لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جو تجزيو

هوش ڀٽي هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پھلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن جي ڪھاڻين ۽ ڪھاڻي ڪتابن تي سندس تنقيدي ۽ تفصيلي جائزا ڏنل آھن. ھوش ڀٽيءَ ھن ڪتاب ۾ شيخ اياز، انور ڪاڪا، لاکو شبير، محمد دين راڄڙي، عباس ڪوريجي، ڊاڪٽر تھمينہ مفتي، رسول ميمڻ، اخلاق انصاري، غلام نبي سومري، ڊاڪٽر وحيد جتوئي ۽ امير ابڙي جي ڪھاڻين جي مختلف پاسن تي ادبي تنقيد ۽ اڀياسي مضمون لکيا آھن.

Title Cover of book Jadeed Sindhi Kahane jo Tajzio

شيخ اياز جي ڪھاڻين ۾ ڪردار نگاري جو تحقيقي ۽ تنقيدي جو جائزو

Characters of Shaikh Ayaz’s Stories
A Critical Analysis

Abstract:
Shaikh Ayaz is the star that shines on an eminent place on the sky of Sindhi literature. Because of his diction, Sindhi literature was enriched with new terms, traits, and trends, and purity of language of prevailed in Sindhi poetry.
Shaikh Ayaz possesses a peculiar style in presenting his poetry. This peculiarity pervades in his prose too. Shaikh Ayaz wrote 24 stories, that too in the early stages of his literary career. That’s why he is regarded as one of the initiating author of Sindhi stories.
Shaikh has made his mark in prose, as he has in poetry. Ayaz plied the pen, when Sindhi story was in early days and only few authors were writing Sindhi stories. Charchters of Shaikh Ayaz’s stories were hardworking, revolutionary, oppressed, loving, cool, rebellious, and had sprouted from the soil and society of Sindh.
This paper is study of stories of Ayaz and characters thereof.

شيخ اياز سنڌي ادب جو اهو ستارو آهي. جنھن جي چمڪ دمڪ کان هر ڪوئي ڀلي ڀت واقف آهي. اياز جيڪو دڳ ورتو ۽ منزل تائين رسيو، اهو سنڌي ادب ۽ ٻولي لاءِ تمام گهڻو لاڀائتو هو.شيخ اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ جيڪو منفرد انداز اپنايو، پنھنجي ٻولي کي امير ڪرڻ لاءِ اهو نھايت ئي شاندار هو. ان سان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ نوان لاڙا، تشبيھون، محاوار ۽ استعارا متعارف ٿيا، نج پج سنڌي ٻوليءَ ۾شاعري جو رواج پيو.
شيخ اياز پنھنجي شاعري ۾اعليٰ فڪر ۽ نئين انداز بيان جو مالڪ آهي پر اها خوبي ۽ الڳ انداز سندس ڪھاڻين ۾ بہ نظر اچي ٿو. هتي اسان شيخ اياز جي ڪھاڻين ۾ ڪرداري نگاري جي حوالي سان ڳالھائينداسين. اياز شاعري جيان ڪھاڻين ۾بہ پاڻ موکيو آهي. شيخ اياز ان وقت ڪھاڻي لاءِ قلم کنيو جڏهن سنڌي ڪھاڻي جو شروعاتي دؤر پئي هليو ۽ تمام ٿوڙرا ڪھاڻيڪار هئا. شيخ اياز جي شاعري جو پاسو مضبوط هجڻ ڪري سندس ڪھاڻين ڏانھن ايترو ڌيان نہ ڏنو ويو آهي پر سندس ڪھاڻيون سنڌي ادب ۾ڪھاڻين جي اوسر وارين ڪھاڻين منجهان آهن. ان جو هڪ اِهو بہ سبب ٿي سگهي ٿو تہ اهي ورهاڱي کان اڳ ڇپيون يا ڇپيون تہ وري ٿوري تعداد ۾جو اها بلندي ۽ مشھوري ماڻي سگهن.
ڊاڪٽر انور فگار مطابق:“اياز جون ڪھاڻيون سنڌي ادب جو اڻ مٽ سرمايو آهن.اهي ڪھاڻيون هڪ ڀيرو ڇپجڻ کان پوءِ وري ٻيھر ڪونہ ڇپيون.جو اها مڃتا حاصل ڪري سگهن ها يا ادبي تاريخ جي محققن ۽ نقادن آڏو مقام پائي سگهن ها.”(1)
نہ ڄاڻ ڪھڙا اهي سبب آهن جو سندس ڪھاڻين ڏانھن ڌيان نہ ڏنو ويو آهي.ان جو مکيہ سبب تہ ماڻھو سندس جي شاعري واري سحر مان نڪرن تہ ڪھاڻين ڏانھن اچن.
جئين جمال ابڙو اياز جي ڪھاڻين جي حوالي سان چئي ٿو تہ “سندس عظيم شاعري جي ڪري، سندس افساني نويسيءَ وارو پھلو، ماڻھن کان اوجهل رهيو. مون کي موجودہ دؤر جي ڪھاڻي جو ابو سمجهيو يا سڏيو وڃي ٿو حقيقت ۾ اهو سھرو بہ شيخ اياز تي آهي.”(2)
شيخ اياز جي ڪھاڻين جا ڪردار مختلف سماجي مسئلن تي باعمل سٻاجها، انقلابي، ڌتڙيل، سلجهيل، کلڻا، باغي ۽ محبت جا علم بردار آهن. ۽ اسان جي سماج مان اسريل آهن. اياز جي ڪھاڻين ۾ سنڌيت ۽ ڌرتي جي خوشبو ڦھليل آهي. سندس ڪردار ڌرتي ماتا سان محبت ڪندڙ آهن. اياز جي ٻولي نج پج سنڌي آهي. اياز جي کمير ۾ سنڌيت ڀريل هئي.
سندس چواڻي “مان نہ پاڪستاني آهيان، نہ اکنڊ هندستاني، نہ سماج جي سطحي رسم ۽ رواج جو پابند، نہ انقلابي طبقي جي اجائي جوش سان شامل، نہ ساهيت جي جهوني، يڪرنگي تصوير جو قائل، نہ ڍونگي ترقي پسندن جي جنسي اگهاڙپ جو مشتاق.” (3)
۽ اِهو سڀ اهو ماڻھو ئي چئي سگهي ٿو، جنھن جي جوهر ۾ سنڌ ئي سنڌ هجي .شيخ اياز پنھنجي ادبي ڪيريئر ۾ ڪل 24 ڪھاڻيون لکيون اهي بہ پنھنجي شروعاتي د‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‌‌‌ؤر ۾ اياز کي سنڌي ڪھاڻي جو بنيادي ڪھاڻيڪار بہ مڃيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ وري اياز ڪڏهن ڪھاڻي لاءِ قلم نہ کنيو.
شيخ اياز جي ڪھاڻين جو ڪتاب ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي ”جي تند برابر توريان“ جي نالي سان سھيڙيو آهي. جنھن ۾ اياز جون سڀ ڪھاڻيون شامل آهن. پيش لفظ ڊاڪٽر فگار هڪڙي، جمال ابڙو، ستار پيرزادو ۽ ڊاڪٽر قاضي خادم جا اياز جي ڪھاڻين تي رايا ڏنل آهن، اياز پنھنجي ڪھاڻين ۽ ڪھاڻي جي فن تي الڳ الڳ مضمون ڏنا آهن.

شانتا: دنيا جي هر سماج ۾ رهندڙ ماڻھو اهو سوچيندو آهي تہ زندگي ۾ تڪليفون، عذاب ۽ ذلتون نہ هجن برابري هجي ۽ زندگي مان شان سان گذري. اياز جي ڪھاڻي “شانتا” جو ڪردار بہ ڪجهہ اهڙا ئي خواب ڏسي ٿو. شانتا ۾ اياز جي ٻولي ۽ تشبيھون شاندار آهن. اياز سماج جي اصليت کي پنھنجي لفظن ۾بيان ڪيو آهي. شانتا جيڪا وئشيا آهي. ان ڪردار کان پنھنجي احساسن جو اظھار ڪرايو آهي. مردن جي هن معاشري ۾ جتي عورت جي لاءِ ڪا معافي ڪو واپسي جو گس نہ آهي.
ڪھاڻي ۾ شانتا وئشيا آهي. جيڪا ڀنگي رامون سان شادي جا ارمان دل ۾ رکي ان کي ڀڄي وڃڻ لاءِ چئي ٿي ۽ ان جي پٺيان بہ روائتي عورت وانگر گهر ٺاهڻ جو خيال آهي پر اهم ڳالھہ تہ هوءَ سماج ۾ عزت جي نگاھہ سان ڏسڻ لاءَ اهو سڀ ڪرڻ چاهي ٿي. پر رامون جيڪو ڀنگيءَ آهي روز ان کان مٺائي ان لاءِ وٺي ٿو تہ جئين ان جا ٻار خالي پيٽ نہ هجن. رامون کيس جواب ۾چئس ٿو “پرماتما توکي سکي رکي، مون کي زال آهي، ٻار آهن. جي مٺائي کائي توکي آسيس ڪندا آهن. مان توکي ڪيڏانھن وٺي وڃان، رام سوامي مون کي هڪ جهوپڙي آهي. جنھن ۾ نہ بجلي آهي نہ غسل خانو غاليچا نہ پلنگ! مان غريب توکي ڪٿان پالي سگهندس ٻيو تہ مونکي نيات وارا ڇا چوندا...“
رامون جا اهي لفظ ٻڌي هوءَ ڄڻ ڀوري پوي ٿي ۽ سوچي ٿي “هن کي نيات وارا ڇا چوندا ؟ هن کي نيات وارا ڇا چوندا...” تہ تون وئشيا آندي آهي ڪميڻي، ذليل وئشيا ! هي ڀنگي جنھن کي ساري دنيا اڇوت ٿي سمجهي سو بہ مون سان ڇوت ڇات پيو ڪري مان ڀنگي کان بہ خراب آهيان.”
اياز جي ڪھاڻي جو هي ڪردار ڪيڏو معصوم ٿو لڳي پر هن سماج ۾ جتي اوچ نيچ، اڇوت ۽ ڇوت جا طبقا هجن اتي ڪا بہ وئشيا عزت واري زندگي نہ ٿي گذاري سگهي.
رفيق: شيخ اياز جي هي ڪھاڻي ڪامريڊن جي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ ڪجهہ اشتراڪيت سان وابسطا آهن تہ ڪجهہ سوشلسٽ آهن. پر سڀني ڪردارن جو مقصد هڪ ئي نظر اچي ٿو سماج ۾ تبديلي سک، شانتي، هڪجهڙائي برابري ۽ غريب طبقي جي لاءِ وڙهڻ وغيرہ. اياز هن ڪھاڻي جي شروع ۾ گرامر جي غلطي ڪئي آهي لکي ٿو تہ “اڄ ڊاڪ مزدورن جو اسٽرائيڪ پوري ٿيو هو.”اسٽرائيڪ لفظ جنھن جي معنيٰ هڙتال آهي اهو انگريزي ۾ هجي يا سنڌي اهو مادي ٿيندو آهي.اهو صحيح هئين ٿيندو تہ “اڄ ڊاڪ مزدورن جي اسٽرائيڪ يا هڙتال پوري ٿي هئي.”

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي مطابق: رفيق ڪھاڻي ۾ مزدورن جي اتحاد جو ذڪر آهي ۽ خود رفيق جو لفظ ڪاريڊ طور استعمال ڪيو ويو آهي. هندو مسلم اتحاد جو خاڪو بہ ان ۾ ڏسجي ٿو، جنھن جو نھايت ئي بي باڪ ۽ جرئت مندانہ اظھار ڪيل آهي. ازنسواءِ سنڌي قوميت جي بہ هڪ معصوم شڪل نظر اچي ٿي. ائين لڳي ٿو ڄڻ هي ڪھاڻي صرف آدرشن ۽ نظرين لاءِ لکي آهي. ان ڪري ان جا فني پھلو جهڪا ٿي ويا آهن.”(4)
“رفيق” ڪھاڻي عمدہ سوچ رکندڙ ڪردارن جي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ نجمہ ۽ موهن مکيہ ڪردارآهن. ڪھاڻي ۾ ڪردارن کان ڪامريڊ لفظ جي جاءِ تي رفيق لفظ ڪتب آندو ويو آهي جيڪو ڏاڍو سھڻو لڳي ٿو رفيق ڪھاڻي جا ڪردار يوٽوپيائي سوچ رکندڙ نظر اچن ٿا. جئين ڪھاڻي ۾ نجمہ موهن کي چئي ٿي “آءُ تہ تون مان بہ هلون هن فاقه ڪشي ۽ عصمت فروشيءَ جي دنيا کان دور! هي دنيا جتي کيت تي هاري جو خون، پسيني جيان وهي رهيو آهي!هي دنيا جتي بازار ۾مزدورن جو گوشت وڪامي رهيو آهي! ان دنيا کان دور، محبت ۽ فراغت جي دنيا ۾، جتي هي ڏينھن رات جي جاکوڙ ۽ جفاڪشي نہ هجي.زندگي ۾ايتري آمد رفت نہ هجي، جتي چالاڪي نہ هجي. هڪ مٺي مٺي ۽ ماٺي ماٺي دنيا ۾”.
هن ڪھاڻي ۾شيخ اياز جا ڪردار سندس جيان باغي ۽ يوٽوپيائيutopia سوچ رکندڙ لڳن ٿا ۽ اهڙي دنيا جو خاڪو جوڙين ٿا جيڪا ڪٿي بہ نہ هجي، جتي انسانيت جي قتلام ۽ استحصال نہ هجي. ڪھاڻي ۾منظرڪشي سٺي آهي. مرد ۽عورت جي حسن کي عمدہ تشبيھن سان بيان ڪيو آهي. جئين نجمہ جي حسن جي تعريف ڪندي موهن چئي ٿو تہ “نجمہ! تنھنجا اهي ڊگها وار، ڀنو زيتوني رنگ سنهڙا آلا چپ مون کان وسرندا.”
هي ڪھاڻي اياز جي شروعاتي ڪھاڻين مان آهي پر پوءِ بہ سندس ڪھاڻي ۾ فڪر، ٻوليءَ ۽ منظر ڪشي سان گڏ ڪردار پختا نظر اچن ٿا.

کلڻي:
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي مطابق: “البت سندس سڀني ڪھاڻين ۾ کلڻي فني نقطي نگاھہ کان بلڪل ڪامياب چئي سگهجي ٿي. جنھن ۾ هڪ عورت جي ڪردار جي عملن مان سندس نفسياتي رغبت کي عيان ڪيو ويو آهي.”(5)
هن ڪھاڻي ۾ جيڪو لفظن ۽ جملن جو جادو شيخ اياز ڪيو آهي. اهو ڏاڍو بي مثال آهي. کلڻي جھڙا ڪردار اسان جي ٻھراڙي واري سماج ۾کوڙ سارا ملندا.کلڻي کي پڙهندي، پڙهندڙ کلڻ لڳي ٿو ۽ کيس کلڻي تي پيار بہ اچيس ٿو تہ ڪاوڙ بہ !!!
کلڻي جي ڪردار کي جنھن انداز سان ايازکنيو آهي اهو ڏاڍو لاجواب ۽ نازڪ احساسن وارو ڪردار آهي.
جئين هن ڪردار بابت ستار پيرزادو چئي ٿو: “جنھن ڇوڪري جي لڙڪن ۾ بہ ٽھڪ شامل هجن ۽ ٽھڪن ۾ لڙڪ تہ ڪھڙو ڪافر آهي جيڪو اهڙي ڪردار تي اڪن ڇڪن نہ ٿئي”. ( 6)
اياز جي کلڻي جو ڪردار انتھائي سھڻي سيرت وارو مٺڙو ڪردار آهي جيڪو هر ڪنھن جي دل ۾گهر ڪري وڃي ،اياز جي هي ڪھاڻي سندس ڏات جوڪمال آهي.
پروفيسرمنگها رام ملڪاڻي کلڻي لاءِ لکي ٿو تہ “هي هڪ نھايت نفيس سيرت نگاري .جي آکاڻي ۽ سنڌ ۾نڪتل اصلوڪين ڪھاڻين مان آخرين شاهڪار آهي.”7))
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي وري کلڻي ڪھاڻي بابت هيءَ راءِ ڏئي ٿو: “اياز جي ڪھاڻي کلڻي هڪ محجوب دوشيزه بابت آهي ۽ اها منھنجو بيت سبب منزل تي نٿي رسي.”(8)

ڪارو رنگ: شيخ اياز جو مشاهدو زبردست قسم جو آهي ۽ ان بنياد تي سندس قلم کڻڻ وقت لفظ الائي ڪئين ڀڄندا ڊڪندا اچي وڃن ٿا. ائين ئي ڪارو رنگ ڪھاڻي ۾ جيڪو بانام ڪردار کنيو ويو آهي اها ڪاري رنگ جي عورت جو آهي. جيڪا پنھنجو رنگ ڪاروهجڻ جي ڪري احساس ڪمتري جو شڪار آهي. اسان جي سماج ۾ جئين ڀوري رنگت رکندڙ کي خوبصورت سمجهيو ويندوآهي. پر عورت جيڪا اوسيتائين احساس ڪمتري جو شڪار هوندي آهي. جيستائين ان کي ڪو چاهڻ وارو مرد نہ ملندو آهي ۽ اياز بہ هن ڪھاڻي ۾ ڪاري رنگ جي عورت جي ڪردار کي پھريان اداس گم سم ڏيکاريو آهي. مضبوط قسم جو تشبيھون ڏيندي ڪاري رنگ کي بہ خوبصورت قرار ڏنو آهي. ان ڪاري رنگ جي عورت کي جڏهن ڪنھن جي چاهت ملي ٿي تہ هوءِ نکري پوي ٿي. هتي بہ اياز جي اک جو ڪمال آهي جو هو لکي ٿو ته“سندس ڇاتي گهگهري مان ڄڻ ڦاٽي ٿي، سندس ڳل ڀرجي آيا هئا. کاڌيءَ جي ڪپڙن جي بدران کيس پٽ جي پنجابي ڊريس پئي هئي. هن مون کي ڏسي مرڪيو. سندس مرڪ ۾چلاڪي ۽ شرارت هئي. پھريون دفعو مون کي سندس ڪارو رنگ بد صورت لڳو هو. ڄڻ هوءِ ڏائڻ ٿي لڳي، ڪاري ڏائڻ.”
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي وري ڪارو رنگ ڪھاڻي بابت لکي ٿو: ”ائين ڪھاڻي ”ڪاري رنگ“ جي سورمي ڪا ڪاري رنگ جي هئي. ان ۾ اياز ڏسي ٿو تہ هوءَ پنھنجي رنگ جي ڪري احساس ڪمتري جو شڪار هئي. هن جي ڀرپور جواني انھيءَ ڪري برباد ٿي وئي.“(9)
سنڌي سماج ۾ پيار ڪندڙ ڇوڪري گهٽ نگاھ سان ڏٺو ويندو آهي اياز بہ روايتي انداز ۾ ان کي ڏائڻ ڪوٺي ٿو. يا وري مرد جي ڇهاءُ کان پوءِ جيڪي عورتن ۾ تبديليون اچن ٿيون اياز انھن کي ڏسي، سمجهي کيس ڏائڻ چئي ٿو. سفيد وحشي جي مجموعي ۾ اياز پنھنجي هن ڪھاڻي کي سرئيليسٽ ڪھاڻي بہ چيو آهي.

سھڻي سير ۾: هن ڪھاڻي ۾ سھڻي جي ڪردار تي اياز قلم کنيو آهي اسان جي سماج ۾ سھڻي جي ڪردار کي، منفي نظرن سان ڏٺو ويندو آهي. لطيف جيان اياز بہ پنھنجي شاعري ۾ سھڻي کي هاڪاري ۽ سورمي ڪري پيش ڪيو آهي. هن ڪھاڻي ۾ بہ اياز، ميھار ۽ سھڻي جي سنڌو جي سيرن ۾ ملڻ جي منظر کي چٽيو آهي. هي مختصر ڪھاڻي پڙهڻ کان پوءِ ڪجهہ دير لاءِ تہ ماڻھواداس ٿي وڃي ٿو. هن ڪھاڻي ۾ اياز جي لفظن ۽ تشبيھن جي شھنشاهي قائم آهي.
نوران: ڪھاڻي جا ٽي مکيہ ڪردار آهن. هڪ نوران، عزيز ۽ رضييہ. نوران جو اهڙو ڪردار آهي جيڪا ازدواجي زندگي جي شروع ۾ ئي مڙس جي محبت کان محروم ٿي وڃي ٿي ۽ هن کي دل گهريو دلبر بہ نہ ملي ٿو. پوءِ جڏهن پنھنجي ڌيءُ رضييہ کي عزيز جي ويجهو ڏسي ٿي ۽ انھن جي محبت ۽ وجهڙائي ٿئي ٿي تہ انساني فظرت جيان کيس اها ڳالھہ ڀانءَ نہ ٿي پويس. ڌيءُ ۽ عزيز کي ڇڙٻون ڏيندي رهي ٿي. رضييہ عزيز ۽ نوران جھڙا ڪرداراسان جي سماج ۾ کوڙ آهن. اياز انھن جي فطرت ۽ طبعيت کان واقف ٿي جوڙيا آهن. انساني فطرت آهي. جڏهن انسان ڪجهہ وڃائيندو آهي تہ پوءِ ئي ان جو قدر ۽ اهميت سمجهندو آهي.هن ڪھاڻي ۾ بہ نوران ۽ رضيہ جا ڪردار وڃائي ڪري خوب پڇتائين ٿا پر احساسن کان عاري نہ آهن. هن ڪھاڻي ۾ ڪردارن جي ڪھاڻي عجيب ڪشمش ڏيکاري وئي آهي جڏهن عزيز رضيہ جي گهر بہ اچي ٿو ۽ نوران جيڪا رضيہ جي ماءُ آهي. ان کي امي بہ چئي ٿو. پر رضييہ جي شادي ڪٿي ٻئي هنڌ ٿيڻ، ڪنھن حد تائين هڪ سوال پيدا ڪري ٿي تہ رضييہ جو ايترو جلدي شادي لاءِ ها ڪري ٿي ۽ ڇو عزيز سان رابطو نہ ڪيو وڃي ٿو. انھن خامين کان سواءِ ڪھاڻي ۾ مڪالما ۽ تشبيھونءِ لفظن جو جاندار ۽ بھترين ڳانڍاپو آهي جئين ..“رضيہ ٿڌو ساھ کڻي گذريل محبت تي قل پڙهي ڇڏيندي، نوران ساهي پٽي وري الحمد شروع ڪندي. هوءَ محبت کي لٽي ڇڏيندي، هي پٽي کيس ڏيکاريندي تہ ڪوڙي ڪچ تي ماڻڪ پئي مٽين؛ “شادي عادت آهي، محبت عادت نہ آهي. شادي پلئہ ٻڌي ٿي، محبت روحن کي ڳنڍيون ڏئي ٿي. ڳنڍيون بہ ريشم جون، جي ڇڪيندي نہ ڇڄن. شادي ضروري نہ آهي محبت ضروري آهي.”

پھريون ۽ پويون خط: ڪوبہ انسان پنھنجي حال مان خوش نہ هوندو آهي، هن ڪھاڻي جو ڪردار نثار بہ پنھنجي حال مان خوش نہ آهي.نثار نالي هڪ غريب ٽپالي جي هي ڪھاڻي ان جي ارمانن، حسرتن ۽ ڪجهہ غير فطرتي خواهشن جي چؤگرد ڦري ٿي. جئين:“نثار سڄي عمر ڪنوارو رهيو ۽ سوچيندو هو تہ بابو بہ ساڳي طرح ڪنوارو رهيو هجي ها تہ ڪھڙو نہ چڱوٿئي ها!. “اياز هن ڪردار جي احساس محرومي ۽ بي چيني کي بيان ڪيو آهي. حق ۽ سچ جي ڳالھہ ڪندڙن کي ازل کان ڪچليو ويندو آهي يا پوئتي ڪيو ويندو آهي. نثار سان ائين ٿئي ٿو جڏهن ٽپالين جي حق جي حاصلات جي اڳواڻي ڪري ٿو ۽ جدوجھد ڪري ٿو تہ نوڪري تان لاٿو وڃي ٿو ۽ انسان جڏهن صفا مايوسي جي عالم ۾ ايندو آهي تہ ٻہ رستا وٺندو آهي هڪ پاڻ ختم ڪرڻ جو ٻيو نشي جو، نثار بہ نشو ڪري پاڻ کي گم ڪري ڇڏي ٿو.

ٻرو چڪي رت: اياز هن ڪھاڻي۾ هڪ چور جي جي ڪردار کي چٽيو آهي، جيڪو چوري ڪرڻ تہ اچي ٿو پر چوري بدران سندس دل چوري ٿي وڃيس ٿي. شيخ اياز جي هي ڪھاڻي ناڪام ۽ ڪمزور ڪھاڻي آهي. جنھن ۾حقيقت پڻو صفا گهٽ آهي. پر ڪي ڪھاڻيون خيالي ۽ افسانوي، حقيقت جي رنگ کان خالي بہ هونديون آهن. شيخ اياز هن ڪھاڻي ۾ نثر ڪمال جو لکيو آهي پر گرامر جو، لفظن جون ۽ ڪجهہ ٽيڪنڪل غلطيون بہ ڪيون آهن. جنھن ڪري ڪھاڻي بي مزي ٿي پئي آهي. جئين ايازلکي ٿو تہ “هن ڪھاڙِي ڀت جي آڏورکي، لوھ جي ڪلي سان ڀت کوٽڻ شروع ڪئي.“لوھ جي ڪلي جو هتي استعمال ڪنھن حد تائين ناموزون لڳي ٿو ڇو تہ ڪلي تہ ننڍي ٿيندي آهي ۽ ڀت کي کوٽڻ لاءِ رنبي يا انبوئي جي ضرورت پوندي آهي. ٻئي هنڌ اياز لکي ٿو تہ هن ڀت ۾ ماڻھو جي لنگهڻ جيترو ٻر ٺاهي آسمان ڏانھن ڏٺو. وهائو تي نظر ڪري هن سوچيو تہ رات جو ٽيون پھر ٿيو آهي.” هن ٽڪري ۾ غلطيون آهن هڪ تہ اياز هن ۾ کاٽ کي ٻر چيو آهي ۽ ٻيو وقت جي حوالي سان ڪھاڻي ۾ تضاد آهي. وقت ائين جو چور چوري ڪرڻ اڪثر اڌرات ۽ ٽئين پھر جي وچ تي نڪرندا آهن. هي چور بہ ٻئين پھر ۾ چوري ڪري رهيو هو تہ پڪڙجي پوي ٿو ۽ پڪڙجڻ وقت بہ اهو ئي ٿيندو يا اڳتي هلي رات جو چوٿون پھر ٿيندو پر اياز اڳتي لکي ٿو تہ:.
“ٽئين کٽ تان اٿي چيو تہ، “ادي ڊيلان!هاڻي رات جو ٻيو پھر ٿيو آهي. ننڊ تہ هونئن نہ ايندي، تون راڻو ڳاءَ مان تڙو وڄايان ۽ ٻيا سڀ جهمر وجهن.”
هنن مڪالمن ۾ چٽو پٽو تضاد آهي. تہ چور ٽئين پھر ۾ چوري ڪري ٿو ۽ پڪڙجي ٿو. وري ٻئين پھر ۾ ڪئين ڳائن ٿيون جڏهن تہ اهو اڳتي هلي وقت گذرڻ سان عصر يا چوٿون پھر هجڻ گهرجي. ڪھاڻي ۾ اڳتي هڪ جاءِ تي جملو آهي تہ “چاڏي پيرن ۾جهلي هن مانڌاڻي ٿي هلايو.”جڏهن تہ صحيح جملو هئين ٿيندو تہ “چاڏي پيرن ۾جهلي هن مانڌاڻي پئي هلائي.” هن ڪھاڻي جا سڀ ڪردار ۽ مکيہ ڪردار ڊيلان ۽ جانو ٻئي ٻروچ آهن ۽ ٻروچ مادي کي نر ۽ نر کي مادي چئي ويندا آهن شايد ان جي ڪري اياز بہ ٻروچڪي لهجي ۾لکيو آهي.
ڏٺو وڃي تہ ٻروچ ماڻھو انتھائي شڪي مزاج هوندا آهن. اهي ماڻھو هڪ چور کي گهر ۾ ٻڌل هڪ اڪيلي جوان ڇوڪري ۽ ننڍو ٻار، ڇڏي وڃن ٿا. ڪھاڻي ۾ گهڻيون ڳالھيون تسليم ڪرڻ کان ٻاهر آهن. پر ڪھاڻي آهي ڪھاڻين ۾ ائين بہ ٿيندو آهي. جانو جيڪو ڊيلان جو مڌر مٺڙو آواز ٻڌي ان تي عاشق ٿي پوي ٿو. اها ڊيلان هڪ چور تي رحم ڪري سندس ماني کارائي ٿي ۽ واڇون اگهيس ٿي تہ جانو جا وارا نيارا ٿي وڃن ٿا. اياز جانو کان هئين سوچرائي ٿو! “عورت جي سونھن بہ آهي ڇاتي ۾.” جانو سوچيو، “اهي ٻہ وڏا مکڻ جا چاڻا!” هن جي ڏاڍي دل ٿي تہ ڊيلان کي ڀڄائي وڃان.” شادي ڪرڻ جو جانو وارو خيال ڏاڍو هاڪاري بھتر آهي.

هڪ شمع ٻہ پروانا: اياز جي ڏات جي ڏنل خوبصورت تخليق آهي. جنھن ۾ هڪ حقيقي داستان سليم انار ڪلي تي قلم وهايو ويوآهي، جئين تہ اسين چوندا بہ آيا آهيون تہ اياز وٽ تشبيھن جو اڻ کٽ خزانو آهي ان ريت هن ڪھاڻي ۾ بہ اياز گهٽ نہ ڪئي آهي. شھزادي سليم انارڪلي ۽ مھرالنساءِ جي هن ڪھاڻي ۾ انارڪلي شھزادي سليم جو بادشاھ جي اڳيان راز رکندي مري وڃي ٿي توڙي جو هو ڄاڻي ٿي تہ شھزادو مھرالنساءَ سان پيار ڪري ٿو. اياز جي هن ڪھاڻي ۾هڪ مرد جو ٻن عورتن لاءِ پيار ۽ ٻن عورتن جو هڪ مرد تي فدا ٿيڻ جي ماحول کي حقيقي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

هي هاري !: ڪھاڻي ۾اياز ٽن ڪردارن کي کنيو آهي. هڪڙو خوشحال حور جھڙيءَ سھڻي زال رکندڙ هاري جو ٻيو شمن موچي ۽ ٽيون وڏيرو ڪريم بخش، ساڙ ۽ حسد تہ انسان جي فطرت ۾هميشه کان رهيو آهي. سماج ۾ماڻھو ڪڏهن بہ ڪنھن سکي ماڻھو کي نہ ڏسي سگهندا آهن. صالح هاري جيڪو ٻھراڙي جو عام قسم جو هاري آهي. هارپو ڪرڻ سان گڏ وڏيري جي اوطاق جي سار سنڀال ۽ صفائي سٿرائي رکي ٿو. شوق مان ڀلو ڏاند پلايو اٿس ۽ سندس گهرواري بہ سھڻي اٿس.
جنھن لاءِ اياز کيس چورَائي ٿو تہ:“دنيا ۾ ٻن شين سان سر لڳندو هو. هڪ گهر واري ۽ ٻيو ڏاند سان. ڏاند تہ نہ هو؛ پکي هو پکي هو! جڏهن گوءِ ۾ ڀڄندو هو تہ ڏهين ماڻھو ڏندين آڱريون ڏيندا هئا. واھ ڙي پکي! ڄڻ تارو ڏنو! هوا سان ڳالھيون ڪندو ويندوهو. هوا سان!”
وڏيري ڪريم بخش ۽ شمن موچي جھڙا ڪردار اڄ بہ اسان جي سماج ۾موجود آهن. شمن موچيءَ غريب هاري کي وڏيري جي ماڻھن هٿان موچڙا بہ هڻائي ٿو ۽ ڏاند بہ چوري ڪرائي ٿو ۽ خوش خوش سماج ۾ هلي ٿو. اياز شمو جي ڪردار ذريعي اِهو ڏيکاريو آهي تہ سماج ۾اهڙا ڪردار کوڙ هوندا جن وٽ سھڻي زال ۽ خوشحال زندگي نہ هوندي آهي تہ اهي ٻين کي بہ نہ سھندا آهن اها نفسيات آهي اسان جي سماج جي. صالح هاري جي پير مري ڀڄي پوڻ ڪري هو ڪمائڻ کان حلاق ٿي وڃي ٿو تہ سندس زال پورهيو ڪري ٿي ۽ زيور کپائي کيس صحتياب ڪري ٿي پر ان جي دؤران هوءَ ۽ ايتري مجبور ٿي وڃي ٿي ۽ کٽي پوي ٿي جو وڏيريءَ اڳيان جهڪڻو پويس ٿو.صالح کي خبر پوي ٿي تہ سندس ڏاند ڪنھن وٽ آهي ۽ پوءِ انکي واپس آڻڻ ۾ ديرئي نٿو ڪري. پر شمو کي تہ ساڙ پورو ڪرڻو آهي کيس هوٽنگ ڪري اوڙاپي تہ چويس ٿو“مال موٽائڻ وڏي ڳالھ نہ آهي.کڙو ڪوئي زال موٽائي. پر ڪنھن ۾ غيرت بہ هجي، چوڏهين صدي آهي.” ان تي صالح کيس وڙهي پوي ٿو پر شمو کيس ان جاءِ تي وٺي وڃي ڏيکارڻ لاءِ زور ڀريس ٿو تہ تنھنجي زال هن وقت بہ وڏيري وٽ هوندي ۽ صالح ڪھاڙي سان گڏ اتي پھچڻ سان هم نہ تم ڪندي پنھنجي حور زال جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي ٿو ۽ اڃا وڏيري تي وار ڪري ئي ٿو تہ شمو کيس مٿي ۾ ڌڪ هڻي ڪڍيس ٿو وڏيرو جيڪو اسان جي سماج جي وڏي لعنت آهي. جتان ڏوهن جي پيدا ٿئي اهو پوءِ بہ بچي وڃي ٿو. پر صالح جھڙا ڪردارجنھن جو سڀ ڪجهہ هليو وڃي ٿو. زال ۽ شوق سک ۽ موت جي ٻہ واٽي تي اچن ٿا.

جي تند برابر توريان: هي شيخ اياز جي فلسفيانہ انداز ۾ لکيل ڪھاڻي آهي. منھنجي خيال ۾اها اياز جي پنھنجي ئي ڪھاڻي آهي. هن کي جيڪو بيان ڪري ٿو، اهو اياز خود ئي آهي. غزالہ ۽ شيام ۽ ان جي ڀيڻ شيلا هن ڪھاڻي جا ڪردار آهن. جيڪي حالتن کان مجبور ٿي هڪ ٻئي کان جدا ٿين ٿا. اياز هن ڪھاڻي ۾هڪ شاعر جيڪو وڪيل بہ آهي ان جي پراڻين يادين جي دري کولي ٿو.

موهن ڪلپنا مطابق: شيخ اياز سنڌ جو وڏو شاعر آهي. ڪو شاعر جڏهن ڪنھن موضوع تي ڪھاڻي لکندو تہ رڳو ان جو نثر ئي ڪھاڻي کي کڻي بيھندو.
“جي تند برابر توريان” ڪھاڻي هڪ شاعر تي آهي، جو سنڌي آهي، “خوشي براءِ ادب” ۽ ادب براءِ زندگي جو حامي آهي. هن جي دعويٰ آهي تہ جو انگريز اليئٽ نٿو پڙهي، اهو ناگريز نٿو ٿي سگهي، ۽ جو شاھہ لطيف نٿو پڙهي اهو سنڌي نٿو ٿي سگهي، چاهي تہ ڪردار ويڪل ٿي سگهي ٿو، پر هو ڪا جوابداري کڻڻ نٿو چاهي. هن جو عقيدو آهي تہ “ جي شاعري ۾ دولت نہ آهي تہ دولت ۾ بہ شاعري نہ آهي. شمع سان محبت ٿو ڪري، شمع جي شادي هڪ شاهوڪار سان ٿيڻ جي رٿا آهي، سو غريب شاعر سان شادي ڪري، زندگي کي ڪيئن منھن ڏئي، بجاءِ ان جي ياز هن کي نمونيا جي موت ۾ ماري ٿو ڇڏي. ٻئي غزالا سان عشق ٿو پچائي، تہ انساني فطرت موجب کيس شمع ياد نٿي اچي. وري بہ ساڳيو مسئلو تہ غزالا هن سان شادي تڏهن ڪندي جڏهن هو بہ ڪو ڪم ڌنڌو ڪندو. هوءَ هڪ دفعو پاڻ جتائي کيس ائين چوي ٿي: “جي مان توکي وڌيڪ پياري آهيان، تہ توکي شاعري ڇڏڻي پوندي.”
شاباس چوي ٿو: ”تون غلط سوچيو آهي تہ مان توکي چونڊيندس.“
ڪردار هڪ آدرشوادي آهي، پر هو شادي جي ٻنڌڻ ۾ بہ ڦاسي، اهڙو ڪو سبب ڪھاڻي ۾ نہ ڏيکاريو ويو آهي. يا تہ ڪو انقلابي آدرش اٿس. جنھن سبب هو ڪنھن جي زندگي جو جوکم نہ ٿو کڻي. اهو بہ ڏيکاريو نہ آهي. ان ڪري شاعر ڪنھن بہ قسم جي همدردي ڇڪي نٿو سگهي. گهر يا پائيدار اثر نٿو ڇڏي. اظھار خوبصورت آهي.“(10)
اڄڪلھ تہ اِهو ٽرينڊ ٿي پيو آهي پر شايد گهڻو اڳ جو ٽرينڊ آهي تہ غم جي حالت ۾ شراب ۽ سگريٽ جو سھارو ورتو وڃي تہ غم گهٽجي ٿو. تخليقار سماج ۾ ٿيندڙ براين ۽ گندگين جي نشاندهي ڪندو آهي ۽ انھن کي برو چوندو آهي پر اياز پنھنجي ڪردار کان شراب نوشي کي هڪ هاڪاري شيءَ چورائي ٿو.
“هو غم کان نجات پائڻ لاءِ شراب پئيندو هو، پر شراب کيس ويتر غمگين ڪندو هو. هن هڪ ڀيري لکيو هو تہ “جڏهن خدا ڪائنات خلقي ۽ خوشي ۽ غم پيدا ڪيو، تڏهن ٻنھي کي چيائين تہ “پنھنجا پنھنجا دوست چونڊيو. “هن جو ايترو چوڻ، ۽ ساري مخلوق جو خوشي سان ساٿ ڏيڻ .هر ڪو ئي وڃي خوشي جي پاسي بيٺو ۽ ٻئي طرف غم ويچارو اڪيلو بيٺورهيو. خدا فيصلو ڪيو تہ غم جي قسمت ۾تنھائي آهي. پوءِ جڏهن سڀئي مخلوق ٽڙڻ پکڙڻ لڳي تڏهن چوريءَ چوري ءَ شراب غم جي ويجهو آيو ۽ سس پس ڪري چيائين تہ “تون غم نہ ڪر، مان ظاهري طرح تہ خوشي سان آهيان، پر دلي طرح توسان آهيان.اڄ هن جي زندگي جو شراب غم سان اهو قول نڀائي رهيو آهي.”(106)
افسانوي ادب جا ڪردار اهڙا هجڻ کپن جيڪي سماج ۾ ٿيندڙ برين عادتن کان نفرت ڪن، ڌڪارن نہ ڪي فلسفيانہ دليل ڏئي شراب نوشي کي غم جي نجات جو ذريعو سمجهن. هن ڪھاڻي جو ٻيو ڪردار شمع آهي. جيڪو بہ سماج جي دقيانوسي رسمن ۾ جڪڙجي ختم ٿي وڃي ٿو. اياز جي هي ڪھاڻي نثر، شاعري ۽ فلسفي جو مڪسچر آهي ۽ انتھائي شاندار تشبيھون ۽ جملا، ڊائلاگس جي ادانگي اعلى درجي جي آهي.

چار ايڪڙ ٻني: شيخ اياز سنڌي نثر ۾ جھڙي طرح سان تشبيھن جي نواڻ آندي ۽ ان ۾ جيڪا رواني آهي اها اياز جي “چار ايڪڙ ٻني” ڪھاڻي ۾ بہ نظر اچي ٿي.گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان وڏيرو اسانجي سماج ۾ جنھن طرح سان قابض رهندو آيو آهي. جنھن مان اڄ تائين اسين جند نہ ڇڏائي سگهيا آهيون. جنھن جو تسلسل اسان جي سنڌي T.V چينئلس تي جاري آهي. هن ڪھاڻي جا ڪردار بہ پنھنجي معاشي مسئلن ۾ جڪڙيل وڏيري جا محتاج آهن. شاهوءَ جيڪو وڏيري الله بخش جو هاري آهي. ان جي ٻني ڪري ٿو ۽ ان جي چوڻ تي پاڻي جي واري تي رات جو پنھنجي پٽن رمونءَ ۽ جانوءَ کي ساڻ ڪري ٻني تي وڃي ٿو. هن ڪھاڻي جا ڪردار پيٽ کان مجبور ٿي رت وهائڻ ۾ دير نٿا ڪن .شاهوءَ ٻنيءَ تي خيالن ئي خيالن ۾يادون تازيون ڪري ٿو...
شانيءَ جنھن سان چوري چوري پريت جي ڏوري ۾ ڳنڍيل هو ۽ ان جي خوبصورتي تي سندس جي جسم ۾سراٽيون اچي وڃن ٿيون، ان کي ڪئين ڪاري ڪري ماريو ويو ۽ پاڻ تان ڌڪ بچائي ويو تہ سندس شانيءَ جا قاتل غائب ٿي ويا. وڏيري جي چوري تي نہ وڃڻ لاءِ کيس جيڪو ڀوڳڻو پيو هئس اهو سوچنيدي شاهو ٿوري اک پٽي ٿو تہ جيڪا چوري مون ڪئي بہ نہ هئي تہ وڏيري جيڪي موچڙا کارايا تہ اڃا تائين سنڌ سور ٿا ڪن اڄ ان لاءِ سر جي بازي لڳائي رهيو آهيان. جڙيو ماڇيءَ جنھن کيس پاڻي جا اوانڌا ڀڃي پاڻي پنھنجي ٻنيءَ ڏانھن لاڙڻ جا دڙڪا ڏنا هئا اهو سندس پٽ رمون جو جگري يار هو ۽ سندس ٻيو پٽ جانو جڙئي ماڇي جي ڌيءَ سان پريت هئي پر وڏيري جي ان سڄي سازش ۾ هڪ ٻئي جي رت جا پياسا ٿي وڃن ٿا. هن ڪھاڻي جا مظلوم ڪردار رمون جي بيمار ننڍڙي ڌيءَ ۽ جانوءَ جي محبوبہ نازيءَ آهن. جن جو ڪوبہ ڏوھ نہ آهي تہ هڪ يتيم ۽ ٻئي پنھنجي ٿيڻ واري ور کان اڳ ئي بيواھہ ٿي. پاڻي جي واري تي جڙئي ماڇي وارا آوانڌ ڀڃن ٿا ۽ رمون ۽ جانو حملو ڪن ٿا ۽ ڌرتي رت سان ڳاڙهي ٿئي ٿي ۽ سڀ ڪجهہ ختم وڃي ٿو.

موهن ڪلپنا مطابق: شيخ اياز جي ڪھاڻي چار ايڪڙ ٻني جو موضوع للڪاريندڙ آهي تہ مظلوم هارين جي ٻن حلقن جي کيتي ۾ پاڻي ڪونھي. ۽ ٻئي چاهين ٿا تہ سامھون واري ڪٽنب جي زمين مان آوندا ڀڃي واھہ جو پاڻي پاڻ ڏانھن ڇڪيون. آوندا ڀڃڻ بدران هو هڪ ٻئي جا ڪنڌ ڪپيندا نظر اچن ٿا. پر ڪھاڻيءَ ۾ پيءُ چاهي پٽ جا عشق پاسيرا داستان، قدرت جا نظارا ۽ ڪھاڻي ۾ ڪھاڻيون ان ريت کتل آهن، جو لڳي ٿو هڪ ناول کي ڪھاڻي جو روپ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جنھن رٿا جي بار هيٺ ڪھاڻي جو مرڪزي ڪردار ويچارو ٻوساٽجي وڃي ٿو، انداز بہ ناصحانو آهي. شيخ ايازهڪ هنڌ ڏکوئجي لکي ٿو: “هاءِ ڙي سنڌڙي، تو ۾ ڪيترا معصوم گناھہ گار ماريا ويا آهن.”(11)
“زمين چئي رهي هئي مان ڪنھن جي بہ نہ آهيان، توهان سڀ منھنجا آهيو.گهڙي کان پوءِ توهان سڀني جا لاش منھنجي آغوش ۾ دفنائبا.” اياز جي هن شاندار سٽن سان ڪھاڻي پوري ٿئي ٿي. اياز هن ڪھاڻي ۾ وڏيرڪي نظام، ڪارو ڪاري ۽ پاڻي جي وارن تي ٿيندڙ مسئلن تي لکيو آهي.

رولو: بيانيانہ انداز ۾ اياز جي “رولو” ڪھاڻي ان رولو رياض جي ڪھاڻي آهي. جيڪو هتي هوتي رلندو رهي ٿو، ڪڏهن ڪلفٽن تہ ڪڏهن عمر ڪوٽ، اياز هن ڪھاڻي ۾ بہ محبت جون برساتون ڪيون آهن. ڪھاڻي جو رولو ڪردار هڪ ڇوڪري کي ڪلفٽن تي فقيراڻي حالت ۾ڏسي ٿو ۽ ڪشش محسوس ڪري ٿو ۽ پوءِ اها ڇوڪري کيس ساڌ ٻيلي جي سنت وٽ نظر اچي ٿي ۽ هن جي ياد ڪندي ڪندي تہ هن، هن کي ڪٿي ڏٺو آهي تہ هوءَ هلي وڃي ٿي ۽ ڪھاڻي پوري ٿي وڃي ٿي.

شرابي: اسان مٿي چئي آيا آهيون تہ تخليقار کي اهڙي قسم جون ڳالھيون نہ لکڻ گهرجن، جن سان سماج ۾ ڪنھن بري عادت کي هٿي ملي ائين اياز جي شرابي ڪھاڻي هنن لفظن سان شروع ٿئي ٿي تہ “پئيندو هو تہ جئيندو هو نہ تہ سندس زندگي ءَ موت جئين خاموش هوندي هئي.” مطلب تہ پيئڻ جيئڻ آهي ۽ ڪوبہ پڙهندڙ ان مان اثر وٺي سگهي ٿو. هن ڪھاڻي جو ڪردار جيڪو عورت ۽ دنيا هر شيءَ کان نفرت ڪري ٿو ۽ شرابي آهي سندس لاڳاءُ جون ٻہ شيون آهن هڪ شراب ٻيو پونگڙو.
ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ شرابي ڪھاڻي بابت لکي ٿو: “شرابي هڪ مختلف نوعيت جي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ زندگي ۽ موت انسان ۽ دنيا بابت سوال اٿاريل آهن. هن ڪھاڻي جو ڪردار هڪ اڻ تڻ جو شڪار آهي. هو زندگي جو جواز چاهي ٿو. ماڻھو جو جوهر تلاش ڪري ٿو.(12)
جيڪو هن کي گهر ۾ ئي ملي ٿو. شرابي جنھن کي هن دنيا سان ڪا دلچسپي نہ آهي. ان پونگڙي ڪري هو صحيح معنيٰ ۾ جيئڻ لڳي ٿو. شراب بہ گهٽائي ٿو. پر ان جو بہ ڪو خاص سبب نظر نٿو اچي ۽ اوچتو اهو پونگڙو شراب جي بوتل جي ڪاون ۾ لڳي مري وڃي ٿو ۽ جذبائيت جو بہ خاص اظھار نٿو ٿئي ڄڻ تہ اڌوري ڪھاڻي محسوس ٿئي ٿي. باقي مڪالما بھترين آهن.

نظيران: ڪھاڻي جو مکيہ ڪرادر نظيران آهي، جيڪا غفور سان پرڻجي اچي ٿي. يتيم ۽ غفور جي س‍‍‌ؤٽ بہ آهي پر غفور هر وقت بنا جواز جي مارڪٽ تشدد ڪري ٿو ڇو جو پٺيان ڪو اوهي واهي پڇا ڪرڻ وارو نہ آهي ان باوجود بہ نظيران کيس بي انتھا پيار ڪريس ٿي ۽ راتيون جاڳي انتظار ڪري ٿي .جڏهن غفور رات جو دير تائين وڏيري جي اوطاق تي ڀنگ جي جمني تي تاس کيڏي ٿو.اسان جو الميو اهو هوندو آهي تہ جڏهن شيون اسان وٽ نہ رهنديون آهن. پوءِ انھن جو احساس ۽ قدر جاڳندو آهي ائين جڏهن غفور عمر جا کوڙ باب ٽپي وڃي ٿو ۽ نظيران سندس سفر ۾ نٿي رهي تہ هو تمام پڇتائي ٿو ۽ پشيمان ٿئي ٿو تہ مان نظيران کي ڇو ماريندو هئم.” اڄ جيڪر نظيران هجي تہ نہ ماريانس. پر ويل وقت ڪنھن موٽايو آهي جو نظيران موٽي اچي. اياز هي ڪھاڻي بہ بيانيہ طرز ۾ لکي آهي. اسان جي سماج ۾ کوڙ نظيران جھڙا ڪردار اڄ بہ موجود آهن ۽ غفور جھڙا به. اياز ڪھاڻي ۾ غفور کان پنھنجي غلطين کي پڇتاءُ ڪرائي ڄڻ ازالو ڪرائي ٿو پر اهوئي غفور جيڪو شروع ۾ ناڪاري ڪردار ۽ ٿوري دير بھتر ٿيڻ کان پوءِ انت ۾ عذرا جيڪا کيس گهر ۾ اچيس ٿي ان جي مٿي تي هٿ رکي (sexual Harassment) ڪري ٿو ۽ ان جي پيءُ کان سڱ گهرڻ جو سوچي ٿو.

سفيد وحشي: هن ڪھاڻيءَ ۾ اياز ٻہ مکيہ ڪردار ڏنا آهن. هڪڙو صديق جو ٻيو گلان جو. صديق مھاڻو ۽ گلان بہ سپيون کپائڻ واري هڪ غريب مھاڻي جي ڌيءَ آهي. اياز جي هي ڪھاڻي ورهاڱي کان اڳ جي معاشي، سماجي، سياسي ماحول جي عڪاسي ڪري ٿي. صديق مھاڻو جيڪو گلان کي چاهي ٿو ۽ ان سان شاديءَ رچائڻ جا خواب ڏسي ٿو ۽ ان وقت جي حڪمرانن جي ڪيل ظلمن کان واقف ٿي اندر ۾ بغاوت جا ٻج پوکي ٿو ۽ حڪمرانن خلاف نعري بازي ۽ تقريرن ٻڌي جڏهن گلان جي گهر کيس مڇيِءَ ڏيڻ لاءِ پھچي ٿو تہ گورا انگريز فقط 10 روپين عيوض کيس لڄ لوئي رهيا هجن ٿا. سندن من ۾ پيل نفرت /بغاوت اٻڙڪا کائي پوي ٿي ۽ ان ۾ هو خنجر ڪڍي گورن جو خاتمو ڪري ٿو.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي مطابق: سفيد وحشي وري آزاديءَ جي جدوجھد جي پسمنظر ۾ لکيل هڪ خوبصورت ڪھاڻي آهي. ان ۾ غلامي ۽ سرمائيداري خلاف گڏيل سڏيل احساس بيان ٿيل آهن. ليڪن تبليغي صورت بدران ان ۾ نھايت ئي فنڪارانہ طور ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. جيتوڻيڪ واقعي تي گمان شائبو ٿئي ٿو، تاهم سادي سودي ڪردارنگاري ۽ منظرڪشي ڪھاڻيءَ ۾ جذبائيت پيدا ڪري ڇڏي آهي.” (13)

اياز جي هن ڪھاڻي ۾ هر دؤر جي بک ۽ بدحالي جي سبب پيدا ٿيل خرابين وارن مسئلن ۽ خاص طرح سان انھيءَ دؤر جي سياسي هلچل ۽ عوام ۾ بغاوت جي تاريخ ملي ٿي.
ڊاڪٽر عبداالغفور ميمڻ سفيد وحشي ڪھاڻي بابت لکي ٿو: “جنھن وقت مسلمانن ۽ هندن ۾ تفريقي پرستي ۽ نفرت کي اڀاريو پئي ويو، ان وقت هن “سفيد وحشي” ڪھاڻي لکي عوام جي حقيقي دشمنن جي عڪاسي ڪئي. هن قومي ۽ سماجي جبر خلاف آواز اٿاريو. ڪھاڻي سفيد وحشي انگريزن خلاف نفرت جو اظھار آهي.”(14)


واچ جا ڪانٽا: ٻن هيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ ڪردارن نظير ۽ ايملي جي ڪھاڻي آهي. جيڪي گهٽ آمدني جي ڪري هڪ ٻئي جي محبتن ۾ گم هجن ٿا ۽ خوابن جي دنيا ۾ رڳو خواب ئي ڏسن ٿا پر ان خوابن جي دنيا جي ڪايا ئي پلٽجي وڃي ٿي. جڏهن نظير کي پنھنجي پيءُ جي مرڻ جي تار ملي ٿي، گهر جي ڀاتين جي پالڻ جي ذميواري مٿس اچي ٿي تہ هو هجڻ نہ هجڻ وارين ڪعفيتن ۾ هليو وڃي ٿو ۽ حادثي جو شڪار ٿئي ٿي. هن ڪھاڻي جو ڪلائمڪس اوترو خاص نہ آهي. اياز جون گهڻيون ڪھاڻيون محبت جي پلاٽ تي ٻڌل آهن. انھن ۾ مذهبن ۽ نظرين جي ويڙھہ گهٽ هجي ٿي جئين هن ڪھاڻي ۾ بہ ڪرستاين ۽ مسلمان جي ملڻ جي آس آهي. شيخ اياز خود بہ سڪيولر هو. ان ڪري ان جا ڪردار بہ سڪيولر سوچ رکندڙ آهن.

پاڙيسري: ڪھاڻي بہ اياز جي لبرل ۽ وطن دوست سوچ جو پرتوو آهي. ڪھاڻي جا ڪردار سيٺ شامنداس، خانو حجم ۽ پيسو ماءُ مڪمل ڪردار آهن. سندن ۾ ڪٿي بہ جهول نہ آهي. ٽئي ڪردار پنھنجي وطن، ان جي ماڻھن ۽ امن سان پيار ڪندڙ آهن ۽ مذهبي مت ڀيت واري سوچ کان مٿانھون سوچن ٿا. اياز جي هي ڪھاڻي هندو مسلمان فساد جي پس منظر ۾ لکيل آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو: شيخ اياز جي پاڙيسري ڪھاڻي ورهاڱي جي چؤٻول اٿل پٿل، حالات ۽ سياسي وٺ پڪڙ جي منظر کي ظاهر ڪري ٿي. (16)
ان کان پوءِ هندو مسلمانن جي ذهنيءَ ڪيفيت ٿئي ٿي ان کي بيان ڪيو آهي اياز جا ڪردار ڪو بہ اهڙو نفرت وارو جذبو نٿا رکن. هڪ اعليٰ آدرشي پاڙيسري وانگر هڪ ٻئي لاءِ محبت ۽ احترام جو آواز بلند ڪن ٿا. اياز جا ڪردار سيٺ شامنداس ۽ پيسو ماءُ جئين خانو کي چون ٿا تہ ان جو ذهن جهونجهڙجي وڃي ٿو. سيٺ شامنداس کيس چئي ٿو “مان جئيپور ۽ اڌيپور ۾ رهڻ بجاءَ سنڌي مسلمان ڀائرن کان مرڻ پسند ڪندس.” وري خانو جڏهن پيسو ماءُ کي مذاق ۾ چوي ٿو تہ “مان مسلم ليگي آهيان.” پيسو ماءُ چويس ٿي “تون کڻي لک مسلم ليگي هجين تہ بہ اسان لاءِ اهوئي ڀائو خانو آهين. اسان کي ماريندو.”
سنڌي جن جو مذهب هميشه کان انسانيت رهيو آهي. ائين خانو جي سوچن ۽ ڪھاڻي جو انت بہ ان سان ٿئي ٿو “جيئي سنڌ” تہ اهو ڀلا ڪنھن کي ڪئين ماريندو.

هي شاعر: اياز جي ان ڪردار جي ڪھاڻي آهي، جيڪو شاعري ڪري ٿو ۽ سندس ڪتاب ڇپجي اچيس ٿو ۽ اهو پنھنجي محبوبہ جي نالي ڪري ٿو. پر اها کيس ڇڏي ، گهڻي پئسي واري سان شادي ڪري ڇڏي ٿي. تضاد تہ ڪائنات جو بنيادي جز آهي. انسان جيڪو ڪجهہ ڪري ٿو ڀلي اهو ڪم ڀلو هجي يا خراب پر اهو کيس پسند نٿو اچيس. ائين اياز جي هن ڪھاڻي جو ڪردار خود ئي چوي ٿو “شعر شعر آهي ۽ چاندي چاندي.” ان کي پنھنجي شاعري کان نفرت ٿي وڃي ٿي. بک ۽ شاعري جي معنيٰ سمهجندي شاعر جو ڪردار منجهي پوي ٿو ۽ پنھنجي شاعري جا سڀ پنا ڦاڙي اڇلي ڇڏي ٿو. سندس سماج جي طبقن تي جک اچنس ٿا. هو شاعري کان توبھہ تائب ٿئي ٿو تہ اها ڪڏهن بہ تبديلي نٿي آڻي. اياز کي سماج مان بک، بدحالي ختم ڪرڻ/تبديل ڪرڻ جي تڙپ هئي. ان جا ترورا هن ڪردار ۾ بہ نظر اچن ٿا.

مسافر مڪراني: هن ڪھاڻي ۾ اياز غريب سنڌي مڪرانن جي معاشي ڏکائين ۽ جفاڪشن جو ذڪر ڪيو آهي. مونو لاگ انداز ۾ لکيل هن ڪھاڻِي ۾ اياز مزدور مڪراني عورتن جي مزدوري عيوض گهٽ اجوري تي افسرده آهي. مڪراني عورت جو هڪ ٻار جيڪو هن ڪھاڻي جو هڪ معصوم ڪردار آهي. جيڪو ٻاتي ٻوليءَ ۾ چئي ٿو/ڳائي ٿو:
اوٺو وڏو امان جو،
خرو وڏو ابا جو،
تئو وڏو امان جو،
ڇرو وڏو ابا جو،
پيٽ وڏو سيٺ جو،
پيٽ وڏو سيٺ جو.

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي مطابق: ”مسافر مڪراني ڪھاڻي ۾ هڪ ٻار جي معصوم فطرت جي عڪاسي ڪيل آهي. جنھن جي ٻاراڻين شرارتن ۽ حرڪتن ۾ امنگ سمايل آهن، ليڪن افلاس ۽ بک جو راڪاس هن جي تمنائن جو پنوڙي ساھہ ڪڍي ٿو ڇڏي. ٻار جي نفسيات کي سھڻي نموني ڇٽيو ويو آهي، مگر، پروپنگينڊا جي زوردار رنگ ڪھاڻيءَ جي فني پھلو جهڪو ڪري ڇڏيو آهي.“(17)
اياز جي اندر ۾ جيڪا شاعري جي ديوي ويٺل هئي. اها کيس ڪھاڻي ۾ بہ شاعريءَ ڪرائي ٿي. اياز ڪردارن کان بہ شاعري چوائي ٿو. اها هڪ تخليقار جي تمام وڏي خوبي آهي. اياز هن ڪھاڻي ۾ سيٺن .جي گودامن کي باھہ ڏئي غريبن جي سکيو ٿيڻ جي خواهش ڏيکاري آهي.

پنھل کان پوءِ: اياز جي خطن ۾ لکيل ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ هن پنھنجي محبوبہ کي خطن لکي يادگيرون/ساروڻيون لکيون آهن. شيخ اياز خود ئي چيو آهي تہ ڪي ڪھاڻيون خطن ۾ بہ لکجي وينديون آهن. پر اياز هن خطن واري ڪھاڻي جيڪا پيار/محبت جي جذبن جي/احساسن جي لفظن جي وسيلي جيڪا راند رچائي آهي. اها نرالي ۽ ڏاڍي خوبصورت آهي. شاعري بہ ڪئي اٿس جنھنجو مثال بہ موجودہ ساهيتہ جي ڪھاڻين ۾ نہ آهي/گهٽ آهي.

جمال ابڙي مطابق:
”منھنجون سڀ ڪھاڻيون اياز جي هڪڙي مشير نامو ڪھاڻي.“ (18)
اياز جي هن ڪھاڻي ۾ ٻوليءَ ڏاڍي دلنشين ۽ وڻندڙ آهي. ڪارو ڪاري جي موضوع تي لکيل هن ڪھاڻي ۾ هڪ اهڙو ڪردار جيڪو پنھنجي زال کي ڪاري ڪري ماري ٿو ۽ وٽس اچي ٿو تہ کيس سزا کان بچايو وڃي. اياز مشير نامو ۾ منظرڪشي زبردست ڪئي آهي. اياز ڪاري ٿي ويل ان ناريءَ جي احساسن کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ کيس ضمير گوارا نہ ٿو ڪري تہ ڪنھن بي گناھہ کي ڪاري ڪري قتل ڪندڙ کي هو سزا کان بچائي ۽ پاڻ ئي چئي ڏي ٿو تہ “وڪالت منھنجي وس جي ڳالھہ نہ آهي.”
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي مطابق: “اياز جون ڪھاڻيون ان وقت جي مسئلن ۽ سوچ جي پس منظر ۾ آهن. هو ڪھاڻيڪاري قائم نہ ڪري سگهيو. جي ائين ڪري ها تہ هو پھرين ڪھاڻيڪار لکيو وڃي ها.”(19)
شيخ اياز پنھنجي ڪھاڻي جي تخليقي جوهر ۾ هڪ مڪمل ۽ اعليٰ ڪٿا نويس آهي. هن جون ڪھاڻيون احساس جا انبار کڙا ڪري ٿيون ڇڏين، جن ۾ ان دؤر جو سياسي، سماجي مسئلا ۽ خيال سوچون آهن. جيڪا هڪ تاريخ آهن ۽ رهنديون.


حوالا
1. هڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر، “جي تند برابر توريان”، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، صفحو، 9، 1998ع.
2. ابڙو، جمال، “جي تند برابر توريان”، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، صفحو، 10، 1998ع.
3. شيخ، اياز، “جي تند برابر توريان”، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، صفحو، 11، 1998ع.
4. عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، صفحو 302، سال 1982ع.
5. ساڳيو
6. پيرزادو، ستار، “جي تند برابر توريان”، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، صفحو، 16، 1998ع.
7. ملڪاڻي، منگها رام، پروفيسر، “سنڌي نثر جي تاريخ”، زاب ادبي مرڪز حيدرآباد، صفحو، 52، 1998ع.
8. ڪلپنا، موهن، افسانوي ۽ فڪري ادب، مرتب: جامي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، صفحو 48، 2007ع.
9. ساڳيو
10. عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، صفحو 304، سال 1982ع.
11. ساڳيو
12. ميمڻ عبدالغفور، “سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر” (ٻيو ڇاپو) سنڌي لينگوئج اٿارٽي، حيدرآباد، صفحو141، 2017ع.
13. ابڙو، جمال، “جي تند برابر توريان”، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، صفحو، 10، 1998ع