تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هوموڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ (جو اختصار)

هي ڪتاب چارلس ڊارون جي ارتقائي نظرئي کي تسليم ڪندي تاريخ جو تجزيو پيش ڪري ٿو جنھن ۾ مذهبي تصور پڻ شامل آهن. هي ڪتاب 11 بابن تي ٻڌل آهي، جيڪي ٽن حصن ۾ ورهايل آهن: هومو سيپينز (انسان) دنيا کي فتح ڪن ٿا؛ هومو سيپينز دنيا کي معنيٰ ڏين ٿا؛ ۽ هوموسيپينز بيوس بڻجي وڃن ٿا. هي ڪتاب هڪ عام دنيائي مخلوق يعني هومو سيپينز يا انسانن جي سندن غير اهم ۽ فاني مخلوق منجهان لافاني ۽ خدا بڻجندڙ مخلوق تائين پھچڻ جي تاريخي سفر بابت سڀني اهم انقلابن ۽ تاريخي واقعن تان پردو کڻي ٿو.

Title Cover of book Homo Dues: A Brief History of Tomorrow

باب ستون: انسان-پسنديت جو انقلاب

باب ستين "انسان-پسنديت جو انقلاب" ۾ يووال نوح هرارِي اهو بحث ڪري ٿو تہ جڏهن جديد دنيا ۾ انسان ڪائنات ۽ انساني زندگيءَ کي ڪنھن خدائي منصوبي جو حصو نہ ٿو سمجهي ۽ انھن جي معنيٰ کان پڻ انڪار ڪري ٿو، تہ پوءِ هي ڪائناتي ۽ دنيائي توڙي انساني زندگي جو نظام اڃا تائين درهم برهم ڇو نہ ٿيو آهي؟ اها ڪھڙي شي آهي جيڪا هينئر بہ اسان جي زندگين کي معنيٰ ڏئي پئي ۽ اسان کي هڪ ترتيب ۽ توازن ۾ هلائي پئي؟ هرارِي مطابق اسان جو موجودہ "انسان-پسنديت" جو تصور ۽ نظريو ئي اها شيءِ ۽ مقناطيسي قوت آهي جيڪا هن وقت بہ انسانن کي جوڙيو رکيو بيٺي آهي ۽ دنيا کي ڏڪارن، وبائن ۽ جنگين کان محفوظ رکيو بيٺي آهي. غور ڪبو تہ اهو نظر ايندو تہ اڄڪلھہ دنيا کي وڌيڪ خطرو انھن ماڻھن کان ٿو رهي جيڪي انسان-پسنديت جي بجاءِ ڪنھن مذهبي ڪھاڻي ۽ ڪائنات بابت ڪنھن خدائي منصوبي تي يقين رکندڙ آهن. خدا کان ڊڄندڙ شام ملڪ جا ماڻھو نيڌرلينڊ جي لادين ماڻھن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تشدد پسند آهن.
جديد "انسان_پسنديت" نظريو جيڪو هاڻي مذهب جي حيثيت وٺي رهيو آهي، هن نظرئي ڪائنات ڇا آهي، سچ ڇا آهي، صحيح ڇا آهي، غلط ڇا آهي بابت ڪنھن مذهبي خدا سان منسوب ڪيل ڪھاڻِي جي آڌار تي انھن جي معنيٰ ۽ مطلب ڪڍڻ وارِي سوچ کي بلڪل ابتو ڪري ڇڏيو آهي. ڇو تہ انسان-پسنديت نظريو مٿين پراڻن بنيادن جي برعڪس انسانن جي پنھنجن اندروني جذبن ۽ احساسن تي انحصار ڪري ٿو ۽ اسان انسانن کي ڪائنات، زندگي، سچ، صحيح ۽ غلط جي باري ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿو ۽ انھن تصورن بابت پنھنجا سُونھان اصول مرتب ڪري ٿو. اهو انقلاب اکِ-ڇنڀ ۾ رُونما نہ ٿيو آهي، پر ان لاءِ دنيا جي دانشورن، محققن، شاعرن ۽ اديبن گذريل 200 سالن دوران ڪروڙين ڪتاب ۽ مضمون لکيا آهن، تقريرون ڪيون آهن ۽ انسانذات کي هن انسان-پسنديت جي عالمي منشُور تي مطمئن ڪيو آهي ۽ کين جوڙيو آهي. هن سلسلي ۾ جين جيڪس رُوسو جو ڪتاب "ايمائيل" (Emile) انساني جذبن ۽ انفراديت جي انجيل تصور ڪيو وڃي ٿو.
انسان-پسنديت مذهب مطابق اسان هر شي ۽ تصور کي پنھنجن جذبن ۽ احساسن واري شعور سان پرکي سگهون ٿا تہ آيا اهو صحيح آهي يا غلط آهي. هِتي صحيح هجڻ جو مطلب معروضي يا سائنسي طرح صحيح هجڻ وانگر نہ آهي. پر صحيح هجڻ جو مطلب آهي تہ اها شي يا اهو تصور انفرادي توڙي اجتماعي طور اسان کي خوشي پھچائيندڙ ۽ تسڪين ڏيندڙ هجي. هتي هڪ قاتل چئي سگهي ٿو تہ هن جيڪو قتل ڪيو هو، اهو صحيح هو، ڇو تہ ٿي سگهي ٿو تہ ان قتل ڪرڻ سان واقعي ان قاتل کي خوشي ۽ تسڪين مِلي هجي، پر اها هن جي انفرادي سوچ چئبي؛ جيئن تہ هن جي ان قتل سان مقتول جي وارثن، مائٽن، دوستن، پاڙي وارن يا شھر وارن کي ڪا بہ خوشي ۽ تسڪين حاصل نہ ٿي هوندي، ان ڪري اهو عمل صحيح ناهي ۽ ڏوھہ ۾ شمار ٿئي ٿو. مطلب تہ جيڪڏهن ڪنھن جي خوشي سان ٻئي کي بہ خوشي ملي رهي هجي يا وري ٻئي کي ڪو رنج پڄي نہ رهيو هجي تہ انسان-پسنديت مطابق چئي سگهنداسين تہ اها ڳالھہ يا اهو ڪم صحيح آهي.
انسان-پسنديت جو زندگيءَ جي هر شعبي سان واسطو آهي، پر ان کي سمجهڻ لاءِ هتي زندگي جي پنج اهم شعبن ۾ سندس اطلاق ۽ متعلقہ سُونھان اصول ٻڌائڻ سان ان جي تشريح ڪنداسين:

• انسان-پسنديت سياست: هڪ ووٽر ئي بھتر ڄاڻي ٿو.
• انسان-پسنديت معاشيات: هڪ گراهڪ ئي هميشہ صحيح آهي.
• انسان-پسنديت جماليات: خوبصورتي ڏسڻ واري جي اکِ ۾ هوندي آهي.
• انسان-پسنديت اخلاقيات: جيڪڏهن ڪجهہ ڪرڻ ۾ توهان کي سُٺو محسوس ٿئي ٿو تہ ڀلِي ڪريو.
• انسان-پسنديت تعليم: پنھنجو لاءِ سوچيو.

انسان-پسنديت مذهب يا نظرئي جا ڪجهہ اُونداها پاسا پڻ آهن. مثال طور، هڪ پاسي انسان-پسنديت معاشيات مطابق هڪ گراهڪ ئي هميشہ صحيح هوندو آهي، جي مطابق اسان جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ گوشت جي طلب ۽ رسد (گراهڪن طرفان طلب ۽ سيڙپڪارن طرفان رسد) تي انحصار ڪريون ٿا، تہ اچو تہ اهو پڻ ڏسون تہ ٻئي پاسي اهي سيڙپڪار ڇا ڪري رهيا آهن؟ انھن سيڙپڪارن اُپسالا ۾ بايو ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جانورن جي جينياتي هير-ڦير لاءِ پروفيسر ليف اينڊرسن جون خدمتون حاصل ڪيون آهن. پروفيسر صاحب مختلف جانورن جھڙوڪ سُوئرن، ڪُڪڙين ۽ ڳائي مال تي جينياتي تجربا ڪري رهيو آهي تہ جيئن انھن مان تڪڙو ۽ وڌيڪ گوشت پيدا ڪري سگهجي، يا وري تڪڙو ۽ وڌيڪ کير جو مقدار پيدا ڪري سگهجي. هن سان هڪ انٽرويو ۾ هڪ اخباري صحافي جڏهن بحث ڪندي سوال ڪيو تہ: پروفيسر صاحب، ڇا اها هڪ حقيقت نہ آهي تہ جانورن توڙي پکين (يا ٻين جاندارن) جي جينياتي هير-ڦير انھن لاءِ تڪليف ۽ اذيت جو سبب بڻجي رهي آهي؟ صحافي وضاحت ڏيندي چيو تہ اڄڪلھہ اڳ ۾ ئي جينياتي تبديلين وسيلي ڳئون جو اهڙو نسل پيدا ڪيو ويو آهي، جنھن منجهان ڄاول ڦرڙا ايترا تہ ڳرا ۽ ٿُلھا ٿا پيدا ٿين، جو اهي مشڪل سان ئي بيھي سگهن ٿا؛ ٻئي پاسي وري بھتر بڻايل ڪُڪڙيون پڻ ايتريون ڳريون ۽ ٿُلھيون بڻايون ويون آهن، جو اهي بيھي بہ نہ ٿيون سگهن ۽ وڌيڪ وزن جي ڪري فقط ويٺيون ئي هونديون آهن. تہ ڇا انھن جانورن کي اهڙي تڪليف ۾ مبتلا ڪرڻ توهان جي نظر ۾ ٺيڪ آهي؟ ان تي پروفيسر صاحب پختو جواب ڏئي ٿو تہ "هر شي آخرڪار هڪ گراهڪ تائين پھچي ٿي، ان ڪري سوال اهو آهي تہ هڪ گراهڪ گوشت لاءِ ڪيتري قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آهي...اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي تہ جينياتي تبديلين کان سواءِ رواجي يا فطري طريقن سان دنيا ۾ گوشت جي موجودہ طلب يا کپت کي مُنھن ڏيڻ ناممڪن آهي... جڏهن گراهڪ اسان کي سستي ۾ سستي گوشت لاءِ چون ٿا...تڏهن ئي اسان گراهڪن کي اهو مھيا ڪريون ٿا...گراهڪن کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي تہ انھن لاءِ ڪھڙي شي اهم آهي-قيمت يا ڪجهہ ٻيو" اهو ئي سبب آهي جو پروفيسر اينڊرسن مطمئن ضمير سان رات جو آرام وارِي ننڊ ڪري ٿو ۽ سندن توڙي گراهڪن کي احساس جرم محسوس ئي نہ ٿو ٿئي.
يووال نوح هرارِي انساني علم جي تاريخ کي سوڙهو ڪري ڪجهہ فارمولن يا مساواتن ۾ بند ڪيو آهي. سندس چواڻِي تہ تاريخ جي وچئين دؤر ۾ علم جو خزانو مذهبي پاڪ ڪتاب هئا، جن مان مذهبي عالم ۽ پادري انھن ۾ پيش ڪيل منطق وسيلي دنيا جھان جي هر مسئلي جو حل ڳوليندا هئا. مثال طور، جاب جي انجيل مقدس ۾ چيل آهي تہ خدا ڌرتي جي ڪنارن تي پڻ دسترس ۽ قدرت رکي ٿو ۽ نافرمانن کي اتان ڌُوڻي ڪيرائي سگهي ٿو. هن آيت منجهان عيسائي پادري اهو مطلب وٺندا رهيا تہ ڌرتي سڌِي ۽ تراکڙي آهي. ان دور ۾ علم جو فارمولو هي رهيو هو:
علم= مقدس ڪتاب x منطق
ان کان پوءِ صنعتي ۽ سائنسي انقلاب دوران علم جي مٿئين فارمولي کي الوداع چيو ويو ۽ هر مسئلي کي حواسي مشاهدن ۽ حسابن جي علم سان پرکيو ويو ۽ جيڪا ڳالھہ ان نئين فارمولي وسيلي وقت بوقت صحيح ثابت ٿيندي رهي ان کي ڀروسي لائق ۽ صحيح علم سمجهيو ويو. هي دؤر سائنسي دؤر جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي ۽ هتي سائنسدان ۽ محقق سالن جا سال مشاهدن، تجربيگاهن ۽ تحقيقي ڪمن ۾ معروضي معلومات جي ڇنڊ ڇاڻ ۾ مصروف رهندا هئا/آهن ۽ حسابن جي فارمولن وسيلي ڪنھن نہ ڪنھن نظرئي تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪندا هئا/آهن. هن دؤر ۾ صنعتي انقلاب برپا ٿيو. هن دؤر ۾ علم جو فارمولو هي رهيو آهي:
علم = تجرباتي يا مشاهداتي معلومات x حساب
صنعتي دؤر ۾ فلڪيات، طبيعات، طب، ڪيميا ۽ ٻين ڪيترن ئي انيڪ شعبن ۾ تاريخي ۽ ناقابلِ يقين ايجادون ۽ دريافتون ڪيون ويون. ان ترقي جو اهم سبب مذهبي ڪتابن جي تشريح نہ پر صاف ذهن سان شين جي مشاهدن ۽ انھن تي تجربن وسيلي ڀروسي لائق نظرين تائين پھچڻ جي ڪوشش هئي. نتيجي ۾ ڏڪارن، وبائن ۽ جنگين کي خدا جي ناراضگي نہ پر ڪجهہ معروضي ۽ ضابطي ۾ ايندڙ سببَ ۽ انھن سببن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ حالتون سمجهيو وڃڻ لڳو.
جديد دؤر يا هلندڙ دؤر ۾ انسانن مٿين ٻنھي نظرين کان بھتر (گهٽ ۾ گهٽ انساني زندگيءَ لاءِ) نظريو يا تصور جوڙيو آهي، جيڪو آهي "انسان-پسنديت". هن مطابق ڀروسي لائق علم جو ماخذ نہ تہ مذهبي ڪتاب آهن ۽ نہ وري معروضي سائنسي حقيقتون آهن، پر علم جو ماخذ انساني حسي محسوسات ۽ انھن متعلق انسانن جي حساسيت آهي. هن دؤر ۾ علم جو فارمولو هي آهي:
علم = محسوسات x حساسيت
هتي محسوسات (Experiences) سائنسي تجربن (Experiments) طور معروضي نہ ٿا سمجهيا وڃن، پر محسوسات جو مطلب آهي تہ ڪنھن بہ شي يا تصور متعلق اسان پاڻ داخلي طور يا موضوعي طور تي ڇا ٿا سمجهون ۽ محسوس ڪريون. محسوسات جا ٽي اهم جزا آهن: ٻاهرئين حِسي يا حواسي معلومات، ان شيءَ متعلق اسان جا داخلي جذبات، ۽ ان شي يا تصور متعلق اسان جا خيالات ۽ رويا. ڪنھن خاص لمحي دوران منھنجن پنھنجن محسوسات ۾ اهو سڀ ڪجهہ شامل هجي ٿو جيڪو: آئون محسوس ڪريان ٿو (گرمي، لطف، ڳڻتي وغيرہ)، هر اهو جذبو جيڪو منھنجي اندر ۾ پيدا ٿئي ٿو (پيار، ڊپ، ڪاوڙ وغيرہ) ۽ سڀ اهي خيال جيڪي منھنجي ذهن ۾ پيدا ٿين ٿا. ان کان پوءِ حساسيت مان مراد ٻہ شيون آهن: پھرين تہ آئون پنھنجن محسوسات، جذبات ۽ خيالات تي توجھہ ڏيان، ۽ ٻِي ڳالھہ تہ آئون پنھنجن انھن محسوسات، جذبات ۽ خيالات کي ڪيئن ٿو سمجهان يا معنيٰ ڏيان. حسي محسوسات ۽ حساسيت جو پاڻ ۾ سڌو تعلق آهي ۽ هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم واري حيثيت پڻ رکن ٿا. حسي محسوسات ماڻھوءَ ۾ حساسيت پيدا ڪن ٿا ۽ ساڳي ريت وري جيڪڏهن مون ۾ ڪنھن شي يا تصور لاءِ حساسيت نہ آهي تہ آئون ان بابت ڪجهہ بہ محسوس نہ ٿو ڪري سگهان. اهو ئي سب آهي تہ انسان-پسنديت اصل ۾ اسان جي اندرين ۽ داخلي تبديليءَ جو نظام آهي، جيڪو اسان کي پنھنجن محسوسات ۽ حساسيت وسيلي اڻڄاڻائي ۽ جھالت کان روشن خيالي طرف وٺي وڃي ٿو. ان جو وڏي ۾ وڏو مقصد اسان جي علم کي ذهني، جذباتي ۽ جسماني محسوسات جي بيشمار ڌارائن وسيلي دنيا جي شين ۽ تصورن بابت شعوري سگهہ عطا ڪرڻ آهي. چيني فلسفي ۾ پڻ يِن ۽ يينگ ٻہ قوتون آهن. يينگ اسان کي طاقت مھيا ڪري ٿي ۽ يِن اسان کي ان طاقت جي معنيٰ ۽ اخلاقي قدرن بابت سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي؛ يعني اهي قوتون سائنس ۽ جذبات کي ظاهر ڪن ٿيون. هر سائنسي دريافت ۽ ايجاد کي اسان پنھنجن اخلاقي قدرن ۽ جذبن سان پرکيندا آهيون.
هن جديد مذهب "انسان-پسنديت" جي علمي فارمولي وسيلي ئي انسانذات ڌرتيءَ تان جنگين، ڏڪارن ۽ وبائن کي مُنھن توڙي مات ڏئي سگهيو آهي. انسان-پسنديت وسيلي ئي اڄ جي انسان هن وسيع دنيا کي هڪ "عالمي ڳوٺ" بڻائي ڇڏيو آهي ۽ مختلف مذهبن ۽ تھذيبن کي هڪ جيتري اهميت ڏئي سگهيو آهي. اڄ جو انسان عالمي امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ مذهبي ڪتابن جي احڪامات ڏانھن رجوع نہ ٿو ڪري، پر عالمي ادارن ۾ سندن نمائندن وسيلي سندن جذبات ۽ احساسات جي نمائندگي لاءِ ڪوشش ڪري ٿو، تہ جيئن انھن جا جذبات، خيالات ۽ احساسات پڻ محسوس ڪيا وڃن. هن مذهب نہ رڳو سڀني روايتي مذهبن جي فرق کي ختم ڪيو آهي، پر نسل جي بنياد تي قوميتن جي فرق کي پڻ ختم ڪيو آهي يا ختم ڪرڻ ڏانھن وڌي رهيو آهي.
هراري مطابق تاريخ جو رخ هميشہ نئين سوچ رکندڙ، جديد خيالن ۽ جديد ٽيڪنالاجي ايجاد ڪندڙ ماڻھن جي ننڍي ٽولي ئي موڙيو آهي ۽ تاريخ بہ اهڙن ماڻھن کي ئي ياد رکندي آهي. اوڻيھين صدي جي وچ ڌاري جڏهن ڪارل مارڪس ۽ لينن دنيا جي نين ٽيڪنالاجين ۽ انھن سان لاڳاپيل نين مسئلن تي غور ڪيو. هنن ڏاهن جڏهن انھن جو حل اشتراڪيت وسيلي يعني ٽيڪنالاجي کي معيشت ۽ ان جي ورڇ سان جوڙي پيش ڪيو تہ اشتراڪيت جو انقلاب برپا ٿي ويو ۽ انھن مذهبي ڪھاڻين کان بيزاري جو اعلان ڪيو. پر اڄ اشتراڪي ملڪ روس کان اهو سبق وسري ويو آهي، ان ڪري هلندڙ سليڪان انقلاب واري دؤر ۾ ترقي يافتہ دنيا سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي نہ پيو هلي. نتيجي ۾ اهو وري پوئتي ڌڪجي رهيو آهي. تاريخ اوڻيھين صدي جي مارڪس، اينجل ۽ لينن کي تہ ياد رکي ٿي، پر مذهبي ڪھاڻين لاءِ پتوڙيندڙ سوڊان جي مھدي، چين جي پايس (نائين) هانگ زيڪانگ ۽ انڊيا جي ديانندا سَرسوَتي کي ياد نہ ٿي ڪري.
مستقبل جي انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي انقلابن جي سنگم واري دؤر ۾ چائينا نظرياتي طور سان تمام للڪاريندڙ نظر ٿو اچي، ڇو تہ هڪ پاسي اهو آزاد خيالي جي ڪافي تصورن سان هم آهنگ آهي، تہ ٻئي پاسي وري اتي نہ تہ حقيقي جهموريت آهي ۽ نہ ئي وري آزاد مارڪيٽ ئي آهي. ان ڪري جڏهن ايندڙ وقت ۾ حڪمران طبقو فاني منجهان لافاني بڻجي ويندو ۽ اهو انسانن جي جسم، دماغ ۽ سوچ تي قابض ٿي ويندو تہ اُتي جي جابر حڪمران وٽ اختيار ۽ طاقت استعمال ڪرڻ جا انيڪ رستا ميسر هوندا. ٻئي پاسي هراري مطابق اسلامي دنيا اڃان تائين لڪير جي فقير آهي. مسلمان ترقي جي جھاز جو لنگر تہ بڻجي سگهن ٿا، پر جھاز جو پٽوار (ان جي طرف تبديل ڪرڻ جي پَٽِي) نہ ٿا بڻجي سگهن. صنعتي انقلاب توڙي هلندڙ سليڪان انقلاب (ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ سمارٽ فون جو انقلاب) دوران ترقي جي ريل گاڏي ۾ مختلف ملڪ پنھنجن وسيلن ۽ حالتن تحت تاريخ جي مختلف وقتن تي سوار ٿي ترقي جي راھہ تي گامزن ٿي پئي سگهيا. پر مستقبل جي ايندڙ انفوٽيڪ ۽ بايوٽيڪ انقلابن جي سنگم دوران جڏهن جاکوڙيندڙ دنيا جو سائنسدان ۽ حڪمران طبقو خدائي طاقتون حاصل ڪري پاڻ کي لافاني بڻائي چڪو هوندو، ان وقت اسان جھڙن سُست ۽ لڪير جي فقير مسلمانن وٽ ان ترقي جي ڇُٽل ريل گاڏي ۾ چڙهڻ ناممڪن بڻجي چڪو هوندو، ڇو تہ ان وقت اسان جو جسم، دماغ توڙي ان جي سوچ تي پھرا لڳي چڪا هوندا ۽ اسان وٽ "بيڪار ماڻھن جو وڏو ٽولو" بڻجڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نہ رهندو. ان ايندڙ وقت ۽ انقلاب دوران علم جو فارمولو ڪجهہ هن ريت جڙندو:
عوام جو علم = لافاني سپر انسانن جي مرضي x عام يا بيڪار انسانن جي بقا جا مطالبا
اهو چئي سگهجي ٿو تہ زرعي دؤر ۾ علم جا ماخذ پاڪ ڪتابن جي تشريح ۽ منطق جي معلومات رهيا؛ صنعتي دؤر ۾ علم جا ماخذ مشاهداتي يا سائنسي ڄاڻ ۽ حسابن جي علم ۾ مھارت رهيا؛ هلندڙ سليڪان (ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ) دؤر ۾ علم جا ماخذ انساني محسوسات ۽ سندن حساسيت آهن؛ ۽ ايندڙ دؤر يعني انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي انقلابن جي سنگم واري دور ۾ عوامي علم جا ماخذ لافافي سپر انسانن جي مرضي ۽ اسان جھڙن بيڪار انسانن جي بقا جا مطالبا رهندا.