لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جو تجزيو

هوش ڀٽي هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پھلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن جي ڪھاڻين ۽ ڪھاڻي ڪتابن تي سندس تنقيدي ۽ تفصيلي جائزا ڏنل آھن. ھوش ڀٽيءَ ھن ڪتاب ۾ شيخ اياز، انور ڪاڪا، لاکو شبير، محمد دين راڄڙي، عباس ڪوريجي، ڊاڪٽر تھمينہ مفتي، رسول ميمڻ، اخلاق انصاري، غلام نبي سومري، ڊاڪٽر وحيد جتوئي ۽ امير ابڙي جي ڪھاڻين جي مختلف پاسن تي ادبي تنقيد ۽ اڀياسي مضمون لکيا آھن.

Title Cover of book Jadeed Sindhi Kahane jo Tajzio

انور ڪاڪا: جديديت پڄاڻان جو احساساتي ڪھاڻيڪار

يوناني ڏاهي ارسطو چيو آهي: “اهميت چھري جي خوبصورتي جي نہ پر زبان جي خوبصورتي جي آهي، جيڪڏهن زبان خوبصورت ناهي تہ چھرو ڀلي ڪيترو بہ خوبصورت ڇو نہ هجي، اهُو اهلِ علم کي متاثر نہ ٿو ڪري.”
ائين ئي ڪا بہ تخليق اگر Anomie معيار جي قفدان يا بحران جو شڪار هوندي تہ اها ڪڏهن بہ ادبي حلقن ۾ جوڳي جاءِ ولاري نہ سگهندي ۽ نہ ئي پڙهندڙن کي متاثر ڪري سگهندي.
يا وري استاد ڪولرج چوي ٿو: “جتي مونجهارو هوندو اتي خوف پيدا ٿيندو ۽ خوف مان دل ۾ ڪاوڙ پيدا ٿئي ٿي، جيڪا ڌڪار جو سبب ٿي بنجي!”
ان لاءِ تخليق ڪار کي لکڻ وقت سھنج ٻوليءَ ۽ ابھام سان ڀرپور تخليقن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اڄ سنڌي ادب ۾ ڪھاڻي تمام گهڻي لکي وڃي ٿي ۽ جديد دؤر ۾ ڪھاڻي جا کوڙ نالا نڪري رهيا آهن. ان ڪري ڪھاڻي ۾ معيار، اثر ۽ سبب نہ هئڻ ڪري، پڙهندڙن ۾ مونجهارو جنم وٺي ٿو ۽ انھن جو ذائقو بہ خراب ٿي پوي ٿو، اهي ڳالھيون پوءِ پڙهندڙن کي سٺن ڪتابن کي پڙهڻ کان پري ڪن ٿيون.
ٻئي ڳالھہ جيڪا اوهان کي ٻڌندي حيرت ٿيندي اِهو ڪيترو نہ عجيب آهي تہ خود ليکڪ بہ خاص سبب ياري دوستي کان سواءِ تمام ٿورڙيون شيون سنجيدہ نموني پڙهندا آهن. جڏهن پڙهبو نہ تہ رايو ڪيئن جڙبو ۽ تخليقن جي خبر ڪيئن پوندي! اِهو وڏو الميو آهي اسان جي ٻوليءَ ۾.
سنڌي ڪھاڻي جي سگهاري نانءُ انور ڪاڪا جي ڪھاڻين جو ڳٽڪو بازار ۾ اچي چڪو آهي. “نڙي ۾ اٽڪيل سج” ڪتاب جي نالي تي فيس بوڪ تي سر ورق رکڻ سان سوال اٿاريا ويا ۽ استعارتي معنيٰ ۾ ڪو خاص معنيٰ خيز مطلب نہ ٿو وٺي سگهجي!
انور ڪاڪا جديد دؤر جي نقادن ڊاڪٽر غفور ميمڻ ۽ اڪبر لغاري رايو لکيو آهي. شير مھراڻي انور ڪاڪا جي ڪھاڻي ڪتاب جو مھاڳ سھڻي انداز ۾ لکي هڪ هڪ ڪھاڻي تي الڳ راءِ ڏني آهي. اهم ڪھاڻيڪار اخلاق انصاري ۽ امداد جعفري جا ويچار بہ خاص مفھوم رکندڙ آهن.
نقادن کي انور ڪاڪا جي ڪھاڻين ۾ ڪٿي بہ ڪا خامي يا غلطيون نظر نہ آيون آهن ۽ نہ ئي انھن جي ڪٿي بہ ڪا نشاندهي ڪئي وئي آهي. انور ڪاڪا سٺو ڪھاڻيڪار آهي. ايندڙ دؤر جو وڏو نالو بہ آهي. پر دنيا ۾ ڪا بہ شيءَ مڪمل نہ آهي. ان لاءِ انور جي ڪھاڻين ۾ ڪٿي نہ ڪٿي ڪي کوٽون ضرور هونديون. جن کي ظاهر نہ ڪري، تنقيد جو حق سھي ادا نہ ڪيو ويو آهي. ان سان تنقيد جي روح کي ضرب رسي ٿي.
نقاد اگر ڪنھن تخليق ڪار ۽ تخليق تي لکي ٿو تہ جيترو پاسو هُو خوبين کي نروار ڪري ٿو، اتي تخليق جي ٻين پاسن کي بحث هيٺ آڻڻ تمام ضروري آهي.
اداري پاران لکيل نوٽ ۾ سعيد سومري ڪجهہ هن ريت لکيو آهي: “هي ڪتاب نہ رڳو سنڌي ڪھاڻي پڙهندڙن لاءِ تحفي مثل آهي، پر ايندڙ ڪھاڻيڪار ساٿين لاءِ جديد ڪھاڻي جي فني ۽ فڪري اڻت جو سکيا گهر بہ آهي.”
سعيد سومري جي ان راءِ سان مون کي اختلاف آهي، انور ڪاڪا جون ڪھاڻيون ايڏي پد جون نہ آهن جو، اهي فني ۽ فڪري اڻت جو سکيا گهر ٿين. انور جون چند ڪھاڻيون فڪري حوالي سان اوچي پد جون آهن. باقي فني لحاظ کان انور جي ڪھاڻين تي ٽيڪا ٽيپڻي ڪري سگهجي ٿي.
انور ڪاڪا جديديت پڄاڻان جو احساساتي ڪھاڻيڪار آهي. سندس ڪھاڻين جا موضوع پوسٽ ماڊرن ازم جا آهن. جنھن جي نشاندهي ڊاڪٽر غفور ميمڻ بہ ڪئي آهي. انور جون سڀئي ڪھاڻيون ڪراچي شھر تي يعني شھري ماحول جي پس منظر ۾ لکيل آهن. ڪجهہ ڪھاڻيون آهن جيڪي ان ماحول کان هٽي ڪري بہ لکيون ويون آهن.

ٽيڙو: انور ڪاڪا جي هن ڪھاڻي لاءِ ڊاڪٽر شير مھراڻي لکيو آهي تہ هي ڪھاڻي حقيقت نگاري تي ٻڌل آهي. جڏهن تہ هن ڪھاڻي ۾ حقيقت جي ابتڙ ڳالھيون ڪيل آهن. انور جي هي ڪھاڻي غير حقيقي فڪشن ۾ اچي ٿي. فڪشن جا ٻہ قسم آهن. هڪ حقيقي ٻيو غير حقيقي. هن ڪھاڻي ۾ اهڙا واقعا آهن، جن ۾ حد درجي جي فئنٽيسي آهي. اهڙا قصا جيڪي ڪڏهن بہ حقيقت جو روپ نہ وٺي سگهن اهو ئي غير حقيقي فڪشن آهي.
مثال طور: ڪھاڻي ۾ هڪ اهڙوڪردار ڏيکاريو ويو آهي. جيڪو پنھنجي ننھن سان جنسي لاڳاپا رکي ٿو ۽ اها رشتي ۾ سندس ڀائٽي بہ آهي. وري پٽ جڏهن ان ڳالھہ تي احتجاج ڪري ٿو تہ ان کي گهران ڪڍي ڇڏي ٿو ۽ اهو هيروئني ٿي وڃي ٿو. اهي ڳالھيون تہ بلڪل بہ سمجهہ ۾ نہ ايندڙ آهن. سنڌ جا اخلاقي قدر ايترا بہ نہ ڪريا آهن جيترا ڪھاڻيڪار هن ڪھاڻي ۾ ڏيکاريا آهن ۽ سنڌي سماج ان نسبت سان ايترو خراب نہ ٿيو آهي. هن ڪھاڻي تي تمام وڏو بحث ڪري سگهجي ٿو پر اڀياس گهڻو طويل ٿي ويندو. ئي ڳالھہ جيڪا هن ڪھاڻي ۾ ڏيکاري وئي آهي. اها بہ انتھائي غير حقيقي آهي. هڪ هيروئني ٻي هيروئني کي وڏو پٿر هڻي ماري وجهي ٿو.هيروئني چوري ڪري سگهي ٿو پر قتل ڪرڻ هيروئني جي وس جي ڳالھہ نہ آهي ڇو تہ هيروئني نشي ۾ تمام گهڻو ٽن هوندا آهن نشي ۾ اڃا بہ هنن جي روش محبت ۽ نرمائي واري ٿي ويندي آهي. اها بہ مشاهدي جي کوٽ آهي، جيڪا ڪھاڻيڪار ڪري ويو آهي. فڪشن جي وڏي ۾ وڏي ڪسوٽي اها آهي تہ اهو فڪشن نہ لڳي پر هن ڪھاڻي ۾ صفا افسانوي رنگ آهي جنھن جو حقيقت سان ڪو تعلق نہ آهي.

مسجد جون اکيون: انور ڪاڪا جي هي ڪھاڻي STRESS ۾ ورتل هڪ اهڙي ڪردار جي ڪھاڻي آهي. جيڪو ايتري تہ ذهني دٻاءُ ۾ وتل آهي جو عبادت ڪندي بہ سندس ڌيان آپگهاتي بم هڻندڙ دهشتگرد ڏانھن آهي. مذهبي انتھاپسندي ۽ دهشتگردي جيڪا وڏن شھرن ۾ ڏينھون ڏينھن خطرناڪ صورتحال اختيار ڪندي پئي وڃي. ڪھاڻيڪار ان کي بہ خوبي ۽ خوبصورتيءَ سان لکيو آهي. ليکڪ جي هي ڪھاڻي شاندار ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ ڪردار جي اندورني اڻ تڻ ۽ نفسياتي دٻاءُ کي چٽيو ويو آهي.

اوکو پنڌ: هي ڪھاڻي بہ ڪراچيءَ جي پس منظر ۾ لکيل آهي. جنھن جو ڪردار هڪ صحافي آهي. ڪھاڻي جو انت واھہ جو شعوري موچڙو هڻندڙ مڪالمو آهي. جنھن کي پڙهڻ سان پاٺڪ حالي في لاحالي تہ سوچ ۾ وٺجي وڃي ٿو. ڪھاڻيڪار هن ڪھاڻي ۾ بہ شھري زندگي ۾ ايندڙ اهنجن، گهٽ ڪمائي ۽ خرچن جو ذڪر ڪيو آهي. انور ڪاڪا هڪ ڳالھہ ۾ ڪھاڻي ۾ ڌيان نہ ٿو ڏي اهو اهيو تہ هو ڪردارن جو تعارف نہ ٿو ڪرائي. هي ڪھاڻي بہ مسئلي سان شروع ٿئي ٿي. ڪردار جو ڪو خاص عڪس نہ ٿو جڙي نہ وري ڪو نالو ظاهر ٿئي ٿو. ڪردار مالي گهٽتائي ڪري STRESS جو شڪار هجي ٿو. جيڪو اڳيئن ڪھاڻي ۾ بہ هو. صفحي 47 تي آهي: “ڳوٺ ۾ جڏهن سيءُ سان گڏ بخار ايندو هئس تہ ماءُ کي چوندو هو، “امان او امان! وارو ڪر جيجل ٿڌي پاڻي جون پٽيون رک. صفا سڙي ويس.” هي ڳالھہ بہ سمجهہ ۾ نہ ايندڙ آهي. سيارو هجي يا اونھارو تہ جڏهن سيءَ وارو بخار ٿيندو آهي تہ ٿڌيون پٽيون نہ رکبيون آهن. ليکڪ ان معاملي ۾ مشاهدي ۾ گسي ويو آهي.

گهر: هي ڪھاڻي JOB SECURITY جي موضوع تي لکيل آهي. ماحول ۽ منظر ساڳيا ئي شھر جا آهن. ميٽرو پوليٽن شھر ڪراچي ۾ نوڪريون ڪندڙ ڪيتري حد تائين JOB STRESS جو شڪار هجن ٿا، اهو هن قصي ۾ بيان ڪيو ويو آهي. سنڌي ۾ هڙي نوعيت جي پھرين ڪھاڻي مون پڙهي آهي جنھن ۾ BOSS جا دڙڪا ۽ نوڪري جي حوالي سان پريشاني ۽ هڪ هيٺين طبقي جو ڪردار جيڪو جيئڻ لاءِ ڪيتري جدوجھد ڪري ٿو. ان کي ڪھاڻيڪار سھڻي نموني چٽيو آهي.

ٽيھين فيبروري: تخليق ڪار جون تخليقون ان جي تجربن ۽ مشاهدن تي مبني هونديون آهن. رسول حمزاتوف چيو آهي: “بابا چوندو هو، جيڪڏهن ڪنھن تحرير ۾ مصنف جو وجود محسوس نہ ٿئي تہ اها تحرير ڪنھن رستيتي ڊوڙندڙ بي سوار گهوڙي وانگي آهي.” انور ڪاڪي جي ڪھاڻين ۾ ان جو روح ضرور محسوس ٿئي ٿو. انور گهڻو عرصو ڪراچي شھر ۾ رهيو آهي ۽ رهي پيو. ان ڪري ان جي ڪھاڻين جي گهڻائي ڪراچي جي شھري ماحول جي چوگرد ملي ٿي. هن ڪھاڻي جو ڪردار ملھار پسند جي پرڻو ڪرڻ چاهي ٿو پر هزارين ڪوششن باوجود هن کي سڱ نہ ڏنو وڃي ٿو. جنھن سان هُو تمام گهڻو دل شڪستہ ۽ مايوس ٿي وڃي ٿو.
هندي ليکڪ پريم چند لاءِ چيو ويندو آهي تہ جڏهن هو ڪنھن ڪردار سان نڀائي نہ سگهندو آهي تہ کيس ماري وجهندو آهي. انور ڪاڪا جي ڪھاڻين جا ڪردار ضدي آهن ۽ سمجهتو نہ ٿا ڪن ۽ گهڻي قدر جذباتي آهن.جيئن هن ڪھاڻي جو ڪردار ملھار بہ هڪ دائرو ٺاهي ان ۾ ويھي رهي ٿو.


نڙيءَ ۾ اٽڪيل سج: هن ڪھاڻي جو نانءُ ڪتاب جي سر ورق تي آهي. نڙيءَ ۾ سج جو اٽڪڻ هڪ نئين ڳالھہ آهي. ان لاءِ فل وقت تہ سمجهہ ۾ نہ ٿي اچي پر عام ٿيڻ سان شايد هلي بہ وڃي. هن ڪھاڻي ۾ هڪ جملو آهي: “تڏهن هن کي لڳندو آهي، اجها ٿي سندس ساري جسم جي کل رجي ٺڪاءُ ڏيو اڏامي وڃي.” هي جملو بہ ابھام پيدا ڪري ٿو تہ جيڪا شيءَ رجي ٿي اها ٺڪاءُ ڪيئن ڏيندي ۽ ٻيو تہ کل رجڻ بعد ٺڪاءُ نہ ڪندي آهي. هي هڪ رومانوي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ بہ ڪو خاص تاثر نہ ٿو جڙي.

پراڻا ڪتاب: هن ڪھاڻي ۾ ٿوري عجيب ڳالھہ محسوس ٿئي ٿي، اها ائين جو هڪ نوجوان جيڪو روزاني پنھنجي ڪٻٽ مان ڪتاب عادتن ڪڍي پڙهندو آهي. ان جي باوجود بہ ان جي ماءُ اهي ڪتاب رديءَ ۾ ڪٻاڙيءَ کي ڏئي ڇڏي ٿي. هڪ پڙهيل ڪڙهيل نوجوان جي ماءُ اڻ پڙهيل هوندي بہ ائين نہ ٿي ڪري سگهي. ڪھاڻي ۾ ٻولي سٺي آهي پر هڪ ڊاڪٽر کي ايتري بک نہ ٿي ٿي سگهي جو هُو ڪتاب سو بہ پيءُ جا سانڍيل ڪتاب ٽڪي پئسي تي تور ۾ کپائي. ڪھاڻي جا Cause and effect چٽا نہ آهن. اگر Cause آهي تہ Effects نہ آهي.

ڀونڊو: شخصيت جا ٻہ رخُ رکندڙ سماج جا فرد هميشه معاشري کي اندروني طرح نقصان ڏيندا رهيا آهن. هي ڪھاڻي بہ انھن ماڻھن کي ڀونڊو آهي. ڀونڊو، ليکڪ جي ڪامياب ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ صاف سٿري ڪردار جا ٻہ چھرا سامھون اچي وڃن ٿا.

روزي: انور ڪاڪا جي وجودي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ وجودي احساس ذري ذري ڀريل آهن، ان سان گڏ ڪراچيءَ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ کي بہ موضوع بنايو ويو آهي. اتي وري هڪ سوال اِهو بہ اٿي ٿو تہ هڪ رنگ ڪرڻ وارو مزدور ماڻھو هڪ ڏاهي وانگر فلسفيانہ نقطا ڪيئن سوچي ٿو. ٻي پاسي هن ڪھاڻي ۾ شھري زندگي ۾ درپيش للڪارن ۽ زندگيءَ جا ڀيانڪ منظر نظر اچن ٿا. ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي گهڻي ڏکائيندڙ آهي. انور ي ڪھاڻين ۾ڪافي يڪسانيت بہ آهي. جيئن اوکو پنڌ ڪھاڻي ۾ ڪردار کي بخار آهي هن ۾ بہ مک ڪردار بخار ۾ وتل آهي.

سڏڪا: انور جي ڪھاڻين جا نالا تمام گهڻا مختصر ۽ هڪ لفظ تي مشتمل آهن. ليکڪ ان پاسي بہ گهٽ ڌيان ڏنو آهي. عنوان وڏي اهميت رکندا آهن. سڏڪا ڪھاڻي هڪ بھترين ڪھاڻي آهي. جنھن مان پڙهندڙن تي اها ڳالھہ واضع ٿي وڃي ٿي تہ ڪنھن شيءَ جو اڳواٽ ڪو فيصلو نہ ڪرڻ گهرجي. هن ڪھاڻي جو عنوان ڪو ٻيو هجي ها.

جيون ڳڀا ڳڀا: انور ڪاڪا جي ڪھاڻين ۾ درد تہ آهي پر صرف درد ئي ڪنھن تخليق جي معياري ڪوسٽي نہ ٿو ٿي سگهي. جيون ڳڀا ڳڀا هڪ شھري نوجوان جو داستان آهي. شھري زندگي Multi Task رکندڙ زندگي هوندي آهي ۽ ماڻھو کي هر وقت ڪرڻ لاءِ گهڻو لوچڻو پوندو آهي ۽ دونھاٽيل شھر ۾ ننڊ آرام ۽ سڪون گهٽ ميسر ٿيندو آهي. ان حالت ۾ ماڻھو گهڻو ذهني دٻاءُ STRESS ۾ هوندو آهي. جيڪڏهن هڪڙو ماڻھو گهر ڏي ٻٽون وساري ٿو اچي تہ بس جي منشي کي ڪرايو ڪٿان ٿو ڏي! ۽ آچر بازار پھچي ٿو.

ايڊيٽوريل: انور جون تقريبن ڪھاڻيون وڏن شھرن جي ماحول سان سنيگاريل آهن. هن ڪھاڻي ۾ ڪراچيءَ ۽ اسلام آباد جي شھرن جو ماحول چٽيل آهي. انور جي هي ڪھاڻي صحافتي انداز ۾ لکيل آهي. ڪالم ڪھاڻي چئجي تہ ٺيڪ رهندو. بيانيہ انداز ۾ لکيل هن ڪھاڻي ۾ سڀ ڳالھيون سنئيون سڌيون چيل آهن. انھن ۾ ڪو بہ تخليقي هڳاءُ نہ ڀريو ويو آهي. هڪ ڀيڻ پنھنجي ڀاءُ شڪيل جي نوڪري خاطر وڏي عمر جي ايم پي اي سان شادي ڪري ٿي. اتي کيس ڏک ملن ٿا ۽ خودڪشي ڪري ڇڏي ٿي. هن ڪھاڻي ۾ جتي بيروزگاري، نوڪري حاصل ڪرڻ ۽ سفارشي ڪلچر، سماجي اوچ نيچ ۽ ٻين مسئلن کي کنيو ويو آهي. پر ڪھاڻي جي ٽريٽمينٽ ۾ پوئتي رهجي ويو آهي. تخليقي عنصر کان بنھہ خالي هي ڪھاڻي رپورٽنگ لڳي ٿي.

ارپنا: انور جي هي ڪھاڻي پڙهي مون کي ڀڳت ڪبير جو دوهو ياد اچي ويو:
برا جو دهوندني نڪلا تو برا نا ملا ڪوئي،
کودا جو مين ني من اپنا مجهہ سي برا نا ڪوئي.

ليکڪ جي هي ڪھاڻي طبقاتي نظام ۽ انھن جي سوچن تي معياري ۽ ڪامياب ڪھاڻي آهي.

شير پاڏو: انور ڪاڪا هڪ مڪمل حساس ۽ نفيس ڪھاڻيڪار آهي. ان باوجود سندس ڪھاڻين گهڻو تڻو سگريٽن جو ذڪر آهي. جيڪا هڪ سماجي برائي ۽ صحتي خرابي بہ آهي. هن قصي ۾ وڏيرو، زميندار ۽ انھن جي اولاد، سريتون، عياشي ۽ وڏيرڪيون حرام پايون سڀ ليکڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هڪ پاڏي جي چوري کي انا جو معاملو بنائي ايڏي ڊيگهہ ڪئي وئي آهي جو ڳوٺ ٿرٿلي ۾ هجي ٿو. انور سائين جي هي ڪھاڻي روايتي هجڻ سان گڏ افسانوي بہ آهي.

پاڻيءَ جو گلاس: انور ڪاڪا جي شاهڪار ڪھاڻي آهي. هن ڪھاڻي ذريعي پاٺڪن ڏي هاڪاري ۽ مثبت پيغام وڃي ٿو. اڄ جيڪو مذهبي خانقاهن ۾ آپگهاتي بمن ۽ حملن جو سلسلو جڙيو آهي ان وڃي انور جھڙي تخليقڪار جي ذهن ۾ گهر ڪيو ۽ ان مان هي شاندار تخليق جنم وٺي نڪتي آهي. جھڙي طرح آپگهاتي بمبار کي ٻار جي پاڻي پيارڻ واري ادا تي ذهن جهونجهوڙجي حقيقي نيڪي ڏانھن مائل ٿئي ٿو اهو هڪ ليکڪ جي فنڪاري جو ڪمال آهي جيڪو هن ڪھاڻي مان جهلڪي ٿو.

دوزخ جي ڇانو ۾..: انور گهري سوچ رکندڙ ذهين ڪھاڻيڪار آهي. ان سبب سندس تخليقن ۾ کوڙ ادبي لاڙا ۽ رجحان پاڻھو ڄاڻ اچي وڃن ٿا. دوزخ جي ڇانو ۾.. انور جي وجوديت جي فڪر تي لکيل ٻيئن ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ ڪردار پنھنجي سڃاڻپ جي ڳولا ۾ پريشان آهن، ڪوشان آهن. ڪھاڻي ۾ سٺيون تشبيھون بہ ڏنيون ويون آهن. جئين: “ڇوڪري جو چھرو ائين ٿي ويو ڄڻ ڪا پراڻي ڏار پيل چيڪي مٽي واري اوڏڪي ڀت..” هن ڪھاڻي ۾ ڪٿي گرامر جون ننڍڙيون چڪون بہ آهن تہ ڪي مڪالما ورجائجي بہ ويا آهن. فضا ساڳئي ڪراچيءَ واري آهي. نڙيءَ ۾ڪنڊا اٽڪڻ تہ ٻڌو آهي پر انور نڙيءَ ۾ پٿر اٽڪڻ جو نيئن تشبيھہ ڪم آندي آهي. ان بابت ڪجهہ چئي نہ ٿو سگهجي. جيستائين اها تشبيھہ عام ٿئي. ڪھاڻي جي پڄاڻي ٻن پريمين جي جهيڙي کان پوءِ ڏاڍي هاڪاري ڪئي وئي آهي. جيڪا سٺي ڳالھہ آهي.

ٻور آهيون..: ٻور آهيون جو آدرشي ڪردار سائين محمد عرس پنھنجي دوست جمن کي پئسن تي نوڪري وٺي ڏئي ٿو. ليکڪ خود جنھن ڪردار کي تعليمي بھتري ۽ سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندي ڏيکاري ٿو اتي اهو ڪردار رشوت عيوض نوڪري وٺي ڪردار جي مڪملتا تي سوال اٿاري ٿو. هڪ پاسي محمد عرس بھتري لاءِ وڙهي ٿو تہ ٻئي پاسي ڪرپشن جي وهندڙ درياھہ ۾ لڙهي وڃي ٿو.

آليون اکيون: انور جي ڪھاڻين ۾ درد جا احساس عجيب ڪيفيت طاري ڪن ٿا. ڪاڪا جون ڪھاڻيون ۽ انھن جا ڪردار جتي ڊڄڻا، STRESS جا مريض آهن اتي انھن ۾ ايثار جو جذبو عيان آهي. هن ڪھاڻي ۾ زبردست نموني انور ان کي بيان ڪيو آهي.

اڪيلا ناهيون: هي ڪھاڻي يونيورسٽيءَ جي اهڙي الھڙ، چنچل ۽ آزاديءَ وارن منظرن سان ڀرپور آهي. هميشه اهو ٻڌو ويو آهي تہ هندو ڇوڪري مذهب مٽائي مسلمان ٿي پيار پرڻو ڪندي آهي پر هن ڪھاڻي ۾ ڪھاڻيڪار ان جي ابتڙ نيئن سوچ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪھاڻي جي پڄاڻي هڪ مسلمان ڇوڪري جي هندو ٿي شادي ڪرڻ سان ٿئي ٿي جيڪو هڪ بھترين اعليٰ انساني قدر رکندڙ پيغام آهي.

ٽاور.. ٽاور..: ڪراچي شھر جي مالڪي لاءِ سنڌي ڪيتري قدر پريشان آهن اهو احساس بہ هن ڪھاڻي ۾ شامل آهي. ڪراچي انور جو خاص موضوع ۽ وڻندڙ موضوع آهي. ٻھراڙي جو نوجوان ڪراچي ۾ بس تي منشي گيري ڪري ٿو پر رش ۽ ڪراچي جو تڪڙو ماحول مٿس خوف طاري ڪري ڇڏي ٿو ۽ ذهني ۽ نفسياتي دٻاءُ ڪري کانئس اسٽاپ جا نالا وسري وڃن ٿا. سچ پچ تہ انور سنڌين جي ڪراچي ۾ موجود هئڻ واري خوف ۽ حراس کي حقيقي معنيٰ ۾ عڪس بند ڪيو آهي. گهرو درد رکندڙ هن ڪھاڻي جو انت پڙهندڙ جي اندر ۾ڪنھن زهريلي تير وانگر هڻي وڃي ٿو.

اي مينھن! وسين ڇو نہ ٿو..؟: انور کي احساسن ۽ ڪيفيتن بيان ڪرڻ جو وڏو هنر آهي. هي ڪھاڻي هڪ استاد سائين الياس جي آهي، انور پاڻ بہ هڪ آدرشي ۽ ايماندار استاد ٿي رهيو آهي. انور جي هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ ڪافي تعليمي ڪھاڻيون بہ آهن. هي ڪھاڻي تعليم، خانگي تعليم، استادن ۽ شاگردن جي الڳ الڳ احساسن ۽ نفسيات کي ظاهر ڪري ٿي. هي انور جي ڏاڍي احساساتي ڪھاڻي آهي. جنھن کي پڙهڻ سان ٿڌا ساھہ ڀرجي وڃن ٿا. هن ڪھاڻي جي ڪردار سائين الياس جي پٽ جو حادثو ڪيئن ٿيو؟ ۽ ڪيئن سندس ٽنگون ناڪارا ٿيون اهو بہ ڏيکارڻ گهرجي ها تہ ڪھاڻي اثرائتي ٿي وڃي ها.

مندر: ڪھاڻي گهٽ روپوٽنگ وڌيڪ لڳي ٿي. ڪھاڻي جو موضوع هندن سان ٿيندڙ ڏاڍايون آهن. شروعات ۾ تہ ان کي هاڪاري معنيٰ ۾ ڏيکاريو سٺو تاثر پوي ٿو پر آخر ۾ سڄو تاثر ٽٽي پوي ٿو. هن ڪھاڻي ۾ مون کي ڪھاڻي پڻو گهٽ نظر آيو.

روڳ: جيتوڻيڪ سنڌي معاشري ۾ جنس تبديل ڪرائڻ عام ڳالھہ نہ آهي. ان جي باوجود روڳ ڪھاڻي اسان جي سماج ۾ موجود جنسي وڇوٽيءَ کي، مرد ۽ عورت جي الڳ مخلوق واري مفروضي کي ظاهر ڪري ٿي.
سنڌي سماج ۾ عورت کي هروڀرون مرد کان الڳ رهڻ ۽ نفرت ڪرڻ جي ذهينت جوڙي وڃي ٿي. جنھن معاملي کي انور ڪاڪا انتھائي سٺي انداز ۾ لکيو آهي. اهڙيون ڪھاڻيون سنڌي پڙهندڙن کي پڙهڻ لاءِ گهٽ ملن ٿيون. عورت جي نفسيات کي سمجهڻ بنھہ ڏکيو ڪم آهي. پر ڪاڪا خوبصورتيءَ سان هڪ الھڙ ڇوڪري جي مخالف جنس کان اجائي نفرت کي پڙهندڙن اڳيان آڻي ٿو. نسيم جي وسيم ٿيڻ جو جواز بہ ڪھاڻي ۾ پيش نہ ڪيو ويو آهي. پوءِ بہ هي ڪھاڻي انور جي بھترين ڪھاڻي آهي. جنھن جو موضوع تمام نرالو آهي.

ڄانڀو: ڪھاڻي ڪاڪا جي ماحولياتي ڪھاڻي آهي. انسان مصنوعي شيون جوڙي هڪ پاسي پنھنجو فائدو ڪيو آهي تہ ٻي پاسي ماحولياتي گدلاڻ ۽ خطرن کي پڻ وڌائي ڇڏيو آهي. هي انور جي مشاهداتي ڪھاڻي ٿي سگهي ٿي. فني لحاظ کان هڪ پوري ڪھاڻي آهي پر فڪري حوالي سان بہ مضبوط آهي. جنھن سان هڪ پيغام وڃي ٿو تہ انسان کي مصنوعي دوائن ۽ ڀاڻ کان پاسو ڪرڻ کپي ۽ احتياط بہ.
انور ڪاڪا جو شين کي ڏسڻ جو جدا PARADIGM يعني ڏسڻ جو انداز آهي. سندس نثري شاعريءَ جو ڪتاب “وصيت نامو” جنھن تخليقي جوهر سان ڀريل آهي اهو اثر ڪھاڻين ۾ گهٽ آهي. انور ڪاڪا نثري نظم جو اوچي پد جو شاعر آهي ۽ مون کي ان جي نثري شاعريءَ تمام گهڻو متاثر ڪيو هو. انور جي ڪھاڻين تي مجموعي راءِ رقم ڪجي تہ هن جون ڪھاڻيون ۽ انھن جا موضوع، ڪردار ۽ پڄاڻي يا ان جي ڪھاڻين جا نالا هجن. مسجد جون اکيون ۽ پاڻي جو گلاس خوبصورت تشبيھاتي نانءُ آهن ۽ هي ٻئي ڪھاڻيون موضوع جي هڪجهڙائي جي باوجود جديديت پڄاڻان سنڌي ۾ ڪلاسيڪل ڪھاڻيون آهن.
فلائيبر هڪ هنڌ چيو آهي: “هر هڪ ليکڪ پنھنجي رچنا ۾ ايترو ئي لڪل هوندو آهي. جيترو خدا پنھنجي خلقيل قدرت اندر.”
ان ۾ ڪو بہ گمان نہ آهي تہ انور جي تخليقي قدرت ڪا ڪمزور آهي. هو پنھنجي شاعريءَ ۽ ڪھاڻين ۾ هڪ بھترين ليکڪ وانگي زندگي جي جذبات، احساسن ۽ رنگن کي ڪاريگري سان اوتي ٿو. اهو هنر ٻين ليکڪن وٽ گهٽ آهي.
ٻئي ڳالھہ جيڪا چوڻ چاهيندس تہ بيانيہ انداز ۾ سندس سڀ ڪھاڻيون آهن تہ هو ڪجهہ گهاڙيٽي کي تبديل ڪري.
قوم لاءِ لکڻ اهو شاعري ڪرڻ هجي يا ڪھاڻيون لکڻ يا ڪي ٻيون شيون، اهي پنھنجي ذاتي تسڪين لاءِ نہ هونديون آهن. پر ان جو مقصد پنھنجي ۽ ٻين جي احساسن کي هر عام تائين پھچائي ڪو دڳ جوڙڻو آهي. اهو فن ۽ هنر انور ڪاڪا وٽ آهي. ان جي ڪھاڻين جي حساسيت ۽ ان ۾ ڪردارن جي جذبات ۽ منظرنگاري بہ ڇا خوبصورتي آڻي ٿي. اهو انور ڪاڪا جون ڪھاڻيون پڙهڻ کان پوءِ ئي چئي سگهجي ٿو ۽ حقيقي معنيٰ ۾ انور ڪاڪا سنڌي ٻوليءَ جو سگهارو شاعر ۽ ڪھاڻيڪار آهي.