پڪا رڇ ڪنڀار جا : تاجل ”بيوس“
وقت جي شاعرن ماڻھو ۽ سندس وجودي وٿن کي پروڙي جڏهن قلم کنيو آهي تہ سندن سٽون امر ٿي ويون آهن- ان لاءِ ضروري ٿو ٿئي تہ اُهي تخليقڪار ابن، ڏاڏن کان وٺي پنھنجن ماڳن ۽ مڪانن سان واڳيل رهيا هجن. جيڪڏهن ائين آهي تہ کين پاڻ جھڙو ماڻھو تہ ڇا پر هر وڻ، هر ٻوٽو بہ جيئرو جاڳندو نظر ايندو. ڪنھن وڻ جي گلن- پنن سان جنجهيل ٽاري پٽڻ کان اڳ ۾ هُو سوچڻ تي مجبور ٿيندا تہ اها ٽاري وڻ مان پٽجي يا نہ. اها ٽاري سندن هٿ ۾ سھڻي لڳندي يا اُن وڻ ۾. ٽاريءَ پٽڻ سان ڪھڙو مجموعي يا قومي ڪارج سرندو وغيره.
سرنھن جي پيلن کيتن جو پسار ڪندي، يا ڪنھن ڍنڍ جي ڪناري تي نيلوفر ۽ ڪنول جي اڻ کٽندڙ گلن جو رقص ڏسندي، اتان جي ڌرتيءَ ڄاين جو نيڻ، نيڻ ٺري پوندو ۽ ائين ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ مان اُڀريل سلا، ٻوٽا، وليون ۽ وڻ کين ماڻھن جھڙا ئي پيارا ۽ مٺڙا لڳندا. هن ڏس ۾ والٽ وٽمن، رچرڊ لي وئلن، ييسسنن، ڀرتري، آسڪر وائلڊ، گورڪي، حمزو رسول، جبران ۽ شيخ اياز ماڻھو ۽ ڌرتيءَ جي سندرتا جون سرحدون ڇُھي، چڱو خاصو ڇيھہ ڪيو آهي.
مون مٿي چيو آهي تہ هيءَ ساري ڌرتي شاعر جو ديس آهي. وٽس رنگ، نسل ۽ ڌرم جو ڪو بہ وڻج- واپار نٿو ٿئي. انھن ٽنھي وڙن مان جو وڙ جنم وٺي پنھنجي سونھن ۽ سندرتا سان سندس ذهن تي قابض ٿئي ٿو اُهو آهي ماڻھوءَ جو ڪردار، جيڪو علم، ادراڪ ۽ شعور کان اڏام حاصل ڪري عمل جون منزلون طئي ڪري اسان وٽ پھچي ٿو- ان لاءِ وري بہ مان ائين چوندس تہ ان قسم جو سڦلو ڪردار اُهو ئي پيش ڪري سگهي ٿو جيڪو پنھنجن ماڳن ۽ مڪانن ۾ ابن-ڏاڏن کان رهندو اچي ٿو ۽ رهڻ جو احساس رکي ٿو ۽ نہ ڪالھہ ڪالھوڻيءَ آيل غير مقامي ارغونن ۽ ترخانن جھڙا انساني بستين ۾ نقاب پوش ٽولا، جن وٽ هتان جي وستين، وٿاڻن ۽ وڻن واهيرن کي تہ ڇڏيو، پر انسان جي رت ۽ ماس لاءِ بہ عزت ۽ احترام ڪونھي. جيئري جاڳندي ۽ چرندڙ پرندڙ انسانن تي تيل هاري، تيلي ڏئي ساڙڻ کان وٺي مورڙي ۽ روپي ڪولھيءَ جي ڌرتيءَ کي گدرو سمجهي ڦارون، ڦارون ڪرڻ تائين وارو عمل هڪ طرف سندن جسم تي ڪتڪاڙيون ٿو ڪڍي تہ ٻئي طرف مقامي ماڻھن کي ٽلٽي ۽ ننگر ٺٺي جا 928 هجريءَ وارا منظر ٿو ياد ڏياري. مان ڏسان پيو تہ هن امن ۽ آتشيءَ جي ڌرتيءَ تي مريدڻ جَتُ (ا) ۽ راءِ کنگهار (2) وري جنم وٺي رهيا آهن. هڪ ٺٽي جي بازار مان هٿ ڊگهيري مرزا صالح کي درخواست پيش ڪري رهيو آهي تہ ٻيو نيرڙي ٽيپھريءَ جو جبلن جي قطارن ۾ سج جي ٽٻي وڃڻ جو انتظار پيو ڪري.
مٽي ۽ ماڻھوءَ جو رشتو ايڏو تہ عظيم ۽ احترام جوڳو ٿو ٿئي جو هند جي ڪوي نارائڻ شيام جي لاڏاڻي ڦيراٽيون ڏئي ڇڏيون آهن. مون کي گهاٽي بڙ جو ڏار ٽٽندي محسوس ٿيو آهي. ڪالھہ تائين اسان ٻنھي ساڳين ئي ولين جو واس پئي ورتو هيو. ساڳن ئي پکين جي اُڏام ٿي ڏٺي ۽ هوا جي ساڳن جهُوٽن اسان جو پگهر ٿي سُڪايو. وسڪاري کانپوءِ اولھہ کان جڏهن سورج ديوتا انڊلٺ واري ڪمان تاڻيندو آهي تہ تاڙو تنوارڻ لڳندو آهي- ڪالھہ تائين ان ساڳي تاڙي جا نغما ڪڏهن شيام ٿي ٻڌا تہ ڪڏهن ان تاڙي کي مٿان اڏامندي مون ٿي ڏٺو. منھنجو پختو ايمان آهي تہ هٿرادر قائم ڪيل پابنديون، سرحدون ۽ خاردار تارن جا لوڙها پکين جي آڏام، ولين جي واس ۽ هوا جي جهوٽن کي اسان کان
ڪڏهن بہ نٿا روڪي سگهن.
اتم، هري موٽواڻي، هيرو ٺڪر ۽ موتي پرڪاش منھنجا ڀائر آهن. اسان جو نيپاج هڪ ئي ماءُ جي ٿڃ سان ٿيو آهي. بينجامن ۽ لورڪا اسان کان ڌار نٿا ٿي سگهن. لورڪا جو رتائون لاش ڌرتيءَ سانڍي رکيو آهي- ڀڳت سنگهہ جي جسم جي رک ستلج ۽ سنڌوءَ جي ڌارُن سان گڏ وهندي وهندي سمنڊ داخل ٿي چڪو آهي، جيڪا هاڻي ڪائنات جي وسعتين ۾ پکڙجي وئي آهي. مون ڏٺو هو تہ هڪ ٽاريءَ تي ٻہ گل ٽڙي، ڇڻي مٽيءَ ۾ رلجي ملجي ويا هئا ۽ کين جڏهن ڪاريگر چَڪَ تي چاڙهيو هو تہ هن ننڍي کنڊ جا ٻہ مھان سرجڻھار ٿي پيا هئا.
مون پنھنجي ڪتاب “انبن جهليو ٻور” ۾ ڇپيل سمورن هڪ سو سٺ نثر جي ٽڪرن کي شاعراڻو نثر ڪوٺيو آهي ۽ هاڻي کين نثري نظم پيو چوان. اهو لقماني نسخو مونکي شيخ اياز وٽان هٿ آيو آهي، جنھن ٻڌايو تہ نثر جا اهڙا ٽڪرا جن ۾ ڪافيو، رديف ۽ وزن ڀلي نہ هجي پر پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ تي جيڪڏهن شعر وارو تاثر ٿا ڇڏين تہ انھن کي نثري نظمون چئبو. مون اياز جي ان حقيقت کي دل سان قبولي فقط اهو اضافو ڪيو آهي تہ اهڙي تخليق فقط شاعر ئي ڪري سگهن ٿا. هاڻي مان ”انبن جهليو ٻور“ ۾ ڇپيل ۽ منھنجي هن ڪتاب “ڪاڇي مٿان ڪونج” ۾ ڇپجندڙ تخليقن کي نثري نظم ٿو سڏيان.
مٿي ڄاڻايل ٻنھي ڪتابن جون تخليقون1977ع کان وٺي 1988ع تائين جنم وٺنديون رهيون آهن. هن ڪتاب جا نثري نظم مون 1984ع ۽ 1988ع واري عرصي ۾ لکيا آهن. مون ڏٺو تہ منھنجي چوڌاري ڪُئَا ڪئا ڪر ڪڍي ساڻيھہ جي ڌرتيءَ ۾ سرنگهون جوڙي رهيا آهن، ذاتي مفاد خاطر اجتماعي ۽ قومي مفاد قربان پيا ٿين. انسان جي رت ۽ هڏن جي حفاظت ڪرڻ بدران سندس کل کي اُڊيڙيو ٿو وڃي، انگولا ۽ ڪانگو جي رهواسين جيان ماڻھن جي چپن ۾ ٽنگ ڪڍرائي مٿن تالا لڳايا پيا وڃن، سچ کي ڏوهي ڪوٺي کيس زندانن جي برجن تان اڇلايو پيو وڃي، علم کي عذاب ڏئي رت- ڪڙاين ۾ ڪاڙهيو پيو وڃي، ڏاهپ کي زهر وسيلي ماريو پيو وڃي، ماڻھن کي ارغوني دور (3) جي نصرپورين جيان هاٿين جي ٽنگن سان ٻڌرائي لتاڙيو پيو وڃي ۽ ڏاتارن کي ڦاهين تي چاڙهائي ڌرتيءَ کي ڌوڏيو پيو وڃي، تڏهن منھنجا هي نثري نظم بہ گولين جي ٺڪاوَن ۽ بمن جي ڌماڪن ۽ دونھين ۾ جنم وٺندا رهيا آهن.
هڪ لنڱا مون شيخ اياز سان ڪتاب جي ڇپائڻ واريون تڪليفون ۽ مسئلا ڇيڙيا هئا. ٻڌايو مانس تہ ڦلاڻو ادارو ٻہ-چار اشتھار پيو گهري. اياز وراڻيو هو. خبردار! متان اشتھارن وسيلي دهل جي ڏئنڪي تي ماڻھو ڪٺا ڪري پنھنجيءَ شخصيت کي چمڪائڻ جي جنون ۾ پنھنجي فن سان ويساھہ گهاتي ڪري پاڻ کي نقصان رسائين. اڃان ان ٻڏ-تر ۾ هيس تہ مون وٽ نظام عباسي اچي سھڙيو. ايندي چيائين تہ رابيل پبلشنگ هائوس طرفان هو منھنجون ڪھاڻيون ۽ نثري نظم ڇپائڻ ٿو گهري. رابيل (ڌرتيءَ جي اُرھہ تي اُڀريل ستارا) جو نالو ٻڌي، مون ڪتاب جو مواد نظام عباسيءَ جي حوالي ڪيو. وڏيءَ جاکوڙ کانپوءِ (نظام جي گهٽ دلچسپيءَ ڪري) مس وڃي ڪتاب جي پيسٽنگ وارو مرحلو طئي ٿيو ۽ هاڻي ڪتاب ٽن-چئن ڏينھن ۾ اسان جي هٿن تائين پھچڻ
وارو هو جو خبر پئي تہ نظام صاحب ”اڳواڻ“ اخبار جي اشاعت لاءِ وڃي لاڙڪاڻي جا وڻ وسايا ها. سندس اخبار مِني پلانٽ وانگر نہ، پر شل کجيءَ جي وڻ وانگر قداور ٿئي!
مون واري خام مال کي ڪتابي شڪل ڏيڻ لاءِ اسان (مون ۽ ف-م لاشاري) جي اشتراڪي دوست نظام الدين انصاريءَ (هلال پاڪستان) جي ڀڄ ڊڪ ۽ سندس روحاني دلچسپي وسارڻ سان بہ نہ وسرندي. هن ڏس ۾ وري بہ سنگم جي سرواڻ ڪرم الاهي چنا اچي ڪلھو اٽڪايو ۽ مواد لبرا ڪمپيوٽر وارن جي حوالي ڪيو ويو.
هاڻي اسان جي مصور ۽ ٿَڪُ ڀڃي لکندڙ تخليقڪار قربان جعفري جا ٻہ جوان پٽڙا ارشد ۽ اعجاز منھنجي ڪتاب “ڪاڇي مٿان ڪونج” کي ٽائيٽل ڪور سميت پنھنجي ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪري رهيا آهن. جيئن ڪنڀار چڪ تي مٽيءَ چاڻا رکي گهڙا جوڙيندو آهي. نصيب چڱا هوندا تہ نثري نظمن جو هي ڪتاب ٻہ ”انبن جهليو ٻور“ وانگر جنم وٺي اجهو ٿو اسانجي هٿن تائين پھچي.
تاجل ”بيوس“
اي-٣ پايونير هومز
ڪي-ڊي-اي اسڪيم ٣٣
سپر هاءِ وي، ڪراچي.
_______________
(1) مريد جت ٺٽي جي ڀريءَ بازار ۾ گهوڙي چڙهيل حڪمران مرزا صالح ترخان کي درخواست ڏيڻ جي بھاني سان پيٽ ۾ ڇري هڻي ماريو هو ڇاڪاڻ تہ مرزا جي حويليءَ ۾ نوجوان ڇوڪريءَ جي داخل ڪرڻ واري انڪار تي هُن مريد جَت جي قبيلي جا ماڻھو مارايا هئا.
(2) ڪڇ جو راجا راءِ کنگهار سج لھڻ جو انتظار ڪندو هيو جيئن هو رات جي انڌاري ۾ ارغوني لشڪر تي ڪاميابيءَ سان راتاها هڻي کين وڌ ۾ وڌ قتل ڪري مقامي ماڻھن کي آزاد ڪرائي سگهجي.
(3) ٺٽي جي ظالم حڪمران مرزا محمد باقيءَ (1566-1584ع) نصرپور جي بي قصور ماڻھن کي هاٿين جي ٽنگن سان ٻڌرائي کين چيٿاڙي مارايو هو ۽ عورتن جون ڇاتيون وڍرايون هئائين.