تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هوموڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ (جو اختصار)

هي ڪتاب چارلس ڊارون جي ارتقائي نظرئي کي تسليم ڪندي تاريخ جو تجزيو پيش ڪري ٿو جنھن ۾ مذهبي تصور پڻ شامل آهن. هي ڪتاب 11 بابن تي ٻڌل آهي، جيڪي ٽن حصن ۾ ورهايل آهن: هومو سيپينز (انسان) دنيا کي فتح ڪن ٿا؛ هومو سيپينز دنيا کي معنيٰ ڏين ٿا؛ ۽ هوموسيپينز بيوس بڻجي وڃن ٿا. هي ڪتاب هڪ عام دنيائي مخلوق يعني هومو سيپينز يا انسانن جي سندن غير اهم ۽ فاني مخلوق منجهان لافاني ۽ خدا بڻجندڙ مخلوق تائين پھچڻ جي تاريخي سفر بابت سڀني اهم انقلابن ۽ تاريخي واقعن تان پردو کڻي ٿو.

Title Cover of book Homo Dues: A Brief History of Tomorrow

باب ڏهون: شعور جو سمنڊ

يووال نوح هرارِي ڏهين باب "شعور جو سمنڊ" ۾ اهو دليل ڏئي ٿو تہ مستقبل جا نوان مذهب ۽ تصور افغانستان جي غارن يا وچ اوڀر جي مدرسن منجهان ڪون ڦٽندا، پر اهي تحقيقي تجربيگاهن منجهان ڦٽي نڪرندا. جھڙي ريت اشتراڪيت جي مذهب ٻاڦ انجڻين ۽ بجلي جي ايجادن وسيلي انسان ذات کي اونداهيءَ جي غارن مان نجات ڏياري، ساڳيءَ ريت ايندڙ ڏهاڪن ۾ نوان ٽيڪنالاجي سان سلاڙهيل مذهب ۽ نظريا دنيا تي بايو ٽيڪنالاجي، جينياتي انجنيئرنگ ۽ ڪمپيوٽر الگورڌمز وسيلي غالب ٿي ويندا. موجودہ انقلابي اسلام ۽ عيسائيت جي کوکلي دعوائن جي ڀيٽ ۾ سليڪان وادي جا جاکوڙي محقق ۽ دانشور اسان لاءِ تحقيق جي ميدان ۾ نوَن مذهبن ۽ تصورن جو شراب ڪشيد ڪري رهيا آهن، جن ۾ خدا لاءِ ڪابہ جڳھہ نہ آهي، پر ان جي جاءِ تي فقط ٽيڪنالاجي ئي آهي. اهي جاکوڙي توهان کي سڀ نعمتون جھڙوڪ خوشي، امن، خوشحالي ۽ ايسيتائين جو ابدي زندگي، ابدي جواني ۽ ابدي خوشي فراهم ڪرڻ جا واعدا ڪن ٿا.هراري وڌيڪ لکي ٿو تہ سندن اهي واعدا موت کان پوءِ واري اڻ ڏٺل زندگيءَ ۾ اڻ ڏٺل خدا ۽ ان جي آسماني مخلوق يا فرشتن هٿان نہ پر ٽيڪنالاجي وسيلي هن ئي زندگي ۾ اهي سڀ شيون عملي طرح فراهم ڪرڻ جو يقين ڏيارين ٿا.
نوان ٽيڪنالاجي سان وابستہ مذهب ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجن ٿا: ٽيڪنو-انسان-پسنديت ۽ ڊيٽا مذهب. ڊيٽا مذهب جو لُبِ لباب ۽ دليل اهو وڃي بيھي ٿو تہ انسان پنھنجي حصي جو آفاقي سفر پوري ڪري چڪو آهي، ان ڪري هاڻي هن کي پنھنجي هٿ ۾ جهليل ٽارچ ٻين مخلوقن ۽ جسمن جي حوالي ڪرڻ گهرجي. هن ڀوائتي خواب بابت انڪشاف آخري باب ۾ ڪيا ويندا. جڏهن تہ هن باب ۾ ٽيڪنو-انسان پسنديت متعلق بحث ٿيل آهي، جيڪو اڃان بہ انسان کي اشرف المخلوقات جو درجو ڏئي ٿو ۽ ڪيترن ئي روايتي انسان-پسنديت جي اصولن سان چهٽيل آهي. ٽيڪنو-انسان پسنديت پڻ هن ڳالھہ تي اتفاق ڪري ٿو تہ انسان پنھنجو مقرر تاريخي وقت گذاري چڪو آهي ۽ اهو موجودہ حالت ۾ مستقبل سان هم آهنگ نہ رهي سگهندو، ۽ نہ وري مقابلو ڪري سگهندو. پر ان جي باوجود هي نظريو يا مذهب ان ڳالھہ تي يقين رکي ٿو تہ اسان ٽيڪنالاجي سان ليس ٿي پاڻ کي بھتر بڻايون ۽ هومو سيپينز کان هومو ڊيئس بڻجي وڃون، ڇو تہ اهو هومو ڊيئس پوءِ بہ هڪ پاسي تہ انسانن جون ڪيتريون ئي بنيادي خاصيتون رکندڙ هوندو، تہ وري ٻئي پاسي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ بھتر جسماني ۽ ذهني صلاحيتون رکندڙ هوندو. اهو ان قابل ٿي سگهندو تہ مستقبل جي جديد ترين غير نامياتي يعني مشيني شعور يا هٿرادو ذهانت رکندڙ الگورڌمز ۽ روبوٽن جو مقابلو ڪري سگهي. جيئن تہ اڄڪلھہ ذهانت انساني مغز ۽ سوچ جي محتاج نہ رهي آهي ۽ ان کان طلاق وٺي چڪي آهي ۽ هن وقت مشيني شعور يا هٿراڌو ذهانت ناقابلِ يقين حد تائين ترقي ڪري رهيو آهي. ان ڪري اهو تمام ضروري آهي تہ اسان انسان پنھنجن ذهنن کي لڳاتار تيزي سان بھتر بڻائيندا رهون تہ جيئن اسان ان راند جو حصو رهي سگهون.
ستر هزار سال اڳ وقوفي انقلاب (Cognitive Revolution) انسانن جي ذهنن کي تبديل ڪري ڇڏيو هو، جنھن ڪري آفريڪا جي ڀولڙن جي هڪ عام ۽ غير اهم مخلوق دنيا تي حڪمران بڻجي وئي. سندن بھتر بڻيل ذهنن پنھنجي موضوعي سوچڻ جي سگهہ ۽ ڪھاڻين وسيلي نيون بين الافرادي سچائيون جوڙيون: جھڙوڪ انھن مختلف خدائن جا تصور گهڙيا ۽ ڪارپوريشنز ۽ ادارا ٺاهيا. نتيجي ۾ مختلف شھر ۽ سلطنتون وجود ۾ آيون ۽ ٻولي کي لکت جو روپ مليو. انھن ڳالھين جي ڪري اڳتي هلي انسان ان قابل ٿيو جو ان ائٽم جي دل يا مرڪز کي ٽوڙي ائٽم بم ٺاهيو ۽ ڌرتي جي حد کان وڌي وڃي چنڊ تي بہ قدم رکيو. جيئن تہ اسان کي معلوم آهي تہ ڌرتيءَ کي ڌُوڻيندڙ اهو پھريون وقوفي انقلاب لکن سالن جي ارتقائي عمل جي ڪري آيو هو، پر پوءِ بہ هي انقلاب انسانن جي مغز ۽ ڊِي اين اي ۾ فقط معمولي تبديلين جي ڪري عمل ۾ آيو هو. جيڪڏهن اها ڳالھہ صحيح آهي تہ پوءِ جيڪو نئون ٽيڪنو-انسان پسنديت وارو انقلاب ايندو، ان ۾ تہ ضرور انسانن جي مغز ۽ ڊِي اين اي ۾ ڪجهہ ٻيون ۽ گهڻيون تبديليون اينديون؛ نتيجي ۾ انسان ذات هڪ دفعو وري ٻئين وقوفي انقلاب ڏانھن قدم کڻندي.
جيڪڏهن پھرئين وقوفي انقلاب اسان کي بين الافرادي سچائين سان روشناس ڪرايو ۽ دنيا جي سڀني مخلوقات تي برتري ڏني آهي ۽ اسان کي اشرف المخلوقات بڻايو آهي، تہ ٻيون وقوفي انقلاب وري اسان کي نہ رڳو هومو سيپينز کان هومو ڊيئس بڻائي ڇڏيندو، يعني فاني منجهان لافاني بڻائي ڇڏيندو، پر اسان تي ڪيتريون ئي اڻ ڏٺل ۽ اڻ سوچيل سچائيون ظاهر ڪندو؛ ۽ شايد اهو انقلاب اسان کي ڪائنات جو پڻ مالڪ ٺاهي ڇڏي. تاريخ ۾ هٽلر بہ اهڙا ئي بھتر بڻيل سپر انسان پيدا ڪرڻ جو خواب ڏٺو هو، پر هن ان خواب جي تعبير پنھنجي نسلي برتري ۽ پنھنجي نسل کي خالص بڻائڻ وسيلي ماڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنھن ڪري تاريخ ۾ ڀيانڪ نسلي تعصبات ۽ جنگين جنم ورتو. پر هاڻي ان ساڳئي خواب جي ساڀيان مستقبل جي نينو ٽيڪنالاجي ۽ جينياتي انجينيئرنگ وسيلي پر امن نموني سان حاصل ٿي سگهندي!
هرارِي چوي ٿو تہ ٽيڪنو-انسان پسنديت جو نظريو عملي ميدان ۾ انسانن جي دماغن سان هٿ چراند ڪرڻ وسيلي اسان مٿان انيڪ اڻ ڏٺل ۽ اڻ سوچيل تجربن ۽ لقائن کي ظاهر ڪندو. جئين تہ انساني دماغ انتھائي پيچيدھہ آهي ۽ ان کي مڪمل سمجهڻ هن وقت تائين ناممڪن رهيو آهي، ان ڪري اسان فقط اندازن ۽ ڌُڪن وسيلي دماغي ۽ ذهني لقائن ۽ حالتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ ان جو مڪمل ادراڪ اسان جي سمجهہ کان مٿي آهي. ان سان هٿ چراند جو مطلب اهو ٿيندو تہ ڄڻ اسان بغير ڪنھن ڏسَ ۽ نقشي جي پنھنجي ٻيڙِي سمنڊ ۾ ڪنھن اڻڄاڻ منزل ۽ سفر ڏانھن رواني ڪندا هجون.
فرض ڪريو، روشنيءَ کي ئي ڏسو! اسان لاءِ روشني فقط نظر ايندڙ روشني ئي آهي. جڏهن تہ حقيقت ۾ ڏسڻ ۾ ايندڙ روشني ڪُل روشني جو بلڪل ٿورو حصو آهي، جيڪو ستن نظر ايندڙ روشنائي لھرن يا رنگن ((VIBGYOR=violet, indigo, blue, green, yellow, orange and red تي ٻڌل آهي. اسان جي اک تُرنج يعني واڱڻائي کان وڌيڪ لھري ڊيگهہ واري (الٽرا وايوليٽ) رنگ توڙي ڳاڙهي رنگ کان گهٽ لھري ڊيگهہ واري (انفرا ريڊ) رنگ کي نہ ٿي ڏسي سگهي. ان نظر نہ ايندڙ روشنيءَ جي اندر تابڪاري يا ريڊيائي لھرون رکندڙ لھري ڊيگهہ وارن لقائن ۽ رنگن (ايڪس ريز ۽ گاما ريز) جي دنيا لڪل آهي.
ساڳِي رِيت آوازن جي دنيا بہ ايئن ئي آهي. اسان جا ڪنَ 20 کان 20000 لھري ڊيگهہ واريون هوا ۾ پيدا ٿيندڙ لھرون ٻُڌي سگهن ٿا، پر اسان 20 کان گهٽ وارا آواز توڙي 20000 کان وڌيڪ لھري ڊيگهہ رکندڙ (الٽراسائونڊ) آواز ٻڌي نہ ٿا سگهون. مختلف جانور جھڙوڪ چمڙن جي ڏسڻ جي دنيا اهڙن ئي الٽراسائونڊ آوازن جي پڙاڏن تي انحصار ڪري ٿي، ڇو تہ اهي پنھنجي زبان سان اهڙا آواز ڪڍندا آهن جيڪي مختلف شين سان ٽڪرائجي انھن جي دماغن جي پردي تي پڙاڏن جا عڪس ٺاهيندا آهن. اهڙي ريت اهي نہ رڳو اهو معلوم ڪري وٺندا آهن تہ سامھون ڪيتري مفاصلي تي ڪھڙي شي يا ڪھڙو جيت يا جانور موجود آهي، پر اهي مختلف جيتن جي مختلف سوادن ۽ رنگن ۾ فرق پڻ ڪري سگهندا آهن، يا وري مختلف مادين مان پنھنجي محبوب مادِي يا نر جي جنسي لاڙي بابت پڻ صحيح اندازو لڳائي سگهندا آهن، ۽ ان سان گڏ و گڏ پاڻ مٿان حمله آور ٻين پکين يا جانورن جي حملي کان پڻ بچائيندا رهندا آهن. هاٿي، ويل مڇيون، ڪتا، ٻلا، گدڙ ۽ بگهڙ وغيرہ اسان کان مختلف رنگن ۽ آوازن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي اهليت رکندڙ آهن. ان جو مطلب اهو آهي تہ رڳو حواسي معلومات جي حوالي سان اسان جو دماغ ٻين جانورن سان بہ مقابلو نہ ٿو ڪري سگهي.
هڪ پاسي تہ ٻين جانورن جي شعور جي حوالي سان اسان جي سمجهہ بلڪل ناقص آهي ۽ انھن جو احاطو نہ ٿي ڪري سگهي، تہ ٻئي پاسي انسانن جي دماغ ۽ شعور کي سمجهڻ جي حوالي سان جيڪا تحقيق هن وقت تائين ڪئي وئي آهي اها يا تہ انھن ماڻھن تي ڪئي وئي آهي جيڪي ڪجهہ سببن جي ڪري نارمل کان گهٽ دماغي صلاحيتون رکندڙ آهن، يا وري اهي ماڻھو اولھہ جي ملڪن جا آهن، تعليم يافتہ آهن، صنعتي ترقي يافتہ ملڪن جا آهن، شاهوڪار آهن ۽ جهموري لاڙا رکندڙ ملڪن جا آهن يعني وِيئرڊ آهن (WEIRD=Western, Educated, Industrially developed, Rich, Democrat). ان ڪري دماغي توڙي ذهني شعور کي مڪمل طور سمجهڻ ڪنھن ماڻھو جي وس کان گهڻو پري آهي. هيٺ دماغي شعور کي تصوير جي مدد سان ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي:

[Source: Yuval Noah Harari (2016). Homo Deus: A brief history of tomorrow. Vintage. P. 418]
بھرحال مستقبل ۾ طاقتور دوائن، جينياتي هير ڦير،اليڪٽرانڪ ٽوپلن (Electronic Helmets) ۽ دماغ-ڪمپيوٽر اسڪرينن جي سڌي تصويرڪشي وسيلي شايد دماغي شعور کي اسان سمجهي سگهون ۽ دماغ ۽ ذهن جي اڻ ڏٺل ۽ اڻ سوچيل دنيائن ۽ لقائن جي دنيا ۾ پير پائي سگهون.
ٽيڪنو-انسان پسنديت مذهب جي اصولن تحت اسان اڳتي هلي پنھنجن جسمن ۽ دماغن کي ٽيڪنالاجي وسيلي بھتر تہ بڻائي ڇڏينداسين، پر اهو عين ممڪن آهي تہ ان ڊوڙ ۾ اسان پنھنجو ذهن، پنھنجو فھم ۽ پنھنجو شعور مرڳو ئي وڃائي ويھون، ۽ اسان اشرف المخلوقات منجهان وري ٻيهر ڀولڙن جھڙي هڪ ادنيٰ مخلوق بڻجي وڃون. زرعي انقلاب دوران جيئن تہ هڪ هاري ڀلي ڀت ڄاڻندو هو تہ هن کي پنھنجي پالتو ٻڪرين جي ڌڻ مان پنھنجي کاڌي لاءِ يا ڪھڻ لاءِ تمام چالاڪ ۽ تيز ترين ٻڪريءَ کي ئي ڪھڻو آهي، ڇو تہ اها ٻڪرِي ئي هن لاءِ وڌ ۾ وڌ پريشانيءَ جو سبب هوندي هئي. هارين ۽ ٻڪرارن پنھنجين ٻڪرين کي هن ئي طريقي سان تہ پالتو بڻايو هو. جھڙي ريت زرعي انقلاب کي مختلف ظلمن وسيلي جانورن کي سست ۽ ڪاهل بڻائڻ جو دؤر سڏيو ويندو آهي، ساڳي ريت وري ايندڙ ٽيڪنو-انسان پسنديت جي دؤر ۾ ٽيڪنالاجي وسيلي جيڪو ٻيون وقوفي انقلاب (Second Cognitive Revolution) ايندو ان ۾ تاريخ ڪٿي پاڻ کي ابتي پاسي نہ وٺي وڃي، جتي اسان ڪروڙين سالن کان پوءِ هڪ دفعو وري ڀولڙا يا ڪي وڏا ڪِيڙا ماڪوڙا ئي نہ بڻجي وڃون.