عباس ڪوريجي جي ”جديد ڪھاڻي فن ۽ موضوع“ جو مطالعو
قمبرائي... ها قمبراڻين جو ڪم هميشہ شان مان وارو رهيو آهي. قمبر سان تعلق رکندڙ شخصيتن جو ذڪر نڪرندو تہ وڏا وڏا نالا نڪري سامھون اچي ايندا. قمبر جا انصاري ڀائر هجن، قمبر جو ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هجي يا ٻرڙا ڀائر، چانڊين جو ذڪر نڪري تہ جامي چانڊئي جھڙي دانشور کان ويندي سرمد چانڊئي شاعر ۽ عزيز قاسماڻي ڪھاڻيڪار تائين ۽ سومرا ڀائر جن ۾ سعيد سومرو سر فھرست ۽ نشانبر آهي، جنھن ڪنول پبليڪيشن جھڙي بھترين ڇپائي گهر جو بنياد رکي، سنڌ جي غريب اديبن ۽ شاعرن جا کوڙ سارا ڪتاب ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندا آهن ۽ پاڻ سعيد سومرو جديد سنڌ جي نمائيندہ شاعرن منجهان آهي. جنھن سنڌي ادب ۾ چندن جھڙن خوبصورت شاعريءَ جي صنف پڻ متعارف ڪرائي آهي.
شيخ اياز چيو آهي:
ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا، تون ئي منھنجو خواب،
تون ئي آهين جواب، صدين جي سوال جو.
عباس ڪوريجو قمبر جي انھن جاکوڙي ۽ جفاڪش نوجوانن جو تسلسل آهي، جن پنھنجي محنت ۽ جدوجھد سان پنھنجو پورهيو پئي ڪيو آهي ۽ پاڻ مڃايو آهي. عباس ڪوريجو تمام گهڻين خوبين جو مالڪ آهي، مون کيس منچ تي خوبصورت انداز ۾ پروگرامن جي ميزباني ڪندي ڏٺو آهي، هو سٺو ڪمپئير آهي. سندس ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ مھارت تہ ڪنھن کان ڳجهي ناهي. عباس ڪوريجو شاعري بہ ڪئي. هو سٺو ڪھاڻيڪار آهي. سندس ڪھاڻين جا ٻہ مجموعا اچي چڪا آهن. جن مان کيس ٻئي مجموعي “پنھنجي ڌرتي” تي ٻولي اختياري اداري پاران ايوارڊ بہ مليو آهي. تازو جڏهن عباس جو ايم-اي ڊگري جي حاصلات لاءِ لکيل مقالو ڪتابي شڪل ۾ ڇپجي اڳيان آيو تہ عباس جي هڪ ٻئي هوشارپ يا گڻ بہ نروار ٿي نڪري آيو اهو ڪيليگرافي جو هنر آهي. هو سٺو ڪليگرافر بہ آهي. اها شايد گهٽ ماڻھن کي ڄاڻ هجي. “جديد ڪھاڻي فن ۽ موضوع” ڪتاب جي سرورق جي ڪليگرافي عباس ڪوريجي نھايت ئي سھڻي نموني سان پاڻ ڪئي آهي. ان لاءِ کيس وڌ ۾ وڌ ساراهي سگهجي ٿو. عباس ڪوريجو منھنجي انھن چند دوستن منجهان آهي. جن سان ملي ڪري مون کي هميشہ اتساھہ ئي ملندو آهي. نيئن سر ڪم ڪرڻ جو جنون ۽ توانائي بہ. عباس ڪوريجو پنھنجي شخصيت ۾ سدائين کل مک ۽ وڏا زندھہ دلي جا ٽھڪ ڏيندڙ ۽ خوش لباس رهندو آهي. عباس جو ٽيون ڪتاب جيڪو هن ايم-اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ پيش ڪيل مقالو آهي. جنھن جو نالو “سال 2000ع کان 2014ع تائين شايع ٿيل ڪھاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو” آهي. ڪتابي صورت ۾ سندس نالو “جديد ڪھاڻي—فن ۽ موضوع” جيڪو آگسٽ 2015ع ۾ ڇپيو آهي. هي ڪتاب سنڌي ڪھاڻي ۽ سنڌي نثري ميدان ۾ لاڀائتو ۽ اهم اضافو ٿيو آهي.
سنڌ ۾ تنقيد ۽ تحقيق جا لاڙا ايڏو جديد دؤر هوندي بہ سائنسي نموني نہ اچي سگهيا آهن. تنقيد ڪرڻ ڏوھہ ۽ تحقيق ڪرڻ واندن جو ڪم آهي. اسان وٽ عام طور اديب ائين سوڇن ٿا. پر تنقيد ۽ تحقيق دنيا جي هر ٻوليءَ جي ادب ۽ سڀني شعبن ۾ ٻارڻ جو ڪم ڏين ٿيون.
جئين محمد ابراهيم جوئي چيو آهي: ”ادب ۽ علم جي دنيا ۾ تنقيد ائين آهي. جئين زمين ۾ ڀاڻ، جنھن سان امنگ جا، فڪر جا ۽ تجربي جا ڦٽندڙ سلا ڀلا ٿي ڄمن ٿا، پوري طرح وڌن ٿا ۽ وڏا سنگ جهلين ٿا ۽ڪڻن مان ڪيچ لھن ٿا.“
افسوس سان اسان وٽ ادارا ۽ ماڻھو هجڻ جي باوجود اهي فن ترقي نہ ڪري سگهيا آهن. عباس ڪوريجي جو هي مقالو ڪھاڻي جي حوالي سان تحقيق جي ميدان ۾ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو، جنھن ۾ موجود مواد نئون ۽ اُڇت آهي. هن مقالي ۾ روايت کان جديديت تائين جي سفر جي معلومات ملي ٿي. هن مقالي لکڻ ۾ عباس ڪوريجي جي رهنمائي سنڌ جي وڏي اسڪالر ۽ شيخ اياز جي شارح ڊاڪٽر انور افگار هڪڙي صاحب ڪئي آهي. آءُ پاڻ سائين هڪڙي صاحب جو شاگرد آهيان ۽ سندس ڪم ۽ تحقيق مان متاثر آهيان. هن مقالي تي لکڻ منھنجي لاءِ ڏکيو ڪم آهي. پر پوءِ بہ هن مقالي جي مطالعي دؤران مون کي جيڪي ڳالھيون يا رايا جڙيا آهن؛ اهي هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ ڏيڻ گهران ٿو. جيڪي چُڪن سان ڀرپور بہ ٿي سگهن ٿا. هي مقالو چئن فصلن ۾ ورهايو ويو آهي:
فصل پھريون: ڪھاڻي ڇا کي چئجي؟ جي عنوان سان آهي. فصل پھرئين جا اٺ ننڍا عنوان آهن. جنھن ۾ پھريون عنوان “ڪھاڻي جي ڪھاڻي” آهي. ڪھاڻيءَ جي ڪھاڻي ۾ ڪھاڻي جي اوريجن ۽ تاريخ تي ناليرن شخصيتن ۽ ڪھاڻيڪارن جا رايا ڏنا ويا آهن.
ڪھاڻيءَ جي ڪھاڻي وارو عنوان پڙهڻ کان پوءِ اهو صاف ٿي وڃي ٿو ۽ سمجهہ ۾ اچي وڃي ٿو تہ ڪھاڻي ڪئين شروع ٿي ۽ ان جو گهاڙيٽو ۽ ان جي پيدائش ۽ ان جا بنيادي ڪھڙا ۽ ڪيئن هئا. اڪيڊمڪ لحاظ کان ڏٺو وڃي تہ ان شيءَ جي اهميت ضرور آهي ۽ نيئن پڙهندڙ لاءِ اهي رايا ۽ تاريخي ڇھاءُ دلچسپ ۽ ڄاڻ سان ڀريل آهن. انھن ۾ جيڪي کوٽون مون کي نظر اچن ٿيون:
هڪ تہ انھن راين ۾ ترتيب نہ آهي.
ٻيو تہ انھن ۾ انگريزي، اردو ۽ سنڌي اديبن جي تجزين کي دؤر وار نہ رکيو ويو آهي.
ٻيو تہ وصف يا صطلاح جي حوالي سان ڪھاڻي بابت مفھوم ڪتابن جا جيئن: انسائيڪلوپيڊيا يا ادبي اصطلاحات جي ڪتابن جا حوالا اڳ ۾ رکڻ گهرجن ها.
ٻيو تہ رايو تُز ۽ مختصر ڏبو آهي. ڊگهو حوالو خوبصورتي گهٽائيندو آهي. محمد اسماعيل عرساڻي جو حوالو ڊگهو ٿي وڃي ٿو.
ايڊگر ايلن پو جي ڪھاڻي واري وصف هن ننڍڙي باب ۾ ٻہ دفعا ڏني وئي آهي.
انھن ڳالھين کان سواءِ هي ننڍڙو عنوان “ڪھاڻيءَ جي ڪھاڻي” ڪنھن ڪھاڻي کان گهٽ نہ آهي. يا ڪھاڻي بابت ليکڪ جي پنھنجي راءِ يا وصف: “ڪھاڻي هڪ آبشار مثل آهي، جنھن جو پاڻي (مرڪزي خيال) هيٺ ڪرڻ کان پوءِ وهڪرو (پلاٽ) پاڻ ٺاهيندو، ڪنھن نہ ڪنھن نديءَ ۾ وڃي ڇوڙ (ڪلائيمڪس) ڪندو آهي.” ڏاڍي وڻندڙ آهي.
ارتقا، تاريخ، فن ۽ عنصر:
هي عنوان مٿئين عنوان ڪھاڻيءَ جي ڪھاڻي سان جھڙوڪ ملندڙ آهي. ها هن فن بابت ۽ ڪھاڻي بابت ۽ ڪھاڻي جي ٽيڪنڪ جي جزن بابت ڪيل Interpertation نھايت اهم آهي. جيڪا نون لکندڙن ۽ ڪھاڻي جي تدريس ۾ وڏي مدد ڏئي ٿي. ارتقا ۽ تاريخ جي ڳالھہ جو ڄڻ ورجاءُ ٿئي ٿو. ڇو تہ اسان ڪھاڻيءَ جي ڪھاڻي ۾ پڙهي اچون ٿا تہ داستان ۽ قصي مان ڪھاڻي جنم ورتو ۽ اها ارڙهين صدي ۾ يورپ ۾ جڏهن صنعتي دؤر آيو تہ ڪھاڻي جديد روپ اختيار ڪيو.
• هن باب ۾ ڪھاڻي يا فساني جو منجهارو پيدا ٿئي ٿو جيڪو اڳيئن بابن ۾ هل يچٽي ٿي بيھي رهي ٿو.
• هن باب ۾ بہ حوالن ڏيڻ ۾ ليکڪ ورجاءُ جو شڪار ٿي ويو آهي. ڊاڪٽر فھميده حسين جو حوالو جيڪو صفحي 21 تي ڏنل آهي يعني ڪھاڻيءَ جي ڪھاڻي ۾. اهو صفحي 24 تي ساڳيو حوالو ڏنو ويو آهي.
• مون کي الائي ڇو ائين محسوس ٿئي ٿو تہ ٽيڪنڪ واري باب ۾ اعليٰ ڪھاڻيڪارن جو ڪھاڻي بابت خيال دنياوي ادب ۽ سنڌي ادب ۾ جئين جمال ابڙو آهي وغيرہ جو حوالو ضرور ڏيڻ گهرجي ها.
سنڌ ۾ جمال ابڙي جون ڪھاڻيون ڪلاسڪ جو درجو رکندڙ آهن ۽ هو ڪلاسيڪل ڪھاڻيڪار آهي. جمال ابڙي ڪھاڻي جي فني سٽاءُ لاءِ هيٺيون چار ڳالھيون ضروري قرار ڏينون آهن:
1. ڪھاڻي اهڙي دلچسپ هجي جو لس پڙهي وڃجي ۽ ڇڏڻ تي دل نہ چوي.
2. پڙهڻ وارو ان ۾ ايڏو سمائجي وڃي، پاڻ کي ڪھاڻي جو ڪردار سمجهڻ لڳي.
3. پڙهندڙ ڪھاڻي جي چوٽ يا انت تي بنا انت بہ هُو ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪرڻ لاءِ سوچي.
4. ڪھاڻي جو ڪردار ڀلي هٿيار ڦٽا ڪري، ٻيڙي ٻڌڻ ڏئي، تہ بہ پڙهندڙ کي ضمير جهنجهوڙ ايتري اچي جو حل ڳولھڻ ۾ مددگار ٿئي. ائين ٿيو تہ محنت سڦل وئي.
ڪھاڻي جون فني خوبيون:
هن ننڍڙي عنوان هيٺ بہ بھتر انداز ۾ ڪھاڻي جي فني لوازمات تي سمجهاڻي ڏني وئي آهي. فني خوبين جي پٽار ڪندي وري هلڪو تاريخي پس منظر بہ پيش ڪيو آهي. جيڪو دهراءُ لڳي ٿو. دؤر جديد جي تناظر ۾ ڪھاڻين جي فني خوبين تي ڳالھائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ۽ ڪھاڻي پنھنجي روايتي دڳ ابتدا_عروج ۽ انت کان هٽي ڪري هڪ الڳ دنيا ۾ گهري پئي آهي ۽ سرمائيدارنہ دؤر جي رستن تي هلڻ لڳي آهي.
سنڌ جي وڏي نقاد ۽ دانشور رسول بخش پليجي پنھنجي هڪ مضمون “پنھنجي ادب کي زور وٺايون” ۾ لکيو آهي: “ادب ماڻھن لاءِ آهي، ماڻھو ادب لاءِ نہ آهي، ادب جا ڪي نمونا هڪڙن ملڪن ۾ ماحول لاءِ ڪارائتا آهن پر ٻين لاءِ نہ آهن. افساني جو يورپي ۽ آمريڪي نمونو جنھن جو اڄڪلھہ هر هنڌ نقل ڪيو پيو وڃي، سو اسان جي ڏانءُ وٽان ناهي!”
پليجي صاحب جي راءِ سان سھمت بہ ٿجي تہ ٿي سگهجي ٿو ۽ ڪٿي وري اڄ جي سماجي تبديلي کي نظر ۾ اڳيان رکي بين الاقواميت کي ڏسون ٿا تہ اسان جي مجبوري ٿي پوي ٿي تہ سنڌي ڪھاڻي کي اهڙو بڻايو يا پيش ڪيون جو اها دنيا ۾ هر جاءِ قبول ڪئي وڃي. ٻاهريان اثر ٿيندا ۽ لاڙن جو فارميٽ اپناڻو پوندو. بھرحال ڪھاڻيءَ جون فني خوبين جون خاصيتون ايندڙ دؤر جو نقاد ئي طئي ڪندو.
ڪھاڻي ڪئين لکجي؟
پھرين باب جو عنوان آهي. ڪھاڻي لکڻ جي لاءِ ليکڪ عباس ڪوريجي 10 ڳالھيون انتھائي اهم قرار ڏنيون آهن. جيڪي واقعي ڏٺو وڃي تہ وڏي اهميت رکندڙ ۽ ڪھاڻي لکندڙن لاءِ وڏي وٿ ثابت ٿين ٿيون. ان کان علاوہ ليکڪ پلاٽ، منظر نگاري، ٻولي، علامت نگاري، اسلوب، زمان ۽ پڄاڻي تي تفصيلي بحث ڪري بيان ڪيو آهي ۽ ان ۾ مشھور ڪھاڻيڪارن جي ڪھاڻين مان ٽڪرا کڻي مثال طور پيش ڪيا آهن تہ جيئن نوان پڙهندڙ ڳالھہ جي تھہ تائين پھچي ڪھاڻي جي روح کي سمجهي سگهن.
شيخ اياز کان جڏهين پڇيو ويو تہ ڪھاڻي ڪئين لکجي؟ اياز هي جواب ڏنو: “مون کي تہ اهو سوال بي معنيٰ لڳندو آهي. هر هنڌ انسان پنھنجي دنيا جو مرڪز آهي. هر هڪ انسان پنھنجي دنيا جو مرڪز آهي.” پر پوءِ بہ اياز ڪھاڻي ڪيئن لکجي؟ بابت هيئن جواب ڏئي ٿو:
“ڪھاڻي لکڻ جي لاءِ انسان فطرت جو مطالعو(study of Human nature) ۽ زندگي جي تنقيد (Criticism of Life) ضروري آهي. جنھن افسانہ نويس زندگي جي رڳ رڳ ۾ دورو ڪيو آهي. ان جي نبض چڱي طرح جاچي آهي، تنھن کي زندگي جو خسيس ۾ خسيس واقعو بہ ڪھاڻيءَ جو مواد مھيا ڪري ڏيندو آهي.”
ڪھاڻي جي ٽيڪنڪ تي وڌيڪ بحث ۾ نہ پوندي، ايترو چئي سگهجي ٿو تہ هي باب ڪھاڻي لکڻ بابت سٺيون صلاحون ميسر ڪري ٿو.
ڪھاڻي يا افساني جا قسم:
“ڪھاڻي يا افساني جا قسم” هن سڄي مقالي جو منھنجي نظر ۾ اهم عنوان آهي. جنھن ۾ ڪھاڻين جي مختلف قسمن جھڙوڪ موضوع ۽ گهاڙيٽي جي حوالي سان جائزو ۽ معنيٰ مقصد ۽ وصف ڏني وئي آهي. هن عنوان ۾ موجود مواد ۾ جيڪو اهم ۽ بحث طلب نقطو آهي اهو افسانو يا ڪھاڻي وارو آهي. جنھن ۾ ليکڪ لکي ٿو تہ:
افسانو هڪ اهڙي ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ مبالغو يا افسانويت وڌيڪ هجي.
مختصر ڪھاڻيءَ ۾ حقيقت نگاريءَ تي زور ڏنل هوندو آهي ۽ مبالغو گهٽ هوندو آهي.
ڪھاڻي ۽ افساني وارو ابھام آهي اهو اڪيڊمڪ لحاظ کان اهو پھلو صاف ٿي وڃي ٿو. سنڌي ۾ افسانا ۽ ڪھاڻيون ٻئي لکيون ويون آهن. عباس ڪوريجي ڪھاڻي جي سمجهاڻي طور پنھنجي ۽ پنھنجي دوستن جي ڪھاڻين جا مثال ڏنا آهن. ان جاءِ تي ٻين نمائيندہ ڪھاڻيڪارن جا مثال ڏيڻ گهرجن ها پر پوءِ بہ اهو غلط ڪونہ ٿو لڳي. هن باب ۾ ڪھاڻين جي قسمن جي حوالي سان خاص ڪري نيئن پڙهندڙن جو ڪھاڻي جي موضوعن، هئيت ۽ بيان جي لحاظ کان مختلف قسمن جو مونجهارو حل ٿي وڃي ٿو. هي باب نصابي حساب سان تمام گهڻو اهم آهي ۽ اهو بہ مثالن سان سمجهايل آهي جيڪا هڪ نئين ڳالھہ آهي، ڪھاڻي جي حوالي سان ادبي تاريخن جي ڪتابن ۾ اهڙو ڪو مثال نٿو ملي.
فليش فڪشن: ماضي، حال ۽ مستقبل:
جيتوڻيڪ فليش فڪشن جي حوالي سان سنڌي ادب ۾ پھريون ڪتاب عزيز قاسماڻي جو آهي. اهو هن تحقيقي ڪتاب ۾ چيو ويو آهي. پر عزيز قاسماڻي جو اظھار تمام گهڻو تجريدي نہ سمجهہ ۾ ايندڙ ۽ ابھام سان ڀريل آهي. فليش فڪشن يعني مختصر مختصر ڪھاڻي جي حوالي سان نقادن ۽ ڪھاڻيڪارن جي ڄنڊا پٽ هلي ٿي پئي. ڪي صاحب هن رجحان کي قبولڻ لاءِ تيار ناهن! ڪي وري هن بابت بھتر ڪم ڪري رهيا آهن. ۽ فليش فڪشن لکي رهيا آهن. هن تحقيقي مونو گراف ۾ ليکڪ فڪشن جي وضاحت هن ريت ڪري ٿو:
“فڪشن هڪ اهڙي قسم جي لکڻي جو نالو آهي، جيڪا مڪمل طور تي يا ڪجهہ حصي اندر غير حقيقي معلومات يا واقعن تي مشتمل هجي، تصوراتي هجي، ڪنہ بہ ليکڪ پاران ڪوڙي قصي طور لکي وئي هجي. فڪشن جو مخالف نان فڪشن ادب آهي، جيڪو مجموعي طور يا ڪجهہ حصي اندر سچو سمجهيو ويندو هجي، ان ۾ موجود واقعا، وضاحيون، مشاهدا، تجربا، رويا سچا ۽ حقيقي محسوس ڪرايا ويا هجن.”
فڪش يعني تصوراتي ادب ان بابت سنڌي ٻوليءَ جي وڏي نقاد ۽ ڏاهي ڊاڪٽر الھداد ٻوهئي جو حوالو ٿا، جيڪو هئين سمجهائي ٿو:
“مون کي ڊپ آهي تصوراتي ادب، جنھن کي انگريزي ۾ Fiction چيو وڃي ٿو، تنھن جي باري ۾ بہ اسان جو ذهن صاف نہ آهي. تصور Concept ڪنھن وهم، ڀرم ۽ خام خياليءَ کي ڪونہ ٿو چئجي. تصور جوهڪ پھلو اهو آهي، جنھن ۾ ڪنھن شيءَ جي باري ۾ ڪو نظريو قائم ڪريون ٿا، ۽ تصور جو ٻيو پھلو اهو آهي، جنھن ۾ معاملات کي يعني انساني ۽ سماجي زندگيءَ جي گوناگوني لاڳاپي کي سمجهائڻ جو هڪ طريقو ڳوليو وڃي ٿو. خيال ۽ لاڳاپا تصوراتي ادب جا ٻہ وڏا سوال آهن ۽ هر ڪو ڪھاڻي نويس، ناٽڪ نويس يا ناول نگار انھن سوالن کي اڳيان رکي ٿو.”
فڪشن يا ٻيا اصطلاح جيڪي پرڏيھي ادب منجهان اسان وٽ آيا آهن. انھن جي مڪمل تُز تشريح نہ ٿئي آهي. ان ڪري ڪافي مونجهارا ٿي پيا آهن. هن عنوان ۾ ليکڪ فڪشن_نان رئيلسٽڪ فڪشن ۽ Fantacy جي اصطلاح کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر پوءِ بہ ڳالھہ مڪمل طور سڌي نہ ٿي ٿئي. فليش فڪشن جو اصطلاح ۽ اها صنف سنڌي ادب ۾ مروج ٿي چڪي آهي. ليکڪ فليش فڪشن جي حوالي سان بہ چٽي نموني وصف نہ ڏئي سگهيو آهي. اوهان تحقيق ڪريون ٿا اگر ڪا اهڙي وصف موجود ناهي تہ توهان پنھنجي هڪ واضع وصف جوڙي ڏئي سگهون ٿا.
ڳالھہ پئي ڪئي سين فليش فڪشن جي ڪتاب جي تہ عزيز قاسماڻي پھريون ڪتاب آندو، پر فليش فڪشن جي معيار ۽ ترقي لاءِ منظور ڪوهيار جو نالو سرفھرست آڻي سگهجي ٿو. جنھن فليش فڪشن تي معياري ادب سرجيو آهي ۽ ان جي ترويج ۽ تدريس پڻ ڪئي آهي. تازرو سنگت مئگزين ۾ جديد دؤر جي نقاد ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو انٽرويو ڇپيو آهي. جنھن ۾ هن کان ڪھاڻيڪارن بابت سوال ڪيو ويو تہ هن هيٺيون جواب ڏنو:
“خاص طور تي هتي آءٌ منظور ڪوهيار جي ڳالھہ ڪندس، جيڪو Trend Maker ڪھاڻيڪار آهي. هن صوفي ڪھاڻي لکڻ جو راوج وڌو، هن مختصر مخصتر ڪھاڻي لکڻ جو رواج وڌو ۽ ڪامياب ويو، مختصر ڪھاڻيون ڏاڍيون ڀليون لکيائين.”
فليش فڪشن جو رجحان ۽ لاڙو جيڪو سنڌي ادب اچي چڪو آهي، ان پوري Trend کي بين الاقوامي پس منظر ۾ سمجهڻ لاءِ هي باب تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ۽ منظور ڪوهيار جي ڪھاڻين جي ڪتابن جا مھاڳ بہ فليش فڪشن جي تاريخ جي سلسلي ۾ اهم آهن.
•
مختصر ڪھاڻيءَ سان هڪ جھڙائي رکندڙ صنفون:
هن عنوان ۾ اِهو ٻڌايو ويو آهي تہ مختصر ڪھاڻي، آکاڻي، ناول، ناوليٽ، ناويلا، قصو، داستان، لوڪ ڪھاڻي ۽ ڪالم ڪھاڻي سان هڪ جھڙائي رکندڙ صنفون آهن. جڏهن ڪھاڻي انھن سڀني صنفن جي جديد ترين صورت آهي ۽ ڪھاڻي انھن سان هڪ جھڙائي نٿي رکي بلڪ انھن جي ئي اولاد آهي. قصا گوئي مان داستان جنم ورتو ۽ داستان مان لوڪ ڪھاڻي اُسري ۽ ان مان جديد داستان يعني ناول پيدا ٿيو ۽ ان مان آئي جديد مختصر ڪھاڻي.
ناول واري صنف جي تشريح ڪندي ليکڪ هڪ راءِ ڏئي ٿو:
“سنڌي ادب ۾ ناول ترقي ناهي ڪري سگهيو جيتري ٻين ٻولين ۾، ان جا ٻيا ڪيترائي سبب هوندا پر سنڌي ۾ جيڪي ناول لکيا ويا آهن.، اهي اڪثر ڪري يونيورسٽيءَ جي پلاٽ تي آڌاريل آهن، باقي جيڪي ناول تاريخي آهن، انھن جو تعداد بلڪل ٿورو آهي.”
مڃون ٿا تہ سنڌي ادب ۾ ناول جي صنف اوج تي نہ رسي آهي، پر ان جو اِهو ڪھڙو ماڻ يا ماپو آهي تہ تاريخي ناول ٿورا آهن، يونيورسٽي وارا گهڻا آهن. ڇا تاريخي ناول لکڻ سان ئي ناول جي ترقي ٿيندي آهي. ان مان ليکڪ جي ناول جي حوالي سان مطالعي جي کوٽ نظر اچي ٿي. سنڌي ادب ۾ صرف تاريخ ۽ رومانس تي ناول نہ لکيا ويا آهن. پرا نيڪ سارن موضوعن کي ڇھيو ويو آهي. جئين: نفسيات، سياست، سيڪس، قومپرستي وطن دوستي سرئيلزم ۽ شعور جو وهڪرو وغيرہ
باب ٻيون_سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪھاڻي جي ارتقا:
هي هن تحقيق جو ٻيو باب آهي. جيڪو ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي سنڌي ڪھاڻي جي باري ۾ مڪمل تاريخ بيان ڪري ٿو. هي سڄي جو سڄو باب محمد اسماعيل عرساڻي صاحب جي ڪتاب چار مقالا تائين جئين جو تيئن کنيو ويو آهي. مواد تہ توهان ڀلي کڻو پر ان لحاظ سان ليکڪ کي نيئن سر ڪا نہ ڪا راءِ ضرور جوڙڻ گهرجي ها. هي باب ليکڪ جو خود جو ناهي ان ڪري ان تي نٿا ڳالھايون.
باب ٽيون_ سنڌي ڪھاڻي جي انفراديت:
مقالانگار ڪھاڻي جي انفراديت جي لاءِ هن ريت لکيو آهي:
“هتي سنڌي ڪھاڻي جي انفراديت مان مراد آهي؛ سنڌي ڪھاڻي اندر ڪھڙا موضوع شامل رهيا آهن، سياسي، سماجي لاڙن، نظرين ۽ تحريڪن کي سنڌي ڪھاڻي ڪئين منھن ڏنو آهي، مجموعي طور سنڌي ڪھاڻي سنڌي سماج جا ڪھڙا فني قدر، ثقافت، فن ۽ تاريخ جا پھلو اجاگر ڪيا آهن، سنڌي ڪھاڻي ۾ سنڌي سماج جي بيھڪ ڪهڪڙي آهي.” صفحو97
سنڌي ڪھاڻي پنھنجي دؤرن ۾ جوهر ۾ هميشہ انفراديت جي حامل رهي آهي. موضوعن جي نسبت سان لڳ ڀڳ 50 کن موضوعي ڪھاڻين جنم ورتو آهي، جئين:
رومانوي ڪھاڻي، جاسوسي ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي، سوشلست ڪھاڻي، تعليمي ڪھاڻي، سڪسي ڪھاڻي، صوفي ڪھاڻي، قومپرست ڪھاڻي، مارڪسي ڪھاڻي، لوڪ ڪھاڻي، علامتي ڪھاڻي، رمزيت ڪھاڻي، تاريخي ڪھاڻي، نفسياتي ڪھاڻي، سياسي ڪھاڻي، وجودي ڪھاڻي، مزاحيه ڪھاڻي، عورتزاد ڪھاڻي، سوانحي ڪھاڻي، تاثراتي ڪھاڻي، Realism ڪھاڻي، جنگي ڪھاڻي، حيواني ڪھاڻي، منظوم ڪھاڻي، واقعاتي ڪھاڻي، اسلامي ڪھاڻي ۽ سائنسي ڪھاڻي وغيرہ ۽ ٻيا انيڪ سارا موضوع سنڌي ڪھاڻي جي پيٽ ۾ سمائجي ويا آهن.
هي باب سنڌي ڪھاڻيءَ جي انفراديت جي طرز سان جيترو تفصيلي هجڻ گهربو هو اوترو نہ آهي. ۽ ليکڪ گهڻي ڀاڱي مختصر ترين جائزو پيش ڪري ويو آهي. مون کي تہ حوالا ڪٿي ڪٿي ڀراءُ لڳا. هن باب ۾ ٻئي هڪ ڳالھہ مان چوڻ چاهيندس، ليکڪ کان پنھنجي دؤر جو اهم ڪھاڻيڪار رسول بخس پليجو بہ رهجي ويو آهي، جنھن جو ذڪر نہ ٺھيو نالو بہ شامل ناهي. انفراديت جي لحاظ کان جتي حيدر بخش جتوئي هارين جي مسئلن تي “هاري ڪھاڻي” لکي متعارف ڪرائي. اتي رسول بخش پليجي بہ سنڌي ادب ۾ نئين روايت طور قانوني ڪھاڻيون يعني “ڪورٽ ڪھاڻيون” لکي متعارف ڪرايون. رسول بخس پليجي پنھنجي “ڪورٽ ڪھاڻين” بابت هڪ مضمون ۾ لکيو آهي تہ:
ڪنھن زماني ۾ آئون ڪورٽن جون ڪھاڻيون عبرت لاءِ لکندو هوس. ڪورٽن جي سچن ڪيسن کي سچين حقيقتن سان افسانوي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ادبي صنف مون انھن ڏينھن ۾ ايجاد ڪئي هئي، منھنجون سچيون قانوني ڪھاڻيون “ڪيٿرائين دنيا جو سير” ڪرش نگر ڪنوار” سون جا واپاري” انھن ڏينھن ۾ عبرت ۾ شايع ٿيون.”
باب چوٿون _ سال 2000ع کان 2014ع تائين شايع ٿيل ڪھاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو
هن مقالي جو آخري باب جيڪو چوٿون نمبر باب آهي. جنھن جي لکڻ لاءِ ٽن بابن جو ٿلھہ ٻڌو ويو آهي. سال 2000ع کان 2014ع تائين شايع ٿيل ڪھاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو، عباس ڪوريجي جائز طريقي سان ڇنڊڇاڻ ڪندي پيش ڪيو آهي. جنھن سان موجودہ دؤر جي ڪھاڻيڪارن تي ٿيل اثرن کان واقف ٿجي ٿو تہ انھن جي ڪھاڻين جي ڪٿ بہ ٿئي ٿي. عباس ڪوريجي جي تنقيد جو انداز تحقيقي آهي. جيڪو ڪافي حد تائين علمي آهي پر تنقيد جو اِهو بہ مطلب ناهي تہ رڳون چڪون ڪڍڻ گهرجن پر انھن جي سٺائين جي بہ تعريف ڪرڻ گهرجي ها.
عباس ڪوريجي جي هن ڪتاب بابت غور هيٺ آيل ڪجهہ اهم نقطا ۽ ڪجهہ صلاحون:
سليم چنا جھڙي سينئر ۽ اهم ڪھاڻيڪار کي مولائي ليکڪ لکي طنزيہ يا ٽوڪ ٺٺول وارو انداز اپنائڻ سو بہ تحقيقي ڪتاب ۾، اهو ڪنھن حد تائين سھي تنقيدي شعور نہ آهي ۽ نہ ئي تنقيدي انصاف. جيڪو مون کي قفا نہ وڻيو. سليم چنا، شوڪت شوري، مدد علي سنڌي ۽ رسول ميمڻ جي ٽھي جو ڪھاڻيڪار آهي.
ڪھاڻيڪارن جي نالن جي ذڪر ۾ ليکڪ کان ڪافي نالا رهجي ويا آهن، جيڪي شامل ٿيڻ گهرجن ها، منھنجي خيال ۾ اها ڪمي ٻئين ڇاپي ۾ پوري ڪئي ويندي.
انيس انصاري اڪيڊمي پاران ٿيندڙ ڪانفرنسن جو نہ صرف ذڪر ڪيو وڃي ها پر انھن ۾ پيش ٿيندڙ ڪھاڻين جا نالا ۽ انھن جو تنقيدي اڀياس پڻ ڪيو وڃي ها.
انيس انصاري اڪيڊمي ڪانفرنسز ۾ پيش ٿيندڙ ڪھاڻي جي اهم مقالن ۽ ڪھاڻين کي ڪتابي شڪل ۾ اسحاق انصاري سھيڙي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو هو، جنھن تي پڻ ڪا راءِ جوڙجي ها.
اديبيات اڪيڊمي اسلام آباد پاران ادل سومري پاران سنڌ جي 3 سؤ ڪھاڻيڪارن جو ڪھاڻين جو ڪتاب سھيڙي ڇپايو ويو هو. ان جو ذڪر ۽ جائزو پيش ڪرڻ تمام گهڻو ضروري هو.
ڪھاڻي تي امر جليل جي گهڻين راين ۽ حوالن ڏيڻ کان ٿورو ٻين ڪھاڻيڪارن يا نقادن جا ڪھاڻي بابت حوالا ڏيڻ گهرجن ها. امر جليل جتي سنڌ جي هر نوجوان تي پنھنجا اثر ڇڏيا آهن اتي عباس ڪوريجو بہ ان ڇاپ هيٺ اچي ويو آهي.
آخر ۾ ليکڪ جيڪي نتيجا پيش ڪيا آهن. ان ۾ اڌ کان وڌيڪ تہ صلاحون آهن. ان لاءِ نتيجا الڳ ۽ صلاحون الڳ ڏيڻ کپن ها.