حصو پنجون
تون چاهين ٿو تہ مان ڪنھن طرح پنھنجا هٿيار ڦٿا ڪري تنھنجي پيش پوان. جيئن تون منھنجا ئي ڦٽي ڪيل هٿيار مون تي سڌا ڪري سگهين-اي مسلمان! اڃان ڪالھہ پئي ڪنھن چيو هو تہ مومن بي تيغ بہ وڙهي سگهندو آهي.
اهو ڊراما نويس ۽ شاعر سونوڪلس هو جنھن کي فوج ۾ جنرل جو عھدو ڏنو ويو هو- مان بہ شاعر آهيان پر هن ماحول ۾ مان جنرل ڪو نہ ٿيندو سانءِ. ائين نہ سمجهہ تہ مان ڪو گيدي ۽ غدار آهيان- مان رڳو ماڻھوءَ جي ڪردار جي ڳالھہ پيو ڪيان- مونکي ڇڏ تہ مان تخليقار ئي رهان متان مور جا پَرَ لڳائيندي، مونکان منھنجي اصلي چال ۽ اڏام نہ وسري وڃي- اُها ٻي ڳالھہ آهي تہ منھنجي ڌرتيءَ کي ڌارين جي يلغار کان بچائڻ واريءَ مھم ۾ مان هڪ معمولي “سپاهي” بہ ٿيڻ قبول ڪيان-
توکي سلام آ- تون بيشڪ راڄ- راڻو آهين مون پڪاريو، تنھنجي هٿ مان گرھہ ڪري پيو- مان عقابن جي ور چڙهيس، تو ڪمان تي زھہ چاڙهيو- مان بک ٿي مئس، تو موڏانھن مترڪو اڇلايو- مون آزاديءَ جو نانءُ ورتو، تو زنجيرن کي ٽوڙڻ سيکاريو- مون پٺتي نھاريو، تو اڳتي ڌڪو ڏنو- تون بيشڪ راڄ- راڻو آهين.
هڪ دوست همدرديءَ خاطر پڇڀو “تون سڄو سال پنھنجن ماڳن ۽ مڪانن کان هڪ هزار ميل ڏور گذاريوآهي- اخبار ۾ ڇپجڻ جھڙو ڪو تنھنجو مسئلو؟” جواب ڏنم: هائو فقط هڪ مسئلو- عالمي نوعيت وارو مسئلو- مون واري دوست حيرت ۾ پوندي پنھنجي پڇيل سوال جي وضاحت ڪندي چيو: مان دنيا جي گڏيل رياستن واري اداري جي نمائندگي ڪين پيو ڪيان مان فقط تنھنجن ڪن ذاتي مسئلي بابت سوال ڪري رهيو آهيان. مون جواب ڏنو: منھنجا خوبصورت دوست! ڪي انفرادي مسئلا بين الاقوامي بہ ٿي پوندا آهن مون کي منھنجو دوست سوالي اکين سان گهورڻ لڳو. وراڻيم: آءُ صبوح جو سويرو اکيون مهٽي پيرين اگهاڙو گنجيءَ گوڏ ۾ پنھنجن هٿن سان پوکيل ڀينڊين ۽ ٽماٽرن کي پاڻي ڏيئي رهيو هيس تہ در تي بيل وڳو سوچيم: ٻھاريدار هوندو، آيو آهي عيد وٺڻ- پاڻيءَ وارو پائيپ ڦٽو ڪري پنج روپيا مٺ ۾ وجهي بي ترتيب وارن کي ابتيون سبتيون آڱريون ڦيري در ڏانھن ويس- ڏٺم تہ اسان واري سيڪٽر جي بنگلن ۾ رهندڙ اڌ درجن آفيسر نوان نڪور ڪپڙا پھري مون سان عيد ملڻ آيا هئا.
هڪ پاڙيسري زرق برق ڪپڙن ۾ ملبوس ٿي. مٿي ۾ ٽوپي وجهي مون وٽ آيو- مان اُن وقت ننڊ مان اٿي پاڻيءَ جون ٻہ لپان مُنھن تي هڻي انگور جي ولين ۽ جَون جي ٿُٻن کي پاڻي ڏيئي رهيو هيس اچڻ سان چيائين: اڄ عيد آهي نماز تي ڪو نہ هلندين ڇا؟ مون کيس جواب ڏنو: معاف ڪر، عبادت جو وقت آهي، عبادت پيو ڪيان.”
آءُ جئين آفريڪا جي جهنگل مان گذري رهيو هئس تہ اوچتو نظر وڃي هڪ ماريءَ تي پئي جيڪو پکين جا آکيرا ڊاهي منجهن ڪجهہ ڳولھي رهيو هو- اڳڀرو وڌي کيس چوڻ لڳس- اي نوجوان! تون ڪيڏو نہ ڀلل آهين جو پنھنجي ديس جي پکين جا گهرڙا تون پاڻ پنھنجي هٿن سان پيو ڊاهين! هُن وراڻيو: اي مسافر! ڀلي ڪري آئين. اچ تون بہ اچي هن ڪم ۾ مون کي مدد ڪراءِ- تون مان گڏجي گهڻي کان گهڻا آکيرا ڊاهي سگهنداسون مون وراڻيو: اي دوست، سنڌ- ولائت جي وڻن ۾ جيڪڏهن پکين جا جوڙيل آکيرا ڏٺل نہ هجن ها تہ ان ڪم ۾ بيشڪ مان تنھنجي مدد ڪيان ها-
سنڌي ٻولي دائم قائم رهندي ايستائين، جيستائين مائرون ٻچڙن کي لولي ڏينديون رهنديون. اها زبان ڪڏهن بہ نٿي مري، جنھن جا ڳالھائيندڙ اُن ئي مٽي مان، اُن ئي ڌرتيءَ تي پيدا ٿيا آهن، جنھن ڌرتيءَ جا ماڻھو ڪنھن ٻي ڌرتيءَ جي ٻولي ناهن ڳالھائيندا.
منھنجي جهول ۾ گل ۽ تنھنجي جهول ۾ پٿر- بس، اهو ئي فرق آهي ڌڻيءَ ۽ ڌاڙيل ۾.
اي قيدڻ! مان هن ئي زندان جو مالھي آهيان- هي هار ۽ گلدستا مون تولاءِ نہ، پر هن بنديخاني جي جيلر لاءِ ٺاهيا آهن. ها، پر هيءَ دري بہ تہ مون تولاءِ ئي کولي ڇڏي آهي، جيئن خوشبوءِ تو تائين پھچندي رهي.
سنڌ منھنجي ماءُ آهي، جنھن جي ڇاتيءَ مان “ٿڃ” جا چشما ٿا ڦٽن ۽ مان کير جا ڀريل ڪٽورا پئندو رهان ٿو. اي سنڌ! مان تو تي لکندو رهندس. ڪاش! مان مران، تہ اُن وقت بہ منھنجي هڪ هٿ ۾ قلم ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪاغذ هجي، جنھن تي مان لکندو رهان: - سنڌ منھنجي امان!”
وطن، وطن ٿيندو آهي. تون ڇو ٿو چوين تہ مان هڪ ڏتڙيل قوم جو فرد ۽ غريباڻي ديس جو رهواسي آهيان. جتي نہ وائيٽ هائوس آهي ۽ نہ هائيڊ پارڪ. تو اُن ڳيريءَ کي نہ ڏٺو آهي جنھنجو آکيرو سڪل سڙيل وڻ ۾ هوندو آهي؟ جا لُڙئي پاڻي جي تلاءُ مان پاڻي پِي، سرگم جا سُر ڇيڙي وري بہ وڃي اُن سڙيل سڪل وڻ تي وهندي آهي.
هڪ ڏينھن هڪ ڪانو جهرڪي کان پڇيو: “سونھن ڪٿي هوندي آهي؟” جهرڪيءَ جواب ڏنو: “اچ تہ توکي ڏيکاريان تہ سونھن ڪٿي رهندي آهي. ائين چئي جهرڪي هڪ ننگي پھاڙيءَ جي ڀرسان هڪ سڪل وڻ تي وڃي ويٺي. جنھن وڻ ۾ سنديس آکيرو هو.
هڪ دوست پڇيو:
“اتي ڇا پيو ڳولھين؟”
جواب ڏنم.
“اُن ڀڳل ڏيئي کي پيو ڳولھيان جنھن کي جلائي، اڄ کان چاليھارو سال اڳ مان هن اجاڙ بستيءَ ۾ ڪاٺ جي پٽيءَ تي الف- ب لکندو هئس:
تنھنجي ماءُ توکي هن روشنين جي شھر ۾ بہ سٺي نٿي لڳي. مونکي تہ منھنجي ماءُ اُن ڪکائين گهر ۾ بہ سٺي لڳندي هئي جنھن گهر ۾ سياري جي لُري اسانجا عضوا وڍيندي هئي ۽ سانوڻ جي لُڪ کوري ۾ ساڙيندي هئي.
بس، تو ۾ ۽ مون ۾ فقط اهو فرق آهي جو تون ڏيساور مان اَڻايل انناس پيو کائين ۽ مان هن واهيءَ مٿان بيٺل هن وڻ جا توت. تون ڊنمارڪ جي ڊبل روٽي ۽ مان ٻاجهريءَ جو ڊوڍو.
مان جڏهن لکندو آهيان تہ ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ماکيءَ جو ڦرُ پٽڪي جي پلاند ۾ وجهي، هٿ جي پنجن ئي آڱرين جي زور سان نپوڙيان پيو ۽ هيٺان ماکي لارون ڪري پئي ڳڙي.
هڪ دوست پڇيو:
“ٽہ - سٽن لکڻ مان توکي ڪھڙو ٿو مزو اچي؟”
کيس جواب ڏنم:
“تو انگوڇي ۾ سٽيل جوئر جا اَڀُون کاڌا آهن؟ تو سڪل ڪانڊيرن ۾ چڻن جي ڦوٽن جي ڪيل ڏڌڙي کاڌي آهي؟ تو ٻاجهريءَ جي مانيءَ تي مکڻ جو چاڻو رکي نيرن ڪئي آهي؟”
جڏهن شھيد ذوالفقار کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو هو اُن وقت هن باغ جا سڀ پڪل ڏاڙهون ڦاٽي پيا هئا ۽ سندن ڳاڙها داڻا سڄي باغ ۾ پکڙ جي ويا هئا.
جڏهن شھيد ذوالفقار کي ڦاهيءَ تي پئي نيائون تڏهن زندان جا گهنڊ وڄڻ لڳا هئا ۽ برجن تي بيٺل پھريدار ڪنن ۾ آڱريون وجهي دروازن ڏانھن ڊوڙيا هئا.
هڪ فلسطيني، پکيءَ سان مخاطب ٿي کيس چيو:
“مان ماڻھو آهيان. مونکي سرحد ٽپائي، پنھنجن ماڳن ۽ مڪانن کان ڌڪي ڌار ڪيو ويو آهي. تون پکي آهين ۽ پنھنجي آکيري مٿان چھچ سائي لام تي صبوح جو گيت ڳائي رهيو آهين، ماڻھو ٿيڻ، ماڻھو سڏائڻ ڪيڏو نہ مشڪل آهي!”
“شل! تنھنجن ٻچن کان اُها زبان وسري وڃي جيڪا زبان سندن ماءُ ڳالھائنيدي آهي.”
آوار زبان جي ڪوي حمزي رسول جي ڪتاب “منھنجو داغستان” ۾ مون جڏهن مٿي ذڪر ڪيل جملو پڙهيو هو، اُن وقت مون پنھنجيءَ ماءُ اڳيان سر جهڪائي ڌرتيءَ کي چميو هو.
ڏسين نٿو تہ هوءَ ماءُ پنھنجي ٻالڪ کي ببي چڳڙ ڏئي رهي آهي. تون تيستائين ان بندوق کي خاموش رک جيستائين هو ٻار ماءُ جي ڇاتيءَ مان منھن ڪڍي، تو ڏي نھاري.
تو مونکي سرحد کان هُن پار فئر ڪرڻ لاءِ بندوق تہ ڏني آهي پر، تون اهو ٻڌائي سگهندين تہ تيستائين مان ڇا ڪيان جستائين ٻالڪ ننڊ پيا آهن ۽ ڪي ٻارڙا ماءُ جي ڇاتيءَ مان کير پي رهيا آهن.
ڪجهہ وقت کان مان پاڻ کي اڪيلو، اڪيلو پيو محسوس ڪيان. ائين پيو لڳي ڄڻ ڪا چِٻَ ڪنھن سج ۾ پنھنجي موجودگيءَ جي احساس ڏيارڻ لاءِ مٽون ڦوڪي، ککراٽ پئي ڪري.
سرحد کان گذرندي، هڪ ڪرڙوڍ جي پنھنجي ننڍپڻ جي دوست سان ملاقات ٿي وئي. اک- ڇنڀ ۾ گولين جي بارش ٿيڻ لڳي. ڪي انقلابي گولين جي سر- تال تي پھاڙن ۾ شگاف وجهندڙ گيت ڳائي رهيا هئا. پرڏيھيءَ پنھنجي دوست کي چيو: “ڇا تون مونکي پنھنجي گهر نہ وٺي هلندين؟”
ڏيھيءَ جواب ڏنو:
“جنگ جو ميدان ئي تہ منھنجو گهر آهي.”
تون ڪيئن ٿو چوين تہ تون اُن ڌرتيءَ جو رهواسي آهين جا ڌرتي آزاد ٿي چڪي آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ تون پنھنجن ڌرتي- ڄاين کي غلاميءَ جا طوق ڇو پھرائي رهيو آهين؟
تون سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. مون ماڻھوءَ جي ڪردار جي ڳالھہ ٿي ڪئي منھنجو مطلب آهي تہ هڪ عاقل ۽ داناءُ هزارين بڇڙن ماڻھن جي زندگيءَ ۾ انقلاب آڻي، کين سنواري سگهي ٿو. گورڪيءَ چيو آهي تہ هڪ بڇڙو ماڻھو بہ ڪنھن سٺي ڪتاب کان بھتر آهي. خبر ناهي تہ گورڪي اُن وقت الائي ڪھڙي اپگرھہ تي براجمان هو!
ڪاش! منھنجي ڌرتيءَ تي بہ اهڙو ئي انقلاب اچي جيڪو فرانس ۾ آيو هو. جتي انقلابي جڏهن گيت ڳائيندا هئا تہ سڄي ڌرتي ڌڏي ويندي هئي.
ڇوڪرا ڪلاس ۾ ويھن تائين انگ ياد ڪري رهيا هئا. هڪ ڇوڪري کيسي مان بندوق جا ويھہ ڇِرا ڪڍي، خالي ڪارتوس ۾ ڀري، استاد وٽ آيو ۽ استاد کي چيائين. “سائين هن ڪارتوس ۾ پورا ويھہ ڇِرا اَٿو”.
تون ڪيئن ٿو چوين تہ ڀٽائي جو تاڙو انگريزي شاعر شيلي جي چونڊيل (SKYLARK) کان گهٽ آهي! تاڙو تہ چنڊول کان بہ مٿاهون آهي. جيڪو ڀٽائي جو سارنگ ڳائي، ٿر تي مينھن وسائي خود ڀٽائي کان داد پيو وٺي.
اجهو هاڻي ڀٽائيءَ کي تين، هٽيءَ کان لالو کيت ۾ گهرندو ڏسيون پيو اچان ڪنن ۾ ڪُنڍا، گيڙوءَ. رتو ويس، ڪلھن تي لٽڪايل اڇا ڪارا وار، ڳچيءَ ۾ ڪنٺو، گهوڙي تي چڙهيل، هٿ ۾ ڳاڙهہ- سُرو جهنڊو ۽ سندس پويان هزارين ماڻھو.
تون منھنجن گلن جي ڪونڊين کي ٿڏا هڻي ڪيرائين ٿو. مان انھن کي سڌو ٿو ڪيان. تون منھنجن گيتن کي لانگ بوٽن سان لتاڙين ٿو مان لتاڙيل تيلن کي سڌو ڪري. واهيءَ جو آواندو ٿو کوليان. تون منھنجن تحريرن کي ڦاڙي ڦٽو ٿو ڪرين. جن کي هوا مون کان پري اُڏائي کڻي وئي آهي. مان ڊوڙون ڀري، ٿڙندو ٿا ٻڙندو ڦاٽل پنن جون مٺيون ڀري جهول ۾ پيو وجهان. بس. تو ۾ ۽ مون ۾ اجهو اهو فرق آهي.
اي سنڌ! جڏهن کان تنھنجيءَ سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي کيتن ۾ وهندو ڏٺو اٿم، جڏهن کان ٿر ۾ وسڪاري کانپوءِ ڪنھن ٿرياڻيءَ جي هٿن ۾ جوئر ۽ ٻاجهريءَ جا سنگ ڏٺا اٿم، جڏهن کان تنبوري تي ڀٽائيءَ جا بيت ٻڌا اٿم، اُن ڏينھن کان مان توسان “امڙ” چئي مخاطب ٿيندوآهيان.
اي ڪنڀر! اها مٽي تو ڪٿان آندي آهي. جنھن ۾ ساڳ ۽ ڍوڍي جي خوشبوءِ آهي؟
اي ماري! تون اُن مٽيءَ مان گليلا پيو ٺاهين جنھن مٽيءَ مان شاھہ عنايت جي رت جي خوشبوءِ پئي اچي ! اُٿي اِن مٽيءَ کي اکئين لائي، جتان کڻي آيو آهين اُتي رکي اچ. سڀاڻي ان مٽي، مان ڳاڙها گل ڦٽندا، جن مان هار جوڙي، انقلاب کي پارايا ويندا.
تون ماضي ۽ حال جي وچ ۾ پل پيو ٺاهين. مان ماضيءَ جي مناري تي بيھي، هٿ ۾ حال جو لڪڙو کڻي، مستقبل جي بلندين کي پيو ڇُهان.