تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هوموڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ (جو اختصار)

هي ڪتاب چارلس ڊارون جي ارتقائي نظرئي کي تسليم ڪندي تاريخ جو تجزيو پيش ڪري ٿو جنھن ۾ مذهبي تصور پڻ شامل آهن. هي ڪتاب 11 بابن تي ٻڌل آهي، جيڪي ٽن حصن ۾ ورهايل آهن: هومو سيپينز (انسان) دنيا کي فتح ڪن ٿا؛ هومو سيپينز دنيا کي معنيٰ ڏين ٿا؛ ۽ هوموسيپينز بيوس بڻجي وڃن ٿا. هي ڪتاب هڪ عام دنيائي مخلوق يعني هومو سيپينز يا انسانن جي سندن غير اهم ۽ فاني مخلوق منجهان لافاني ۽ خدا بڻجندڙ مخلوق تائين پھچڻ جي تاريخي سفر بابت سڀني اهم انقلابن ۽ تاريخي واقعن تان پردو کڻي ٿو.

Title Cover of book Homo Dues: A Brief History of Tomorrow

باب نائون: عظيم انتشار

يووال نوح هرارِي نائين باب "عظيم انتشار" ۾ اهو بحث ڪري ٿو تہ انسان جي انفرادي هئڻ ۽ آزاد هئڻ وارِي چنڊ جھڙي سھڻي تصور کي ايڪيھين صدي ۾ هڪ يا ٻن ڏهاڪن ۾ گرهڻ لڳڻ وارو آهي. اُن دؤر ۾ ذهانت انساني جسم ۽ شعور جو اٽوٽ حصو نہ رهندي، پر اها نامياتي يا زندھہ جسمن کان غير نامياتي جسمن يعني مشينن ۽ روبوٽن ڏانھن منتقل ٿيڻ واري آهي. هن لقاءُ کي ليکڪ عظيم انتشار سڏي ٿو. ان گرهڻ کان پوءِ "انسان-پسنديت" جا اعليٰ اقدار پڻ ختم ٿي ويندا ۽ انسان لاءِ هيٺيان اهم مسئلا ڪَرُ کڻندا:
• انسان پنھنجِي معاشي ۽ فوجي اهميت وڃائي ويھندا، ان ڪري معاشي ۽ دفاعي ادارا انسانن کي اهميت ڏيڻ ختم ڪري ڇڏيندا.
• سماجي نظام ۾ انسانن جي اجتماعي طور تي تہ اهميت ۽ حيثيت رهندي، پر انفرادي طور تي هر ماڻھو جي انوکي حيثيت ختم ٿي ويندي.
• سماجي نظام ۾ فقط انھن انسانن کي انفرادي طور اهميت ۽ حيثيت ملندي جيڪي پنھنجو پاڻ کي بھتر بڻائي ۽ خدائي صفتون حاصل ڪري فاني منجهان لافاني بڻائي چڪا هوندا.
فوجي ۽ معاشي حيثيت جي حوالي سان صنعتي انقلاب واري دؤر ۾ توڙي هن وقت تائين جنگ جي ميدان ۾ توڙي پيداواري صنعتن ۾ ڪم ڪندڙ هر هڪ هٿن جي جوڙي (يعني جنگ دوران هر هڪ ماڻھو جيڪو هٿ ۾ رائيفل يا ٻيو هٿيار يا اوزار جهلي ٿو، يا وري فيڪٽري ۾ انساني گهرج واري ڪا شيءِ يا مصنوعات ٺاهڻ جي عمل ۾ ڪنھن مشين جو ڪو ليور جهلي ٿو)، جي انفرادي طور سان نہ رڳو ضرورت رهي آهي، پر ان جِي جسماني توڙي ذهني صحت جو بھتر هجڻ پڻ ضروري آهي. ان ڪري ماڻھن مذهبي ڪھاڻين مان پنھنجا هٿ ڍرا ڪيا ۽ انھن جي پاران انسان-پسنديت واري نظرئي کي فروغ ڏنو. هن نظرئي مطابق هر انسان جي حياتي جي هڪ جيتري اهميت آهي ۽ هر انسان وٽ هن دنيا ۾ پنھنجيون انوکيون صلاحيتون آهن، جن کي استعمال ڪندي اهو لاڳاپيل شعبي ۾ بلڪل اهم ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ ڪري پڻ رهيو آهي. ان ڪري هر ماڻھو جا جذبا ۽ رايا اهم آهن ۽ ان کي حڪومتي نمائندن چونڊڻ ۽ حڪومت ٺاهڻ لاءِ اميدوار طور بيھڻ توڙي ووٽ ڏيڻ جو هڪ جيترو حق حاصل آهي ۽ پنھنجي زندگي کي آزاد نموني گذارڻ جو پڻ هڪ جيترو حق حاصل آهي. پر هن ايڪيھين صدي ۾ هڪ يا ٻن ڏهاڪن کان پوءِ اهي حالتون ساڳيون رهي نہ سگهنديون، ڇاڪاڻ تہ ان دؤر ۾ حڪومتن جي طاقت، غلبو ۽ ڪاميابي توڙي پيداوار جو تعلق انسانن جي تعداد سان واسطو نہ رکندو. ان دؤر جي شروع ۾ انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي مان ڦٽندڙ هٿراڌو ذهانت جي ڪري چند ٽيڪنالاجي جا ماهر ۽ اهل ماڻھو مختلف روبوٽن يعني بغير پائلٽ جي ڊرون جنگي جھازن وسيلي يا سائيبر حملن وسيلي تمام گهٽ نقصان سان نہ رڳو جنگ جي ميدان تي ٿورڙي وقت ۾ روايتي دشمن کي مات ڏئي سگهندا، پر سائيبر حملن ذريعي دشمنن جي سڄي ملڪ جو هلندڙ انتظام (هوائي جھاز، ريل گاڏيون، اسٽاڪ ايڪسچينج ڪمپنيون، بينڪون، اي ٽي ايم مشينون، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، ريڊيو ۽ ٽِي-وِي نشريات، اسپتالون، سرڪاري توڙي خانگي ادارا، فوجي توڙي عوامي ادارا) ڊانواڊول ۽ مفلوج ڪري سگهندا.
اهو سلسلو ايترِي حد تائين ڳنڀير ٿي سگهي ٿو جو، ايسيتائين جو دشمن ملڪ جو وزير اعظم يا صدر پنھنجي فوج جي سربراھہ کي ٽيليفون جي هاٽ لائين تي حملي جو حڪم ڏئي، تيسيتائين دير ٿي چڪي هوندي ڇو تہ جديد ٽيڪنالاجي سان سلھاڙيل ملڪ سائيبر حملي وسيلي دشمن ملڪ جا مٿيان سڀ ادارا ناڪارا ڪري چڪو هوندو. وڏي ڳالھہ اها هوندي تہ دشمن ملڪ جي ريڊيو، ٽِي-وِي، انٽرنيٽ وغيرہ جي رابطن ڪٽجڻ جي ڪري ان ملڪ جا اڪثر ماڻھو پنھنجي ملڪ تي ٿيل سائيبر حملن کان علاوہ ٻين فوجي ڊرون حملن جي نقصانن جو صحيح اندازو بہ نہ ڪري سگهندا.
هن سلسلي ۾ ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن هٿرادو ذهانت ۾ ترقي يافتہ ملڪ گهٽ-ظالم ذهنيت رکندڙ هوندو، تہ نام نھاد انصاف جي اصولن جي پوئواري ڪندي اهو بنا پائلٽ وارا جنگي جيٽ ۽ گوشت پوشت جي فوجي سپاهين بدران روبوٽ سپاهي جنگ جي ميدان تي موڪلي سگهندو. ان سان اهو ضرور ٿيندو تہ انساني جذبات ۽ خطائن جي ڪري دشمن ملڪ جون عورتون انھن طرفان زِنا ۽ ٻين وحشيانہ ظلمن کان محفوظ رهي سگهنديون؛ ان کان سواءِ ميدانِ جنگ کي ڇڏي ڪري دشمن جي رهائشي علائقن جا ماڻھو هروڀرو قتل ٿيڻ کان پڻ بچي سگهندا، ڇو تہ انھن روبوٽن جي اهڙي قسم جي ڪوڊنگ پڻ ڪري سگهبي.
دانشورن جو خيال آهي تہ ايندڙ انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي جي سنگم واري انقلاب دوران جڏهن مشينون ۽ ادارا خودڪار بڻجي ويندا تہ ان دؤر ۾ پاڻ کي بھتر نہ بڻائي سگهندڙ عام پيشہ ور ماڻھو جھڙوڪ بينڪ ڪلرڪ، ٽريول ايجنٽ، ڊرائيور، وڪيل، انجنيئر، ڊاڪٽر، استاد وغيرہ هيٺين سببن جي ڪري بيڪار ۽ بيروزگار بڻجي ويندا:

• بينڪ ڪلرڪ: بينڪن جا ڪم ڊجيٽلائيز ۽ آن لائين ايپليڪيشنز وسيلي سمارٽ فونن وسيلي ٿيڻ لڳندا.
• ٽريول ايجنٽ: سمارٽ فون ايپليڪيشنز وسيلي هوائي جھازن ۾ سَستي ۽ تڪڙي سيٽ مخصوص (بڪ) ڪرائي سگهبي.
• ڊرائيور: گاڏيون جھڙوڪ ڪارون، ٽيڪسيون، بسون، ڪوچ ۽ ريل گاڏيون ڪمپيوٽرائيز ۽ آٽو ڊرائيونگ سسٽم تحت هلنديون.
• وڪيل: روبوٽ وڪيل توهان جا ڪيس وڌيڪ مؤثر نموني ۽ ثبوتن جي آڌار تي تڪڙا اُڪلائيندا.
• انجنيئر: روڊ ۽ رستا، گهر ۽ بنگلا، هوٽلون ۽ ريسٽارنٽ وغيرہ ڪنسٽرڪشن ڪمپني وارا آٽوميٽڪ مشينن سان ڊزائين ڪندا ۽ ٺاهيندا، جنھن دوران فقط ڪجهہ ماهر ٽيڪنيشن سائيٽ تي موجود رهندا.
• ڊاڪٽر: روبوٽ ڊاڪٽر توهان جو معائنو، تشخيص ۽ علاج ڪندا، اهي توهان جو آپريشن پڻ ڪندا (هن وقت بہ ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ سائيبر نائيف روبوٽ ڪينسر جا آپريشن ڪري رهيو آهي ).
• استاد: دنيا جھان جي معلومات بھترين تدريسي طريقن ۽ انفرادي توجھہ وسيلي شاگردن تائين روبوٽ استادن وسيلي ڏني ويندي. اهي روبوٽ شاگردن جي انفرادي ضرورتن جي پيشِ نظر سندن ميسر واندي وقت ۾ انھن کي پڙهائيندا.
• فوجي جوان: جنگ ۾ گوشت پوشت جا جذباتي توڙي ڊڄڻا فوجي نہ وڙهندا، پر بيخوف روبوٽ فوجي جيڪي انسانن کان سوين دفعا جسماني ۽ ذهني سگهہ ۾ بھتر ڪم ۽ فيصلا ڪندڙ ۽ نہ ٿڪجندڙ هوندا، اهي وڙهندا.
• وڪيل، جاسوس ۽ جج: سچ ۽ ڪوڙ کي پرکڻ ۽ پڪڙڻ واريون روبوٽ مشينيون اچي وينديون، جيڪي اسان جي مغز سان ڳنڍجڻ تي پنھنجو ڪم ڪنديون ۽ ڏوهي يا بي ڏوهي هجڻ بابت فيصلا ٻڌائينديون. ان ڪري اهي ڌنڌا پڻ ختم ٿي ويندا.
• موسيقار: روبوٽ موسيقار توهان جي پسند ۽ نا پسند کي نظر ۾ رکي توهان جي شخصيت جي ماضي ۽ حال جي رجحانن ۽ انفرادي تجربن ۽ مشاهدن کي بنياد بڻائي توهان جي تصوراتي دنيا سان ٺهڪندڙ ڌُنُون توهان لاءِ ترتيب ڏيندا رهندا، جيڪي توهان جي وقتي مُوڊ مطابق توهان کي خوش، پرجوش، اداس ۽ اوج تي پھچائي ڇڏينديون.

جتي روايتي پيشا ۽ انھن پيشن سان سلھاڙيل پيشہ ور ماڻھو بيڪار بڻجي ويندا، اتي وري جديد دور جي تقاضن تحت نوان شعبا ۽ پيشا پيدا ٿيندا، جن کي نوان پيشہ ور ماڻھو ڀريندا. اهڙن پيشن ۽ شعبن ۾ ڪمپيوٽر سائنسز، جينيٽڪس ۽ بايو انجينيئرنگ پيش پيش رهندا. مثال طور 2033 ڌاري ڪمپيوٽر تي تصوراتي دنيا ٺاهيندڙ (Virtual-World Designer) ماڻھن جي وڏي گهرج هوندي. پر ان يا اهڙن شعبن لاءِ ضروري آهي تہ اهي ماڻھو تمام گهڻا تخليقي صلاحيتون رکندڙ هجن ۽ اهي پاڻ کي هر وقت نئون بڻائيندڙ يا سڌارنيدڙ هجن، تڏهن ئي اهي ان دؤر جي بدلجندڙ تقاضن سان ٺهڪي هلي سگهندا. جيڪڏهن اسان پارا ماڻھو ايئن نہ ڪري سگهندا تہ گهڻو ممڪن آهي تہ انھن لاءِ يا تہ پاڻ کي وندرائڻ لاءِ ڪمپيوٽر جون رانديون هونديون يا وري اهي نشائي بڻجي ويندا.
ڪافي وقت کان مستقبل جي انقلاب جون چٽيون جهلڪيون نظر اچي رهيون آهن. فيبروري 1996ع ۾ بِي ايم آئي ڪمپني جي هٿراڌو ذهانت تي ڪم ڪندڙ روبوٽ ڊِيپ بليو (Deep Blue) پنھنجو پاڻ کي خودڪار انداز ۾ چند ڪلاڪن ۾ شطرنج ۽ ان جون ڳُوڙهيون اٽڪلون سيکاري ڇڏيون. نتيجي ۾ ان گوشت پوشت جي شطرنج جي ماهر انسان (Gary Casparov) کي آساني سان هارائي مات ڏني. اهڙي ريت آئي بِي ايم ڪمپني جي هٿراڌو روبوٽ ڊاڪٽر واٽسن (Watson) ٽيليويزن پروگرام (Jeopardy) ۾ هٿراڌو ذهانت وسيلي گوشت پوشت جي انسان ڊاڪٽرن کان بھتر نموني بيمارين جي تشخيص ڪرڻ ۽ علاج تجويز ڪرڻ وارو مقابلو کٽي ورتو. ان کان سواءِ ڊيوڊ ڪوپ (David Cope) جيڪو ڪيليفورنيا ۾ موسيقي جو پروفيسر آهي، ان هٿراڌو ذهانت واري سسٽم اِي ايم آئِي (Experiments in Musical Intelligence) وسيلي هڪ مشھور ڳائڻي (Johann Sebastian Bach) جي اسٽائيل ۾ هڪ ئي ڏينھن ۾ 5000 ڪلام لکيا، ترتيب ڏنا ۽ ڳايا. وڏي ڳالھہ اها هئي جو ماڻھن کي اها خبر ئي نہ پئي تہ اهي بيڪ جا ڳايل هئا يا ڪمپيوٽر سسٽم جا ٺاهيل ۽ ڳايل هئا. اهي فقط ڪجهہ مثال هئا جيڪي هتي پيش ڪيا ويا آهن، جڏهن تہ ڳالھہ هينئر بہ تمام اڳتي نڪري وئي آهي.
هٿرادو ذهانت جي سلسلي ۾ ٻن ملڪن ۾ جنگ جي حوالي سان جيڪڏهن توهان جو ملڪ فتح کان وڌيڪ نام نھاد انصاف کي ترجيح ڏئي ٿو، تہ اهو هڪ پاسي پنھنجي فوجي جوانن کي مارائڻ بدران پائلٽ کان سواءِ اڏامندڙ جنگي ڊرون جھازن کي دشمن ملڪ تي حملي لاءِ موڪليندو، تہ ٻئي پاسي وري اهو جنگ جي ميدان تي دشمن جي زميني فوج کي منھن ڏيڻ لاءِ ويڙهاڪ فوجي روبوٽ موڪلي سگهي ٿو، جيڪي نہ رڳو دشمن جي مقابلي ۾ جسماني توڙي ذهني طرح سان وڌيڪ طاقتور ۽ مؤثر هوندا، پر اهي انسانن وانگر جذبات ۾ اچي دشمن عورتن سان زنائون نہ ڪندا، انھن کي توڙي معصوم شھرين کي قتل نہ ڪندا ۽ ٻيون انساني خطائون بہ نہ ڪندا. ڇو تہ انھن کي اهڙي ريت پروگرام ڪيو ويو هوندو. ٽيڪنالاجي جِي هي جنگ، روايتي جنگ کان بلڪل مختلف ۽ تمام گهڻي مؤثر هوندي جنھن ۾ فتح پڻ يقيني هوندي.
هن باب ۾ ليکڪ دليل ڏئي ٿو تہ آزاد-خيالي جو تصور اسان کي ٻڌائي ٿو تہ انساني سوچ پنھنجي آخري تجزئي ۾ هڪ اڻ تقسيم ٿيندڙ، آزاد ۽ فطري طور هڪ فرد جي جامع، منفرد ۽ ذاتي ملڪيت آهي، جيڪا ڪو ٻيو نہ ٿو ڄاڻي سگهي. ان ڪري ئي آزاد-خيالي جو نظريو انسانن جي انفراديت، آزادي ۽ جذبات کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. پر هاڻي جديد سائنسي خاص طور تي دماغي ۽ ذهني دريافتون، مٿئين تصور کي هيٺ کان مٿي تائين ڌُوڻي رهيون آهن، ايسيتائين جو سندس پاڙون ئي اکيڙي رهيون آهن. هنن دريافتن مطابق انساني سوچ ۽ جذبات (پيار، نفرت، ڪاوڙ، مقابلو، فرار وغيرہ) ڪنھن روح وغيرہ جي مرهونِ منت نہ آهن، پر اهي دماغي نيورانز ۾ پيدا ٿيندڙ اليڪٽرو ڪيميڪلز ۽ انھن جي فائرنگ جي سبب پيدا ٿين ٿا. اسان جو آزاد فيصلو در اصل آزاد نہ آهي، پر انھن ڪيميڪلز ۽ فائرنگ جي حسابي ڳڻپ ئي آهي. ان ڪري اها حسابي ڳڻپ فقط گوشت پوشت جي انسانن ۽ نامياتي زندگي تائين محدود نہ آهي، پر ڪمپيوٽر ۽ روبوٽ بہ هاڻي اهي ڪم ۽ فيصلا ڪري سگهن ٿا. نہ رڳو ايترو پر ان کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ ذهانت وارا ڪم صحيح طريقي سان غير نامياتي مشينن يعني هٿرادو ذهانت تي هلندڙ سليڪان ٽيڪنالاجي وارن روبوٽن سان ڪري سگهجن ٿا. اهي مشينون بجلي جي ڪرنٽ وسيلي اهي سڀ ڪم ڪري سگهن ٿيون. ان ڪري زندگي هاڻي نامياتي شڪلين يعني قدرتي مخلوقات جي جسمن کان ٻاهر روبوٽن جي جسمن ۾ پڻ واسو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي.
اڄ (2016) کان انسان پنھنجي جينياتي جوڙجڪ، ان ۾ موجود خوبين ۽ خامين وغيرہ جي باري ۾ آساني سان ڄاڻي سگهي ٿو. هن وقت 23_اينڊ مِي (23andMe)نالي ليبارٽري چڪاس اچي چڪي آهي. 23_اينڊ مِي جو مطلب آهي تہ منھنجن 23 ڪروموسومز جوڙن جي چڪاس، جيڪي اسان جي هر هڪ جيو گهرڙي توڙي جسم جي هر رطوبت ۾ موجود آهن. اسان کي اها خبر آهي تہ اڪثر ڪري اسان جي هر ذهني ۽ جسماني خوبي ۽ خامي يا بيماري ڪنھن نہ ڪنھن جِين سان لاڳاپيل هوندي آهي. هي ٽيسٽ موروثي لاڙن جھڙوڪ هاڪاري ناڪاري روين ۽ جسماني بيمارين جي حوالي سان 87% تائين ڀروسي وارا نتيجا ڏيندي آهي. شروع ۾ تہ هي چڪاس مھانگي هئي، پر هن وقت (2016) ۾ اها 99 آمريڪي ڊالرن ۾ ٿئي ٿي. توهان جڏهن ڪيليفورنيا جي ڪمپني "مائونٽين وِيو" کي گهربل رقم جي ادائگي ڪندا تہ اها توهان کي هڪ ننڍي ٿيلھي ۾ هڪ دَٻِي موڪليندا. توهان کي ڪرڻو اهو پوندو تہ ان دٻِي ۾ پنھنجي وات جي ٿورِي ٿُڪ وجهي، احتياط سان ان کي بند ڪري واپس ڪمپني ڏانھن موڪلڻو پوندو. موٽ ۾ اها ڪمپني توهان جي ٿُڪ يا لعاب مان توهان جي ڊِي-اين-اي جي چڪاس ڪري توهان جي 90 کان مٿي موروثي خصوصيتن ۽ بيمارين جي باري ۾ 87% تائين يقين سان امڪاني طور وچڙڻ يا نہ وچڙڻ باري ۾ ڄاڻ ڏيندي. اهي نتيجا توهان ڪمپني جي ويبسائيٽ تي آن لائين ڏسي سگهندا. اهڙيون ڪمپنيون ان ڊيٽا کي محفوظ ڪري ان کي ڪيترن ئي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿيون. جن ملڪن ۾ ماڻھن جي خانگي معلومات (ڊيٽا) حاصل ۽ محفوظ ڪرڻ متعلق سخت قانون آهن، جھڙوڪ آمريڪا وغيرہ، اتي اهڙيون ڪمپنيون گهٽ لاڀ حاصل ڪنديون؛ پر جتي اهڙا ڪي بہ قانون نہ آهن ۽ حڪومت ئي سڀ ڪجهہ آهي، جھڙوڪ چين، روس ۽ ڪوريا وغيرہ، اتي اهي ايتري معلومات حاصل ڪري سگهنديون جو اتان جا حڪمران ان معلومات کي پنھنجن مفادن تحت استعمال ڪرڻ وسيلي پاڻ کي خدا بڻائي سگهن ٿا، تہ ٻئي پاسي وري عوام کي پنھنجي مرضي ۽ مفادن مطابق آڱرين تي نچائي پڻ سگهندا.
ڊِي_اين_اي چڪاس وسيلي توڙي گوگل ۽ سمارٽ فونن ۾ لڳل بايو سينسرز وسيلي گڏ ڪيل ڊجيٽل ڊيٽا اڳتي هلي ايتري اهم بڻجي سگهي ٿي، جو ملازمت ڏيندڙ ادارا اميدوارن کان لکت جو امتحان يا انٽرويو نہ پر سندن ڊِي اين اي رپورٽ وٺندا، ڇو تہ ان وسيلي اهي اميدوارن جون ظاهر توڙي لڪل صلاحيتون ۽ بيماريون توڙي جسماني صحت بابت بھتر انداز ۾ فيصلا ڪري سگهندا. ياد رهي تہ هن وقت بہ ڪوڙ ڳالھائڻ، وفاداري، غير روايتي يا ممنوعه جنسي رجحانات، فيصلي جي قوت وغيرہ جا جِين معلوم ٿي چڪا آهن. بلڊ پريشر، شگر، رت ۾ آڪسيجن جو سيڪڙو، دل جي ڌڙڪڻ جي رفتار وغيرہ جي معلومات ۽ چڪاس اڳ ۾ ئي سمارٽ فونن جي مختلف ايپليڪيشنز وسيلي گهر ويٺي ڪري سگهجي ٿي. ان ڪري اسان جي جسماني ڊيٽا تمام گهڻي اهميت جي حامل آهي، جيڪا اسان سمارٽ فونن جي مختلف ايپليڪيشنز جي معمولي مفت وارين سھولتن، اِي ميل يا وري کل-ڀوڳ وارين وڊيوز عيوض بغير سوچڻ جي ۽ بنا ڪنھن هچڪچاهٽ جي لاڳاپيل ڪمپنين کي ڏيڻ تي راضي ٿي ويندا آهيون ۽ انھن کي پنھنجن موبائيل فونن ۾ انسٽال ڪري ڇڏيندا آهيون.
ڊجيٽل ۽ بايو سينسرز وسيلي حاصل ڪيل اسان جي ذاتي ڊيٽا جي ڪري اڄڪلھہ سائيبر ڪمپنيون جھڙوڪ گوگل، فيسبوڪ وغيرہ جلد ئي ان قابل ٿي وينديون جو اهي اسان لاءِ اسان جي ذاتي فيصلن کان بہ وڌيڪ بھتر فيصلا ڪندڙ بڻجي وينديون ۽ اسان انھن کي هر شعبي ۾ ماهر جو درجو ڏئي ڇڏينداسين. ڳالھہ اتي ختم نہ ٿيندي، پر اڳتي هلي اهي پاڻ کي سڌارڻ وسيلي خود مختيار فيصلا ڪندڙ ۽ شعور رکندڙ بڻجي وينديون. اهو وقت پري نہ آهي جو توهان آن لائين ڪِنڊل، ايميزون يا ٻِي ڪنھن ايپليڪيشن تي جڏهن ڪي ڪتاب پڙهندؤ تہ اهي ڪتاب ۽ اها ايپليڪيشن توهان کي بہ پيا پڙهندا ۽ توهان جي پڙهڻ جي رجحانن بابت پيا معلومات گڏ ڪندا. توهان کي ڀلي وسري وڃي پر ڪِنڊل يا ايميزون کي توهان جي ڪا بہ ڳالھہ، ڪو بہ رجحان نہ وسرندو. اهڙي ريت هر وقت 24/7 توهان کي گوگل ۽ انٽرنيٽ سان سلھاڙيل ٻيون ايپليڪيشنز نظر هيٺ رکنديون رهنديون ۽ توهان تي پنھنجو اعتماد ۽ ڀروسو وڌائينديون رهنديون. آخرڪار ايندڙ انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي انقلاب جي سنگم دوران اهي توهان جون مددگار هجڻ بدران خودمختيار بڻجي توهان تي حڪومت ڪنديون. ڇو تہ ان وقت ڪمپيوٽر الگورڌمز جي ڊيٽا پروسيسنگ ۽ فيصلن کي سمجهڻ ڪنھن انسان توڙي حڪومت يا اداري جي وس ۾ نہ رهندو.
ويھين صدي ۾ انسان-پسنديت نظرئي ۾ اعتبار ۽ ويساھہ جي ڪري دوائون عوام کي فائدو ڏيڻ ۽ بيمارين کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺاهيون وينديون هيون، ڇو تہ فوج لاءِ ڪروڙين صحتمند فوجي جوان گهربل هئا، ۽ معيشت لاءِ ڪروڙين صحتمند مزدور گهربل هئا. ان ڪري رياستون عوام جي صحت لاءِ بھتر سھولتون ۽ خدمتون فراهم ڪرڻ ۾ پيش پيش هيون. ايڪيھين صدي ۾ انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي جي سنگم دوران دنيا جي ترقي يافتہ ملڪن جا حڪمران ۽ سائنسدان طبقا پاڻ کي جديد طريقن سان بھتر بڻائي فاني منجهان لافاني بڻائي ڇڏيندا؛ اهي ابدي حسن، ابدي جواني ۽ ابدي سُرور حاصل ڪري وٺندا ۽ جنگين ۽ فيڪٽرين ۾ انھن کي ماڻھو نہ پر هٿراڌو ذهانت تي هلندڙ ماڻھن کان بھتر روبوٽ ميسر هوندا؛ ايترو نہ پر اهي گوگل ۽ ٻين انٽرنيٽ ذريعن ۽ سمارٽ فونن وسيلي ماڻھن جي جسمن، دماغن ۽ سوچن تي قابو پائي چڪا هوندا. اهڙي صورتحال ۾ انھن کي ووٽن پنڻ جي بہ ضرورت نہ رهندي، ڇو تہ اهي انھن کي بنا ڪوشش جي پيا ملندا. ان ڪري 2070ع ڌاري دنيا ۾ انسانن جا ٻہ نسل ٺھي پوندا: هڪڙا هوندا خدا بڻيل ۽ لافاني حڪمران ٽولو ۽ ٻيا هوندا کربن جي تعداد ۾ اسان جھڙا بيڪار بڻيل عام ماڻھو.
حڪمران طبقي جا جيئن تہ بيڪار بڻيل عام ماڻھن جي وڏي ٽولي سان ڪي خاص مفاد جڙيل نہ هوندا، ان ڪري بيڪار بڻيل اربين ماڻھو انھن جي رحم ڪرم تي ئي رهندا. جيتوڻيڪ ان دؤر جا بيڪار يا عام ماڻھو هن دؤر جي وچولي طبقي جھڙيون يا ان کان بہ بھتر سھولتون ماڻيندا هوندا، پر سندن ۽ حڪمران طبقي جي وچ ۾ زمين ۽ آسمان جيترو فرق هوندو، ۽ اهي بيڪار يا عام ماڻھو ان دؤر ۾ بہ غربت، بيمارين ۽ نظراندازي وارن روين جو شڪار رهندا. اهي بلڪل ايئن هوندا جيئن اڄ جي دنيا ۾ آفريڪا جي ملڪن ۾ غذائي قلت جا ستايل، هڏاوان ڍانچا بڻيل ۽ غربت ۽ بيوسي جي علامت بڻيل غريب انسان.