تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هوموڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ (جو اختصار)

هي ڪتاب چارلس ڊارون جي ارتقائي نظرئي کي تسليم ڪندي تاريخ جو تجزيو پيش ڪري ٿو جنھن ۾ مذهبي تصور پڻ شامل آهن. هي ڪتاب 11 بابن تي ٻڌل آهي، جيڪي ٽن حصن ۾ ورهايل آهن: هومو سيپينز (انسان) دنيا کي فتح ڪن ٿا؛ هومو سيپينز دنيا کي معنيٰ ڏين ٿا؛ ۽ هوموسيپينز بيوس بڻجي وڃن ٿا. هي ڪتاب هڪ عام دنيائي مخلوق يعني هومو سيپينز يا انسانن جي سندن غير اهم ۽ فاني مخلوق منجهان لافاني ۽ خدا بڻجندڙ مخلوق تائين پھچڻ جي تاريخي سفر بابت سڀني اهم انقلابن ۽ تاريخي واقعن تان پردو کڻي ٿو.

Title Cover of book Homo Dues: A Brief History of Tomorrow

حصو ٽيون: انسان بيوس بڻجي وڃي ٿو

ڪتاب جو ٽيون حصو چئن بابن تي ٻڌل آهي: ليبارٽري ۾ ٽائيم بم، عظيم انتشار، شعور جو سمنڊ، ۽ نئون مذهب ڊيٽا. يووال نوح هراري هن حصي ۾ هيٺين ٽن سوالن بابت بحث ڪري ٿو:

• ڇا انسان مستقبل ۾ بہ دنيا تي پنھنجي حڪمراني جاري رکي سگهندا ۽ ان کي معنيٰ ڏئي سگهندا؟
• بايو ٽيڪنالاجي ۽ هٿراڌو ذهانت جو انقلاب انسان-پسنديت نظريي لاءِ ڪيئن خطرو ثابت ٿيندو؟
• انسانذات وراثت ۾ ڪنھن جي حصي ۾ ايندي ۽ انسان-پسنديت جي جاءِ ٻيو ڪھڙو مذهب يا نظريو وٺندو؟