ڇپائيندڙ پاران
”سنڌين وٽ بہ پنهنجو تمدن، زبان ۽ خط هو، پر اهڙي ثبوت کان دنيا بيخبر هئي، وري جڏهن ويهين صديءَ جي شروعات 1922ع ڌاري محڪمي آثار قديمہ جي ماهر سر جان مارشل جي زير نگراني مهراڻ ماٿريءَ جا ٻہ قديم شهر هڙپا ۽ موئن جو دڙو صفحہ هستيءَ تي نمودار ٿيا، تڏهن مهراڻ جي قديم تهذيب ۽ ثقافت دنيا وارن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ انهن کي تسليم ڪرڻو پيو، تہ 5 هزار ورهيہ ق.م سنڌ جا رهاڪو متمدن هئا ۽ سنڌو ماٿري تهذيب جو گهوارو هئي“. (ص 1 – 2 )
هونئن تہ ” سنڌ مهراڻ جو تحفو آهي“ (ص 1) پر ان ڏس ۾ مولائي شيدائي جيڪي تاريخي حوالا ڏئي ٿو، انهن مان هڪ اڌ هتي Coat ڪجن ٿا:
”مهراڻ جو اصلي نالو سنڌو آهي، جو سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، معنيٰ ”مهاساگر“ ( وڏو سمنڊ) جنهن جو ڪنارو نظر نہ اچي.
”رگويد ۾ سنڌو جي تعريف پنجهتر سلوڪن ۾ ڏنل آهي.
”رگويد ۾ سنڌو جو ٻيو نالو ”سوشاما“ بہ ڄاڻايل آهي. ”سنڌو جي ڪپن تي آرين رشين جهوني ويد رگويد کي قلمبند ڪيو هو، تنهن سبب ڪري گنگا ۽ جمنا کان وڌيڪ متبرڪ آهي“. (ص 2)
ائين سنڌ ۽ سنڌو تان ٿيندو مولائي شيدائي سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر تي اچي ٿو، جيڪو ”مهراڻ جي ساڄي ڪپ تي آباد هڪ مشهور شهر آهي.“
تاريخ سکر جو اسڪرپٽ 16 هن سالن کان سنڌي ادبي بورڊ ۾ پيل هو ۽ اها بہ فوٽو اسٽيٽ ڪاپي هئي ۽ ان ڪاپيءَ ۾ بہ هر هنڌ، لڳ ڀڳ هر صفحي تي ڪٿان ڪٿان مواد غائب هو. چٽو نہ آيل هو- ڊٺل هو- ڪٿي ڪٿي لفظ ۽ انگ اکر آيل ئي نہ هئا. ان جي اصل ڪاپي ڪٿي هئي؟ ان جي ڪابه خبر نہ آهي!
ظاهر آهي تہ ان عرصي ۾ ”سکر“ گهڻو بدلجي چڪو آهي. خود ”تاريخ سکر“ جو مورخ بہ جسماني طور تي اسان وٽ موجود نہ آهي. پوءِ اهو اسڪرپٽ نظرثانيءَ لاءِ ڏنو ويو؛ پر ان جي نظرثاني ڪانہ ٿي.
اهو بہ خدا جو شڪر آهي تہ ”تاريخ سکر“ جي فوٽو ڪاپي ئي سهي، پر اسڪرپٽ موجود هو. جڏهن اهو اسڪرپٽ ڇپائڻ لاءِ ڏنو ويو، تڏهن ڪمپوزنگ ۽ پروفنگ ۾ ڏکيائون ٿيڻ لڳيون، ٻي ڪا واھہ نہ ڏسي، اسان ڌڪي تي مولائي شيدائيءَ جي نياڻي الھہ نور بروهيءَ کي ان ڏس ۾ واهر ڪرڻ لاءِ خط لکيو. اسان کي خوشيءَ آهي، تہ الھہ نور بروهي صاحب ان جو هاڪاري ۽ ترت جواب لکيو. ان جواب ۾ مولائي شيدائيءَ جي پويان ڇڏيل مواد بابت جيڪو الھہ نور بروهيءَ لکيو آهي، اهو اسان جي پنهنجي محسنن سان روا رکيل بي حسيءَ جو ۽ پنهنجو قومي سرمائي کان لاپرواهيءَ جو چٽو پٽو ثبوت آهي. (اهو خط ”مهراڻ“ ۾ ڏئي رهيا آهيون)، اسان جي اها ڪوشش رهندي، تہ اسين پنهنجي ان ڪوتاهيءَ جي ڪا تلافي ڪري سگهون.
الهه نور بروهي صاحب هڪڙي ڏينهن پاڻ ” تاريخ سکر“ جي اصل ڪاپي کڻي، سکر کان ڪهي، پنهنجا ڀاڙا خرچ ڪري سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ڄام شوري هليو آيو، پر انهن ٻنهي ڪاپين (اصل ۽ فوٽو اسٽيٽ) ۾ فرق هو. جنهن مان ظاهر هو، تہ مولائي شيدائي ٻہ اسڪرپٽ لکيا هئا، ۽ فائنل ڪاپي سنڌي ادبي بورڊ کي ڏني هئي، جنهن تان ئي فوٽو ڪاپي تيار ڪئي وئي هئي ۽ اها اصل ڪاپي ڪٿي آهي؟ ان جو ڪو پتو ڪونهي!
انهن سڀني مرحلن مان اسين ڪيئن اُڪري پار پياسين؟ تہ ان ڏس ۾ ليٽر پريس جي مئنيجر جاويد مرزا ۽ ڪارڪنن شهمير خان چانڊيو، عبدالستار ڪلهوڙو، جان محمد ٽڳڙ، محمد يوسف مغل، عبدالصمد ٻٻر، علي نواز ڪيهر، محمد اسماعيل قمبراڻي جنهن ذميواريءَ ۽ لڳن سان پاڻ موکيو آهي، ان لاءِ اهي بجا طور تي مبارڪن جا مستحق آهن. فارسي متن جي سلسلي ۾ محترم غلام محمد بلوچ (بلي صاحب) اسان جي رهنمائي ڪئي، جنهن لاءِ اسين سندس ٿورائتا آهيون.
سيد امداد حسيني
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،سنڌ
30-نومبر 1992ع