باب سورهون: سکر جا سنڌي، سرائڪي ۽ اردو شعراء
پارسي زبان جو چرچو سنڌ سونهاريءَ ۾ انگريزن جي راڄ ۾ 1858ع تائين قائم رهيو. سنڌ جي ڪمشنر سربارٽل فريئر جي ڪوشش سان هاڻوڪو سنڌي، عربي خط تيار ٿيو ۽ جرمن ماهر ڊاڪٽر ٽرمپ صاحب سنڌي، گرامر تيار ڪيو. ائين چوڻ صحيح ٿيندو تہ سنڌي گهرو زبان انگريزن جي اچڻ کان پوءِ سرڪاري زبان بڻجي ويئي ۽ سنڌي ٻولي پنهنجو مقام حاصل ڪيو. خود انگريزن جو چوڻ آهي تہ سنڌ فتح ڪرڻ وقت 1843ع ۾ هن شاهوڪار ٻوليءَ ۾ بي انداز لساني سرمايو موجود هو ۽ هندستان جي ٻولين جي مقابلي ۾ سندس ادبي پهلو گهٽ ڪو نہ هو. بکر جي گلريز خاڪ مان گهڻائي سنڌي شاعر پيدا ٿيا، جن جي ڪلام جي سرهاڻ سنڌ جي زمين کي سرهو ڪري ڇڏيو. انهن سنڌي شاعرن سرائڪي، هندي ۽ اردو ٻولين ۾ بہ طبع آزمائي ڪئي.
قاضي قاضن
سکر جي سرزمين کي فخر آهي، تہ سنڌي زبان جي اوائلي شاعر قاضي قاضن، جنهن جو شعر پهريائين لکت ۾ آيو، سو ڄام نظام الدين سمي ۽ مرزا شاهه حسن ارغون جي ڏينهن ۾ ويهه سال بکر جو قاضي ٿي رهيو. 947 هه ۾ استعيفا ڏيئي مدينه منوره ويو ۽ اتي سڌو سندس ڀاءُ مليو. سنڌي شاعريءَ جي تاريخ قاضي قاضن کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن هو سيد ميران محمد مهدي جونپوري جو مريد ٿيو هو، تڏهن وقت جي عالمن قاضي صاحب تي ڪفر جي فتويٰ مڙهي هئي، ان جي جواب ۾ قاضي صاحب سنجيدگيءَ سان مناظرو ڪندي، علمائن کي بيتن ذريعي جواب ڏنو هو، جن مان فقط ست بيت شاهه ڪريم بلڙئيءَ واري جي رسالي ”بيان العارفين“ ۾ موجود آهن. ڪلام جو نمونو ملاحظه فرمايو:
”جوڳي جاڳايوس ستو هوس ننڊ ۾“
”سيئي سيلهه ٿيام، پڙهيام جي پاڻان
اکر اڳيان اڀري واڳون ٿي وريام“
”ڪنز قدوري ڪافيه پڙهي پروڙين سڀ
ته ڪرمنڊي ماڪوڙي کوه ۾ پئي ڪڇي اڀ“.
پير محمد لکوي
لکت ۾ جيڪو شعر ملي ٿو، ان موجب هن سر زمين جو سڀ کان قديم شاعر مخدوم پير محمد متوفي (1590ع يا 1600ع) آهي. اصل ٺٽي جو ويٺل هو، پوءِ لڏي اچي لکي تعلقي سکر ۾ ويٺو. سندس هڪ طويل نظم مليو آهي، جو ”الف“ جي قافيي تي مشتمل آهي. سنڌي شعر جي انهيءَ قديم صنف تي سڄيءَ سنڌ ۾ پهريائين مخدوم صاحب جو شعر ملي ٿو. کانئس پوءِ مخدوم ابو الحسن وغيره ان صنف تي طبع آزمائي ڪئي، مثال ملاحظه ٿئي:
”سنڌي ساڪن سنڌ جو شائق شفيتا
جنهن قسمت قيد ڪيو لکي جي لاما“.
ڀارو ۽ حفيظ
ڀارو ۽ حفيظ صدري روايتن موجب هن ضلعي جا ٻيا بہ قديم شاعر ملن ٿا، جي مخدوم پير محمد کان بہ قديم هئا. چيو وڃي ٿو تہ ”ڀارو“ ۽ ”حفيظ“ قديم شاعر هئا، جن پهريائين سنڌ جي عوامي شاعريءَ جي صنف ”ڏٺ“ کي سنڌ ۾ مروج ڪيو. هو ڳوٺ ماڙي تعلقي سکر جا ويٺل ۽ پاڻ ۾ استاد ۽ شاگرد هئا. مثال طور سندن ڏٺ جو بيت هيٺ ڏجي ٿو:
گهرن ۾ گهر گهڻا، گهرن ۾ گهر گهڻا
چٻيندي چڻا، گهڻا ڏينڀو ڏٺا هوندءِ ڏار ۾.
هان فقير، ڀرپور شاهه ۽ ڪالو فقير
مٿيان قديم شاعر روايتن موجب شاهه ڪريم کان اڳ يا ان دور جا هئا. سندن شعر بہ قدامت جي ساک ڀري ٿو. هو ڳوٺ ماڙي تعلقي سکر جا ويٺل هئا. ڪالو فقير مولود چيا آهن، جي وائي جي سر ۾ آهن. سندن هڪ مولود جو ٿل ۽ هڪ مصرع هيٺ ڏجن ٿا:
ڪالو فقير:
هان فقير:
ڀرپور شاهه: ”ٻڌي سچ جو سندرو پئي آهيان پٺيءَ پيغمبر
ڪرڙا اٺ ڪيچين جا، ڀوري ڪيئن لنگهي بر“.
”جي جيها آهن جوءِ ۾ ته، هردو ههڙا حال
يا جيها وڃن جوءِ مان، يا مرين مال.“
”چندو چورن ماريو اٽل ماريو اُڃ
ويا جيئنداڻي جوءِ مان ٽنڊو ٿيڙو سڃ“.
عثماني احساني
ذڪر ڪيل مخدوم پير محمد جو همعصر، عثماني احساني نالي شاعر بہ ملي ٿو، جو 1640ع ڌاري ڀاڳناڙي مان لڏي اچي ”لکيءَ“ ۾ ويٺو. سندس شعر بيتن تي مشتمل آهي، جو ٽن کان ڇهن سٽن تائين آهي، سندس بيت جي هر هڪ سٽ جو قافيو پڇاڙيءَ ۾ اچي ٿو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته، هن صاحب ”الف“ جي قافيي کان هٽي، صحيح قافيي سان گهڻين سٽن واري بيت جو تجربو ڪيو هو. هي صاحب پهريون شاعر آهي، جنهن چئن کان مٿي سٽن واري بيت جو تجربو ڪيو. کانئس اڳ فقط چئن سٽن وارا بيت ملن ٿا. جيئن تہ انهيءَ قسم جو سندس پهريون تجربو هو، تنهنڪري چوٿينءَ سٽ جو قافيو اڌ ۾ آڻي نہ سگهيو آهي. سندس هڪ بيت آهي:
ڳالهه اڻانگي گورجي، ويهه م سار وهي،
ترس م ويهه تيار ٿي، ساٿيڙا سنجهي،
هيءَ حد هيبت جهڙي، ويندءِ گور ڳهي،
سڀ وڇون سهس ٽنڊڻ نانگن سان نهي،
ڏنگي جان ڏنگن سان ويندءِ ڏيل ڏهي،
ڳري ويندءِ گور ۾ لڱين لحم لهي.
شاهه خير الدين ۽ سندس مريد
خان خداداد خان جي ”لب تاريخ“ سنڌ مان معلوم ٿئي ٿو تہ حضرت شاهه خير الدين (المتوفي 1027 هه) جو هڪ مريد ساڌ ٻيلي واري ٻيٽ تي مجاهدي ۾ مشغول هوندو هو، ڪجهه وقت کان پوءِ حضرت شاهه خير الدين پنهنجي ان طالب وٽ ويو، ڏسن تہ طالب سيراندي اتر ڏي ڪيو سجدي ۾ پيو آهي، تنهن تي شاهه صاحب فرمايو:
شاهه:
مريد: ”نه تون ڪعبو نہ تون قبلو، رهين منجهه سجود،
وساري پاڻ کي، ملئين سان درياءَ.“
”ڪوهه ڪندا قبلو، جن سڃاتو سلطان،
پرين اسين پاڻ، ڪريون سجدو ڪنهن کي؟“
هن مان معلوم ٿيو تہ شاهه صاحب ۽ سندس مريد سنڌيءَ جا شاعر هئا.
بقادار شاهه راشدي
ان کان پوءِ ڪلهوڙن جي دور ۾ پير سائين پاڳاري جي وڏي ڏاڏي، حضرت بقادار شاهه راشديءَ جو شعر ملي ٿو، سندن ولادت 1234 هه ۾ ٿي ۽ 63 ورهين جي ڄمار ۾ شهيد ٿيا، سندن بيت پنجن ڇهن سٽن تائين آهن:
”جي ڪهان ته، ڪوڪ نہ نڪري، صبر سان آءٌ سهان،
اکيون لايو پر کي ويٺي سور سهان،
ڪنهن کي ڪين چوان، ڪنهن پر اڪنڊي آهيان.“
محمد راشد
هن برگزيده خاندان مان سڀئي بزرگ پاڻ بہ وڏا عالم، اديب ۽ شاعر هوندا هئا ۽ عالمن، اديبن جا قدردان بہ هوندا هئا، پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي، جو سچل سرمست جو همعصر هو، سنڌيءَ جو سٺو شاعر هو. سندن ”اون“ جو عشقيه قصو منظوم ۽ ڪجهه سنڌي بيت مليا آهن. سندن بيت بيدل فقير جي ڪتاب ”سندالموحدين“ ۾ آيل آهي:
”وحدت مان ڪثرت ٿي، آهي ڪثرت وحدت ڪل،
اندر پرين ٻاهر پرين، ڀول نہ ٻئي ڪنهن ڀل،
هي هنگامو هل، مڙوئي محبوب جو.“
علي گوهر شاهه
پير محمد راشد 1223 هه ۾ وفات ڪئي، کانئس پوءِ هن خاندان مان پير علي گوهر شاهه ”اصغر“ بنگلي ڌڻي وفات 1263 هه بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي، فقط ڪافيون چيون اٿس، جن فن توڙي مضمون جي لحاظ کان سنڌي زبان ۾ وڏو درجو رکن ٿيون، هڪ مصرع ملاحظه فرمايو:
”مثر گن سندا خنجر هڻي، رت عاشقن جو ٿو پئين،
هٿ پيرڙا رت ۾ رڱي، پوءِ ڏوهه مينديءَ کي ڏئين.“
غلام شاهه
هن خاندان مان هڪ ٻيو بزرگ غلام شاهه ولادت 1259 هه بہ سنڌيءَ جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، جو لڏي لاڙ ۾ وڃي ويٺو. سندس ڪافيون ڏاڍيون پُردرد ۽ پر اثر آهن. سندس هڪ ڪافيءَ جو ٿل هي آهي:
”هڪ هڪ نيڻن جي ناز تون،
سئو سئو ڀيرو صدقي ٿيان“
صبغت الله شاهه
سنڌ جو بي مثل محب وطن ۽ سنڌ جي آزاديءَ جو علمبردار پير سائين صبغت الله شاهه ثاني ولادت 1327هه ڪڏهن ڪڏهن شعر چوندو هو. رتنا گري جيل ۾ سلوڪ جي مختلف نڪتن تي هڪ بياض قلمبند ڪيو اٿن، جنهن ۾ پنهنجي هڪ ڪافي بہ ڏني اٿن، ان جو ٿل هي آهي:
ڪري چشمن سندو چارو، سر ساهه ٻئي سٽي وئين.
روحل فقير
ڪنڊڙيءَ جو ڳوٺ جو اڳ خيرپور رياست ۽ هينئر روهڙي تعلقي ۾ آهي، هڪ عظيم شاعر صوفي روحل فقير جو آخري آستانو آهي، جو ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ ۽ ميرن جي شروعاتي دور ۾ ٿي گذريو. سنڌيءَ کان سواءِ هندي، سرائڪي ۾ اعليٰ درجي جو شعر چيو اٿس، سندس سنڌي شعر فن توڙي مضمون جي لحاظ کان بي نظير آهي، سنڌي بيتن ۾ عربي، فارسي صوفيانه اصطلاحن سان گڏ هندي ويدانتي لفظ ۽ اصلاح بہ نهايت سهڻي نموني آندا اٿس:
”پڙهيا بيد ڪتيب جا، ڏين ڏورانهان ڏس“
- - - -
صحيح سڃاڻين سچ، مڙج نہ ملامت کون،
گهڙي پنهنجي گهٽ ۾، پرواني جئن پچ،
ماري ڪڍج من مان، ڪوڙائي جو ڪچ،
رنگ پريان جي رچ، راتيان ڏينهان روحل چئي.
- - - -
وڻج وهائڻ ڪاڻ ڇو وڃين ٻئي هٽ؟
توکي پٽ پٽيهر پنهنجو وڻج مڙيوئي وٽ،
جنهن ۾ نشو نينهن جو، سا ڪا ڪوٺي پٽ،
محبت مورهه مٽ، توکي سڪ ۾ ٿيندو سوجهرو.
- - - -
جي ننگ ڇڏي نانگا ٿيا، تن نانگن ڪهڙو ننگ،
گنگا ۽ گرنار جو، تن سامين ڇڏيو سنگ،
نڪي واهن سگيتون، نڪي چورن چنگ،
’روحل‘ لڳو رنگ، تن لاهوتين لقاء جو.
روحل فقير کان سواءِ سندس سالو ۽ مريد مراد فقير بہ هڪ عظيم شاعر ٿي گذريو آهي. روحل فقير جا پٽ شاهو فقير، غلام علي فقير وفات 1839ع، خدا بخش فقير وفات 1843ع ۽ دريا خان فقير بہ بلند پايه صوفي شاعر ٿي گذريا آهن. دريا خان نالي ٻہ صوفي شاعر ٿي گذريا آهن، هڪ دريا خان فقير نوشهري واري درگاهه جو مريد هو ۽ ٻيو ڪنڊڙيءَ وارو دريا خان فقير، تذڪره لطفي (ج 2، ص 247) جي صاحب ۽ ڪن ٻين اديبن کان غلطي ٿي آهي، جو ٻنهي کي هڪ سمجهو اٿن.
محمد عارف
ميرن جي صاحبي ۾ محمد عارف تخلص ”صنعت“ وفات 1266 هه شاعر ٿي گذريو آهي، جو شڪارپور جو ويٺل هو. سنڌي ۽ فارسيءَ جو سٺو شاعر هو ۽ ”صنعت“ ۽ ”عارف“ تخلص ڪندو هو. سنڌيءَ ۾ آياتِ ڪريما جو منظوم ترجمو ڪيو اٿس، جو علم عروض موجب آهي. هن سرزمين جو هي پهريون شاعر آهي، جنهن علم عروض موجب شعر چيو آهي. سندس منظم ترجمي مان هڪ بيت مثال طور ڏجي ٿو:
”تواضع وڌائي تنهن جو مرتبو
ته جيئن سج کان چنڊ کي پرنور.“
خليفو ڪرم الله
شڪارپور جو شاعر خليفو ڪرم الله وفات 1271 هه سندس همعصر هو. خليفي صاحب سنڌيءَ ۽ فارسيءَ ۾ شعر چيو آهي. سنڌي شعر علم عروض تي ۽ قديم نوع تي چيو اٿس سندس غزل مان هڪ مصرع ڏجي ٿي:
”سوئي مون کي سنمت ڪيو آه،
محبت محب اوهان جي،
ڏوري ڏور ڏکي ٿي ڏونگر،
ٿيءُ اچي تہ اوطاقي.“
ڀائي چينراءِ
سنڌ جو عظيم هندو صوفي شاعر ڀائي چينراءِ وفات 1850ع شڪارپور جو ويٺل هو. تخلص ”سامي“ ڪنهن بہ تعارف جو محتاج نہ آهي. سندس هڪ سلوڪ مثال طور ڏجي ٿو.
”جاڳي ڏٺو جن سامي سپرين کي،
سي نئنن جي نروار کون پلڪ نہ پاسو ڪن،
ٿڌ گرمي دک بک اُڃ سر تي سڀ سهن،
اٺ ئي پهر رهن، اڳيون ٻڌي هٿڙا.“
فقير قادر بخش ”بيدل“
فقير قادر بخش بيدل روهڙيءَ جي جهنڊي جو بيان مٿي ڏيئي آيا آهيون. حضرت قادر بخش صوفي جو ڪلام فارسي، سنڌي، سرائڪي ۽ اردو ۾ آهي. سندس فارسي ڪلام پيش ڪري آيا آهيون، باقي ٻيو ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:
سنڌي ڪلام
عقل جو ويو اختيار، عشق ”انا الحق“ جو دم ماريو.
عشق عقل جي لڳي آ لڙائي، عشق کٽي جنگ، عقل هارائي،
هيڪل هڪ هسوار، ڪيڏي ڪٽڪ کي برهه ڀڄايو.
دست ڌري آيو حسن جو ڀالو، چئنچل چشمن جو ڪري چالو،
گوءِ کڻي ٿيو نروار، باهه برهه جي سنڌن کي ساڙيو.
ڪاٿي پير مريد سڏائين، ڪاٿي پاڻ سان لنؤن لائين،
ڪاٿي ڪري ڪوڪار، قم يا ذني چئي مئو جيئاريو.
يار بيرنگي نور نهاني، پهري پوشاڪ آيو انساني،
عشقئون ٿي اظهار، سهس ويسن سان پاڻ سينگاريو.
هن تون باولي برهه جي بيدل، لامڪانون ٿي ڪر نازل،
ٽوڙ دوالي يار، بيخوديءَ جو باز اڏايو.
سرائڪي ڪلام
سک رمز وجود وڃاوڻ دي،
نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي!
اکران دي وچ جوئي اڙيا،
عشق دي چاڙهي مول نہ چڙهيا،
’اثباتي‘ دا علم جو پڙهيا،
مون انهين سر سانوڻ دي!
بارش بره دي جنهن سر آئي،
سوز عشق وچ جالي سدائي،
بي دردان نون ڪل نہ ڪائي،
درد دي دود دکاوڻ دي!
نال دليل نا لڀسئي دلبر،
عقل نہ اوڏانهن ٿيسئي رهبر،
سمجهي مام ڪون صوفي بي سر،
شاهي طبل وڄاوڻ دي!
بحر عميق ۾ جوئي پوسي،
دين ڪفر دا دفتر ڌوسي،
ساري سڌ انهين ڪون هوسي،
ذات صفات سماوڻ دي!
بيدل ڳالهه وحدت دي من تون،
طلسم وهم دوئي دا ڀن تون،
وچ عروج نزول دي گهن تون،
لذت آوڻ جاوڻ دي!
- - - - -
مذهب دي باتيان تون برها،
صوفي لا مذهب مستي وچ،
شيعا سني ٿيوڻ سوکا،
بي سري دا منصب پاڪر، هڪ پل وچ اُڏاويگا.
اَنا الحق اَلاويگا.
صوفي ڪون سڏاويگا.
سولي سر چڙهاويگا.
محمد محسن ”بيڪس“
محمد محسن تخلص ”بيڪس“ ولد فقير قادر بخش صوفي درويش هو. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو. وفات 1298 هه. فرمائي ٿو عاشق صادق:
ريءَ هوت بنا ڪونهي اجهو،
جنت ڏير ڏئي ويا مئي کي ڏجهو.
ڪوڪان ڪندي ڪوڪاريان،
سرتيون اوهين ڇو ٿيون جهليو،
’بيڪس‘ چئي انهيءَ بحر مون، رَندن مٿي ڪندس رڙيون،
هاڻي ڏونگر ڏورڻ پيو جهجهو.
هر ڪا ڏسي پنهنجون بديون،
اوهين پيون ٿيون روح ۾ رجهو.
ٽٻي هنيائون لهر مون،
هاءِ درد لڳو دل ۾ ڳجهو.
صوفي محمد محسن اڃا چوڏهن ورهين جو هو تہ سندس والد وفات ڪئي. سندس فرزند فقير محمد محسن ”بيڪس“ وفات جي تاريخ هيٺينءَ ريت چئي آهي:
رمز رنديءَ جو عجائب روهڙيءَ ۾ راز هو،
نالي بيدل بادشاهه بيشڪ اتي شهباز هو.
موج ستيءَ ۾ سدا سرفراز هو،
حلاج جي حالت ۾ هردم من خدا ممتاز هو.
پير مغان جي پيش هڪ حقيقت مجاز هو،
’همه اوست‘ واري حال ۾، محمود سو ’اياز‘ هو.
درد واري دين ۾، هو وير وحدت باز هو،
عشق جي اوتار سان دلدار دست و راز هو.
هن تماشي گاهه ۾ اڻهٺ سندي آواز هو،
مرضيءَ موجب پانهنجي سو سير صفاتي ساز هو.
سال ٻارهن سو، اڻانوي ۾ سوزگداز هو،
سورهين ذوالقعد جي، هاديءَ سندو پرواز هو.
بيدل مرشد پنهنجو سائين غريب نواز هو،
”بيڪس“ خادم در سندس کي عشق جو آغاز هو.
ملان صاحب ڏنو
ساميءَ چينراءِ جو همعصر ۽ شڪارپور جو ويٺل ملان صاحب ڏنو وفات 1841ع بہ سنڌيءَ ۽ فارسيءَ جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سنڌيءَ ۾ سندس هڪ مدح ملي آهي، جنهن جو هڪ بيت ڏجي ٿو:
”تون سرتاج، سردار صاحب سدا،
سڀو جڳ سلامي سندءِ سرورا،
پهچ پير درماندگان دستگير،
مريدن مدد ڪر محي الدين مير.“
منشي ميان محمود
سکر جا ميمڻ واپاري توڙي سرڪاري عملدار پنهنجي علميت ڪري ”منشي“ ڪوٺبا هئا. ميان محمود اسسٽنٽ اسٽئبلشمينٽ آفيسر هو. عربي، پارسي، سرائڪي، هندي، سنڌي ۽ اردو جو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ديوان ”گلزار محمودي“ جنهن کي ميان غلام شاهه رضوي ڪوٽائي مرتب ڪيو، تنهن کي ميان محمود جي فرزند ارجمند منشي ميان پير بخش صاحب، جو 1898ع ۾ روهڙيءَ جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو ساڳئي سال اسلاميه پريس لاهور مان شايع ڪرايو. ديوان گلزار محمودي جو ديباچو ميان عبدالرحمان متخلص ”عاصي“ جو لکيل آهي جو پڻ سيٽلمينٽ کاتي جو ملازم هو. ميان محمود جو تخلص ”طالب“ هو، جنهن ڪتاب جي شروع ۾ هيٺين مدح چئي آهي:
مدح
نرمل پرور پاڪ ذات آهي صفت سندس سبحاني، يار
شافي امت جو مير محمد شان سندن قرآني، يار
ابابڪر ۽ عمر عثمان ۽ حيدر شير رباني، يار
چئني يارن ڪفر کي ٽوڙي، دين وڌايو حقاني، يار
صدقي شاهه شهيدن تون جي قائم دين حقاني، يار
سچي واٽ خدائي جي تي ڪيائون سر قرباني، يار
گهوري وڃان ان پير پيران جو سرور شاهه جيلاني، يار
غوث حقاني قطب رباني صفت سندس لاثاني، يار
پير نظام الدين سونهارو ڏيئو هندستاني، يار
خواجه معين الدين اجميري حامي راجستاني، يار
شاهه جلال و فريد شڪر گنج بهاؤ الحق ملتاني، يار
سنڌ سونهاري جو وارث والي لعل شهباز سيواني، يار
طالب هردم گهرو انهي کان ثابت دين ايماني، يار
ملندي برڪت تنن جي دولت ڏوهين جهاني، يار
¬
ڪافي
اٿي ڙي سياڻي، رات وهاڻي،
سعيو سمر ڪر ليئي، ٿيندي لڏاڻي.
چرخو نہ چوري، پٺئي نہ اُوري،
پڇنديئي سويري، ايندئي نہ وائي.
ڪتيوئي نہ ڪوڙي، ڌاريئي نہ موڙي،
ويسر وسهوڙي، وٺنديءَ صباڻي.
سينڌون ٿي ساهيئي، سرمان ٿي پائي،
بت ٿي بنائي، نيٺيءَ لٿائي.
رکنديئي قبر ۾، ڌرينديئي ڌوڙ،
پڇنديئي قهر ۾، ايندئي نہ وائي.
توريندا تورو، ڦوليندا ڦورو،
ماءُ پيءُ نہ سهرو، پڇنديئي پرائي.
طالب تي پرور، موليٰ ڪرم ڪر،
برڪت پيغمبر، هي شئي نماڻي.
بچل شاهه
بچل شاهه مياڻي سکر وارو حضرت بيڪس جو همعصر هو. سکر جو بلند پايه شاعر ۽ صوفي درويش ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 1807ع ۾ مانجهو ۾ ٿي ۽ 1901ع ۾ سکر ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس آخري آرامگاهه مهراڻ جي ڀڪ تي، سکر بئراج جو ٿورو هيٺان آهي. بيت ۽ ڪافيون چيون اٿس. ڪافيءَ جي هڪ مصرع:
برهه بازي ڪار سازي، حق حقيقي منهن مجازي،
ساهه ۾ سهڻي صلاح، ورهه ڪيئن آهي ويڳاڻو.
محمد اڪرم
ساڳي دور ۾ شڪارپور ۾ محمد اڪرم پٺاڻ نالي شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن 1905ع ۾ وفات ڪئي. ڪافيون چيون اٿس. هڪ مصرع:
درد حسن جي ڪيس ديواني، چاڪن ڪئي مان چور،
ڪر ڪا يار ورڻ جي.
ايسر فقير
انهيءَ دور جي پوئين زماني ۾ درازه درگاهه تي سخي قبول محمد دوم 1842ع – 1924ع سجاده نشين هو. ايسر فقير روهڙائي سندس طالب هو. هن هندو فقير جي شعر جو مثال ڏجي ٿو:
”جنهن کي رانول رمز چکائي،
سا دل ڪرندي ماهي ماهي.“
ڪريم ڏنو
سخي قبول محمد جو طالب، شڪارپوري، ڊي – پي – آءِ جو پي – اي هو.
هوت تنهنجي هنج ۾، پوءِ ڏونگر ڇو ڏورين،
و نحن اقرب اليه من حبل الوريد، منهن نا موڙين،
قل هو الله احد الله الصمد، چت اندر چورين،
الله هو اورين، ڪريم ڏنو قلوب ۾.
بهاول فقير
شڪارپور، جو ايڪسائيز انسپيڪٽر هو ۽ سخي قبول محمد جو طالب هو:
”جدا ٿيو جڏهن جاني، جوش جگر جلايو،
ڏيئي درد دل ۾ دلبر، رڻ ۾ تو رلايو.“
احمد علي
شڪارپور جو سنڌي ماستر بہ سخي قبول محمد جو طالب هو.
”باغ بهاريا وڻ ٽڻ موريا، سبز سڃن سنساري،
گل ڦل ٽڙيا خوب بسنتي، هر هنڌ ٿي هٻڪاري.“
واليڏنو فقير
واليڏنو فقير شاعر ٿي گذريو آهي، جو پي. ڊبليو. ڊي جو ٺيڪيدار هو. سنڌيءَ ۾ عروضي شعر چيو اٿس. وفات 1307 هه. هڪ غزل جي
مصرح:
”وسن ٿا مينهن محبت جا، وهن ٿا نار نيڻن کئون،
اُٿاري هن اُڃايل کي پيالو پُر پياريندا“.
ٻڍڙو فقير
ٻڍل فقير عرف ٻڍڙو فقير ولد عبدالواسع ڳوٺ نجفي انڙ تعلقي شڪارپور ۾ 1865ع ڌاري تولد ٿيو ۽ 1939ع ۾ وفات ڪيائين. سندس حياتي مستي ۽ مجذوبي ۾ گذري. پير سائين حزب الله شاهه جو مريد هو، سٺو شاعر هو. سندس ڪلام، بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي، جو ”رسالو ٻڍل فقير“ ۾ ڇپيل آهي، هڪ بيت ڏجي ٿو:
”ڇنڊي ڇنڇر ڏينهن کي وينگس ڇوڙيا وار،
سڏي ۽ سڏڪا ڀري پر لئي ڪڍي پار،
پئي روئي پنڌ ۾، ڀوري لئي ڀتار،
سونهارا سردار! هن کي ڪاهي ڪيچ رسائين.“
لال محمد ”لال“
پني عاقل تعلقي، گهوٽڪيءَ جو برگزيده عالم ۽ سنڌيءَ جو سٺو شاعر هو. بيت ۾ ڏوهيڙا چيا اٿس: 1890ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس هڪ ٽيهه اکريءَ جي ڊگهي بيت جون ٻہ سٽون مثال طور ڏجن ٿيون:
”ٿي تون ثمر سڪ جو، ثابت رکي سپر،
هلي پئي هاڙهي، ڇڏي صاف سڌير.“
علي مراد ”عاصي“
ڳوٺ ٻڍي تعلقي ڳڙهي ياسين جو زميندار هو، چڱو شاعر هو. سندس هڪ نظم جو ڪتاب ”گلشن بهار“ مجموعي ۾ مدحيات ۽ مناجات ڇپيل آهي، جنهن ۾ ٽيهه اکريون، ڪافيون ۽ ٻيو نعتيه شعر آهي. سندس ٽيهه اکري جي هڪ بيت جون ٻہ سٽون مثال طور ڏجن ٿيون:
”ٿي تڳان تو ريءَ اوهان جي، هوت هيڻن کي اڀل،
تون اڙين جو اوٽ آڌر، مصطفيٰ مختيار مل.“
ڪرم شاهه
ڳوٺ ٻرڙا، لڳ ڪرن تعلقي شڪارپور جو ويٺل هو. سندس ولادت 9 –1903ع ڌاري ۽ وفات 1953ع ۾ ٿي. سنڌيءَ جو چڱو شاعر هو. سندس هڪ ٽيهه اکري جي هڪ بيت جون ٻہ سٽون مثال طور ڏجن ٿيون:
”خي ئون خان کڻي ويس، اهي کوٽا مٿئون کٽ،
ستل ڇڏي سيج تي، ٿيا ڄاڻي واڻي ڄٽ.“
علي نواز ”علوي“
19 صديءَ جي آخر ۾ ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾، شڪارپور جي مشهور اولياءَ حضرت فقير الله علويءَ جي خاندان مان، حاجي علي نواز ”علوي“ 1851ع – 1920ع سنڌ جو بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. علم عروض توڙي قديم نوع تي ڪافي سنڌي شعر چيو اٿس. هڪ ڪافي مثال طور ڏيون ٿا:
تنهنجي حسن سڄڻ حيران ڪيا،
انسان هزارين مان نہ رڳو.
تنهنجي شان برابر شاهه نہ ڪو
تنهنجي سونهن سندو مٽ مان نہ ڪو
تنهنجي خيال کان خالي ساهه نہ ڪو
خواهان هزارين مان نہ رڳو
قرآن سراسر شان سندءِ
آ واصف خود رحمان سندءِ
ٻيو ڪهڙو ڪري ڪو بيان سندءِ
حيران هزارين مان نہ رڳو
ٻڌا جاني جن ڪلام تنهنجا
ڪن سهسين سڪ مان سلام تنهنجا
ٿيا حلقه بگوش غلام تنهنجا
سلطان هزارين مان نہ رڳو
تنهنجا مادح ميڪائيل جهڙا
ڪئين عاشق اسرافيل جهڙا
تنهنجي در تي جبرائيل جهڙا
دربان هزارين مان نہ رڳو
توتان جان فدا ڪن شاهه گدا
ري ناڻي ٻانها ٻيل ٻڌا
ٿيا خادم تنهنجي خلق سندا
خاقان هزارين مان نہ رڳو
ناهي ”علوي“ هڪ مفتون تنهنجو
آهي عالم سڀ ممنون تنهنجو
ٿيو جاني جڳ مرهون تنهنجو
قربان هزارين مان نہ رڳو
سرائڪي ڪلام
سڄڻ ساڏي ساهه وچ وسدا
جدا ڪيون ڪر ڪوئي ڏسدا
بره دا بار سر چاوڻ
اهين رستي اندر آوڻ
سڄڻ دي نال لنؤن لاوڻ
نهين وت ڪام هر حس دا
وجودون غير جو ٽالي
ڏکان وچ سک جيها جالي
هميشه پرت پيا پيالي
پرين دا پار سو پسدا
بره بيشڪ هي سر بازي
سوره سمجهي سرفرازي
رهي هر حال وچ راضي
نهين عاشق ڪڏان نسدا
خودي دا خون جو پيوي
جيندي جانون جدا ٿيوي
سوره سونت جڳان جيوي
سدا خوش حال ٿي هسدا
ٻهون ”علوي“ جو پيوس هي
نهين بيوس دا ڪو ڪس هي
علي فرياد رس بس هي
اوڪس هي مين بيڪس دا
هندي ڪلام
پيا عرض ميرا منيو که ناهين
ميرا حال دل سي سنيو که ناهين
مين روزِ ازل سي هون قربان تجهه پر
مجهي اپنا درسن ديکهيو که ناهين
نهين سنده مين چين آتا هي کهين
عرب مين مجهي اب بُليو که ناهين
تجهي بعد مانع نهين ديکهني سي
مجهي ملني کا ڊهب بتيو که ناهين
مين شاهي نهين چاهتا مجهه کو شاها
گدا اپني در کا بنيو که ناهين
تيري درد فرقت مين روتا هون هردم
بلا پاس اپني بڻهيو که ناهين
مين هون نيک يا بد تيرا هو چکاهون
هلاکته مجهکو بچيو که ناهين
قيامت مين جب لوگ پياسي پهرينگ
شرابِ شفاعت پليو که ناهين
جدهر انبيا نفسي نفسي پکارين
ادهر هاتهه ”علوي“ کاليو که ناهين
اردو ڪلام
مجهي ديدار تم اپنا دکهاؤ يا رسول الله
رخِ انور سي تم پردا اڻهاؤ يا رسول الله
کرو ديدار اپني سي ميري آنکهون کو نوراني
جدائي کي اندهيري سي چهڙاؤ يا رسول الله
تمهاري درد فرقت مين بهت مدت سي روتا هون
وصل اپني سي اب مجهکو هساؤ يا رسول الله
گناهون کا ميري سر پر پڙا هي بوجهه بس باري
شفاعت کا مجهي مڙده سناؤ يا رسول الله
ميري کشتي کي تم هو ناخدا بحر دو عالم مين
بس اب چاهو ڊباؤ يا بچاؤ يا رسول الله
هي ”علوي“ سندهه مين پابند دام درد مهجوري
کرم کر کي مدينه مين بلاؤ يا رسول الله
هادي ڏنو
حافظ هادي ڏنو ماڙي تعلقي سکر جو ويٺل هو. 1890ع – 1916ع – بلند پايه صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. هڪ مصرع:
”چشما چوري ڪن زوري، نئون لائي نينهڙو.“
مولانا عبدالغفور
مولانا عبدالغفور همايوني ولد خليفو مولانا محمد يعقوب همايوني تعلقي شڪارپور ۾ 1261 هه ۾ تولد ٿيو، سندس والد اصل شهر ”جهٽ“ بلوچستان جو رهاڪو هو، پر همايوني جي هڪ زميندار وڏيري غازي خان سومري جي استدعا تي همايون ۾ اچي رهيو هو ۽ اتي ديني تعليم ڏيڻ لڳو. مولانا عبدالغفور گهڻو علم پنهنجي والد کان حاصل ڪيو، پر ان جي وفات 1273 هه کان پوءِ باقي علم مولوي سلطان محمد پنجابي کان حاصل ڪيائين ۽ پوءِ پنهنجي والد جو مدرسو هلائڻ لڳو. مولانا پنهنجي وقت جو جيد عالم هو، سنڌ، هند، بلوچستان وغيره جا ڪيترائي شاگرد وٽائنس فيضياب ٿيا. مولانا هڪ بهترين شاعر هو. سندس تخلص ”مفتون“ هو. سندس سنڌي غزلن ۽ ڪافين جو مجموعو بہ هو، جو في الحال گم ٿي ويو آهي. مولانا صاحب 1336 هه ۾ وفات ڪئي. مولوي صاحب هڪ اهل الله، صاحبِ دل، ظاهر ۽ باطن جو باعمل عالم هو. سندس ڪمالات ۽ فضائل جو ثبوت سندس تصنيف ”فتويٰ همايوني“ بس آهي. آخر گوشه نشين ٿي ويهي رهيو. مولوي صاحب وقت جي شاعرن ۾ هڪ نامور شاعر بہ هو. سندس ڪلام ۾ سوز ۽ درد نمايان آهي. مولوي صاحب جو حسب ذيل ”غزل“ مشهور ۽ مقبول عام آهي. ان جي تتبع تي ڪيترن ئي شاعرن ڪوشش ڪئي، پر مولوي صاحب جهڙي ڳالهه پيدا ڪري نہ سگهيا، ملاحظه فرمايو:
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نہ رڳو،
تنهنجي شاهه دسترخوان مٿي، مهمان هزارين مان نہ رڳو.
تنهنجي جلوه جمال جو عشوه گري، ڪيا ملڪ مطيع وسيع وري،
ڇا جن، ملائڪ، حور، پري، غلمان هزارين مان نہ رڳو.
ڪئين ابرو تيغ شهيد ڪيا، ڪئين ناز مزيد مريد ڪيا،
ري ناڻي ديد خريد ڪيا، سلطان هزارين مان نہ رڳو.
اي ماه لقا محبوب مِٺا، تنهنجي ناز ادا تان جان فدا،
ٿيا دامن گير، امير، گدا، حيران هزارين مان نہ رڳو.
ڪئين گهايل تنهنجي گهور سندا، مخمور سرور سندا،
تنهنجي نور حضور سندا، نگران هزارين مان نہ رڳو.[1]
آخوند عبدالقادر
تخلص ”بيدل“ شڪارپور ضلع سکر جو هزار ڪوشش بعد بہ مرحوم جي سوانح ۽ ڪلام دستياب نہ ٿي سگهيو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ بذات خود شڪارپور وڃي ڪوشش ورتي، مگر خالي واپس ٿيڻو پيو. سنڌ جي انهيءَ بيقدري ۽ بي علمي تي جيترو ماتم ڪجي، اوترو ٿورو آهي، صرف ايترو بہ معلوم نہ ٿي سگهيو تہ مرحوم کي آخوند ڇو سڏيو ويندو هو، جن مرحوم کي ڏٺو هوندو، انهن کي خبر هوندي. ان زماني ۾ ثواب زياده، روحانيت عام، چڱائي جام، نيڪ نيتي گهڻي هئي.
غلام علي خان
غلام علي خان ولد محمد آچر، تخلص ”جعفري“ شڪارپور ضلع سکر، انگريزيءَ ۾ مئٽرڪ پاس، پارسي، اردو ۾ بہ چڱي مهارت رکندڙ هو. ويهه ورهيہ مختيارڪار رهيو. هڪ خليق انسان هو. 1882ع – 1951ع ۾ پنهنجي عشقيه ڪلام جو ديوان پنهنجي هٿن سان درياء داخل ڪيائين ۽ چيائين تہ جڏهن الله کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه فنا آهي تہ ڀلي هي ديوان بہ هاڻي فنا ٿي وڃي. هيٺ آيل ڪلام مان ٻہ شعر ملاحظه لاءِ لکجن ٿا:
”پرين تو کان ٿي پرزه هڪ تہ پيارا ”جعفري“ جي دل،
جدائي کان ٻيو جاني جگر پامال هو منهنجو.“
”نه هي ڪو شعر آ ديني، نہ ڪا ان ۾ نصيحت آ،
مئس، گهوڙا ڦريس، سڀ ڪو چوي حال بتر پنهنجو.“
مولوي غلام رسول
مولوي غلام رسول عرف محمد هاشم ويٺل شڪارپور، وفات 1926ع.
محمد قاسم
ڳڙهي ياسينوي، وفات 1349ع ان دور جا سنڌي شاعر هئا.
امام بخش
شڪارپوري، تخلص ”خادم“. وفات 1918ع. علوي جو همعصر هو، سنڌيءَ جو سٺو شاعر هو، علم عروض توڙي قديم نوع تي شعر چيو اٿس:
”چند روز زندگيءَ تي ڀروسو خادم نہ ڪر،
آه ماڻهو اڄ سڀان، الله بس، باقي هوس.“
ڪرم فقير
ذات سومرو، ويٺل شاهه آباد تعلقو ڳڙهي ياسين، وفات 1366 هه. سندس هڪ ڪافي جي مصرع:
”ٽوٽ ٽرڙا ڪري ورڙا، مکي تيل گهمن گهرڙا،
ڀاڙيا ائين نہ ڀاءِ.“
مولوي بهاؤ الدين
ويٺل نصير ڪوٺي لڳ گهوٽڪي، ذات ڀاوناڻي پتافي وفات 1352 هه وڏو عالم ۽ سنڌيءَ جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس فرزندن مان مولوي محمد اعظم ”سراجي“ ۽ عبدالرحمان ”ضيائي“ بہ سنڌي شاعر آهن.
مولانا امروٽي رح
مولانا تاج محمد ولد عبدالقادر امروٽي وڏو عالم ۽ آزادي جي تحريڪ جو حامي به، سنڌيءَ ۾ مولود ۽ قومي نظم چيا آهن.
نبن فقير
ذات جيهو، ويٺل جيها تعقلو ڳڙهي ياسين وفات 1919ع. سنڌيءَ جو صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪافي جي هڪ مصرع هي آهي:
”ديدن تنهنجن دونهان دکايا، اتي اڏيا سين اوتارا،
سڪندي سڪندي سال لنگهي ويا،
نيڻن مئون وهن نارا.“
ميهر شاهه
ڳڙهي ياسين تعلقي جي ڳوٺ اورنگ آباد جو ويٺل هو. وفات 1940ع سندس شعر بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. قدرتي نظارن کي چڱيءَ پر چئي سگهندو هو، مثلاً :
”ڀلي ڪري آئين منهنجا بسنت بهار،
ڪيسو ڪيوڙا انب انبوريا، کجين ڪيا ڳلڦار.“
علي نواز شاهه
حاجي علي نواز شاهه ولد ڏنل شاهه ڳوٺ الياس تعلقي ڳڙهي ياسين جو ويٺل ۽ ميهر شاهه جو همعصر هو، حرمين شريفين جي زيارت ڪري آيو هو. انهيءَ سفر جو سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ بند هت ڏجي ٿو:
”جيڪر واءُ سهاري، وڃ تون پيش آوين، ڏج تون خبر ساري،
گچيءَ پاند پاوين، پيرين دست لاوين.“
بنگل
ذات جو جوڻيجو ۽ بگڙا جوڻيجا تعقلي ڳڙهي ياسين جو ويٺل هو. اٽڪل 15 سال اڳ وفات ڪري ويو. چڱو شاعر هو. سندس ڪلام ڏور، ڪافين، معجزن ۽ مداحن تي مشتمل آهي. سندس هيٺين ڏور جي بيت ۾ حضرت ابراهيم جي آڙاه وارو واقعو آيل آهي:
”جڏهن سارنگ چڙهيو سيج،
تڏهن ڪڪر ئي ڪو نہ هو.“
شاهه محمد
جوڻيجو بنگل جو همعصر ۽ ساڳئي ڳوٺ جو هو. هن بہ شعر کان سواءِ ڏور جا بيت چيا آهن. هيٺئين بيت ۾ حضور پاڪ جي نور ڏانهن اشارو آهي:
”نڪا هاءِ نہ هوءِ هئي، نڪا صورت صفائي،
نڪو هو ماڳ ملڪ تي، نہ آدم اصفائي،
اتي تنهن عجيب، لونءَ چڱي لائي،
جڏهن ظاهر ٿيو ذاتي، جاءِ انهيءَ جوڻيجو چئي.“
صاحب فقير
صاحبڏنو ولد محمد بخش ”رڪ“ تعقلي گهوٽڪيءَ جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. 90 ورهين جي عمر ۾ ڪافي وقت اڳ وفات ڪيائين. سندس وفات مرشد حضرت محسن شاهه جيلاني جي ڳوٺ ”سوئي“ تعلقي اوٻاوڙي ۾ ٿي ۽ اتي ئي مدفون ٿيو. سندس ڪلام مولودن، ڪافين ۽ بيتن تي مشتمل آهي. محبوب کي مخاطب ٿي چوي ٿو:
”يار سانول تنهنجون ڳڻي ڳڻي ڳالهيون،
پاڻ پنهنجو منجهه پور وڌوسي.“
بهاؤ الدين
بهاؤ الدين ولد ڦلڻ خان مهر، عزيز پور تعلقي پني عاقل جو ويٺل هو. ڪجهه وقت اڳ وفات ڪيائين. سندس ڪلام معجزن، مداحن، بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. هڪ مداح جو هڪ بند هيٺ ڏجي ٿو.
”جيڪي عناصر الله جا سي تو لئه سڪن سردار ٿا،
زيارت لئي لعلڻ تنهنجي هردم سڪن هزار ٿا،
سوالي اوهان کي سرورا، مرسل ڄاڻڻ مدار ٿا،
اوهان ريءَ يا احمدا نہ عاصي ڀائن آڌار ٿا.“
محمد کٽي
تعلقي پني عاقل جو هڪ سگهڙ شاعر ٿي گذريو آهي. مختلف ڌنڌن ۽ ڪسبن تي ڪيترائي بيت چيا اٿس، سندس هڪ ڊگهي بيت مان ٻہ سٽون ڏجن ٿيون، جنهن ۾ بازار جا سودا ڳڻيا اٿس:
”نظر ڪري نهاريان، جان پيهي منجهه بازار،
ڳڙ، گيهون، مکڻ، مصري مان پسان جال جوار.“
صابر موچي
هڪ بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. هڪ روايت موجب ڳوٺ ڪاڪي پوٽا تعلقي ڳڙهي ياسين جو ويٺل هو. سندس وڌيڪ حالات معلوم ڪونهن. ڪن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته، هن جلال کٽيءَ سان بيت بازي ڪئي جو تقريباً 12 صديءَ ٿي گذريو. هن قديم شاعريءَ جي قسم ”سينگار“ تي اعليٰ درجي جا بيت چيا آهن:
”مک پسي محبوب جو هي قمر ڪڇي ٿو ڪين،
ڪٽونب ڪيس قريب جا، وڏا تليهر کان تيز،
گت کڻن گنبير ڪرن، چيٽو پسي چيز،
اهڙا محب مهميز، مليا هن ”موچي“ چئي.“
حبيب الله
حبيب الله ولد صالح محمد شڪارپوري تخلص ”خادم“ ڪي سال اڳ وفات ڪيائين. آزاديءَ جي تحريڪ جي دور ۾ قومي نظم ۽ غزل چيا اٿس ۽ انگريزن جي ڏاڍي هجو ڪئي اٿس، هڪ هنڌ چوي ٿو:
”اڙي ڀولا! تنهنجون ڀوريون، ٿينديون بازار بيمانيون،
چوندي هر هڪ اسان کي هت، اوهان ئي اڄ رلايو آه.“
لطف علي
مولوي لطف علي ”مسڪين“ 1889ع ۾ ڳوٺ بهشتي ڪامل تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو، حاجي خان محمد جو پٽ ذات ڪولاچي بلوچ هو، پارسيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ چڱو شعر چيو اٿس ۽ ماستر هو:
”خد و خر خراب ٿيو، ڪمينو ڪيڏو،
ڏنگو ڏاڍو ڏيه جو، حرڪتي هڪڙو،
پر پڙهڻ ۾ تڪڙو، تيلان سونهين سڪول ۾.“
آخوند آدم
حاجي آخوند آدم ڳڙهي ياسين جو ويٺل، ڪاتب ۽ سٺو شاعر هو. ڪلام مولودن ۽ مداحن تي مشتمل آهي:
”ڏيل منهنجو ڏڪي، ڏسي ڏوهن،
شاهه ڪيو شاد مون، ضعيف بدن،
مهر مسڪين ٿئي، معاف ڏاتر ڏکن.“
مولا بخش
مولا بخش ”مسڪين“ ولد عبدالحميد ڀٽو شڪارپوري 1907ع ۾ ڄائو ۽ 1953ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌي ماستر هو. سنڌي ڪلام کان سواءِ نثر ۾ تصنيفون بہ آهن، شڪارپور لاءِ چوي ٿو:
شاهي شڪارپور، جو آه ملڪن ۾ مشهور،
موچارا منجهس ماڻهو رهن، موجن ۾ مسرور،
دانهن وڏي دستور، ٿا رکن راضي روح کي.“
ڪريم بخش
ڪريم بخش مڱريو، ماستر ويٺل ڳوٺ ماڙي. پڇاڙيءَ واري وقت ۾، اسر جو اُٿي پنهنجي هڪ ڪافي ڳائيندو هو:
”اسر جو اٿي ڳايون ٿا،
ماڻهن جي ننڊ ڦٽايون ٿا،
پنهنجو پاڻ پٽايون ٿا.“
قادر بخش فقير
قادر بخش فقير ولد محمد ذات ميمڻ ويٺل ماڙي 1881ع ۾ ڄائو ۽ 1952ع ۾ وفات ڪيائين. ٿورو پڙهيل هو، ٿوري مذهبي ڄاڻ رکندڙ هو ۽ مسجد ۾ ٻانگ ڏيندو هو، شعر سادو سلوڻو اٿس:
”سرتيون سانگين لئي سڪان ويٺي ساريان،
عمر هي پنهنجي ڏکن ۾ گذاريان.“
غلام علي سومرو
سنڌ جو صوفي شاعر، ”بيدل“ جو معتقد 1893ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو ۽ 1953ع ۾ وفات ڪيائين. ريوينيو ۾ سپروائيزنگ تپيدار هو. سڄي عمر فقيرانه گذاريائين. سندس ڪتاب ”هيرن جو هار“ عرف ”مسدس مسرور“ ڪيتري وقت کان ڪاليجي ڪورس تي آهي.
”اهو تہ عجيب ديس ڏٺم، گهمي تہ لقا لبيس ڏٺم،
نه ريس اتي سيص ڏٺم، نواب نڪو جناب ڏٺم.“
سنت پرمانند
شڪارپور جي يوگ آشرم جو سوامي هو. هنديءَ ۽ ويدانتي ڀڄن چيا اٿس:
”آهي نہ ڪو اسرار، ڇا چئي مان ڇا ٻڌايان،
نظر نيڻن جي جاڏي کڻان ٿو، آهي صورت عجيب اپار.“
آغا صوفي
آغا غلام نبي ولد آغا گل حسن دراني پٺاڻ 1889ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو ۽ 1928ع ۾ وفات ڪيائين. انگريزي تعليم سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان حاصل ڪري، خيرپور رياست جي تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. آغا صوفي درازي درگاهه جو وڏو معتقد هو. شعر کان سواءِ سنڌي نثر ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾ ”سچل سرمست“ مشهور آهي. سندس هڪ غزل جي هيٺين شعر ۾ ڪهڙي نہ نازڪ خيالي آهي:
”تربت جي لاءِ ”آغا“ جي هڪ گل نہ بچايئي،
اغيار کي عطا ته، سڄو هار ٿيو آه.“
دلاور علي
دلاور علي ”دلاور“ ولد رستم خان روهڙيءَ لڳ هڪ ڳوٺ ۾ 1854ع ۾ ڄائو، پوءِ ڳوٺ مان لڏي وڃي ڳوٺ تجل تعلقي ناري ۾ ويٺو، جتي 1884ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام بيتن، ڪافين ۽ مولودن تي مشتمل آهي:
”ساهه سيد کي منهنجو ساري، شال ڏاتر ڏيهه ڏيکاري،
وڄڙيون چمڪن بادل برسن، تاڙو مند کي تنواري.“
سيد خير شاهه
سيد خير شاهه ولد سيد علي شاهه ڳوٺ شاهپور تعلقي روهڙي ۾ 1882ع ۾ ڄائو، پوءِ اتان لڏي وڃي ٽنڊي مستي خان لڳ ڪچي ۾ ويٺو، جتي 1953ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام بيتن، مولودن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي:
”ابرو ڪالي، نين خماري، خاوند خلقي نقش ڪٽاري،
وچ ڪجل دي ڪار، ڀلو سيد سرما پايا.“
صوفي عبدالرحمان
گهوٽڪي جي پٺاڻن مان هو. جوانيءَ ۾ درازن جي درگاه مان اهڙو رنگ لڳي ويس، جو رچي ريٽو بنجي ويو. خواجه صدر الدين جي خانقاه بکر ۾ ديرو دمائي ويٺو ۽ وڏيون رياضتون ڪيائين. 1919ع ۾ وفات ڪيائين ۽ ڪناسرن جي ڳوٺ رياست خيرپور ۾ مدفون آهي. مير علي نواز خان ٽالپر سندس معتقد هو ۽ مير صاحب ڀوپال کان فقير ڏانهن خط موڪليندو هو، جن جا جواب فقير صاحب راقم کان لکائيندو هو. سندس ڪلام تصوف جو نچوڙ آهي. نموني طور هڪ غزل ملاحظه فرمايو:
”عرش اتي آشيان اساڏا، ويکو جسم ڪنون پرواز،
آپ هون عاشق، آپ هون معشوق ناگه ٿيڙا ناز،
جهڙي ويلي موج سر آوندي، من خدا آواز،
اپڻا يارو سير ويکڻ آيس، صورت دا ڪر ساز،
”عبدالرحمانا“ رمز رندي دا، مرشد ڏتڙا راز.“
همت علي شاهه
همت علي شاهه رضوي روهڙيءَ جي ڪوٽائي سيدن مان هڪ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. ائين معلوم ٿئي ٿو تہ 13 صديءَ جي اوائل ۽ 14 صديءَ جي شروعات ۾ ٿي گذريو آهي. سندس هڪ مناجات ملي آهي:
”بهرِ خدا قائم بقا، بهرِ محمد مصطفيٰ،
بهرِ علي المرتضيٰ، توکان مڱان صدق صفا.“
مراد علي ڪاظم
شيخ مراد علي ڪاظم هڪ بلند پايه عروضي شاعر ٿي گذريو آهي. روهڙي ۾ 1901ع ۾ ڄائو ۽ 1954ع ۾ انتقال ڪيائين. سندس شعر جذبات ۽ غير معمولي احساسات جو مرقع آهي:
”دلچسپي عالم ٿو رکي شعر خدا داد،
خوبيءَ سخن آه نہ جاگير ڪنهن جي.“
آغا تاج محمد خان
تعليم جو مشهور ماهر ۽ منتظم آغا تاج محمد مرحوم ڳوٺ باهڙجي ۾ 1904ع ۾ ڄائو. سکر جي ميونسپل هاءِ اسڪول، آغا حسن علي خان جسٽس، پيرزاده عبدالستار سابق وزير اعليٰ سنڌ، منشي رحيم بخش ۽ آغا تاج محمد جهڙا شاگرد پيدا ڪيا. آغا تاج محمد تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪئي ۽ خيرپور ۾ تعليم کاتي جو سربراهه هو، جتان يونيورسٽي قائم ٿيڻ تي يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار مقرر ٿيو. 1959ع ۾ وفات ڪيائين. شاهه جو وڏو ڄاڻو ۽ مداح هو. شاهه ڀٽائي رح جي مدح ڏسو تہ ڪهڙي نہ عقيدت سان پيو ڪري:
”ڇو نہ سمجهان پاڻ کي، خوش بخت خوش قسمت مدام،
سنڌ ۾ سنڌين تي آهي، شاهه جو احسان تمام.“
محمد بخش ڪوجهي
سردار بهادر شيخ محمد بخش ”ڪوجهي“ ڀاگناڙي جي شيخ خاندان مان هو. درازي درگاهه جو وڏو خليفو ۽ بيحد معتقد هو. ڪليڪٽر هو. 1959ع ۾ وفات ڪيائين. تعيلم سان دلچسپي هيس. سچل سرمست ڪاليج قائم ڪيائين. ڪافين ۾ تصوف جو رنگ چڙهيل اٿس.
”سڱ نہ سياپو ساهيان، از لئون گولي آهيان،
پاند ڳچيءَ ڳل پايان، من ڪا ڪهل پوئي.“
سکر جا زنده شاعر
سکر ضلعي ۾ ڪيترائي زنده شاعر موجود آهن، جن کي اسان ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهون ٿا، جيئن:
(1) قديم نوع تي شعر چوندڙ (2) قديم ڍنگ وارا عروضي شاعر (3) ترقي پسند. هيٺ ٽنهي جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو.
قديم نوع تي شعر چوندڙ، گهڻو ڪري ٻهراڙين ۾ آهن، جتي هينئر اڳي وارو چرچو ڪونهي، تڏهن بہ ”جر مان مڇي کٽڻي ڪانهي.“ ڪيترائي ذوق جا صاحب موجود آهن، جي تند تنواريندا اچن. شڪارپور ۾ سانول شر ۽ رمضان لوهر، ان فن تي طبع آزمائي ڪندا اچن ٿا. سانول ڏور جو سٺو شاعر آهي ۽ رمضان گهڻا مولود چيا آهن. شڪارپور جي ڀرسان خانپور ۾ جان محمد کٽي ڌور جو ملوڪ شاعر آهي ۽ تمام وڏي عمر جو آهي. ماڙيءَ ۾ محمد اڪرم، حبيب ڪوٽ ۾ مولا بخش سومرو ۽ ڳوٺ شهمير تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ عبدالرحمان عاصي هڪ بلند پايه جو صوفي شاعر رهي ٿو، جنهن تصوف جي رنگ ۾ بيت ڪافيون چيون آهن. آرائين تعلقي سکر ۾ فقير غلام سرور پٺاڻ هڪ زبردست صوفي شاعر رهي ٿو. سندس ڪيترائي صوفي طريقي جا ڪلام چيل آهن. انهن کان سواءِ ٻيا ضرور هوندا.
قديم نوع تي جديد شاعرن بہ طبع آزمائي ڪئي آهي. سکر واري شيخ مبارڪ ”اياز“ انهن صنفن کي نئين رنگ سان پيش ڪري، جديد شاعري ۾ مروج ڪيو ۽ مقبول بنايو. لطف الله بدوي شڪارپور واري بہ هن قسم تي طبع آزمائي ڪئي آهي. قديم ڍنگ وارا عروضي شاعر بہ ڪيترا موجود آهن. پني عاقل ۾ جناب شاهه محمد شاهه سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ۽ سيد سردار علي شاهه صاحب ”ذاڪر“ ايڊيٽر روزنامه ”مهراڻ“ اعليٰ درجي جا شاعر آهن. شڪارپور جا لطف الله بدوي، صبغت الله شاهه ”اديب“، بشير مورياڻي، حاجي شير محمد چغدو، عبدالوهاب ”ناظم“، حبيب الله ڀٽو، ڳڙهي ياسين جو عزيز الله ”مجروح“، سلطان ڪوٽ جو آغا گل حسن. سکر جا امير علي شاهه ”جامي“ معصومي، دائود پوٽو ولي محمد ”ولي“، رحيم داد خان مولائي شيدائي، محمد حسين ”مشتاق“، عبدالسلام ”سليم“ گهوٽڪيءَ جو اظهر گيلاني سٺا شاعر آهن. ترقي پسند شاعرن مان پروفيسر شيخ عبدالرزاق ”راز“ ۽ شيخ اياز جديد رنگ ۾ بهترين عروضي شعر چيو آهي. راز صاحب غزل تي جديد رنگ ۾ ڪامياب تجربا ڪيا آهن. نياز همايونيءَ وري عروضي شاعريءَ کي انقلابي رنگ ڏنو آهي.
جديد شاعريءَ جا چوٽيءَ جا شاعر شيخ راز ۽ شيخ اياز بہ هن ضلعي جا رهاڪو آهن. سنڌ جي شاعريءَ جو ”نئون موڙ“ ڊي – جي سنڌ ڪاليج جي ”سنڌي سرڪل“ قائم ٿيڻ کان پوءِ ٿيو، جا 1941ع ۾ قائم ٿي. پروفيسر محترم شيخ ”راز“ انهيءَ سرڪل جو شروعات کان چئن سالن تائين سيڪريٽري ٿي رهيو، انهيءَ سرڪل جي ڪوشش سان نئين شاعري شروع ٿي ۽ پنهنجا ارتقائي مرحلا طئي ڪرڻ لڳي. شيخ اياز صاحب بہ ان زماني ۾ سرڪل سان وابسته هو، شڪارپور جو بشير مورياڻي بہ ترقي پسند شاعرن ۾ شمار ٿو ٿئي.
عزيز الله ”مجروح“
عزيز الله مجروح 35 سال کن اڳ تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ جادي ڪلهوڙي ۾ جنم ورتو. ذهانت جي ڪري کيس پنهنجي پوري خاندان ۾ خاص درجو حاصل هو. سنڌي تعليم کان سواءِ ڪجهه عربي ۽ فارسي مان واقف ٿيو. شاهه ڀٽائي ۽ ڊاڪٽر اقبال ننڍي ٽهيءَ کان سندس پسنديده شاعر هئا. سندس تصنيف ڪيل ٽي ڪتاب آهن:
(1) ”نالهء دل“، جو ڇپجي چڪو آهي. (2) ”داستان مجروح“ ۽ (3) ”افڪارِ مجروح“. جن مان داستان مجروح مڪمل آهي. مجروح سنڌ جو اهو نوجوان هو، جنهن مختصر زندگيءَ ۾ سنڌ جي شاعرن ۾ چڱو مقام حاصل ڪيو. 8 آگسٽ 1962ع ۾ مرحوم تي ننڊ جي حالت ۾ سندس دشمنن بندوق جا فائر ڪيا ۽ بر وقت دم ڏنائين. حب وطن جي جذبي کان متاثر ٿي مرحوم چوي ٿو:
قربان ڪيان ديس جي ڌرتي تان سڄو جڳ، ڇڇ
مون لاءِ تہ آ خاڪ، وطن طول وهاڻو.
ساريون ۽ جوئر وونئڻ مٽر ڪڻڪ چڻا ڏس،
الله اڪيچار ڪيو آب ۽ داڻو.
پورهئي کان پنوهارن کي نہ ٿئي هار ڪڏهن ڀي،
ڪو هر ۾ رڌل ۽ ڪو وهي نار نماڻو.
شل منهنجي وطن جو هر فرد رهي خوش،
عباسي ۽ ابڙو يا مڱڻهار، مهاڻو.
پنهنجي مادري زبان جي محبت رکندي، سنڌي عوام کي مخاطب ٿي ڪري چوي ٿو:
ويهي متان وڃايو سنڌي زبان پنهنجي،
ڏسجو متان ڦيرايو سنڌي زبان پنهنجي.
سامي سچل ۽ بيدل ۽ ڀٽ ڌڻي جي صدقي،
رڻ ۾ نہ هيئن رلايو سنڌي زبان پنهنجي.
اردو ۽ بنگله کي بيشڪ رکو اکين تي،
سڀني سان پر لڳايو سنڌي زبان پنهنجي.
عزت جي زندگي ٿا چاهيو تہ چست ٿيو اڄ،
قائم اوهان ڪرايو سنڌي زبان پنهنجي.
نياز همايوني
”نياز“ همايوني صاحب، سنڌ جي ميلن بابت فرمائي ٿو:
هي سنڌڙي جيئي شال آباد ملڪ آهه،
هتي سال ۾ ڪيئي ميلا لڳن ٿا.
جتي سينڌ سرُما ڪري خوب ٿي ٽاٽ،
اوري پري کان سريلا اچن ٿا.
ڪي پاچن ۾ پورا ڪي کيسن ۾ گم،
ڪي مڻيادار مهانڊا ٿين ٿا.
- - - - - -
جڏهن ڪو بہ ميلو لڳي ٿو تہ ائين ٿو سجهي،
ڄڻ تہ شهرن ۾ شب برات آئي.
هي بر ۾ بازاريون هي جهنگل ۾ منگل،
گهمي ڄڻ تہ جنت مان اوقات آئي.
نظر ڪر تہ ماڻهون، ائين ڄڻ ته،
دهلن ڌمامن سان راجا جي بارات آئي.
- - - - - -
هو جوڙا ملهن جا، جتي جوان جوانن کي،
ڀاڪر وجهي بي ڊپا ٿي وڙهن ٿا.
گهڙيءَ ٿا ڪمانن جان ٻيڻا ٿين،
گهڙيءَ تير وانگي سڌا ٿي وڙهن ٿا.
دسڻ ۽ ڪرڻ مرڪ مردن جو،
ڊپ کان ٿي آجا، هي مهمير راجا وڙهن ٿا.
لطف الله بدوي
پروفيسر لطف الله بدوي شڪارپوري راقم جو همعصر، سنڌ جي محققن ۾ شمار ٿئي ٿو. بدوي صاحب هن وقت ملازمت کان رٽائرڊ ڪيو آهي. سندس هڪ غزل نموني طور ڏجي ٿو:
زندگي جي خواب جي تعبير ڏسڻي آ پئي،
هت اچي تقدير ۽ تدبير ڏسڻي آ پئي.
آرزو جو نقش هو رنگين، پر ان جي بجا،
بيڪسي ۽ رنج جي تصوير ڏسڻي آ پئي.
ڪيترو نادان هيس، جنهن تي ڪيم ٿي ناز پئي،
ان نگهه پرور کان ئي تشهير ڏسڻي آ پئي.
ان جي وعدن تي تمنا جي عمارت کي رکيم،
پر اڌوري دل جي هي تعبير ڏسڻي آ پئي.
آ تعجب قرب ۽ دوري ٻئي ٿي پيا عذاب،
پنهنجي ئي قسمت جي هي تحرير ڏسڻي آ پئي.
”لطف“ مون وٽ دل هئي، ڪيڏي نہ بي پروا، مگر،
هاءِ هو هٿ کان ڏئي تحقير ڏسڻي آ پئي.
شيخ عبدالرزاق ”راز“
شيخ عبدالرزاق ”راز“ جو بيان مٿي ڪري آيا آهيون، هو صاحب سکر پراڻي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ۽ اسلاميه ڪاليج جو پروفيسر آهي:
رات ڪهڙي نہ اڄ سهاني آه،
چنڊ جو عالم جواني آه.
تنهنجي آئي ٿي چنڊ جي چانڊاڻ،
مهربان! تنهنجي مهرباني آه.
جنهن ۾ هڪ پل نہ آ خوشي حاصل،
ڪهڙي هيءَ منهنجي زندگاني آه.
ٿئي حقائق کان آشنا ڪوئي،
زندگاني پوءِ جاوداني آه.
عشق جي بيڪسي ۽ مجبوري،
حسن رنگين جي ڪامراني آه.
- - - - -
اسان اڄ بي حجابانه تنهنجي محفل ۾ آياسين،
اسان هڪ آرزو بڻجي دلِ قاتل ۾ آياسين.
وڃون ڪاڏي، ملون ڪنهن سان، ٻڌايون حال دل ڪنهن کي،
اسان بس آزمائش جي وڏي مشڪل ۾ آياسين.
نه هُت ڪو چين ٿي آيو نہ هِت ڪوئي قرار آيو،
اسان گرداب مان نڪري جڏهن ساحل ۾ آياسين.
گهڻي همت ٻڌي اڳتي وڌياسين شوق مان ليڪن،
وري گهٻرائي موٽياسون جڏهن منزل ۾ آياسين.
ٻڌوسين، ”راز“ هڪ سمجهي، لڳايو تو آه سيني سان،
خدا ڄاڻي ڪڏهن لاڪر اوهان جي دل ۾ آياسين.
شيخ مبارڪ ”اياز“
اصل شڪارپور جو ويٺل سکر ۾ وڪالت ڪري ٿو. سکر ريجن گلڊ جو ميمبر رهيو آهي. ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو:
وائي
جتي ڪٿي هو آهي، جيڏيون، جنهن سان جان جڙي!
ملي ويو هو منهنجي مڌ سان، ڳوڙهن منجهه ڳڙي.
پرين اسان جي پيالي ۾ هو، جيسين رات لڙي،
تنهنجي سار سوا، اي سرتيون، گهاري ناهه گهڙي.
هانءُ اسان جو تنهن وٽ هوندو، جنهن ۾ آس اڙي،
ڇني ڏنوسون، ڇڄي نہ سگهندي، تنهنجي قرب جي ڪڙي.
غزل
هي دورِ محبت آ فسانو ئي فسانو،
ٻڌندا ٿا رهون آه گذر گاه زمانو.
هيءَ راند زماني جي تماشو ئي تماشو،
ويٺو ٿو ڪو ڳائي ڪو دلچسپ ترانو.
مکڙي نہ کڙي باغ ۾، پر منهنجو قاتل،
گذري ويو وقت، اهو وقت سهانو.
هي ننگ، هو ناموس، اهو وهم اجايو،
ويٺي ٿي ڪيو يار بهاني تي بهانو.
بس منهنجي عقيدت ۾ محبت ۽ فقيري،
هي منهنجو دفينو ۽ اهو منهنجو خزانو.
تون ناز و ڪرم، شان ۽ شوڪت جو مجسم،
هي ”اياز“ وري عجز و عقيدت ۾ يگانو.
محمود شاهه راشدي
مير محمود شاهه راشدي جو ڪلام پختو آهي، حضرت پير صاحب پاڳاري شاهه مرادن شاهه ثاني جو درٻاري شاعر ۽ تخلص ”سائل“ هئس.
ڪافي
موٽي مارو ملن مون، الله ڪري!
سدا سانگيئڙن کي ٿو ساهه گهري!
ڪري ويس وسڻ جا ٿا غيث اچن،
ڀانيان مينهن ملير تي اڄ ٿا وسن،
منهنجا نيرن ۾ ٿا نيڻ ٽمن،
آهي ملڪ ملير اٿاهه پري!
مون کي سڪ سبيل سنگهارن جي،
تن ٻاجهارن ٻڪرارن جي،
پوتم پرت اندر ۾ پنوهارن جي،
ڳران ڳڻتين ۾، جيئن ڳاهه ڳري!
وسون عام هونديون، وليون جام ٿينديون،
جيڏيون وسڻ گهمڻ صبح شام وينديون،
کلنديون پاڻ ۾ خوب ڪلام ڪنديون،
ورنديون پوئين پهر سر تي گاهه ڪري!
مارو مير، ”محمود“ نہ وسرن ٿا،
سندءِ سور اندر ۾ تہ اُسرن ٿا،
دل جا خمير سڄر سي تہ پسرن ٿا،
منهنجي جيءَ اندر ٿو آڙاهه ٻري!
حڪيم شمس الحسن اختر
سکر ۾ اردو جا گهڻائي شاعر آهن، جن ۾ بزرگ شاعر حڪيم شمس الحسن اختر آهي، جنهن جي وضع قطع دل کي لڀائيندڙ آهي. حڪيم صاحب جو سياست سان بہ تعلق آهي، جنهن ڪري ساڻس بحث مباحثه ۾ سياسي رنگ جو دخل ڏسڻ ۾ ايندو آهي، هونءَ رڳو شاعر آهي، شعر ۾ سندس قديم روايت جو رنگ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ان کان سواءِ نعمت بريلوي هڪ پرجوش نوجوان آهي. هن قديم روايت کي نظر انداز ڪيو آهي. وٽس جديد دور جو اثر زياده آهي. خاموش طبع انسان آهي.
آفاق صديقي
هي اردو زبان جو قادر الڪلام شاعر آهي. سندس ڪلام ۾ ڪيتريون ئي خوبيون آهن. منجهس جديد و قديم شاعرن جو امتزاج نظر اچي ٿو. سندس ڪلام ۾ سلاست ۽ سادگي آهي. کيس سنڌي زبان جي چڱي ڄاڻ آهي، تنهنڪري سنڌي ڪلام ۽ سنڌي افساني کي نهايت سهڻي انداز ۾ ترجمو ڪري سگهندو آهي. شاهه لطيف جي بيتن کان سواءِ هن سنڌ جي شاعرن جهڙوڪ شيخ اياز، شيخ راز ۽ تنوير عباسي جي شعرن جا اردو ۾ ترجما ڪيا آهن. پنهنجو گهڻو وقت ادبي خدمات ۾ صرف ڪندو آهي. سندس ڪلام جا ٻہ مجموعا شايع ٿيا آهن ۽ عڪس لطيف شاهه جي شخصيت ۽ ڪلام تي اردو ۾ سندس وڏي ڪاوش جو نتيجو آهي. هر ادبي ۽ ثقافتي انجمن جو ميمبر آهي ۽ سندس وڏي حيثيت آهي. رائٽرس گلڊ جو سيڪريٽري ٿي رهيو آهي ۽ سکر جي هر ادبي جلسي ۾ سندس وڏي خدمت آهي. نظم سان گڏ گيت ۽ غزل بہ لکندو آهي ۽ ترنم سان وڏي خوش الحاني سان پڙهندو آهي.
حسن حميدي
هي صاحب نظم جو شاعر آهي سندس هر شعر ۾ هڪ طنز آهي. تفريح طبع لاءِ غزل بہ لکندو آهي. سندس ڪلام ۾ عموماً انقلابي رجحانات نظر اچي ٿو. سندس ڪلام ڪيترين ئي تشبيهات ۽ تلميمات سان مرصع آهي! هو ادبي دنيا ۾ وڏي حيثيت رکندو آهي، پر سندس گهڻو وقت سياست ۽ ليبر ائسوسئيشن جي لاءِ وقف آهي.
رحيمداد خان مولائي شيدائي
راقم جو بيان مٿي ڪري آيا آهيون. مولائي جو شمار سنڌ جي محققن ۾ آهي. هيٺ سندس بيت ڏجن ٿا:
انگ نہ ڍڪ اڳڙين سين، تنهنجو شاهاڻو شان،
تو ڪيئن بن وسايو، خاڪي خاڪ مڪان،
تو نرگس چوڏس ڦلايا، تو لالا تو ريحان،
تنهنجي در تي ديوانا ٿيا، سوين سالڪ سلطان،
توکي ويدن ويراڳي ڪيو، ٻيو گيتا جي گيان،
مون کي مڌ مستانو ڪيو، پريتم تنهنجي پيمان،
راڌا تنهنجو ڪان، مون ساويرو صحي ڪيو.
- - - -
سرچي پنهنجي من سين، وٺ گروءَ سندو گيان،
تون املهه هئين عميق ۾، پنهنجو پاڻ سڃاڻ،
تو ۾ وڄن بانسريون، سوين ساز سامان،
ميران خاطرمن ۾، هئين ساڳيو سرت سبحان،
جنهن نانڪ نوازيا ڪيترا، سو تون ئي سبحان،
تون خالق مالڪ ملڪ جو، تون ڪامل ڪشتي بان،
پوءِ ڪهڙي ثمر ڪاڻ، پيو ٻاڏائين ٻين کي.
ڪرم فقير سومرو
تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ شاهه آباد جو رهاڪو، سيد فاضل علي شاهه مديجيءَ واري جو طالب هو. ولادت 1295 هه ۽ وفات 1366 هه. مرشد جي جلالي طبيعت سبب هن ۾ بہ جلالي جذبو پيدا ٿيو هو. هيٺيون ڪلام هڪ هندو ڳوٺاڻي طوطي مل کي بطور نصيحت ڪري چيو اٿس، جو ڪڙمين کي پيڙهيندو هو:
”ڇڏ تون طوطا اهو تال، خاصو رکجان خيال،
نالو رکائن پکيءَ جو، وري ميڙين مڏيون مال!
سيءَ پاري ڪڙمي ويچارا، صبح جو ڪن سوال،
”ڪرم“ چئي ڪر تون پنهنجو، چتونءَ جيئن چال.“
بشير مورياڻي
هي نوجوان شاعر شڪارپور ۾ پروفيسر هو پوءِ سي – ايس – پي جو امتحان ڏيئي، ڊپٽي ڪمشنر ٿيو. تخلص ”بشير“ اٿس:
چمن چمن کي ڏٺوسين، اُداس اُداس اسان،
نظر نظر کي ڏني آ، حسين آس اسان.
متان هي پنهنجي محبت جو خاتمو نہ هجي!
ٿيا نہ آهيون گهڻي وقت کان اداس اسان.
اسان جي دم سان ئي آباد آهي شهر الشهر،
رهيا نہ آهيون مسرت جي آس پاس اسان.
نه تنهنجو غم، نہ غمِ زندگي، نہ فڪرِ جهان،
خبر نہ آهي تہ ڇو آهيون اداس اسان.
ٿي رات پوري ۽ خالي رهيو اسان جو جام،
ڪري سگهياسين نہ ساقيءَ التماس اسان.
ڪڏهن ڪڏهن تہ اوهان کان سوا قرار مليو،
ڪڏهن ٿياسين اوهان وٽ بہ محوِياس اسان.
خبر اٿئون، تہ اسان کان هو بيخبر آهي،
”بشير“ ٿي نہ سگهيا آهيون پر نراس اسان.
سيد اظهر گيلاني
سيد اظهر گيلاني، رهندڙ گهوٽڪي تخلص، ”اظهر“ نوجوان شاعر آهي. ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
صنعت عڪس لفظي:
ڪر فيض عام ساقي! ڏي مئي ۽ جام ساقي!
ڏي مئي ۽ جام ساقي! ڪر فيض عام ساقي!
دنيا ۾ نام ساقي، تنهنجي سخا جو آهي،
تنهنجي سخا جو آهي، دنيا ۾ نام ساقي!
ڇو دورِ جام ساقي، دورِ جهان ۾ رڪجي؟
دورِ جهان ۾ رڪجي، ڇو دورِ جام ساقي!
ڪر انتظام ساقي، رندن کي مئي ڏيڻ جو،
رندن کي مئي ڏيڻ جو، ڪر انتظام ساقي!
ماهِ تمام ساقي، بوتل ۾ بند آهي،
بوتل ۾ بند آهي ماهِ تمام ساقي!
اعليٰ مقام ساقي، خوددار کي ملي ٿو،
خود دار کي ملي ٿو، اعليٰ مقام ساقي!
ماهِ صيام ساقي، رندن جي لاءِ آيو،
رندن جي لاءِ آيو، ماهِ صيام ساقي!
مئي آ حرام ساقي، ڇو شيخ جي چوڻ تي،
ڇو شيخ جي چوڻ تي، مئي آ حرام ساقي!
حرفِ غلام ساقي، ڪڍ دهر جي لغت مان،
ڪڍ دهر جي لغت مان، حرفِ غلام ساقي!
بگڙيو نظام ساقي، دنياءِ ميڪده جو،
دنياءِ ميڪده جو، بگڙيو نظام ساقي!
صبح ۽ شام ساقي، محتاج تنهنجو عالم،
محتاج تنهنجو عالم، آ صبح و شام ساقي!
تنهنجو مدام ساقي، ”اظهر“ کي آسرو آ،
”اظهر“ کي آسرو آ، تنهنجو مدام ساقي!
سيد امير علي جامي
امير علي سکر پراڻي جو معصومي سيد هو. تخلص ”جامي“ جو شمار سنڌ جي چوٽيءَ جي شاعرن ۾ آهي. سيد اظهر گيلاني جو همعصر آهي، جنهن جي ديوان جو ڪتابچو شايع ٿي چڪو آهي پر ”جامي“ صاحب جو اڃا ديوان شايع ڪو نہ ٿيو آهي:
سراءِ دهر ۾ جهڙو سندءِ آ نام اي ساقي!
روا رک اهڙو مستن تي بہ تون انعام اي ساقي!
رکيو آ حادثاتِ دهر بي آرام عرصي کان،
ڪرڻ ڏي مئڪده جي سايه ۾ آرام اي ساقي!
اڃا ڀي تشنه لب آهيون اڃا خواهانِ ڪيف آهيون،
اڃا مستن کي گهرجي ٻيو بہ دورِ جام اي ساقي!
زماني جا سهارا سڀ ڇڏي اڄ بي سهارو ٿي،
پيو آهيان اچي تنهنجي پناري، سام اي ساقي!
پياري مئه محبت پنهنجي هٿ سان شاد و خندان ڪر،
نهوڙيو آهي ”جامي“ کي غم و آلام اي ساقي!
تمت بالخير