پسي ڳاڙها گل
پوءِ ڳچ دير خاموشي ٿي ويئي. منٽ کان پوءِ وري ساڳيو آواز ٿيو. ‘هوا.... نه، ماڻهو!’ کيس محسوس ٿيو ته سندس لڱ ڪانڊارجي ويا ۽ پيشاني پگهرجي ويئي. هوءَ بي اختيار سٽ ڏيئي اُٿي ۽ هڪ دل ڏاريندڙ گونگي ريهه ڪري وري پڙڇ تي ڪري پيئي. ڳچ دير سور کان ماندي ٿي پيئي هئي، ٻه پاڻياٺ جا کارا ڦُڙا وهي اچي سندس وات ۾ پيا، پوءِ ٻيا ڦُڙا به مٿئين چپ جي اندرئين پاسي کان وات ۾ ٽمندا رهيا. رت، هن سوچيو، دانهن ۽ سور کي روڪڻ لاءِ هيٺئين چپ ڪرٽڻ ڪري نڪتل رت. هن ستي ئي زخمي چپن کي ڀڪوڙي رت جي گرڙي ٻاهر اُڇلي. رت ۽ ٿُڪ سان سڄو ڳل ڀرجي ويس. هن ساڄيءَ ٻانهن کي آهستي آهستي ٺونٺ جي ٽيڪ ڏيئي مٿي چوريو. کيس ائين لڳو ڄڻ سندس ٻانهن سان ان جي ڳوڻ ٻڌي ڇڏي اٿن، جا چرُڻ کان پري آهي. ‘هيءَ سچ پچ منهنجي ٻانهن آهي؟’ هوءَ سوچڻ کان سواءِ رهي نه سگهي. پوءِ ياد پيس ته سندس پٺن، ٽنگن، مٿي، ڳچيءَ، هٿن ۽ منهن تي اهڙيون ڪئين ڳوڻيون لڏيل آهن، جنهن ڪري اُهي به ڪيڏانهن چُري پُري نٿي سگهيا. نيئر واري ڳالهه کيس صفا وسري ويئي هئي. جڏهن ياد پيس تڏهن ساڄيءَ ٽنگ کي سور جي باوجود چوري ڏٺائين. ‘ها، اها اتي ئي هئي.’ ٽي چار هٿ ڊگهي ڏاڍي لوهه جي زنجير، جنهن جا ٻه ور سندس سبتيءَ ٽنگ کي ڏنل هئا ۽ ٻيو ڇيڙو وچئين ٿنڀ ۾ ٻڌل هو. هن ڪنڌ کي سخت تڪليف سان آهستي آهستي ڦيرائي، ساڄي ڪلهي جي ويجهو آندو ۽ ڳل کي چولي سان گهڪا ڏنائين. ڪجهه رت ۽ گگ اڃا به ڳل تي رهجي ويئي هُئي. ‘ڪنڌ جون نسون، شايد هنئين ۽ اکين جي تارن سان مليل آهن.’ هن سوچيو، ‘نه ته ڪنڌ چوريندي، هنئين ۽ اکين جي تارن کي اهڙيون سٽون ڇو اچن، جو ماڻهو ڀانئي ته هنيون پٽجيو ٿو ٻاهر نڪري، اکين جا تارا اجهو ٿا ٻاهر نڪرن؟’
در تي وري به کڙڪو ٿيو. ڪلف ۾ چاٻي گهمڻ جو آواز- ‘ها بلڪل اهڙو، پڪ ڪو ڪلف کولي رهيو آهي، پر آهستي، ماٺ ميٺ ۾. ڇو؟’ هن سوچيو. ‘مارڻو اٿن ته ظاهر ظهور مارين، لڪن ڇو ٿا؟ ڪير هوندو؟ شايد ادا جمعو هوندو. ڪلف جي چاٻي وٽس برابر ڪانهي. چاٻي وڏيرو جاڙو پاڻ سان کڻي ويو هو.’ ‘متان مائٽ...’ ڪلف نه کُليو. ‘شايد ڪليءَ سان ڪلف پيو ٽوڙي. ڀانئي ته سُتي وڃي ڪهاڙي هڻانس، کيس وري به سياٽو وٺي ويو. ‘دانهون ڪريان’، هن فيصلو ڪيو. ‘دانهون، ايڏيون دانهون جو سڄو ڳوٺ اُٿي پوي. چوان ‘گهوڙا ڙي، مون کي ادا جمعو ٿو خون ڪري.’ ها ۽ چوان، ‘ڙي بابا، ڙي امان، ماما آچار، ماسي آشت، وڏيرا جاڙا، ميانجي سومار، حاجياڻي، بصران، آءٌ خون ٿي ٿيان. ڊوڙي اچي مون کي بچايو، ٻچن جي صدقي، پنهنجين نياڻين جي صدقي، مرشد سچي جي نالي، الله ۽ رسول جي صدقي مون کي بچايو.’ بنا ڳالهائڻ جي سندس گلو ڀرجي آيو. لڙڪ اکين مٿان ڄمي ويل رت جي تهن مان سيرون ڪري سُڄيل، سوڻل ڳلن تان ٽمندا هيٺ ڪريا. نه، ڪير ڪونه ايندو . جي ايندا ته به تڏهن، جڏهن سندس دانهون هميشه لاءِ ختم ٿي چڪيون هونديون.
هوءَ بلڪل بيوس هئي، بيواهه هئي، ڌڪاريل هئي. ‘اهو سڀ ڇو ٿيو؟’ هوءَ پنهنجي زندگيءَ بابت سوچڻ کان رهي نه سگهي. ‘اڳي ته سدائين هوءَ اهڙي نه هئي..!’
ننڍڙن ٻارن کي ڀلا سونهن جي ڪهڙي خبر؟ کين ڪهڙي خبر ته ماڻهو سهڻو ڪيئن ۽ ڇو ٿو ليکجي؟ پر هن کي الائي ڪيئن ننڍي هوندي ئي، بلڪل ننڍي هوندي ئي، ڄڻ ته پاڻمرادو خبر هئي ته هوءَ سهڻي آهي. جنيءَ، نيامت، حليمان ۽ سومل سڀني کان سهڻي. هاڻ جڏهن سوچيائين ٿي ته کيس اهو راز سمجهه ۾ اچي ٿي ويو ته ڪيئن کيس ننڍڙي هوندي ئي پنهنجي سونهن جي خبر هئي.
اول ته ماڻس ۽ پڻس جو لفظ لفظ، هرڪا نگاهه، هرڪا ڳالهه کيس ٻُڌائيندي هئي ته، ‘تون سهڻي آهين.’ ماڻس چوندي هئي: “ملوڪان. امان ملوڪان، مونجي ملوڪڙي، ملڪان پري اچ ته چوٽي ڪرينءَ‘!” سندس اکين سندس چهري ۾ نهاري هوءَ اڻ لکي نموني محسوس ڪري وٺندي هئي ته پاڻ سڀن کان ملوڪ آهي. پڻس جڏهن منهن ۾ گهنج وجهي ماڻس کي چوندو هو، “سڄو ڏينهن ڇا پئي ڪرين؟ رڳو ڇوريءَ کي پاڻيءَ ڍڪ وجهي چولو ڌوئي به ڪونه وڌو اٿئي، جو کڻي ماڻهو بازار وٺي وڃيس. سڄو ڏينهن ٿي بازار بازار ڪري! نهار ته ڪر، ماڻهوءَ جي ڌيءَ آ ڪ ڪنهن ٺوريءَ جي!” ماڻس ته بناوتي چڙ مان چوندي هئي: “اي هاڻ اهڙي ملوڪ آ. آهي به ڪنوار ڏاڍي سهڻي، جنهن لاءِ ولات مان وڳا ايندا! ڊني جهڙو مٿو ٿو سونهيس!” پوءِ کيس خبر پئي ته انهن ظاهريءَ طرح بي پرواهيءَ جي اکرن ۾ ڪيڏو پيار، ڪيڏو فخر ۽ ڪيڏو غرور لڪل هوندو هو.
ماسيس هاجران ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه دفعا ٿُڪون مکيندي هيس، چماٽون هڻي چوٽي ڪندي هيس، نراڙ تي ڪاراٽ مکيندي هيس. حليمان جڏهن به ساڻس گُڏين تان وڙهندي هئي تڏهن کيس بُجن کان جهلي، ڏند ڪرٽي، هٿن ۾ رانڀوٽا وجهي، نانگ واري ڦوڪ ڏيئي چوندي هيس: “مرڻ، ملوڪڙي ڪا آهين، تنهن ڪري پرايون گُڏيون ڦٽائيندينءَ، هان؟”
پوءِ شادين ۾، غمين ۾، ٻين ڳوٺن جون زالون سندس ڳوٺ جي زالن کان پڇنديون هيون: “ائي اها ڳاڙهي چولي، موٺڙي جي سٿڻ واري ڇوري ڪير هئي؟” “ڪهڙي؟” “ائي مٺيس، هيءَ جيڪا سوير ڪانه هتي ويٺي هئي، ڳوري منهن، ويٺل مٿي واري؟”- “ائي ها، ملوڪان ٿي چوئين؟ اها، اما، جنان ٻائيءَ جي ڌي آهي.” “ڇوريءَ جي ته حشمت جهلڻ جي ڪانه هئي. چو ته ڪر ڪو سج جو ٽڪر آ ٻي ڳالهه ڪانهي!”
“ها، ماسي، ڇوري اها لکن ۾ هيڪڙي آ.” پوءِ پوڙهيون چونديون هيون: “اما، سهڻا ته ٽوهه به پٽن ۾ پيا آهن، الله شل صالح ڪريس.” “ها، اما، شل جڳ جهان جي ڌين جي سولي ڪنڌي ٿئي.”
“۽ پوءِ ڳوٺ جا نوجوان هوندا هئا ۽ سندن اکيون هونديون هيون- شوخ اکيون، گهوريندڙ اکيون، ٿڌڙا ڪڍندڙ اکيون، حيرت ڀريل وائڙيون اکيون، هيسيل اکيون، سوالي اکيون، واجهائيندڙ اکيون، عبادت ڪندڙ اکيون، پيرن هيٺان وڇائجندڙ اکيون، چريون ۽ مست اکيون، ڊيڄاريندڙ، منجهائيندڙ، دل جي تار تار کي ڇيڙيندڙ ۽ خوابن جي دنيا ڏانهن سڏيندڙ اکيون. اهي اکيون کيس ڪنهن اڻڄاتل ٻوليءَ ۾ چونديون هيون: ‘ملوڪان! تون هن ڳوٺ ۾، هن ڌرتيءَ تي، هن آسمان هيٺ اڪيلي ۽ نرالي آهين، تنهنجو ڪوبه ثاني شريڪ ڪونهي. تون سونهن آهين، تون منزل آهين، تون انساني ڪمزورين، مجبورين، خوشين ۽ غمن کان بالاتر آهين، تون ڳوٺ جي سمورين شين ۽ ماڻهن جي مالڪ مختيار آهين، فقط تنهنجي سونهن ۽ تنهنجي جواني اٽل آهي، لافاني آهي، ٻيو سڀ ڪجهه هيچ آهي، بي معنيٰ آهي، فاني آهي.’ ۽ هوءَ پنهنجو پاڻ ۾ گم، هر شيءِ ۾ موجود، هر شيءِ کان بي نياز، هوائن ۽ موسمن، سج ۽ چنڊ، زندگيءَ ۽ موت کي پنهنجين نازڪ مُٺين ۾ بند ڏسندي، خيالن جي ڪڪرن تي پير رکي، خوابن جي دنيا جي نامعلوم آسماني ٻيٽن جا سير ڪندي رهي.
پوءِ هڪڙي ڏينهن يارو آيو.
وچينءَ جي مهل هئي، هن پاڻيءَ جا گهڙا مٿي تان لاٿا ته سامهون کٽ تي کيس ڏٺائين. هو سوڙهو سوڙهو، لڄارو لڄارو، حيران ٿيو ويٺو هو ۽ مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿيل ڪپڙن کي ناسي پٽڪو لاهي پئي ڇنڊيائين. “اما، ڀاءُ کي ڀليڪار ته ڏي، سڃاڻيس ڪانه ٿي؟”
پوءِ هن سڃاتس، هو مامس هارون جو پٽ هو، جيڪو ننڍي هوندي وٽن ايندو هو، پر پوءِ ٻنهي گهرن ۾ اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو هو. مامس ۽ پڻس پاڻ ۾ ٺهندا ڪونه هئا، ڇو ته پڻس کي ماڻس جو سڱ ڏيڻ جو هارون سخت برخلاف هو، جو پڻس سمون هو ۽ مامس هارون وارا سومرا هئا. ٻين سومرن به سخت شور ڪيو، پر پڻس، سيد پير گڏ ڪري ڪنهن پراڻي آڏي اُبتي مائٽيءَ جو سهارو وٺي، ماڻس کي پرڻي آيو هو. ان بعد هارون ڀيڻ کان ٿڌو هو ۽ سال ٿي ويندا هئا، تڏهن مس ايندو هو.
“ڏس ته ڪيڏو ٿي ويو آهي! پاڻ واري اسڪول ۾ فينل ڏيڻ آيو آهي. تپيدار ٿيندو.” ماڻس يڪساهي خوشيءَ ۾ چئي وئي هئي.
ڪيترا ڏينهن، ڪيترا مهينا گذري ويا، يارو ان وچ ۾ بلڪل بدلجي ويو، اڇا ڪپڙا پائڻ لڳو، وار ٺاهڻ لڳو ۽ ٺاهوڪو ٿي پيو. هو عجيب غريب ڪتاب پڙهي ٻُڌائڻ لڳو، سوچ ۾ گم ٿيڻ لڳو، منجهيل ۽ موڳو رهڻ لڳو.
“يارو ڇا ٿيو آني؟” هڪڙي ڏينهن ملوڪان کيس حد کان وڌيڪ اُداس ۽ ويڳاڻو ڏسي پڇيو هو. ماڻس ان وقت گهر ۾ ڪانه هئي. جمعو مال سان هو. پوءِ ياروءَ ڏانهس نهاريو هو. عجيب نظرن سان، سڌ سرت وڃائيندڙ نظرن سان. هو ڪي گهڙيون ائين نهاريندو رهيو. هوءَ به بي سڌ ٿي ڏانهس نهاريندي رهي.
“هڪڙي ڳالهه چوان؟” هن آخر هٻڪي هٻڪي، ڏاڍي ايذاءَ ۽ تڪليف سان چيو هو. سندس چهرو بگڙي عجيب، بڇڙو، کِل جهڙو ۽ قياس جوڳو ٿي پيو هو. ائين ٿي لڳو ڄڻ ته نڙيءَ ۾ ڪا بصر جي ڳنڍ ڦاسي پيئي هيس. هڪڙي هڪڙي اکر تي اٽڪي ٿي پيو، “آءٌ... مون چيو.... تون....” پوءِ اوچتو هو تيز تيز ساهه کڻي يڪساهي ڳالهائيندو ويو.
ملوڪان تي ڄڻ ڪا نئين ڪڙڪي ويئي. قسمين قسمين هڪٻئي سان ٽڪرائيندڙ جذبن جون تيز لهرون سندس ننڍڙيءَ دل کي چئني پاسن کان وڪوڙي ويون. ڇاتيءَ هيٺان ڄڻ ڪا ريل پئي مٽي. هن سمجهيو ته اها نڀاڳي ڌڙ ڌڙ سڄو ڳوٺ پيو ٻُڌندو هوندو. ڊپ ۽ وحشت وچان سندس لڱ ڪانڊارجي ويا ۽ هوءَ اوچتي وٺي ڀڳي.
“لئي، نپٽي رن، گابو ماري وڌي!” ماڻس پريان ايندي، ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي، کيس زور سان ڌڪ هڻي، چيو: “مئي رت ٿي! ڪا بغا پٺيان پيئي اٿئي ڪَ جو اکيون پوري وٺي ٽاپيون ڪندي ڀڳي آهين؟ مائي ههڙو ظلم ڪو ڏٺان! ڌيئڙي ڏينهن ڏٺي جو انڌن وانگر آٿڙندي، گگدامن سان ٽڪر هڻندي وتي.” ماڻس ڇا جو ڇا چئي ويئي. هوءَ ڦڪي ۽ ڏوهاري بڻجي، ڪپڙا ڇنڊيندي، اُٿي بيٺي. گابو سندس سٿڻ چٻڻ لڳو. هوءَ کيس آهستي ڌڪ هڻي، ڪنڌ هيٺ ڪري، ٻاهر نڪري، وڃي جنڊ جوٽي ويٺي.
پوءِ، هوءَ ياروءَ کان پاسو ڪرڻ لڳي. اڳي وانگر ساڻس گهر جي ڀاتيءَ واري حجائتي هلت بند ڪري ڇڏيائين، سامهون ايندو هو ته ڪنڌ هيٺ ڪري لنگهي ويندي هئي ۽ ڳالهائيندو هو ته هڪ اڌ اکر ۾ جواب ڏيندي هئي. پاڻ اڪيلي وٺي هوندي هئي ۽ هو مٿان اسڪول مان موٽندو هو ته خوام خواهه اُٿي ڪونه ڪو ڪم ڪرڻ لڳندي هئي. الائي ڇو کيس ياروءَ کان ڊپ ٿيندو هو، سندس لڱ ڏڪڻ لڳندا هئا. متيون منجهي وينديون هيون، پر هو جڏهن ڪونه هوندو هو تڏهن هوءَ بدلجي ويندي هئي. کيس هاڻ ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي کِل ايندي هئي ۽ کِلڻ لڳندي هئي ته يڪي پيئي کلندي هئي، تان جو سندس پاسن ۾ سور پئجي ويندو هو. ساهه گهُٽجي ويندو هو ۽ اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ايندا هئس. وٽجي سٽجي زمين تي يا کٽ تي ڪري، سور ڪندڙ پاسن ۾ هٿ وجهي، ڳوڙها ٺونٺ سان اُگهي، هوءَ سمهڻ لڳندي هئي، پر ذري کان پوءِ چوندي هئي: “ائي امان، جمعي ڏانهن ته نهار!” ۽ وري ساڳين ٽهڪن ۾ پئجي ويندي هئي. ماڻس ڳچ تائين پاڻ کِلي کِلي، پوءِ مصنوعي ڪوڙ وچان چوندي هئي، “ڇوري هاڻ ٺهيو! گهڻو ٿيو! سڄو ڏينهن ڏند ڪڍيو بيٺي آهين، حيا به ڪانه ٿي وٺئي.”
گابو سندس سُٿڻ کي چڪ وجهندو هو ته اڳي وانگر کيس ڪاوڙجي ڌڪ هڻڻ بدران سندس منهن هٿن ۾ ڏاڍو جهلي، ڏند ڀڪوڙي، چپ هڪ خاص پياري نموني ٽيڙي، پيار کان بي قابو ٿي چوندي هئي: “چريا، مست، مار کائيندين!” کيس ماڻس، پڻس، ڀاڻس، ڳئون، گهر، واري، مٽي، هر شيءِ تي پيار اچڻ لڳو. رڳو ياروءَ سان ڄڻ سندس پوندي ئي ڪانه هئي؛ کيس ڏسي منهن گهنجائي ڇڏيندي هئي. آرتوار ڏينهن ماڻس هميشه جيان ياروءَ جا ڪپڙا ڏيئي چيس: “اما! هي وٺ ياروءَ جا ٻه پُچ پاڻيءَ مان ڪڍي وٺ.” تڏهن هن نڪ کي موڙو ڏيئي چيو هو: “تون نٿي ڌوئي ڏينس، مون ڪو سڄي ڳوٺ جو ٺيڪو ٻولي کنيو آ ڪ؟” ماڻس تپي ڳاڙهي ٿي ويئي، ها امان، تو جو ڏوهه ڪونهي! بڻياتي آهين. پڦهين تي ويئي آهين نه، ماڻهين جو ڀائٽيو آهي، تنهن جو توتي ڪهڙو بار! مون کي ڏي ته آءٌ ٿي ڌوئان.”
“ڦاٿا آهيون اچي!” چئي، ملوڪان ڪپڙن ۾ هٿ وڌو. مٿان ڪنهن جو پاڇو پيو. لؤڻو هڻي ڏٺائين- يارو. سندس منهن ڳاڙهو ٽامڻيءَ جهڙو ٿي ويو هو- شرم کان، الائي ڪاوڙ کان. ملوڪان اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون.
وس جا ڏينهن اچي ويا. مُلڪ ڦُل پٽيءَ، مليري، للر، ڇٻر ڳنڍيرن جي گڏيل سڏيل خوشبوئن سان هٻڪارجي پيا. وڻ ٽڻ، برپٽ رنگبرنگي ويسن سان ڍڪجي ويا. چؤطرف مينهن وساڙا ۽ ماڻهو پکڙجي ويا- قسمين قسمين، ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو، شام جو فضا، چڙن ۽ سنڀارن جي سُرن، ڌراڙن جي تنوارن ۽ ڪانبي جيڏن اُوهن وارين مينهن ۽ سندن ڦرن جي رنڀن سان گونجي اُٿندي هئي. سومهڻيءَ کان پوءِ وڏ ڪٻل ۽ ونجهوٽيءَ جي سڏن واڪن کي چيري، ڪنهن مولود يا ڪافيءَ جا آلاپ ٻرڻ لڳندا هئا. “هلا ڇورا قادو! تنگ توري ڇڏيءِ!” “احمد واري جوڙي اشي ڪشي زور ٿي ويئي، جسڪاڻين جون سڪون ٿي لاهي.” “ها ادا، ٿينديون وڃن.”
يارو! جو هيترا ڏينهن اُجهاڻو اُجهاڻو پيو هو، سو ڄڻ ته ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿي پيو. جيڪو پل پڙهڻ کان واندو هوندو هو، پنهنجي منهن پيو جهونگاريندو هو. سومهڻيءَ مهل ڪتاب جاري تي رکي هليو ويندو هو.
وچينءَ جي مهل هئي. ملوڪان ڌونر ڳئون جو گابو نهاري نهاري ٿڪي پيئي، جو سندس سُتي الائي ڪيڏيءَ مهل ڇنائي وٺي ڀڳو هو. هوءَ ڳوليندي ڳوليندي ڳوٺ کان پري جهنگ ۾ هلي ويئي. اوچتو سندس ڪن کڙا ٿي ويا. ڪنهن پريان ڳايو پئي. هوءَ بيهي ڪن ڏيئي ٻُڌڻ لڳي. “رس مَ رسڻ گهوريو، ڇڏ راڻا ريڏائي!” آواز ڄاتل سڃاتل پر ساڳئي وقت بلڪل نرالو هو. ملوڪان کي ائين لڳو ڄڻ ڪو ابهم ٻار روئي روئي سُڏڪن ۾ پئجي وڃي. پوءِ آواز مٿي اُڏامڻ لڳو. اُڏماندو ويو- پوءِ بيهي رهيو ۽ ڪبوتر وانگر مٿي ئي پر ڦڙڪائيندو رهيو. پوءِ اوچتو هيٺ لامارو ڏنائين ۽ ڄڻ واڍوڙجي هيٺ ڪِري پٽ تي بُل ڏيڻ لڳو.
ملوڪان آهستي آهستي آواز ڏانهن وڌندي ويئي. سندس دل ڏاڍي اُداس ٿي ويئي. کيس ائين لڳو ڄڻ سندس سڄي حياتي اُداس گذري هئي. کيس پاڻ تي، ڳائيندڙ تي، سڄيءَ دنيا تي قياس ۽ رحم اچڻ لڳو. ويجهو اچي ڏٺائين ته ڳائڻ وارو هڪ ڊگهي ديويءَ جي وڻ جي اوچين ٽارين تي چڙهيو ويٺو آهي. سندس اٿاهه درد ۽ ڏک ۾ ٻڏل چهرو ڏسي، هوءَ ڏڪي ويئي. هن کي پاڻ تي سخت ڪاوڙ آئي. ‘الا، ويچاري جو حال ته ڏسو.’ هن دل ئي دل ۾ ڦٿڪي چيو. پوءِ کنگهار ڪري چيائين: “ماڻهو ڏاڍا ڪافر ٿي پيا آهن.” ياروءَ ڇرڪ ڀري ڏانهس ڏٺو، “تون هتي ڪٿان؟” ۽ منٽ ۾ لهي آيو. ملوڪان وٺي پويان پير ڪيا. کيس اوچتو وڃايل گابو ياد آيو. “گهوڙا گابو الائي ڪيڏانهن ويو. امان ماري وجهنديم.” سندس ساڄي ٻانهن پٺيان سوگهي ٿي وئي. “الا ڇڏ نه.” هن ڊپ وچان دٻيل دانهن ڪري، سٽ ڏيئي، ٻانهن ڇڏائي. “جاني، مٺي، مومل ڳالهه ته ٻُڌ!” ياروءَ کيس ڀاڪر وجهي ڦيرائي پاڻ ڏانهن منهن ڪيس. هوءَ ڪرڙيءَ وانگر ڦٿڪڻ لڳي. “ڇڏ، ڇڏ، مئا، رت ٿيا. آءٌ ٿي رڙيون ڪريان.” هاڻ ياروءَ جا چپ اچي سندس ڳلن تي لڳا. ملوڪان خوف کان دانهن ڪئي. “مادر... ڇڏين نٿو...” ياروءَ جا هٿ ڍرا ٿي ويا، ڊپ کان سندس گلو خشڪ ٿي ويو، پير ڏڪڻ لڳس، وٺي جهنگ ڏانهن سٽ ڏنائين.
ملوڪان سهڪندي سهڪندي گهر موٽي. سندس آليون اکيون، روئڻهارڪو منهن ڏسي، ماڻس کي گابو وسري ويو. کهري آواز ۾ پڇيائين، “ڇوري، ڇا ٿيو آني؟”
گابو اندر بيٺو هو، هن زور سان چماٽ هڻي ڪڍيس. کيس ڇاتين ۾ ڏاڍو سور پئي ٿيو، گهر جي ڪنڊ ۾ پٺ ڏيئي، چولي جو ٻيڙو کولي، اندر ڏٺائين- سهڻي، لسي، پٿرائين گولائيءَ تي ڪاريءَ چوٽيءَ جي آسپاس وارو حصو سڄيل هو. هڪڙي هنڌ تي ڪارو نير بنجي ويو هو. ‘مئي مروان رانبوٽا هڻي....’ هن دل ۾ چيو. هوءَ ڳچ رات سوچيندي رهي. ‘اما يا بابا ڏسي وٺي ها، ته!’ سندس وار خوف ۾ شرم وچان اُڀا ٿي ويا. کيس ائين لڳو ڄڻ پاڻ ناپاڪ ۽ گندي ٿي پئي آهي. هن زالن کي پاڻ ۾ نڪن کي موڙا ڏيئي، ٺٺوليءَ ۽ نفرت وچان چوندو ٻڌو هو، “ائي فلاڻي ڪهڙي نڪ سان ٿي مَرڪي، ڌيڻس بجڪي ڪنواري هوندي جيڪي گل ڪڍيا آهن، تن جي ته ڳوٺ ۾ خواري ٻڌي!” “ائي اُن رن کي ته ٻُڏڻ به نٿو اچي!” “ماسي اها ڇوري متان وٺين، بنهه بدچال آهي.” اهي ڳالهيون ٻُڌي، کيس انهن “بدچال” ڇوڪرين لاءِ بڇان ۽ ڌڪار ٿيندي هئي. بيحيائن کي بدچال ٿيندي شرم به نٿو اچي. هوءَ سمجهي نه سگهندي هئي ته هو ائين ڇو ٿيون ٿين. ننڍڙي ٻار کي به خبر آهي ته بدچال ٿيڻ ڪيڏو خراب آهي. سڄي ڳوٺ ۾ خواري ٿيندي. ماءُ پيءُ وٽ ڪتي جهڙي عزت هوندي. کوهه تي، گس پنڌ تي، شاديءَ مراديءَ تي، سڀڪا رن اشارا ڪري چوندي، “ائي اها ڇوري بدچال آهي.” پوءِ به هرو ڀرو بيوقوفن کي ايترو به عقل ڪونهي يا شايد آهين ئي اهڙيون! کيس پڪ هئي ته کيس ڪو لک رپيا ڏئي يا ڪهي وجهي ته به جيڪر هوءَ بدچال نه ٿئي. بلڪل ائين جيئن ڪو لک رپيا ڏئي يا ڇا به ڪري ته به ماڻهو ڍونڍ نه کائي يا مئل ڪتي جي ڀرسان نه ويهي.
هن پوءِ خواب ۾ ڏٺو ته هڪڙو ڇتو ڪتو سندس پويان پيو آهي، پاڻ ريهون ڪندي ڀڄندي وڃي، کيس پير ۾ ڪنڊو لڳو آهي. ڏاڍو سور اٿس، پوءِ به منڊڪائيندي ڀڄندي وڃي، وڃي مٿان ٿوهر تي پيئي آهي، ڪتو ويجهو پوندو وڃي، اجهو هاڻ چڪ وجهي ٻوٽ ڪڍي ورتائين. هوءَ رڙيون ڪرڻ لڳي آهي. سندس اک کُلي پيئي. سڄي پيئي ٿڙڪي. بدن پگهر سان شل ٿي ويس. پنهنجي هنڌ تان اُٿي وڃي ماڻس وٽ سُتي. ڳچ تائين دل ئي دل ۾ ڪلما پڙهندي رهي.
ڳچ ڏينهن گذري ويا. ملوڪان جو خيال هو ته يارو ضرور پنهنجي حرڪت تي شرمسار ٿيندو ۽ پڇتائيندو يا وري کيس تنگ نه ڪندو، پر ڏسڻ ۾ آيو پئي ته هو اٽلو ملوڪان تي ناراض هو. آرتوار ڏينهن ڪپڙا به ڪونه ڌوئاريائين، شهر جي ڌوٻيءَ کان اڳواٽ ڌوئارائي آيو هو. رات جو اُٿي ويٺي ڪنهن مهل اوندهه ۾ هڪ ٻئي ڀرسان لنگهندا هئا ته ملوڪان کي ڊپ ٿيندو هو ته متان مون کي ٻانهُن کان جهلي يا ڪهڙي خبر چهنڊڙي پائي. پر هو ائين هلڻ لڳو ڄڻ ته ملوڪان نالي ڪو ماڻهو گهر ۾ آهي ئي ڪونه. ملوڪان کي پهريائين عجب ۽ پوءِ ڪاوڙ لڳي. ڏوهه به سندس ۽ رُسي به پاڻ! ڪنهن مهل خيال ٿي آيس ته مون کي گار نه ڏيڻ کپندي هئي. ايڏي رڙ ڪرڻ جو به ضرور ڪونه هو. هو شايد ائين ئي ڇڏي ڏي ها، پر پوءِ سوچيائين ‘جيڪي اهڙا ڪم ڪندا، سي گاريون به کائيندا.
اڳينءَ جي مهل هئي. ملوڪان ٻاهر اڱڻ ۾ ٿانوَ ويٺي ڌوتا. اندر گهر ۾ ماڻس پريان نماز پئي پڙهي. اندر يارو پڙڇ تي سُتو پيو هو. سندس مُنهن ملوڪان ڏانهن هو. سندس تازو ٺهرايل انگريزي ڪٽ وارن جي هڪ چڳ نراڙ تي گهنڊي هڻيو بيٺي هئي. ڌوٻيءَ جي ڌوتل اڇن کير جهڙن ڪپڙن ۾ هو سڄي ڳوٺ جي ڇوڪرن کان نرالو ٿي لڳو. سندس سهڻي چهري تي عجيب معصوميت ۽ اطمينان هو. اوچتو هڪڙي مک اچي سندس وات تي ويٺي. سُتي ئي سُتي سندس چپ ۽ ڄڀ ازخود عجيب کِل جهڙي نموني پٽجڻ ۽ بند ٿيڻ لڳا. ملوڪان کي اها عجيب چرپر ڏسي کِل اچي وئي. ‘جهڙو ننڍڙو ٻار بُبو پيو ڌائي.’ هن سوچيو. اوچتو کيس هڪڙو پور آيو. هوءَ آهستي آهستي پٻن تي هلي اندران پيتيءَ مان ننڍڙي ٽِڪ ڪڍي آئي ۽ جوٽ هيٺ ڪري ٿانوَ ڌوئڻ لڳي. ڳچ دير ٻڏتر ۾ هئي. آخر کانئس رهيو نه ٿيو ۽ ٽِڪ کي سج جي سامهون جهلي آهستي آهستي اٽڪل سان ڦيرائيندي رهي. روشنيءَ جو هڪ گول چڪرو وڃي ياروءَ جي اکين تي ڪڙڪيو. هن پهريائين اکيون ڇينڀيون، پوءِ هلڪي رڙ ڪري اُٿي ويٺو. ملوڪان جهٽ ڏيئي آئينو لڪائي، ٿانوَن کي جنبي ويئي. هُو هيڏانهن هوڏانهن لؤڻا هڻي، ملوڪان ۾ گهُور ڪري نهاري، ڪجهه بڙ بڙ ڪري، وري ٻئي پاسي منهن ڪري سمهي پيو. ملوڪان کي سندس بڙ بڙ ۽ گهُور تي خار وٺي ويا. هوءَ گهر جي پٺيان ڦِري ڳولي هڪڙي ڳڙکيءَ ڀرسان آرسي کڻي گهمائڻ لڳي. يارو بل ڏيئي اُٿي ويٺو ۽ سٽ ڏيئي جتان اولڙو پئي پيو، اوڏانهن ويو پر ملوڪان کسڪي اچي ماڻس جي ڀرسان بيٺي.
“امان، تون پڙهي وٺ ته آءٌ به پڙهان.” يارو خار کائيندو رهجي ويو. هوءَ پنهنجي منهن مرڪندي رهي. ٻئي ڏينهن ملوڪان ننڊ مان اُٿي ته کيس راتوڪي ڳالهه ياد پيئي. رات جو کيس ننڊ ۾ ائين محسوس پئي ٿيو ڄڻ سندس ڳلن، چپن، پيشانيءَ ۽ ڇاتيءَ تي ڪنهن جا چپ اڻ لکي نموني پيا ترڪن. هوءَ ننڊ جي گهري هوندي هئي. جيستائين ننڊ مان سجاڳ ٿئي، تيستائين چپ غائب ٿي ويا. ڳل تي هٿ لائي ڏٺائين ته ڀِنل هئا. هن ٽانڊن جيان تپندڙ اکين سان ياروءَ ڏانهن ڏٺو پر هو پنهنجي ڪم ۾ مشغول هو. اها حالت کيس ڳچ دفعا محسوس ٿي، پوءِ چور پڪڙجي پيو، پر هوءَ خواريءَ جي ڊپ کان رڙيون ڪري ڪانه سگهي. رڳو چور جو جيڪو عضوو هٿ آيس اتي هڪ زوردار چڪ وڌائين. جڏهن ٻئي ڏينهن ياروءَ سڄيل ڳل تي مٽي لنبي پئي چيو، “رات ڪو ڏينڀو ڏنگ هڻي ويو آهيم.” تڏهن هوءَ مُرڪڻ کان سواءِ رهي نه سگهي. ‘هيٺ!’ هن دل ئي دل ۾ فاتحانه نموني چيو. رات گهڙيءَ کن لاءِ جيڪو خيال آيو هوس ته، ‘امان کي دانهن ڏيئي کيس گهر مان ڪڍائينديس.’ سو سڄيل ڳل ڏسڻ کانپوءِ کيس فضول نظر آيو ۽ واقعي هو لڪل اشراف بڻجي ويو ۽ ڪابه حرڪت نه ڪيائين. باقي هاڻي کيس سدائين پيو ڏسندو هو. سندس اکين تي الائي ڪهڙو خمار چڙهيل هوندو هو. جيڪو وقت هو گهر ۾ هوندو هو، بنا ڏسڻ جي هر وقت کيس محسوس پيو ٿيندو هو، ته اهي تيز ۽ مست اکيون منجهس کُتل آهن ۽ سڀ ڪجهه ڏسن ٿيون. هوءَ اڪثر گهٻرائجي ويندي هئي. مٿي تي پوتي ۽ ڳري تي پلاند هر هر ٺاهي وجهڻا پوندا هئس. هلندي هلندي ڳالهه وسري ويندي هيس. ڳالهين ڪندي، هڪڙي بدران ٻيو جواب ڏيئي ويهندي هئي ۽ پوءِ پشيمان ٿي پوندي هئي.
هڪڙي ڏينهن هو ڪتاب کڻي زور سان پڙهڻ لڳو. ماسيس کي ٻُڌايائين ته بيت ياد ڪرڻا آهن. پوءِ هو مومل راڻي، سسئي پنهوءَ ۽ سهڻي ميهار جي داستانن جا بيت اهڙي نموني پڙهڻ لڳو، جو سڀني جو ڌيان ڇڪجي ويو. رات جو انهن بيتن کي جهونگارڻ لڳو. آخر آهستي آهستي ڪري سڀن کي خبر پئجي ويئي ته سندس آواز ڪيڏو مٺو آهي. پڦيس ۽ سندس مڙس زور ڪري کانئس ڪافيون ٻُڌڻ لڳا. هوءَ اهي ڪافيون ۽ بيت ٻُڌي سمجهي ويندي هئي ته هو ڇا ٿو چوڻ چاهي. سندس دل جي ڌڪ ڌڪ تيز ٿي ويندي هئي ۽ هوءَ الائي ڪهڙين رنگين ۽ طلسمي دنيائن ۾ گم ٿي ويندي هئي. هوءَ هاڻي اڳيان سمورا ڊپ ڊاءَ ۽ انديشا ڀُلجي ويئي. سواءِ هڪڙي شخص جي باقي سڀ ماڻهو فقط پاڇا هئا. انهن جي خيالن، راين، ڪمن ڪارين جي ڪابه حقيقت ڪانه هئي، ڏوهه، ثواب، چڱائيءَ، مدائيءَ بابت سموريون ٻُڌل ڳالهيون کيس بي معنيٰ ۽ اوپريون نظر آيون. آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ هر شيءِ سهڻي، سُٺي، چڱي ۽ ڀلي هئي.
هڪ ڏينهن جڏهن جمعي کي تپ آيو تڏهن ماسيس گهڻي منَع ڪيس پر يارو رسو ڪلهي تي رکي مال ڪاهي جهنگ تي هليو ويو. پٺيان لوڻو هڻي رڳو ايترو چيائين: “اڄ آچار جي موڪل آهي. پاڻ ٽنگون ساهي ايندس.” شام جو ڏهائي به پاڻ ڪيائين. پوءِ اڪثر ملوڪان جو پيءُ کيس چوندو هو: “ابا يارو، ڌونر ڳئون ته ڏهي وٺ. آءٌ اچيو ٿو ٻيون ڏهان.” جلد ئي هو واندڪائيءَ مهل هر ڪم ۾ هٿ وجهڻ لڳو- ڪاٺيون چيرڻ، بازار مان کڙ کڻائي اچڻ، مال ڏهڻ، دونهي وجهڻ وغيره. چوندو هو، “اسڪول ۾ پاڻ چون ٿا ته هٿ جو پورهيو ڪريو. هونئن به آءٌ ته ننڍي هوندي ئي ڪم تي هريل آهيان.” جڏهن پڻس مُدي جي تپ ۾ ڪِري پيو ۽ سڄي گهر تي موڳائي ۽ مُونجهارو ڇانئجي ويو، تڏهن ياروءَ ماٺ ماٺ ڪري سڄي گهر جو بندوبست پنهنجي حوالي ڪري ڇڏيو.
“جمعا، اڄ مال سويرو آڻج، ڪاٺين جي ڀري به ڪريو اچج، آءٌ اسڪول مان ٿي چاچا کي وٺي ننگر اسپتال ويندس. متان دير ٿي وڃي، تون ڏهائي ڪري کير کڻي بازار اچج. پڦي اڄ ڪٿان پنج رپيا هٿ ڪر ته ننگر وڃون.” جڏهن ڏهه پندرهن ڏينهن گذري ويا ۽ مهانگين دوائن، گهر ۾ رکيل چاليهه رپيا کُٽائي ڇڏيا ۽ اُڌار جو آسرو به ڪونه پيو. پڦيس اول هڪڙو ڀيرو پڇيس: “ابا، يارو، هاڻ پئسو ته ڪونهي، هاڻ دوا ڪٿان ايندي؟” هن بي تعلقيءَ سان چيو: “بس ڏسون ٿا.” هڪڙي ڏينهن پنهنجو پڙڇ به ريڙهي آڻي مريض جي ڀرسان وڌائين. ملوڪان يا پڦيس وانديون ڪونه هونديون هيون ته پاڻ ويهي مريض کي زور ڏيندو هو. سڄو وقت پڙهائي، گهر ۾ مريض جي سنڀال ۾ رڌل هوندو هو.
هڪڙيءَ رات مريض کي اچي آڌيءَ رات جو تپ ٿيو ۽ ڪنجهڻ لڳو، ملوڪان ۽ ماڻس سڄو ڏينهن ٿڪي ٽُٽي سُتيون هيون؛ تن کي سار ئي ڪانه ٿي. يارو جاڳي پيو. اُٿي پيهيءَ تان ٻي رلي لاهي آڻي مٿانئس وڌائين ۽ ويهي کيس زور ڏيڻ لڳو. پوڙهي تي بخار جا مچ هئا، سڄو ڏڪيو پئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ پوڙهي جي هڪڙي ٻانهن چُري ۽ سندس هٿ آهستي آهستي هٿوراڙيون ڏيئي ڪجهه ڳولڻ لڳو. نيٺ اهو اچي ياروءَ جي ساڄي هٿ تي لڳو ۽ آهستي آهستي ڀڪوڙجي ويو. ياروءَ پنهنجو هٿ اتي رهڻ ڏنو.
“ابا، الله، الله جو رسول ڪندو، سدائين سُکيو هوندين. آءٌ جي هيڏانهن ڪه هوڏانهن ته پوئين لَڏ پرتي آنين.” پوڙهي ڀڻ ڀڻ ڪري مشڪل سان چيو. ياروءَ کي خوف وٺي ويو. “چاچا، دل وڏي ڪر، هاڻ اچي چڙهيو آهين! ٻن ٽن ڏينهن ۾ نوبنو ٿي ويندين.” هن پوڙهي کي ڏڍ ڏنو. آخر هڻي هڻي بيماري هٽي ۽ هو ٺيڪ ٿيڻ لڳو.
ڏينهن گذرندا ويا ۽ ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿيون.
هڪڙي ڏينهن غوثوءَ جي زال سومل، گج کڻي آئي. ملوڪان ۽ ماڻس ويٺيون هيون. “مايون گج وٺنديون؟ موئي پٺاڻ کان پَر ڪپڙا ورتا هئم، سو هاڻ ڏنڊو کڻي اچي در تي بيٺو آهي. 50 جو آهي. آئين کڻي 40 ڏيوم. 4 تولا ته رڳو مقيس لڳو اٿس.” هوءَ گج اُٿلائي ڏيکارڻ لڳي. ستارن ۽ ٽِڪن جي جرڪ جرڪ ملوڪان جي دل ۾ ڪتڪتايون ڪرڻ لڳي. “نه ادي، اسان کي ڪونه کپي... ۽ اسان جو جمعو اڃا ڀلي مچي مڙس ٿئي.” ماڻس ظاهري طرح بي تعلقيءَ سان چوڻ لڳي.
“ڪو، مائي؟” سومل بگڙي ويئي، “هي ملوڪڙي مومل جا ويٺي آني! ان ڏوهه ڪيو ڪَ؟” “ان جو به ڪو گس ته ٿئي، اڃا ته مون وٽ ويٺي آهي.” ماڻس ڳرائيءَ سان چيو. “لئي مائي، نالي الله جي، هاڻ ڇڏ مُنهن جي پڪائي!” سومل وڏو وات ڦاڙي، شرارت سان چٻرو ڏيئي ڍار سان چيو. ماڻس مرڪي وڌو. ملوڪان سڄي ڳاڙهي ٿي ويئي. ايتري ۾ يارو الائي ڪٿان اچي نڪتو. سومل جي ڄڻ الله ٻُڌي. “ٺهيو مائي، گج جا ڌڻي اچي ويا.” چئي، گج ياروءَ کي ڏيئي، شوخيءَ سان حڪم ڪيائين: “ابا نينگرا، ڪڍ چاليهه رپيا ٻاهر. پڦهين ڀانئي ٿي ته سڄو جهان انڌو ٿي ويو آهي.” ملوڪان جي ماءُ مصنوعي ڪاوڙ سان چيو، “ابا، تون وڃي پاهنجو ڪم ڪر، هيءَ آهي واندي!” ملوڪان ڪنڌ هيٺ ڪري ٻاهر نڪري ويئي، ڄڻ سندس بدن ۾ هزارين لکين، ننڍڙيون ننڍڙيون، مٺو مٺو سور ڪندڙ سُيون لڳي ويون. مائي سومل ياروءَ کي گج آخر مٿي ۾ مڙهڻ بنا نه ويئي ۽ هن پٺاڻ کي منٿون ڪري اٺن ڏينهن جي مهلت ورتي.
هو مائٽن کان گج جا پئسا وٺڻ ويو ته مورڳو ماڻس به ساڻس گڏجي آئي. مائي گج ڏانهن ڏسيو، وريو ملوڪان ۾ ٿي ڏٺو ۽ هڪ اٿاهه ۽ پياري مرڪ سڄو وقت سندس چپن تي کيڏندي رهي. جيڪي ٻه ڏينهن رهي، سو ملوڪان کي هڪ پل به پاڻ کان پري ٿيڻ نه ڏنائين. ملوڪان کي ائين لڳو ڄڻ ته ڪو مهربان ملائڪ آسمان مان لٿو آهي. ماڻس کيس ڪڏهن انهن نظرن سان نه ڏٺو. خاص ڪري جڏهن يارو ويٺو هوندو هو، تنهن مهل ياروءَ جي ماءُ جو چهرو ڏسڻ وٽان ٿي ٿي ويو، ڄڻ ته هوءَ ڪِن عجيب دنيائن ۾ گم ٿي ويئي هئي. ڪجهه ڏينهن جي اَچ وڃ کان پوءِ نيٺ هڪڙي ڏينهن ماڻس شوخائيءَ سان ملوڪان کي چيو: “نينگري! هاڻ ياروءَ جي منهن نه پوندي وڃ!”
پوءِ کيس خبر پيئي- رجب جي ڏهين تاريخ وناهه ۽ سترهين شادي.
ماڻس هاڻ رات ڏينهن ڏاج جي پَٽ کوهه ۾ جنبي ويئي. “ماسي آست، هي سٿڻ جو ڪپڙو ڏس، رنگ ڪيئن آهيس؟” هوءَ چهري تي گهنج وجهي انتظار سان پڇندي هئي. ڪنهن مهل اوچتو ملوڪان تي بگڙي ويندي هئي. “ائي، ڌيئڙي، ساڃاهه ڪر. ويهي نه سٿڻ جا پيرا ڀرين! ڪالهونڪر چيو آمين، اڃا اتي جو اتي پيا آهن.” يا “امان ساهرن کي به اهڙو وڃي ٺاريندينءَ جهڙو مون کي ٺاريو انين! نهار ته ڪر! ڌيئڙي سڄو ڏينهن ٽنگ ٽنگ تي چاڙهيو مارڪا پئي ڪري. آءٌ هيڪڙي ڄڻي، هڻيو هڻيو بيزار ٿيو پوان. حياءَ ئي ڪانه ٿي پئيس.” کوهه تي هڪ جيڏين ته پٽي کوهي ڇڏيس. “ائي ملوڪان، گهوٽين هتي رهائيندئي يا مائٽن وٺي ويندئي؟” “ويندس کڻي پانجي ڳوٺ! هتي ٿو ڇڏيس!” “ائي پو تون منهن به ڪونه ڏيکاريندينءَ؟”
هوءَ جواب ڏيڻ بدران رڳو منهن گهنجائيندي رهندي هئي. “ويچاري ڌارين ۾ ٿي پرڻجيو وڃي. ائي پنهنجي ساڻن ڏيڻي وٺڻي ته ڪانهي، پوءِ پڻهين الائي ڪو وڃي ڌارين ۾ اُڇلايو آني؟” هن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. ٻيءَ چيو: “سو آنون ته راڄ به راضي ڪونهي. وڏيري جاڙي جي ڌيءَ ڪالهه کوهر تي ڳالهه ڪئي ته ابا چوي ٿو راڄ جي گهڻن ماڻهن اعتراض ڪيو آهي ته اسين راڄ جي نياڻي ڌارين ۾ ڏيڻ ڪونه ڏينداسين.” “ها، اها آهي واندي! راڄ ڇو بي راضي ٿيندو؟ سڀ ڪو پنهنجي ڌيءَ پٽ جو پاڻ وارث آهي. ائين ته ملوڪان جي ماءُ به ڌارين آهي پوءِ؟ اڳي ڪا ڌاري زال پنهنجي راڄ ۾ نه آئي آهي؟” “سا ته ڳالهه برابر، پر امان هيترو راڄ ستار ويٺو هو، تنهن ۾ جاءِ ڪانه ٿي لڌي، جو وڃي ٻي ذات ۾ ڏنئون! ڳالهه وڏي ڪانهي؛ راڄن ۾ اهڙيون ڳالهيون پيون ٿين. سڀ مسلمان آهيون، پر جي ڪنهن اعتراض وٺي وڌو ته پوءِ گهڻو فساد اُٿي پوندو.” هڪڙيءَ پوڙهيءَ چيو. ملوڪان جو منهن هڪدم پيلو ٿي ويو، ڄڻ ته ڪنهن وڇونءَ سندس ڇاتيءَ ۾ ڏنگ هڻي ڪڍيو. مس مس گهڙا لاهي سڌو وڃي ماڻس کي ٻُڌايائين ماڻس به گهٻرائجي ويئي. شام جو پڻس ڳالهه ٻُڌي باهه ٿي ويو. “راڄ جي... کي...! راڄ ڪو اسان کي ڍاڪون ڀري ٿو موڪلي ڪه! ڏسان ڪير ٿو مونجي ڌيءَ پٽ جي ڳالهه ۾ پئي.”
ٻه ڏينهن گذري ويا، سومهڻي مهل هئي، ڪنهن در اڳيان سڏ ڪيو. ملوڪان جو پيءُ نڪري ويو. “ڪير هو؟” جوڻس موٽندي پڇيس. “رمون هو.” ملوڪان سمجهي ويئي. رمون وڏيري جاڙي جو ڌراڙ هو. جڏهن هو موٽي آيو، تڏهن ڳچ دير سڄي راڄ کي گاريون ڏيندو رهيو. “آءٌ ڪنهن جوڻس... جي ڪڙئي تي ڪونه ويٺو آهيان.” هن غصي ڀريل آواز ۾ چيو. “آءٌ پنهنجي ڌيءَ کڻي ڪنهن ٺوريءَ کي ڏئي ڇڏيان، هنن ڀيڻ.... جو ڇا وڃي؟”
ٻي رات سڄو راڄ اسڪول ۾ گڏ ٿيو. جڏهن ٽيون دفعو ماڻهو آيو، تڏهن جوڻس مئل آواز ۾ چيو: “هاڻي اُٿي وڃي سامهون ته ٿي.” پوءِ سڄي رات زور زور سان ڳالهاءَ ٿيندا رهيا. ڪتا ڀؤنڪندا رهيا، وڏيءَ آڌيءَ جو مس هو گهر موٽيو. پڇا تي ڪتي وانگر باهوڙو ڪري چيائين: “راڄ مان ٿا ڪڍن- رن....” سڄي گهر ۾ مايوسي ڇانئجي ويئي.
ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا. ملوڪان موت جي اونداهي غار ۾ ٿاٻڙندي رهي. ياروءَ جي وات مان هڪڙو اکر نٿي اُڪليو. ماڻس ته اونڌي منهن پيئي هئي، رڳو پڻس جي گار جي ڳهي پئي پيئي. سڄيءَ دنيا تي ڪاوڙيو ويٺو هو. ڪتي تي، ڳئون تي، ملوڪان تي، ماڻس تي، ياروءَ تي ۽ جمعي تي. صبح جو سويل جمعي اچي پڻس کي اُٿاريو. “ابا، ڌونر ڳئون آهي ڪانه!. پڻس رڙ ڪري اُٿيو. سڀ ڀاتي اُٿيا. پيرن تي ڳوٺ مان ڪير ڪونه هليو. هي ٽيئي سڄو ڏينهن پير ڪڙي پڪي رستي تي چاڙهي موٽي آيا. سگهو ئي لالي وڏڙي گذاري ويئي. هنن جي گهر وارن کي چتاءُ ڪونه مليو. نڪو احمد جي پٽ جي ڇٽيءَ جي دعوت ملي. هو راڄ مان نڪري چڪا هئا. هاڻ سندن ڪوبه ڪلهي ڪانڌي ڪونه ٿيندو. هڪڙي ڏينهن عوثوءَ جي ڳئون چورائجي ويئي. پيرن تي سڄو راڄ ويو. دستور جي برخلاف پوليس ۾ فرياد ٿيو، پوليس جاچ تي آئي. پيرا ڀيٽ ٿي. پيريءَ جمعي جو پير ڪڍيو. پوليس کيس ٿاڻي تي وٺي ويئي.
آخر راڄ کٽيو، سڱاوتي ختم ٿي. ياروءَ کي هليو وڃڻو پيو.
سڄو گهر پاري جي ساڙيل وڻ وانگر اُجڙي ويران ٿي ويو. هرڪو ٻئي ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي ته متان اڳلي جي چهري تي وسندڙ مايوسي ۽ شڪست جي ڌوڙ ڏسي سندس همت ٽُٽي نه پئي. هو ڪنهن ڪل جي پرزن جهڙا ٿي لڳا، جا ازخود پئي هلي. جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن جو ذڪر ڪير به چپن تي ڪونه آڻيندو هو. ڳوٺ جون زالون طرحين طرحين حرفتن سان ملوڪان جي ماءُ کي کوٽينديون هيون، پر هوءَ ائين چئي ڳالهه ٽاري ڇڏيندي هئي: “بس امان لکيو نه هو، سو نه ٿيو. الله ڏاڍو، راڄ ڏاڍو، جبل کي ٽڪر هڻبو ته پانجو مٿو ڦاڙبو.”
وقت گذرندو رهيو. وري به وس آئي. وري به ماڻهو مڙيا. وري به برن پٽن مان هٻڪارون اُٿيون، وري به چڙا ٻُريا ۽ مال جون تنوارون ٿيون، چنگ ۽ نڙ جي سُريلين لهرن تي ڪافين ۽ ڏوهيڙن جا آلاپ ترڻ لڳا. وري به ڳوٺ جون جوان دليون مست ٿي پيون. گسن تي شوخ ۽ پُراسرار جملن جون ڏي، وٺون ٿيون. عجيب اشارا ٿيا. تنهن کان وڌيڪ عجيب جواب مليا، انجام ٿيا، شڪ جاڳيا، الزام گهڙيا، آڱريون کڄيون، ڀڻڪاٽ ٿيا، وچ وارا آيا، پويان چاري هليا، پير کنيا، ويساهه مليا، ڪانبن جيڏن اوهن واريون مينهون ۽ ڳاڙهيون رتيون ڳئون اوڳارينديون رهيون، ڦر ريائيون ڪندا ٽپندا ڪُڏندا رهيا، ڳاڙهن، گلابي، هيڊن، واڱڻائي ڪپڙن جا پلاند هوائن ۾ ڦڙ ڦڙ ڪندا رهيا.
ماڻس ملوڪان کي گهڙا مٿي تان لهرائيندي چيو: “ڌيئڙي، هيءُ ڇيڇڙي جهڙو چولو ته لاهي ٻيو وجهه، ڪڇن وٽان نڪري ويو آهي.” ملوڪان ڦڪي ٿي، ساڄي ٻانهن ورائي ڏٺي: وچان چير مان پاساڙي جو اڇو گوشت پئي ڏٺو. هوءَ ماٺ ڪري گهر جي ڪنڊ ۾ چولو لاهي، سُئي سڳو کڻي ٽوپڻ ويٺي. ماڻس اُٿي سٽ ڏيئي چولو کسي ورتس ۽ ٻيو نئون سٺيءَ چيٽ جو چولو ڪڍي ڏنائينس. اهو ڏيج جي چولن مان هو. “تو صفا ليڪو کڻي لنگهيو آهي! سڄي دنيا اچي گڏ ٿي آهي. تون ڪارو ڪفن وجهيو پئي هلين. اسان کي دنيا ۾ ڪنڌ کڻي هلڻ ڪانه ڏيندينءَ؟ دشمنيون کڻي پاڻ تان کِلايون آني!” هن بيحد ڏک ۽ بيوسيءَ جي لهجي ۾ چيو. ملوڪان چپ چاپ کڻي نئون چولو وڌو. “مٿو ته ڏس جهڙو ڊڻو! ماڻهن وانگر تيل ڦڙي وجهي ڦڻي ڏيئي وار ڪنهن جاءِ ڪر. جهڙي رڇ ٿي پيئي آهين!” ملوڪان ائين ڪيو. ماڻس وري به اعتراض ڪيو. “ٽڪ کڻي پنهنجو منهن ته ڏس! سڄو ڦلهيار ٿي ويو آهي! منهن ڌوتي گهڻا ڏينهن ٿي ويا آني؟” جڏهن ملوڪان منهن ڌوئي آئي ته ماڻس مس مس راضي ٿي. کيس ڳراٽڙي وجهي، ڳل تي چمي ڏيئي چيائين: “هاڻ ڏس ته لڏڻ ڌيءَ ٿي ويئي آهين نه! هرو ڀرو پاڻ تان ماڻهو کلائڻا.... هي ڇا! ائي آءٌ مَٺي، ڪيڏانهن وڃان!” هن گنديءَ جي پلاند سان ملوڪان جي اکين مان وهندڙ بي اختيار ڳوڙهن جي لارن کي اُگهندي، بي وس ٿي چيو. سندس اکيون ڀرجي آيون، ملوڪان کڻي ڀاڪر وڌس ۽ سندس ڇاتيءَ ۾ مٿو لڪائي سُڏڪا ڀرڻ لڳي.
هوءَ سڄو وقت خيالن ۾ گم رهندي هئي. کانئس ڪو سوال ڪبو هو ته ڇرڪ ڀري وڏيون وڏيون ڪاريون اکيون ڦاڙي وائڙن وانگر نهارڻ لڳندي هئي. سوچي سوچي سندس دماغ ڦاٽڻ لڳندو هو. هڪڙا پور ايندا هئس ته ٻيا ويندا هئس. ڪڏهن خيال ايندو هوس ته، ‘اها سڀ منهنجي مغروريءَ جي سزا آهي، جو مون لکن جي مٽ ياروءَ سان سنئون منهن ڏيئي ڳالهايو به ڪونه.’ ڪڏهن چوندي هئي ته، ‘ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن هو ضرور ايندو ۽ اچي کيس وٺي ويندو. راڄ اعتراض نه ڪندو. هو وڏو ڪامورو هوندو. سڀيئي هٿ ٻڌي کيس سلام ڪري هٽي ويندا.’
هڪڙي ڏينهن پاڻي ڀرڻ ويئي. کوهه تي ڪير به ڪونه هو. گهڙا رکي، کوهه ۾ پير لٽڪائي سوچيندي رهي. خيالن ۾ ڏٺائين ته کوهه جي تري ۾ يارو ويٺو آهي. ‘ٽپو ڏيئي وڃي ساڻس ملان.’ ڪلاڪ کن سوچيندي رهي. آخر پاڻ ۾ همٿ نه ڏٺائين، ٻئي دفعي زهر کائڻ جو خيال آيس، پر اهو جٽاءُ ڪري نه سگهيو. خود ماڻس جون قياس ۽ ٻاجهه ڀريل نظرون به کيس نه وڻنديون هيون. کيس اهو بلڪل نٿي وڻيو ته ڪو مٿس رحم کائي. هڪڙي ڏينهن ماڻس کان اوچتو سوال پڇيائين: “امان! پاڻ لڏي نه هلون!” ماڻس وائڙي ٿي ويئي. پڇيائين: “ڪيڏانهن؟” “ڪيڏانهن به!” هن وراڻيو. ماڻس سندس منهن ۾ نهاريندي رهجي ويئي.
ياروءَ جي اچي کيس وٺي وڃڻ جو خيال سندس دل ۾ گهر ڪري ويٺو رهيو. هڪڙي ڏينهن ماڻس کان پڇي وڌائين، “امان وري ڪڏهن ايندو؟” “ڪير؟” ماڻس نه سمجهندي چيو. هن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. ماڻس کن رکي چيو، “اما، هاڻ ڇا اچي ڪندو ويچارو.” پوءِ کيس اوچتو ياروءَ تي ڪاوڙ اچي ويئي. ‘هي سڀ سندس قصور آهي. هو چاهي ها ته ڪامورو ٿي هڪدم کيس وٺي وڃي ها. ڪميڻو، بي حيا، بي شرم. باقي هيڏا اُٺ ڪتابن جا ڇا جي لاءِ ٿي پڙهيو؟’ ماڻس جمعي تي ڪاوڙبي هئي ته کيس اهي لقب ڏيندي هئي. ياروءَ جو هڪڙو ڪتاب اتفاق سان رهجي ويو هو. سو هن کڻي ڏاڍيءَ سنڀال سان لڪائي رکيو هو. ان کي لڪي وڃي کولي ڏسندي هئي ۽ ان جي لسن پنن ۽ تصويرن کي پيار سان هٿ لائيندي هئي. هوءَ هڪ ڏينهن اڪيلائيءَ ۾ وڃي ڪتاب کڻي گهر جي ڪنڊ ۾ ويٺي. “ڪميڻو، بي حيا!” هوءَ خار مان پنا ڦاڙيندي چوڻ لڳي. ڪتاب جون ذريون سڄي گهر ۾ پکڙجي ويون.
ملوڪان هاڻ پاڻ کي بدلائي ڇڏيو. ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪينهي. هوءَ هاڻ هميشه وانگر کِلندي، ٽهڪ ڏيندي هئي. زور سان لوڏا ڏيئي جنڊ پيهندي هئي. گهڙي کي اُڇلون ڏيئي، کوهه مان ڇڪيندي هئي. گابي سان رانديون ڪندي هئي. ماڻس سان گڏ نمازون پڙهندي هئي. صبح جو دؤر به ڪندي هئي. فقط ڪنهن ڪنهن ڏينهن اوچتو هوءَ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويندي هئي، پر ترت ئي ڇرڪ ڀري اڳي جهڙي ٿي ويندي هئي.
ٻيو سانوڻ به اچي ويو.
اڳينءَ جي مهل هئي. هوءَ کوهه تي ويئي ته اتي هڪڙي اڻ سڃاتل مائي ڏٺائين. سمجهيائين ته وس تي لڏي آيل آهي. مائي ساڻس ڏاڍيءَ اُڪير سان ملي. کانئس نالو پڇيائين: “يارو توجو ڇا ٿئي؟” ملوڪان جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. کانئس ٽنگن تي بيٺو نٿي ٿيو. “تون سڃاڻيس ڇا؟” هن يڪدم پڇيو. ايتري ۾ ٻيون زالون کوهه تي اينديون نظر آيون. مائيءَ هڪدم گهڙن ۾ هٿ وڌا ۽ ڄڻ ته گهڙن کي ٻُڌايائين، “يارو مٿئين آچار رات ان وڻ وٽ ايندو، جتي تو گابو پئي نهاريو.” ائين چئي، هوءَ تڪڙي تڪڙي هلي ويئي. جنهن زمين تي ملوڪان بيٺي هئي، اُها اوچتو ڄڻ گهوماٽي کائي ڦِرڻ لڳي.
کونگهرا مس مس بند ٿيا. چؤطرف اونداهي هئي. فقط هڪ طرف ڪجهه ڪاراڻ ڇڊي هئي، جنهن مان خبر پئي ٿي ته در ايڏانهين آهي. هوءَ پهرين ٺونٺ کي ٽيڪ ڏيئي پاسي ڀر ليٽي، پوءِ آهستي آهستي ڪري هنڌ تي اُٿي ويٺي. ڪن ڏيئي ٻُڌائين. سندس دل جي زور زور سان ڌڙڪڻ کانسواءِ ڪوبه آواز نٿي ٻُڌڻ ۾ آيو. پوءِ هوءَ ڏڪندڙ گوڏن ڀر رڙهي در کان ٻاهر نڪتي، ۽ جمعي جي کٽ هيٺان سري ٻنڀي کان ٻاهر نڪتي. ڪُتو خوش قسمتيءَ سان در تي ڪونه هو. اڱڻ مان کنيل ڪَري جو پاڻي اتي هاري ڇڏيائين، پوءِ آهستي آهستي سرندي، رڙهندي، لوڻا هڻندي، سهڪندي، هوءَ گهر ڇڏي ٻاهر آئي.
چؤطرف ٻاٽ اونداهي هئي. طرفن جي ڪابه خبر نٿي پيئي. پريان ڪا وڏي وڏي شيءِ نظر آيس. هوءَ يڪدم بيهي رهي ۽ کپ جي ٻوٽي جي ڀر ۾ ويهي رهي. ڳچ دير اکيون ڦاڙي نهارڻ بعد خاطري ٿيس ته ڪو وڻ آهي، ماڻهو ڪونهي. ڊپ وچان کيس سهڪو ٿي پيو هو ۽ هوءَ سڄي ٿڙڪي پيئي. هوءَ وري به اڳتي هلڻ لڳي. اڳيان ڪا شيءِ سرندي ڏٺائين. نانگ، هن هڪدم سوچيو ۽ گونگي رڙ ڪري بيهي رهي. ڪيتري دير سندس حواس سُن هئا. شايد ڪا ڳوهه هوندي. ٿوري دير بعد اها غائب ٿي ويئي، پر هن مان چُرڻ جي پهچ موڪلائي ويئي. هوءَ اتي ئي پٽ تي ڪرونڊڙي ٿي پيئي هئي. اجهو ڪو ماڻهو اچي نڪرندو، پٺيان بابا ۽ ادا جن سجاڳ ٿي پون ته؟ ڊپ ۽ خوف جا هيبتناڪ واڳو سندس ننڍڙيءَ دل کي ڪرٽي کائڻ لڳا. هوءَ پوئتي وڃڻ لڳي. ٻه ٽي وکون ڀري کيس ياد پيو ته، ‘يارو سڄي رات ويهي ويهي وري هليو ويندو ۽ سڄي عمر ڪونه ملندو. پوءِ؟’
هوءَ وڌيڪ سوچي نه سگهي. بيوسيءَ وچان سندس اکين ۾ پاڻي اچي ويو. نه، هن سوچيو، ‘اڄ مرڻ جو ڏينهن آهي. ڇا به ٿي پوي، ضرور وينديس.’ پوءِ هوءَ ڄڻ اکيون پوري، موت جي ڄاڙين وچان هلندي رهي. مٿس هڪڙو جنون ۽ چريائي سوار هئي. نيٺ وڻ اچي ويو. ڪنهن چيو: “وري ته رڙيون ڪونه ڪندينءَ؟” ٻه مضبوط هٿ سندس چيلهه ۾ لپيٽجي ويا ۽ سندس پير ڌرتيءَ تان کڄي ويا. کيس منهن تي، اکين تي، ڪنڌ تي، سيني تي، جسم جي هر هنڌ تي منهن جا کهرا وار، گرم چپ ۽ ڏند محسوس ٿيڻ لڳا. هوءَ خوشيءَ وچان پاڳل هئي.
ڳچ رات گذري ويئي. چنڊ نڪري آيو ۽ وڻ جي ٽارين مان هلڪي چانڊوڪيءَ جا ڪِرڻا نظر اچڻ لڳا. هوا ۾ ڳهر ۽ نشو هو. سندس پُٺن جي هيٺان، واري، ريشمي بستري وانگر ٿي لڳي. اوچتو زبردست گهوگهاٽ ٿيو. ڪا ريل گاڏي پئي مَٽي، گاڏيءَ جون بتيون، جهرمر جهرمر چمڪنديون، اونداهيءَ کي اکيون هڻنديون لنگهي ويون.
پوئينءَ رات ملوڪان چيو، “گهر ڇو ڪونه آئين؟” “اتي اچي تنهنجي مائٽن کي آزار ۾ وجهان؟” “پوءِ تڏهن ڇا ٿيندو؟” “آءٌ بندوبست ڪريان پيو.“ “پوليس وٺي اچي هنن کي موچڙا هڻاءِ.” “هنن کي کڏ ۾ هڻ. پاڻ پنهنجو رستو وٺنداسين.” “ڪهڙو؟” “مائٽن ته توکي ڏيئي ڇڏيو آهي، تون منهنجي ڪنوار ته اڳي ئي آهين.” “پر راڄ ته شادي ڪرڻ نٿو ڏي نه!” “راڄ هتي شادي ڪرڻ نه ڏيندو ته پاڻ ٻئي هنڌ هلي ڪنداسون.” “پر بابا جن لڏين به نٿا نه!” “پڻهين جن نٿا لڏين ته پاڻ زال مڙس لڏي هلنداسين.” ملوڪان شرمائجي ويئي. گهڙي کن رکي چيائين: “سو به زال مڙس ٿيون نه!” “زال مڙس ٿيڻ کي ٻيا سڱ ٿيندا آهن ڇا؟ مائٽ راضي آهن. پاڻ راضي آهيون. باقي رهيو مُلون. سو به شريعت موجب کپي ته ڪونه، پر اهو به هٿ ڪري وجهنداسون.” ملوڪان هن دليل بازيءَ جو جواب ڏيئي ڪانه سگهي. آخر جواب ڳولي ڪڍيائين، “پر بابا جن ته ائين ڪونه ڇڏيندا نه.” ملوڪان بي وسيءَ سان چيو. “ته پوءِ تون ڀلي پڻهين وٽ رهه، اسان جي موڪلاڻي آهي.” سندس لهجو ملوڪان کي بلڪل ظالم ۽ بي رحم لڳو. کيس هڪڙي لحظي لاءِ کانئس ڊپ ٿيڻ لڳو.
هڪڙيءَ گهڙيءَ ۾ هو ڄڻ ڌاريو، پرائو بنجي پيو. ملوڪان کي مٿس خار اچي ويا. پوءِ هن کيس کڻي ڀاڪر ۾ ورتو ۽ کيس سمجهائيندو رهيو. مگر کيس ڪجهه به ڳالهه سمجهه ۾ نه ويٺي. اوچتو اَسُر ٿي ويو. هوءَ وڃڻ لڳي. “جواب ڏي، منهنجي ٿيندينءَ يا نه؟” “آءٌ ڀڄنديس ڪانه!” “ڀڄڻ هن ۾ ڪهڙو آهي؟ راڄ پڻهين کي روڪي ٿو. پاڻ سندس جوابداري لاهي پنهنجي سر تي کڻنداسين، بس؟” ملوڪان کي اها ڳالهه ڪجهه برابر لڳي، پر خاطري نه ٿيس. ٻنهي ڀاڪر وجهي موڪلايو. “آءٌ پندرهين ڏينهن وري ايندس.”
ائين ملاقاتون ٿينديون رهيون. هر دفعي ملوڪان جي سيني تان خوفن ۽ انديشن جي ڪانه ڪا ڇپ لهي ٿي ويئي. سندس دل روز وڌيڪ هلڪي، آزاد ۽ ڀروسو ڪندڙ ٿيندي ويئي. کيس اهو معلوم ڪري ڏاڍي خوشي ٿي هئي ته يارو ماستر ٿي ويو هو.
شام جا پاڇا لڙي چڪا هئا. ٻيلي جي گهاٽن ٻٻرن جي وڻن تي آکيرن ڏانهن واپس موٽندڙ پکين جي چرچر تيز ٿيندي ويئي. ڏکڻ طرف درياهه ۾ مهاڻن جون ٻيڙيون واپس پئي موٽيون. هڪڙو تنبي وارو درياهه جو ڪپ ڏيو اڃا به اولهارو پئي ويو. هنجن جي هڪڙ ي قطار اچي ڪپ تي لٿي. جيستائين نظر ويئي ٿي تيستائين رڳو درياهه هو.
يارو اڃا ڀر واري شهر مان ڪونه موٽيو هو. ملوڪان جي دل تي گهري اُداسي ڇانئجي ويئي. درياهه جي هن پار ٻيلي ۾ آئي کين ٻه مهينا ٿي ويا هئا. ياروءَ جي جنهن دوست کين پناه ڏني هئي، سو مٿانئن صدقي پيو ٿيندو هو. هوءَ ۽ يارو ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون هڪٻئي جي جسمن ۽ خيالن جي ڪاڪ محل جو سير ڪندا رهندا هئا. جڏهن هو ڪنهن ڏينهن شهر ويندو هو ۽ هوءَ اڪيلي ٿيندي هئي تڏهن سندس روح اُداس ٿي ويندو هو.
هوءَ ٽي مهينا اڳ گهران نڪتي هئي. رات جو گهران سڌو اسٽيشن تي چڙهي حيدرآباد آيا هئا. اتي نڪاح وجهايو هئائون. ملوڪان کي سوچي پاڻ تي خفت ٿي ته هڪدم نڪاح سندس ئي زور ڀرڻ تي ڪيو هو، نه ته يارو ايترو جلد حيدرآباد جهڙي شهر ۾ ظاهر ٿيڻ جو خطرو کڻڻ لاءِ تيار نه هو. ملوڪان کي خبر نه هئي ته نڪاح ڪيڏو ضروري هو. ياروءَ جو پيءُ کين في الحال پاڻ وٽ رهائڻ لاءِ تيار نه هو. “راڄن جي ڳالهه آهي.” هن چيو هو. ملوڪان کيس گهڻو ئي سمجهايو ته، ‘بابا ياروءَ کي پاڻ پنهنجو پٽ ڪيو آهي ۽ ڪيئن هو سڄي راڄ کي سامهون ٿي بيٺو هو!’ پر پوڙهي دل پئي هنئي، تنهن ڪري لاچار کين هتي اچي رهڻو پيو هو.
هڪڙو ننڍڙو چٽڪمڙو تتر ڀڙڪو ڏيئي اچي پريان ٻوٽي ۾ ويٺو. ملوڪان سندس سهڻا رنگبرنگي پک غور سان ڏسڻ لڳي. ايتري ۾ ڪنهن پٺيان اچي ڀاڪر وڌس. سندس منهن خوشيءَ وچان ٻهڪي اُٿيو ۽ ورائي کيس کڻي ڳراٽڙي وڌائين. کيسي ۾ هٿوراڙيون ڏيئي، پان ڪڍي کاڌائين. پوءِ ٻيئي هلندا درياهه جي ڪپ تي اُن وڻ وٽ آيا، جتي هميشه اچي شام جو ويهندا هئا. ملوڪان پنهنجا پير کڻي پاڻيءَ ۾ وڌا. پاڻي ٿڌو ۽ فرحت بخش هو. سٿڻ کڻي گوڏن تائين مٿي ڪيائين. ياروءَ به ائين ڪيو. پوءِ هن ساڳيو سوال پڇيو: “پاڻ بابا جن ڏانهن ڪڏهن هلنداسون؟”
“اڃا ٻه ٽي ڏينهن دير آهي.” ياروءَ بي يقينيءَ طرح چيو، “اڃا ته تو واري راڄ جا ماڻهو گوڙ بند نٿا ڪن. روز سيد پير وٺيو بابا جي در تي بيٺا آهن.” پوءِ ٿوري دير رُڪجي چيائين: “پڻهين ۽ ڀاڻهين به ميڙ سان گڏ هئا.”
ملوڪان وائڙي ٿي ويئي. “بابا جن انهن مروانن سان ڇا جي ڪري آيا؟” پوءِ چيائين، “بابا کي زور ڪري وٺي آيا هوندا ڦڪائيءَ کي پرچائڻ لاءِ باقي بابا ٿو ساڻن اچي!”
“ائين ئي هوندو.” ياروءَ بي ويساهيءَ سان چيو.
ملوڪان کي وري پور آيو. “ڪڏهن هل ته رات جو لڪي هلي بابا جن وٽان ٿي اچون. الا، ويچارا ڏاڍا خوش ٿيندا!”
“ڏنڊا کڻي اچي، پاڻ کي وٺن ته!” ياروءَ مُرڪي چيو.
“ها، ڏنڊا ٿا کڻن! بابا ته پاڻ ٻنهي تي ساهه ٿو ڇڏي. سڱ به پاڻ ڏنئين. دشمنن شادي ڪرڻ ڪانه ڏني، سو پاڻ اچي هتي ڪئي، تنهن ۾ بابا جو ڪهڙو ڏوهه؟” هوءِ يڪساهيءَ چئي وئي.
“سو ته آهي، پر متان چئي ته بنا موڪل ڇو ويا؟”
ملوڪان اهو سوال پاڻ کان ڪيترا دفعا پڇي چڪي هئي. جواب وٽس تيار هو، “بابا هٿ سان موڪل ڏي ته سڄو راج ويچاري تي چڙهي نه وڃي؟ بابا کي ٻُڌائي اچون ها ته به کانئس ويساهه ڪونه وٺن ها؟” هن پنهنجي عقلمنديءَ تي پاڻ خوش ٿيندي چيو.
“ڏسون ته لڙ پاڻي ڪٿي ٿو بيهي. اڃا ته بابا تو واري راڄ کي پيو آسرن تي هلائي. ويچاري سڱ ۽ ڀرتي به ڏيڻي ڪئي آهي. هو ڪيس جا دڙڪا پيا ڏين. ڏسجي ته ڇا ٿا ڪن.” ملوڪان ٽٻيءَ ۾ پئجي وئي.
“ڇا پئي سوچين؟” ياروءَ کاڏي مٿي ڪير پڇيس.
“پوءِ جي پڻهين چوئي ته موٽائي ڏي ته پوءِ مون کي موٽائي ڏيندين؟” هن ڊڄندي ڊجندي لڄي ٿي پڇيو، ڄڻ کيس اهو سوال نه پڇڻ کپي.
واقعي يارو باهه ٿي ويو، “تو مون کي بي غيرت سمجهيو آهي ڇا؟”
ملوڪان يڪدم پيار مان ڳراٽڙي پائي چيس، “هاڻ ڪاوڙ ڍري ڪر؛ مون چرچو ٿي ڪيو.”
الائي ڪيترا ڏينهن گذري ويا.
هو قلعي کان هيٺ هڪڙي ٻوساٽيل گهٽيءَ ۾ رهندا هئا. گهر تمام سوڙهو ۽ اونداهو ٿي لڳو. هوءَ زبان سان ڪانه ڪڇي پر دل ۾ چيائين، ‘جيل تڏهن ههڙو هوندو!’ ٻاهر گهٽيءَ ۾ ٻارن، ٽانگن، ماڻهن، گاڏين جو هُل ۽ شور ٻُڌي ٻُڌي سندس مغز ڄڻ ڦاٽڻ لڳو، پر ٻئي ڏينهن جڏهن ياروءَ کيس هڪڙو ڪارو برقعو، سئنڊل، هڪڙو ليڊي هئملٽن جو جوڙو، پائوڊر، ڪريم ۽ هڪڙو نقلي ارينگن جو جوڙو وٺي ڏنو، تڏهن هوءَ خوشيءَ ۾ نٿي ماپي. جڏهن برقعو پائي کيل ڏٺائين، تڏهن ننڍڙي ٻار وانگر ٽپا ڏيڻ لڳي. هڪدم اعلان ڪيائين: “بابا جن کي به ڪڏهن وٺي اچي کيل ڏيکارينداسين نه؟” ياروءَ هائو ڪئي. شهر ۾ ايترا ماڻهو، ايتريون شيون، ايتريون روشنيون ڏسي، هوءَ حيران ٿي ويئي. يارو کيس قسمين قسمين شيون ۽ ميوا وٺي ڏيندو هو.
پر هو گهڻو وقت شهر ۾ رهي نه سگهيا. غيرحاضريءَ سبب ماستريءَ مان جواب ملڻ بعد يارو حيدرآباد ۾ خانگي نوڪريءَ لاءِ ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پيو پر ڪامياب نه ٿيو. ازانسواءِ شهر ۾ هو کُلم کُلا هلڻ کان به ڊنو ٿي. پڻس جو فصل به هيل ڪونه ٿيو هو، سو ڍل ۾ لاچار هو. آخر هو ٽنڊي محمد خان پاسي هڪڙي ڳوٺ ۾ وڃي رهيا، جتي کيس هڪڙي ننڍڙي زميندار وٽ سٺ رپين جي منشي گيري ملي ويئي.
جهرڪيءَ جي چرچر تي هوءَ جاڳي پيئي. ڪنڌ هيٺان ياروءَ جي ٻانهن ڪڍي، سندس مٿين ٻانهن لاهي، پاسو بدلائي، ٽنگون آجيون ڪري، پٺ ڀر ٿي ته کيس ٽنگن تي ٿڌ محسوس ٿيڻ لڳي. هن ٽنگ ڊگهيري، پير جي آڱوٺي ۽ وچينءَ آڱر سان هڪڙو ڪپڙو ڇڪي هٿ ۾ ڪيو. پوءِ پاچن جي زنانن بخين کي هٿ لائي، پڪ ڪري، پائڻ لڳي.
“يارو! يارو!” هن کيس ڌونڌاڙيندي چيو. ياروءَ کيس آهستي ڌڪ هڻي، “ڇڏ ته سهي.” چئي، پاسو ورائي، وري سمهي پيو.
“مون کي ڇاهي، ڀلي ٻنپهرن تائين اهڙو سُتو پيو هج. ڀلي ماڻهو اچي ڏسنئي!” ملوڪان ناز سان چيو، “بي افعالو!” هن دل ۾ پيار سان چيو. تڏهن کيس ياد آيو ته ڪلهه هو ٻيئي وڙهيا هئا، تمام گهڻو. هونئن ته هو هاڻ اڪثر تکو ٿيندو هو، پر ڪلهه ائين ٿي لڳو ڄڻ هيءُ اهو يارو ئي ڪونه هو. ڳالهه به ڪجهه ڪانه هئي. پاڙي واريءَ مائيءَ جو پٽ بيمار هو، تنهن کي ياروءَ کان پڇڻ کان سواءِ پنجاهه رپيا اُڌارا ڏنا هئائين. مائيءَ خدا جا واسطا پئي وڌا ۽ اڇي سينڌ ڏنائين ته صبح جو ڪڪڙ وڪڻي پئسا موٽائي ڏينديس، پر مائي پئسا موٽايا ڪونه. هوءَ مائيءَ سان وڙهي بيهي رهي هئي، پر مائي قسم کڻڻ لڳي ته ڪڪڙ جا پئسا اڃا مليا ئي ڪونهن.
يارو بازار ٿي ويو. وٽس پئسو ڪونه هو. ملوڪان کان گهريائين ته هن سڄي ڳالهه ڪري ٻُڌايس. هو باهه ٿي ويو. “اسين ٻيڙيءَ جي ٽوٽي لاءِ پيا سٽون ڏيون ۽ هيءَ ڪنوار سخاوتون ڪندي وتي!” ملوڪان کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس اڳي ئي هو پر ياروءَ جو اهڙو ڪڙو ڳالهائڻ کيس ڏکيو لڳو.
“ڪي لک ڪونه لُٽجي ويا آني، هي وٺ! وڃي وڪڻي پنهنجا رپيا لاهه.” ياروءَ کي ايڏو ڪاوڙيل ڏسي، ٻانهن مان چانديءَ جا چوڙا لاهي کيس اُڇلائي ڏيندي چيائين.
ياروءَ کي ويتر خار لڳي ويا، “هن جو دماغ ته ڏس ڪٿي آهي؟ ڀيڻيان اسين تو لاءِ ڪري پنهنجو اگر تگر ناس ڪري، روزگار وڃائي، گهر گهاٽ، مٽ مائٽ ڇڏي، شڪارين وانگر لڏا ڪنڌن ۾ وجهي، رُلي مئا آهيون. تو اسان کي کڻي ڀولڙو ڪري نچايو آهي. ٿوري ڳالهه ٿي چئجيئي ته منهن ۾ اٻرڪيو اچين! ڪميني ڪنهن جاءِ جي!”
ملوڪان جو منهن ڦري ويو. واڪو ڪري چيائين، “تون رُلي مئو آهين باقي آءٌ بشت ۾ ڪَر پيئي آهيان! اهڙو جي گهر گهاٽ وارو هئين ته توکي ڪنهن لاچار ته ڪونه وڌو هو. آءٌ توجي پويان ته ڪانه پئي هيس.”
“هاڻ وات بند ڪر نه ته هڻئين ٿو پادر ٻوٿ وارو!”
“ٻوٿ وارو پادر وڃي ما.....” هن جي وات مان نڪري ويو ۽ پاڻ کي روڪي ئي روڪي، تنهن کان اڳ ٿڦڙ ٺڪاءُ ٿي ويو. پوءِ ٻيو، ٽيون، چوٿون، هوءَ رُني ڪانه، البته ڳوڙها روڪي ڪانه سگهي. سڄو ڏينهن هڪٻئي سان ڪونه ڳالهايائون. رات جو سُتا ته هوءَ پاسو ورائي سمهي پيئي. ياروءَ مٿس ٻانهن رکڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها ڌِڪي ڇڏيائين. پوءِ ڄڻ پنهنجي منهن چيائين: “مون کي بابا جن وٽ ڇڏي اچ، نه ته آءٌ منهن مٿو کڻي وينديس هلي.”
“ٽر ڏيڻ منهنجي سِر تان! صبح جو چوٽيءَ ۾ جهلي، هلي ٿو پڻهين کي ڏيو اچين!”
“هلي ڏي! پوءِ کٽي منهنجي قسمت. تون به وڃي مائٽن ۾ سُکي ٿيءُ.”
“آءٌ ٿيان نه ٿيان، تون ته وڃي پڻهين جي هندوري ۾ لُڏ! تون خوش ته آءٌ خوش!”
“ها، مون لاءِ مريو ٿو وڃين! توکي هئي ٻه ڏينهن پنهنجي دل خوش ڪرڻي، سا ڪيئي، هاڻي...” کانئس جملو پورو نه ٿي سگهيو.
يارو پاسو ورائي سمهي رهيو. ڪلاڪ گذري ويو. پوءِ ياروءَ کيس اُٿلائي، سندس منهن پاڻ ڏانهن ڪيو. هوءَ پاڻ کي ڇڏائڻ لاءِ ڦٿڪڻ لڳي، پر سندس زور نه هليو. “مروان مون کي ڇڏ! دشمن! توجو مون ۾ وڃي ڇا؟” هن ياروءَ کي خار مان رانبوٽا هڻندي ۽ چڪ وجهندي ۽ ڌڪ هڻندي چيو، پر ياروءَ جي ٻانهن ۽ ٽنگن کيس سوگهو ڪري ڇڏيو. هوءَ هڻي هڻي نستي ٿي پيئي. ڳوڙهن جي نئن اُٿلي پيئي.
“سڄي دنيا دشمن ٿي پيئي آهي، ان جا خار تو مان نه ڪڍان ته ٻُڌاءِ ڪنهن مان ڪڍان؟” ياروءَ سندس ڪن ۾ اٿاهه پيار سان ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو.
“وڙهبو پنهنجن سان آهي يا پروان سان؟” هن شڪايت جي نموني گهُٽيل گلي سان چيو.
“توکان سواءِ ٻيو منهنجو دنيا ۾ ڪير آهي؟ تون به ٿي مون کي ستائين!”
ملوڪان جي دل تان هڪ ڳري ڇپ لهي ويئي. سُڏڪا جاري رهيا، پر هاڻ اهي خوشيءَ جا هئا. ڀرسان سُتل مرد لاءِ سندس دل ۾ پيار ۽ همدرديءَ جي اُٿل اچي ويئي.
“مون کي پنهنجي بابا جن وٽ ڇڏي اچ!” هن ڳوڙها اُگهندي چيو.
“۽ آءٌ؟” ياروءَ پڇيو.
“تون به وڃي پنهنجي مائٽن عزيزن، ڪڙم قبيلي ۽ راڄ ڳوٺ ڀيڙو ٿي!”
“منهنجو مائٽ عزيز، منهنجو ڪڙم قبيلو، منهنجو راڄ ڳوٺ سڀ تون آهين!” ياروءَ آهستي آهستي هڪڙو هڪڙو اکر چِٽو ڪري چيو. ملوڪان جواب ڏيڻ بدران کڻي ڀاڪر پاتس. انهن لفظن کان پوءِ هوءَ هزارين مارون ٻيون به کائڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ها.
راتوڪي ڳالهه ياد ڪري، سندس منهن تي مرڪ تري آئي. ‘ههڙي رانجهن سان ڪهڙا ليکا؟’ هن دل ۾ چيو. يارو سُتو رهيو. صبح جي روشنيءَ جا ڪِرڻا سندس منهن تي پئي پيا. ‘الا ڪيڏو نه لهي ويو آهي. ويچارو رُلي رُلي، ڊوڙي ڊوڙي، ڳڻتين ۾ ڳري فنا ٿي ويو آهي. ڪپڙا ڦاٽي ويا آهنس. بوٽ جو ترو به گسي ويو آهيس. منهن ۾ اڳوڻي مڻيا ئي ڪانهيس. اکيون ئي ڏرا ڏيئي ويون آهنس. مٿان وري کيس آءٌ تنگ ڪريان!’ هن سوچيو، ‘هاڻي ڀلي ڇا به چئي. آءٌ جواب ڪانه ڏيندي سانس.’ هن دل ۾ انجام ڪيو.
هو پڪڙجڻ جي ڊپ کان هڪ هنڌ ٽڪاءُ ڪري نه سگهيا. ڪيترائي ڳوٺ بدلايائون. هر هنڌ ماڻهن جون اکيون سوال پڇنديون هيون. سندن نرڙ تي ناراضگيءَ جا گهنج ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن نامعلوم دڙڪي جا آثار هوندا هئا ۽ پوءِ نيٺ جيڪي ٿيڻو هو سو ٿيو. رات پئجي ويئي. يارو گهر ڪونه موٽيو. هو پاسي واري شهر ۾ ڪم سان ويو هو. هوءَ در وٽ بيهي بيهي، وري اندر آئي. ڀَت کي ڏوئي ڏيئي وري اچي بيٺي ۽ اتي بيٺي رهي. تان جو ڳوٺ جون روشنايون وسامي ويون، ڪُتا ڀؤنڪي ڀؤنڪي ٿَڪي پيا. ڇوڪرن جي راند جو هُل به ڪڏهوڪو بند ٿي ويو. فقط تارن ڀري رات هئي ۽ پاڻ هئي. ‘ڪنهن دوست سان رِهاڻ ۾ لڳي ويو هوندو. ڳالهين جو شوقين ته اڳيئي آهي، سج لهي ويو هوندس. هاڻ گس ۾ هوندو. هينئر ڍوري مٽي آيو هوندو. ايندي شرط چوندو، “ڀيڻيان اڄ دير ٿي ويئي. ڳالهين ۾ لڳي وياسين. چڱو ڀلا ڀَت ڏي، جلدي ڪر، بُک مان ساهه ٿو نڪريم.” يا جنهن ڪم سان ويو آهي، تنهن ۾ دير ٿي ويئي آهيس. مردن جا ڪم آهن. زال ته ڪانهي جيڪا گهر ۾ واندي ويٺي هوندي.... پر ايڏي دير ڪرڻ نه کپيس، اڄ اچي ته ساڻس فيصلو آهي، چوانس ته، “آءٌ اڪيلي زال ماڻهو، ڪمزور دل، نهاريو نهاريو لاچار ٿيو پوان ۽ تون ايڏنهين سنگت سان رهاڻيون ڪندو وتين.” هن دل ۾ چيو.
پر جڏهن آڌي ٿي ويئي، تڏهن سوچيائين، ’خدا ڪري رڳو اچي نڪري، دير جو فڪر ڪونهي. اکر به ڪونه چوندي سانس، رڳو الله ڪري ڪٿي ٽِڪي نه پيو هجي! رب منهنجا، رڳو ڪٿي رات نه رهي پوي، باقي دير سان ڀلي اچي. آءٌ ڪُڇنديس به ڪانه.’ هوءَ اچي بستري تي ويٺي. ويهندي ويهندي اڇو ڏينهن ٿي ويس. سندس اکيون سُڄي پيون هيون. سَنڌ سَنڌ ۾ سُور هئس. ڳلن تي هٿ رکي ڏٺائين. مچ پئي ٻريا! سڄو ڏينهن لنگهي ويو. هاڻي هوءَ وڌيڪ وقت پاڻ کي دلاسا ڏيئي ڪانه سگهي، انديشن ۽ خوفن جا زهريلا نانگ هاڻي سندس ڇاتيءَ تي ڊوڙون پائڻ لڳا. ‘مون کي ڇڏي ويو؟ نه. مائٽن سان ملڻ ويو. نه! مون کي ضرور ٻُڌائي وڃي ها. واٽ ۾ ڪنهن بگهڙ... نه نه، متان ڪنهن موٽر يا ڪنهن لاريءَ هيٺان... رب منهنجا، منهنجا مالڪ، خير سلامتيءَ سان آڻيس. آءٌ پڇندي سانس به ڪانه ته ڪٿي هئين؟ مون کي ماري ڇڏ پر کيس موٽائي آڻ، مون اڪيليءَ جي آڌار کي، منهنجي سر جي تاج کي موٽائي آڻ. مون کي ڏوهن جي سزا ڏي، بيمار ڪر، جڏو ڪر، انڌو ڪر، لولو ڪر، پر هن کي ورائي مون کي ڏي. مون بي واهه کي پرديس ۾ ڇورو متان ڪرين منهنجا مولا...’ کيس روئندي، ٻاڪاريندي، ٻيو ڏينهن به لنگهي ويو. ٽئين ڏينهن به هوءَ اونڌو منهن ڪري لاش بڻي پيئي هئي. منجهس هاڻ روئڻ جي پهچ ئي ڪانه هئي.
وچينءَ مهل هو آيا. اڳ ۾ يارو هو. ياروءَ جو منهن چچريل ۽ سوڻل هو. سبتيءَ اک هيٺان وڏو ڪارو داغ هوس. مڇون پٽيل هيس، هلندي پئي ٿاٻڙيو. سندس اکيون هيٺ هيون، ڄڻ ته تارا ڪليءَ سان ٺوڪيل هئس. مٿي ٿي نٿي سگهيا. سندس منهن تي دهشت ۽ هراس ڇانيل هو. سندس پويان هڪڙو ٿلهو ڪارو ماڻهو پستول سان هو. ٻيو بندوق وارو هو. سڀني کان پويان وڏيرو جاڙو هو.
ملوڪان دانهن ڪري وڃي ياروءَ کي چهٽي. يارو ڄڻ ڪنهن مشين وانگر ڀوائتي آواز ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري چيو، “ٻه ڏينهن ٽنگيو پئي ماريائون، سچي ڪانه ڪيم. پوءِ امان کي اُگهاڙو...”
“اڙي بس ڪر اهي ڪهاڻيون. وٺ وڏيرا رن کي چوٽيءَ کان. هاڻي پناهه ڏيڻ وارا رن پُٽ هلي ڏيکار. سچي سچي ٻُڌائج، نه ته وري ساڳيو حال ٿيندي!” ٿُلهي ڪاري پستول واري صوبيدار، ياروءَ کي ٿڦڙ هڻي چيو، “رن، سٿڻ ۾ پونگڙا وجهون ئي ها، پر دعا ڪر وڏيري جاڙي کي، جنهن جو لحاظ اٿئون، نه ته تون به ماءُ... ياد ڪرين ها.” هن ملوڪان کي ٿُڏو هڻندي چيو.
گاڏي اسٽيشن جي ويجهو پوندي وئي. ‘الائي هن ٽيشن تي لاهيندا يا نه؟ ڪهڙي خبر ٻاهران ئي ٻاهر ڪنهن جي حوالي ڪري ڇڏين. بابا جن کي خبر ئي ڪانه پوندي. رڳو شل بابا جن مان ڪو ماڻهو مون کي ڏسي وٺي!’ جيڪي ٿيو هو، تنهن تي هن سوچڻ نٿي چاهيو. هن ڪجهه ڪرڻ چاهيو ٿي. هاڻ سندس وارو هو. هوءَ ياروءَ کي ضرور حاصل ڪندي. هن سڄي ڳالهه واٽ ۾ ئي سوچي ڇڏي هئي. ‘بابا کي چونديس، ڪيئن به ڪري هن ڳوٺ مان هلي اُتر ۾ رهون. اتي ٻنيون گهڻيون، بابا نه مڃيو ته ڪيئن به ڪري کيس مڃائينديس. ٻيو بابا کي چونديس ته ڪٿان به اُڌارا سڌارا پئسا وٺي صوبيدار کي ڏيئي، ياروءَ کي ڇڏائي اچي. ياروءَ لاءِ بابا سر جي سٽ ڏيندو. پوءِ سڀ گڏجي هلي هيڪاندا رهنداسين.’ هن سوچيو.
‘بابا کي سربستي ڳالهه ڪري ٻُڌائينديس ته ياروءَ سان ڪهڙا حال ٿيا آهن. مون سان ڪهڙيون جُٺيون ٿيون آهن. پوءِ بابا ضرور مڃيندو. بابا منهنجي ڳالهه ڪڏهن به ڪونه موٽائيندو. رڳو خدا ڪري بابا سان گڏجڻ ڏينم.’ انهيءَ فيصلي تي پهچڻ بعد هن جي بدن ۾ ڄڻ ساهه پيو. ‘ياروءَ جي ڳالهه ٻُڌي، بابا، امان، جمعو سڀئي باهه ٿي ويندا. آءٌ جڏهن لڏڻ جو چونديس تڏهن بابا پهريائين دل هڻندو، ڳڻتيون پچائيندو، امان ۽ جمعو به ٻُڏتر ڪندا، پوءِ آخر امان منهنجو پاسو وٺندي ۽ جمعو به. پوءِ بابا به مڃيندو، ضرور مڃيندو.’ کيس خبر هئي. سڀ خبر هئي. ‘پر بابا چوندو، تون بنا موڪلائي ڇو وئينءَ؟’ اوچتو ذهن جي ڪنڊ مان هزار دفعا اڳ پيدا ٿيل سوال وري پيدا ٿيو ۽ اُن جو اڳي ئي هزار دفعا سوچيل سمجهيل جواب وري اچي حاضر ٿيو.
‘بابا، تون پاڻ بي وس هئين، چيوسين ته، هونئن توتي متان راڄ ناراض ٿئي، تنهن ڪري پنهنجي منهن وڃي جيڪي توکي ڪرڻ نٿي ڏنائون، سو ڪيوسين. پر جي کڻي ناراض به ٿيو ته به بابا جي ڪاوڙ لاهڻ آسان. کيس جڏهن اسان جي حالت جي خبر پوندي، تڏهن ازخود قياس اچي ويندس. مائٽ رحم جو گهڙو آهي. ائين جمعي ڪيترا جڏا ڪم ڪيا آهن، پر ٻه ٽي ڏينهن ڪاوڙجيو وري ٺريو وڃي. مون تي ته جمعي کان گهڻو آر آهيس. بابا مونجو ڍول آهي.’ هن فخر مان سوچيو، ‘رڳو بابا تائين پهچان سهي، پوءِ خير...’ جيئن جيئن انهيءَ ڳالهه تي گهڻو سوچيندي رهي، تيئن تيئن سندس اُميدون وڌيڪ مضبوط ٿينديون ويون. ‘رڳو خدا ڪري بابا سان هڪ ڀيرو ملي سگهان.’ هن دل ۾ چيو.
کيس اسٽيشن تي لاهي ڳوٺ ڏانهن وٺي هليا. ‘هيءُ گس ته سڌو اسان جي گهر وارو ورتو اٿن.’ هن سرهائيءَ سان سوچيو. پوءِ جڏهن سامهون ڳوٺ جي زالن مڙدن جو ميڙ پنهنجي گهر جي اڳيان ڏٺائين ته کيس خاطري ٿي وئي. ‘گهر!’ هن سڀني ماڻهن وچان پڻس کي سڃاڻي ورتو. ڀرسان ماڻس بيٺي هئي. مردن ۾ جمعو به هو. هوءَ ‘بابا’ چئي، پڻس ڏانهن وڌي..... ۽ پوءِ جمعي کيس لٺ هنئي. ٻانهن ٽڪر ٿي ويئي. هوءَ ٻاڪار ڪري پڻس کي چنبڙي پئي. “بابا!” هميشه وانگر، عادت موجب، جيئن اڳي هريل هئي، ننڍي هوندي وانگر جڏهن جمعو کيس ماريندو هو ۽ پاڻ روئي چوندي هئي: “بابا، بابا! مون کي جمعي مُڪون هنيون آهن.” ۽ پڻس کيس مٿي تان هٿ ڦيرائي، ڀاڪر پائي، جمعي کي ڪن مان جهلي چوندو هو، “ڇو ڙي حرامي! ڀيڻ کي ڪو ٿو مارين؟ دلا، توجو مغز ڦريو آ، ڇا؟”
پر ڪلهه پڻس کيس مٿي تان هٿ ڦيرائي، ڀاڪر پائي، جمعي کي ڪن مان ڪونه جهليو. سندس اکين ۾ ڌڪار ۽ ڪاوڙ جا مچ هئا، جنهن کي ڏسي هوءَ دهلجي ويئي هئي. هن نفرت مان کيس ڌڪو ڏيئي، مٿان ٿڦڙ وهائي ڪڍي هئي. ڀڳل ٻانهن هوندي به کيس محسوس ٿيو ته ان ٿڦڙ کيس لٺ کان وڌيڪ ايذاءُ ڏنو، ۽ پوءِ جمعي کيس ڪهاڙيءَ جو منڍ مٿي تي هنيو هو. هوءَ پٽ تي رت جي تلاءَ ۾ بُل ڏيڻ لڳي هئي. پوءِ چاچهنس وروءَ مٿان لت هنئي هيس، پوءِ؟.... ۽ پوءِ هوءَ هتي، ههڙي حالت ۾ هئي.
‘ان مهل به ڪنهن ڪونه ڇڏايو، هينئر به ڪو ڪونه ڇڏائيندو.’ هن سوچيو.
اوچتو هڪ عجيب خيال آيس. ‘ادا جمعي کي منٿون ڪريان.’ هن سوچيو، ‘ڳچيءَ ۾ پلاند وجهي، پيرن تي سسي رکي، روئي، ليلڙاٽيون ڪري چوانس: “ادا تون منهنجو امان جو پٽ ڪونه آهين! سُٺو ادا ڪونه آهين! آءٌ تنهنجي ننڍڙي ڀيڻ ڪانه آهيان! جنهن کي تون سدائين ڪلهي تي کڻي گهمائيندو هئين، جيڪا تنهنجي آڱر جهلي، ڦڏڪ ڦڏڪ ڪري، تنهنجي پويان، ماسي حاجران جي گهران لسي وٺڻ هلندي هئي، جيڪا وڏي ٿي ته توکي پنهنجي خرچيءَ مان گڏ ڪيل پئسن مان ڀِت ۾ ٽُنگ ڪري، چار چار آنا ٻيڙين لاءِ ڪڍي ڏيندي هئي، جيڪا امان مري وڃڻ کان پوءِ توکي ٽولر ڪڍندي هئي، ڪپڙا ڌوئي ڏيندي هئي، جنهن کي تون وڏيري جاڙي جي ڌيءَ جنان ڏانهن نياپو پهچائڻ لاءِ موڪليندو هئي، جيڪا توتان راڳ ڪڇندي هئي.
“ادل منهنجو چوڏهين جو چنڊ، ڀينر ڀلي ڀلي ٿو اچي.” جيڪا جڏهن پوليس توکي وڏيري جاڙي جي ڍڳي جي چوريءَ ۾ جهلي ويئي هئي، تڏهن ٽي ڏينهن ٽي راتيون ٻاڪاريندي رهي هئي، توکي مڇون پٽي، منهن سُڄائي، مار ڏيئي، مرڻينگ ڪري، گهر موڪليو هئائون، تڏهن جنهن توکي پاڙي جا پورهيا ڪري گيهه جا ڍڪ ڀرايا هئا ۽ راتين جون راتيون تنهنجي کٽ جي ڀرسان ويهي وهانئي ڇڏيون هيون. ادا، جمعا، منهنجا ڀاءُ مون کي جيئندان ڏي، پوءِ آءٌ توکي ڪلهوڪا ڪهاڙين جا ڌڪ، رتن جا وهيل ڪٽورا ۽ هيءَ حالت به دل جان سان معاف ڪري ڇڏينديس ۽ جيئن چوندين تيئن ڪنديس.”
لڙڪن جون سيرون پاڻمرادو وهي اُٿي هليون. سندس چپ ٿڙڪڻ لڳا. وات ٿورو پٽيو، ڄڀ تارونءَ طرف اُڀري پر سور وچان کانئس سُڏڪو نڪري نه سگهيو. نه، هن سوچيو. سندس اکين اڳيان ڪلهوڪو جمعو ڦِري آيو. هن سوچيو ته، اهڙي شيءِ اڳ به ڪٿي ڏٺي هيم. هوءَ ياد ڪرڻ لڳي ۽ ياد اچي ويس. سندس ٻلي ڏاڍي شرير هوندي هئي. روز الائي ڪٿان ڪوئا جهلي ايندي هئي. سڄو ڏينهن پئي رانديون ڪندي هئي، جاري تان ڦيهيءَ تي، ڦيهيءَ تان سندس ڪلهي تي، اتان وري ڇت ڏانهن پيئي ٽپندي هئي. هڪڙي ڏينهن هن ٻليءَ جون دانهون ٻُڌيون، ڊوڙي وڃي ڏٺائين ته ڪڙو وڏو رڇ جهڙو بجر ڪُتو ٻليءَ کي دسي، رانبوٽن سان چيري رهيو هو. ڪُتي جي منهن تي هڪ عجيب، ڊيڄاريندڙ ڌِڪار ۽ خونخوار وحشت هئي، جيڪا هن اڳي ڪنهن به شيءِ ۾ ڪانه ڏٺي هئي. پوءِ ڪيترا دفعا خواب ۾ ان بجر ڪُتي جي شڪل ڏسي ڊڄي اُٿندي هئي. ڪلهه جمعي جي شڪل کيس ڪيترا سال اڳ جي اها وساريل وحشي ۽ ڌِڪار ڀريل شڪل ياد اچي ويئي. اهڙي خونخوار شيءِ اڳيان ليلائڻ! هن ٿُڪ اُڇلڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٿُڪ سندس سُڄيل چپن کان ٻاهر وڃي نه سگهي.
ٻاهر ڪو ڪُتو ڀونڪي اُٿيو. ٻيو ڪُتو ڀونڪيو، پوءِ ڪيترا ڪُتا ڀونڪڻ لڳا. هن جو مٿو سور کان هاڻ بلڪل ڦاٽو ٿي. کيس چپن تي ۽ گلي ۾ خشڪي محسوس ٿيڻ لڳي، “پاڻي!” تصور ۾ اهو سوچي هوءَ ڏڪي ويئي ته هاڻ پاڻي شايد سندس لاش کي پٽي تي نصيب ٿئي، سندس دل زور زور سان ڏڪڻ لڳي، پر پوءِ کيس پنهنجو پاڻهين سڪون اچي ويو. هن جو دماغ وري سوچڻ لڳو. جيڪڏهن سوچڻ بند ٿي ڪيائين ته بدن جي زخمن جو سور برداشت نٿي ٿي سگهيو. سوچڻ ڪري سندس ڌيان ان چرئي سور تان ڪجهه هٽي ٿي ويو. هن خوامخواه سوچيو ته جيڪڏهن جيئري رهيس ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ هن تصور ۾ پاڻ کي پوڙهي عارب جي زال 13 سال اڳ مري ويئي هئي، تنهن سان نڪاح ۾ ڏٺو.
کيس ياد آيو ته جڏهن خميسي مُلين جي ڌيءَ بچان، موسي ماستر سان ڀڄي ويئي هئي، تڏهن ان کي سيکت ڏيڻ لاءِ کيس حاجي جمعي سان پرڻايو هئائون. بچان سڄي ڳوٺ جو نڪ هوندي هئي. اڇي اڇي جهڙي پٺاڻي. ليمڪ ڀريل ڪاريون ڪٽوريل اکيون، چيلهه تائين وار، ڪپڙي لٽي، ٺاهه ٺوهه جي شوقين. شاديءَ غميءَ تي ٻاهر منجهه نڪرندي هئي ته ماڻهن جا وات ڦاٽي ويندا هئا. حاجي جمعي سان پرڻجڻ کان پوءِ ٻارهن مهينن ۾ چؤ ته الائجي ڇا مان ڇا ٿي ويو. سڄي سڙي سُڪي ڪاراٽجي ويئي. مُنهن جا هڏ نڪري آيس، ڏيرن ماري ماري، منهن مٿا ڀڃي پٽ ڪري ڇڏيس. اها بچان ڏسيو ماڻهن کان هاءِ نڪري ٿي ويئي. سڀڪا چوندي هئي، “بس امان قسمت!” عارب سان گڏ سمهڻ جو تصور ايندي ئي سندس لڱ ڀؤ، ڪراهت ۽ نفرت وچان ڪانڊارجي ويا. بار بار کيس هڪ ڀوائتي ڪُتي جون خونخوار نظرون پاڻ کي ڏاڙهينديون نظر آيون.
هن هڪ هڏن جي پڃري کي گهڙا مٿي تي کڻي هلندو ڏٺو، جنهن جا بغل ڦاٽل هئا، پير هلندي هلندي ٿاٻڙيا پئي. زالن کيس ڏسي پاڻ ۾ سُس پُس ڪري پئي چيو، “امان شل نه ڪنهن جو ڀاڳ ڦِٽي!” هن محسوس ڪيو ته اڄ کان پوءِ هوءَ ڪڏهن ڪنهن کي سچي دل سان ادا ۽ ابا سمجهي نه سگهندي. هوءَ ڪنهن مئل ڀوت وانگر هيڏي هوڏي ڀٽڪندي رهندي ۽ پوءِ جنهن تصوير کي هن در دروازا ڏيئي، ڪلفن ۾ بند ڪري ڇڏيو هو، سا اوچتو در دروازا ڀڃي، ڪلف ٽوڙي سندس سامهون اچي بيٺي. چچريل ۽ سوڻل منهن. اک هيٺان وڏو ڪارو داغ. هيٺ کُتل اکيون ۽ اهو غيرانساني ڀوائتو آواز. ‘ٻه ڏينهن ٽنگي پئي ماريائون، سچي ڪانه ڪيم. پوءِ امان کي اُگهاڙو...’ هوءَ وڌيڪ سوچي نه سگهي. هن وڌيڪ سوچڻ نٿي چاهيو ۽ سندس دل مان جيئڻ جو چاهه ۽ مرڻ جو ڊپ صفا ختم ٿي ويو. اوچتو در کُلي پيو. سندس دل جي ڌڙڪ رُڪجي ويئي. هن پنهنجي بدن کي سيٽي، ڪهاڙيءَ جي ڌڪ لاءِ تيار ڪيو. هن پنهنجي بدن ۽ روح ۾ موت کي گهڙندي محسوس ڪيو. ڪو اندر گهڙي آيو.
“ڇوري ڪيئن آهين؟” هن پڻس جو هٿ پنهنجي مٿي تي ڦرندو محسوس ڪيو. سندس روح مان گونگي ريهه نڪتي، “بابا!” هن سُڏڪا ڀري چوڻ چاهيو، “بابا! تو مون کي ڇو ماريو؟ بابا؟ بابا!”
“مائٽ کي لعنت آهي ابا!” پڻس آهستي چيو، “ننگ جهڙي ڳالهه آهي، نه ته...” سندس گلو ڀرجي آيو. پوءِ هو ڀڻ ڀڻ ڪندو ڪجهه چوندو رهيو، پر هن ڪجهه ڪونه ٻُڌو. ‘سڀ ڪوڙ’ هن سوچيو، ‘سڀ ڪوڙ! ڏکيءَ مهل زال ذات جو ڪهڙو پيءُ ڪهڙي ماءُ’ کيس ائين لڳو ڄڻ هن جهان ۾ هوءَ اڪيلي آهي. چؤطرف رات ئي رات آهي. الائي ڇو روح تي ان خوفناڪ رات پئجي وڃڻ ڪري هوءَ عجيب سڪون محسوس ڪرڻ لڳي. کيس ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ پاڻ ڪا ٻي آهي ۽ هيءَ تڏي تي پيل، ڦٽيل ۽ سُڄيل، بدن چچريل ۽ زخميل روح واري ڇوڪري ڪا ٻي آهي. کيس اُن ڇوڪريءَ تي ڏاڍو قياس اچڻ لڳو، ‘ڏاڍي ٿڪي پئي هوندي ويچاري.’ هن سوچيو، ‘سمهي رهه ملوڪان، ادي سمهي پؤ!’ هن دل ئي دل ۾ همدرديءَ سان اُن ڇوڪريءَ کي چيو ۽ ڇوڪريءَ جو بدن ڍلو ٿيڻ لڳو. کيس ننڊ اچڻ لڳي.
“پاڻ کي گهڻو جهليم گهڻو جهليم، پر مائٽ جي دل نه رهي. ڀاڻين کان لڪي آيو آهيان. مون کي معاف ڪر، ڇوري! ابا! ملوڪان!”