پرين!

--------

جام غمخوار ٿيندو نه آهي ڪڏهن،
جام سان هوش رهندو نه، سَچ ٿو چوين!
ڇا چَيُئه يار ڪوئي به ناهي ڪڏهن،
روح سان رنجُ جيڪو وِراهي ڪڏهن،
ڌير دِل کي ڏئي، ٺاههَ ٺاهي ڪڏهن
ڪو به اَهڙو اُسهندو نه، سچ ٿو چوين،
اوچتو جو چڱيءَ لاءِ چاهي ڪڏهن؛
جام غمخوار ٿيندو نه آهي ڪڏهن!

--------

چَنڊ جو روپ ڌاري اچين ٿي پئي.
وقت درياهه وانگر وَهي ٿو پيو!
آنءُ ساريان ته ساري اَچين ٿِي پَئي،
نينهن سان تون نِهاري اَچين ٿِي پَئي
پر ڪٿي رات گهاري اچين ٿِي پَئي
گَجّ ڪيڏو نه توتي ٺهي ٿو پيو!
وارَ ڪنهن لَئه سَنواري اچين ٿي پئي؟
چَنڊ جو روپ ڌاري اچين ٿي پئي.

--------

ڪو به انسان تقدير ٿيندو نه آ،
تون نه هوندينءَ ته ٻي ڪا محبّت ڪندي.
پيارُ اڳواٽ سوچي، سڏيندو نه آ،
پر سبب کان سوا دل ڇڪيندو نه آ!
جي وڃڻ تي اچي هُو مڃيندو نه آ،
عاشقي آهه وِرلي قيامت ڪندي
جيڪڏهن ڪنهن سَوا ڌِير ايندو نه آ!
ڪو به انسان تقدير ٿيندو نه آ.

--------

ٿا لُڏن ڪارا ڄمون، جيڪي پيا هيڙها ٽُڪِن،
اوچتو برسات جو بوندون وڻن تي ٿيون وَسَن.
لوءِ کي لهسائِيو هو هيل چوڌاري لُڪَن،
تاسَ ڄڻ پنهنجي ٻُجهائي ڪا نه ٿي پاڻيءَ ٻُڪن!
لُوهَه ايڏِي جو اَواڙي مالَ ٿا هَر هَر دُڪن!
اوچتو ئي اوچتو ٿا اُڀَ مان سانوَڻ سِمن،
اوڙڪون ٿي آءُ! ڪيسين هر طرف جَر ٿَر سُڪن؟
ٿا لُڏن ڪارا ڄَمون، جيڪي پيا هيڙها ٽُڪن.

--------
روز ويندو نه ڪَر يارَ جي پارَ ڏي
روزُ تَنهن ڏي وڃِي پيارُ گهٽجي متان!
دورُ تان تون نِهارين اگر يارَ ڏي،
۽ ڏِسين ٿورڙو سُونهنَ – سنسارَ ڏي،
جِئن وَري ڪا گهڙي واءُ وَلهارَ ڏي.
ٿِي نه گُستاخ تون ايترو عشق سان!
دورُ تان ڏِس، چڱو ٿي ته دلدارَ ڏي،
روزُ وِيندو نه ڪَر، پيارَ جي پارَ ڏي.

--------

رِڻ ٻري ٿو پَيو، وِکَ کي ڪَر ڍَرو،
رات برساتِ جي دُور آهي اَڃان!
رُڃّ ۾ ڪنهن ٽُٻي ڏئي، لڌو آ تَرو؟
واتُ واريءَ ڪَيو آ رڳو ڪَر ڪَرو!
رُڃّ مان اُڃّ ڪنهن آ اُجهائي ميان!
سڀ اُڃارا چون ٿا ته پُٺ تي وَرو!
رِڻ ٻري ٿو پيو، وِکَ کي ڪَرِ ڍَرو!

--------