سنڌ شناسي

تاريخ سکر

ڪتاب ”تاريخ سکر“ ۾ شھر جي تاريخي قدامت بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ جاگرافيائي ۽ سماجي تبديلين جو پڻ تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي . مصنف هن ڪتاب کي سورهن بابن ۾ ورهايو آهي . باب پھرين ۾ مھراڻ ، سکر ۽ بکر بابت ، باب ٻئي ۾ سکر جي تاريخ بابت ، باب ٽئين ۾ اسلامي فتوحات بابت، باب چوٿين ۾ سکر غلام سلاطين دور ۾ ، باب پنجين ۾ سکر خلجي دور ۾ ، باب ڇھين ۾ سکر تغلق دور ۾ ، باب ستين ۾ سکر ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ ، باب اٺين ۾ سکر مغلن جي دور ۾ ، باب نائين ۾ ڪلھوڙا دور ، باب ڏهين ۾ ميرن جو دور ، باب يارهين ۾ انگريزن جو دور ۽ سکر نئون ، باب ٻارهين ۾ سکر ويھين صديءَ ۾ ، باب تيرهين ۾ سکر جي مسلمانن جي سياسي حالت ، باب چوڏهين ۾ سکر جا قديم رهاڪو ۽ معزز ماڻھو ، باب پندرهين ۾ بکر ۽ سکر جا فارسي شاعر ۽ باب سورهين ۾ سکر جا سنڌي ، سرائيڪي ۽ اردو شاعر  شامل آھن.

Title Cover of book تاريخ سکر

باب چوڏهون: سکر جا قديم رهاڪو ۽ معزز ماڻهو

سادات ڪرام
اسلام جي ڪاهه کان پوءِ بکر ۽ سکر بعد ۾ روھڙي سادات ڪرام جو وطن بنجي ويا. بکر ۽ سکر کي خاص طور مير علي شير قانع ٺٽوي صاحب تحفته الڪرام ۾ ”اوليائن جي کاڻ“ يعني ”مدينته الاولياء“ جي لقب سان لکيو آھي ۽ سادات ڪرام جي روحاني فيض ۽ علوم جي ڪري، ھي شهر ھر صدي سنڌ جي درسگاه رھندو آيو ۽ اڄ تائين علمن جو مرڪز آھي. ھتي جون خانقاھون، گنبذ ۽ منارا ساداتن جون يادگارون ۽ آخري آرامگاھون آھن. ڪي نشان ۽ عمارتون ته صفا مٽجي ويون آھن ۽ اوليائن جي قبرستانن ۾ ڪارخانا کلي رهيا آھن. جيڪڏهن محڪمي آثار قديمه پورو توجهه ڪونه ڏنو ته رهيل نشان به مٽجي ويندا.

رضوي
سکر ۾ جيڪي سادات موجود آھن، تن مان رضوي سڀني کان جهونا آهن. مير محمد مڪي رضوين جو ڏاڏو مير محمد مڪي رح ڪليڪٽر جي بنگلي ھيٺيان ابدي ننڊ ۾ آرامي آهي، جنهن جي دعا سان ھن علم ۽ روحانيت جي فيضستان تي بکر نالو پيو. سيد حيدر حقاني، مير ميران، مير جان محمد ۽ مير جان الله جي روھڙي شهر ۾ آرامي آهن ۽ رضوي پير جو اولاد آهن. شاه بيگ ارغون 1521ع ۾ بکر جي رضوي ساداتن کي روھڙيءَ ۾ جاگيرون ڏنيون ۽ اڄ تائين ڪوٽائي سيد ڪوٺجن ٿا. انهن ڪوٽائي سيدن مان سيد مير يعقوب خان متوفي 1091 هه ـ 1081 هه کان 1085 هه تائين مغلن جي عالمگيري دور ۾ بکر مٿان نواب ھو. انهن ڪوٽائي سيدن جي ڏاڏي سيد صدر الدين جي خانقاه بکر جي قلعي اندر موجود آهي ۽ اها خانقاه بيحد فيض ۽ برڪت واري آهي. رضوي پير جو اولاد ھندستان، يو ـ پي ۽ سنڌ ۾ نصرپور تائين پهتو. ڪن جو چوڻ آهي ته ڪوٽائي سيدن جي ڪوٽ وٽ جنهن جامع مسجد جا نشان موجود آهن، سا نواب مير يعقوب خان 1677ع ۾ جوڙائي ھئي. رضوين جو شجرو سيد محمد مڪي جي بيان ۾ ڏيکاري آيا آهيون[1].

بخاري
ھندستان جا سمورا بخاري سادات سيد جلال الملت والدين جلال الدين سرخ بخاري رحه بن ابي المويد علي بن جعفر بن محمد بن محمود بن احمد عبدالله بن علي اصغر بن عبدالله جعفر ابن امام علي نقي عليه السلام[2]. پاڻ مادرزاد ولي الله ھئا. کين 3 فرزند ھئا: (1) سيد احمد ڪبير، (2) سيد الدين، (3) سيد محمد، سيد سرخ بخاري سيد بدرالدين رضوي جي دختر نيڪ احتر سان شادي ڪئي ھئي. بخارا کان سڌو بکر آيو ھو ۽ پوءِ قبته الاسلام ملتان ڏانهن ويو ۽ حضرت شيخ بهاء الدين ذڪريا ملتان جي دستِ مبارڪ تي بيعت ڪري خرقو خلافت ڍڪيائين. سکر بخاري ساداتن جو قديم وطن هو، تنهنڪري گهڻائي بخاري پير هن شهر ۾ آرامي آهن. جهڙوڪ مخدوم نوح بخاري، جو قلعي بکر اندر ستل آهي، سيد سومر شاه، سيد لقا شاه، سيد بقا شاه وغيره جو بيان مٿي ڪري آيا آهيون.

سيد علي رضا شاهه
سيد علي رضا شاه ولد مولا داد شاه بخاري جا وڏا ملتان کان آيا. علي رضا شاه اسسٽنٽ سول سرجن هاڻ رٽائرڊ غريب آباد ۾ رهي ٿو. خانگي اسپتال ۽ ملڪيت اٿس. راقم جو هم مڪتب دوست آهي. شاه صاحب جو ننڍو ڀاءُ سيد باقر علي شاه روهڙي سيمينٽ فئڪٽري ۾ مڪينڪ آهي.

سيد پير علي شاه
سيد پير علي شاه بخاري جو والد پير حسين شاه ملتان ۾ مريدن وارو هو. سيد پير علي شاه گهرو تڪرار سبب 1889 ع ۾ سکر اچي حڪمت ڪرڻ لڳو. راقم جي وڏن جا پير صاحب سان دوستانه تعلقات ھئا. پير علي شاه يوناني طب جو جراح مڃيل طبيب ھو. غريب آباد جو حڪيم ھاسومل پير صاحب جو شاگرد ھو. شاهه صاحب ريلوي لوڪو ورڪشاپ مان چارج مئن جي عهدي تان رٽائرڊ ڪيو ۽ 1929 ع ۾ وفات ڪيائين. سندس هڪ پٽ پير غربت علي شاه هينئر نابينا آهي ۽ سندس ٻيو پٽ سيد رحمت علي شاه پوليس کاتي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل آهي.

سيد قاسم علي شاه
پير قاسم علي شاه نقوي پرهيزگار بزرگ هو. سندس تعويذن ۾ اڪثر مسيحائي اعجاز هو. اڪثر بيمار وٽائنس تعويذ وٺندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سکر شهر ۾ بينجامن غوث علي شاه ميونسپل اسپتال جو ڊاڪٽر هو ۽ ٻيو سول سرجن سکر هو. ماڻهو انهن ڏينهن ۾ انگريزي دوائن کان پرهيز ڪندا هئا ۽ وري ايتريون بيماريون ئي نه هيون. ماڻهو اڪثر تعويذ وٺندا هئا.

سيد نور شاه
پير قاسم علي شاه جو پٽ هو ۽ واري تڙ واري امام بارگاه جو پيش امام هو. 1962 ع ۾ نماز جي سجدي ۾ سندس روح پرواز ڪري ويو. پير قاسم علي شاه جي ڪٽنب مان هن وقت سندس ناٺي پير حسين شاه موجود آهي.

سيد سردار علي شاه
سيد سردار علي شاه جي زندگي سبق آموز آهي. پنجاب کان سکر پهچي ريلوي ورڪشاپ ۾ نوڪر ٿيو. ڪم سکڻ کان پوءِ انجنيئرنگ جو امتحان پاس ڪري ڪجهه وقت هڪڙي ھندو سيٺ جو برف شاپ معقول پگهار تي هلائڻ لڳو. بعد ۾ ڊيملا مِل جي سامهون ڍلائي ۽ خراد جو ڪارخانو کوليائين جيڪو اڄ سوڌو سندس پوٽا هلائين ٿا. پير صاحب جو ڪارخانو پنهنجي قسم جو سکر ۾ پهريون ڪارخانو هو جنهن ۾ ماڻهو ڇنڇر جو اڌ ڏينهن ۽ آتوار جو سڄو ڏينهن ڪارخاني ۾ ڪم ڪندا ۽ سکندا هئا. شاه صاحب خوش خلق، فياض ۽ مرنجان مرنج هو، حڪمت جو ڄاڻو ۽ ڪتبخانو به وٽس هو. سير ۽ سياحت سان دلچسپي رکندو هو. ڪڏهن ڪشمير جي مرغ زارن ۾ گل سنگهندو هو ته ڪڏهن بغداد ۽ دمشق جا ديدار ڪندو هو. زندگي ڪئين ٺاهجي اهو مثال پيش ڪري ويو. حڪمت جي لحاظ سان کيس ڪي صدري نسخا ياد هئا. خدا بخشيس عجيب آزاد مرد هو.

پير محبوب علي شاهه
سيد سردار علي شاهه کي ٻه پٽ ھئا، محبوب علي شاهه ۽ ناصر علي شاهه. محبوب علي شاهه جواني ۾ سياست جي خاردار وادي ۾ پير پاتو. پنهنجي بلڊنگ جي ھڪ ڪمري کي خلافت جو دفتر ڪيو هئائين ۽ ڪارخاني جي احاطي اندر هندستان جي چوٽيءَ جي ليڊرن کي گهرائي ليڪچر ڏياريندو هو. سندس ڪوشش سان مولوي تاج محمد احمدپور شرقيه وارو خلافت تحريڪ جي تبليغ ڪرڻ لاءِ مقرر هو. هڪ دفعي مولانا ظفر علي خان کي اچڻ لاءِ دعوت نامون موڪليائين. مولانا ذاتي مصروفيتن جي ڪري معذرت نامون موڪليو ته سيد محبوب علي شاهه مولانا جي نالي ڪوڙو وارنٽ ڪڍايو ۽ مولانا صاحب کي ڪورٽ ۾ حاضر ٿيڻو پيو ۽ سکر واسين کي ليڪچر ٻڌڻ جو موقعو مليو. 30ـ 1931 ع ۾ مولانا ظفر علي خان، مولانا ابوالڪلام ۽ حبيب الرحمان لڌيانوي ليڪچر ڏيڻ آيا هئا. محبوب علي شاهه جو هڪڙو پٽ سيشن جج آهي. سکر جي سماجي ورڪرن ۾ محبوب علي شاهه جو نالو سرفهرست رهندو. اڄڪلهه شاهه صاحب آرام جي زندگي گذاري رهيو آهي. گهڻو وقت ميونسپل ڪائونسلر رهيو.

معصومي
سيد صفائي معصومين جي جداعليٰ ۽ سندس فرزند مير محمد معصوم عرف نظام الدين جو احوال اڳ ڏيئي آيا آهيون. سيد صفائي سکر جو شيخ الاسلام هو ۽ سندس لائق فرزند مير معصوم نواب، معمار، شاعر، طبيب، موءرخ ٿي گذريو آهي.

مير بزرگ
مير بزرگ بن مير محمد معصوم پيءَ جي مناري جي ڪم کي پورو ڪرايو.پڻس هن لاءِ چاليهه لک روپيا ڇڏي ويو هو. مير محمد معصوم پٽ جي تعليم لاءِ تاريخ معصومي لکي ويو جا سنڌ جي مشهور تاريخ آهي.

مير محمد ذڪريا ۽ اسدالله
ٻئي صاحب مير محمد معصوم جا پوٽا آهن. مير اسدالله متخلص ساقي شاعر بيبڊل هو. شاه خيرالدين جي گنبذ جي پيشاني تي جيڪو ڪتبو لکيل آهي سو حضرت ساقي جو چيل آهي. مير علي شير قانع ٺٽوي سان سندس ملاقات ٿي هئي. مير محمد ذڪريا، شاه خير الدين گيلانيءَ جو مريد هو.

مير ثابت علي شاهه
معصومي ساداتن مان پويون بزرگ هو، جو ڪمشنر سنڌ جو درباري هو. شاهه صاحب پراڻي وضع قطع جو بزرگ هو.

سيد قنبر علي شاهه
سکر ۾ سنڌي اسڪول جو سينئر ماستر هو، جنهن کي هيڊ ماستر آخوند فقير محمد صديقيءَ ٻاراڻي ڪلاس جي ماستري ڏني هئي. قنبر علي شاهه خوش نويسي ۽ ستار وڄائڻ ڪري مشهور هو. ٻاراڻي ڪلاس جي نصاب ۾ جيڪو بمبئي تعليم کاتي منظور ڪيو هو، تنهن ۾ الف اک لکيل هو. قنبر علي شاهه حڪم ڏنو ته الف الله پڙهو ۽ پنهنجي قلم سان شاگردن جي ڪتابن تي اک ڊاهي الف لکيائين، جنهن تي مشن جي عيسائي ميڊم گوڙ ڪيو، پر ميان قنبر علي شاهه پنهنجي حڪم تان نه مڙيو. آخر ديوان چتر ڀوڄ ايجوڪيشنل انسپيڪٽر انڪوائري ڪرڻ آيو ۽ ميان جي حڪم جي تائيد ڪري ويو. وري جڏهن ائنگلوور نيڪيولر اسڪول جي هيڊ ماستر ديوان بهارسنگهه شڪايت ڪئي ته سنڌي چوٿين درجي مان ڇوڪرا جيڪي انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿين ٿا، تن جي پيره ڪچي ٿئي ٿي، تنهن تي هيڊ ماستر ميان فقير محمد شاهه صاحب کي چوٿين درجي تي رکيو.

سيد سبحان علي شاهه
پراڻي وضع قطع جو هي معصومي بزرگ سکر ميونسپالٽي پاران وڪٽوريا مارڪيٽ مٿان انسڪپيٽر هو. مارڪيٽ جي اوڀر واري وڏي دروازي جي ڀر ۾ وڏي رعب سان صندل تي ويهندو هو. هميشه وٽس بيد جو لڪڻ رهندو هو. ڪوبه شهري مارڪيٽ جي دڪاندار خلاف وٽس شڪايت ڪندو هو ته مجرم جي پهريان بيد جي لڪڻ سان آجيان ڪندو هو. وٽس ڀنگين جو هڪ دستو رهندو هو. شاه صاحب صبح جو ڀاڄين، ميون وارن جون شيون چڪاسيندو هو، جيڪا شيءَ خراب ڏسندو هو ڀنگين معرفت درياهه ۾ اڇلارائي ڇڏيندو هو.

سيد قوت علي شاهه
آزادي کان پوءِ ٻه دفعا سکر ميونسپالٽي جو صدر رهيو. هن وقت لئنڊلارڊ آهي.

سيد امير علي
اوور سيئر آهي پر سنڌ جي قادرڪلام شاعرن ۾ سندس شمار آهي. سکر ادبي سنگت جو ميمبر آهي.

سيد منور علي شاهه
سيد منور علي شاهه سکر جو مشهور راڳيندڙ ۽ ريڊيوسنگر آهي. وٽس طب نامي جا ڪي رسالا موجود آهن.

ميرڪي
سکر جا ميرڪي سادات به معصومين وانگر مشهور آهن. سندن ڏاڏو ميرڪ بايزيد ولد ميرڪ ابو سعيد سبزواري عربشاهي ۽ ڀاڻس ميرڪ شيخ محمود شاهه بيگ ارغون سان گڏ سنڌ ۾ آيا ۽ ميرڪ بايزيد سکر مٿان شيخ مقرر ٿيو. هن سکر ۾ هڪ درسگاهه کولي هئي، جنهن ۾ جاميٽري جي تعليم ملندي هئي. سنڌ ۾ هي پهريون مدرسو هو، جتي اقليدس جي تعليم پهريون دفعو رائج ٿي هئي. ميرڪ محمود پوراني ٺٽي ۾ رهڻ لڳو. ميرڪ بايزيد جو فرزند مير عبدالباقي وقت جو قطب ٿي گذريو آهي. افسوس ! هن خاندان جو قبرستان گهڻي ڀاڱي ڊهي ويو آهي. اڳ عبدالرشيد باغ کان وٺي ويندي بندر ڏانهن ويندڙ ريلوي لائين تائين ميرڪين جو قبرستان هو. مير عبدالباقي جي مقبري پٺيان ٽڪريءَ تي به قبرون اڃا موجود آهن پر خبر نه ٿي پوي ته ڪهڙن بزرگن جون آهن. ڪي گمنام قبرون غازي عبدالرشيد باغ ۽ سکر اسٽيڊيم جي اوڀرندي ڪنڊ تي گمنام موجود آهن. ڪي عمارتون ميرڪين جي قبرستان جون عبرت انگريز هيون جيئن حرامي ۽ حلالي جي منارهه نما عمارت جا ڊٺل مسجد جي ڀر ۾ 1903ع تائين راقم موجود ڏٺي جا پوءِ ڊهي ويئي. چون ٿا ته حلالي هن عمارت اندران لنگهي سگهندو هو ۽ حرامي لنگهي نه سگهندو هو. سيد قوت علي شاهه صاحب پنهنجي ميونسپل جي صدارت جي ڏينهن ۾ ڪن قبرن جي مرمت ڪرائي هئي. ميرڪي سادات به معصومين وانگر نوابن جي خطاب سان بهر مند هئا.

مير عبدالله
ميرڪ عبدالله شاهجهاني دور ۾ دهلي ۾ ”عهده عرص مڪرر“ تي فائز هو، جو معتمد ۽ مقرب کي ڏنو ويندو هو. ميرڪ عبدالله ولد ميرڪ عبدالباقي سمورو زندگيءَ جو عرصو هندوستان ۽ سرڪاري عهدن تي ممتاز رهيو مثلاً 1004هه ڌاري لاهور، 1008هه ۾ آگرهه، 1010هه جونپور ۽ 1013هه الله آباد ۾ شيخ السلام جي عهدي تي جلوه گر نظر اچي ٿو. 1641ع ۾ شاهجهان کيس پني عاقل ۾ جاگير ڏني هئي. ميرڪ عبدالله 1023هه ۾ موٽي وطن سکر آيو ۽ 1051هه ۾ وفات ڪيائين سندس قبر ڪٿي آهي. اهو سوال حل ڪرڻ محال آهي.

مير عبدالاول
ميرڪ عبدالباقي جو پوٽو، سکر جو شيخ الا سلام ٿي گذريو آهي متوفي 1093هه . نواب مير يعقوب رضوي جو همعصر هو. اورنگيزيب 1661هه ۾ کيس کڏهري تعلقي روهڙي ۾ جاگير ڏني هئي.

مير غلام علي شاهه
مير غلام علي شاهه ولادت 1222هه وفات 1282هه وڏو جاگيردار هو. سندس جاگير ۾ سکر نئون، سکر پراڻو، ٻنڊي، ڌاريجا، قادرپور، کڏهري، علي واهڻ، صرفو، نصير آباد ۽ وٽار هئا.مير صاحب کي چئن ديرن مان چار پٽ هئا:
(1) مير ڏتل شاهه، (2) مير قادر بخش شاهه، (3) مير قلندر بخش شاهه، (4) مير ذولفقار علي شاهه، پڳ جو مالڪ مير ڏتل شاهه هو، جو مير علي مراد خان جو همعصر هو.

مير ڏتل شاهه
ولادت 1249هه. مير صاحب طلائي ۽ نقرئي سنجن وارن گهوڙن تي سواري ڪندو هو. دٻدٻي جي هيءَ حالت هئي جو هڪ دفعي هزهائينس مير علي مراد خان کيس دعوت نامو مڪو هو. مير ڏتل شاهه جواب ۾ لکي مڪس ته تون به مير آءٌ به مير پر مان سادات آهيان تنهنڪري بهتر ائين ٿيندو ته توهين منهنجي دعوت قبول ڪيو. مير صاحب وٽ ايتريون مينهون هيون جو شمار کان ٻاهر هيون ۽ ڪيتريون ته جهنگلي ٿي ويون هيون. مير صاحب جي پلنگ جا پاوا نقرئي هئا. نئين سکر ۾ ليمجي ۽ ڇپريءَ جون جايون ۽ سکر ضلعي جو وڏو حصومير صاحب جون ملڪيتون هيون. مير صاحب جي روڪڙ جي موڙي سکر پراڻي جي مکي سيٺ ڏيونداس وٽ امانت رکيل هئي، جا سموري سيٺ ڏيونداس ڦٻائي ڏيوالو ڪڍيو.مير صاحب غلطي ڪري سموري جائداد اسٽامپن تي لکرائي پنهنجن دوستن کي ورهائي ڏني، ان خوف کان ته ڍل پيارڻ کان بچي وڃي. مگر دوستن جائداد ڦٻائي ورتي، اهي وڏا زميندار بنجي ويا ۽ ميرڪي سادات ڪرام جائداد کان محروم رهجي ويا. 9 محرم الحرام 1892ع ۾ مسلمانن تابوت ڪڍيو. ماتامين سان سکر جو فوجدار گهوڙي تي چڙهيل ساڻ هو. ماتامين اعتراض ڪري فوجدار کي هيٺ لهڻ لاءِ چيو، پر هن رعب سان انڪار ڪيو. جنهن تي ماتامين هن کي گهوڙي تان هيٺ ڪيرائي خوب مار ڏني ۽ هن جي هڪ اک نڪري ويئي. ماتامين کي مير ڏتل شاه سميت گرفتار ڪيو ويو، حالانڪ هو پيرسن هو.ڪيس هلڻ کان پوءِ ملزمن کي مير صاحب سميت حيدرآباد جيل ۾ رکيو ويو. سندس ڀائرن مان مير قلندر بخش شاه هڪڙو خط هز هائينس مير عبدالحسين خان ولد مير عباس علي خان ولد مير محمد نصير خان (1851ع کان 1924ع) ڏانهن لکي موڪليو. مير صاحب گدو جي ٽنڊي کان ڏيڍ ميل کن ڏکڻ طرف درياه جي ڪپ تي رهندو هو ۽ وڏي پڄندي وارو فرسٽ ڪلاس اسپيشل مئجسٽريٽ به هو. مير عبدالحسين سانگي صاحب بمبئي جي گورنر ڏانهن سفارش جو خط مڪو ۽ مير ڏتل شاه آزاد ٿي سکر پهتو ۽ مارڪيٽ پويان پنهنجي وچ شهر واري اوتاري ۾ رهڻ لڳو. هندو سيٺين اوتاري لاءِ کيس هڪ لک روپين جي آڇ ڪئي هئي پر مير صاحب انڪار ڪيو. راقم مير ڏتل شاه کي اوتاري ۾ درويشي حال ۾ ڏٺو هو.فقير جڳت علي هن جي ٽهل ٽڪور ڪندو هو. انهيءَ حالت ۾ 17 رمضان 1322هه ۾ وفات ڪيائين ۽ سکر بسڪيٽ فئڪٽري جي سامهون ريل جي پٽي جي هن ڀر ميرڪين جي قبرستان ۾ آرامي آهي. قبر جو تعويذ ميٽائي پٿر جو آهي، جنهن تي آيتون ۽ عبرت انگيز رباعيون لکيل آهن.مٿس هر سال ميلو لڳندو هو پر هينئر خاموشي ڇانيل آهي.

مير قلندر بخش شاه
ميرڪ قلندر بخش شاه موروثي جاگير جائداد لاءِ حڪومت کي درخواست ڪئي، جنهن جي جواب ۾ ڪپتان مارسٽين مير صاحب کي گذر سفر لاءِ هڪ سوء جريب زمين ۽ شڪار ڪرڻ لاءِ هڪ اعليٰ قسم جي بندوق ڏني.

مير غلام مصطفيٰ شاه
ميرڪ غلام مصطفيٰ شاه ميرڪ قلندر بخش جو پوٽو هڪ زميندار ۽ سنڌي اسڪول سکر پراڻي جو هيڊماستر آهي،مير صاحب وٽ سندس وڏن جو سمورو رڪارڊ شجرن سميت موجود آهي، جيڪڏهن ان کي مرتب ڪيو وڃي ته ميرڪي ساداتن جي تاريخ جو بي نظير نسخو تيار ٿي سگهي ٿو.

مير محمد شاه
ڇپري ۾ سندس عاليشان اوتارو آهي جنهن ۾ سندس مزار آهي. ڀُٽا سندس مريد هئا. هر سال محرم ۾ تابوت نڪري ٿو[3].

گيلاني
گيلاني بزرگن مان پهريون بزرگ جنهن سکر ۾ فيض جاري ڪيو، سو شاهه خيرالله عرف شاهه خيرالدين قادري 911 هه ۾ بغداد ۾ ڄائو ۽ 14 ورهيه مدينه طيبه ۾ تعليم حاصل ڪري 33 ورهيه سير ڪري هالڪنڊي ۾ مخدوم نوح قدس سره ۽ سندس خليفي شاه عبدالڪريم بلڙائي کان فيض حاصل ڪري سکر ۾ منزل ڪيائين.چالهين ورهين جي عمر ۾ حج ڪرڻ لڳو ۽ ٻارهن دفعا حج ڪيائين. سکر ۾ 116 ورهين جي ڄمار ۾ لاولد 1027هه مطابق 1617ع ۾ وفات ڪيائين. سندس روضو سکر پراڻي ۾ آهي.اڳ هر ماه چنڊ جي 11تاريخ رات جو مٿس ميلو لڳندو هو.قبو ميان غلام محمد مجاور 1660ع ۾ تعمير ڪرايو.

نئَين سکر جا گيلاني
ميان غلام شاه ڪلهوڙي جي راڄ ۾ بغداد شريف کان حضرت پيران پير شيخ عبدالقادر جيلاني رحه جي اولاد مان ٻه ڀائر محمد شاه ۽ احمد شاه جي نالي سنڌ ۾ آيا، پر خديو سنڌ ميان غلام شاه خان صمصام الدوله کين رهڻ نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته کيس شڪ هو ته هو ترڪي جي سلطان جا جاسوس آهن ۽ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ آيا آهن.ميان غلام شاه جي وفات کان پوءِ اهي ٻئي ڀائر وري آيا ۽ سڌا کهڙن جي مخدوم احمديءَ صاحب جا مهمان ٿيا ۽ پورو سال وٽس رهيا.پوءِ مخدوم ميان احمديءَ گمبٽ ۽ راڻي پور جي زميندارن کي گهرائي کانئن جايون وٺي، وڏي پير ميان محمد شاه کي گمبٽ ۾ ۽ ننڍي پير ميان احمد شاه کي راڻيپور ۾ ويهاريو.اڄ تائين ٻنهي پيرن جو جيلاني (گيلاني)خاندان گمبٽ ۽ راڻيپور ۾ موجود آهي[4]. سکر جا گيلاني سادات محمد شاه جو اولاد آهن.سيد محمد شاه جي قبر ڳوٺ وس ڀرسان ڳوٺ ڪنبوءَ ۾ آهي.

پير غلام شاه
سکر جي جيلاني ساداتن جو ڏاڏو پير غلام شاه سکر ۾ پيري مريدي جي مسند قائم ڪئي.سندس قبر مناري جي سامهون واري ڊٺل ملٽري بنگلي جي ڀر ۾ آهي.

سيد غوث علي شاه
متوفي 1905ع ۾ شيخ عبدالرزاق پنهنجي ڪتابچي ۾ هن کي پنجاب کان آيل ڏيکاري ٿو، جو غلط آهي. سيد غلام شاه کان پوءِ پير غوث علي شاه پيري مريدي جي سلسلي کي زور وٺرايو ۽ ۽ سکر ميونسپالٽي جو لائيف هو. صاحب جو سکر شهر ۾ ايترو رسوخ هو، جو پنهنجي گهراڻي جي شخص يا ڪنهن به شهري ماڻهوءَ کي ميونسپالٽي جي ميمبري لاءِ کڙو ڪندو هو ته چونڊن ۾ سواءِ مخالفت جي ڪامياب ٿيندو هو. سکر جا قديم رهاڪو ڀٽا سندس مريد ۽ معتقد هئا. پير صاحب وڏي شخصيت وارا ۽ پرهيز گار هئا. سندن سکر ۾ وڏي ملڪيت کان سواءِ ضلع جي هر هڪ تعلقي ۾ زمينون ۽ مريد هئا. سکر ميونسپل مناري هيٺان اسپتال تي غوث علي شاهه اسپتال نالو رکيو ويو.

پير ڪرم علي شاه
سيد غوث علي شاه کان پوءِ مسندنشين ٿيا. پنجاهه سالن تائين ميونسپالٽيءَ جا اليڪٽيڊ ميمبر ۽ آرنري مئجسٽريٽ، انجمن اسلام جا صدر ۽ اوقاف کاتي جا به صدر هئا. پير صاحب راقم جو دلي دوست هو ۽ سندس رسوخ شهر ۾ ايترو هو جو سندس گهراڻي مان چار ميمبر يڪايڪ ميونسپالٽي ۾ چونڊيا هئا. پهرين عالمگير جنگ ۾ انگريز سرڪار کي رڪروٽ ڀرتي ڪري ڏيندا رهيا. هي خاندان هميشه حڪومت سان وفادار رهندو آهي. پير ڪرم علي شاه کي چار پٽ آهن: (1) مرحوم سيد قوت علي شاه (2) سيد بهادر علي شاه (ميمبر مدرسه بورڊ ڪاميٽي) (3) سيد تراب علي شاه (4) سيد اُميد علي شاه. پيءُ جي جيئري ڀائرن جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پيئي ۽ ميان ڪرم علي شاه جي وفات کان پوءِ ملڪيت پاڻ ۾ ورهائي ڌار ڌار ٿي ويا. سکر ميونسپل اسپتال کان جيڪو رستو شمس آباد ڏانهن وڃي ٿو اڳ جيلاني روڊ سڏبو هو. جانورن جي اسپتال پٺيان اوتارو ميان همت علي شاه جي بيٺڪ هئي. جانورن جي اسپتال کان وٺي شمس آباد جي حفيظ ٽاڪيز تائين ميان ڪرم علي شاه جو باغ مشهور هو، جو اڄ به باغ ڪوارٽر سڏجي ٿو. سيد بهادر علي شاه 1930ع کان 1950ع تائين ميونسپل ڪائونسلر رهيو. پئراڊائيز سئنيما ۾ سندس حصو ۽ احاطو آهي. کيس چار پيٽ هئا: (1) زين العابدين شاهه (2) محبوب علي شاهه (3) مظهر علي شاهه (4) سرفراز علي شاهه. سيد تراب علي شاهه کي مناره هيٺ جايون آهن، کيس ٻه پٽ آهن: (1) هدايت علي شاهه (2) محڪم علي شاهه. سيد قوت علي شاهه حڪمت جو ڄاڻو هو کيس ٻه پٽ هئا: 1- حاجن علي شاهه، 2- ثابت علي شاهه. سيد اُميد علي شاهه کي خيرپور جي سئنيما آهي ۽ هڪ پٽ جاويد علي شاهه.

پيرزادا
سکر پراڻي جا پيرزادا شاهه خيرالدين جي خليفي ميان جمال الدين جو اولاد آهن. ماءُ طرفان ميان الدين 1605ع ڌاري سکر پراڻي ۾ اچي ويٺو. انهن پيرزادن مان ميان غلام محمد جو اديب هو، 1670ع ۾ شاهه خيرالدين جو ڪاشيءَ جو گنبذ اڏايو. هاڻوڪا پيرزادا پيءُ طرفان ميان شير محمد جي نسل مان آهن جو پنهنجي ڀاءُ ميان غلام جي وفات کان پوءِ سجاده نشين ٿيو هو.

ميان عبدالرحمان
1860ع ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم خانقاه واري مدرسي مان حاصل ڪري سکر پراڻي جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو، بعد ۾ وقت جي بزرگ مولوي عبدالرحمان جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ميان عبدالرحمان پيرزادو سماجي ورڪر هو انجمن اسلام جيڪا پير غوث علي شاهه قائم ڪئي هئي. ان جو ميمبر هو. سکر ضلع مدرسه بورڊ جو پايو وجهندڙ ۽ بعد ۾ بورڊ جو سيڪريٽري رهيو ۽ عيد گاه جي تعمير ۾ سندس هٿ هو. سکر ميونسپالٽيءَ جو ميمبر هو ۽ 1962ع کان ٻه دفعا وائيس پريزيڊنٽ ٿيو. سکر جي جهونن ليڊرن مان هندو توڙي مسلمانن جو مڃيل ليڊر هو. 1892ع ۽ 1930ع ۾ سکر ۾ جيڪي هندو مسلم فساد ٿيا، انهن موقعن تي ميان عبدالرحمان پيرزادي جي همت ڪري سکر پراڻي ۾ امن امان رهيو. 1939ع واري موقعي ته سندس تقريرن چڱو اثر وڌو ۽ مسجد منزلگاهه جي سوال تي هن پبلڪ جي رهنمائي ڪئي. هن وفات 1942ع ۾ ڪئي. سندس ڀاءُ پيرزادو عبدالغفار بئريسٽر هو ۽ سندس فرزند عبدالستار بئريسٽر 1936ع ۾ بمبئي کان سنڌ ڌار ٿيڻ وقت الله بخش وزارت ۾ وزير ٿيو ۽ 1958ع ۾ انقلاب اچڻ کان اڳ سنڌ جو وڏو وزير هو. سندس پٽ ميان عبدالحفيظ به بئريسٽر آهي، جو 1962ع ۾ صوبائي ڪائونسل لاءِ اميد وار بيٺو هو، پيرزادا وڏا زميندار آهن.

صديقي
سکر پراڻي ۽ نئين جا صديقي غازي محمد بن قاسم جي دور اسلامي ۾ سنڌ ۾ آيا ۽ فتح اروڙ کان پوءِ تختگاهه شهر ۾ سڪونت اختيار ڪيائون. اروڙ جي ويراني کان پوءِ سکر پراڻي جي دٻي واري حصي ۾ مستقل طور رهڻ لڳا ۽ درس ۽ تدريس جو ڌنڌو اختيار ڪيائون. اهڙي علمي فضيلت ڪري ”آخوند“ جي لقب سان مشهور ٿيا. عيدن تي امامت جا فرائض بجا آڻيندا هئا ۽ پڻ قضا جي ممتاز عهدن تي به فائز رهندا آيا. اهڙن علمي ڪارنامن جي ڪري وقت جي حاڪمن وٽ کين عزت حاصل هئي ۽ فڪر معاش کان آزاد هئا.

آخوند محمد پنڃل
آخوند محمد بچل جو پيءُ آخوند محمد متو جيد عالم هئڻ کان سواءِ وڏي ملڪيت جو مالڪ هو. آخوند محمد پنڃل سکر جو قاضي ۽ سرڪاري سب رجسٽرار به هو. پيدائش جو اڌ سرڪار کان کيس ملندو هو. رٽائرڊ ڪرڻ کان پوءِ سکر ميونسپالٽي جو ڪائونسلر ٿيو.

آخوند فقير محمد
سکر نئين ۾ سنڌي اسڪول جو هيڊ ماستر هو، پوءِ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو ۽ رٽائرڊ ڪرڻ کان پوءِ ميونسپل ڪائونسلر رهيو. راقم سندس شاگرد آهي.

آخوند عبدالغفور
آخوند فقير محمد جو فرزند ميونسپل ڪائونسلر ۽ زميندار هو وڏو مخير ۽ ملنسار ماڻهو هوندو هو. 1936ع ۾ وفات ڪيائين.

آخوند فيض محمد
آخوند فيض محمد ولد آخوند محمد پنڃل غريب آباد سنڌي اسڪول جو هيڊ ماستر ۽ لئنڊلارڊ هو.

آخوند نياز علي
آخوند نياز علي ولد آخوند فيض محمد لئنڊلارڊ ۽ غريب آباد نياز هوٽل جو مالڪ، ڪجهه وقت هفتيوار پاسبان جاري ڪيائين ۽ سماج ورڪر آهي.

آخوند عبدالغفار
سنڌي اسڪول جو هيڊ ماستر آهي ۽ پٽس شاهنواز وڪالت ڪندو آهي.

آخوند ولي محمد
سکر جي شاهي بازار ۾ ڪپڙي جو وڏو واپاري ۽ سيٺ هو ۽ ميونسپل ڪائونسلر به هو. سندس پوٽو آخوند انور علي ولد آخوند طيب پوليس کاتي سانگهڙ ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ آهي.

آخوند نيباهو
نئين سکر جو وڏو لئنڊلارڊ هو. سندس جوڙايل مسجد ۽ کوهه اڄ تائين باغ حيات علي شاهه ۾ يادگارون آهن. پٽس آخوند غلام رينج فاريسٽر هو. غلام محمد جو پٽ بشير احمد پي- ڊبليو- ڊي کاتي ۾ سروريئر آهي.

آخوند ابوبڪر
مختيار ڪار هو رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ ليمجي چاڙهي تي ”گل بڪ ڊيپو“ سندس ڪتب فروشي جو دڪان آهي، انهن کان پوءِ آخوند نور محمد، آخوند عبدالرحيم، آخوند محمد اسحاق، آخوند فيض محمد، آخوند محمد ابراهيم، آخوند الله ڏنو سمورا پڙهيل، لئنڊلارڊ، واپاري يا سرڪاري ڪامورا آهن.

قزلباش مغل
سکر ۾ ترخاني ۽ جاليار مغلن جا محلا هئا اهي مري کپي ويا فقط قزلباش مغلن جا ٿورا گهر سکر ۾ آهن، جن جو ڏاڏو مرزا محمد جعفر بيگ سکر جي آرائين ڳوٺ جي ڀر ۾ پنهنجي جاگير ۾ جعفرآباد ڳوٺ ٻڌرايو هو. هن خاندان مان رئيس ثابت علي شاهه معصومي ۽ خان بهادر خداداد خان پٺاڻ شاديون ڪيون هيون[5].

مرزا عبدالمجيد خان
مرزا محمد جعفر بيگ جي وفات کان پوءِ سندس اولاد لڏي اچي سکر ۾ ويٺو. جن مان مرزا عبدالمجيد خان ولد مرزا سرفراز بيگ پوليس عملدار هو. سندس ٻيا ڀائر مرزا غلام علي خان، مرزا بخشڻ خان، مرزا مراد علي خان سمورا پوليس کاتي ۾ عملدار هئا. مرزا عبدالمجيد خان جو سالو ڪپتان مرزا حاجي خان رياست خير پور جي ڪئمل ڪاريس مٿان ڪمانڊر هو. جعفرآباد سکر کان 4 ڪوهن جي مفاصلي تي شڪارپور واري رستي تي آهي.

مرزا حسين بخش خان
مرزا حسين بخش ولد عبدالمجيد خان سکر جي جانورن جي اسپتال جو ڊاڪٽر ۽ لئنڊلارڊ آهي. سندس جايون غريب آباد اڇي مسجد جي ڀر ۾ آهن. سندس پٽ تعليم يافته ۽ سرڪاري عهدن تي آهن.

مرزا عبدالحميد خان
ڪپتان مرزا حاجي خان جو سالو سکر ميونسپل اليڪٽريڪل انجنيئر هو ۽ سال 1960ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. هينئر ٺيڪيدار آهي.

مرزا رسول بخش خان
مرزا رسول بخش خان ميونسپل پاور هائوس جو سپر نٽينڊنٽ آهي.

بيبي بيگم صاحبه
بيبي بيگم صاحبه مرزا عبدالمجيد خان جي همشيره ۽ ميان محمد بچل ميمڻ، شڪارپور جي وڏي ٺيڪيدار ۽ ميونسپل ڪائونسلر سان پرڻيل هئي. بيگم صاحبه غريب آباد گرلس اسڪول جي هيڊ مسٽريس هئي. سکر شهر ۾ غريب آباد گرلس اسڪول، پهريون ڇوڪرين جو اسڪول هو ۽ سکر جي مسلم خواتين مان مائي بيگم پهرين خاتون هئي، جا هيڊ مسٽريس جي عهدي تي فائز هئي. وقت جي شرفا جون نياڻيون سموريون مائي مغلياڻي بيگم جون شاگردياڻيون هيون، تنهنڪري شرفا توڙي آفيسرن جي حلقن ۾ قابل احترام هئي. هيڊ مسٽريس جي عهدي کان پوءِ محترمه بيگم صاحبه انسپيڪٽرس آف اسڪولس جي عهدي تي پهتي ۽ اتان رٽائرڊ ڪيائين ۽ 1931ع ۾ وفات ڪيائين ۽ شيخ شينهن جي قبرستان ۾ آرامي آهي. حاجي محمد بچل مخير انسان هو. سکر ۾ مسجد مناره جا آخوند محمد پنڃل روڊ تي موجود آهي، سا حاجي محمد بچل جي جوڙايل آهي. مسجد جي سامهون سندس دولت خانو هو. سکر ۾ کٽين وارو حاطو ۽ ڪوس گهر جي ڀرسان آغا حسن علي خان جي گهر تائين زمين حاجي محمد بچل جي هئي جا پوءِ واڻين کي وڪڻي ڇڏيائين. شڪارپور کان ٻن ميلن تي ماڙي جي ڳوٺ ۾ سندس جوڙايل سراءِ، کوه ۽ باغ اڃا موجود آهن. سکر واري مناره مسجد جي ڪتبي تي سندس نالو لکيل آهي.

برلاس مغل
مرزا محمد دين

برلاس مغل امير تيمور هندستان جي مغل فرمانروائن جي نسل مان هئا چنانچه امير تيمور گور گان قبيلي ۽ برلاس خاندا مان هو. قزلباش ايراني مغل هئا ۽ برلاس ترڪستان (وچ ايشيا) کان آيا هئا. مرزا محمد سکر جو مشهور بندوق ساز 1280 هه ۾ ڄمون ۽ سيالڪوٽ جي وچ واري ڪنهن ڳوٺ ۾ ڄائو هو. هز هائينس مير علي مراد خان والي خيرپور پنهنجو ماڻهو موڪلي مرزا محمد دين کي گهرائي پاڻ وٽ ملازم رکيو. 1908ع تائين مرزا صاحب خيرپور ۾ رهيو پوءِ سکر غريب آباد ۾ بندوق سازي جو دڪان کوليائين. انهن ڏينهن ۾ بندوق سازي جو ليسن حڪومت کان وٺڻ ڏاڍو ڏکيو هو. سنڌ ۾ مرزا محمد دين ۽ پنجاب ۾ مستري نظام الدين کي ليسن مليل هئا. 1910ع کان اڄ تائين ”مرزا ائنڊ سنز“ جي انهيءَ ڪاروبار ذريعي سنڌ ۾ ٻاهر مشهوري هلندي اچي ٿي. مرزا محمد دين نه صرف ڪاريگر هو پر عربي ۽ پارسيءَ جو عالم ۽ فاضل هو. راقم سندس لکيل ڪتابن جو معائنو ڪيو، جيڪي سندس پٽ مرزا افضل حسين وٽ محفوظ آهن. انهن ڪتابن ۾ ڪي طب جو جا صدري نسخا به لکيل آهن. ائين چئي سگهجي ٿو ته مرزا موصوف طب جو ڄاڻو هو. هڪڙو ڪتاب علم ڪيميا تي ” تجارت شهر ياري“ ۾ موجود آهي، جو ڪنهن ايراني جو لکيل آهي، ڪتاب ۾ ڪيميا تي گهڻائي نسخا لکيل آهن. مرزا صاحب شاعري ۾ به طبع آزمائي ڪندو هو. سندس بياض ۾ پسنديده اشعارن جو انتخاب درج آهي، جن مان بعض شاعرن جا غير مطبوعه ڪلام لکيل آهن. ڪتاب ”ديوان مراد“ ۾ ٻين گهڻن سنڌي شاعرن ۽ صوفي درويشن جا چيده اشعار ڏنل آهن. ائين معلوم ٿئي ٿو ته مرزا دين محمد پاڻ به صوفي درويش هو. فن، طب، تصوف، شعر و شاعري کان سواءِ موسيقي سان به کيس والهانه دلچسپي هئي. توڙي جو وٽس دنيوي نعمتون موجود دهيون، پر پاڻ درويشانه زندگي بسر ڪندو هو ۽ سڄي عمر شاهه خيرالدين گيلاني جي درگاه تي حاضري ڏيندو رهيو. مرزا محمد دين 1878ع ۾ سنڌ کي وطن جوڙيو ۽ 1949ع ۾ وفات ڪيائين ۽ شيخ شينهن واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

مرزا افضل حسين
مرزا محمد دين جو وڏو پٽ، جنهن کي سيٺ نارائڻ داس مارڪيٽ ٽاور جي ڀر وارو بندوقن جو دڪان وڪڻي، هندوستان لڏي ويو. مرزا افضل حسين صاحب سکر جو مشهور سماجي ورڪر آهي ۽ رفاه عام جي ڪمن ۾ فراخدلي سان حصو وٺندو آهي. چنانچه روٽري ڪلب، مسلم ايجوڪيشنل سوسائٽي جو ميمبر، اسلاميه ڪاميٽي جو چيئرمن، ريڊڪراس سوسائٽي جو سرگرم رڪن، انسداد بيرحمي حيوانات ڪاميٽي جو سيڪريٽري، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس ڪلب ۽ سول ڊفينس، قيام پاڪستان کان پوءِ جسٽس آف پيس به رهيو. پوءِ پويون سلسلو ختم ڪيو ويو. 1951ع کان 1959ع تائين”نيشنل ريڪنسٽر ڪشن بيورو“ ۾ سکر ضلع جي مئنيجنگ پارٽي تي ميمبر رهيو. مرزا افضل حسين صاحب کي ٻه پٽ ۽ پنج نياڻيون آهن. وڏو پٽ منظورحسين متخلص ”منظور“ بي-اي، اردو ۽ انگريزي شاعري سان دلچسپي رکندڙ آهي. سندس مضمون اُردو ۽ انگريزي رسالن ۾ شايع ٿين ٿا ۽ پنهنجي ڏاڏي وانگر علم هيئت سان دلچسپي رکندڙ آهي ۽ علم هيئت تي سندس هڪ ڪتاب زير طبع آهي. آفريڪا ۾ يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ واپار ڪري ٿو. مرزا افضل جي وڏي نياڻي اديب امتحان پاس ڪيل آهي. ٻي نياڻي-ايم اي ۾ فائن آرٽس جي تعليم وٺي رهي آهي ۽ مشهور آرٽسٽ آهي، ٽين نياڻي بي-اي ۽ ٻه نياڻيون ايم-بي-بي – ايس آهن.

مرزا انور حسين
مرزا محمد دين جو ننڍو پٽ انور حسين مغربي پاڪستان جو جوائنٽ ڊائريڪٽر آف انڊسٽريز جي عهدي تي فائز آهي ۽ ڪراچي ۾ رهي ٿو. مرزا محمد دين جي زندگي سبق آموز آهي.

مغل پير بخش
سکر جي مغلن مان مستري پير بخش خان جو والد مرزا امير بيگ 19 صديءَ جي شروعات ۾ گهوڙن جي واپار سانگي پنجاب جي شهر وزير آباد پهتو، مگر سمورو قافلو سکن لٽي ورتو ۽ مرزا امير بيگ جان بچائي ملتان پهتو. انڊس فلو ٽيلا ڪمپنيءَ جا جهاز ڪوٽڙي کان ملتان تائين ايندا ويندا هئا تن جي گورن ملازمن کي کاڌو کارائڻ جو ٺيڪو مرزا امير بيگ کنيو هو. 1858ع ۾ ملتان کان ڪوٽڙي پهتو ۽ 1883ع ۾ سکر جي ليمجي چاڙهي تي جاءِ جوڙائي سکر کي وطن جوڙي ويٺو. کيس ٽي پٽ هئا. الهڏنو خان، پير بخش خان ۽ وزير علي بيگ. پير بخش خان فن عمارت سازي جو ماهر هو. چنانچه خيرپور ڊويزن جون جيڪي به وڏيون بلڊنگون آهن، جهڙوڪ سکر لائيڊ بئراج، جنرل پوسٽ آفيس، پارسي آتشخانو سکر ۽ فيض محل خيرپور وغيره سندس زير نگراني ۾ تعمير ٿيون. وڏا وڏا ٺيڪيدار مستري صاحب کان صلاح وٺندا هئا. 1962ع جي شروعات ۾ 110 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين. سندس وڏو پٽ تاج محمد خان رٽائرڊ سب ڊويزنل آفيسر آهي ۽ سندس جايون سکر ريلوي اسٽيشن جي ڦاٽڪ جي لڳ آهن. تاج محمد خان به فن عمارت سازي جو ماهر آهي.

ميمڻ
ميمڻ معنيٰ ”مومن“. ميمڻ قوم جا ٽي طبقا آهن: (1) هالاري (2) اوکائي (3) ڪڇي. انهن مان سکر نئين جو بنياد پوڻ وقت پهرين ڪابل جي ويڙهه 1838ع ۾ ڪڇي ميمڻ ڪمسريٽ جا ٺيڪا کنيا. اهي پهريان ميمڻ ڪڇي هئا. تقسيم کان پوءِ ڪاٺياواڙي هالاري ۽ اوکائي ميمڻ به سکر کي وطن جوڙيو. اهي وڏا واپاري، رفاه عام جي ڪمن ۾ حصو وٺندڙ ۽ مخير مومن آهن. هن ڪتاب ۾ اوائلي سکر جي ميمڻن جو بيان ڏيون ٿا.

سيٺ جان محمد
سيٺ جان محمد ولد حاجي محمد ذڪريا سکر جو اوائلي وڏو ٺيڪدار هو، جنهن بمبئي بئنڪ واري عمارت، پوليس سپرنٽنڊنٽ جي آفيس، انڪم ٽيڪس آفيس، عبدالرشيد باغ جي پٺيان مختيار ڪار جي آفيس ۽ پٿر گودي جي پٺيان ريلوي ڦاٽڪ جي ڀر وارو بنگلو تعمير ڪرايا ۽ اهي سندن جايون هيون. تن ڏينهن ۾ سکر ۾ اهي وڏيون جايون هيون.

سيٺ حاجي جان محمد
سيٺ حاجي جان محمد ولد خميسو جي فريئر روڊ تي وڏو شاپ هو. سکر شهر ۾ هي پهريون ديسي شاپ هو، جنهن تي ولايتي شيون وڪامنديون هيون. شاپ تي گورن ۽ مئڊمن جو هجوم رهندو هو. ٻيو ته سيٺ صاحب بمبئي جا ڇاپيل علم دينيات جا ڪتاب به گهرائيندو هو. سيٺ آدم ۽ سيٺ رحمت الله حاجي جان محمد جا ڀائر هئا ۽ کيس 3 پٽ هئا: سيٺ حاجي موسيٰ، سيٺ محمد صالح ۽ سيٺ محمد صديق.

سيٺ عبدالستار
سيٺ عبدالستار ولد سيٺ آدم صدر خلافت ڪاميٽي سکر هو. ۽ بنا مقابلي ميونسپل ميمبر چونڊيو ويو هو. هن نوجوان سماجي ورڪر 1925ع ۾ وفات ڪئي، سندس جنازي سان هزارين مسلمان شامل هئا. اهو سندس هر دلعزيزي جو ثبوت هو. سندس 3 پٽ عبدالڪريم، عبدالرحيم ۽ عبداللطيف ڪراچي ۾ رهن ٿا.

سيٺ حاجي هاشم
سيٺ حاجي هاشم ولد سيٺ رحمت الله هن وقت گرين شاپ جو مالڪ آهي، وٽس بيڪري به آهي. سيٺ محمد عثمان ولد سيٺ عبدالرحمان مڇين ڦاسائڻ جي ڪنڍين جو واپاري هو. هينئر سيٺ عبدالرحمان جا ڏهٽا اهو ڌنڌو ڪن ٿا.

سيٺ حاجي عبدالرحمان
سيٺ حاجي عبدالرحمان ٿارياڻي جنرل مرچنٽ هو، جنهن کي 3 پٽ هئا: سيٺ حاجي احمد، عبدالله ۽ محمد. سيٺ حاجي احمد وٽ فريئر روڊ تي البرٽ پرنٽنگ پريس هئي، جتان روزانه سنڌي آفتاب اخبار ۽ هڪ هفتيوار انگريزي اخبار ”مرڪنٽائيل گزٽ“ شايع ٿينديون هيون. آفتاب اخبار سکر جي مسلمانن جي پهرين اخبار هئي. سکر جا ميمڻ مخير ۽ سماجي ورڪر هئا، تنهنڪري سندن بيان ڏنو ويو آهي.

منشي ميان محمود
منشي ميان محمود ولد عبدالرحمان ولد مولوي منشي حامد اصل ڪاٺياواڙي ميمڻ هئا ۽ پوءِ ڪڇ ۾ رهڻ لڳا. منشي پير حامد جي قبر فولا ڳوٺ جوڙيا (ڪڇ) ۾ آهي. کيس بيشمار مريد هئا ۽ مزار تي ساليانو ميلو لڳي ٿو. منشي عبدالرحمان ولد مولانا حامد جو پهريان قاضي جي عهدي تي فائز هو ۽ اتان رٽائرڊ ڪرڻ کان پوءِ حڪومت ڪڇ هن کي حيدرآباد سنڌ ڏانهن مڪو، ڇاڪاڻ جو سر چارلس نيپئر کي هڪ فارسي ڄاڻوءَ جي ضرورت هئي، جو هندستاني ۾ ترجماني ڪري سگهي. کيس 3 پٽ هئا: منشي علي محمد جو 15 ريجمينٽ جو صوبيدار ميجر هو. ٻيو منشي گل محمد جو ڪاردار هو. ٽيون خان بهادر نجم الدين جنهن ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان رٽائرڊ ڪيو. ميان محمود جو 1839ع ۾ ڪڇ جي راءُ ڊيسلجي جي ڏينهن ۾ سنڌ آيو، سندس اولاد حيدرآباد ۾ رهي ٿو.
منشي ميان محمود پهرين انگريزي دور ۾ ميرپور خاص ۾ پوليٽيڪل منشي ٿي رهيو ۽ بعد ۾ انڊس نيول سروس پاران سکر ۾ ايجنٽ ٿي رهيو ۽ پويان 22 سال سپرنٽينڊنٽ ۽ سيٽلمينٽ کاتي جو اسسٽنٽ آفيسر ٿي رهيو. منشي خاندان مان هي پهريون خاندان جو مدبر هو، جنهن 1839ع کان سکر کي وطن جوڙيو. سال 1811ع ۾ ڪڇ جي شهر انجاد ۾ ڄائو ۽ 1875ع ۾ وفات ڪيائين. عربي، فارسي ۽ اردو جو ڄاڻو هو. سندس ”ديوان محمود“ سندس پٽ خانبهادر پير بخش 1898ع ۾ لاهور مان شايع ڪرايو. سندس ڪلام سنڌي، فارسي، اردو، هندي ۽ سرائڪي زبان ۾ آهي.

منشي ميان پير بخش
ميان پير بخش ولد ميان محمود 1854ع ۾ ڄائو. سنڌي، فارسي ۽ انگريزي تعليم وٺڻ کان پوءِ پنهنجي قابليت جي ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي کي پهتو ۽ 1906ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. 1914ع ۽ 1918ع ۾ ٻه دفعا بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو سرڪاري ميمبر چونڊيو ويو. رٽائرڊ ڪرڻ کان پوءِ خانبهادر ميان پير بخش ”انجمنِ اسلام“ قائم ڪئي، ضلع مدرسه ۽ عيدگاهه انجمنِ اسلام جا ڪارناما آهن.
1914ع ۾ سکر ميونسپالٽي ۽ لوڪل بورڊ جو 9 سالن تائين صدر رهيو. خدمت خلق ۽ حڪومت سان ايماندار ۽ وفادار رهڻ ڪري حڪومت کيس ”ڪمپئينن آف انڊين ايمپار“ (سي – آئي – اِي) جو خطاب ڏنو ۽ زمين به ڏني. خانبهادر منشي پير بخش کي هندو توڙي مسلمان احترام جي نظر سان ڏسندا هئا. آنرري مئجسٽريٽ به هو. هر سال يارهين جي وڏي خيرات ڪندو هو ۽ علمائن کي کارائيندو هو. سندس پٽ ميان رسول بخش منشي 1883ع ۾ ڄائو ۽ 1904ع ۾ روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ ٿيو پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. ميونسپل ڪائونسل جو به ميمبر رهيو ۽ ڪو وقت سکر مسلم ليگ جو صدر رهيو. 1941ع ۾ حڪومت جي گڏيل لوڪل باڊيز جي چونڊن جي مخالفت ڪيائين. ميونسپل جي ميمبري جي زماني ۾ هندو سندس مخالف هئا. وفات 1947ع ۾ ڪيائين. ميان پير بخش جو ٻيو پٽ ميان نبي بخش انڪم ٽئڪس ڪليڪٽر هو ۽ بيجاپور ۾ رٽائرڊ ٿي سکر پهتو. فريئر روڊ تي رؤف برادرس جو ريڊيو جو دوڪان سندس پٽن جو آهي. 1958ع ۾ انقلابي حڪومت ميان نبي بخش کي بنيادي جمهوريت جو ميمبر چونڊيو. راقم جو دوست آهي. ميان رحيم بخش پهريان سکر ۾ وڪالت ڪندو هو. پوءِ پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو. اتان ترقي ڪري سيشن جج ٿيو بعد ۾ چيف ڪورٽ جو جسٽس ٿيو ۽ 31 جولاءِ 1961ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.
ميان رحيم بخش ميان پير بخش جو ننڍو پٽ آهي. ميان محمد بخش ولد ميان پير بخش زميندار 1956ع ۾ وفات ڪئي. ميان محمود ولد ميان پير بخش سب ڊويزنل آفيسر هينئر رٽائرڊ آهي. ميان پير بخش جو اولاد سکر بندر تي پنهنجن جاين ۾ رهي ٿو. فقط ميان رحيم بخش ڪراچي ۾ رهي ٿو.

سکر جا لکاڻي ميمڻ

سيٺ اسماعيل
سيٺ محمد اسماعيل لکاڻي ميمڻ جو والد سيٺ آدم رالي برادرس ڪمپني طرفان چمڙي جي خريداري ڪرڻ لاءِ 1907ع ۾ دلال جي حيثيت سان سکر ۾ ڌنڌو شروع ڪيو.
سيٺ اسماعيل صاحب ڌنڌي ڪرڻ سان گڏ سکر جو مشهور سماجي ورڪر هو. 1922ع کان 1957ع تائين سکر ميونسپالٽي جو ڪائونسلر رهيو. سيٺ اسماعيل سيٺ آدم جي سئوٽ سيٺ حسيني جي دختر سان شادي ڪئي. کيس گهڻو اولاد آهي. هو مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽي جو سرگرم عمل ميمبر هو. ريس ڪورس روڊ تي مسجد جنازه گاهه وارو پلاٽ سيٺ اسماعيل جي ڪوشش سان مسلمانن کي مليو. جو هڪڙي هندو ساڌو والاريو هو. سکر جي هندو ويرو مل جي روزانه اخبار ساڌوئن جي فائدي ۾ هئي، ٻئي طرف روزانه دعوتِ اسلام ۽ سنڌ زميندار مسلمانن جي مطالبي کي دهرائڻ لڳيون. آخر جنگ سيٺ اسماعيل کٽي ۽ مسلمانن جنازه مسجد تعمير ڪرائي. سيٺ محمد اسماعيل جو اولاد سمورو برسر روزگار آهي. راقم سان دوستي هئس.

سکر جا پٺاڻ

سردار محمد علي خان
سردار محمد علي خان ولد امير شير علي خان ذات محمد زئي سکر جو پوليٽيڪل پينشنر ۽ وڏو زميندار هو. ٻي افغان ويڙهه وقت امير شير علي خان قنڌار جو والي هو، جنهن کي افغان حڪومت سياسي سببن جي ڪري جلاوطن ڪيو. جيڪو 1897ع ۾ ڪمشنر وينگٽ جي ڏينهن ۾ ڪراچي پهتو ۽ حڪومت سردار شير علي خان کي 5 هزار رپيا ماهوار پينشن ۽ رهائش لاءِ ڪراچي ۾ زمين ڏني. کيس ٻه پٽ هئا سردار محمد علي خان 1903ع ۾ سکر ۽ ميونسپل کان عيدگاهه لڳ اولهندي طرف زمين خريد ڪري بنگلو ۽ جايون جوڙائي رهڻ لڳو. حڪومت کيس چار سؤ رپيا ماهوار پينشن ۽ ميرپور ماٿيلي ۾ زمين ڏني. سردار محمد علي خان بلند اخلاق، پابند صوم و صلوات ۽ گوشه نشين بزرگ هو. عيد جي موقعن تي شهر جي شرفا کي ضيافتون ڏيندو هو. عبدالمجيد خان، پير ڪرم علي خان، ميان عبدالرحمان، بابو سليمان، پير بخش خان ۽ ماستر حبيب الله سان سندس برادري رستو هوندو هو. سندس وفات کان پوءِ سندس پويان سکر واريون جايون بلوچ زميندار صبح صادق کوسي کي وڪڻي ويا. سندس ميرپور ماٿيلي واري زمين سندس نالي ايراني پير صبغت الله شاهه سنڀاليندو آهي. آغا غلام نبي خان به پوليٽيڪل پينشز سکر بندر تي رهندو هو.

خداداد خان
خان بهادر خداداد خان ولد رضا محمد خان ترين پشين جي پٺاڻن مان هو، جو اتان لڏي سکر پراڻي ۾ رهڻ لڳو. کيس ٻه پٽ هئا. الله داد خان، جنهن 1888ع ۾ وفات ڪئي. خداداد خان 1838ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم سکر جي ڀر واري ڳوٺ چمن ۾ آخوند الله بخش کان حاصل ڪري، جامع خير الدين شاهه جيلاني ۾ داخل ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ميجر گولڊ سمڊ سنڌي اسڪولن مٿان ”ناظرِ مڪتب“ هو، تنهن خداداد خان جي لياقت ڏسي، کيس سرڪاري ملازمت ڏني. 1853ع ۾ شڪارپور جي جوڊيشنل ڊپٽي مئجسٽريٽ جو منشي ٿيو ۽ پنهنجي قابليت جي ڪري 1857ع ۾ ڪمشنر سنڌ جي سيڪريٽريٽ ۾ داخل ٿيو ۽ اتان ترقي ڪري پوليٽڪل سروس ۾ داخل ٿيو ۽ سرڪاري ڪميشن سان بغداد، دهلي، مڪران ۽ ڪوئيٽا تائين سفر ڪندو رهيو. پهريان خان صاحب جو خطاب مليس ۽ بعد ۾ 1893ع خان بهادر جو خطاب مليس. ازانسواءِ ٽي سؤ ايڪڙ زمين ٻن پيڙهين تائين جاگير مليس. جڏهن 1900ع ۾ ڪمشنر سکر ۾ درٻار ڪئي هئي، تڏهن 1898ع ڌاري ڪمشنر جيمس سنڌ ڇڏڻ وقت خان بهادر کي سندس علمي لياقتن جي ڪري هڪ نقرئي دستي سان ترار، تمغو ۽ سند ڏيئي جاگير لاءِ سفارش ڪري ويو. 1896ع ۾ سرڪاري ملازمت کان رٽائرڊ ڪري پنهنجي بنگلي سکر پراڻي ۾ رهڻ لڳو، جتي سندس مسجد آهي. 1903ع ۾ وفات ڪيائين ۽ پنهنجي بنگلي جي ڪمپائونڊ ۾ دفنايو ويو. مسجد جو ڪتبو هن طرح آهي:

آن خان بهادر خداداد خان
تاريخ لطيف گفت هاتف چو ساخته معبد عجائب
الله چه مسجد عجائب

سکر جي خاڪ پاڪ مان گهڻائي عالم، فاضل، صحافي پيدا ٿيا. خان بهادر به مؤرخ هو. تصنيفات جي فهرست هي آهي:

(1) لبِ تاريخ
سنڌ جي فارسي ۾ تاريخ آهي جا 1900ع ۾ رياض الهند پريس امرتسر مان شايع ٿي. منجهس ڪمشنرن جو بيان ڏنل آهي. هن جو تازو نسخو سنڌي ادبي بورڊ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان تيار ڪرائي شايع ڪرايو آهي.

(2) وقائع سير جيسلمير
خان بهادر 1859ع ۾ ميجر گولڊ سمڊ سان جيسلمير ويو هو. اهو ڪتاب 1867ع ۾ شايع ٿيو.

(3) خليج نامه
ايراني نار جو احوال ڏنل آهي جڏهن 1861ع ۾ خان بهادر ڪمشنر مينسفيلڊ سان گڏ بغداد ويو هو.

(4) مڪران نامه
1862ع ۾ خان بهادر ميجر گولڊ سمڊ سان گڏ مڪران ۽ ايران جي حد بندي ڪرڻ ويو هو. ڪتاب ۾ 19 صدي جي حالتن ۽ لس ٻيلي ۽ مڪران جو بيان ڏنل آهي، جو 1862ع ۾ شايع ٿيو.

(5) پل نامه
86 – 1887ع ۾ بمبئي جي گورنر لارڊ ري سکر جي لئنسڊائون پل جو افتتاح ڪرڻ آيو هو. ان موقعي تي بکر جي قلعي ۾ وڏي دربار لڳي هئي. سنڌ، پنجاب ۽ هندوستان جا وڏا ماڻهو آيا هئا، مير علي مراد خان به آيو هو. سکر ميونسپل پاران گورنر کي سپاس نامو پيش ڪيو ويو. جلسي ختم ٿيڻ کان پوءِ گورنر ڪوئيٽا، چمن ۽ شالا باغ ڏانهن ويو هو. جلسي جو انتظام خان بهادر ڪيو هو. پل نامه ۾ مفصل بيان ڏنل آهي.

(6) سياحت نامه
1892ع ۾ خان بهادر سرڪاري دوري تي راجڪوٽ، احمد آباد، پونا، اجمير، دهلي ۽ امرتسر ڏانهن ويو هو. مٿين شهرن جو بيان سياحت نامه ۾ ڏنل آهي.

(7) خيرپور نامه
مير سهراب خان ۽ سندس پٽن مير رستم خان، مير مبارڪ خان ۽ مير علي مراد جي جاگيرن، سياسي حالتن ۽ وفات جو بيان ڏنل آهي، جو 1894ع ۾ ڪراچي مان شايع ٿيو.

(8) سنڌ جي جاگيرداري جي تاريخ
خان بهادر سنڌ جي جاگيرن جي تاريخ مرتب ڪئي، جا 1886ع ۾ ”هسٽري آف ايلينيشن اِن دي پراونس آف سنڌ“ جلد 1 ۾ انگريزي ۾ ڏنل آهي.

(9) سنڌ جا شهر
ڪمشنر مسٽر ميري ويدر جي حڪم سان خان بهادر خداداد خان سنڌ جي ابتدائي ٽن ضلعن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور جي اهم شهرن ۽ بزرگن جا بيان 1869ع ۾ شايع ڪيا. ڪراچي ضلع جي منگهوپير، لاهوت، دروت، شاهه بلاول ۽ حيدرآباد ضلع جي رني ڪوٽ، نصرپور ٽنڊو فاضل، مخدوم نوح، رحمڪي بازار، اڏيرو لال، شڪارپور ضلع جي خواجه خضر، مناره مير معصوم، قاسم خاني ۽ بکر جا حالت قلمبند ڪيا. هن ڪتاب کي حڪومت سنڌ، سنڌي انگريزي ۾ ترجما ڪرائي سنڌ جي سرڪاري عملدارن ۽ برطانيه جي معززن کي ورهائي ڏنا. انهن ڪتابن کان سواءِ مڪلي نامه ۽ افسوس نامه به آهن. راقم جي ڪتبخانه ۾ فقط لبِ تاريخ ۽ خيرپور نامه موجود آهن.

آغا عبدالحميد خان
خان بهادر خداداد خان جو ننڍو پٽ ۽ سکر جو سماجي ورڪر ۽ ليڊر هو. ابتدائي تعليم سکر ۾ حاصل ڪري ڪراچي جي مشن اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ 1903ع ۾ انگلينڊ ڏانهن ويو ۽ اتي جي سينٽ پال اسڪول ۽ ڊائوننگ ڪاليج ۾ داخلا وٺي، مڊل ٽيمپل جو ميمبر ٿيو ۽ بئريسٽري لاءِ تياريون ڪرڻ لڳو، پر پوءِ ڪن مجبورين جي ڪري 1912ع ۾ سکر موٽيو. سکر جي پبلڪ لائيف ۾ ميونسپل ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿيو. وائيس پريزيڊنٽ ۽ مختلف ڪاميٽين جو چيئرمين رهيو. صحت ۽ صفائي ڪاميٽي جي چيئرمين جي حيثيت ۾ هن 3 اسپتالون جاري ڪرايون جن مان غريب آباد اسپتال تي عبدالحميد خان اسپتال نالو رکيو ويو. هينئر اهو نالو غائب آهي. ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو به وائيس پريزيڊنٽ رهيو. سکر شهر جي رفاه عام ڪمن ۾ سندس وڏو حصو هو. 1924ع ۾ سنڌ پاران مرڪزي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. انجمن صليب احمر جي پايه وجهندڙ مان هو ۽ بواءِ اسڪائوٽ ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو. 1936ع ۾ سکر پراونشل ڪوآپريٽو بنئڪ جو ميمبر ۽ پهرين چيئرمين ٿيو. 12 سالن تائين آنرري مئجسٽريٽن جي بينچ جو چيئرمين رهيو. سنڌي، آغا عبدالحميد خان کي احترام جي نظر سان ڏسندا هئا. راقم سان سندس دوستي هئي ۽ اڪثر خسخانه تي اچي ملاقات ڪندو هو. خوش اخلاق ۽ ملنسار هو. ڊسمبر 1960ع ۾ وفات ڪيائين.

بابر پٺاڻ

آغا عطا محمد خان
ميجر آغا عطا محمد خان جو والد آغا جان محمد خان ايم – پي – اي سلطان ڪوٽ جي بابر دراني پٺاڻ زميندارن مان آهن. جان محمد خان 1920ع ۾ تعلقه لوڪل بورڊ جو صدر هو ۽ 1926ع کان 1937ع تائين بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهيو. سنڌ جي بمبئي کان علحدگي بعد سنڌ انڊوائيزري ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. آغا جان محمد خان پراڻي وضع قطع جو بزرگ هو. خان بهادر کي سکر شهر پسند هو. اهڙي ڇڪ ڪري 1929ع ۾ پارسي ڪالوني سکر ۾ هڪ عاليشان بنگلو تعمير ڪرايائين. خان بهادر آغا جان محمد 1938ع ۾ وفات ڪئي. پٽس ميجر آغا عطا محمد خان انجمن صليب احمر ۽ ٻين ڪيترن رفاه عام جي ڪاميٽين جو ميمبر آهي. سکر پراڻي ڏانهن ويندڙ رستي تي ”شالامار“ سئنيما، جا سکر جي بهترين سئنيما آهي، سندس ملڪيت آهي.

آغا نظام الدين خان
خان بهادر آغا نظام الدين خان ولد آغا سيف الدين خان وڏو زميندار آهي. آغا سيف الدين خان 1919ع ۾ وفات ڪئي. 1940ع ۾ آغا نظام الدين کي حڪومت پاران خان بهادري جو خطاب مليو ۽ عظيم الشان بنگلو تعمير ڪرائي رهڻ لڳو. هو ڪيترا دفعا سکر ميونسپالٽي جو وائيس پريزيڊنٽ رهيو. راقم جو هم مڪتب دوست آهي. هر سال باقاعده محتاجن ۽ بيواهه زالن کي زڪوات ڏئي ٿو. آغا صاحب کي 3 پٽ آهن. آغا نجم الدين سکر ۾ وڪيل ۽ سماجي ورڪر آهي، آغا آصف علي خان ولايت پاس بئريسٽر آهي. آغا فخر الدين ولايت ۾ بئريسٽري پڙهي ٿو. آغا نظام الدين خان وڏو مهمان نواز آهي.

بارڪزئي پٺاڻ

آغا در محمد خان
آغا در محمد خان بارڪزئي دراني، جنهن جي اوطاق ڪوئينس روڊ تي آهي، ڳڙهي ياسين جو وڏو ميندار هو. در محمد خان جو ڏاڏو خان صاحب الله بخش خان ۽ عبدالڪبير خان پاڻ ۾ ڀائر هئا. الله بخش کي ٻه پٽ عبدالمجيد خان ۽ عبدالحميد خان هئا آغا در محمد خان جو پٽ عبدالمجيد خان لاولد هو. عبدالڪبير خان کي شمس الدين خان پٽ هو، جو لوڪل بورڊ ڊسٽرڪٽ جو ميمبر هو. کيس ٻه پٽ آغا بدر الدين ۽ آغا صدر الدين آهن.

آغا بدر الدين خان
آغا بدر الدين بدر عالم وٽ ڳڙهي ياسين ۾ وڏو ڪتبخانو آهي ۽ پاڻ علم ۽ ادب جو شيدائي آهي. سندس دسترخوان وسيع آهي. هن صاحب 1945ع ۾ ڳڙهي ياسين مان ”آشيانه ادب“ ماهوار رسالو جاري ڪيو ۽ 1937ع ۾ هفتيوار اخبار ”پيغامِ صلح“ جاري ڪيائين جا 1947ع تائين جاري رهي. آغا بدر عالم مسلم ليگ کي زور وٺائڻ لاءِ سکر مان روزانه اخبار انقلاب 45 – 1948ع ۾ جاري ڪرائي جا مقبل رهي پر ٻه دفعا حڪومت طرفان مٿس بندش پئي. آغا بدر عالم ڪو وقت سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر رهيو ۽ ون يونٽ خلاف چڱو بهرو ورتائين. سندس ٻه ڪتاب ”مسافر حجاز“ ۽ ”تحفته الطاهرين“ مشهور آهن. پوئين ڪتاب ۾ مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي جيڪي بزرگ مدفن آهن تن جو مختصر احوال فارسيءَ ۾ ڏنل آهي.

آغا تاج محمد
باگڙجي جي ترين قبيلي جو فرد، جنهن سکر گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ تعليم ورتي. پهريان، رياست خيرپور جي ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن جي عهدي تي رهيو سندس تعليم بي – اي، بي – ٽي تائين هئي. سنڌ يونيورسٽي قائم ٿيڻ کان پوءِ رجسٽرار مقرر ٿيو ۽ 1959ع ۾ وفات تائين انهيءَ عهدي تي فائز رهيو ۽ آمريڪا تائين مسافري ڪئي هئائين. سندس ڪوشش سان لطيف ڪاميٽي قائم ٿي، جنهن جو چيئرمين سيد ميران محمد شاهه صاحب آهي. هر سال ڪاميٽيءَ پاران ڀٽ شاهه تي ادبي ڪانفرنس منعقد ٿيندي آهي ۽ شاهه عبداللطيف جي علم ۽ فڪر متعلق هر سال هڪ رسالو شايع ٿيندو آهي. آغا تاج محمد جو پٽ آغا شهاب الدين ايم – اي آهي.

قزلباش پٺاڻ

آغا خداداد خان
آغا خداداد خان قزلباش افغان سکر جو وڏو واپاري واري تڙ تي رهندو هو. غريب آباد ۾ وٽس گهڻيون جايون هيون ۽ نئين ڳوٺ جي اتر ۾ سندس ميويدار باغ هو، جنهن جا نشان به مٽجي ويا آهن.

آغا غلام علي خان
آغا غلام علي خان ولد آغا خداداد خان به واپار ڪندو هو ۽ فنِ حڪمت جو به ماهر هو ۽ آنربل سر غلام حسين جي همشيره سان شادي ڪيائين. کيس ٽي پٽ ڄاوا: حسين علي خان، حسن علي خان ۽ جعفر علي خان. خداداد خان 1915ع ۾ وفات ڪئي.

آغا حسين علي خان
درويش قسم جو ماڻهو هو، ڪربلا معليٰ ۽ نجف اشرف جي زيارت ڪئي هئائين. 1955ع ۾ وفات ڪيائين.

آغا حسن علي خان
جنوري 1898ع ۾ تولد ٿيو. بمبئي يونيورسٽي مان بي – اي، ايل – ايل – بي پاس ڪرڻ کان پوءِ 1916ع ۾ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو. 1920ع ۾ مٿيون عهدو ڇڏي سکر ۾ وڪالت شروع ڪيائين ۽ 1923ع ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو ۽ 1931ع ۾ ايڊيشنل سيشن جج مقرر ٿيو. 1937ع ۾ سيشن جج ۽ 1943ع ۾ ايڊووڪيٽ جنرل ٿيو. بعد ۾ چيف ڪورٽ ڪراچي جو جسٽس مقرر ٿيو، جتان 1955ع ۾ رٽائرڊ ڪائين. آغا صاحب ۽ سندس ننڍي ڀاءُ آغا جعفر علي خان، خانبهادر عبدالعليم برٽش وائيس قونصلر مقيم مشهد جي ٻن نياڻين سان شاديون ڪيون، جن مان کين اولاد ٿيو.
آغا حسن علي خان جي ڪوشش سان سکر ۾ امام بارگاهه تعمير ٿي. آغا صاحب کي ڇهه پٽ آهن، سندن نالا هيٺ ڏجن ٿا:
آغا غلام علي – 1948ع ۾ سکر ۾ وڪالت شروع ڪئي ۽ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪويٽر آهي.
آغا امداد علي خان – پهريان ڪراچي ۾ وڪالت شروع ڪئي هينئر جيڪب آباد ۾ سيشن جج آهي.
آغا خادم علي خان – وليج ڊولپمينٽ کاتي ۾ عملدار آهي.
آغا ارشاد علي خان – پاڪستان هوائي کاتي ۾ پائيلٽ آهي ۽ آمريڪا ۾ تعليم ورتل آهي.
آغا رضا علي خان ۽ آغا اسد علي خان ڪاليج ۾ تعليم وٺن ٿا.

آغا جعفر علي خان
آغا جعفر علي خان ولد آغا غلام علي خان پهريان ايڪسائيز سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو، بعد ۾ وائيسريگل ڪميشن معرفت فوج ۾ سيڪنڊ ليفٽننٽ مقرر ٿيو. ٻي عالمگير جنگ ۾ ڪپتان جي عهدي تي ڪوئيٽا ۾ مومينٽ آفيسر ٿي رهيو. جنگ جي خاتمي کان پوءِ ڊائريڪٽر ايڪسائيز ۽ ٽئڪسيشن مقرر ٿيو. 1960ع ۾ رٽائرڊ ڪري ڪراچي ۾ رهي ٿو. کيس ٻه پٽ آهن.

قريشي

ميان نعمت الله قريشي
سنڌ جو قومي ڪارڪن ميان نعمت الله قريشي سکر جو سماجي ورڪر، مسلم ليگ جو وائيس پريزيڊنٽ، مسجد منزلگاهه ريسٽوريشن ڪاميٽي جو سرگرم عمل رڪن جو شمار سنڌ جي سياسي ليڊرن ۾ آهي ۽ اهڙين خدمتن جي ڪري کيس جيل ڀوڳڻو پيو. ميان نعمت الله صحافي به آهي. دعوتِ اسلام کي ٻه دفعا روزانو ڪرڻو پيو ۽ هندو اخبارن کي دعوتِ اسلام ذريعي دندان شڪن جواب ڏيندو رهيو. وٽس ٽائيلس فئڪٽري آهي. 1962ع ۾ مارشل لا لهڻ کان پوءِ سکر ۾ پهريون سياسي جلسو سندس زير صدارت ٿيو.

ڊاڪٽر محمد يامين
مرحوم ڊاڪٽر محمد يامين سکر جو قومي بيباڪ خدمتگار هو. سندس وڏا شاهجاهان جي ڏينهن ۾ مڪه کان هند ۾ پهتا ۽ جالنڌر ۾ مستقبل سڪونت اختيار ڪيائون. ڊاڪٽر صاحب 1912ع ۾ هجرت ڪري سکر کي وطن بنائي رهڻ لڳو ۽ دندان سازي جو ڪاروبار ڪندو هو. سندس دڪان فريئر روڊ تي هو ۽ هي پهريون دندان ساز ڊاڪٽر هو، جنهن سکر ۾ دندان سازي جو دڪان کوليو ۽ فڪر معاش کان آزاد هو. 1922ع ۾ خلافت تحريڪ ۾ شريڪ ٿيو. تنهن کان پوءِ آريا سماج جي شڌي ۽ سنگهٽن تحريڪ خلاف ڊاڪٽر صاحب ”انجمن تبليغ اسلام“ جاري ڪئي ۽ مولانا تاج محمد امروٽي صاحب، شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ سيٺ عبدالله هارون سندس ساراهه ڪرڻ لڳا. 1927ع ۾ تبليغ ڪانفرنس ڪوٺائڻ جي ڊاڪٽر صاحب رٿ ڏني هئي. 1928ع ۾ پنهنجي پرديس مان اخبار دعوتِ اسلام جاري ڪيائون، جا آزادي سان پنهنجو پارٽ ادا ڪرڻ لڳي. وري جڏهن پير صاحب پاڳاري تي حڪومت سکر ۾ ڪيس هلايو، پير صاحب پاران مسٽر محمد علي جناح، مسٽر صاحب سنگهه ۽ مسٽر احمد علي وڪيل هئا ته اهڙي اهم موقعي تي ڊاڪٽر يامين اخبار دعوتِ اسلام کي هفتيوار مان ڦيرائي روزانه ڪيو ۽ هن ڪم ۾ ميان نعمت الله قريشي ساڻس ٻانهن ٻيلي ٿي قومي ڪم ڪرڻ لڳو. سنڌ جدائي واري تحريڪ ۾ دعوتِ اسلام پنهنجي فرض کي ڪاميابي سان ادا ڪيو. 1939ع ۾ ڊاڪٽر صاحب نه صرف مسجد منزلگاهه واري تحريڪ ۾ انجمنِ اتحاد ملت جو ميمبر ٿي رهيو، پر دعوتِ اسلام کي ٻيو دفعو پنهنجي سر روزانو ڪيائين ۽ حڪومت بغاوت جي ڏوهه ۾ کيس ٻين ليڊرن سان گڏ جيل جي سزا ڏني. آزاد ٿيڻ کان پوءِ حڪومت هڪڙي مضمون شايع ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڊاڪٽر صاحب کي هڪ سال قيد جي سزا ڏني، جنهنڪري سندس صحت تي گهڻو اثر پيو. اهڙي حالت ۾ 1958ع ۾ حج تي اسريا ۽ حج جي ٻئي ڏينهن مڪه معظمه ۾ جان، جان آفرين جي سپرد ڪيائون ۽ اتي جي خاڪ کين نصيب ٿي. دعوتِ اسلام سنڌ جي صحافت ۾ چڱو نالو ڪڍيو ۽ دعوتِ اسلام پريس سکر، پير صاحب پاڳاري جي سموري ڪيس جي ڪاروائي کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو.
قيام پاڪستان کان پوءِ پهريون دفعو سکر جي مسلمانن ڊاڪٽر محمد يامين جي ورسي ميونسپال هال سکر ۾ زير صدارت راقم ملهائي. ميان نعمت الله قريشي ۽ راقم ڊاڪٽر مرحوم جي ڪارنامن تي ليڪچر ڏنا ۽ شاعر فيض بخشاپوري شعر پڙهيو. مرحوم ڊاڪٽر محمد يامين کي گهڻو ئي اولاد آهي. وڏو پٽ ڊاڪٽر عبدالعزيز والد جي دڪان کي هلائي ٿو، قومي خدمت جو ولولو رکندڙ آهي. ٻيو پٽ مسٽر رشيد اختر ائڊووڪيٽ سکر جو مشهور وڪيل آهي. کيس هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ تائين ڪيس هلائڻ جي اختياري آهي. انقلابي حڪومت جي مارشل لا دور ۾ اوٿ ڪمشنر به رهيو.

مولانا غلام سرور انصاري
مولانا غلام سرور انصاري ٽيلر ماسٽر ويٺل پنجاب جو سکر جي سرگرم قومي خدمتگارن ۾ شمار ٿئي ٿو. مسجد منزلگاهه ريسٽوريشن ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. حڪومت جن مسلمان مجاهدن تي بغاوت جو ڏوهه مڙهي مٿن ڪيس داخل ڪيو، تنهن فهرست ۾ مولانا غلام سرور جو نالو هو، جو ان وقت روپوش ٿي ويو ۽ سيٺ عبدالله هارون سندس ٻارن ٻچن لاءِ ڪجهه وقت ماهوار وظيفو گذر سفر لاءِ مقرر ڪيو هو. اهڙين مصيبتن کي سهندي مسلمان فتحمند ٿيا ۽ مولانا غلام سرور وطن سکر موٽي آيو. قيام پاڪستان کان پوءِ غلام سرور صاحب ۽ راقم مدرسه بورڊ تي ميمبر چوندجي ويا ۽ مدرسه جي مسجد شريف کي مولانا غلام سرور چندا گڏ ڪري نئين سر تعمير ڪرائي سينگاري منجهس پيش امام به مقرر ڪيو.

شيخ

بابو محمد سليمان
بابو محمد سليمان سکر جي مشهور ليڊر جو والد نو مسلم شيخ جان محمد ڪراچي سولجر بازار ۾ فوج جي راشن اسٽور ۾ ملازم هو ۽ اتي ئي مولوي تاج محمد مقيم گهوٽڪي جي هٿ تي اسلام قبول ڪيائين جو سولجر بازار مسجد ۾ پيش امام هو. شيخ محمد سليمان سندس والد جي اسلام آڻڻ کان پوءِ تولد ٿيو ۽ سندس والده ننڍي ڄمار ۾ فوت ٿي وئي، جنهنڪري هن جي تربيت پنهنجي والد جي آغوش ۾ ۽ تعليم مولوي تاج محمد صاحب وٽ ٿي. ابتدا ۾ پارسي، عربي تعليم حاصل ڪري ان کان پوءِ ڪراچي جي مشن اسڪول ۾ 4 درجا انگريزي پڙهي ٽپال کاتي ۾ ملازمت ڪيائين ۽ بوشهر، مسقط ۾ پوسٽ ماسٽر رهيو. اتان نوڪري ڇڏي ايران هليو ويو، جتي فارسي ۽ انگريزي جو مترجم مقرر ٿيو. ڪن سالن گذرڻ کان پوءِ اتان واپس اچي ڪوٽڙي ۾ ريلوي ڪلارڪ مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪري سکر ريلوي اسٽور ۾ اسٽور ڪيپر مقرر ٿيو، ۽ وري ڪوئيٽا جي ريلوي آفيس ۾ هيڊ ڪلارڪي تي پهتو، پر ستت ئي نوڪري ڇڏي ڪن ڀائيوارن سان گڏجي پريس خريد ڪري سکر ۾ قائم ڪئي ۽ ان جي شاخ ڪوئيٽا ۾ ڪڍي وئي. شيخ محمد سليمان ڪوئيٽا مان ”بلوچستان گزٽ“ نالي اخبار جاري ڪئي، مگر پوءِ 1893ع ۾ ڀائيوارن کان جدا ٿي پريس تي مڪمل قبضو ڪيائين. 1895ع ۾ سکر ۾ سخت پليگ پئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو مئا ۽ شهر ويران ٿي ويو، مگر شيخ محمد سليمان وڏي همت سان شهرين جي خدمت ڪندو رهيو ۽ لاوارثن جي ڪفن دفن ۽ رهيل ماڻهن کي راشن وغيره پهچائڻ جو سمورو ڪم پنهنجي سر ڪندو رهيو. انهن خدمتن جي ڪري سکر شهر جي مسلمانن هن کي پنهنجو ليڊر تسليم ڪيو. 1900ع ۾ مسلمانن هڪ فنڊ گڏ ڪيو هو، جو نجم الدين فنڊ سان مشهور آهي، هن ارادي سان ته حيدرآباد ۾ ”مسلم هال“، ”لا ڪلاس“ ۽ اخبار جاري ڪئي وڃي. اخبار جي ادارت ۽ قانوني خدمات لاءِ مسٽر علي محمد دهلوي (بعد سر علي محمد وزير حڪومت بمبئي) کي گهرايو ويو، مگر اڳتي هلي فنڊ گڏ ڪندڙن جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيو ۽ معاملو ڪورٽ تائين ويو. ان وچ ۾ سردار محمد يعقوب خان، جو مٿين فند جو باني هو. شيخ محمد سليمان کي گهرائي، چيو ته جيستائين ڪورٽ جو فيصلو ٿئي، تيستائين اوهان سنڌ جي مسلمانن لاءِ اخبار جاري ڪريو. سردار صاحب جي صلاح وٺي شيخ صاحب سنڌي ۽ انگريزي ۾ سکر مان ”الحق“ اخبار جاري ڪئي، جنهن جي انگريزي حصي جي ايڊيٽري مسٽر علي محمد بار ائٽ لا ڪندو رهيو. 1901ع ۾ الحق کي سکر کان حيدرآباد آندو ويو. سکر پوءِ 1907ع ۾ پريس وري واپس سکر آندي وئي. سيخ محمد سليمان سکر ۾ رهي جيڪي مسلمانن جون خدمتون ڪيون، تن مان ڊسٽرڪٽ نورڊنگ هائوس، مدرسته الاسلام ۽ ”انجمنِ اسلام“ قائم ڪرڻ نمايان خدمتون آهن. هو انهن جماعتن جو وفات جي دم تائين سيڪريٽري رهيو ۽ سنجيدگي سان خدمت ڪندو رهيو. سکر جي عيدگاهه اڄ ڪلهه پنهنجي گلريزي ڪري ”گلشنِ عيدگاهه“ سڏجي ٿي ۽ سندس هيمشه قائم رهڻ واري يادگار آهي. هي مسلمانن جو خادم بزرگ انهيءَ وقت تائين قوم جي خدمت ادا ڪندي، 8 – جون 1908ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ سکر جي شيخ شينهن جي قبرستان ۾ دفن ٿيو. کيس 3 پٽ هئا، جن مان شيخ عبدالعزيز ۽ شيخ عبدالحڪيم مالڪ اخبار الحق وفات ڪري ويا، ڊاڪٽر شيخ عبدالباقي ٽنڊي ڄام ائگريڪلچر کاتي جو وڏو عملدار آهي. شيخ محمد سليمان شڪل شبيه ۾ رعبدار هو ۽ سندس شخصيت پيشانيءَ مان پڌري هئي.

ماستر حبيب الله
شيخ حبيب الله ولد شيخ ملان عبد الله بکري 1862ع ۾ سکر پراڻي ۾ ڄائو. ماستر صاحب جا وڏا هندو خيرپور رياست جا رهاڪو هئا. هن خاندان جي جداعليٰ ليلارام اسلام اختيار ڪيو ۽ سندس اسلامي نالو ڏاتر ڏنو هو، جو ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ ننڍي عهدي تي مامور هو. ملان عبدالله سندس چوٿين پيڙهي مان هو. ماستر حبيب الله صاحب ابتدائي تعليم فارسي ۽ عربي ۾ شاهه خير الدين گيلاني رح جي مڪتب جامع مسجد ۾ ورتي. بعد ۾ سرڪاري سنڌي اسڪول نئين سکر ۾ داخل ٿيو هتان فارغ ٿي سکر جي وڏي بزرگ مولانا عبدالرحمان کان تعليم وٺي سکر مين اسڪول ۾ سنڌي ماستر ٿيو ۽ ترقي ڪري هيڊ ماستر ٿيو. 95 – 1896ع واري پليگ ۾ خدمت ڪندي ليڊر تسليم ڪيو ويو ۽ شيخ سليمان جو مددگار ٿي رهيو. اخبار الحق کي سڌاري سکر مدرسه جي اسڪيم ۽ عيدگاهه جي تعمير لاءِ فند گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ 1937ع ۾ وفات تائين عيدگاهه جو متولي ٿي رهيو. عيدگاهه جي اتر وارو عاليشان دروازو ماستر صاحب پنهنجي خرچ سان تعمير ڪرايو. شيخ حبيب الله مدرسه بورڊ جي ميمبر بہ هو. 1935ع ۾ خان بهادر پير بخش منشي جي وفات کان پوءِ انتظامي ڪاميٽي جو ميمبر ٿيو ۽ بورڊ جو اعزازي آڊيٽر ٿي رهيو. 12 سال سکر ميونسپالٽي جو ميمبر ۽ ورهين تائين پرائمري اسڪول بورڊ جو چيئرمين رهيو. 1919ع ۾ خان بهادر محمد ابراهيم وزير خيرپور ”آل انڊيا مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنس“ جو اجلاس خيرپور ۾ گهرايو، جنهن ۾ سکر ضلع پاران ماستر حبيب الله نمائندو ڪانفرنس لاءِ نامزد ٿيو. حبيب الله صاحب هندستان جي گهڻن ئي اوليائن جي درگاهن جي زيارت ڪئي هئي. وفات کان اڳ حج بہ ڪري آيو ۽ زندگيءَ جا پويان ڏينهن گوشه نشين ٿي رهيو. وقت جي بزرگن جهڙوڪ سخي قبول محمد سجاده نشين درگاهه سچل سرمست راڻيپور، مولانا عبدالغفور همايوني، پير صاحب پاڳارو ۽ مخدوم صاحب هالا سان سندس تعلقات هئا. 1937ع ۾ وفات ڪيائين. پنهنجي قبرستان ۾، جو سکر اسٽيشن جي اتر اوڀرندي واري ٽڪريءَ تي آهي، سپرد خاڪ ڪيو ويو.

شيخ عبدالواحد
شيخ عبدالواحد ولد شيخ خدا بخش، شيخ حبيب الله جو ڀائيٽو، راقم جو هم مڪتب، انڪم ٽئڪس کاتي ۾ انسپيڪٽر هو، جتان 1952ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين ۽ پنهنجون موروثي زمينون سنڀالڻ لڳو. 1957ع ۾ وفات ڪيائين.

عبدالرزاق
شيخ عبدالرزاق ولد عبدالرؤف ولد خدا بخش، سنڌ جو مشهور اديب ۽ شاعر متخلص ”راز“ ايم – اي سکر پراڻي ميونسپل هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر آهي. هن صاحب علي ڳڙهه ۾ تعليم ورتي ۽ اتان فارغ ٿيڻ کان پوءِ روزانه الوحيد اخبار جو مئنيجر ۽ هفتيوار ايڊيشن جو هڪ سال تائين ايڊيٽر رهيو. 1948ع ۾ موٽي وطن سکر آيو ۽ ست سال سکر ميونسپالٽي جو چيف آفيسر ٿي رهيو. ازانسواءِ حبيب الله پبليڪيشن جو سرپرست رهيو ۽ هفتيوار اخبار ”رهنما“ جو سنگ بنياد رکيائين ۽ سکر ۾ ”ادبي انجمن“ بہ قائم ڪيائين. اسلاميه ڪاليج سکر نئين ۾ سنڌيءَ ۽ اسلامي تاريخ جو پروفيسر آهي. سکر جي ادبي حلقن ۾ سندس خاص حصو رهندو اچي ٿو ۽ لطيف جي ادبي حلقن ۾ سندس خاص حصو رهندو اچي ٿو ۽ لطيف اڪيڊمي جو چيئرمين ۾ مجلس ادب ”رائيٽرس گلڊ“ جو ميمبر آهي. راز صاحب ٻين ڪيترين ڪاميٽين جو ميمبر آهي. راز صاحب مصنف، مورخ، افسانه نويس ۽ شاعر بہ آهي سندس تصنيفات مان تاريخ سلطنت دهلي، ڊاڪ بنگلو، مارئي کي ديس مين، پيهي منجهه پاتال ۾ شايع ٿيا آهن. تازو ڪتاب انگريزي ۾ سکر قديم ۽ جديد آهي جو 1962ع ۾ شايع ٿيو.

شيخ شرف الدين
روهڙي جي هڪ هندوءَ جو پٽ آغاز زندگي ۾ اسلام جو عاشق بڻجي پيو ۽ امروٽ جي بزرگن وٽ اچي اسلام اختيار ڪيو. سندس نالو شرف الدين رکيو ويو. شيخ صاحب هندو مذهب کان ايترو باغي ٿيو، جو پنهنجي پيءُ جو نالو آدم لکندو هو. امروٽي بزرگن جي ڪن دهلي جي معتقدن سان گڏجي هو دهلي روانو ٿيو، جتي تعليم حاصل ڪيائين. نهايت زيرڪ نوجوان هو. علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ انهن دهلي وارن جي سنگت ۾ حرمين شريف روانو ٿيو. نوجواني ۾ کيس حج ڪرڻ جي سعادت حاصل ٿي ۽ انهن جي سنگت ۾ دهلي موٽي آيو، جتي شيخ صاحب جي شادي جو بندوبست ٿيو. شادي ڪرڻ کان پوءِ هو وري وطن موٽيو ۽ سکر ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، جتي هن کي پوسٽ ماستر ڪري رکيو ويو. سندس وڏي نياڻي ماسٽر حبيب الله جي گهر ۾ هئي ۽ ٻہ نياڻيون هر هڪ روهڙي ۽ شڪارپور جي شيخن ۾ پرڻيل هيون. حاجي صاحب کي پنج پٽ هئا: هڪ عبدالقادر نالي سندس پٽ دهلي ۾ رهندو آيو ۽ سندس وفات ڪراچي ۾ ٿي. ٻيو پٽ شيخ عبدالرحمان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ هو جنهن جا ٻہ پٽ هينئر سکر ۾ واپار ڪندا آهن، سندس ٽيون پٽ شيخ عبدالرحيم هو جو مختيارڪار ٿي رٽائرڊ ڪيائين، سندس وڏو پٽ واپڊا ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ آهي ۽ ٻيو پٽ شيخ عبدالرحيم انگلستان ۾ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ ۾ عملدار آهي، ٽيون پٽ پٽ عبدالقدوس قرآن جو حافظ آهي جو پنهنجي مال املاڪ کي سکر ۾ سنڀاليندو آهي. شيخ شرف الدين جي وصيت موجب کيس پنهنجي مرشدن سرهندي بزرگن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو آهي.

مستري غلام حسين
آٽو موبائيل انجنيئر الحاج شيخ غلام حسين صاحب جو ڏاڏو پنجاب جو هندو کتري هو، جنهن مولانا عبدالغفور صاحب همايوني جي هٿ تي بيعت ڪري اسلام قبول ڪيو ۽ مولوي صاحب مٿس اسلامي نالو غلام محمد رکيو. حاجي غلام حسين جو والد شيخ مولان بخش ريلوي کاتي ۾ پمپنگ مستري هو. شيخ غلام حسين مڪينڪ جو ڪم سکر جي هڪڙي سک ڪاريگر هربنسنگهه وٽان سکيو، پوءِ پنهنجي اڻٿڪ ڪوشش ۽ قابليت ڪري ترقي ڪندو ويو. هن وقت موٽر سازي جا ٽي ڪارخانا آهن، جن ۾ موٽرن جي مرمت ڪرڻ کان سواءِ موٽرن جا پرزا بہ ٺهندا آهن. ريس ڪورس روڊ تي وٽس پيٽرول پمپ آهي. انهيءَ پمپ لڳ سروس اسٽيشن بہ آهي، انهن ڪارخانن ۾ اٽڪل هڪ سؤ مزور روزي ڪمائين ٿا ۽ ڪم سکن ٿا. ايڏن ڪارخانن ۽ مزورن جي هوندي بہ سيخ غلام حسين ۽ سندس ڀاءُ حاجي صادق علي مزورن وانگي هٿن سان ڪم ڪندا ۽ ڪارخانن جي نگراني ڪندا آهن. ٻئي ڀائر سماجي ورڪر ۽ مخير حضرات آهن. سکر ۾ ”موتي مسجد“ شيخ غلام حسين صاحب جي نہ مٽجندڙ يادگار آهي.

منشي عبدالله
سکر جي مشهور عريضي نويس شيخ عبدالله ولد مهرو مل هندو بيراڳي ڳڙهي خيرو جمالي جو زميندار هو. پٽس شيخ عبدالله حضرت تاج محمد امروٽي جي دست مبارڪ تي بيعت ڪري اسلام اختيار ڪيو. هندن، پير صاحب تي صغير کي گم ڪرڻ ۽ ناحق بند جو ڪيس داخل ڪيو ۽ ٻيو هڪ هندو سونارو ڇوڪرو بہ مسلمان ٿيو ۽ هندن ڪيس داخل ڪيو هو پر اسلام جو نشو هيڪر جنهن تي چڙهندو هو مٽجڻ مشڪل هو. شيخ عبدالله 1962ع ۾ سکر ۾ انتقال ڪيو ۽ سوناري ڇوڪري جو نالو شيخ نور الحق هو. جو عربي جو عالم آهي. شيخ عبدالله نوجواني جي زماني ۾ ڪيترا سال ماستر حبيب الله جي اوطاق تي رهيو.

ڊاڪٽر محمد عمر
ڊاڪٽر شيخ محمد عمر سکر جو مشهور سماجي ورڪر ۽ امروٽي بزرگ جو مريد آهي. پهريان جميعت احرار ۾ شريڪ هو ۽ سکر جو مشهور ڊاڪٽر آهي.

سرحدي پٺاڻ

ماستر محمد اسحاق
ماستر محمد اسحاق صاحب پشوري آخونند فقير محمد ۽ شيخ حبيب الله جو همعصر سکر مين سنڌي اسڪول ۾ ماستر ۽ قومي ڪارڪن هو. شيخ محمد سليمان ۽ ماستر حبيب الله سان گڏجي ڪم ڪيائين، خاص طرح عيدگاهه جي چندي گڏ ڪرڻ ۾ وڏي همت سان ڪم ڪيائين. هي پهريون سنڌي ماستر هو، جنهن ڪنڊر گارڊن امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. سکر جي سماجي ورڪر ليڊرن جي فهرست مان محمد اسحاق جو نالو ڪڍيو تہ خال رهجي ويندو.

محمد عمر خان
سندس ڀائر پهريان پشوري هئا، جن سکر جي ڇپري بازار ۾ پشوري ناس جا دڪان کوليا هئا. ناس جي ڪاروبار کان پوءِ محمد عمر خان ريلوي ۾ لوڊنگ جو ٺيڪيدار هو. خانبهادر محمد ابراهيم وزير خيرپور جي ڏينهن ۾ رياست خيرپور جي سرڪاري دفترن ۾ گهربل مال پهچائيندو هو. وفات بہ سکر ۾ ڪيائين ۽ پراڻي سکر ۾ شيخن جي مقام ۾ دفنايو ويو. ماستر حبيب الله، ماستر محمد اسحاق، شيخ محمد سليمان ۽ سردار محمد علي سان دوستي هيس.

محمد عظيم خان
حاجي محمد عظيم خان پشوري سکر ۾ واپار ڪندو هو ۽ وٽس وڏو گدام هو، جنهن مان آمدني هيس.

عبدالحق خان
عمدة الحڪماء ولد حاجي محمد عظيم خان جو وڪٽوريا مارڪيٽ لڳ حڪمت جو دڪان اٿس. حڪمت جي سند لاهور مان حاصل ڪيائين. حڪيم صاحب جو شمار سکر جي سماجي ورڪرن ۾ آهي ۽ ڪتب فروش بہ آهي. تجريد بخاري جا جلد مولوي وفائي صاحب کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي سنڌين تي احسان ڪيائين.

راج ولي خان
هزارا کان نڪري پيدل سفر ڪري حج ادا ڪيائين. ديارِ حبيب کان موٽندي سکر کي ٽالپرن جي دور ۾ وطن جوڙي ويٺو. هو پنڃارو هو ۽ دولت ڪمائڻ کان پوءِ خير جا ڪم بہ ڪرڻ لڳو. ڍڪ روڊ تي جاءِ جوڙائي هڪ مسجد بہ تعمير ڪرايائين ۽ ٽي جايون غريب آباد ۾ خريد ڪيائين. 1901ع ۾ وفات ڪيائين ۽ پٺيان چار پٽ امام بخش، رسول بخش، پير بخش ۽ حاجي خان ڇڏي ويو. انهن منجهان حاجي خان هن وقت زنده آهي.

ڪمانگر
سکر پراڻي ۽ نئين جا ڪمانگر شڪارپور کان آيل آهن. سندن ٽي پاڙا آهن، گجراتي، لاڙائي ۽ ٿاڻائي. مستري پريل آرائين ۾ ديرو دمايو ۽ مستري پير بخش، مستري احمد ۽ مستري نور حسن اهي اوائلي ڪاريگر هئا، جن سکر پراڻي کي وطن جوڙيو. ڪمانگرن جو چوڻ آهي تہ اهي علاؤ الدين خلجي جي لشڪر سان سومرن جي صاحبي ۾ سنڌ ۾ آيا، والله اعلم. پر ايترو پتو پوي ٿو تہ اهي نول غوري پير جا مريد آهن ۽ ان جي نالي تي منتون (باسون) باسيندا آهن.

مستري خدا بخش
سکر جي ڪمانگرن مان پهرئين شخص مستري خدابخش کي سرڪاري ڇپري بندر جي گدامن جي مرمت ڪرڻ لاءِ گهرايو هو جو پنهنجن شاگردن سان اچي سکر ۾ ويٺو. اهي ڪمانگر ڪاٺيءَ تي نقاشي ۽ رازي جو ڪم بہ ڪندا هئا، جڏهن اڃا گرڊرن جو رواج ڪو نہ هو. مستري خدابخش 1918ع ۾ وفات ڪئي.

ميان غوث بخش
ميان غوث بخش ولد مستري خدا بخش هن وقت بنيادي جمهوريت جو ميمبر آهي.

مستري عبدالغفور
ڪمانگر، جيڪي غريب آباد جي ڪمانگرن جي محلي ۾ رهن ٿا، انهن ۾ مستري عبدالغفور چڱو ڪاريگر هو. کيس ٻہ پٽ هئا. ميان عبدالمجيد جو جواني ۾ گذاري ويو، ننڍي پٽ ميان رسول بخش جو واڍڪو دڪان غريب آباد ۾ آهي.

ڀٽا
ڀٽا سکر جي هڪ قديم قوم آهي، جن جي رهائش سکر جي جهنگلي حصن ۾ هئي. ڀٽا، جن کي آرائين بہ چون ٿا ۽ انڊو پاڪ برصغير ۾ پکڙيل آهن ۽ شام، عراق، اردن، يمن ۽ حجاز ۾ بہ موجود آهن.
آرائين مٿن نالو ان ڪري پيو جو سندن اصل وطن آريها ARRIHA شام ۾ هو ۽ غازي محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ جهاد جي شوق ۾ ڀرتي ٿي 712ع ۾ سنڌ فتح ڪيائون. ڪي چون ٿا تہ ڀٽا حضرت سليم مڪي جي اولاد مان آهن، جنهن مڪه معظمه مان هجرت ڪري مدينه طيبه ۾ سڪونت اختيار ڪئي. سنڌ ۾ عربي حڪومت جي زوال کان پوءِ پنهنجي اباڻي ڪرت کيتي ڏانهن رجوع ٿيا. هو اصل شام جا رهاڪو آهن، تنهن ڪري عباسي حڪومت ۾ ڀائنجي ٿو معتوب ٿي ويا ۽ ڀڄي گمنام جاين تي پناهه ورتائون. سکر جو ڇپري بندر ڀٽن جون زمينون هيون. اهڙي ثبوت لاءِ وٽن ٻہ يادگارون آهن، (1) شيخ شينهن آرائين جي قبر، جا سکر شهر واسين لاءِ مشهور زيارت گاهه آهي. هن بزرگ متعلق روايتون آهن تہ شينهن تي سواري ڪندو هو. ٻي روايت آحي تہ هر جمعي رات شينهن اچي پڇ سان آستانه کي جهاڙو گهمائي ويندو هو. بهرحال شيخ جو لقب شينهن هوندو پر سندس نالو ڪو ٻيو هوندو جنهن کان ڀٽا قطعي بيخبر آهن. ٻي سکر ۾ ڀٽن جي يادگار ”ڇپري ڀٽا مسجد“ جا صرافڪي ۽ شاهي بازار جي وچ ۾ موجود آهي، پراڻن ڀٽن مان فقط محمد صادق ڀٽي جو نالو ٻڌجڻ ۾ اچي ٿو جو زراعت پيشه هو، پوءِ هندو زمينون وڪڻندا کپائيندا ويا.

محمد اسماعيل
محمد اسماعيل ڀٽو واپاري ۽ زميندار هو. ڀٽا روڊ تي سندس حاطو هو، سندس پٽن مان محمد سليمان سپرنٽينڊنٽ انجنيئر پهريون ساکرو مسلمان هو، جنهن 1934ع ۾ انگلينڊ مان انجنيئرنگ جو امتحان پاس ڪيو، ٻيو پٽ ڊاڪٽر غلام محمد جنهن جي اسپتال ڀٽا روڊ تي آهي. 1953ع ۾ ميونسپل ڪائونسلر، مسلم ليگ ميمبر ۽ جسٽس آف پيس هو.

محمد حسن
حاجي فقير محمد حسن خيبر جي ڪمن ڪري فقير جي لقب سان سڏبو آهي. هو پنهنجي واپار جي ڪمپني جو ايجنٽ آهي، جنهن جون ڪراچي ۽ والس گنج سکر ۾ برانچون آهن جيڪي سندس ٻہ پٽ هلائيندا آهن. وڏو پٽ صالح سکر ۾ ۽ عبدالغفور ڪراچي ۾. حاجي فقير محمد حسن کي شمس آباد ۾ برف شاپ آهي ۽ منجهس ڪولڊ اسٽوريج بہ آهي جو خيرپور ڊويزن ۾ پهريون ڪولڊ اسٽوريج آهي، قرآن شريف جي سيپارن جو ترجمو ڪرائي مفت تقسيم ڪندو هو، فقير صاحب وفات ڪري ويو آهي.

ڀٽن جا ڪارخانا
سکر ۾ ڀٽن جا پلٽ ۽ ليٽ جا گهڻائي ڪارخانا آهن، جهڙوڪ (1) حاجي پير بخش جي بئراج روڊ تي فائونڊري جو ڪارخانو، جنهن ۾ مشينن جا پرزا جڙن ٿا (2) مستري رسول بخش جو ڀٽا روڊ تي ڪارخانو فائونڊري ۽ ليٽ کان سواءِ ڪتر جون مشينون جڙن ٿيون (3) مستري ڪريم بخش جي شيخ شينهن روڊ تي فائونڊري.

بادل
حاجي بادل شينهن جو متولي هو. کانئس پوءِ پٽس عبدالله متولي ٿيو هو، سندس وفات کان پوءِ عبدالله جي پوين وٽ سندون نہ هئڻ ڪري خانقاه شيخ شينهن اوقاف کاتي جي ماتحت آهي.

مولوي محمد عظيم
مولوي محمد عظيم صاحب ڀٽو غريب آباد جي اڇي مسجد جو پيش امام، ڀاڳناڙي جي ڀٽن مان وڏو عالم ۽ پرهيزگار ٿي گذريو آهي. راقم وٽس ابتدائي تعليم قرآن شريف جي حاصل ڪئي. اها مسجد بہ ڀاڳناڙي جي ڀٽن تعمير ڪرائي هئي، اڄ ڪلهه جامع مسجد آهي.

سلواٽا
سکر جي سلواٽا ٻن طبقن ۾ ورهايل آهن. هڪڙا جيڪي غريب آباد جي اڇي مسجد جي ڀر ۾ رهن ٿا، سي مارواڙ جي پوڪران شهر جا رهاڪو آهن، هن طبقي مان سلطان دولتمند آهي، جنهن جي سلطان هوٽل اسٽيشن روڊ تي آهي، ليمجي جي چاڙهيءَ تي رهندڙ سلواٽا اڪثر جيسلمير جا رهاڪو آهن. سکر ۾ سندن قدامت لاءِ ٿرپارڪر جي ننگر پارڪر تعلقي جي ڳوٺ ڀالوا ۾ جيڪا مارئي جي پٿر جي ڪونڊي پيل آهي اها سکر جي سلواٽن جي ٺهيل چئي وڃي ٿي، سکر جي نرم پٿر وارين ٽڪرين کي ٽڪي روزي ڪمائين ٿا، ڪن وٽ پنهنجون جايون آهن ۽ ڪي مالدار بنجي سرڪاري ٺيڪا کڻندا رهيا.

مستري محمد عظيم
سلواٽن جي محلي جي هڪڙي گهٽيءَ تي سندس نالو آهي، پهريان سنگتراشي ڪندو هو پوءِ ٺيڪا کڻڻ لڳو. کيس نظر محمد اوورسيئر ۽ امام بخش ٻہ پٽ هئا.

مستري رضا محمد
مستري محمد عظيم جي ناٺي وڏو ٺيڪدار هو، ڪراچي کان ڪوٽڙي ڊبل ريلوي لائين جو ٺيڪو کنيو هئائين. لاولد وفات ڪري ويو.

حاجي امام بخش
حاجي امام بخش وڏو ٺيڪدار هو ۽ پوين لاءِ وڏي ملڪيت ڇڏي ويو.

محمد ابراهيم
ولد حاجي امام بخش لئنڊ لارڊ گهڻا سال ميونسپل ڪائونسلر رهيو. مناري هيٺان مارجيٽ ڏانهن ويندڙ ڏاڪڻ جا ٽڪر ڪاٽي ٺاهي ويئي آهي، سندس رٿ سان ميونسپل ٺهرائي.
انهن کان سواءِ مستري مولا بخش حال حيات ٺڪيدار هو. مستري سامو پي – ڊبليو – ڊي کاتي جو ٺيڪيدار هو.

بروهي
بروهين جا سکر ۾ ٽي قبيلا رهن ٿا – شاهواڻي، محمد شهي ۽ پندواني. سراوان ۽ جهالاوان کان نڪري سنڌ ۾ پهتا ۽ محنت مزوري ڪري گذرسفر ڪندا رهيا، انهن منجهان جن تعليم حاصل ڪئي، سي آسودا ۽ پنهنجن جاين ۾ رهن ٿا ۽ جيڪي علم کي بي بهره آهن، سي ٽڪري مٿان جهوپڙين ۾ رهي مزوري ڪن ٿا.

شير محمد خان
شير محمد خان ولد داد محمد خان تعليم يافته هئڻ ڪري انجڻ ڊرائيور هو. مزوري جي حالت ۾ سکر جي ليڊرن جهڙوڪ غوث علي شاهه، پيرزاده عبدالرحمان، ماستر شيخ حبيب الله، بابو محمد سليمان، ماستر محمد اسحاق سان سندس دوستي هئي. عيدگاهه کان چندو گڏ ڪرڻ وقت هن وڏي رقم سکر انجڻ سيڊ جي مزورن کان گڏ ڪئي. ريلوي عملدارن ۾ کيس ڪافي رسوخ هو. سکر انجڻ شيڊ ڪوارٽرن واري مسجد سندس صلاح سان ريلوي عملدارن تعمير ڪرائي، جا اڄ بہ موجود آهي. کيس چار پٽ هئا: رحيم داد خان (راقم)، غلام محمد خان، غلام نبي خان ۽ لعل محمد خان. کيس هڪ نياڻي هئي جا هن شير محمد خان چانڊيو گارڊ سان پرڻائي هئي. شير محمد خان بروهي 1935ع ۾ وفات ڪئي ۽ مرڻ کان اڳ پٽن لاءِ غريب آباد ريس ڪورس روڊ تي جاءِ جوڙائي ويو. غلام محمد خان انجڻ ڊرائيور هو. سندس ٻہ پٽ غلام مرتضيٰ خان بنيادي جمهوريت جو ميمبر ۽ داد محمد خان ٺيڪيدار آهي. غلام نبي خان، جيڪو جنرل غلام نبي جي نالي سان مشهور هو، گهڻا ورهيہ ميونسپل ڪائونسلر رهيو ۽ لئنڊلارڊ هو. مسلم ليگ جو سرگرم رڪن ۽ ريسٽوريشن ڪاميٽي جو منزل گاهه جي سوال وقت ميمبر هو. لئنڊ لارڊ دڪاندار هو. کيس ٽي پٽ آهن: امان الله خان، عنايت الله خان ۽ ظفر الله خان. اهي تعليم يافته آهن. لعل محمد خان هن وقت مغلپوره ريلوي ورڪشاپ ۾ فورمين آهي ۽ انگلينڊ بہ ويو هو. کيس ڪافي اولاد آهي.

رحيمداد خان
رحيمداد خان ولد شير محمد خان 1891ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم مولوي خدا بخش ابڙي ۽ مولوي محمد عظيم ڀٽي کان حاصل ڪري 4 درجا سنڌي ۽ 6 درجا انگريزي پڙهي، 1913ع ۾ انجڻ شيڊ روهڙي ۾ ڪلينر ٿيو، 1914ع ۾ فائر مين، بعد ۾ ٽرئفڪ کاتي ۾ ٽرين ڪلارڪ، يارڊ فورمين، سيڪنڊ گارڊ ۽ پوءِ گارڊ ٿيو. 1939ع ۾ ريلوي کاتي کان رٽائرڊ ڪيائين. 1941ع ۾ خان بهادر الله بخش سومري وزير اعليٰ سنڌ جي روزانه اخبار ”آزاد“ جو سب ايڊيٽر مقرر ٿيو. ريلوي ملازمت ڪندي سندس مضمون ستاره سنڌ، توحيد، المناره، الوحيد ۽ سنڌو ۾ شايع ٿيندا رهيا، پر اصلي نالي بدران ”مولائي شيدائي“ جي نالي سان شايع ٿيندا هئا. اهو نالو مولوي دين محمد وفائي، سيد علي محمد راشدي مٿس رکيو هو. روزانه ”آزاد“ ڪانگريسي اخبار هئي، تنهنڪري اتان ڇڏي 1945ع ۾ روزانه ”هلال پاڪستان“ حيدرآباد جو ايڊيٽر ٿيو. 1950ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو فيلو چونڊيو ويو ۽ پنجن سالن تائين اتي رهيو. ايوبي انقلابي حڪومت 1960ع ۾ مولائي شيدائي لاءِ هڪ سؤ رپيا ماهوار وظيفو مقرر ڪيو جو هڪ سال کان پوءِ بند ٿي ويو. 1962ع ۾ رائيٽرس گلڊ ڪاميٽي سنڌ ريجن جي سفارش سان هن لاءِ وظيفو جاري رهيو. رحيمداد خان مولائي شيدائي سنڌ جو مڃيل اديب، صحافي ۽ پاڪستان پبليڪيشن جي ڪتاب ”سنڌي ادب“ ۾ محقق ڄاڻايل آهي.

تصنيفات
مختصر تاريخ بلوچستان – 1941ع ۾ سکر مان شايع ٿي، جنهن کي علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، ٽيچرس لائبريري ۽ سيڪنڊري اسڪولن لاءِ منظور ڪيو، حڪومت برٽش بلوچستان کان 4 سؤ روپيا ۽ درٻار قلات کان اڍائي سؤ روپيا انعام مليا.
جنت السنڌ – سنڌ جي تاريخ حوالن سان، جنهن لاءِ کيس هڪ هزار روپيا سنڌي ادبي بورڊ ڏنا ۽ 1958ع ۾ شايع ٿي.
بلوچستان ۾ مهدوي تحريڪ – هي هڪ ڪتابچو آهي جو مهدوي جماعت شهدادپور، ڪراچيءَ مان اردو ۾ شايع ڪرايو.
فيلو شپ عرصي جا ڪتاب: (1) تاريخ تمدن سنڌ – جا 1959ع ۾ سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد مان شايع ٿي. (2) روضته السنڌ جا تاريخي جاگرافي آهي. (3) تاريخ هندو ڊاڪٽر سي – ڊيويز ريڊر آڪسفورڊ يونيورسٽي جي انگريزيءَ جو سنڌي ترجمو.
موسوين جي مختصر تاريخ – ميرڪي ساداتن جي ابتدائي تاريخ آهي.
تاريخ خاصخيلي – خاصخيلين جي مختصر تاريخ آهي، جا حڪيم نور محمد ندوي خاصخيلي لکرائي شايع ڪرائي. مصنف کي پنج سؤ روپيا حڪيم ڏنا.
سر غلام حسين هدايت الله – خان بهادر نظام الدين پٺاڻ مصنف کي هڪ سؤ روپيا ڏيئي لکرائي شايع ڪرائي.
سنڌ جي اقتصادي تاريخ – سر ڳواسي ڊاڪٽر ايس – بي ڇٻلاڻي ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ انگريزي ۾ لکي آهي، جنهن کي سر الحق ايم – اي سنڌي ۾ ترجمو ڪو ۽ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرائي آهي. ڪتاب ۾ 1592ع کان 1842ع تائين بيان ڏنل آهي، مولائي جا مؤمن جي دڙي کان 1596ع تائين لکيل تاريخ تي دستخط موجود آهن.
مقالات شيدائي – 4 جلد مولائي شيدائي جا وقت بوقت رسالن ۽ اخبارن ۾ جيڪي مضمون شايع ٿيندا رهيا موجود آهن.
سنڌ جا قديم شهر – جلد پهريون دستخط موجود آهن.
مڪتوبات شيدائي – مولائي شيدائي کي وقت بوقت جيڪي خط مليا، سي ”ميخانه مولائي“ جي عنوان سان موجود آهن.
سوانحِ عمري – مولائي جي قلم سان خودنوشته زندگي جي سفر جو بيان آهي.
تاريخِ سکر – دستخط جي صورت ۾ موجود آهي مسٽر مولائي کي فقط هڪ نياڻي آهي. نرينه اولاد ڪونهي.

حاجي شير محمد خان
حاجي شير محمد خان چانڊيو، شير محمد خان بروهي جو ناٺي ريلوي کاتي ۾ گارڊ هو. ريلوي کاتي کان رٽائرڊ ٿي حج ڪري آيو ۽ باقي عمر جا ڏينهن گوشه نشيني ۾ گذاريائين. اسٽيشن روڊ تي جيڪا ريلوي ڪوارٽر وٽ وڏي مسجد آهي، تنهن جو سنگ بنياد حاجي شير محمد خان هٿان رکايو ويو. جامع عربي، جا 1933ع ۾ غريب آباد ۾ قائم ڪئي ويئي، ان ۾ حاجي صاحب چندي جي مدد ڪئي. کيس ٽي پٽ آهن، علي بخش خان، واحد بخش ۽ حاجي شير محمد خان، هن 1953ع ۾ وفات ڪئي.

رئيس علي بخش خان
رئيس علي بخش خان زميندار ۽ لئنڊلارڊ ولد حاجي شير محمد خان بہ ريلوي ۾ گارڊ هو. رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي زمين دادو واري جي سنڀال ڪري ٿو ۽ لاڙڪاڻه ۾ رالي باغ واري هنڌ تي سندس جايون آهن، کيس پنج پٽ – محمد اسلم، محمد اڪرم، محمد اشرف، محمد افضل ۽ محمد اصغر آهن. رئيس علي بخش کي سکر ۾ جايون آهن.

غلام محمد خان
حاجي غلام محمد خان ويٺل چپري ميونسپل ڪائونسلر هو ۽ شخصيت رکندڙ هو. پٽس غلام رسول بہ ميونسپل ڪائونسلر هو. حاجي غلام محمد خان جو ڀاڻيجو حاجي رحمت الله خان ريلوي ورڪشاپ ۾ مستري هو.

دهلوي ۽ پنجابي

انعام الاهي
اصل دهلي جا رهاڪو هاڻ سکر سندن گهڻي عرصي کان وطن آهي. انعام الاهي صاحب ٺيڪيدار آهي.

مهر الاهي
مستري حاجي الاهي ريلوي ورڪشاپ ۾ مستري هو. کيس 6 پٽ آهن:
عمر الاهي، محبوب الاهي، مشتاق الاهي، مقبول الاهي، نور الاهي، بخش الاهي. حاجي مهر الاهي صاحب جو سؤٽ آهي.

صوفي محمد رفيع
محمد رفيع صاحب رٽائرڊ ڊي – ايس – پي بئراج ۾ رهي ٿو، احمديه تبليغ جو وٽس مرڪز آهي.

محمد ياسين خان
حاجي مهر الاهي مستري جو ڀاءُ محمد ياسين خان وٽ سائيڪل رپئرس جو دڪان آهي.

غلام نبي
غلام نبي زين ساز سيالڪوٽي کي سکر جي فريئر روڊ تي زين سازي جو واحد دڪان هو، کيس وڏي ڪمائي هئي، هينئر سندس پٽ کي شڪارپور روڊ تي زين سازيءَ جو دڪان آهي.

مستري روڙو
سکر بندر گاڏي حاطي ۾ مستري روڙي پنجابي جو لوهارڪو دڪان هو، دڪان چڱو رنگ ڄمايو، روڙو صاحب محنت ڪري دولتمند بنجي ويو ۽ خير خيرات چڱي ڪندو هو، محتاجن ۽ درويشن کي ڪو نہ موٽائيندو هو. گاڏي حاطي ۾ سندس جوڙايل مسجد نہ مٽجندڙ يادگار آهي. سندس پويان ٺيڪيدار آهن، سکر جا ڪاسائي جلندري آهن.

قاضي

قاضي سومر
سردار علي شاهه جي ڪارخاني لڳ مرحوم قاضي سومر جون جايون آهن، لئنڊلارڊ هو.

قاضي غلام دستگير
قاضي غلام دستگير ولد قاضي سومر گهڻن سالن تائين سکر ميونسپالٽي جو ڪائونسلر ۽ سينيٽري ڪاميٽي جو ميمبر هو، لئنڊلارڊ هو.

قاضي عبدالخالق
قاضي عبدالخالق صاحب روهڙي جي قاضين جو فرد سکر جو مجذوب پهريان روهڙي ۾ رمضان ٽيلر ماسٽر وٽ درزڪو ڪم سکندو هو. سندس والد پوسٽ ماسٽر هو، جنهن هن کي پڙهائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر عبدالخالق پاڻ کي پچائڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ دفعي ڪو درويش روهڙي شهر ۾ آيو، استاد رمضان ۽ سندس شاگرد عبدالخالق ٻئي درويش جا مريد ٿيا. قاضي صاحب دڪان ڇڏي وعظ واري مسجد روهڙي جي ڀر ۾ وڃي ويٺو. جڏهن اهو هنڌ ناڙا ڇوڙ ۽ رفع حاجت سان ڀري ڇڏيائين ۽ ماڻهن سندس ڌيان ڇڪايو، تڏهن اتان اٿي عيدگاهه واري ٽڪريءَ تي قاضين جي قبرستان ۾ وڃي ويٺو، جڏهن اهو هنڌ بہ ڀري ڇڏيائين، تڏهن سکر وڪٽوريا مارڪيٽ جي ڏکڻ پاسي واري ديوار ٻاهريان چمنداس حلوائي جي دڪان جي سامهون ديوار کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو، ڪجهه وقت کان پوءِ مارڪيٽ جي شربت وارن اڳيان ناليءَ تي وڃي ويٺو. بعد ۾ غريب آباد سڪي تلاءُ ۾، جتي شهر جو ڪچرو اڇلائيندا هئا، اتي ويٺو. آخر وزير نالي هڪ ناڙي وال قاضي صاحب کي کڻي هڪ چوديواري ۾ بند ڪيو جتي ماڻهو مجذوب کي ڏسڻ ايندا هئا ۽ وزير جي روزي کلي وئي، قاضي صاحب هينئر سفيد ريش پنهنجي آستاني ۾ رهي ٿو ۽ مٿانس ماڻهن جو هر وقت هجوم رهي ٿو.

مڪراني
سکر جا مڪراني بلوچ شيخ شينهن جي قبرستان پٺيان مڪراني محلي ۾ رهن ٿا ۽ پنهنجون بلڊنگون اٿن، 1908ع ۾ پشم جي ڌنڌي ۽ واپار ڪرڻ جي ارادي سان سکر اچي ويٺا. اهي اڪثرت هوت، لاشاري، درزاده ۽ نقيب ذاتين مان آهن. 1947ع ۾ هندن جي لڏپلاڻ ڪري سندن ڌنڌي ۽ واپار کي نقصان پهتو.

سيٺ داد محمد خان
سندس ڀاءُ سيٺ رحمت خان ولد خالق داد خان لاشاري لکا پتي سيٺيون هئا، وٽن پشم جا ڪارخانا هئا، جن ۾ مزور مرد ۽ عورتون ڪم ڪندا هئا. 1947ع تائين ڪارخانا قائم رهيا.

جمعدار
جمعدار داد محمد کي شڪارپوري روڊ تي هوٽل ۽ بلڊنگ هئي، 1937ع ۾ وفات ڪيائين، پٽس علي محمد خان ڪراچي ۾ پشم جو ڌنڌو ڪري ٿو. جمعدار محمد، جمعدار الياس، جمعدار محمد عيسيٰ ولد فيروز شاهه پشم جو ڌنڌو ڪندا هئا.

مولوي احمد
مولوي احمد ۽ سندس ڀاءُ منشي جان محمد ۽ ڪي ٻيا عالم، فاضل ۽ پرهيزگار هئا، مولوي احمد ۽ جان محمد جو والد محمد بيت الله خان هو، بندر تي مڪرانين جي مسجد سکر جي مشهور مسجدن مان آهي، جنهن جو خرچ محلي وارن مڪرانين جي چندي سان هلي ٿو. مولوي احمد جو قرآني تعليم جو جيد عالم ۽ مفسر پيش امام هو، هينئر سندس ناٺي مولوي خير محمد ولد جان محمد پيش امام ۽ مسجد جي نگراني ڪري ٿو. ڪي موٽر ڊرائيوري ۽ ڪي مزوري ڪن ٿا.

ڀٽي

حافظ عبدالحميد
ڀٽي راجپوت چند رونسي ڪل مان آهن، جيسلمير جي راولن جي دعويٰ آهي تہ ڀاٽي سري ڪرشن جو اولاد آهن. وري جيڪي مسلمان ٿيا، سي ڀٽي سڏجڻ لڳا. حافظ جان محمد بزرگ عالم هو جنهن المنار سکر مان شايع ڪئي ۽ مدرسو قائم ڪيو. سنڌ ۾ چوڻي آهي ته:

”سنڌ سمو، ڪاڇو چنو، ڀٽي جيسلمير“ حافظ عبدالحميد ولد حافظ جان محمد، فاضل جامعه عربيه ٺيڙهي ايڊيٽر هفتيوار المنار ۽ مالڪ محموديه پريس اصل اروڙ جو رهاڪو هو، سکر جو جهونو صحافي ۽ قومي خدمتگار خلافت جي زماني کان خدمت ڪندو اچي ٿو. مسجد منزلگاهه واري سوال تي ٻين مجاهدن سان جيل ڪاٽيو هئائين. حافظ سکر جو وڏو واپاري ۽ ڪتب فروشي بہ ڪري ٿو. سندس پٽ مسٽر رشيد ڀٽي ايڊووڪيٽ مزاحيه ناول نويس ۽ سنڌ جو اديب آهي. هن وقت سکر جي اخبارن مان ”المنار“ سڀني کان جهوني آهي.

مولوي دين محمد وفائي
سکر جي علمائن بلڪ سنڌ جي علمائن ۾ مولوي دين محمد وفائي جو نالو مشهور آهي. سکر جو هي شهر واسي وڏو اديب، محقق، محدث، مفسر ۽ بي مثل صحافي ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي. مولانا دين محمد صاحب 27 رمضان 1311 هه ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ نبي آباد تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو خليفو گل محمد هو جو ذات جو ڀٽي هو. ابتدائي تعليم مولوي صاحب والد وٽ پرائي، اڃا 9 ورهين جو مس ٿيو تہ پيءُ جو سايو سر تان کڄي ويس. پر مادر مشفقه جي ڪوشش سان تعليم کي جاري رکندو آيو. پارسيءَ جي رهيل تعليم پنهنجي عزيز ميان محمد عالم وٽ پوري ڪيائين ۽ عربي تعليم واسطي مولانا فيض عالم جتوئي وٽ ڳوٺ سوني جتوئي تعلقه لاڙڪاڻي ۾ پنجن سالن تائين شاگرد رهيو، پهريان 19 ورهين جي عمر ۾ ڪراچي مدرسي ۾ تعليم ڏيندا رهيا. انهيءَ وچ ۾ کيس مخدوم حاجي حسن الله پاٽائي جي صحبت مان بيحد فيض حاصل ٿيو. مولانا وفائي جي علمي شهرت کان سنڌ واقف ٿي سندس پهرين اهليه وفات ڪئي. 1914ع ۾ ڪراچي ڇڏي راڻي پور جي جيلاني صاحبزادن جي تعليم ڏيڻ تي مامور ٿيو. 1916ع ۾ راڻي پور ڇڏي سکر پهتو ۽ ٻي شادي ڪيائين، جنهن مان اولاد ٿيس. بعد ۾ ٺلاه شريف پهتو، جتي حاجي سيد امام الدين شاهه راشدي جي فرزندن کي تعليم ڏيڻ لڳو. انهيءَ زماني ۾ قدوت العارفين پير سيد محمد رشد الله جهنڊي واري کان فيض پرايائين. خلافت تحريڪ شروع ٿيڻ سان مولانا ٺلاه شريف مان نڪري سکر جي اخبار الحق ۾ انگريزن خلاف پروپئگنڊا شروع ڪئي، ڇو تہ انگريزن ترڪن خلاف هڪ رسالو ڀاڙيتو ملن کان لکرائي مولوي عبدالحق حقاني دهلوي کان شريف حسين جي فائدي ۾ صحيحون وٺي مهر هڻائي هئي. انهيءَ رسالي جو نالو ”تحقيق الخلافت“ هو. جنهن جي رد ۾ صدر جميعت العلماء سنڌ مولانا تاج محمد صاحب امروٽي، مولوي وفائي صاحب کان رسالو ”اظهار الڪرامت“ لکرائي مارچ 1920ع لاڙڪاڻي جي خلافت ڪانفرنس ۾ مفت ورهايو. هن ڪانفرنس ۾ مولانا ابو الڪلام، مولانا عبدالباري لکنوي ۽ مولانا شوڪت علي شريڪ ٿيا هئا. اظهار الڪرامت شريف حسين جا وکا پڌرا ڪري ڇڏيا. هن تحريڪ ۾ مولانا کي جميعت العلماء جو ناظم مقرر ڪري ڪراچي ۾ رکيو ويو. انهيءَ دور ۾ سنڌي صحافت وجود ۾ آئي ۽ هن ڏس ۾ سکر صوبه سنڌ ۾ پهريون شهر هو، جنهن ۾ مسلمانن جون ٻہ روزانه اخبارون نڪرنديون هيون. راڻي پور واري زماني ۾ وفائي صاحب قاديانين جي رد ۾ ماهوار رسالو ”صحيفه قادري“ جاري ڪيو هو ۽ ٺلاه واري زماني ۾ ”لليڪاشفي“ جاري ڪيو، جنهن جو سرپرست پير سيد عبدالغفار راشدي هو. مارچ 1920ع ۾ سيٺ عبدالله هارون ڪراچي مان روزانه ”الوحيد“ اخبار جاري ڪري وفائي صاحب کي ايڊيٽر مقرر ڪيو. 1923ع ۾ مولانا هڪ ماهوار ادبي، مذهبي ۽ تاريخي رسالو ”توحيد“ جاري ڪيو. 1936ع ۾ سنڌ بمبئي کان آزاد ٿي هن موقعي تي مولانا الوحيد جو اسپيشل نمبر شايع ڪيو جو سندس علمي لياقت جو ثبوت آهي. اهڙو نمبر اڳ سنڌ ۾ ڪو نہ شايع ٿيو هو. 1927ع مولانا وفائي پير سيد حزب لله شاه جي سرپرستي هيٺ سکر مان اخبار ”الحزب“ جاري ڪئي. 1939ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌي ،سنڌ ۾ ”عبدالاهي“ تحريڪ شروع ڪئي.مولانا وفائي هن تحريڪ جو ڪارڪن ٿي رهيو.مٿئين تحريڪ سان ايتري قدر والهانه محبت هئس، جو 1943ع ۾ لاڳتين 23 سالن جي رشتن کي ٽوڙڻو پيس. ڪجهه وقت روزانه آزاد ڪراچي جو ايڊيٽر ٿي رهيو.

تصنيفات
مولانا وفائي هونءَ تہ زندگيءَ جو وڏو عرصو اخباري دنيا ۾ صرف ڪيو. ان هوندي بہ سندس تصنيفات جي فهرست هن طرح آهي:
(1) تاريخ محمد مصطفيٰ (2) فاروق اعظم (3) صديق اڪبر (4) سيرت عثمان (5) حيدرِڪرار (6) خاتون جنت (7)غوث اعظم (8) نومسلم هندو راڻيون (9) راحت الروح تذڪره مخدوم نوح هالائي (10) توحيد اسلام ترجمو تقويت ايمان (11) اعتقاد صحيح (مذهب اهلِ حديث ) (12) مقصد زندگي (فلسفهء علم نفس) (13) الختم علي فم الخصم (رد- قادياني) (14) لاجواب تحرير (15) قرآني صداقت (16) هندو ڌرم ۽ قرباني (رد- آريا هنود) (17) العالم الباري ترجمه تجريد بخاري 5 جلد (18) ترجمه فتح الغيب (تصوفِ نامڪمل) (19) تذڪره مشاهير سنڌ (20) اظهار الڪرامت (21) شاهه جي رساله جو مطالع (22) لطف لطيف. مولانا وفائي شاعري تي چڱو عبور رکندڙ هو.
1942ع ۾ سنڌ سرڪار سنڌي ٻولي جي واڌاري ۽ ادبي ترقي لاءِ جيڪو سنڌي ادبي بورڊ قائم ڪيو، تنهن جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. 22 جمادي الاخر 1369 هه مطابق 11 اپريل 1950ع ۾ مولانا دين محمد وفات ڪئي ۽ شهيد آدم شاهه جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. راقم سان گهرا تعلقات هئس. دين محمد وفائي صاحب جا ٻہ پٽ وڏو شفيع محمد آبڪاري کاتي ۾ انسپيڪٽر آهي ۽ ننڍو علي نواز وفائي ڪجهه وقت ڪراچي مان توحيد کي جاري ڪيو ۽ بعد ۾ هفتيوار آزاد ڪراچي مان جاري ڪيائين جا هن وقت بہ جاري آهي، جنهن ادبي ادارن ۾ چڱي خوشبو پيدا ڪئي آهي.

چنيوٽي خواجه
سکر جا چنيوٽي شيخ زاده خواجا ”مگو“ ڪُل جا کتري آهن، جيڪي چمڙي جي واپار سانگي اسٽيشن روڊ تي سکر جي شهر واسين کان زمينون خريد ڪري بلڊنگون جوڙائي چمڙي جو واپار ڪن ٿا. سمورا تعليم يافته ۽ مخير واپاري آهن، چنيوٽ جي سر زمين هونءَ بہ نيڪ نامن جي ڪري مشهور آهي، چنانچه حڪيم عليم الدين انصاري جو نواب وزير خان جي لقب سان تاريخي شخصيت آهي، ٻيو علامي سعد الله خان جو نواب وزير خان جي لقب سان تاريخن ۾ مشهور آهي، لاهور جي مسجد وزير خان ۽ وزير آباد سندس جوڙايل يادگارون آهن، سندس تعريف ماثر الامرا ۾ ڏنل آهي. چنيوٽي شيخ رازدن سيٺين مان سيٺ چراغ الدين ۽ سيٺ امير الدين پاڻ ۾ پڦاٽ ۽ ماروٽ هئا. سندن مورث اعليٰ ميان سلطان کي مهاراجا رنجيت سنگهه جي درٻار ۾ وڏي رسائي هئي. خالصا راڄ ۾ چنيوٽ ضلع شيخوپوره ۾ هو ۽ هينئر ضلع جهنگ ۾ آهي. ميان سلطان کي خالصا درٻار مان جيڪي جاگيرون مليون هيون سي سندس پوين وٽ اڄ تائين موجود آهن، جن جي قيمت لکين روپين جيتري آهي ۽ اڄ مملڪت پاڪستان جي اقتصاديات ۾ سٺ في سيڪڙو چنيوٽين جو حصو آهي. چنيوٽي خواجا پنهنجو کاتي ناگري خط ۾ رکن ٿا.

سيٺ چراغ الدين
الحاج سيٺ چراغ الدين صاحب جو واپار اعليٰ پيمانه تي هلندو هو ۽ ميونسپل ڪائونسلر ۽ آنرري مئجسٽريٽ بہ هو. پراڻي وضع قطع جو بزرگ هو. نهايت مخير ۽ معقول شخص هو.

سيٺ امير الدين
الحاج سيٺ امير الدين صاحب بہ ميونسپل ڪائونسلر هو ۽ 1936ع ۾ ميونسپل جي فيصلي موجب وڪٽوريا مارڪيٽ کان وٺي لوڻ گدام تائين ويندڙ رستي تي حاجي امير الدين روڊ نالو رکيو ويو هو. سيٺ صاحب قرآن جو حافظ ۽ پابند صوم صلوات هو، سڄي عمر فوٽو ڪو نہ ڪڍايائين. 1955ع ۾ وفات ڪيائين. سندس پٽ محمد رفيق صاحب پنهنجي پيءُ جي ڌنڌي کي سنڀاليندڙ آهي.

محمد صديق
حافظ محمد صديق صاحب سکر جو سماجي ورڪر آهي. ڪيترا سال سکر عيدگاهه جي انتظام کي سنڀاليندو رهيو. اڄ بہ قومي خدمت ڪرڻ سندس شيوه آهي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ ميونسپل ڪائونسلر رهيو.

سيٺ محمد الدين
مٿين سيٺين کان سواءِ چنيوٽي سيٺين مان سيٺ فضل احمد صاحب،سيٺ محمد دين صاحب ۽ سيٺ نور حسين جا نالا بہ ناقابل فراموش آهن. نوجوان چنيوٽين خواجه لائبرري قائم ڪئي. 1930ع ۾ سکر جي هندو – مسلم فساد وقت ڪيترن هندن چنيوٽي سيٺين وٽ پناهه ورتي هئي. اهي مخير سيٺيون وقت بوقت شهر واسي مسلمانن کي مدد ڪندا رهيا. 1939ع ۾ مسجد منزگاهه واري موقعي تي جڏهن مسلمانن عيدگاهه کي مورچو ٺاهي ستياگره ڪرڻ لاءِ دستا موڪلڻ لڳا، تڏهن چنيوٽي سيٺين مجاهدن جي خوردنوش لاءِ دل کولي چندا ڏنا هئا.

منگي
منگي عرب آهن ۽ بنو تميم قبيلي مان آهن. محمد بن قاسم جي لشڪر سان سنڌ ۾ پهتا. وري جڏهن سلطان محمود غزنوي 1025ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ عربن کي سنڌ مان نيڪالي ڏني تڏهن پيشه ور عربن پنهنجا ڌنڌا شروع ڪيا. منگي جراح هئا. اڄ ڪلهه ولايت پاس ڪيل جراحن ۽ ڊاڪٽر کي فئشن ايبل نالي سان سرجن ۽ فزيشن سڏين ٿا. حالانڪ منگين جو بہ ساڳيو ڌنڌو هو. فرق اهو جو ڊگري يافته جراحن وانگي ڪوٽ سوٽ ڪو نہ پائيندا هئا.

محمد اسحاق
الحاج محمد اسحاق منگي اصل شڪارپور جو رهاڪو هو. 1883ع ۾ سکر ضلع جو هيڊ ڪوارٽر ٿيو تہ گورا عملدار سکر آيا، تنهنڪري محمد اسحاق صاحب کي پنهنجي ڌنڌي سکر ڇڪي آندو. گورن جي سنوارت ڪرڻ مان کيس ڪافي آمدني هئي. ميان محمد اسحاق جهوني وضع تي پابند هو، پر پنهنجن پٽن کي تعليم ڏيارڻ لڳو.

عبدالرشيد
ميان عبدالرشيد ولد اسحاق، پوليس کاتي ۾ اڪائونٽنٽ جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو ۽ سول اسپتال سکر لڳ ڪنڀار واڙي ۾ بنگلو تعمير ڪيائين. اڄ ڪلهه شڪارپور ۾ رهي ٿو. سندس پٽ پوليس کاتي ۾ عهدن تي آهن.

عبدالحق
عبدالحق خان صاحب ولد محمد اسحاق منگي پوليس کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪري ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جي عهدي تان رٽائرڊ ڪيائين.

محمد حنيف
محمد حنيف صاحب منگي سکر ۾ وڪالت ڪري ٿو ۽ سکن جي گردواري وٽ پنهنجون جايون اٿس.

صالح محمد
الحاج صالح محمد صاحب منگي غريب آباد ۾ جراحي جو پيش ڪري ٿو ۽ فنِ جراحت ۾ مڃيل استاد آهي. اسپتالن مان نا اُميد ٿيل ڦٽن ڦرڙين واري پري کان وٽس اچيو شفا حاصل ڪن ٿا. ميان صالح محمد پابند صوم ۽ صلوات آهي. سکر شهر جا وڏا ماڻهو پنهنجن ڇوڪرن جو کانئس ختنو ڪرائين ٿا.

گل حسن
الحاج گل حسن منگي صاحب سکر ضلع مان چونڊيل صوبائي ڪائونسل جو ميمبر ۽ پنهنجي خلق ۽ اخلاص ڪري لاهور اسيمبلي ۾ سنڌين جي حقن لاءِ پوري طرح مطالبا ڪري فرض ادا ڪري ٿو. هن صاحب لاڙڪاڻي ضلع مان لڏي پنهنجي ڀاءُ علي حسن منگي سان گڏ سکر ۾ رهائش اختيار ڪئي.

مهر

امير بخش
خان صاحب امير بخش خان مهر زميندار ۽ سکر جي سماجي ورڪرن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ گهڻين ئي ڪاميٽين جو ميمبر آهي، خوش خلق ۽ ملنسار آهي. مير محمد خان سکر ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رهيو ۽ وفات ڪري ويو. سندس ڀاءُ پير بخش خان ليوڪس پارڪ جي سامهون ٽڪري تي رهندو هو. اڳ وڪالت ڪندو هو. هينئر زمينون سنڀاليندو آهي.

عبدالرسول خان
عبدالرسول خان بيراج ڪالوني ۾ رهندو آهي، وڏو زميندار ۽ اثر رسوخ وارو ماڻهو آهي.

ايراني

پير صبغت الله
پير صبغت الله صاحب ايران جو مڃيل عالم ۽ مريدن وارو آهي، پهريان سکر بندر تي رهندو هو ۽ احياء دين جي تبليغ ڪندو رهيو سردار محمد علي خان محمد زئي پوليٽيڪل پينشنر ۽ زميندار جي دختر نيڪ اختر سان شادي ڪيائين، پر پوءِ انگريزي حڪومت هن بزرگ کي جاسوسي جي شڪ ۾ فيض آباد (يو – پي) ڏانهن جلاوطن ڪيو. قيام پاڪستان کان پوءِ موٽي سنڌ ڏانهن آيو ۽ حيدرآباد رهي ٿو. سردار محمد علي خان جي ٻارن جي تعليم ۽ ميرپور ماٿيلي واريون زمينون سنڀالي ٿو. سندس خطبن ۾ تاثير آهي.

عبدالرزاق
عبدالرزاق غفوري ولد عبدالخالق ايراني جي هوٽل جيڪا هن وقت ”ڪيفي ايران“ سڏجي ٿي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي بهائين سکر ۾ تبليغي مرڪز کولڻ جي ارادي سان ليوڪس پارڪ جي ڀر ۾ کولي. عبدالرزاق غفوري هوٽل جو مئنيجر آهي. 1947ع ۾ هي هوٽل بهائين کولي. بهائي فرقي جو باني سيد علي محمد بابِ شيرازي پاڻ کي 25 سالن جي عمر ۾ ظهورِ عيسيٰ سڏائڻ لڳو ۽ 1850ع ۾ تبريز جي علمائن جي فتويٰ سان شهيد ڪيو ويو. اٽڪل 20000 ماڻهن، جن بهائي دين اختيار ڪيو هو، جامِ شهادت پيتو. بعد ۾ مرزا حسين علي بهاء الدين جي لقب سان 1852ع ۾ مسيح ثاني يا ظهور حسين جي دعويٰ ڪئي. ليوڪس پارڪ جي اوڀرندي ۾ بهائي جماعت جو تبليغي مرڪز آهي. ايوبي دور ۾ شاهه ايران بہ سکر گهمڻ آيو هو.

بغدادي

مولوي عبدالرحمان
سکر جي اردگرد ڪنگري، سوئي، ڀرچونڊي ۽ امروٽ شريف علم ۽ عرفان جا مرڪز هئا، جتان توحيد جي طالبن کي شرابِ معرفت جا لبريز جام ملندا هئا تهڙيءَ طرح 19 صدي جي آخر ۾ حضرت مولانا عبدالرحمان جي وجود مسعود ڪري سکر شهر رحمت ۽ برڪت جو مرڪز بنجي ويو. مولوي عبدالرحمان صاحب جا وڏا اصل بغداد کان آيا هئا. مولوي صاحب ظاهري ناس وڪڻندو هو پر باطني غيب جي خزانن جون وٽس چاٻيون هيون. مولانا حضرت عبدالرحمان صاحب جي تعليم جو پتو ٻن ڪتابن مان پئجي سگهي ٿو:
قدوه الواصلين حضرت خواجه محمد حسن صاحب قدس سره ولد عمدة العارفين حضرت خواجه عبدالرحمان صاحب فاروقي مجددي قدس سره جي مقدس نسب جو سلسلو ڏهن واسطن سان حضرت مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهندي سان ملي ٿو، ۽ حضرت امام رباني جو پاڪيزه سلسلو ٻٽيهن پيڙهين سان حضرت فاروق اعظم رضه سان ملي ٿو. حضرت خواجه عبدالرحمان مجددي ۽ سندس پٽ خواجه محمد حسن ٻئي مجاهد بزرگ هئا، خواجه عبدالرحمان مجددي جي وفات جو سال 1315 هه 1897ع آهي ۽ سندس مزار ٽکڙ کان 2 ميل اتر طرف گنجي ٽڪر تي آهي ۽ خواجه معين محمد حسن جي وفات جو سال 1365 هه 1945ع آهي. سندس مزار پنهنجي قبلي گاهه جي روضي جي اوڀرندي ۾ آهي. خواجه محمد حسن جي شاگردن مان خواجه عبدالله جان مد ظله العالي ڪتاب ”مونس المخلصين“ لکيو، جنهن ۾ پوري تفصيل سان سندس سوانح حيات تي روشني وڌل آهي.
ڪتاب خواجه محمد حسن مجددي جو لکيل ”تذڪرة الصلحا“ آهي جنهن ۾ پنهنجي همعصر اهل الله بزرگن جو ذڪر پوري تشريح سان بيان ڪيل آهي. هي رسالو نهايت قابل قدر ۽ اهڙو مقبول آهي جو اردو ۾ بہ ان جو ترجمو ڪري صوفي عبدالرحيم صاحب ڪلڪتي واري ڪراچي مان ڇپرائي مفت تقسيم ڪيو. هن رسالي ۾ ان دور جي عربستان، افغانستان، بلوچستان، هندستان ۽ سنڌ جي ڪن قابل ذڪر علما ۽ صلحا جو بہ ذڪر ڏنل آهي ۽ حضرت عبدالرحمان ساکرو جو بہ قدري بيان ڏنل آهي. حضرت عبدالرحمان ساکرو رحه مشهور عالم، فاضل ۽ ولي ڪامل هو ۽ سندن استاد مخدوم محمد صاحب مجذوب سيوهاڻي قلندري رحه هو، جو صاحبِ جذب هو ۽ 1317 هه (1899ع) ۾ وفات ڪيائين. 19 صديءَ جي آخر ۾ سکر ۾ ٻہ درسگاهون هيون، جتي ”قال رسول الله“ جو آواز ٻڌجڻ ۾ ايندو هو. پهرين درسگاهه سکر پراڻي ۾ جامع خير الدين گيلاني جي هئي ۽ ٻي سکر شهر جي قلب ۽ جگر ۾ مولانا عبدالرحمان جي جامع مسجد. انهن کان قديم بکر ۾ مخدوم نوح جو مڪتب هو، جو پوءِ انقلاب دهر ڪري مٽجي ويو هو. سکر پراڻي ۽ سکر نئين جي مٿين ٻن درسگاهن ۾ فارسي ۽ عربي تعليم شاگردن کي ملندي هئي ۽ ٻئي درسگاهون حڪومت وٽ رجسٽرڊ هيون ۽ هتي جي فارغ التحصيل شاگردن کي سرڪاري دفترن ۾ جلد نوڪري ملندي هئي. ماستر شيخ حبيب الله مولوي عبدالرحمان صاحب جي درسگاه جو شاگرد هو. راقم جو ذاتي تجربو آهي تہ ماستر صاحب فارسي اهڙيءَ طرح ڳالهائيندو هو ، ڄڻ سندس گهر جي ٻانهي آهي. مولوي عبدالرحمان صاحب بين المملڪتي شهرت رکندڙ هو. چنانچه بمبئي ، حجاز ، عراق ۽ شام تائين سندس علميت ۽ برڪتن جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ۽ انهن ملڪن ۾ سندس معتقدن جو بيحد گهڻو تعداد هو. جيڪي شاگرد يا معتقد مولوي صاحب سان حج ادا ڪرڻ ويندا هئا ۽ اتان موٽندي جهوليون روپين سان ڀري موٽندا هئا.
سال 95 – 1896ع ۾ سکر شهر ۾ سخت پليگ پئي ماڻهو شهر ڇڏي ڀڄي ويا پر مولوي صاحب وڏي همت سان شهر واسين جي خدمت ڪندا رهيا ۽ لاوارثن جي ڪفن ۽ دفن جو انتظام ڪندا رهيا ڇاڪاڻ تہ ماڻهو بيمارن کي گهرن ۾ ڇڏي ٻاهران تالو هڻي ڀڄي ويندا هئا جڏهن مردن جي بدبوءِ اٿندي هئي تہ حڪومت قفل ڀڃرائي گهرن جا وسلا ساڙائي ڇڏيندي هئي. انهيءَ پليگ ۾ هن ڪامل بزرگ ۽ ولي الله وفات ڪئي. جنازه کي مسلمانن شيخ شينهن آرائين جي قبرستان ۾ دفنائڻ جو ارادو ڪيو پر ڊاڪٽرن ۽ حڪومت اعتراض آندو. توڙي جو شهر خالي ٿي ويو، پر جنازي سان هزارين مسلمانن جو هجوم هو. نوبت ايتري حد کي پهتي جو پوليس جو اٽالو اچي پهتو ۽ خونريز هنگامه جو امڪان هو مگر سکر جي مخلص ليڊر بابو شيخ محمد سليمان جي تدبير سان معاملو خير ۽ خوبيءَ سان ختم ٿيو. مسلمانن کي ڪليڪٽر شيخ شينهن جي قبرستان ۾ جنازه کي دفنائڻ جي اجازت ڏني.
انا الله وانا اليه راجعون

حضرت عبدالرحمان جي همعصر بزرگن جا نالا
حضرت عبدالرحمان ساکرو رح جي همعصر سنڌ جي بزرگن جا نالا ڏيون ٿا تہ انهيءَ وقت جا ڪهڙا بزرگ هئا.
(1) السيد الحاج محمد عثمان شاهه بخاري متوفي 1325 هه (1907ع) لڳ ميرپور خاص (2) حاجي آخونند سچيڏنو بختيار پوري تعلقه سيوهڻ وفات 1312 هه (1894ع) (3) حاجي محمد ابراهيم نظاماڻي نم جو ڳوٺ (تعقله ٽنڊو محمد خان) وفات 1320 هه (1902ع) (4) ميان محمد هاشم درس ڳوٺ ڪلڙي (تعقله ٽنڊو محمد خان) وفات 1320 هه (1902ع) (5) حاجي آخونند الواحد بوبڪ (تعلقه سيوهڻ) (6) حضرت مولانا تاج الدين چوٽياروي (ضلع سانگهڙ) 1338 هه (1919ع) (7) حاجي محمد احسان جروار بلوچ ڳوٺ جروار (تعلقه ٽنڊو الهيار) وفات 1320 هه (1902ع) (8) حاجي حافظ ميان ابوبڪر سيوهاڻي جو وڍان جي پڙ حيدرآباد ۾ رهندو هو وفات 1312 هه (1894ع) (9) حڪيم سيد الحاج ميران محمد شاهه الحسيني ٽکڙائي وفات 1309 هه (1891ع) (10) حاجي سليمان ٽکڙائي وفات 1313 هه (1889ع) (11) حاجي ميان محمد طيب ميمڻ وفات 1307 هه (1912ع) [1]. (12) مولانا نور محمد شهداد ڪوٽي وفات 1296 هه.

عطا الله
مولانا عطا الله صاحب مولانا عبدالرحمان ساکرو جو ڀاڻيجو، وقت جو ڪامل ولي ٿي گذريو آهي.

عبدالڪريم
مولوي عبدالڪريم ولد الحاج مولانا عبدالرحمان 1907ع کان عيدگاهه جو پيش امام ٿي رهيو. سندس وفات کان پوءِ پوين ۾ ڪو بہ اهڙو عالم ڪو نہ ٿيو جو پيش امامي ڪري سگهي. سندس فرزند مولانا غلام محمد عيدگاهه جو پيش امام ٿي رهيو.

عبدالحڪيم
مولانا الحاج عبدالرحمان صاحب جو ٻيو پٽ الحاج ميان عبدالحڪيم ٺيڪيدار هو. کيس ٻہ پٽ عبدالعزيز ۽ عبدالغفور هئا.

غلام محمد
مولوي حڪيم غلام محمد ولد مولوي عبدالڪريم سکر بندر تي حڪمت جو ڪم ڪندو هو. راقم جو دوست هو.

احمد
مولوي احمد ولد مولانا عطاءُ الله صاحب هن وقت مختيارڪار آهي. 1930ع ۽ 1939ع کان متاثر ٿي مولانا عبدالرحمان صاحب جا پويان وچ شهر مان لڏي سکر پراڻي وڃي بيٺا، مسجد شريف قائم ۽ دائم آهي.
اڄ نہ اوطاقن ۾ سندي جوڳين ذات،
ساري سنياسين کي رنم ساري رات،
مون تَنَ جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا.
(شاهه)

________________________________________
[1] نواب سيد يعقوب جي مزار ڪوٽائي ساداتن جي قبرستان ۾ آهي ۽ ڪتبو لڳل آهي
[2] مخدوم سرخ بخاري جو شجرو مخدوم جهانيان جهان گشت جي ملفوظات جي اردو ترجمي الدرالمنظوم ص 506، دهلي ۾ آهي. سنڌي بزرگن مان محمد علي بن شيخ عبدالواسع صوفي شاعر بخاري ساداتن جو شجرو شعر ۾ آندو اٿس.
نوٽ: رضوين مان شاه نصيرالدين رضوي، شاه خير الدين جو خليفو نصرپور ۾ وڃي رھيو. سندس فرزند شاه عنايت الله قادري سنڌ جي نامور شاعر شاه عبد اللطيف ڀٽائي جو ھمعصر ھو. گلستان لطيف ص 56، اطلاعات کاتو 1962ع حيدرآباد.
[3] ميرڪين جو بيان ميرڪ غلام مصطفٰي شاهه عرف الحاج وريل شاهه جي رڪارڊ تان ورتل آهي.مير حيات علي شاهه ميرڪي سيد جو باغ سکر ۾ هو اڄ اُن هنڌ کي باغ ڪوارٽر سڏين ٿا.
[4] تحفته الڪرام سنڌي ترجمو ج3،ص 343 فوٽ نوٽ بيان کهڙا، سنڌي ادبي بورڊ.
پير غوث علي شاه مسافرن جي سهوليت لاءِ هڪ مسافر خانو تعمير ڪرايو هو.
[5] شيخ صفوي اردبيلي رح اردبيلي خاندان جي جداعليٰ ايران ۾ پيري مريدي جو سلسلو شروع ڪيو. امير تيمور گور گاني به سندس معتقد هو. شيخ صفوي پنهنجن مريدن لاءِ ٻارهن ڪنگرن واري ڳاڙهي بنات جي ٽوپي ٻارهن امامن جي نشاني طور ايجاد ڪئي، سندس مريد قزلباش سڏبا هئا يعني ڳاڙهين ٽوپين وارا. صفوين ايران تي دٻد ٻي سان حڪومت ڪئي. مرتب
________________________________________
[1] روزانه مهراڻ جو سال نمبر جنوري 1962ع ڪراچي بيان خواجه معين حسن مجددي ص 111 – 113.