مذهب

محمد رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم

هي ڪتاب سابق تعليمي ماهر لال چند امرڏنو مل جڳتياڻي جو لکيل آهي۔ ڪنهن به غير مسلم شخصيت جو محمد رسول الله صه جي زندگيء بابت هي پهريون ڪتاب آهي۔ اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محمد رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم

عربن جو مذهب

عرب لوڪ هميشه کان ته”وحده لاشريڪ “ جي هستيءَ جا قائل رهندا آيا آهن پر حضرت محمد ﷺ ڄائو تنهن زماني ۾ بت پرستي به منجهن زور هئي.خود اهي لوڪ جن جو هڪ خدا ۾ ويساهه هو تن جو اهو به يقينو هوندو هو ته هي بت جن جي اسان پوڄا ٿا ڪريون،سي اسان جي پاران ان پاڪ پرور جي حضور ۾ اسان جي سفارش ڪندا.مطلب ته گهر گهر ۾ بتن جي بادشاهي بحال هئي ۽ اهي بت اڪثري سندن انهن نامڪٺين بزرگن جا هوندا هئا جي آڳاٽو عربستان ۾ گذر ڪري ويا هئا.ان ڌاران ان وقت اڻ ڄاڻائپ ۽ اياڻپ جي اوندهه کين ائين وڪوڙي ويئي هئي جو سندن ساري قوم عيبن جو هڪ مانارو ٿي پيئي هئي.حالي شاعر پنهنجي مشهور مسدس ۾ ان زماني جي عربن بنسبت جيڪي چيو آهي تنهن ۾ رتيءَ ماتر به وڌاءُ نه آهي.اٻوجهي ان مان گهڻا فقرا سنڌيءَ ۾ آندا آهن تن مان ٿورڙاڏجن ٿا.
عرب هڪڙو اُڀٻيٽ دشت بلا هو
لڳايو انهي جو ٻين کان جدا هو
نه هو ٻين ملڪن تي فرمان روا هو
نه ٻيو ڪو سندس حڪم ۾ مبتلا هو
سڌاري جو سايو نه آيو ڏسڻ ۾
وڌاري جو نالو نه آيو ٻڌڻ ۾
*
قبيلي قبيلي جو هڪ بت جدا هو
ڪنهن جو هبل هو ڪنهن جو صفا هو
ڪنهن جو اساف ۽ ڪنهن جو عزا هو
انهي طرح گهر گهر نئون هڪ خدا هو
نه آئي اڃا هئي بهار هن چمن تي
خزان هئي فاران جي چوٽين تي
*

هلت جا هين سا سڄي وحشيانه
ڦرڻ ۽ لٽڻ ۾ سڀي ها يگانه
ڏڦيڙن ۾ گذريا هنن جا زمان
نه هو ڪوئي قانون جو تازيانه
هو ها قتل شارت ۾چالاڪ اهڙا
بگهيڙيا مرون آدمي خوار جهڙا