ڪجهه ڦَڙِڪيون پنهنجي پاران!
ادبي دنيا جي هِن سفر ۾ ڪي ادبي اُڏام ڪندڙ اسان جا با ادب بندا ڊرامن کي ادب جو حصو ئي نٿا سمجهن!!! اهڙن اديبن جي اُڏام تمام گهڻو مٿي آهي، انهن جي ادبي جھاز کي ته مون جھڙن ڪنگلن ڪروڙ پتين لاءِ ، هٿ لائڻ ته تمام گهڻو پري آهي پر ڏسڻ به ڪبيرو گناھ بڻيل آهي!!! هڪڙا وري ادب جي ريل هلائڻ وارا “ادبي ڊرائيور” آهن، جن جي ريل نه ڳاڙهي جهنڊيءَ تي بيھندي آهي نه ئي سائي جهنڊيءَ تي هلندي آهي! تن جي ادبي ريل سڻڀين آڱريين جي اشارن تي هلندي، بيھندي ۽ ويھندي به آهي! هي پنھنجي ادبي ريل دنيا جي پھرين ۽ آخري ادبي ريل آهي، جيڪا سڻڀي آڱر جي اشاري تي ويھندي به آهي!!! سو اهڙي ادبي ريل ۾ به اسان جھڙن لاءِ سيٽ جي گنجائش ڪانھي ! تنھن ڪري اهڙي ادبي ريل ۾ پنھنجو سفر ڪرڻ ناممڪن آهي.
پنھنجي ادبي لڏي جو سفر بيل گاڏي ۽ گڏھ گاڏي کان ترقي ڪري چنگچيءَ تائين مس پھتو هو جو تيل مھانگي ٿيڻ سبب وري اچي پنھنجن پيرن تي پھتو آهي! مطلب ته مھانگائي ۽ ڄاڻ سڃاڻ نه هجڻ ڪري پاڻ کي اها “چنگچي ادبي سواري ”به نصيب نٿي ٿئي!!!
وري بدنصيبي اها به پويان پويان پاڇي وانگر پئي اچي جو ، ڪنھن جي اجائي واھ واھ ڪرڻ وارو فن اچي ئي نه! ۽ نه ئي وري واھ واھ ڪرائڻ لاءِ پنھنجو نڪ ، ڪنھن “واھ واھ” واري چَپڙي وڄائڻ واري فنڪار جي چپڙيءَ ۾ ڏيڻ اچي! ڇو ته مونکي پنھنجو نڪ پيارو آهي ۽ هڪڙو ئي نڪ آهي، جنھنڪري نڪ کي واھ واھ واري رينگٽ کان به پري رکندو آهيان، مونکي ائين لڳندو آهي ته اسان جي ادبي لڏي ۾ گهڻن باذوقن کي، گهڻا ئي نڪ آهن، جيڪي هُو پنھجي کيسي ۾ کنيون وتندا آهن، محفلون مچائيندا ۽ “واھ واھ” جي سُرَ سان پنھنجو سفر جاري ڪندا! اهو ئي سبب آهي جو گهڻا “واھ واھ” واري چپڙي وڄائڻ وارا فنڪار مونکي پسند ئي ناهن ڪندا ۽ مونکي ڏسي ائين مُنھن پري ڪري ڇڏيندا آهن، ڄڻ مان سندن پھاڄ هُجان!!!! تنھنڪري “واھ واھ ادبي ڀَتَ” مان ڳئونءَ جي مٿين ڏندن وانگر هميشه غائب رهندو آهيان.
ادب جا رنگ ، روپ ۽ سينگار ڪھڙا آهن؟ تنھن کان صفا اڻواقف آهيان، نه ڪنھن کي مکڻ ٿڦڻ اچي نه ئي وري تيل مالش ڪرڻ اچي! هڪ دفعي جو قصو آهي ته پاڻ کي ادب جي بيوٽي پارلر ۾ وڃڻ جو شوق ٿيو دل چيو ته ڪجهه رنگ روغن ڪرائي محفلن ۾ ويھڻ لائق پاڻ کي بڻائجي! سو “ادبي بيوٽي پارلر” جي ڪاريگر ڇنڊ پٽيندي چيو ته “ تنھنجو به ڪو مُنھن آهي، جنھن کي رنگ روپ ڏئي ادبي سينگار جو، سينگار بڻائجي!؟ وڃ بابا وڃي ڪنھن اوڏڪيءَ ڀِتِ سان انھيءَ ٻوٿ کي به چار رهڙا ڏياري اچ ته جيئن تنھنجو ٻوٿ به ڪجهه ڏسڻ لائق بڻجي!” سو اهو ڏينھن ۽ هي اڄوڪو ڏينھن، پنھنجي ٻوٿاڙي پاڻ کي ڏيکاري دل کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، پر دل به ڪا صفا بيدل آهي جنھن ڪڏهن به سٺا ٻول ٻولي خوش نه ڪيو!!
بس! مون جناب رسول بخش پليجي صاحب جي هن جملي کي پنھنجي ناقص عقل جي پراڻي ڪپڙي ۾“ ڳنڍ” ڏئي ٻڌي ڇڏيو آهي “ جيڪي لفظ من اندر مان ڦٽي نڪرن، اُهي جيئن جو تيئن لکڻ ئي اصل ادب آهي”
منھنجي هن “ڪُڪُڙُ ڪرسيءَ تي” ڪتاب ۾ چار عدد مزاحيه اسٽيج ناٽڪ شامل آهن، سي مون اسي ۽ نوي واري ڏهاڪن ۾ لکيا آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ٿي چڪا آهن.
1. “ڪُڪُڙُ ڪرسيءَ تي ” ايس ايس ٽي جي دوستن جي حڪم تي، مون سال 1989ع ۾ صرف ٽن ڪلاڪن اندر لکي پورو ڪيو، جيڪو سنڌي شاگرد تحريڪ پاران، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڪرنل شاھ هاسٽل ۾ اسٽيج ڪيو ويو. ڊرامي ختم ٿيڻ بعد پوليس اسٽيج تي چڙهي آئي ۽ ڊرامي جي ليکڪ کي ڳوليندي رهي، پر ڊرامي جو ليکڪ اُتي موجود نه هجڻ سبب پوليس جي داٻن ۽ دڙڪن کان بچي ويو! تنھن بعد ڊرامي جو نالو “ چڙهي ويو چوڏيل تي” رکيو ويو، جيڪو سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ٿيندو رهيو ۽ پوليس کان بچندو رهيو.
2. ڊرامو“ شھنشاھ ڇوڏو بن توڏو” سال 1988ع ۾ لکيو ۽ پهريون ڀيرو پنهنجي شھر نصيرآباد ۾ سچل ثقافتي ڪميٽيءَ پاران پيش ڪيو ويو، هن ڊرامي جي اسٽيج ٺاهڻ وقت بجليءَ جو ڪنڪشن هڻڻ لاءِ ، ڊرامي ۾ وزيرِ صحت جو ڪردار ڪندڙ ، هڪ دوست منير احمد سيال کي بجليءَ جي پول تي چاڙهيو، ڇو ته هي دوست بجليءَ جو اڳ ئي ڪم ڪندڙ هو، تنھن کي بجلي پڪڙي، ساھ ڪڍي پول تان هيٺ ڪيرائي وڌو، جنھن ۾ سندس ساڄي ٻانھن ڀڄي پئي، سڀني دوستن تي سڪتو طاري ٿي ويو! جلدي ويجهي ڊاڪٽر وٽ کڻي وياسين، جنھن فوري طور تي تحرڪ ورتو ۽ اسان جو هي دوست رب پاڪ جي ڪرم سان بچي ويو ۽ رات جو ٿيندڙ ڊرامي ۾ ڀڳل ٻانھن ڳچيءَ ۾ ٻڌي، پنھنجو ڪردار به ادا ڪيائين. اڄڪلهه هي دوست موٽر وي پوليس ۾ پيٽرولنگ آفيسر آهي.
شھنشاھ ڇوڏو بن توڏو سال 1989ع ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جي سالياني ڪانفرنس دوران ڪراچيءَ جي علي ڀائي آڊيٽوريم ۾ پيش ڪيو ويو، جنھن ۾ مون پاڻ شھنشاھ جو ڪردار ادا ڪيو. ڊرامي کي جناب رسول بخش پليجي آخر تائين نه صرف ڏٺو، پر تمام گهڻو ساراهيو ۽ روزانه مساوات اخبار ۾ محترم اسرار شام سٺو تبصرو ڪري ڊرامي جي ڪھاڻيءَ تي روشني وڌي.
3. “ اٽي تي چٽي” ڊرامو سال 1995ع جي جنوري مھيني ۾ لکيو ، جيڪو ساڳيءَ ئي مهيني ۾ نصيرآباد ۾ شاھ لطيف آرٽ سرڪل نصيرآباد پاران اسٽيج ڪيو ويو ۽ ان بعد پنو عاقل جي صدف سئنيما ۾ ، تنھن بعد سنڌ جي مختلف شھرن ۾ اسٽيج ڪيو ويو.
4. سال 1997ع ۾ “ ولايت پاس” ڊرامو لکيو، نصيرآباد ، حيدرآباد، سکر، خيرپور ميرس سميت سنڌ جي تمام گهڻ شھرن ۾ اسٽيج جي زينت بڻيو ۽ تازو آرٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي ۾ ڊراما فيسٽول جي موقعي تي اسٽيج ڪيو ويو.
نصيراباد سان تعلق رکندڙ ۽ سنڌي چئنلن جي ڊرامن ۾ پنھنجي اداڪاري۽ جا جوھر ڏيکاري ، نانءُ ڪمائيندڙ محترم عباس گل جو هي پھريون ڊرامو آهي، جتان هُن پنھنجي فن جي شروعات ڪئي.
سچ اهو آهي ته مونکي ائين لکڻ ناهي ايندو جيئن جھازي ۽ ريلوائي اديب لکندا آهن!!!! مان بس پنھنجا اُبتا ۽ سُبتا خيال لکندو آهيان، جن کي ڪو ادب سمجهي يا نه سمجهي ! تنھن سان منھنجو ڪو به وڙو ُ واسطو ڪونھي! منھنجي هِن بي رُخيءَ کي به، بي رخي اصل نه سمجهجو! جي ڪنھن سمجهي ورتو ته ان دوست کي نيڪ صلاح هيءَ ڏيندس ته ڪڏهن به مونکي شربت پيارڻ جي صلاح نه ڪري ، ڇو ته اهڙي صلاح مان هرگز هرگز قبول نه ڪندس! ڇو ته مان شگر جو مريض آهيان ۽ اڃا تائين منھنجي سامھون اهڙو شربت ناهي آيو جنھن لاءِ پيش ڪندڙ فخر سان چوي ته “ هي شگر فري شربت ” آهي.
سو آخر ۾ وري به هٿ جوڙ ڪري معافي ۽ معذرت! جي مونکان ڦڙڪيون هڻندي وڌيڪ ٻَوڙُ هارجي ويو آهي ته اڳلي ڪتاب اچڻ تائين، ٻَوڙَ کي ٻَوڙُ ئي رهڻ ڏجو، ڇو ته اڄڪلهه سڻڀن داغن کي ڌوئڻ جو رواج نڪرندو پيو وڃي ۽ مون جھڙا معتبر سڻڀن داغن کي خوشي ۽ وڏي فخر وچان قبول ڪري گد گد ٿي رهيا آهن! انهيءَ جو صرف هڪ ئي سبب آهي ! سو هي آهي ته “داغ ڌوئڻ تي خرچ گهڻو ٿو اچي ۽ خرچ وٺڻ وارا خرچ ڪرڻ سِکيا ئي ناهن!!!!!!!!”
سڪ سلامت ساٿ سلامت
جبار آزاد منگي
منگي محلو/ مھراڻ ڪالوني نصيرآباد
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ
03008346818
8 فيبروري 2022ع ڏينھن اڱارو
7 رجب المرجب 1443ھ
7 ماھ ڦڳڻ سنڌو سنبت 1395