مذهب

محمد رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم

هي ڪتاب سابق تعليمي ماهر لال چند امرڏنو مل جڳتياڻي جو لکيل آهي۔ ڪنهن به غير مسلم شخصيت جو محمد رسول الله صه جي زندگيء بابت هي پهريون ڪتاب آهي۔ اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محمد رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم

يهودي ياڪي

يهودين جي ته مسلمانن سان اصل ڪانه ٿي پيئي جٺيون به ساڻن ڏاڍيون ٿي ٿيون شهرنيڪالي ملين مال متاع ڦرجي وين ته به هريل جو هوا حرڪتن تي سو رهيائي نٿي مديني کان ٽي چار منزلون اڀرندي ڪنڊ تي خيبر علائقو هوندو هو ان علائقي ۾قلعا ڳچ جيترا هوندا هوا تن منجهان به قلعو المقوس نهايت مضبوط هوندو هو اتي يهودين جي اوائل کان ئي مسلمانن سان لڳي ايندي هئي. هينئر هيڪاري جو سندن دين ڀائن بني نظير وارن کي شهرنيڪالي ملي ۽ بني قريظه وارن سان چوڳي جٺ ٿي سو مڙسن جي آنتي اچي تتي وڏو شاهي ڪٽڪ ڪٺو ڪري حرفت سان ڪيترن عربن کي به ڌتاري پنهنجو بڻائي خود بني غطفان وارن کي به برغلائي پنهنجي پيچ ۾ آڻي نڪتا ٿي شڪار تي پر مسلمانن کي جا پئجي وئي ٽيٽ سي هڪ تڪڙ ۾ 1400 آدمي ڪٺا ڪري پاڻ اچي مٿان ڪڙڪين ۽ خيبرکي گهيرو ڪري وين يهودين کي اڃا ٻاهرين مدد ڪانه رسي هئي سو پڌري پٽ ڪونه لڙيا اندرقلعن ۾ سوگها ٿي ويهي رهيا پرمسلمانن نه ڇڏين. وڙهي هري هوريان هوريان سندن قلعا وٺندا ويا آخر جڏهن القموس وارو قلعو به پنهنجي قبضي ۾ آندائون تڏهين يهودين جا ڍڍر ڍرا ٿي ويا ۽ اچي پيش پيا نماڻا ٿي. حضرت محمد ﷺ کان معافي مڱيائون ۽ زبان ڏنائون ته “آئينده مسلمانن سان اسان چو نه پونداسون.” حضرت محمد ﷺ تنهن تي صفا ڇڏي ڏنن بلڪ ايترو به چيائين ته “اوهان بيشڪ پنهنجي دين تي پورا رهو اها اوهان کي آزادي آهي.”
’پر هيريءَ سندي هير ٽنگ ڀڳي نه لهي محمد صاحب ﷺ گهڙيو اندر خيبر ۾ ته ڪنهن يهودڻ چيس ته “ آءٌ اڄ اوهان جي ۽ ٻين سڀن مسلمانن جي دعوت ٿي موڪلايان هلو منهنجي گهر”حضرت محمد ﷺ سندس دل وٺڻ لاءِ کڻي آنهن ڪئي. جڏهين دستر خوان وڇائيو ۽ سڀ ويٺا کائڻ تڏهن منجهانئن هڪ ڄڻو کائيندي کائيندي ٽنگون ٽيڙي پئجي رهيو، حضرت محمد ﷺ کي پاڻ ماني نه پئي وڻي ڀلا هن يهودڻ ڊوهه ڪري کاڌي ۾ زهر ملائي رکيو هو.امالڪ سڀن ڪري هٿ جهليو عورت کي ته محمد ﷺ صاحب ڪجهه نه چيو باقي محمد صاحب ﷺ جي تندرستيءَ ۾ ان ڏينهن کان وٺي خلل پئجي ويو.