مذهب

محمد رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم

هي ڪتاب سابق تعليمي ماهر لال چند امرڏنو مل جڳتياڻي جو لکيل آهي۔ ڪنهن به غير مسلم شخصيت جو محمد رسول الله صه جي زندگيء بابت هي پهريون ڪتاب آهي۔ اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محمد رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم

ٻه اکر

مون لاءِ ۽ منهنجي اداري جي لاءِ اهو اعزاز آهي جو اداري پاران “سيرت پاڪ” تي ڪتاب ڇاپڻ جو ارادو ڪيو ويو آهي ۽ هيءُ ڪتاب “محمد رسول اللهﷺ ان سيريز جو پهريون ڪتاب آهي.
هن ڪتاب جو ليکڪ سنڌي ٻوليءَ جو سٻاجهو ليکڪ آنجهاني لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي آهي.غير مسلم هوندي به هن مطالعو ڪري جنهن پيار ۽ پاٻوهه مان هيءُ ڪتاب لکيو آهي.اهو هڪ ڀيرو 1911ع ۾ ڇپجڻ کانپوءِ وري ڇپجي نه سگهيو.اداري طرفان ان کي ٻيهر ڇاپيندي سرهائي محسوس پئي ٿئي.
سيرت پاڪ تي سيريز شروع ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته رسول پاڪ ﷺ جي شخصيت ۽ پيغام کي ڪيتروئي لکيو ويو آهي.هزارين نه پر لکين ڪتاب آهن پر پوءِ به اهو ڄڻ ڪجهه ناهي.سنڌيءَ ۾ ته اڃا به گهڻي کوٽ آهي.اسين ان سلسلي ۾ ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪتابن کي هڪ ڀيرو ٻيهر شاندار نموني ڇاپڻ جو ارادو رکون ٿا.الله تبارڪ وتعاليٰ اسان کي اها توفيق ڏيندو ۽ رهنمائي ڪندو ته اسين هن نيڪ مقصد کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ ۽ پنهنجو حصو ادا ڪري سگهون.
اسان اوهان جي نيڪ مشورن جا منتظر رهنداسين .محترم عبدالقيوم صائب جي مهرباني جو هن هيءُ ڪتاب اسان کي عنايت ڪيو.

حيدرآباد ناز سنائي
ڊسمبر 2006