تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هوموڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ (جو اختصار)

هي ڪتاب چارلس ڊارون جي ارتقائي نظرئي کي تسليم ڪندي تاريخ جو تجزيو پيش ڪري ٿو جنھن ۾ مذهبي تصور پڻ شامل آهن. هي ڪتاب 11 بابن تي ٻڌل آهي، جيڪي ٽن حصن ۾ ورهايل آهن: هومو سيپينز (انسان) دنيا کي فتح ڪن ٿا؛ هومو سيپينز دنيا کي معنيٰ ڏين ٿا؛ ۽ هوموسيپينز بيوس بڻجي وڃن ٿا. هي ڪتاب هڪ عام دنيائي مخلوق يعني هومو سيپينز يا انسانن جي سندن غير اهم ۽ فاني مخلوق منجهان لافاني ۽ خدا بڻجندڙ مخلوق تائين پھچڻ جي تاريخي سفر بابت سڀني اهم انقلابن ۽ تاريخي واقعن تان پردو کڻي ٿو.

Title Cover of book Homo Dues: A Brief History of Tomorrow

باب يارهون: ڊيٽا مذهب

يووال نوح هرارِي آخري ۽ يارهين باب "ڊيٽا مذهب" ۾ ٻڌائي ٿو تہ ڊيٽا (معلومات) جي نظرئي، جيڪو هينئر مذهب جي صورت وٺندو پيو وڃي، مطابق سڄي ڪائنات ۾ هر هنڌ ڊيٽا ئي ڊيٽا آهي... ڪائنات ۾ هر وقت ڪيترائي ڊيٽا جا مظھر گردش ۾ آهن، ۽ ڊيٽا جو ڪارائتو ۽ لاڀائتو هجڻ لاءِ اهو ڏٺو ويندو آهي تہ ان کي ڪٿي، ڪير ۽ ڪھڙي ريت استعمال ٿو ڪري. هي شعبو ٻن شعبن جي علمن تي انحصار ڪري ٿو، جيڪي آهن ڪمپيوٽر سائنسز ۽ حياتيات، خاص طور تي بايو ٽيڪنالاجي. ڊيٽااِزم اڄ جي سائنسي حقيقت بڻجي چڪي آهي.
ڊيٽا ٻن سائنسي لھرن جي ڪري وجود ۾ آيو آهي: پھرين لھر جڏهن چارلس ڊارون پنھنجو جڳ مشھور ڪتاب "نسلن جي ارتقا بابت" (On the Origin of Species) ڇپائي پڌرو ڪيو تہ ان جي نتيجي ۾ حياتياتي علمن جي نقطئہ نظر سان جاندارن کي بايو ڪيميڪل يا نامياتي الگورڌمز طور سڃاتو ويو. ان جي اٺن ڏهاڪن کان پوءِ ٻِي سائنسي لھر دوران وري ايلن ٽيورنگ (Alan Turing) پھريون دفعو ٽيورنگ مشين جو تصور پيش ڪيو. جنھن جي نتيجي ۾ ڪمپيوٽر سائنسدانن الگورڌمز کي نامياتي (جاندارن) جسمن جي انحصاري کان آجو ڪيو ۽ غير نامياتي يعني مشينن وسيلي جديد اليڪٽراني الگورڌمز جو تصور پيش ڪيو. ڊيٽااِزم انھن ٻنھي لھرن کي پاڻ ۾ جوڙي ڇڏيو ۽ واضع ڪيو تہ نامياتي (جاندار) توڙي غير نامياتي (مشيني) الگورڌمز اصل ۾ ساڳين حسابي اصولن تحت ڪم ڪن ٿا. ان ڪري ڊيٽااِزم جو تصور اڳتي هلي ان قابل بڻجي ويندو جو اهو جانورن ۽ مشينن جي وچ ۾ موجود خال کي ڀري ڇڏيندو. نتيجي ۾ مشيني يا اليڪٽرانڪ الگورڌمز نہ رڳو ان قابل ٿي ويندا جو اُهي جاندارن يعني انسانن جي نامياتي يعني بايو ڪيميڪل الگورڌمز کي مڪمل سمجهڻ جي سگهہ حاصل ڪري سگهندا پر انھن کان بہ گوءِ کڻي ويندا.
ڊيٽااِزم جي مطابق ڪائنات ۾ ظاهر ٿيندڙ مختلف لقاءَ مختلف شين جي وچ ۾ سندن ساڳِي ڊيٽا کي مختلف طريقن سان استعمال ڪرڻ جا نتيجا آهن. يعني ڊگهي ڳچي وارا ضرافہ جانور، ٽماٽا ۽ انسان در اصل ساڳِي ڊيٽا کي مختلف طريقن سان استعمال ڪندڙ جاندار يا شيون آهن. انھن ۾ ائٽمن ۽ اليڪٽراني سطح تي ٿيندڙ لقاءَ ساڳين حسابن جي اصولن ۽ فارمولن جي پوئواري ڪن ٿا. ان ڪري ڊيٽااِزم جو مذهب هڪ ئي وقت سياستدانن، ڪاروباري ماڻھن، دانشورن، سائنسدانن ۽ عام رواجي گراهڪن لاءِ تحلقہ انگيز ٽيڪنالاجيون ۽ طاقتون فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياري رهيو آهي. ٻين لفظن ۾ ڊيٽااِزم سڀني شعبن ۽ مضمونن کي جوڙڻ واري ڪائنات جي هڪ وڏي سچائي ۽ نظرئي طور اڀري رهيو آهي.
ڏسجي تہ ڊيٽااِزم اسان جي سکڻ جي روايتي نظرئي کي ئي ابتو ڪري ڇڏيو آهي. روايتي طرح سان ڊيٽا ئي سکڻ جي ڊگهي زنجير جي پھريون ڪڙِي آهي ۽ انسان کي ئي اها صلاحيت حاصل آهي جو اهو ان ڊيٽا کي استعمال ڪري سگهي. ان ڪري انسان ان ڊيٽا کي پنھنجي دماغ وسيلي معلومات ۾ تبديل ڪندو آهي، اها معلومات اڳتي هلي ڇڻي ڇنڊجي علم ۾ تبديل ٿيندي آهي، ۽ آخر ۾ انسان ان علم کي سياڻپ ۾ تبديل ڪري ۽ ان کي استعمال ڪري پنھنجي زندگي کي آسان بڻائيندو آهي. ٻئي پاسي ڊيٽااِزم جا حامي اهو اعتقاد رکن ٿا تہ اسان انسان ان قابل نہ رهيا آهيون تہ پنهجي ماحول ۾ ڊيٽا جي لامحدود سامونڊي وهڪري کي سھيڙي سگهون؛ نتيجي ۾ ان منجهان علم يا سياڻپ بہ حاصل نہ ٿا ڪري سگهون. ان ڪري بھتر آهي تہ ڊيٽا مان سياڻپ حاصل ڪرڻ وارو ڪم انسانن جي دماغن کان ڪيترائي دفعا تيز ۽ طاقتور اليڪٽراني الگورڌمز تي ڇڏيون تہ اهي ان کي ولوڙي ان منجهان سياڻپ ڪڍي سگهن. ٻين لفظن ۾ بگ-ڊيٽا ۽ ڪمپيوٽر الگورڌمز تي اڄڪلھہ يقين وڌندو ٿو وڃي.
نہ فقط زندھہ جاندار ۽ سڄو سماج ۽ ان ۾ موجود سڀ شيون جھڙوڪ ماکي جو مانارو، بيڪٽيريا جون رهائشي ڪالونيون، جهر جهانگ ۽ اسان جا شھر، توڙي مختلف تصور ۽ نظريا پڻ اڄڪلھہ ڊيٽااِزم تحت ڊيٽا کي استعمال ڪرڻ جا طريقه ڪار سمجهيا وڃن ٿا. مثال طور آزاد مارڪيٽ کي فروغ ڏيندڙ سرمائيداري نظام ۽ رياست جي مڪمل ضابطي هيٺ ڪم ڪندڙ اشتراڪيت هاڻي مدِمقابل نظريا، اخلاقي اقدار يا سياسي ادارا نہ رهيا آهن، پر اهي بہ ڊيٽا کي مختلف طريقن سان استعمال ڪندڙ نظام ئي آهن. سرمائيدارانہ نظام ۾ ڊيٽا کي مختلف رخن ۾ مختلف ماڻھو ۽ ادارا استعمال ڪري ان مان نتيجا ڪڍندا آهن. جڏهن تہ ڪميونزم يا رياستي اشتراڪيت واري نظام ۾ وري سموري ڊيٽا کي فقط رياست ۾ موجود مرڪزي قيادت پنھنجن مفادن لاءِ هڪ خاص رُخ ۾ استعمال ڪندي آهي. سرمائيدارانہ ۽ آزاد مارڪيٽ جي نظام ۾ سڀ صنعتڪار يا سرمائيدار ۽ سڀ گراهڪ پنھنجن پنھنجن طريقن سان موجود ڊيٽا کي استعمال ڪندا آهن، جنھن سان شين جي افاديت ۽ سندن قيمتون هر وقت ٻين سان مقابلي ۾ رهنديون آهن ۽ ڊيٽا هر هڪ ماڻھو يا اداري لاءِ هر وقت ميسر رهندو آهي. جڏهن تہ رياستي ضابطي ۾ رهندڙ ڪميونسٽ نظام ۾ ائين نہ ٿيندو آهي، ڇو تہ اتي سڀ شيون ۽ ادارا ۽ انھن جي ڊيٽا رياست جي رحم ۽ ڪرم تي رهندا آهن. نتيجي ۾ ملڪ جا اهم ماڻھو ۽ ادارا پاڻ ۾ آزادي سان لين دين نہ ڪري سگهندا آهن. پر ظاهر ايئن ڪيو ويندو آهي تہ سڀني ماڻھن کي پنھنجن لياقتن آهر مناسب نوڪريون مليل آهن ۽ انھن کي سندن ڪم آهر مناسب پگهار ڏني پئي وڃي؛ پر حقيقت اها آهي تہ سڀ نفعو حڪومت کڻي ويندي آهي ۽ نالي ماتر حصو ملازمن ۾ ورهايو ويندو آهي.
اڄڪلھہ انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي ۾ ترقي جي ڪري دنيا ۾ ڪيترائي نظريا، مذهب، ادارا ۽ شيون پنھنجي معنيٰ ۽ افاديت وڃائي رهيا آهن ۽ انھن جي جاءِ ٻيون شيون والاري رهيون آهن. سياست جا ماهر، انساني سياسي جوڙجڪ ۽ انتظام کي پڻ ڊيٽا استعمال ڪرڻ وارا نظام سڏي رهيا آهن. اهي سرمائيدارانہ ۽ اشتراڪي نظامن وانگر جمھوريتن ۽ آمريتن کي پڻ ڊيٽا کي مختلف طريقن سان گڏ ڪرڻ ۽ ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ وارا نظام سمجهان ٿا. پھرين قسم جي نظام ۾ هر هڪ ماڻھو ۽ هر هڪ ادارو پنھنجن پنھنجن طريقن سان ڊيٽا کي گڏ ڪري ٿو ۽ ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري گهربل نتيجن تائين پھچي ٿو؛ جڏهن تہ ٻئي قسم جي نظام ۾ فقط مرڪزي اداري طرفان خاص طريقي سان مخصوص ڊيٽا حاصل ڪئي ويندي آهي ۽ ان جِي محدود ڇنڊ ڇاڻ وسيلي پنھنجي مفادن وارا نتيجا ڪڍيا ويندا آهن. ويھين صدي کي اهو سهرو پاتل آهي تہ ان ۾ جمھوريتن کي آمريتن مٿان فوقيت حاصل هئي، ڇو تہ ورهايل طاقت ۽ آزاد فيصلن نہ رڳو حڪمرانن پر عوام جو بہ ڀلو پئي ڪيو ۽ انھن کي طاقت پئي فراهم ڪئي. پر مستقبل ۾ ايندڙ ڊيٽا انقلاب دوران جمھوريتون، قانون ساز ادارا، ووٽر ۽ آزاد گراهڪ وري عتاب هيٺ اچي ويندا ۽ مرڳو پنھنجو وجود بہ وڃائي ويھندا. ڇو تہ حڪمرانن جي خوشحالي ۽ طاقت سندن عوام تي انحصار نہ ڪندي. حڪمرانن لاءِ سندن خوشحالي ۽ فائدا انھن کي ان دؤر جا سپر ڪمپيوٽر ۽ بايو ٽيڪنالاجي فراهم ڪندا. مستقبل جي ٽيڪنالاجي حڪمران ۽ سائنسدان طبقن کي نہ رڳو فاني منجهان لافاني بڻائيندِي، پر اها انھن کي ابدي خوشي، ابدي حسن، ابدي جواني ۽ ابدي سُرور پڻ ميسر ڪندي! ان ڪري اهي عوام لاءِ ڇو سوچيندا ۽ انھن لاءِ ڇا لاءِ پريشان ٿيندا؟ زرعي انقلاب کان وٺي هلندڙ صنعتي انقلاب تائين حڪمرانن ۽ عوام جي ترقي، طاقت ۽ خوشحالي گڏيل ۽ مشترڪ رهي آهي، پر مستقبل ۾ ايندڙ ڊيٽا انقلاب دوران اها گڏيل نہ رهي سگهندي. نتيجي ۾ اربن جي تعداد ۾ اسان پارِي عوام "بيڪار ماڻھن جو وڏو ٽولو" بڻجي ويندي جيڪا سراسر حڪمران طبقي جي رحم ڪرم تي هوندي.
موجودہ وقت جون انٽرنيٽ پاليسيون پڻ تڪڙ ۾ جمھوري اصولن کي نظر ۾ رکي نہ ٺاهيون ويون آهن. ڇا اڄ ڪو ماڻھو يا ملڪ موجودہ انٽرنيٽ ويبسائٽس کي استعمال ڪندي پنھنجي خانگي زندگي يا ڊيٽا کي پاڻ تائين محدود رکي سگهي ٿو؟ جيسيتائين حڪومت جي ڪُمِي انٽرنيٽ جي موجودہ پاليسين کي سمجهي سگهي ۽ مستقبل لاءِ ڪو لائحہ عمل جوڙي، تيسيتائين انٽرنيٽ مافيا جو سھو وڏا ٽپا ڏئي اها ڊوڙ کٽي چڪو هوندو ۽ الائي ڪيترو اڳتي نڪرِي چڪو هوندو. اڄ جي دنيا ۾ انفرادي توڙي اجتماعي طاقت هٿيارن ۾ نہ پر پنھنجي ڊجيٽل ڊيٽا ۾ آهي. اها جيترو پکڙيل هوندي اوترو ئي اسان ڪمزور هونداسين. هن وقت بہ ڪيترائي طاقتور ادارا ۽ ملڪ اڻڏٺل طاقتن طرفان يرغمال بڻيل آهن ۽ پاڻ کي بيوس محسوس ڪن ٿا. سندن طاقت الائي ڪيڏانھن منتقل ٿي وئي آهي؟ اهي پريشان آهن. ايندڙ وقت ۾ اها پريشاني تمام گهڻي وڌندي ۽ اسان عوام تمام گهڻا بيوس ۽ بيڪار بنجي وينداسين.
ماضي جا جمھوري توڙي آمر اڳواڻ ان ڳالھہ ۾ بھتر هئا تہ انھن وٽ مستقبل لاءِ ڳُوڙِهي نظر ۽ بھتر منصوبا هئا، پر اسان جا مستقبل جا اڳواڻ هن معاملي ۾ بلڪل بيوس هوندا. اهي لافاني بڻيل خدائن جي ڀيٽ ۾ ڪجهہ بہ بھتر نہ سوچي سگهندا ۽ نہ وري عمل ڪري سگهندا، ڇو تہ مستقبل جا فيصلا انساني ذهن نہ پر مشيني شعور ڪندو. اهي هڪ پاسي اسٽاڪ ايڪسچينج ڪمپنين ۾ هٿرادو تيزي توڙي مندِي پيدا ڪري پنھنجا مطلب حاصل ڪري سگهندا، تہ ٻئي پاسي انھن جا مفاد تمام سوڙها هوندا ۽ عوام انھن جي دائري کان گهڻو تڻو خارج ئي هوندا، ڇو تہ انھن جا جسم، دماغ، ذهن ۽ سوچ وغيرھہ خدا بڻيل حڪمرانن وٽ يرغمال ئي رهندا. ان سڄي صورتحال ۾ انھن لاءِ هڪ ئي وڏو خطرو سامھون رهندو جنھن جي اڳيان شايد ان وقت جا خدا بڻيل ۽ لافاني حڪمران پڻ بيوس رهندا. اهو خطرو ڪو ٻيو نہ پر ماحولياتي تبديلي (وڌندڙ عالمي گرميءَ جو درجو، ماحولياتي گدلاڻ، گرين هائوس افيڪٽ گئسون ۽ اوزون تھہ جي تباهي) آهي! نئين مستقبل جي دنيا جا اڳواڻ، مسئلا ۽ انھن جو حل پيش ڪندڙ ڌريون بہ ٿي سگهي ٿو ارتقائي عمل وسيلي اڳتي هلي پاڻ کي هم آهنگ بڻائي ڇڏين. يعني اهو چئي نہ ٿو سگهجي تہ مستقبل جا حڪمران ڪھڙا هوندا. ان سڄي صورتحال ۾ اهو بہ هڪ امڪان آهي تہ جيڪڏهن مستقبل جا مسئلا انسانن جي وس کان ٻاهر هوندا تہ ٿي سگهي ٿو تہ ڪا نئين مخلوق ئي هن دنيا کي سنڀالي ۽ ان تي حڪمراني ڪري.
ڊيٽااِزم جي حوالي سان جيڪڏهن انساني تاريخ کي سوڙهو ڪجي تہ پوءِ سموري انسان ذات ڊيٽا (معلومات) کي ٺاهڻ ۽ استعمال ڪرڻ جو هڪ ڪارخانو آهي، جنھن ۾ هر انسان هڪ ننڍڙي مائيڪرو چِپ وانگر آهي. جي ايئن آهي تہ پوءِ يووال نوح هراري جو خيال آهي تہ ان انساني تاريخ جي سفر کي هيٺين چار مرحلن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

• پروسيسرز جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻ وارو دور:
ڪنھن علائقي ۾ هڪ هزار ماڻھن جي ڀيٽ ۾ هڪ لک ماڻھو وڌيڪ بھتر، تيز ۽ گهڻو ڪم ڪندا. هي دؤر وقوفي انقلاب (Cognitive Revolution) جي بدولت شروع ٿيو، جنھن ۾ ماڻھن مختلف تصوراتي ڪھاڻيون گهڙيون. انھن ڪھاڻين جي ڪري سون ۽ هزارن جي تعداد ۾ اجنبي ماڻھن هڪ ٻئي سان تعاون ڪيو. نتيجي ۾ انھن دنيا جي طاقتور ترين جانورن تي فتح حاصل ڪئي ۽ انھن کي پنھنجن مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. اهڙي ريت انسان سڄي دنيا ۾ سڀني مخلوقات تي حاوي ٿي ويا.

• مختلف قسمن جي پروسيسرز جو تعداد وڌائڻ:
مختلف قسمن جا پروسيسرز ڊيٽا کي مختلف نمونن ۽ رُخن ۾ استعمال ڪري مختلف تجزين وسيلي نوان نوان ڪم سرانجام ڏئي سگهندا. ان سان اسان جي زندگين جي ڪينواس ۾ تجديد ۽ تخليق جا انوکا رنگ ڀرجي ويندا آهن. مثال طور هڪ سئو شڪاري (لاڏائو ۽ کاڌو گڏ ڪندڙ) ماڻھن سان ڪچهري جي ڀيٽ ۾ اسان مختلف شعبن جھڙوڪ هارين، لوهارن، واڍن، مذهبي پيشوائن ۽ طبيبن سان واسطو رکندڙ هڪ سئو ماڻھن جي ڪچهري منجهان ڪيتريون ئي نيون ڳالھيون سکي سگهنداسين. هي دور زرعي انقلاب (Agricultural Revolution) جي بدولت شروع ٿيو ۽ موجودہ وقت کان 5000 سال پھريان ختم ٿيو. هن دؤر ۾ ٻولين کي علامتي اظھار وسيلي لکت جو روپ ڏنو ويو ۽ ڪھاڻين جي بين الافرادي سچائي وسيلي سماج ۾ ناڻي جو تصور ڏنو ويو، جنھن لکين اجنبي ماڻھن کي پاڻ ۾ جوڙي ڇڏيو. نتيجي ۾ هڪ پاسي قديم قبيلن ۽ ڳوٺن منجهان شھر، سلطنتون ۽ بادشاهتون ٺھي سگهيون، ۽ ٻئي پاسي وري هاري، لوهار، واڍا، رازا ۽ فوج وغيرہ جھڙا ڌنڌا وجود ۾ آيا.

• پروسيسرز جا هڪ ٻئي سان رابطا وڌائڻ:
فقط پروسيسرز جو تعداد وڌائڻ ڪافي نہ آهي، پر انھن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ بيحد ضروري آهي. ڏهن اڪيلن ۽ هڪ ٻئي کان ڪٽيل شھرن جي ڀيٽ ۾ ڏهن هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهندڙ ۽ جڙيل شھرن ۾ معاشي، ٽيڪنالاجي ۽ سماجي ترقي وڌيڪ ٿي سگهندي. هي دؤر ٻولين کي لکت جو روپ ڏيڻ کان وٺي سائنسي انقلاب تائين جاري رهيو. هن ۾ مختلف سلطنتن ۽ بادشاهتن جي وچ ۾ رابطن ۾ تيزي آئي ۽ ناڻي ۽ آفاقي مذهبن جي بنياد تي انسانن سموري دنيا کي جوڙي هڪ جهانڊي هيٺ گڏ ڪرڻ جو خواب ڏٺو.

• پروسيسرز جا هڪ ٻئي سان آزاد رابطا وڌائڻ:
فقط پروسيسرز کي پاڻ ۾ جوڙڻ ڪافي نہ آهي پر انھن جي وچ ۾ آزاد رابطو تمام ضروري آهي. مثال طور ڏهن شھرن جي وچ ۾ فقط روڊ ٺاهڻ ايسيتائين ڪارگر نہ ٿيندو، جيسيتائين انھن تي سفر دوران ٿيندڙ چورين، ڦُرن، ڌاڙن ۽ خونن جي روڪٿام نہ ڪبي ۽ آزاد رابطن ۾ قانوني رڪاوٽن کي ختم نہ ڪبو. ٻين لفظن ۾ هر ڪنھن لاءِ آزاد رابطو معاشي ترقي جو ضامن آهي. تاريخ جو هي دؤر 1492ع کان شروع ٿيو ۽ ايڪيھين صدي تائين پکڙيل آهي. هن دؤر جي ابتدا دوران مختلف سياحن مختلف ملڪن ۽ ثقافتن کي ڳولي لڌو، جنھن سان مختلف دنيائن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ جي شروعات ٿي. ابتدا ۾ وسيلن جي کوٽ، لساني تعصبن، سياسي پابندين ۽ سخت قانونن سببان معلومات يا ماڻھن جي منتقلي تمام ٿورڙي تعداد ۾ ٿيندي هئي. پر هن وقت انسانن جو سڄي دنيا ۽ سڀني ملڪن جي ماڻھن سان رابطو هڪ خواب نہ پر حقيقت بڻجي چڪو آهي ۽ سائنسي انقلاب جي ڪري دنيا هڪ عالمي ڳوٺ بڻجي چڪي آهي. اسان هتي ويٺي دنيا جي ڪنھن بہ ڪنڊ جي ماڻھو يا لائبريري سان آواز ۽ تصويري رابطو جوڙي سگهون ٿا. اڄ اسان جيڪا ڪڻڪ، پٽاٽا، کنڊ، ڪافي ۽ چانھن وغيرہ استعمال ڪريون ٿا، اهي سڀ شيون پراڻي وقت ۾ ڪجهہ مخصوص ملڪن تائين محدود هيون.
هراري ڊيٽااِزم جي حوالي سان خدشو ظاهر ڪري ٿو تہ جڏهن دنيا جا سڀ انسان ۽ انھن جون سڀ شيون هڪ ٻئي سان جڙي "سڀني شين جي رابطن جو عظيم ڄار" (Internet of All Things) ۾ جڙي وينديون تہ پوءِ ٿي سگهي ٿو تہ سڀ مقصد حاصل ٿي وڃن، پر ان وقت هينئر واري انسان جو شايد وجود ئي باقي نہ رهي. ڇو تہ ان رابطن واري عظيم ڄار ۾ رهندڙ انسان جو جسم، دماغ ۽ ذهن مڪمل طرح سان هينئر واري انسان کان تبديل ٿي چڪو هوندو. ٻين لفظن ۾ اهو جديد انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي طرفان يرغمال بڻجي چڪو هوندو. ان وقت انسانن جو حڪمران ۽ سائنسدان طبقو فاني منجهان لافاني بڻجي ابدي حياتي، ابدي حُسن، ابدي جواني ۽ ابدي خوشي هن دنيا ۾ ئي حاصل ڪري چڪو هوندو. اهڙي قسم جا تصور مختلف مذهبن ۾ پڻ پراڻي وقت کان پيدا ٿيندا رهيا آهن. هندن جي مذهب مطابق انسان جُوڻ مٽائي مختلف جنمن جي چڪر منجهان گذري نيٺ پاپن کان پاڪ ٿي ڪائنات جي روح "آتمان" سان وڃي ملندو ۽ هميشہ لاءِ امر ٿي ويندو. عيسائيت ۽ اسلام ۾ پڻ نيڪ ٻانھا پنھنجين نيڪين جي ڪري جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ هميشہ جي ابدي زندگي حاصل ڪندا، جتي انھن کي سڀ نعمتون يعني هر قسم جو کاڌو، ابدي حُسن، ابدي جواني ۽ ابدي خوشي هر وقت ميسر هوندي.
ٻين مذهبن وانگر ڊيٽااِزم ۾ بہ ڪجهہ ضروري حڪمن جي پيروي ڪرڻ ضروري آهي؛ جھڙوڪ: پھرين ڳالھہ تہ اسان کي هر وقت ڊيٽا جي وهڪري کي وڌائڻ گهرجي ۽ پنھنجو پاڻ کي ٻين ماڻھن سان وڌ ۾ وڌ رابطي جي ڄار وسيلي ڳنڍڻ گهرجي. ٻيو تہ ڪير چاهي يا نہ چاهي تڏهن بہ انھن ماڻھن کي پاڻ سان جوڙڻ گهرجي؛ ۽ نہ رڳو ماڻھو پر دنيا جون سڀ شيون (جھڙوڪ گهٽين ۽ روڊن تي هلندڙ ڪارون ۽ گاڏيون، رڌڻن جا ريفريجريٽر ۽ ٻيون شيون، پڃرن ۽ پولٽري فارمن ۾ پلجندڙ ڪُڪڙيون ۽ گهرن توڙي جهانگن جا وڻ ٻوٽا وغيرہ) هڪ ٻئي سان ۽ پاڻ سان رابطي جي ڄارن وسيلي ڳنڍڻ گهرجن. ان سان ئي "شين جي رابطن وارو عظيم ڄار" جڙي سگهندو. ان ڄار ۾ موجود ريفريجريٽر بيضن جي تعداد جو حساب ڪتاب رکندو ۽ گهر جي مالڪ توڙي پولٽري فارم کي گهربل بيضن جي نئين تعداد بابت پيشگي اطلاع ڏيندو؛ روڊ تي هلندڙ ڪارون ۽ گاڏيون هڪ ٻئي سان ڳالھائينديون؛ گهر جي باغ توڙي جهانگ ۾ موجود وڻ ۽ ٻوٽا ڪابان ڊاءِ آڪسائيڊ، پاڻي ۽ گهم بابت اطلاع ڏيندا رهندا. ان نظام هيٺ موت ٻيو ڪجهہ نہ پر هڪ ماڻھو جو يا ٻِي ڪنھن شي جو اُن عظيم رابطن جي ڄار کان ڪٽجي وڃڻ هوندو. ڊيٽااِزم جي فروغ لاءِ اهو ضروري آهي تہ ڊيٽا (معلومات) بلڪل مفت ۾ حاصل ٿيندڙ هجي. ڊيٽا جي مفت ۾ حصول جي جاکوڙ ۾ پھريون شهيد آرون سئارز (Aaron Swartz) هو. هن 11 جنوري 2013ع ۾ احتجاج طور ڦاهو کائي پنھنجي زندگي جو انت آندو. 26 سالہ سئارز هڪ ناياب جينيس هو ۽ ڊيٽا جي آزاد ۽ مفت ۾ حصول جو وڏو پرچارڪ هو. هن 2008ع ۾ پنھنجو جڳ مشھور "مفت معلومات جو گوريلا منشُور" (Gurella Open Access Manifesto) مضمون ڇپايو. هن جو چوڻ هو تہ: "اهو ضروري آهي تہ جيڪا معلومات جتي لڪل يا گڏ ڪيل آهي، اها اتان ڪڍون ۽ ان جون ڪاپيون ڪري ان کي دنيا تائين پھچايون. اهو بہ ضروري آهي تہ جيڪا معلومات ڪاپي-رائيٽ کان ٻاهر آهي ان کي کُليل آرڪائيو يا ذخيري ۾ وجهون. ضروري آهي تہ لڪل ڊيٽابيسز کي خريد ڪري کليل ويبسائيٽن تي رکون. ضروري آهي تہ سائنسي جرنلز کي ڊائونلوڊ ڪري کليل ۽ مفت وارن رابطن جي ڄارن تي رکون. ضروري آهي تہ اسان سڀ مفت معلومات جي گوريلا منشور لاءِ گڏجي وڙهون". سئارز پنھنجي قول ۽ عمل ۾ يڪتا هو. هو جي ايس ٽي او آر (JSTOR) جِي ڊجيٽل لائبريري وارن تي خائف هو، ڇو تہ اهي پنھنجن پڙهندڙ گراهڪن کان معلومات يا مضمون ڏيڻ يا پڙهڻ لاءِ پئسا وٺندا هئا. هن لاءِ اها ڳالھہ تمام اڻوڻندڙ هئي. انڪري هن پنھنجي ايم-آئِي-ٽِي ڪمپيوٽر وسيلي جي ايس ٽي او آر ڊجيٽل لائبريري مان پئسن وارا لکين سائنسي مضمون ڊائونلوڊ ڪيا، جيڪي هن جو ارادو هو تہ انٽرنيٽ تي مفت ۾ پڙهڻ لاءِ رکندو. ان چوري جي ڪري هن تي ڪيس هلايو ويو.
جڏهن هن اهو محسوس ڪيو تہ هن کي ضرور سزا ڏني ويندي ۽ جيل موڪليو ويندو تہ احتجاج طور هن پاڻ کي ڦاهو ڏئي ڇڏيو. بعد ۾ مختلف احتجاج ڪندڙ هيڪرز طرفان داخل ڪيل قانوني پٽيشنز ۽ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن جي امڪاني نقصان کان بچڻ جي اثر هيٺ جي ايس ٽي او آر ڊجيٽل لائبريري وارن پنھنجي رويي جي معافي ورتي ۽ پنھنجِي اڪثر ڊيٽا عوام لاءِ مفت ۾ ميسر ڪئي.
هڪ لحاظ کان دنيا کي درپيش موجودھہ توڙي مستقبل جي ماحولياتي خطرن (آلودگي، گرميءَ جي درجي جي لڳاتار واڌ، وڌندڙ گرين هائوس گئسون يعني وڌندڙ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، اوزون جي تباهي وغيرہ) کي پڻ "شين جي رابطن واري عظيم ڄار" وسيلي ٽاري سگهون ٿا. مثال طور 2010ع جي انگن اکرن موجب دنيا ۾ خانگي ڪارن جو تعداد هڪ کرب کان وڌيڪ آهي ۽ اهو ڏينھون ڏينھن وڌندو پيو وڃي، جنھن ڪري ماحولياتي گدلاڻ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن عوامي ٽرانسپورٽ ڪمپنين طرفان فقط پنج ڪروڙ عوامي ٽرانسپورٽ واريون گاڏيون اسان مان هر ماڻھو لاءِ هر وقت هڪ کان ٻئي هنڌ تائين پھچڻ لاءِ (نوڪريءَ يا ڪم تي وڃڻ لاءِ) ميسر هجن ۽ اسان سڀ اهي استعمال ڪريون تہ شايد اسان جو ماحول وڌيڪ گدلو ٿيڻ کان بچي پوي.ان سان نہ فقط روڊن تي آمدرفت جو دٻاءُ گهٽجندو، پر ان مَد ۾ روڊن جي ڪافي سارِي مرمت ۽ ٻين ڳالھين جي رقم پڻ بچي پوندي. "شين جي رابطن واري عظيم ڄار" کي فروغ ڏيڻ لاءِ ضروري آهي تہ اسان معلومات ۽ رابطن ۾ هر وقت اضافو ڪندا رهون. انڪري اهو ضروري آهي تہ اسان هر معلومات رڪارڊ ڪريون، ان کي ترت انٽرنيٽ جي مناسب نيٽورڪ تي اپلوڊ ڪريون ۽ ٻين تائين پھچايون. هن وقت ڪتن ۽ ٻلن لاءِ پڻ مخصوص ڊجيٽل ٽوپلا ٺاهيا ويا آهن، جيڪي انھن جانورن جي مغزن ۾ ٿيندڙ ڪيميائي ۽ نيوراني فائرنگ کي معني ڏئي ٻوليءَ جي صورت ۾ بيان ڪري سگهن ٿا. مطلب تہ جلد ئي پالتو ڪتن ۽ ٻلين جا فيسبوڪ اڪائونٽ مارڪيٽ ۾ اچڻ وارا آهن!
هراري هن باب ۾ پاڻ سڃاڻڻ جي تناظر ۾ چوي ٿو تہ ڊيٽااِزم نہ تہ آزاد-خيالي (Liberalism) ۽ انسان-پسنديت (Humanism) جي حمايت ڪري ٿو، نہ وري انھن جي مخالفت ئي ڪري ٿو. پر اهو پنھنجو پاڻ ۾ هڪ الڳ دنيا ۽ الڳ مذهب جي حيثيت رکي ٿو. انسان آفريڪا جي سوانا بيابانن ۾ 70000 (ستر هزار) سال اڳ ارتقائي عمل هيٺ وجود ۾ آيا هئا. انھن جا الگورڌمز ايڪيھين صدي جي ڊيٽا سمنڊ کي سمجهڻ لاءِ ڪون جڙيا هئا. ان ڪري اسان کي انسانن جي ڊيٽا کي استعمال ۽ هضم ڪرڻ وارين صلاحيتن کي سڌارڻ ۽ بھتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. پر شايد اهو بہ ناڪافي رهندو، ڇو تہ "رابطن واري ڄار" (Internet of All Things) واري ايندڙ دؤر ۾ اهي بھتر بڻيل ماڻھو هڪ دفعو ٻيھر ڄٽ بڻجي ويندا ۽ شيون انھن جي سمجهہ ۽ دماغن کان تمام مٿي چڙهي وينديون. ٻيو تہ جڏهن ڪارون گهوڙي-گاڏين جي ڀيٽ ۾ مارڪيٽ ۾ اچي ويون تہ اسان گهوڙن کي بھتر ڪونہ بڻايو، پر انھن کي مورڳو پنھنجي ڪم تان ريٽائر ڪري ڇڏيو. ان ڪري شايد اهو وقت اچڻ وارو آهي جو عام انسان "شين جي عظيم رابطن" واري دؤر ۾ پنھنجي ڪم ۽ زندگي تان رٽائر ٿي وڃن.
ڊيٽااِزم جي اثر هيٺ موجودہ پيشہ ور افراد جھڙوڪ ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، شاعر، موسيقار وغيرہ جي جاين تي گهٽ قيمت ۽ گهٽ خرچ گهرڻ وارا روبوٽ اچي ويندا. ماضي ۾ لاڪ (Locke)، هيوم (Hume) ۽ وولٽيئر (Voltaire) جي ڏينھن ۾ انسان-پسنديت جي حامين اهو نعرو هنيو هو تہ "خدا جو تصور انساني ذهن جي پيداوار آهي". ڊيٽااِزم هاڻي ان تصور کي هن ريت تبديل ڪري ڇڏيو آهي تہ "هائو، خدا جو تصور انساني ذهن جي پيداوار آهي، پر انساني سوچ اصل ۾ بايو-ڪيميڪل الگورڌمز جي پيداوار آهي". سائنسدانن اڄڪلھہ انساني سوچ ۽ جذبن (پيار، ڪاوڙ، نفرت، دليري، خوف يا بزدلي وغيرہ) کي دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ بايو ڪيميڪلز ۽ نيورانز جي فائرنگ جو حساب ڪتاب ڪندڙ نامياتي الگورڌمز قرار ڏنو آهي. اهي جذبا ڪروڙن سالن جي ارتقائي عمل ۽ انسانن جي گهربل صلاحيتن جي فطري چونڊ وسيلي جڙيا هئا، جن وسيلي انسان پنھنجو نسل ۽ وجود هن دنيا ۾ برقرار رکندو پئي آيو. هاڻي ايڪيھين صدي ۾ نامياتي جسمن ۾ اهي جذبا دنيا ۾ بھترين حساب ڪتاب ڪندڙ نہ رهيا آهن. ڇو تہ ڊيٽااِزم وسيلي بھتر الگورٿمز اچي چڪا آهن ۽ اڃا بہ بھترين رستي ۾ آهن. گُوگل ۽ فيسبوڪ هن وقت بہ توهان جي جذبن ۽ ذهني لاڙي کي توهان کان وڌيڪ بھتر سمجهڻ لڳا آهن، ان ڪري اهي توهان جو اعتماد کٽيندا پيا وڃن. هاڻي انسان-پسنديت جو سُونھون اصول ته، توهان ڪيئن ٿا محسوس ڪريو، ڪم نہ ٿو ڪري؛ پر ڪمپيوٽر الگورڌمز، گوگل ۽ فيسبوڪ جي فيصلن کي اسان وڌيڪ اهميت ڏيون ٿا.
جھڙي ريت عيسائيت ۾ اهو تصور هو تہ توهان خدا ۽ ان جي منصوبي کي سمجهي نہ ٿا سگهو، اهڙي ريت ڊيٽااِزم وري ان تي يقين رکي ٿو تہ انساني دماغ جديد ڪمپيوٽر پروگرامن ۽ الگورڌمز کي سمجهڻ جي صلاحيت نہ رکي سگهندو. اهو صحيح آهي تہ هن وقت بہ ڪمپيوٽر پروگرام، گوگل ۽ فيسبوڪ وغيرہ انسان ئي ٺاهين پيا، پر انھن جو هر هڪ حصو ان شعبي جي ڪيترن ئي پيشہ ور ماهرن جي هڪ وڏي ٽيم ٺاهيندي آهي؛ هڪ ماڻھو هينئر بہ ان جي ڪنھن بہ هڪ حصي بابت مڪمل ڄاڻ نہ ٿو رکي سگهي. ڪمپيوٽر الگورڌمز ماضي ۾ برابر انسانن ئي ٺاهيا هئا، پر هينئر اهي پنھنجن پيرن تي بيھي چڪا آهن ۽ پنھنجي مرضي سان هلڻ شروع ڪري چڪا آهن. انھن جي اڳئين منزل ڪھڙي هوندي، اها ڪنھن کي بہ خبر نہ آهي ۽ نہ ئي ڪو ان کي سمجهڻ جي صلاحيت رکي سگهندو.
جيئن تہ هر نظرئي تي تنقيد جا پھلو ۽ ان جا تنقيد نگار هوندا آهن، ان ڪري ڊيٽااِزم نظرئي يا مذهب جا بہ تنقيدي پھلو ۽ تنقيد نگار موجود آهن. انھن مطابق هر شي کي ڊيٽا جي مفھوم ۾ سوڙهو نہ ٿو ڪري سگهجي. خاص طور تي انساني زندگي ايتري پيچيدہ آهي، جو ان کي ڪمپيوٽر الگورڌمز شايد سمجهي نہ سگهن. انھن جو خيال آهي تہ متان اسان ڊيٽا جي چڪر ۾ ڪا اهم شي رهائيندا پيا وڃون. پر ڀلي ايئن هجي تڏهن بہ "سڀني شين جي عظيم رابطي" ۽ ڊيٽااِزم جو انقلاب پوءِ بہ اچڻو آهي، چاهي اهو غلط ئي ڇو نہ هجي. ڇو تہ هراري مطابق جيڪڏهن عيسائيت اڄ بہ قائم آهي تہ اهو نئون نظريو يا مذهب بہ ڪافي دير تائين قائم رهندو. ڊيٽااِزم جي ايندڙ وقت ۾ ڊيٽا جو لامحدود سمنڊ اسان لاءِ آساني بدران مشڪلات پيدا ڪري سگهي ٿو. ڇو تہ ايڪيھين صدي ۾ ماڻھو جي مٿان غير متعلقہ معلومات جي برسات ٿيندي رهندي، نتيجي ۾ ان لاءِ اهو معلوم ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي پوندو تہ ڪھڙي ڳالھہ صحيح آهي ۽ ڪھڙي ڳالھہ غلط آهي. ان ڪري علم ۽ طاقت جو سرچشمو اها ڳالھہ وڃي بيھندي تہ ڪو ماڻھو غير متعلقہ معلومات کي ڪيتري حد تائين نظر انداز ٿو ڪري سگهي.
ڪتاب جي آخر ۾ ڊاڪٽر يووال نوح هراري چوي ٿو تہ جيڪڏهن اسان کي مھينن جي حساب سان سوچڻو آهي تہ بھتر آهي تہ اسان پنھنجي توجھہ وچ-اوڀر جي مسئلن تي ڏيون، يورپ ۾ پناهگيرن جي مسئلن تي سوچيون، يا وري چائينا جي معيشت جي سُست رفتاري کي ڏسون؛ جيڪڏهن اسان کي هي دنيا ڪجهہ ڏهاڪن جي حساب سان ڏسڻي آهي تہ پوءِ اسان کي وڌندڙ عالمي گرميءَ جي درجي تي سوچڻو پوندو، اسان کي ماڻھن جي وچ ۾ وڌندڙ اڻبرابري جي سببن کي ختم ڪرڻو پوندو ۽ موجودہ نوڪرين جي ختم ٿيڻ ۽ ايندڙ دؤر ۾ پيدا ٿيندڙ نين نوڪرين بابت غور ڪرڻو پوندو. پر جيڪڏهن اسان کي دُور انديش ٿيڻو آهي تہ پوءِ يقينن هيٺين ڳالھين تي غور ڪرڻو پوندو جيڪي اسان جي هر شعبي تي اثر انداز ٿيڻيون آهن:

• سائنس هڪ مذهب جي طور تي اڀري رهي آهي، جيڪا چوي ٿي تہ جاندار بہ الگورڌمز آهن ۽ زندگي، ڊيٽا کي پيدا ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ آهي.
• ذهانت نامياتي يا جانداري شعور کان ٽُٽِي رهي آهي.
• غير شعوري يعني مشيني يا هٿراڌو ذهانت جيڪا انسانن کان وڌيڪ ذهين آهي، جلد ئي ان قابل ٿي ويندي جو اسان کي اسان کان وڌيڪ بھتر ڄاڻي سگهي.

مٿيون ٽي ڳالھيون ذهن ۾ ٽي وڏا سوال اڀارين ٿيون جيڪي توهان کي هي ڪتاب ختم ڪرڻ کان گهڻو پوءِ تائين جهانجهوڙيندا رهندا:

• ڇا جاندار سچ پچ ۾ الگورڌمز آهن ۽ زندگي واقعي ڊيٽا کي پيدا ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ ئي آهي؟
• وڌيڪ قيمتي ڇا آهي-ذهانت يا شعور؟
• جڏهن مشيني شعور اسان کان وڌيڪ ذهين الگورڌمز سان ليس ٿي ويندو ۽ اسان کي اسان کان بھتر ڄاڻي سگهندو، تڏهن اسان جي معاشري، سياست ۽ روزمره زندگيءَ جو ڇا ٿيندو؟