مذهب

محمد رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم

هي ڪتاب سابق تعليمي ماهر لال چند امرڏنو مل جڳتياڻي جو لکيل آهي۔ ڪنهن به غير مسلم شخصيت جو محمد رسول الله صه جي زندگيء بابت هي پهريون ڪتاب آهي۔ اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محمد رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم

واحد در وينتيون

حضرت محمد ﷺ جو اهڙا خير جا ڪم پي ڪيا سو ڏينهون ڏينهن سندس ناموس پي وڌيو.پر کيس ڳڻتي جيڪا هئي سا ديس ڀاين جي ڏسندو جو هو ته هٿڙا ڪاهل ۽ جاهل آهن سو اندر ۾ الاجي ڇا پيو ٿيندو هوس.
وس ويچاريءَ ناه ڪو تون آگا عرض اُناءِ
ڏينهن رات سٻاجهي در اهيئي پلو پيو وجهندو هو ! يا نه پنهنجي سر پاسن ۽ ڪنڊن ۾ ويهي سوچ ويچار پيو ڪندو هو ۽ ڏاڍيون رٿون پيو رٿندو هو.هر سال رمضان وارو مهينو سارو ئي نيم هوندو هوس،جو وڃي غارحرا ۾ گذاريندو هو ۽ چوويهه ئي ڪلاڪ آگي جي عبادت ۾ رُڌو رهندو هو.اتي به اهائي پڪار هوندي هئيس ته”خدايا فضل فرمائي هن بندي جي ڳوٺاين کي سنئين پير تي آڻ ۽ کين اڻ ڄاڻپ جي عذابن کان آزاد ڪر!”