شاعري

ڪاڇي مٿان ڪونج

ھن ڪتاب ۾ تاجل بيوس جا نثري نظم/ٽڪرا شامل آھن. تاجل بيوس لکي ٿو تہ ”شيخ اياز موجب نثر جا اهڙا ٽڪرا جن ۾ ڪافيو، رديف ۽ وزن ڀلي نہ هجي پر پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ تي جيڪڏهن شعر وارو تاثر ٿا ڇڏين تہ انھن کي نثري نظمون چئبو“. هن ڪتاب جا نثري نظم 1984ع ۽ 1988ع واري عرصي ۾ لکيا ويا آهن. ڏاڍ، جبر ۽ ناانصافي جي دور ۾ تاجل بيوس جا هي نثري نظم بہ گولين جي ٺڪاوَن ۽ بمن جي ڌماڪن ۽ دونھين ۾ جنم وٺندا رهيا آهن.


  • 4.5/5.0
  • 24
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تاجل بيوس
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪاڇي مٿان ڪونج

حصو ٽيون

اُربانو(1) ڪاوڙ ۾ اچي رائفل جو قنداڪ لولوءِ(2) جي مٿي تي وهائي ڪڍيو ۽ لولو اڦٽ مري ويو. ڪيوبا جي آزاديءَ کان پوءِ بوليويا جي آزاديءَ لاءِ چي گويرا جي اڳواڻيءَ ۾ گوريلا جنگ جو مون لاءِ هيءُ هڪ افسوسناڪ واقعو آهي جنھن کي نڪي مان وساري سگهان ٿو ۽ نہ وري اُربانوءِ کي معاف ئي ڪري ٿو سگهان- ۽ هان، چي(3) بہ تہ پنھنجي ننڍي قد واري گهوڙي جي ڪنڌ تي ڇري وهائي ڪڍي هئي!

___________________
(1) ۽ (2) چي گويارا جا ساٿي گوريلا، (3) چي گويرا کي سندس دوست پيار وچان چي سڏيندا هئا.

 

هي منھنجو ماڳ اٿئي- هتي زنجيرن ۽ پير- ڪڙين کي پگهاري ملين جا گيٽ ۽ هٿوڙا ٺاهيا ويندا آهن ۽ نہ ماڻھوءَ جي جسم ۽ پيرن کي پھرايا ويندا آهن. هيءُ منھنجو ماڳ اٿئي- هتي ماڻھوءَ جي اکين کي گلاب جي پاڻيءَ سان ڌوئي کين هالار جو سرمو پاتو ويندو آهي.

 

سچ پچ، اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان- ايڏوئي خوش آهيان جيڏو ڪنھن تخليقڪار کي سندس تخليقن جي پھرئين ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ ٿيڻو پوندو آهي. سچ پچ، اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان، ايڏو ئي خوش آهيان جيڏو رائيٽ برادران کي پکين سان گڏ پھريون ڀيرو هوا ۾ اڏامندي ٿيڻو پيو هو. سچ پچ اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان، ڇاڪاڻ تہ پاڻ وڙهندي آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ مان جنھن بہ ديسواسيءَ سان ڳالھايان ٿو اُهو مون وانگر مون واري ٻوليءَ ۾ ئي جواب ٿو ڏئي.

 

هٻڇي آهين ڇا؟ ڊڳڙيءَ مان چار گرهہ! مٽون تہ ڏس ڦاٽني ٿيون پيون!! ماني ٿو کائين يا مرلي ٿو وڄائين!!! بس ڪر، بلغاريا جي رهواسي جارجي ديمتروف جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب پيو پڙهان- ننڍن گرھن کائڻ سان اکيون ڪتاب تان هر، هر ٿيون هٽائڻيون پون. وڏا، وڏا گرھہ هڻي اکين کي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڪجهہ وڌيڪ وقت لاءِ پابند ٿو ڪرڻ گهران- ڇا ڪجي، ڪو ڪتاب ڪڏهن، ڪڏهن هٻڇي بڻايو ڇڏي!

 

پاڻيءَ کي فقط ٿاريلي ۽ صحرائي زمين تائين محدود نہ رک- پاڻي هر زمين، هر وجود کي ثبات ٿو بخشي.

 

هن صحرا ۾ هي ڪڻڪ جا تيلا! تون پوءِ بہ ڌرتي- ماتا کي ان- ماتا نٿو سڏين!!

 

مون هڪ تخليقڪار کان پڇيو: “تون ڪنھنجي لاءِ پيو لکين؟” چيائين: “انھن لاءِ جي اڃان هڪ صدي کانپوءِ ڄمڻا آهن.” مون کين ٻڌايو: مان اُنھن لاءِ پيو لکان جن کي مان هر وقت پنھنجين اکين سان ڏسي بہ سگهندو آهيان ۽ ڪنن سان ٻڌي بہ سگهندو آهيان- ۽ هان، مان پنھنجن لکڻين ۾ هر وقت موجود بہ تہ هوندو آهيان! ان ڪري مان ماضيءَ سان ڳنڍيل مستقبل جو مسافر آهيان.

 

جڏهن اوچتو ڪا سگهاري سٽ جڙي پوندي آهي تہ مان پنھنجي منھن کلي ڏيندو آهيان.

 

اي مغني! مون کان قلم کسي، مونکي جڏهن گونگي بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وڃي تہ پوءِ تون منھنجا گيت ديوارين ۽ رستن تي پڙهجانءِ.

 

منھنجي محبوبا! تنهجي گوري يا ڪاري هئڻ سان منھنجو ڪو بہ واسطو ڪونھي- اُها ڪا ٻي ڪشش آهي جنھن مونکي تنھنجو متوالو بڻايو آهي. جا آهي تنھنجي “نسوانيت”.

 

رات ٿيڻ ۾ اڃان ڏيڍ پھر کن هو- مونکي منھنجيءَ محبوبا چيو: اڄ تہ توکي رات ۾ پھچائي ڇڏيان.”
ائين چئي، هن مونکي زلفن جي خيمي ۾ بند ڪري ڇڏيو. مون کيس چيو تہ “هيءَ رات ڏينھن کان وڌيڪ روشن آهي! هتي تہ ڌرتيءَ جي گولي کان بہ وڏو سورج اُڀريل آهي!!”

 

مان ۽ منھنجي محبويا حسن واهڻ کان سنڌوءَ جي ڪناري پسار ڪري رهيا هئاسين. مونکي منھنجي محبوبا چيو:
“ائين پيو لڳي ڄڻ اسان اڳ بہ ڪيترن جنمن ۾ ملي چڪا آهيون.” مون وراڻيو: “ھائو، پنھنجو جنم اٿينس (يونان) ۾ بہ ٿيو هو، اٿينس- جتي سقراط جي پيالي مان سچ جو سورج اڀريو هو- جتي ڏات، ڏاهپ جو ڇٽ پھريو هو.

 

بکر وٽان بابر بادشاھہ جڏهن چار ٻيڙيون ٻوڙائي رهيو هو اُن وقت سنڌ جا ملاح سنڌوءَ ۾ اٺ ٻيڙيون لاهي رهيا هئا.

 

قديم وقت جا ماڻھو سج ۽ ساگر کي ان ڪري کين پوڄيندا هئا تہ سج ۽ ساگر سندن خلقڻھار هئا- هي تہ سندن پيار ۽ عقيدت جو هڪ طريقو هو. هنن پرکي ورتو هو تہ انساني زندگيءَ جي بقا جا سرچشما مٽي ۽ هوا سان گڏ سج ۽ پاڻي بہ ٿيندا آهن.

 

جوانيءَ جي لذتن ۽ مسرتن جو توکي ڪھڙو مثال ڏيان! ڇا اهو ڪافي ناهي تہ عورت جڏهن پوڙهي ٿيندي آهي، تڏهن هر جوان عورت کي نصيحتون ڪرڻ شروع ڪندي آهي!

 

اِن ڪتاب جي ورق، ورق تي دڙڪا ۽ دهمان تحرير ٿيل اٿئي، جيڪي تنھنجي ذهن ۽ شعور کي ڀنجر بڻاڻي ڇڏيندا- هن منھنجي ڪتاب جي ورق ورق تي محبت ۽ مسيحائيءَ جا نسخا لکيل آهن جيڪي تنھنجي ذهن ۽ شعور کي زرخيز ڪري ڇڏيندا.

 

اچ تہ توکي بہ هڪ حقيقت کان واقف ڪيان- رات مون خواب لڌو آهي- ڏسان ٿو تہ سقراط جي مجسمي سان ملندڙ جلندڙ هڪ قداور شخص منھنجي سامھون اچي بيٺو آهي. سندس هٿ ۾ هڪ وڏو ڪتاب هو ۽ ڪلھي ۾ لٽڪندڙ گودڙيءَ ۾ پيل شيون بہ مون کي ڪتاب ٿي لڳا ڇاڪاڻ تہ سندن ڪنڊون ٻاهر نڪتل هيون- چيائين: تون شاعر آهين- تون بہ اُٿ ۽ پنھنجي پاڙي وارن کي بہ اُٿار- اُٿو، مون اوهان لاءِ لازوال، سگهارا ۽ بي بھا تحفا آندا آهن جن کي پڙهي، پرجهي تازا توانا ٿيو. هي تحفا اوهان جي دلين تي جهل ۽ گمراهيءَ جون نہ پر علم ۽ عقل جون مھرون سبط ڪندا.

 

شعور کي جڏهن ڏات ملندي آهي تڏهن هر تخليق انھن سرمائي پٿرن جھڙي لڳندي آهي جن کي جهرڻن جي پاڻيءَ گسائي اچي مانسرور جي ڪنارن تي اڇليو هجي.

 

شيخ اياز چيو آهي تہ ڪو وقت هو جڏهن سنڌي مشاعرن مان ڪفن ۽ ڪافور جي بوءِ ايندي هئي- مان تڏهن تہ چوان ٿو ت اڄوڪي شاعريءَ مان ٻاجهريءَ جي ڍوڍي ۽ ڄانڀي جي پنن جي خوشبوءِ ٿي اچي.

 

اچ تہ ڌرتيءَ جي سونھن ڏسي وٺون- هن ڪڪوريل ڪرڙ ڀرسان ڏاڙهونءَ جا گل، هن ٻوڪيل انب کان نازبوءِ جي ٻوٽن تائين ڦلھيل رابيل جا ٻوٽا ۽ هن املتاس جي وڻ هيٺان دوشيزہ جنھنکي مالھڻ ٻانھن ۾ گجرا پارائي رهي آهي.

 

اورنگزيب ۽ سرمد ۾ فرق؟ اهو جيڪو ڍڳي ۽ ماڻھوءَ ۾ هئڻ کپي.

 

سچو شاعر ڪائنات جي سندرتا جا پروانا جاري ڪندو آهي.

 

تون شاعري ڀلي ڪر، پر شاعريءَ جي اُن موناليزا کي تخليق ڪرڻ جي ڪوشش ڪر جيڪا پنھنجي جوڀن ۽ جمال جي دنيا ۾ تو کي هر دفعي منفرد ۽ نرالي لڳي.

 

هي تو چيو آهي نہ؟ “اي دوست! سڀ نظريا ناسي رنگ جا هوندا آهن. رڳو زندگيءَ جو سونھري وڻ ئي سدائين سائو هوندو آهي.” دل ۾ نہ ڪجان جيڪڏهن مان سونھري لفظ تي منڌيئڙو پائي ڇڏيان.

 

توکي مادي کي روح تي ترجيح ڏيڻي ئي پوندي ڇو تہ مون وارو سچ قطعي ۽ معروضي آهي- جيڪڏهن ائين نہ هجي ها تہ پوءِ هو مزدور تضاد جي طوفاني سفر مان اُڪري، هن وقت پنھنجو پيٽ پنھنجن هٿن سان قائم ڪيل مل جي اٽي سان نہ ڀري ها.

 

منھنجي ڏات هڪ ٻاريل ڏيئي مثل آهي، جنھنکي جا بہ روشني آهي اُها سماج ئي عطا ڪئي آهي.

 

رجعت پرست ڪنھن بہ شيءَ کي هڪ رنگ ۾ ڏسڻ جو عادي آهي. ترقي پسند جي دنيا رنگن جي دنيا ٿيندي آهي. هڪ شين جو قد گهٽائيندو آهي ۽ ٻيو قداور کي وڌيڪ قداور ڏسڻ چاهيندو آهي.

 

مونکي زندان جي اونداهي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري منھنجي شاعريءَ جي سمونڊ کي بيٺل تلاءِ ۾ تبديل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش نہ ڪر- جيڪڏهن تو وٽ مون واري اک آهي تہ تون ڏسندين تہ منھنجو تخليقي ساگر هن وقت بہ اڳ وانگر بي ڪنار آهي، جنھن ۾ توکي ساڳيون لھرون ۽ ساڳيا لوڏا نظر ايندا.

 

تون ڦاهيءَ چاڙهي مونکي ماري سگهين تہ ڀلي مار-موت واري رستي تان مونکي اڳي پوءِ گذرڻو ئي تہ آهي جتان منھنجي نئين زندگيءَ جو آغاز ٿيڻو آھي. تو جنھن سقراط کي مئل سمجهيو آهي اُهو اڃان زنده آهي.

 

مان شاعر آهيان- تون منھنجا شعر پڙهي مونکي غدار ٿو سڏين. تو کي خبر آھي تہ جڏهن ديس جي ڌرتيءَ کي سج شفاف ۽ کير جھڙن اُجرن ڪرڻن جي چادر پھرائيندو آهي، جڏهن سانوڻيءَ ۾ سھانجڙا منھنجي نظر کي تازگي بخشيندا آهن، جڏهن شام ويلي ڳوٺاڻيون کوهن ۾ گهڙا لاهينديون آهن، جڏهن اٽي جي مل مان دونھون نڪرندو نظر ايندو آهي، ان وقت مان ديس جي ڌرتيءَ تي سيس نوائيندو آهيان- تون پوءِ بہ چوين پيو تہ مان غدار آهيان. هائو مان غدار آهيان ڇاڪاڻ تہ اک، اک سان ملائي تنھنجي ٽيڙي جهليل بندوق تي ۽ توتي مان هر دفعي نئون وار ڪندو آهيان.

 

منھنجا ڀاءُ ڪير ٿو چوي تہ آزادي بحث ۽ دليلن سان ماڻي سگهبي آهي- اُٿي، جبر ۽ تشدد کي منظم ڪر ۽ مٿڀري رکيل هن وچين ڪرسيءَ تي ويٺل غير فلسطينيءَ جي رت سان پنھنجي خنجر کي وضو ڪراءِ.

 

اي منھنجا ايشيائي ڀاءُ! اڄ پھريون ڏينھن آهي جو آءُ پنھنجي آزاد وطن ۾ ساھہ کڻي رهيو آهيان. هاڻي، هيءَ بندوق آفريڪا ۾ سامراجي راڪاس تي گوليون وسائيندي جتي منڊيلا، منھنجو ڀاءُ، مونکي سڏي رهيو آهي- تو کي خبر آهي تہ منڊيلا جو زندان گوريلن جي ڪئمپ بڻجي چڪو آهي!

 

تون چوين پيو تہ آمريت وسيلي عوام تي گهڻي کان گهڻي وقت تائين قابض رهي سگهبو آهي. مير رستم بہ بلوچ سردارن جي مدد سان آمريت قائم ڪري ورتي هئي- پوءِ تہ هر دور جي آمريت جو انجام هو صورت ۾ 1843ع واري قائم ڪيل آمريت جھڙو هئڻ لازمي آهي.

 

منھنجا پٽ! تون ٻڌائڻ آيو آهين تہ آريسرن(1) جي
محاذ تي پنجاھہ ۽ ڄامن جي پِڙ(2) ۾ ٻہ سؤ ڪونڌرن ڌرتي- ماتا کي رت جو ريج ڏنو آهي- اُٿ، کڻ اِها ڦٽي ڪيل بندوق- هاڻي جو هاڻي پھچ ننگر ٺٽي واريءَ ڪور(3)‏ تي جتي چالبازيءَ سان دشمن ٽيون محاذ کوليو آهي. آزادي ملڻ کانپوءِ منھنجا پٽ! توکي خبر پوندي تہ آزاديءَ لاءِ وڏي ۾ وڏي قرباني بہ تڇ جي برابر ٿيندي آهي.

________________
(1)، (2) ۽ (3) خيالي ورتل، ڪور= ننڍڙو واهہ.

 

مون پنھنجيءَ محبوبا کي چيو: “اڄ ڏاڍو اداس آهيان- مونکي اکين ۾ ويھاري ڇپر واري ڇڏ تہ ڪا گهڙي غم غلط ڪيان.” چيائين: “منھنجي هڪ اک اُٿي پئي آهي، جنھن ۾ ڏاڍو سور آهي- اُن ڪري توکي وهارڻ جي ڪا بہ گنجائش ڪانھي- منھنجي ٻي اک هن ڪائنات جي کليل ڪتاب جو مطالعو ڪري رهي آهي.”
مون کيس چيو: “مان ڪھڙو تنھنجي ڪائنات واري ڪتاب کان گهٽ آهيان؟” منھنجي محبوبا ٻانھونن ڊگهيري، ڀاڪر ۾ آڻي مٿان وار وڇائي مونکي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيو. مون سوچيو: هن کان وڌيڪ غم غلط ڪرڻ جو ڀلا ٻيو ڪھڙو طريقو ٿي سگهي ٿو! ڀٽائيءَ بہ ائين ئي سوچيو هوندو.

 

صبح ٿي چڪو هو- سج جي ابرڪي ڪرڻن فطرت کي اڇو لباس پھرايو هو- آءُ دستور موجب برساتي نالو اُڪري رهيو هئس- هوا جي هلڪڙن جهوٽن تي شبنمي قطرا ساون ٻوٽن ۾ پينگهون ٻڌي، لڏي رهيا هئا، ڄڻ جوهريءَ جي شوڪيسن ۾ موتين جا ھار لٽڪي رهيا هجن. ٿورو اڳڀرو انساني قد جيڏن پيلن ۽ ڳاڙهن گلن جون قطارون نظر اچي رهيون هيون جن جي ڦھلايل ٽارين کان ماڪ جا ڦڙا مِٺيون وٺي رهيا هئا ائين ڄڻ ڪي ساٿي ٻانھن ۾ هار لٽڪايو ڏيساور کان ايندڙ ساٿين جو انتظار ڪري رهيا هجن.

 

هومر، سقراط، بقراط ۽ سوفڪلز کي ياد ڪندي، منھنجي هڪ فلسفي دوست ٿڌو ساھہ کڻندي چيو: “يونان بہ اسان جي سنڌ وانگر بس رڳو ماضي آهي.” مون کيس اشارن ئي اشارن ۾ جواب ڏنو تہ مان گونگو ٿي چڪو آهيان ۽ اهڙيءَ حالت ۾ فقط اکيون ئي اهڙن سوالن جا جواب ڏيئي سگهنديون آهن. مون اشارن ۾ پنھنجي فلسفي دوست کي اڃان ڪجهہ وڌيڪ ٻڌائڻ ٿي چاهيو تہ منھنجين اکين ڇپرن جا بند ڀڃي لڙڪن وسيلي ڳالھائڻ شروع ڪيو.

 

سطحي ادب جي ايڏي تعريف! ان ڪري ئي تہ تون ادبي دنيا ۾ ڊيٽڙي لڳندي آهين!! تون مشاهدي کي ريشم جي ٿانَ وانگر ڦھلاءِ. سورج کي ڏس، جيڪو صبح کان شام تائين اوڀر کان اولھہ تائين پنھنجو مشاهداتي سفر جاري رکيو اچي.

 