7
نِمي هوا ۾ نسورو سلام ٿيندو آ!
کجين تي هونءَ ته ايڏو وَڻيو پئي سانوڻ
وَهين کي واءُ ۾ جيڏو لڳو پَئي ڌانوڻ!
ڏکڻ کان هيرَ گهُلي ايتري ته مَن – ڀانوَڻ،
جئين پري کان پرينءَ جو پيام ايندو آ
هِيون اِئين آ جِئين ڌوپجي ويو وَڻ ٽِڻ،
ڪڏهن ڏٺو ٿي پريان لوءِ جي پريان لوسڻُ
______
پريان لوءِ:پريالو، خيرپور ضلعي جو هڪ ڳوٺ.
--------
شفق جي رنگ ۾ ڏس هو، گِدامڙيءَ جو وڻ،
انهيءَ تي ڪيترا چيِها اچي مِڙيا آهن!
انهن جي گيت ۾ پَن پَن گِٽار آهي ڄَڻُ!
انهيءَ جي ساهه ۾ گرجي پيو ڪوئي سانوَڻُ،
اٿيو آ ساههُ پَٽي ڇانوَ ۾ رڍن جو ڌَڻ،
ڌراڙ ڳوٺ وڃن ٿا، اُتامڙا آهن،
اَچي ٿو مينهُن، وُٺو جي ته دورُ آ واهڻ،
شفق جي رنگ ۾ ڏِس هو گدامڙيءَ جو وَڻ!
--------
پَري پَري کان پِرين تون نظر اچين پيئي،
ڪڏهن ڪَتيءَ جي ڪڪر جيئن ڇُپي وڃين ٿي تون!
شفق جي شام جيان ڄڻ ته ڏيک ڏين پيئي
لڳن ٿا وارَ گهٽائون، جڏهن وڃين پيئي،
سرءُ سان پيارُ ڪَري، سجّ کان لڪين پيئي،
لهي ٿي رات ته رُويا جيان لڳين ٿي تون
اُداس آهه انڌيرو، ڪٿي وسين پيئي؟
پَري پَري کان پِرين تون نظر اچين پيئي.
--------
لڳي ٿو لوءَ، کجين ۾ پچن پيا ڏوڪا،
تپي وئي آ سڄي لوءِ اڄ ته جهولي سان!
ڪَڪر اچن ٿا، وَڃن ٿا رُڳو ڏئي ڌوڪا،
پَئي نه بوند ڪٿي هيل تائين آ ڇوڪا؟
سِرَن تي سِجّ مٿان هڻي پيو ڪوڪا،
هَلو ته گهر کي پُڄون، الامانَ رولي کان!
ائين تتا نه ڪڏهن ڏينهن جيئن هيلوڪا،
لڳي ٿي لوءَ، کجين ۾ پچن پيا ڏوڪا.
--------
ڇَنو نه ڇانوَ، رڳو ڪانوَ سي به سڀ پياسا،
لڳي ٿي لُوءَ، جُهلن ٿيون پيون ڪنڊيءَ ڪامون!
وَري وَساءِ اسان تي ڪڏهن ته چوماسا!
ڪَڻا به ڪو نه رهيا جُوءِ ۾، ڪٿي ڪاسا!
ڪسي به ڪانه رهي آ، سُڪي وئي آ سا
پگهر ۾ هيل شرابُور ٿي ويون شامون
ڏسين ٿو واهڻي سارا اُداس، آڻاسا؟
ڇَنو نه ڇانوَ، رڳو ڪانوَ سي به سڀ پياسا.
______
شرابور: (اردو) ٽمندڙ.
--------
خبر نه آهه ته تولئه اُداس آهيان ڇو؟
ٻه ٽي دفعا ته ملي آنهه سانوڻيءَ وانگر!
تون منهنجي ٿِي نه سگهين ٿِي اهو به سمجهان ٿو،
مگر اچين ٿي ته تنهنجين اکين ۾ اَمجهان ٿو!
سبب نه آهه ته هئن توکي آنءُ چاهيان ڇو؟
رڳو تون نانهه سکي چيٽ – چاندنيءَ وانگر!
چوان ٿو توسان ڀلا نينهن مان نباهيان ڇو؟
خبر نه آهه ته تو لئه اُداس آهيان ڇو؟
--------
پَوي ٿو مِينهُن، ڳلن تان پيون ڦُڙيون ڇَلڪن،
پرينءَ جي پاسِ رهِي سانوڻيون گذاريون مون!
ٿيون رهگذار تي ڇاتيون هزار ڇَل ڇَل ڪَن،
اگرچه مون کي ڍڪي آ ڇڏيو پرينءَ پَلڪن.
تلور جيئن پيا آدمي هِتي ٽَلڪن،
ڪَٽيُون جي توسان نه سي راتڙيون وساريون مون،
اَچن ٿيون ياد جيئن جُهڙ جِهمن، ڪَتيون جهَلڪن!
پَوي ٿو مِينهُن، ڳلن تان پيون ڦُڙيون ڇَلڪن،
--------
ڪڏهن ته آءُ لهي آءُ چاندنيءَ وانگر،
ڪڏهن ته آءُ گهرن تي اُداس اوندهه آ!
ڪڏهن ته آءُ گلابن جي تازگيءَ وانگر!
پرهه جو مِينهُن وُٺو آهه شاعريءَ وانگر!
ڪڏهن گه گهرَ ۾ گهِري آءُ زندگيءَ وانگر!
پپل جي ڏارَ مٿان جِن پکين جي چَهه چَهه آ
لنوي نه لات اُنهن تُنهنجي ٻولڙيءَ وانگر!
ڪڏهن ته آءُ، لهي آءُ چاندنيءَ وانگر!
--------
دَسهري شام رهي آ نه رنگُ هوليءَ جو
سندن گهرن ۾ سڄي زندگي بدلجي وئي!
پُڇان ته ڪنهن کان پڇان آنءُ نانءُ گانڌيءَ جو!
ڏيان ٿو سَڏُ آهنسا ۾ آجڪائيءَ جو،
اڃان ته آنءُ ڪَوي هان وِشال ڌرتيءَ جو!
ويا جي گورا ته ڇا دُرگتِي بدلجي وئي؟
جواب تنهنجي کي ڄڻ ويس آ ٺٺوليءَ جو!
دَسهري شام رهي آ، نه رنگُ هوليءَ جو!
--------
خبر نه آهه ته ڪهڙي لگن لڳائي وَئينءَ
خبر نه آهه ڇو ڳوڙها اڃا سُڪا ناهن!
هتان وَئينءَ ته سندم چَئن ڇو تڳائي وئينءَ؟
انيڪ ٻول سندم ساهه ۾ سمائي وئينءَ
اکين سان گيت سَکي ايترا ته ڳائي وئينءَ
جو شعر مِينهَن جيان هِئن اَڳي وُٺا ناهن
لڳي ٿو جيءَ کي جَل – مئه جيان بڻائي وئينءَ
خبر نه آهه ته ڪهڙِي لگن لڳائي وئينءَ!
______
جَل – مئه – آفاقي سيلاب
--------
زندگي آ سَوين امڪان نه ڄاڻان ڇا ٿئي!
ڪيئن چئجي ته ڪڏهن مينهُن ٻنا ٻوڙ وَسي!
ٿا اَچن ڄڻ ڪيئي طوفان نه ڄاڻان ڇا ٿئي!
هي نئين دؤر جا انسان، نه ڄاڻان ڇا ٿئي!
جيڏا دانا تيڏا نادان، نه ڄاڻان ڇا ٿئي!
ايترو بغض متان نيٺ سندن مَتِ کسي!
ٿي وڃن جنگ جو اعلان نه ڄاڻان ڇا ٿئي!
زندگي آ سَوين اِمڪان نه ڄاڻان ڇا ٿئي!
--------
گلاب جيئن ٽڙي هانءُ، او ڪڏهن ايندينءَ؟
ڪڏهن ته آءُ وَري تون مجاز ٿي مون وَٽ!
جَپي ٿو چَنڊُ سندءِ نانءُ، او ڪڏهن ايندينءَ؟
نه ٿاڪ تُنهنجو نه ڪي ٿانءُ، او ڪڏهن ايندينءَ؟
لنوي ٿو نمّ مٿان ڪانءُ، او ڪڏهن ايندينءَ
اگر تون آئينءَ ته رهندينءَ راز ٿي مون وَٽ
ڏنو آ ڏات اهو ڏانءُ، او ڪڏهن ايندينءَ؟
گلاب جيئن ٽِڙي هانءُ، او ڪڏهن ايندينءَ؟
--------
ڪڏهن ته ڇانوَ ڪري وَڃ اسان تي بادل جان
ڇَمر جي ڇاٽَ! ڏِسن ٿيون پيون اکيون تو ڏانهن.
ڪڏهن ته آءُ، اچي ويهه تون ائين ڀرسان،
جِئين بسنت اچي، موتيا ٽِڙن تومان،
متان سُڳنڌ جيان تون هلي وڃي پَرتان
گُلن تي ماٽَ! ڏسن ٿيون پَيون اکيون تو ڏانهن
نه لاٿي آس نما شام تائين آهِه اَسان!
ڪڏهن ته ڇانوَ ڪَري وڃ اسان تي بادل جان
--------
اڃا ته ڪيئي گهٽين ۾ گهُلي نه آهين تون!
بسنتَ هيرَ! ڀلا مون ڳري ڪڏهن ايندينءَ؟
سدائين پيئي نوان رهگذار چاهين تون!
سَچي ٻُڌاءِ! ڪٿي منهنجو وهم ناهين تون؟
سدائين چنڊُ چمين ٿي، سدا اُتاهين تون
سُڳنڌَ سِيرَ! ڀلا مون ڳري ڪڏهن ايندينءَ؟
اڃا ته آنهه پرينءَ وانگيان پرانهين تون
اڃا ته ڪيئي گهٽين ۾ گهلي نه آهين!
--------
شبِ برات آ، تارا مٿان پيا ٽمڪن
گهرن ۾ ڏيئڙا ڄڻ تُنهنجي آجيان ڪَن ٿا!
اڃا ته جيءَ ۾ ڪجهه آسرا پيا جهمڪن
اڃا اکين پيا تنهنجا پيار رم جهم ڪَن،
اڃا ته ڳالهڙيون ڇَيرَ جئن پيون ڇمڪن
سَرن تي سِيئڙا ڄڻ تنهنجي آجيان ڪن ٿا
پَرن ۾ هنج لڪي ٿا ڪڏهن ڪڏهن چِمڪن
شبِ برات آ، تارا مٿان پيا ٽمڪن.
--------
رات جي رات خرابات ۾ گذري ويندي
*ڏِس، دريچي مان لڳي چنڊ ٿو ڪيڏو پيارو!
زندگي تُنهنجي ائين ذات ۾ گذُري ويندي
ذات سان ڄڻ ته ملاقات ۾ گذري ويندي،
جي ڪڍيُئه پيرُ، خرافات ۾ گذري ويندي،
آدمي ذات، سڄو شهر اندر جو ڪارو
هر گهڙي تُنهنجي سندس گهات ۾ گذري ويندي،
رات جي رات خرابات ۾ گذري ويندي.
_____
دريچو(فارسي) ننڍي دَري.
--------
وڃّ، ميان وَڃ! اسان لاءِ ته ڪجهه ناهين تون
آ وئي آگ وسامي ته رڳي رک آهي.
ڪو پتو نانهه ته ڪيڏانهن پيو ڪاهين تون!
منزلون دور ٿيون، پيرَ نه ٿو ساهين تون
ڇا اِها ڄاڻ اَٿي ڇا ٿو پيو چاهين تون؟
تُنهنجي جا ڳالهه به آ ڄڻ ته رڳو جَکَ آهي
هي نئون دؤر اڃا ڪونه ٿو ساڃاهين تون،
وڃ ميان وَڃّ، اسان لاءِ ته ڪجهه ناهين تون.
--------
سدا گُلاب هوا ۾ ٽڙي پيا آهن
ٿي سارَ تُنهنجي اچي، ڄڻ ته جُهڙ جهمن ٿا پيا!
انيڪ خواب اکين ۾ کِڙي پيا آهن
لڳي ٿو کوهَه گهڙيءَ ۾ گِڙي پيا آهن
وَري پياڪ مَٽن تي مڙي پيا آهن
نوان شراب انهن ۾ وري سُجهن ٿا پيا
مڃان ٿو پي ڪَري ڪيئي ٿڙي پيا آهن،
سدا گلاب هوا ۾ ٽڙي پيا آهن.
--------
اڃا ته ٻيو به پيارينم، پياس ڪا نه ٻُجهي،
ڪلال! پرکَ پيا ڪن جي ڪا نه آهي تو!
لهي ٿو سِجّ، وَهي وقت جي ندي پيئي،
شرابِ ناب سڄي ڪائنات ٿي ويئي
اڃا خُمار ٿيو نانهه، جامَ ڏي ڪيئي
اڃا ته مَڌّ مٽن ۾ سندءِ نه آهه کُٽو
اڃا پيار، اڃا ٻي، ڀَري ڀَري ٻي ڀي!
اڃا ته ٻيو به پيارينم پياس ڪانه ٻجهي.
--------
ڄامشوري جي هوا ۾ پَن اڏامَن ٿا پيا
باک تائين آنءُ تُنهنجي راهه ڏسندو ٿو رهان.
صبح ٿيو آهي، صنوبر رات مون سان جاڳيا
ڪلهه جيان چوڌار چَهه چَهه ۾ پرندا ساڳيا
ڪيئن چئجي ڪيترا اڄ عشق ۾ اوجاڳيا!
ڇا چوان، تو لئه تڪيندي سُورَ ٿو ڪيڏا سَهان
* ڪيئن چئجي، تون به مون لئه رات جاڳين آ پِيا
ڄامشوري جي هوا ۾ پَن اُڏامن ٿا پيا.
_______
پِيا: پرين
--------
اڃا ته ويهه! ڏوپهرو ڪري ڀلي وڃجانءِ!
اڃا ته آهه تَتيءَ تاءُ، ٿي ٻَري واري!
ڀَلي ڀَلي تون پرينءَ پارِ رات ٿانءِ ٿِجانءِ،
پَري نه آه هتان پنڌ، ڀونءِ ايندءِ ڀانءِ!
اُتامرو ته نه ٿي، واٽَ ٿو سَنئين سليانءِ،
ڀلي مَهار ڇِڪي ڏِس، جڏهن ٺري واري
جڏهن پڄين ته سڀن کي سندم سلام ڏجانءِ!
اڃا ته ويهه! ڏوپهرو ڪَري ڀلي وڃجانءِ!
--------
ڪڏهن ته آءُ ٽَپُون شام وقت لوڙهي تان،
ڪڏهن ته آءُ افق پار مون سان ڊاٻو ڪَر!
ڪڏهن ته آءُ ڀڄون مَرض، موت، پيريءَ کان!
ٻه ٽي گهڙيون ته گذاريون وري ڪويتا سان!
ڪڏهن ته آءُ ڀريون ڍُڪّ ڪي اَمرتا مان
ڪڏهن شفق کي او اوٺار جهاٻو جهوڙُو ڪر!
ڪڏهن ته ڪاهه تون ڪَرهو پري پري هِتڙان!
ڪڏهن ته آءُ ٽپون شام وقت لوڙهي تان!
--------
اَچو، اَچو ته اِئين آسمان ڦيرايون
ڪُنڀَر چَڪيءَ تي نوان ٿانوَ ٿو جِئين جوڙي!
اچو ته اڳ ۾ رڳو آدميءَ کي بدلايون!
اچو، ڌڪار سندس جيءَ مان ڌڪارايون!
اچو ته پيار جا پهراڻ کيس پارايون!
گُلن جي ننڊ ڦٽائي، هوا ۾ ڪَر موڙي
بسنتَ هيرَ جيان گيت ڪي نوان ڳايون!
اَچو، اَچو ته اِئين آسمان ڦيرايون!
--------
جهانُ ننڊ ڪري، آنءُ راتڙيون جاڳان،
پُڇي ڏسين ته ڀلي چَنڊَ کان پڇي ڏِس تون!
سِرنهن سان ٽيڪ ڏئي، راهه ڏي نهاريان مان
سُڳنڌ لاءِ پيو واٽ آنءُ واجهايان
ڪٿي اچين ته نه ٿي؟ پو اُداس ٿي سوچان
ڪڏهن ته پيار ۾ ڪنهن لاءِ هئن لُڇي ڏِس تون!
لگن ڪڏهن ته لڳي مون جيان سندءِ ڪنهن سان!
جَهان ننڊ ڪري، آنءُ راتڙيون جاڳان!
--------
خدا جو قهر بظاهر ته قهر آهي پر
خدا جي رحم مان اميد ڪيئن ٿو لاهين؟
اگر بغور ڏسين ڪنهن عقاب جا شهپر
ڪَرن ٿا ڇانوَ مٿان توڻي ڄڻ ته ڏورانهين
خدا جو هَٿّ سندءِ سِر مٿان رکيو آهي
خدا جي رحم مان اميد ڪيئن ٿو لاهين؟
خدا جو زهر ڀلا تو ڪڏهن چکيو آهي؟
چکين ته ڪو به ٻيو امرت نه تون ڪڏهن چاهين!
--------
وڃن ٿيون ڪارِ – بتيون ائن اداس رستي تي
اکين کان دور وئي آهه ڄڻ ته منزل ٿِي!
پوري ٿو مينهن، پَلر چؤطرف پيو چمڪي،
*پرين به پاس، وڏي واٽ آهه پِنڊيءَ ڏي.
جُهڪي ٿو جيءُ ائين وِڄّ جئن وراڪا ڏي
چپن کي چَپّ ٿا ڳولن، نه ڳالهه پڇ دل جي!
چوي ٿي ڪارِ هتي اوچتو ڪٿي رُڪجي!
وڃن ٿيون ڪارِ – بتيون ائن اداس رستي تي.
_______
پنڊي: راولپنڊي. (نوٽ:ڪِن شاعرن اهڙيون قلبي وارداتون نظمايون آهن، جن جو پس منظر هو ئي ڄاڻن ٿا.)
--------
تنبور ڀت سان کڙو آهه ڄڻ وڄي ٿو پيو!
مگر ڀٽائي نه آهي جهانِ فانيءَ ۾
خبر نه آهه ته ڪيڏانهن هو ڀڄي ٿو پيو
ڪڪر جي ڪور ڇڏي هوا اڃا کڄي ٿو پيو.
اگرچه شعر سندس روح کي رڄي ٿو پيو
جهان سان ڇا محبت آ آنجهانيءَ ۾!
اچي ٿي سار سندس هانءُ ڄڻ هڄي ٿو پيو
تنبور ڀت سان کڙو آهه ڄڻ وڄي ٿو پيو!
--------
زندگي ڪيتري پاٻوهه سان آهي ڪاٽي!
پندرهن ڏينهن ٿيا موت هٽي ويو آهي.
سنڌ ساريءَ جي مٿان جهڙ به ٿيا ائن جهاٽي
شام کان اڳ ئي اُفق آهه گهٽا ڪاراٽي.
ميڙُ ٻيهار ستارن جو مچي ويو آهي
زندگي آهه ائين جئن هجي مڌ جي ماٽي
زندگي ڪيتري پاٻوهه سان آهي ڪاٽي!
--------
جهان جوٺ اَٿي، آ انهيءَ تي ٿُوڪاريون!
تون آءُ، گوشه نشيني جي زندگي ڪاٽي!
پوي ٿو سيءُ، ٻه ٽي ڪاٺڙيون کڻي ٻاريون!
کڻي ته آءُ لَئيءَ يا ليار جو ٽاريون.
وڃي نه وقت، ڪنڊِي ڪو نه ٿا تڏهن ڏاريون،
تون آءُ، هَٿ اچي سيڪ! اي مِٺي ڪاڏي؟
رڳو مياڻيون سڀئي من، سڀئي ککيءَ کاريون
جهان جوٺ اَٿي، آ انهيءَ تي ٿوڪاريون!
--------
ڪير ڄاڻي ته پري دور نگر ڪهڙو آ؟
ڪير ڄاڻي ته گهڻو وقت حياتي آهي.
ڪير ڄاڻي ته ترائي اُهو تَر ڪهڙو آ؟
آ لڳاتار جهڙالي، رڳو جهاتي آهي.
دور جي ڄاڻ اڃا تائين نه پاتي آهي
ڪير ڄاڻي ته پري دُور هو گهر ڪهڙو آ؟
ڪير ڄاڻي ته پري دُور نگر ڪهڙو آ؟
ڪير ڄاڻي جو اها جاءِ اَڄاتي آهي؟
--------
سکر جي شام، ڪنارو سنڌوءَ جو، تون مان
پکي اُڏار ۾ آهن، اڃا سُجهندو آ
لڳي ٿو اِيئن فلڪ دور تان پرندن سان
چِٽيو آ ٻار ڪوئي نقش ڄڻ ته ڀِتّ مٿان
خبر نه آ ته گهڻو دور آهه ڇوڙُ هتان
وڃي ٿي سِير هي پاڻي ڪٿي نه بيٺو آ.
ڪٿي کُٽي ٿي ندي؟ ‘سمنڊ ۾’ ٻڌان ٿو مان
سکر جي شام، ڪنارو سنڌوءَ جو، تون مان.
--------
اڃا ته آئي نه آهين، لهي ٿو سجُ پريان
چوان ٿو پنڌ پوان، دور دور وستي آ.
اگرچه دل ٿي چوي توسان موڪلايان مان،
وداع پوئين چميءَ سان ڪري وڃان توسان.
جئين ٿو سج نديءَ سان ڪري، ائين وڇڙان
اڃا ته دل ۾ رڳو مئڪدي جي مستي آ.
اڃا ته ساٿ صراحيءَ جو آهه ساغر سان
اڃان ته آئي نه آهين، لهي ٿو سِج پريان.
--------
لهي ٿو شعر ائين مون تي آبشارن جئن
چوان ٿو تنهنجي عطا ڪيتري نه آ مون تي!
ڪڏهن به ڪو نه لکان آنءُ خامڪارن جئن،
اچن ٿيون اُڀ ۾ گهٽائون پرينءَ جي وارن جئن.
ڪوئي اُٿي ٿو لکي ايئن ڄڻ بهارن جئن
ٽڙن وڻن تي سوين گل، سڄي فضا مهڪي.
ڄمار هڪ ئي ۾ لک، تون سوين ڄمارن جئن،
لهي ٿو شعر ائين مون تي آبشارن جئن.
--------
خدا جي ساٿ وڃڻ ڪيترو ڀَلو آهي!
هلون ٿا هڪ ٻه قدم واٽ ڇو ٿڪائي ٿي.
لڳي ٿو گول چڪر، جيئن ڪو ڇَلو آهي
ائين ته سڀ کي ڏنو رهزنن وَلو آهي.
خدا جو پيار اُهو اوچتو سَلو آهي
ائين وڌي ٿو جيئن وَلّ ڪا ورائي ٿي
خدا جي پيار ۾ هر وکّ مرحلو آهي
خدا جي ساٿ وڃڻ ڪيترو ڀَلو آهي.
--------
رند ڪنهن وقت خرابات ۾ نعرا پيا هڻن،
هيا بيدار مگر هاڻ سُتا پيا آهن.
جام کي جام سان ٽڪرائي مٿي جام کڻن
پوءِ گل مهر جي گل جيئن پيا هيٺ ڇڻن.
هاڻ آ ننڊ اچي وئي ڊَهِي ڌرتيءَ تي ڌڻن،
آدميءَ کي ته ڇڏيو ڍور کُتا پيا آهن.
لهر تي لهر اچي ننڊ جي، ڪيڏي نه وڻن
رند ڪنهن وقت خرابات ۾ نعرا پيا هڻن.
--------
رات جي رات خرابات ۾ گذري ويئي
جام تي جام جي فرمائش اڃا جاري آ
هيل برسات خرابات ۾ گذري ويئي
يار سان بات خرابات ۾ گذري ويئي.
ائن ملاقات خرابات ۾ گذري ويئي.
ڪيتري سِجّ چڙهي ڪيف اڃا طاري آ!
ڪيتري ڏات خرابات ۾ گذري ويئي
رات جي رات خرابات ۾ گذري ويئي.
--------
ڏک يا سُکّ، جي اک ٻوٽ ته ڪجهه ڀي ناهي
رات جي رات ته آهي ائين گذري ويندي.
جي ستارا نه به اُڀريا ته انهيءَ ۾ ڇاهي؟
جي تون فانوس نه ٻاري سگهين اُلڪو ناهي!
انت اونداهيءَ ڏي هر چيز پئي ٿي ڪاهي
ڏيکُ مايا جو ڏئي، انتُ جا سپنو ٿيندي
اک کُلي ٿي ته لڳي ٿو ته حياتي ڇاهي!
ڏک يا سُکّ، جي اک ٻوٽ ته ڪجهه ڀي ناهي.
--------
اجنبي گيت ائين روح کي ريجهائن ڇو ٿا؟
اجنبي گيت هوائن ۾ ائين گونجن ٿا
ڄڻ صدين سار، صدائن ۾ ائين گونجن ٿا
اجنبي گيت ائين روح کي هرکائن ڇو ٿا؟
ڪئن تري پار ڪٿان روز هتي پهچن ٿا
ڇو نه وسريا هو مَنان روز هتي پهچن ٿا
پَٽَ – ڳِٽڙن کي سڄي رات لسائن ڇو ٿا
اجنبي گيت ائين روح کي ريجهائن ڇو ٿا؟
--------
خدا جي راهه ۾ جيڪي مُئا ڪڏهن نه مُئا
انهن جي جا به عقيدت، سلام آ اُن تي.
انهن جي جيئري ڪيڏا هُئا نه لوڪَ لُئا
انهن جي موت کان پو ڄڻ ته هو مدام هُئا.
انهن جي رَبّ سوا ڪنهن انهن جا سڏّ سُئا؟
انهن جي جا به بصارت، سلام آ اُن تي
چڱو اٿي جي اُنهن لاءِ تون گهرين ڪا دعا
خدا جي راهه ۾ جيڪي مُئا، ڪڏهن نه مُئا.
--------
ڪڏهن تون ٻار جي ڪنهن خواب ۾ ويو آهين
بهشت ڀيٽ ۾ ان جي ته ڪجهه به ڪو نه آهي
ڪڏهن تون خواب جي گرداب ۾ ويو آهين
ڪڏهن تون ننڊ جي سيلاب ۾ ويو آهين.
ڪڏهن تون بحر جي اُن آب ۾ ويو آهين
ڪتين ۽ چنڊ کان جو دور ٿو پيو ڪاهي
ڪڏهن تون خواب جي اسباب ۾ ويو آهين؟
ڪڏهن تون ٻار جي ڪنهن خواب ۾ ويو آهين.
--------
سلام اهلِ قبور، آنءُ نيٺ آيو هان،
پتو نه آهه ته ٻيهار اکّ کلڻي آ
ائين لڳي ٿو اوهان وٽ اڃا پرايو هان!
ڏسو ٿا ايئن پراسرار ڪوئي سايو هان.
هزار خواب ڇڏي آنءُ هت اجايو هان،
اڃان ته مونکي سڄي ڪائنات رُلڻي آ.
اڃا ته آنءُ انهيءَ ۾ ڪٿي سمايو هان!
سلام اهلِ قبور، آنءُ نيٺ آيو هان.
--------
سوين گلاب ڇڏي راهه ۾ رباب ڇڏي
صدين جا گيت پرانهان سمائي آيو هان
نديءَ نديءَ ۾ڻ ڪئِي عڪس ماهتاب ڇڏي
پرهه جا ورق ورائي، سوين ڪتاب ڇڏي.
زمين تي اِئين پنهنجا اڌورا خواب ڇڏي
خبر نه آهه هتي ڇو الائي آيو هان.
سوال ڪو به نه سانڍي، سوين جواب ڇڏي
سوين گلاب ڇڏي، راهه ۾ رباب ڇڏي.
--------
خدا جي راز کي ڇا لاءِ ٿو سَلڻ چاهين؟
خدا جو راز شگفته نه ٿي ته بهتر آ
خدا جي مُنجهه ۾ ڇا لاءِ ٿو پوڻ چاهين؟
خبر نه آهه ته ڇالاءِ ٿو ٽُٽڻ چاهين؟
خدا جي راهه ۾ ڪيڏانهن ٿو رُلڻ چاهين؟
ڪٿي به راهه نه تُنهنجي کُٽي ته بهتر آ.
خبر نه آهه ته، ڇو ٿو ڇڄي پوڻ چاهين؟
خدا جي راز کي ڇا لاءِ ٿو سلڻ چاهين؟
--------
خدا جو پنڌ پري آ، قدم کڻين ته چڱو،
نه ڏونگرن کي ڏسي هانءُ هار تون پنهنجو!
جي راهه ۾ کڻي رهبر اڳي هلين ته چڱو،
لَهي جان سجّ وڃي پار تون پُڄين ته چڱو.
انڌيري رات ۾ فانوس ڪو کڻين ته چڱو،
نه پٿّرن کي ڏسي هانوَ هارِ تون پنهنجو
رڪاوٽون ته اٿي راهه کي ڏسين ته چڱو،
خدا جو پنڌ پري آهه تون قدم کڻي ته چڱو.
--------
پريان ستارا جئين ڏيئڙا پيا ٽمڪن
خدا هُو چنڊ جو فانوس آ جهلي بيٺو
هوا ۾ ڪيئن ٻري روشنيون پيا ٿا ڪن!
پرهه ٿئي ٿي ته پن ڇير جان پيا ڇمڪن.
جڏهن ٿا ماڪ جَهپن تارڙن جيان جرڪن
خدا ڪُدڳَ کان توکي پيو پَلي بيٺو
جئين نه پير سندءِ لوءِ تي ڪڏهن ترڪن
پريان ستارا جئين ڏيئڙا پيا ٽمڪن.
--------
خدا جي راهبري ڪيتري نه بهتر آ
گناهگار، اُٿي آءُ پوئتان هُن جي
نظر ڪرين ته خدا لاٽ جيئن گهرِ گهر آ
عشا جي وقت اذان عرش تي منور آ
انهيءَ جو نور سماوات ۾ سراسر آ
سياه ڪار اُٿي آءُ پوئتان هُن جي
نه پنڌ آهه گهڻو، ٿورڙو پريان گهر آ
خدا جي راهبري ڪيتري نه بهتر آ.
--------
ڏسين ٿو خواب هوائن ۾ ڪئن پيا ترڪن!
خدا جو پنڌ پري نانهه هو اچي ويو آهه
ڏسين ٿو تارا پيا ڪيتري نه جهرمر ڪن!
وهي پيو ڪوئي درياهه، سڀ پيا گهر ڪن!
نه ڪا به آهه ڪنڌي جئن رديف شاعر ڪن
وئي آ رات، نئون سجّ اُڀري آيو آهه
ڏسين ٿو تِرورا ٿا اُن جا ڪيئن تِر مِر ڪن!
ڏسين ٿو خواب هوائن ۾ ڪئن پيا ترڪن!
--------
بگهڙ ۽ ڪيترا هاتار ٿا ڦِرن چوڌار،
اچي ٿو دل ۾، سمهان اِيئن جو اُٿان نه وري!
خبر نه آهه ائين ڇو پئي ڪُتن سان ڪار!
اداس ڀينگ مان ڪيڏي اچي پئي ڀؤنڪار!
آ مال و زر جو هَوس ايترو هتي بيڪار
چوان ٿو جيئري ڪنهن ساڻ مان ملان نه وري
ڀُلي ٻُڌان نه وري آدميءَ جي ڀڻڪار
بگهڙ ۽ ڪيترا هاتار ٿا ڦرن چوڌار
--------
ڪڏهن ته آءُ سمهون آسمان جي هيٺان!
کُلي هوا ۾ ستارن جي ڇانوَ پياري آ.
گهٽيل هوا ٿِي لڳي ڪيتري نه پنکن مان،
ڪڏهن ته اوريون ڪشاديءَ فضا جي وسعت سان!
هي شهرُ تنگ، دليون تنگ ٿيون رهن تنهن کان
سرءُ ۾ ڪيڏي چنارن جي ڇانوَ پياري آ!
هتي ته هانوَ جي ٻوساٽ ۽ فقط دونهان!
ڪڏهن ته آءُ سمهون آسمان جي هيٺان!
--------
خدا ٿو جهول ڀري ڏات سان سدا تُنهنجي
خدا فياض رهيو آهه ڪيترو توسان!
اڳي نه ٿي جا انهيءَ بات سان سدا تُنهنجي
آ رسم و راهه خرابات سان سدا تُنهنجي.
رهي آ گفتگو دن رات سان سدا تُنهنجي
ڪڏهن آ وَڏ – ڦڙي جيئن ڪڏهن آ رم جهم جان
ڀري ٿو ڏات ڪو برسات سان سدا تُنهنجي
خدا ٿو جهول ڀري ڏات سان سدا تُنهنجي.
--------
ڪجهه ڪڪر ڪور مٿان چنڊ – چَهَڪ آهه اڃان،
ٿورڙي رات رهي آهه سان گذري ويندي.
گڊّ جو دُور دهو ڄڻ ڪٿي لڪَ آهه اڃا
ڪو بسنت آ وري اچڻو اها پڪ آهه اڃا.
ڪائي خوشبو ٿي وَري ساهَه سمڪ آهه اڃا!
موت جي گهات رهي آهه سا گذري ويندي
واءُ ڇڻ ڇڻ ٿي ڪري ٿورڙي جَهڪ آهه اڃا
ڪجهه ڪڪر ڪور مٿان چنڊَ – چهڪ اڃا.
--------
موت جي رات هوائون پيون هيرون آڻن
زندگي پوءِ به روڪي ٿي وڃڻ کان مونکي
ڪيترو دور خبر نانهه گهٽائون تاڻن
جيءَ ۾ ڪيئي تمنائون پيو ساماڻن.
حادثا سار جي ڇاڻيءَ ۾ پيون ٿيون ڇاڻن
عاشقي پوءِ به روڪي ٿي وڃڻ کان مونکي
ڪير اوجهاڻ اُڊيڙي پيا ٻيهر واڻن؟
موت جي رات هوائون پيون هيرون آڻن.
--------
ننڊ ۾ اِيئن ترائيل اچي ٿي مون ڏي،
جئن مڇي سمنڊ منجهان پاڻ اچي ساحل تي.
ننڊ ۾ ايئن ترائيل اچي ٿي مون ڏي،
پاڻ ئي اٺّ سٽون ڪير پيو ٿو آڇي؟
ننڊ ۾ اِيئن ترائيل اچي ٿي مون ڏي
جيئن رابيل مان خوشبو اچي، اڌ رات ٿئي.
ننڊ ۾ اِيئن ترائيل اچي ٿي مون ڏي،
مان نه ڄاڻان ته انڌيري ۾ پيو ڪير لکي؟
--------
بَس رهي هاڻ ٻَه ٽي پهر حياتي آهي
ڪا خبر نانهه ته ٻيهار اُٿان ننڊ منجهان.
ٿو چوي چنڊ ته هيڏانهن هلي آءُ اِتان
آنءُ شيشي اڳيان مجبور نه آهيان تو جان.
آءُ آڪاس گهمون، آنءُ اڪيلو ٿو ڦران
آ تري آءُ، رڳو لهر حياتي آهي
تون ٿو جنهن لاءِ تڪين هاڻ وَئي آهه هِتان!
بس رهي هاڻ ٻَه ٽي پهر حياتي آهي.
--------