لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جو تجزيو

هوش ڀٽي هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پھلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن جي ڪھاڻين ۽ ڪھاڻي ڪتابن تي سندس تنقيدي ۽ تفصيلي جائزا ڏنل آھن. ھوش ڀٽيءَ ھن ڪتاب ۾ شيخ اياز، انور ڪاڪا، لاکو شبير، محمد دين راڄڙي، عباس ڪوريجي، ڊاڪٽر تھمينہ مفتي، رسول ميمڻ، اخلاق انصاري، غلام نبي سومري، ڊاڪٽر وحيد جتوئي ۽ امير ابڙي جي ڪھاڻين جي مختلف پاسن تي ادبي تنقيد ۽ اڀياسي مضمون لکيا آھن.

Title Cover of book Jadeed Sindhi Kahane jo Tajzio

ڊاڪٽر تھمينہ مفتيءَ جو ڪھاڻي ڪتاب ”ڪٿا اُپڪٿا“

ڊاڪٽر الھداد ٻوهئي موجب: “تصوراتي ادب جنھن کي انگريزي ۾ فڪشن چيو وڃي ٿو. اسان وٽ وري فڪشن جي باري ۾ غلط خيال موجود آهن.”(1)
اهو ائين تہ فڪشن مان وهم، خام خياليءَ ۽ ڀرم جي معنيٰ ورتي وڃي ٿي. تصور (Concept) ڪنھن وهم، ڀرم يا خام خيالي جو نالو نہ آهي. تصور جا ٻہ پھلو آهن. هڪ جنھن ۾ ڪنھن شيءَ جي باري ۾ نظريو قائم ڪيو وڃي ٿو. ٻيو جنھن ۾ انساني، سماجي زندگي جي ڦھليل لاڳاپن کي سمجهڻ جو هڪ طريقو ڳوليو وڃي ٿو. خيال ۽ لاڳاپو فڪشن جا اهم سوال آهن. جن کي هر ڪھاڻيڪار، ناٽڪ نويس ۽ ناول نگار اڳيان رکي ٿو.
اهڙي طرح سنڌ جي مشھور محقق، اديبہ ۽ ڪھاڻيڪارا ڊاڪٽر تھمينہ مفتي پنھنجي فن سان سنڌي معاشري سان لاڳاپيل مسئلن کي پنھنجي ڪھاڻي ڪتاب “ڪٿا اُ ڪٿا” ۾ چٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. خيال ۽ لاڳاپي وارو سوال ڊاڪٽر تھمينہ بہ پنھنجي ڪھاڻين ۾ بھتر نموني رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڊاڪٽر تھمينہ مفتي جي ڪھاڻين ۾ ماحول جي ڀرپور نموني سان عڪاسي ڪيل آهي. سندس ڪھاڻين ۾ سنڌي معاشري جا کوڙ مسئلا آهن، جن ۾ سياسي، سماجي ۽ اخلاقي مسئلن کي نشانبر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
ڊاڪٽر تھمينہ مفتي صاحبہ هونئن تہ سنڌي شعبي ۾ 1976ع کان 2013ع تائين استاد جا فرائض انجام ڏنا آهن. سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ علمي ادبي مضمون لکيل آهن. پر هي سندس تخليقي لکڻين جو پھريون ڪتاب آهي. جنھن ۾ سندس ست ڪھاڻيون ڏنل آهن. جن مان هڪ ڪھاڻي اردو ادب مان ترجمو آهي. هي ڪتاب منير چانڊيي پاران مرتب ڪيو ويو آهي. ايتريون ٿوريون ڪھاڻيون ۽ پوءِ بہ ليکڪ جي اصلوڪي نالي ڏيڻ بجاءِ مرتب واري ڳالھہ ٿوري عجب ۾ وجهندڙ آهي. هي ڪتاب سي پي سي ايس پاران ڇپايو ويو آهي. ڪتاب جو مھاڳ جامي چانڊيي لکيو آهي. جنھن ۾ جامي صاحب، ڊاڪٽر مفتي جي ڪھاڻين ۽ شخصيت جي حوالي سان جامع ڳالھيون ڪيون آهن.
مھاڳ ۾ جامي چانڊيو لکي ٿو: “ڊاڪٽر تھمينہ مفتي سٺين ڪھاڻين لکڻ جو ڏانءُ آهي پر کيس ڪھاڻين جي موضوعن جي وسعت ۽ فني بندشن تي وڌيڪ مھارت جي گهرج آهي.” هي ڪھاڻيون پڙهڻ کان پوءِ آءُ بہ ان نتيجي تي پھتو آهيان تہ مئڊم وٽ موضوعن جي کوٽ آهي. پر سندس ڪھاڻي لکڻ جو ڏانءُ ۽ اسلوب شاندار ۽ جاندار آهي.
ليکڪہ هي ڪتاب پنھنجي ڀائيٽي جي نالي ڪيو آهي، جيڪا آمريڪا ۾ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري وئي هئي. هن ڪتاب جي ارپنا بہ هڪ مختصر مختصر ڪھاڻي جو ڏيک ڏئي ٿي. جنھن ۾ هڪ ماسيءَ جي محبت جهلڪا پئي ڏئي.

ڪٿا اُپڪٿا:
ٻن استادن جي ڪھاڻي آهي. جنھن جو اهم ڪردار حسن آهي. هي ڪھاڻي انھن نوجوانن يا سڄاڻ ماڻھن جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. جن کي خفيہ ادارا کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏين ٿا، ماري ڦٽي ڪن ٿا يا وري سندن پتو ئي نٿو پوي. بيانہ انداز ۾ لکيل هن ڪھاڻي ۾ حسن جي ڪردار کي بہ واضع نموني نہ چٽيو ويو آهي. سندس زال گم ٿي وڃڻ کان پوءِ کيس ساريندي لڙڪ لاڙيندي پوري ڳالھہ ڪري وڃي ٿي. جنھن ۾ سندن پھرين ملاقات کان وٺي نظرياتي بحث ڪرڻ ۽ شادي تائين جون ڳالھيون اچي وڃن ٿيون. ڪھاڻي ۾ هڪ تضاد بہ آهي تہ حسن ۽ سندس محبوبہ نظرياتي ماڻھون ۽ ورسٽي ۾ نوڪري ڪندڙ آهن. پوءِ بہ حسن پنھنجي مالڪن جي موڪل وٺڻ لاءِ ڳوٺ وڃي ٿو ۽ سندس مالڪ اعتراض ڪن ٿا ۽ هي ٻئي ڪردار انھن جي ڪا ڪاڻ ڪڍن ٿا جڏهن تہ ٻئي معاشي طور مضبوط بہ آهن. ڪھاڻي پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو تہ حسن ورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي پر اهو نہ لکيو ويو آهي تہ ڪھڙي شعبي ۾ آهي. جنھن وقت کنڀيو وڃي ٿو يا گم ڪيو وڃي ٿو، کيس ڪھڙي ليباريٽري مان کينو وڃي ٿو، اهو منظر بہ ڌنڌلو ڌنڌلو آهي ۽ هلڪو اشارو ڏنل آهي، جنھن ۾ بہ ابھام محسوس ٿئي ٿو، هن ڪھاڻي ۾ تيرنھن انگريزي ٻوليءَ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن. توڙي جو انھن جا سنڌي ۾ تمام سھڻا سولا لفظ موجود بہ آهن. سنڌي جي پروفيسر هوندي بہ ميڊم نہ ڄاڻ ڇو انگريزي جا لفظ آندا آهن، جيڪا بہ هڪ ڪمزوري آهي. وڏي ڳالھہ تہ انھن کي لکيو ئي انگريزي ۾ ويو آهي. اهي لفظ هي آهن: گٽس، ٽراليءَ، ڪچن، See offورڪنگ وومين هاسٽل، گارڊ، Wisdom, ، مڊل ڪلاس، گولڊ فش، واٽر، اسپيسز، Fair play ، ۽ هڪ اردو جو لفظ شور آهن. هن ڪھاڻي ۾ ڪيترن هنڌن تي لفظن جو غلط استعمال بہ آهي. جئين حسن جڏهن پنھنجي ۾ محبوبہ سان ڳالھائي ٿو تہ اداسي ڇو اٿئي تہ اتي هڪ جملو آهي، “نڙي ۾ آلاڻ لھي آئي هئي.” منھنجي خيال ۾ ڏک يا پريشاني ۾ اکيون آليون ٿي وينديون آهن. نڙي آلي نه، نڙي تہ خشڪ ٿي ويندي آهي.ٻيو ميڊم هڪ جملو استعمال ڪيو آهي: “سپر هاءِ وي جي ڪناري گهاٽي بيد مشڪ جي ڇانو ۾..”سپر هاءِ وي روڊ جو ڪنارو نہ پر پاسو ٿيندو آهي. ۽ ڪناري جو لفظ واھہ، نديءَ ۽ سمنڊ جي لاءِ مروج آهي. ٻيو تہ گهاٽي ڇانو بيد مشڪ جي نہ ٿيندي آهي. هڪ جملو آهي تہ “تنھنجو منھنجو سڱ ٿيو تہ تنھنجي مائٽن توکي روئاري ۽ ڇيڇاڙي وڌو هو.” هن جملي ۾ ڇيڇاڙي جو لفظ ڪنھن بہ لحاظ کان ٺهڪي نٿو اچي. هي ڪھاڻي ڄامشوري شھر جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. ان حوالي سان هڪ هنڌ ميڊم لکي ٿي تہ “برساتي نئن ۾ تون پنھنجا پير ڀڄائيندي ترڪي پيو هئين.” هڪ تہ نئن رستي وهندڙ عام مينھن جي پاڻي کي نہ چئبو آهي ٻيو تہ ڄامشوري ۾ ايڏا وڏا جبل بہ نہ آهن جو نئون وهي پون. ۽ نئن مان پير ڀڄايئندي ترڪي پوڻ واري ڳالھہ بہ سمجهہ ۾ نٿي اچي. باقي ڪھاڻي ۾ منظر نگاري ۽ گهڻ هنڌن تي لفظن جي گهڙاوٽ وڏي فنڪارانہ طرح آهي. تشبيھون بہ زبردست آهن. ڪلائمڪس ۾ مزو نہ آهي. ڪھاڻي ساروڻين سان ئي ختم ٿي وڃي ٿي. ڪھاڻي ۾ نڀ، پيٽڻ ۽ بوگن جھڙا نج سنڌي لفظ بہ استعمال ڪيا ويا آهن. جيڪا ساراھہ جوڳي ڳالھہ آهي.

در لاھہ ڏيئو ٻار:
ساران ۽ شفو جي پيار ڪھاڻي آهي. جن جي پيار ڪري، پورو اهل وعيال ويل ۾ اچي وڃي ٿو. هن ڪھاڻي جا ڪردار شھناز، انجي ڌيءُ شھزادي، شفو شھناز جو پاليل ڏير ۽ شفو پاران ڀڄايل ساران آهن. ڪھاڻي جو اهم ڪردار شھناز آهي، جيڪا پوري ريت ڪھاڻي تي ڇانيل آهي. شفو جنھن کي هو پالي پيار ۾ وڏو ڪري ٿي، اهو ئي سندس ۽ ڌيءَ لاءِ تڪليفن ۽ سورن جو سامان کڻي اچي ٿو. ليکڪہ جي بقول تہ “اسان وٽ محبتن جو انجام الميو ئي تہ آهي. اهو دلين ۾ هميشہ لاءِ مٺو سور بنجي دکندو رهندو آهي.” واقعي اسان جي سماج ۾ پيار جو پرڻو يا پسند جو پرڻو هڪTaboo آهي. جڏهن سڀ واهون بند ٿي وڃن ٿيون تہ مجبورن پريمي اهو ئي رستو اختيار ڪن ٿا. ڪارو ڪاري ۽ ڳوٺن ۾ سڱ چٽي جي مسئلن کي هن ڪھاڻي ۾ فوڪس ڪيو ويو آهي. شھناز جيڪا پنھنجي ڌيءُ کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جي ڀوء کان ڳوٺ مان لڏي شھر اچي دربدر ٿي، پنھنجو مڙس ۽ پٽ سان گڏ گهر بہ وڃائي ويھي ٿي. سندس سون جھڙي ڌيءَ بہ ڳڻتين ۾ اچي بيمار ٿي پوي ٿي. هن ڪھاڻي ۾ ڏھہ انگريزي لفظ جھڙوڪ: بيل، گيٽ، انٽرنس ڊور، ڪچن، ريلڪس، پريشر، واڪ، مرر، ڪراس ۽ فيول. ڪھاڻي ۾ منظر نگاري ۽ ٻولي سواءِ انھن غيرضروري لفظن جي مضبوط ۽ نج ادبي اسلوب رکندڙ آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي مطابق: “ٿوري وقت ۾ تھمينہ مفتي ٿوريون ڪھاڻيون لکي اهو چٽو ڪيو آهي تہ ڪھاڻيءَ جو موضوع اهڙو هجي جو پڙهندڙ جي دل سان لڳي ۽ ڪردار نمايان ٿي بيھن. هڪڙو ڪردار سامھون اچي تہ ان جي ڪھاڻي ان جي پيڙا ظاهر ڪري. ڪھاڻي “در لاھہ ڏيئو ٻار” اسلوب بيان ۽ تسلسل جو هڪ بھترين نمونو آهي.” (2)
جئين هڪ هنڌ ليکڪہ لکي ٿي تہ “سياري ۾ ٿوپيءَ تي جوئر جي گول ماني، مکڻ جي چاڻي کي ساڳ مٿان پگهاري گهر جي ننڍي وڏي ڀاتي کي ونڊي ورهائي ڏيئي ۽ پوءِ باھہ جي مچ جي ڀر ۾ ويھي سک ۽ ڏک جون باتيون لابارن ۽ پوکن جون، ڳڻتين ۽ ڳارن جون تہ وسرن ئي نٿيون. چانڊوڪين ۾ ڏينھن وٺڻ ۽ ڳالھين ڳالھين ۾ ننڊاکڙو ٿيڻ ۽ هڪ هڪ ٿي سوڙين ۾ وڃي آرامي ٿيڻ.”

اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا:
هي هڪ ٻھراڙي جي نوجوان علي جي ڪھاڻي آهي. جيڪو ڪچي عمر ۾ ئي پنھنجي سؤٽ صاحبہ کي چاهڻ لڳي ٿو. کيس ان سان هڪ شادي جي تقريب ۾ ڳالھائڻ جو موقعو ملي ٿو هو هن جي هٿ کان وٺي ڪجهہ ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ سڀ کيس گهورين ٿا. ڪھاڻي ۾ ڪٿي بہ صاحبہ جي مڱڻي ڳالھہ نہ ڪيل آهي، پر علي جي کيس شادي ۾ هٿ کان وٺڻ بعد سندس مامو، ماسات ۽ سؤٽ مسجد مان نماز پڙهي ٻاهر نڪرڻ تي ڏنڊن لٺين جو وسڪارو لائي ڏين ٿا. ۽ چون ٿا تہ صاحبہ ياسين جي مڱ آهي. منھنجي خيال ۾ مٽن مائٽن ۾ اگر اهڙا معاملا ٿيندا آهن تہ وڏڙن کي پھريان دانھن ڏني ويندي آهي. پر علي تہ بي خبري ۾ صاحبہ جو هٿ پڪڙي ٿو. هن کي تہ خبر ئي نٿي رهي تہ سندس پيار ڪنھن ٻئي جو ٿي چڪو آهي. اڄ جو سنڌي سماج گهڻي قدر ان لحاظ کان بدلجي ويو آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا ڪھاڻي بابت لکي ٿو: هي ڪھاڻي لنڊن ۾ سنڌ جي پس منظر ۾ لکيل آهي. هڪ انسان ماضيءَ ۽ حال ۾ ڇا ٿو ڏسي. زندگي واقعات ۽ حادثات ۾ وڪوڙيل آهي. انسان جي دنيا ۾ جيڪا حيثيت آهي، اُها هن کي اڌورائيءَ جو احساس ڏياري ٿي.” (3)
هن ڪھاڻي ۾ مبالغو وڌيڪ آهي. پنھنجي سؤٽ جي رڳو هٿ کان وٺڻ تي علي جي پنھنجي گهر اچڻ تي بندش پئجي وڃي ٿي. ڊاڪٽري جي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ترت ئي کيس پرڏيھہ موڪليو وڃي ٿو. مالڪ کيس چون ٿا تہ تون اتي ئي هج ۽ اتي تنھنجي جان محفوظ آهي. جيتوڻيڪ ان ڇوڪري جي شادي بہ ٿي وڃي ٿي. ان جي باوجود بہ کيس گهر نٿو گهرايو وڃي. علي جيڪو پنھنجي هارايل ۽ کسيل پيار جي ڏک ۾ پڄرندو رهي ٿو. مٿان مائٽن جي دوري جيڪا کيس ننڍپڻ کان ئي پيڇو نٿي ڇڏيس. قربتون جنھن لاءِ هو سڪندي ڳڻتين ۽ اڪيلائي جا عذاب ڀوڳيندي نيٺ دل جو مريض ٿي مري وڃي ٿو، کيس ڌرتي جي هنج بہ نصيب ۾ نٿي اچي. هن ڪھاڻي ۾ ميڊم انسان جي خالپڻي ۽ ساٿ ۽ محبتن ۽ پنھنجن کان سواءِ زندگي کي بھترين انداز ۾ پيش ڪيو آهي. پر ڪلائمڪس ڏيڻ ۾ وري بہ ناڪام وئي آهي.

آخري سفر:
هن ڪھاڻي ۾ مرداڻي سماج ۾ عورت ڪيترو ڀوڳي ٿي. کيس ڪھڙي ڪھڙي قسم جون عقوبتون سھڻيون پون ٿيون. ان جو آرٽسٽڪ انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ڪارو ڪاري وارو اشو ان ڪھاڻي ۾ بہ اٿاريو ويو آهي. سنڌ جي مشھور ڪھاڻيڪارا ماهتاب محبوب جي ڪھاڻين ۾ عورتاڻي ماحول جو گهڻو منظر هوندو آهي. اهڙي طرح عورتن جي هلت چلت ۽ ڳالھيون گلائون خوبتر بيان ڪيون ويون آهن. هي ڪھاڻي بھترين ڪھاڻي چئي سگهجي ٿو.

ڪيسپر جي ڪھاڻي:
هي علامتي ۽ احساساتي ڪھاڻي آهي. جيڪا ورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ بي ايماني، لاپرواهي ۽ حرامپائين تي لکي وئي آهي. تہ ماڻھو پنھنجي نظريه ضرورت تحت ڪئين چاپلوسي ۽ هيٺائي وٺي، ڪم ڪڍي، شارٽ ڪٽس ذريعي وڏا عهدا ماڻين ٿا.

نيڻ نظارا:
هي مختصر ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ سماج جي روايتي منظر جو نظارو آهي. ڪھاڻي ۾ هڪ بکايل ڇوڪري ماني جي لاءِ هيڏي هوڏي ڀٽڪي ٿي. پر کيس ڪو بہ ماني ٽڪر نٿو ڏيس. پر هڪ ٽرڪ ڊرائيور سندس جسم جي لچڪن کي ڏسي پنھنجي ٽرڪ تي کڻي وٺي ٿو. پيٽ جي بک اجهائڻ لاءِ هڪ معصوم پنھنجي جسم جو ٻليدان ڏئي ٿي. هن ۾ ڪھاڻي انسان جي وحشي پڻي کي ظاهر ڪيو ويو آهي.
حادثا يا واقعا ڪھاڻي ۾ هروڀرون بہ ضروري نہ هوندا آهن يا سيرت نگاري بہ ڪھاڻي جو اهم موضوع نہ هوندي آهي. ڪھاڻي ۾ ڪنھن بہ خوبي يا خرابي کي چٽي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر تھمينہ سماجڪ خرابين جي بھتر طريقي سان نشاندهي ڪري ٿي. سندس ڪھاڻين ۾ شھري ۽ ٻھراڙي جي زندگي جا خوبصورت عڪس ملن ٿا. سندس ڪھاڻيون منظرنگاري، معياري ٻولي سان پنھنجو گهيرو اثر ڇڏين ٿيون.

حوالا:

1. ٻوهيو، ڊاڪٽر الھداد، تنقيدون ڪتاب.
2. جوڻيجو، ڊاڪٽر عبدالجبار، سنڌي ادب جي تاريخ، جلد ٽيون، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006ع، صفحو 104
3. ساڳيو
4. ڪٿا اپ ڪٿا، ڊاڪٽر تھمينہ مفتي، ڪھاڻيون، سيٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي حيدرآباد، سال 2007ع.