قريشين جا قهر
حضرت محمد ﷺ سان جيڪي جٺيون ڦٽيون پي ٿيون سي ته هن صبر ڪري پي سٺيون پر ارمان جيڪو ٿي ٿيس سو پنهنجن امتين جو.
ويچارن سان جٺيون به جٺين جهڙيون ٿينديون هيون.دشمن سندن کين ڳچيءَ کان وٺي گهلي ويندا هئن جهنگن ۾ پوءِ اتي اگهاڙو ڪري پٽ تي ڪيرائي مٿان ڇاتين تي ڀاري پٿر رکي چوندا هئن”ڇڏيو ٿا محمدي دين نه؟ اس نٽهڻ ٽاندا پيا وسندا هوا ٻيو مٿانئن هيڏيون ساريون ڀاري ڇپون ،ويچارن جي زبان ٻاهر نڪري ايندي هئي ته به ڪيترا ته مرڻ کي مري پوندا هوا دين ڪين ڇڏيندا هئا ٿورڙا ڪي بيزار ٿي کڻي آنهن ڪندا هوا.
ساڳي جٺ هڪ لڱا حضرت عمار سان ڪيائون ۽ چيائونس ته “ڏي هاڻ محمد ﷺ کي گاريون”پر هن صفا نابري واري پوءِ لڳا پرئي مڙس پڻس کي ماري ماري ان ويچاري کي به اڌ مئو ڪري ڇڏيائون.
عمار جي جيجل امان بي بي سميه اتي کڙي هئي پنهنجي خاوند ۽ سڪيلڌي پٽڙي کي پيڙبو ڏسي.بي اختيار واتون رڙ نڪري ويس ڇڏيائون ان کي به نه ويچاريءَ کي ٽنگو ڪري اهڙي ساڻس بي حيائيءَ جي هلت ڪيائون جو بس لکڻ ئي شرم ٿو اچي.
مطلب ته هڪڙو ڪرڙو قانون جاري ٿي رهيو ته جيڪو ئي مسلمان منهن چڙهي تنهن سان اها عقوبت ڪئي وڃي.محمد صاحب ﷺ جو ڀانيو ٿا انڪري جگر الاجي ڪيئن نه پئي ٿيو هوندو!